حضرت عبدالله بن الزبير
رضي الله
جو تعارف
ياد ڪرڻ گهرجي ته حضرت نبي ڪريم ﷺ جي پڦي صفيہ بنت عبدالمطلبi،
العوام نالي ابوعبدالله القرشي سان شادي ڪئي، جنهن مان ان کي حضرت زبير ڄائو. حضرت
زبير رضي الله پنهنجي والده سائڻ سان گڏ سورهن (16) سالن جي عمر ۾ مسلمان ٿيو هو ۽
کيس سندس چاچي وڏي تڪليف ۽ عذاب ڏنا، پر پاڻ پڪو مسلمان رهيو ۽ حضور ﷺ سان سڀني
جنگين ۾ گڏ رهيو ۽ اهو پهريون مسلمان هو، جنهن اُحدَ جي جنگ ۾ اول اول تلوار هلائي
هئي ۽ حضور
q
سان گڏ رهيو ۽ ڏهن جنت جي بشارت ڏنلن (عشره مبشره) مان هڪ آهي.
جسم جو هلڪو قدآور ۽ اڇاڻ ڏانهن مائل ڀورو مڙس هو. بصره جي سرزمين ۾ سفوان علائقي ۾
عمرو بن جرموز جي هٿان شهيد ٿيو. في الحال وادي السباع نالي مقام ۾ دفن ڪيو ويو،
وري اتاهين ڪڍي بصره ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس مزار مشهور آهي. ان کان سندس ٻن
فرزندن عبدالله ۽ عروه وغيرهما حديثون روايت ڪيون آهن. حضرت زبير رضي الله جي شادي
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي نياڻي حضرت بيبي اسماء بنت ابي بڪر صديق
t
سان ٿي هئي، جنهن کي ذات النطاقين (ڪپڙي جي ٻن ٽڪرن واري) سڏيندا
هئا. ڇو ته ان حضور
q
جن جي هجرت واري رات پنهنجي رئي (چادر) کي ٻه ٽڪرا ڪري هڪڙي سان
سندن سفر جو سامان ته ٻئي سان سندن پاڻي واري کلي جو منهن ٻڌو هو ۽ هڪ قول آهي ته
هن ٻن ٽڪرن مان هڪ حضور
q
جي خدمت ۾ استعمال ڪيو هو ته هڪ سان پنهنجي مٿي مبارڪ کي ڍڪيو. ان
مان ئي حضرت زبير کي حضرت عبدالله پٽ ڄائو هو ۽ اها اسلام قبول ڪرڻ ۾ گهڻو آڳاٽي
هئي هن کان اڳ ۾ صرف سترهن ماڻهو مسلمان ٿيا هئا، ارڙهين پاڻ هئي. اها سيده عائشہiکان
عمر ۾ وڏي هئي. پاڻ پنهنجي پٽ حضرت عبدالله جي شهادت کان ڏهه يا ويهه ڏينهن پوءِ
سنه 73هه ۾ وفات ڪئي هيائين. جڏهن سندس پٽ جي جسم مبارڪ کي ڦاسيءَ جي تختي تان هيٺ
لاٿو ويو هو ته ان وقت ان جي عمر مبارڪ سؤ سال هئي.
(الاڪمال في اسماء الرجال مع مشڪواة المصابيح: ص587- 595)
حضرت عبدالله هنن عظيم هستين جو فرزند هو:
علامه ابن حجر عسقلاني لکيو آهي ته: عبدالله بن زبير بن عوام بن خويلد بن اسد
الاسدي سندس ڪنيت ابوبڪر يا ابوخبيب آهي. سندس والده جڏهن مدينه منوره ڏانهن هجرت
ڪئي هئي ته هيءُ سندس پيٽ ۾ هو. هجرت کان پوءِ اهو پهريون مسلمان ٻار هو، جيڪو
مدينه منوره ۾ ڄائو هو.
(تهذيب التهذيب: ص 215 ج 5)
علامه ذهبي لکيو آهي ته: حضرت عبدالله بن زبير جا ٻه ڪنيا هئا: 1ابوبڪر
2
ابوخبيب. هيءُ وڏن عالمن مان هڪ عالم ۽ رسول الله ﷺ جي حواري حضرت زبير جو فرزند
آهي. کانئس تقريبًا ٽيٽيهه (33) حديثون روايت ڪيل آهن. سندن شمار ننڍن صحابن مان
آهي. جيتوڻيڪ علم شرف جهاد ۽ عبادت ۾ وڏو هو. پنهنجي پيءُ، ناني والده، ماسيءَ سيده
عائشہ، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان
U
وغيره کان حديثون روايت ڪيون اٿس. کيس حضرت نبي ڪريم ﷺ جي پاڪ
ظاهري زندگي جا اٺ سال ۽ چار مهينا نصيب ٿيا هئا. حضور
q
جن جي خدمت ۾ گهڻو ايندو هو، ڇو ته سندس ماسي سيده عائشہi
اتي موجود هوندي هئي. جڏهن والد صاحب جي حڪم تي ستن سالن جي عمر ۾ حضور
q
جن جي بيعت ڪرڻ لاءِ آيو ته حضرت حبيب ڪريم
q
جن کيس ايندي ڏسي مرڪڻ لڳا ۽ کيس بيعت ۾ ورتائون. علامه موصوف لکيو آهي ته جڏهن
صحابه ڪرام مڪه پاڪ کان هجرت ڪري مدينه منوره ۾ آيا ۽ کين ڪوبه ننڍڙو ٻار نه ٿي
ڄائو ته ڪي چوڻ لڳا ته انهن تي يهودين سحر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها ڳالهه گهڻي هُلي
وئي. پوءِ جڏهن حضرت عبدالله بن زبير ڄائو ته مسلمانن خوشي مان اهڙو زور
سان نعره تڪبير هنيو، جو سڄو مدينه منوره ان آواز سان ڀرجي ويو
حضور
q
جن حضرت ابوبڪر کي حڪم ڪيو ته اُن عبدالله جي ڪن ۾ بانگ ڏني.
حاشيـي نمبر-1 تي آندو اٿس ته حضرت عبدالله قبا شريف ۾ ڄائو هو. سندس والده کيس
حضور
q
جن وٽ کڻي آئي، ته جيئن پاڻ کارڪ چٻاڙي سندس وات ۾ وجهن. پوءِ حضور
q
جن عبدالله کي پنهنجي والده کان وٺي، پنهنجي هنج پاڪ ۾ ويهاري کارڪ گهرائي چٻاڙي
سندس وات ۾ وڌائون ۽ ان کي هٿ مبارڪ لڳائي ان لاءِ دعا فرمائي، سندس نالو عبدالله
رکيائون .
حضرت عبدالله بن زبير هڪ محبوب شخصيت هو:
هن کان اڳ لکي چڪا آهيون ته حضرت عبدالله جو والد حضرت زبير شاندار صحابي هو جيئن
هنن حديثن مان واضح آهي:
حديث
1:
حضرت جابر رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن (جنگ احزاب جي دوران) فرمايو
ته ”مون وٽ ڪافرن جي خبر ڪير
آڻيندو؟ حضرت زبير عرض ڪيو ”مان“ پوءِ پاڻ فرمايائون:”
إِنَّ لِكُلِّ نَبِيٍّ حَوَارِيًّا وَحَوَارِيَّ الزُّبَيْرُ“
(متفق عليہ)
يعني هر نبي جو هڪ (مخلص)
دوست مددگار هوندو آهي ۽ منهنجو مددگار زبير آهي.
علامه نعيمي لکيو آهي ته: ان رات ايتري سخت سردي هئي، جو اوڏانهن وڃڻ ته ڇا، گهر
مان نڪرڻ به وڏي ڳالهه هئي. ان وقت اها خدمت وڏي جرئت سان حضرت زبير ڪئي، ان جي
ڪري کيس مخلص دوست سڏيائون.
(مرآة شرح مشڪواة: ص 431 جلد8)
حديث
2:
حضرت زبير رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”مَنْ
يَأْتِيْ بَنِيْ قُرَيْظَةَ فَيَأْتِيَنِيْ بِخَبَرِهِمْ فَانْطَلَقْتُ فَلَمَّا
رَجَعْتُ جَمَعَ لِيْ رَسُوْلُ اللهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَبَوَيْهِ
فَقَالَ فِدَاكَ أَبِيْ وَأُمِّيْ
“
(متفق عليہ- مشڪواة: ص565- مسند احمد بن حنبل:جزء 42 ص365)
يعني مون وٽ بني قريظه وارن جي خبر (رپورٽ) ڪير آڻيندو؟ پوءِ مان ويس ۽ جڏهن واپس
آيس ته رسول الله ﷺ جن پنهنجا والدين (ڪريمين) گڏي فرمايو ته ”توتان منهنجا والدين
قربان ٿين“.
مذڪوره روايت جي شرح ڪندي علامه نعيمي لکيو آهي ته: غالبًا هي واقعه غزوه احزاب جو
ئي آهي. ان غزوه ۾ مدينه منوره ۾ رهندڙ يهودين بغاوت ڪئي هئي، مڪه مڪرمه جي ڪافرن
سان سازباز ڪئي هئي ته ٻاهران اوهان حملو ڪجو، اندران اسين حملو ڪنداسون ۽ مسلمانن
کي داڻي وانگر پيهي رکنداسون. حضور انور ﷺ جي حڪم مطابق حضرت زبير ٻيو ڀيرو جاچ ڪرڻ
جي لاءِ ٻاهر ويو تڏهن پاڻ ائين فرمايو هئائون ۽ بعض علماءِ جو قول آهي ته حضور
q
جن اهو فرمان غزوه بني قريظه ۾ ڪيو هو، جڏهن بني قريظه پنهنجن قلعن
(پناهگاهن) ۾ لڪي ويا هئا.
ياد رهڻ گهرجي ته ( توتان منهنجا والدين قربان) اهي الفاظ چوڻ انتهائي محبت ۽ عظمت
ظاهر ڪرڻ لاءِ آهن.
حديث
3:
حضرت علي رضي الله کان روايت آهي ته منهنجي ڪنن حضور
q
جي منهن مبارڪ کان ٻڌو، جو فرمايائون ”
أَلطَّلْحَةُ وَالزُّبَيْرُ جَارِيَايَ فِي الْجَنَّةِ“
(ترمذي – مشڪواة ص 566)
يعني طلحہ ۽ زبير جنت ۾ منهنجا پاڙيسري آهن.
يعني کين منهنجي قرب جو ڪمال حاصل ٿيندو. حضرت عبدالله اهڙي پياري صحابي ۽ پياري
صحابياڻي حضرت بيبي اسماء بنت ابي بڪر جو پٽ هو، جنهن کي نيڪ صالحن ٻانهن ۾ اهم
مقام حاصل هو. علامه ذهبي بيان ڪيو آهي ته:
1
محمد بن يعقوب کان روايت آهي ته : حضرت معاويہ جڏهن
حضرت عبدالله بن زبير سان ملندو هو ته کيس چوندو هو: ”
مَرْحَبَا يَا ابْنَ عَمَّةَ رَسُوْلِ اللهِ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
“
رسول الله ﷺ جي پڦيءَ ۽ سندن حواري جي پٽ کي مرحبا، ان کان پوءِ کيس هڪ لک درهم ڏيڻ
جي لاءِ امر ڪندو هو.
2
ابن ابي مليڪہ کان روايت آهي، ان فرمايو ته حضرت ابن
عباس
t
وٽ ابن زبير جو ذڪر ٿيو ته فرمايائون: ”
قَارِيءٌ لِکِتَابِ اللهِ عَفِيْفٌ فِي الْاِسْلَامِ... الخ
“ الله جي ڪتاب جو قاري ۽
اسلام ۾ پاڪ صاف هو.
3
مسلم زنجي چيو ته مون عمرو بن دينار کان ٻڌو اهو فرمائي پيو ته
”
مَا رَاَيْتُ مُصَلِّيًا قَـطُّ اَحْسَنَ صَلوٰةً مِّنْ عَبْدِ اللهِ ابْنِ
الزُّبَيْرِ
“ مون
ڪنهن کي به نماز پڙهڻ ۾ عبدالله بن الزبير کان وڌيڪ سهڻو نه ڏٺو.
4
نعمان جي ڌيءُ اُمِّ جعفر حضرت ابو بڪر جي ڌيءَ اسماء، حضرت عبدالله بن الزبير جي
ماءُ تي سلام ڪيو ته ان وقت حضرت عبدالله
بن زبير ان وٽ ويٺو هو،
اُمِّ جعفر فرمايو:”
قَوَّامُ اللَّيْلِ صَوَّامُ النَّهَارِ“
يعني عبدالله رات جو (عبادت ۾ ) گهڻو بيهندڙ ۽ ڏينهن جو گهڻا روزا رکندڙ آهي.
5
ابن ابي مليڪہ روايت ڪئي ته مون کي عمر بن عبدالعزيز چيو: تنهنجي دل ۾ عبدالله بن
زبير جي ڪا ڳالهه آهي؟ مون ان کي چيو جيڪڏهن تون ان کي ڏسين ها ته ان جهڙو مناجات
ڪندڙ ۽ نماز پڙهندڙ نه ڏسين ها.
6
حبيب بن شهيد ابن ابي مليڪہ کان روايت آندي آهي ته : ابن الزبير ست
ڏينهن لاڳيتو روزي ۾ هوندو هو ۽ ستين ڏينهن صبح جو به اسان کي شينهن نظر ايندو هو.
علامه ذهبي لکيو آهي ته شايد ان تائين اها
روايت نه پهتي هئي ته حضور ﷺ جن لاڳيتو
روزي رکڻ کان روڪيو هو. حضرت ابن الزبير عبادت ۾ هڪ مخصوص قسم جو هو.
7
عمر بن قيس کان روايت آهي ته :حضرت عبدالله بن الزبير کي هڪ سئو غلام هئا، انهن مان
هرهڪ غلام سان جدا ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو هو. پوءِ جڏهن مان ان جي آخرت جي لاءِ سوچ
کي نهاريندو هوس ته چوندو هوس ته ”هن دنيا لاءِ هڪ اک ڇنڀڻ جيترو قدر به نه سوچيو
آهي ۽ جڏهن دنيا واري امر ڏانهن ڏسندو هوس ته چوندو هوس هن الله
p
جي لاءِ اک ڇنڀ جيترو قدر به نه سوچيو آهي“.
8
مجاهد جو بيان آهي ته : حضرت عبدالله بن زبير رضي الله جنهن وقت نماز ۾ بيهندو هو
ته (خشوع ۽ خضوع) ۾ اهڙو ٿي ويندو هو.
ڄڻ ته ڪا ڪاٺي بيٺي آهي ۽ ان ئي ٻڌايو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله به ائين هوندو
هو.
9
ثابت بناني بزرگ فرمايو ته: مان حضرت عبدالله بن زبير کان ان
وقت لنگهندو هوس، جنهن وقت مقامِ ابراهيم جي
پويان نماز پڙهندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا ڪاٺي بيٺل آهي جيڪا چري ئي نه
ٿي.
0
يوسف بن ماجشون هڪ ثقه راوي کان روايت آندي آهي ان فرمايو ته ”حضرت عبدالله بن زبير
رضي الله پنهنجي وقت کي ٽن راتين ۾ ورهايو هو: هڪ سڄي رات صبح تائين بيهڻ ۾
گذاريندو هو ته هڪ سڄي رات صبح تائين رڪوع ۾ گذاريندو هو ۽ هڪ سڄي رات صبح تائين
سجدي ۾ گذاريندو هو.
!
مسلم بن يناق چيو ته حضرت عبدالله بن زبير رڪوع ۾ شروع ٿيو ته اسان سورة البقره،
سوره آل عمران، سورة النساء ۽ سورة المائده پڙهي پوريون ڪيون ته ان اڃان رڪوع کان
مٿو مٿي نه کنيو هو.
۾
عمرو بن دينار کان روايت آهي ته جڏهن حضرت ابن زبير کي گهيرو ڪري مٿس منجنيق جي
ذريعي توب هلائي گولا وسايا ٿي ويا ته پاڻ حطيم
شريف ۾ نفل پڙهي رهيو هو ۽ انهن ڏانهن واجهايائين به ڪونه ٿي.
ءِ
هشام بن عروه ابن المنڪدر کان روايت آندي آهي ته: حضرت ابن الزبير رضي الله تي پٿر
وسايا ٿي ويا، پر ان حال ۾ به پاڻ نماز ۾ قرآن ڪريم پڙهي جهومي رهيو هو، ڄڻ وڻ جي
ٽاري هوا ۾ جهومي رهي آهي.
ءَ
عمر بن قيس پنهنجي ماءُ کان روايت آندي آهي اها حضرت ابن
زبير جي گهر ۾ وئي ته ”
فَاِذَا هُوَ قَائِمٌ يُّصَلِّيْ فَسَقَطَتْ حَيَّةٌ عَلَي ابْنِهٖ هَاشِمٍ
فَصَاحُوْا
”اَلْحَيَّةُ
اَلْحَيَّةُ“
ثُمَّ رَمَوْهَا فَمَا قَطَعَ صَلاتَهٗ
“يعني اوچتو
سندس پٽ هاشم تي هڪ نانگ اچي ڪريو. سڀني دانهون ڪري چيو
”نانگ، نانگ“ پوءِ ان کي پٿر هڻي ماريائون پر پاڻ نماز نه ڀڳائين.
ءُ
مجاهد کان روايت آهي ته ”
مَا کَانَ بَابٌ مِّنَ الْعِبَادَةِ يَعْجُزُ عَنْهُ النَّاسُ اِلَّا تَکَلَّفَهُ
ابْنُ الزُّبَيْرِ وَلَقَدْ جَآءَ سَيْلٌ طَبَقَ الْبَيْتَ فَطَافَ سَبَاحَةً
“
يعني عبادت جو ڪوبه اهڙو قِسم، جنهن کان ماڻهو عاجز ٿيا هجن
هوندو هو ته حضرت ابن زبير تڪلف ڪري به اهو
ڪندو هو. هڪ ڀيري مٿان اچڻ وارين نَيُن
جو پاڻي بيت الله ۾ اچي ويو(طواف لاءِ هلڻ ممڪن نه هو ته حضرت) عبدالله بن
زبير رضي الله پاڻيءَ ۾ تري به طواف ڪيو.
ءٌ
عثمان بن طلحہ کان روايت آهي ان فرمايو ته : ”
کَانَ ابْنُ الزُّبَيْرِ لَا يُنَازَعُ فِيْ ثَلَاثَةٍ شَجَاعَةٍ وَّلَا عِبَادَةٍ
وَّلَا بَلَاغَةٍ
“يعني حضرت ابن زبير
سان ٽن ڳالهين ۾ ڪوبه مقابلو ڪري نه سگهندو هو: بهادريءَ ۾، عبادت ۾ ۽ بلاغت ۾.
۽
ابراهيم بن سعد زهري کان، ان انس رضي الله کان روايت آندي آهي ته: حضرت عثمان جن
ماڻهن کي قرآن ڪريم جا نسخا اتارڻ جي لاءِ چيو هو، انهن ۾ حضرت ابن زبير رضي الله
به شامل هو.
٭
ابو نعيم عبدالواحد بن ايمن کان روايت آندي آهي ته مون ابن زبير کي عدن (يمن) جي
ٺهيل چادر ۾ نماز پڙهندي ڏٺو ۽ ايڏي بلند آواز
جو صاحب هو، جو جڏهن خطبه ڏيندو هو ته جبلن مان آواز ايندو هو. سندس
وارن جو چوٽو ڪنڌ مبارڪ تائين هوندو هو، سندس
ڏاڙهي (مبارڪ) ميندي هڻڻ جي ڪري سونهري رنگ تي چمڪندڙ لڳندي هئي.
)
هشام بن عروه فرمايو ته: ”
اَوَّلُ مَنْ کَسَي الْکَعْبَةَ الدِّيْبَاجَ ابْنُ الزُّبَيْرِ وَکَانَ
يُطَيِّبُهَا حَتّٰي يُوْجَدَ رِيْحُهَا مِنْ طَرَفِ الْحَرَمِ وَکَانَتْ
کِسْوَتُهَا قَبْلَهُ الْاَنْطَاعُ
“ يعني ڪعبة الله شريف کي اول ريشمي غلاف (حضرت)
ابن زبير ڍڪايو هو ۽ ان کي ايتري خوشبوءِ هڻائيندو هو، جو حرم ۾ داخل ٿيندڙ کي داخل
ٿيڻ شرط محسوس ٿيندي هئي ۽ ان کان اڳي ڪعبه شريف جو غلاف چمڙي جا ٽڪرا هوندو هو.
(
ابن ابي الدنيا ڪتاب ”الخلفاء“ ۾ آندو آهي ته ابن الزبير کي جڏهن ڦاسيءَ تي لٽڪايو
ويو هو ته سندس ڪنڌ مبارڪ ڀڳل هو. پاڻ ڪڻڪ رنگو، صفا سنهڙو، قد جو وچولو هو، سندس
اکين مبارڪن جي وچ تي گهڻا سجدا ڪرڻ جا نشان هئا.
‘
ڦاسيءَ تان لاهڻ کان پوءِ سندس والده کيس مدينه منوره ڏانهن کڻائي وئي ۽ اتي کيس
دارِ صفيه ۾ دفن ڪرايائين ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ دارصفيه واري زمين مسجد نبوي ۾ ملائي
وئي. پوءِ حضرت ابن زبير حضور ﷺ جن کي ويجهو مدفون آهي. سندس رحلت کان پوءِ ٻه
مهينا يا ان جي لڳ ڀڳ سندس امان سائڻ سيده اسماء بن ابي بڪر وفات ڪئي ۽ ان وقت ان
جي عمر سئو سال جي لڳ ڀڳ هئي ۽ اها هجرت ڪندڙ
صحابياڻين ۾ اول ۽ وفات ڪرڻ ۾ آخري صحابياڻي هئي. ام المومنين سيده عائشہi
کان ڪجهه سال وڏي هئي. هن سانئڻ به ڪجهه حديثون روايت ڪيون آهن. حضرت اسماء سانئڻ
وڏي سخاوت واري هئي. ڪابه شيءِ ٻئي ڏينهن جي لاءِ بچائي نه رکندي هئي. ڪيترا ٻانها
آزاد ڪيا هئائين.
(سير اعلام النبلاء للعلامة الذهبي: ص 32 کان 38 جلد 3 مطبوعه مؤسسة الرسالة)
الغرض ته اهڙي پياري شخصيت تي حملي ڪرائڻ جي لاءِ يزيد بي ديد بيت الله شريف تي پٿر
وسرايا هئا پر پاڻ مري ويو ته پوءِ سندس دل
جي مراد يوسف بن حجاج ظالم (عليه ما يستحقہ) پوري ڪرائي. ”
وَاِنَّ الظّٰلِمِيْنَ بَعْضُهُمْ
اَوْلِيَاۗءُ بَعْضٍ
“۽ بيشڪ ظالم ظالمن جا دوست آهن.