خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب
ڪتاب ”الترديد القوي على من يحب يزيد الغوي“
گمراهه يزيد جي يارن جي مضبوط ترديد

يزيد ۽ سندس ڪردار

نبوي احاديث جي روشني ۾

 

مسلمان ڀائرو! قرآن ڪريم کان پوءِ اسان جي لاءِ سهڻي نبي ﷺ جون حديثون دليل آهن. جيئن مون پنهنجي لکيل ڪتاب ”التحرير العجيب في حجّية حديث الحبيب ﷺ “ ۾ ثابت ڪيو آهي.

حديث پاڪ جو منڪر در پرده قرآن ڪريم جو منڪر آهي. الله

p جو فرمان آهي: İفَاِنْ تَنَازَعْتُمْ فِيْ شَيْءٍ فَرُدُّوْهُ اِلَى اللهِ وَالرَّسُوْلِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۭ ذٰلِكَ خَيْرٌ وَّاَحْسَنُ تَاْوِيْلًاĬ (سورة النساء:

آيت 51) (پوءِ جيڪڏهن اوهان ڪنهن شيءِ ۾ اختلاف ڪيو ته ان کي الله ۽ رسول ڏانهن موٽايو جيڪڏهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته اهو ڀلو ۽ تاويل جي لحاظ سان سهڻو آهي)

مسلمانو! هاڻي يزيد جي متعلق حبيب پاڪ سياح افلاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جي پاڪ حديثن کي پڙهو ۽ ايمان جو فيصلو ڏيو.

حديث 1: عَنْ أَبِي عُبَيْدَةَ ؓقَالَ  قَالَ رَسُوْلُ اللّٰهِ  :لاَ يَزَالُ أَمْرُ أُمَّتِيْ قَائِمًا بِالْقِسْطِ حَتّٰي يَكُوْنَ أَوَّلُ مَنْ يَّــثْلُمُهٗ رَجُلٌ مِنْ بَنِيْ أُمَيَّةَ يُقَالُ لَهٗ  يَزِيْدُ.

(مسند الفردوس للديلمي: ج5 ص 92 طبع بيروت- ما ثبت من السنة: ص21- )

ترجمو: ابوعبيده رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: منهنجي امت جو ڪم هميشه عدل تي قائم رهندو، تانجو پهريون شخص جيڪو ان ۾ رخنو وجهندو، سو بني اميہ مان هوندو، جنهن کي”يزيد“ سڏيو ويندو.

 هيءَ حديث مبارڪ علامه ابن  حجر هيتمي مڪي پنهنجن ڪتابن ۾ به آندي آهي.  (تطهير الجنان: ص64- الصواعق المحرقة: ص221)

ڏسو حضور ﷺ جن دين ۾ رخني وجهندڙ يزيد کي نالي سان بيان ڪيو آهي.

حديث 2: عَنْ أَبِي الدَّرْدَاءِ ؓسَمِعْتُ رَسُوْلَ اللّٰهِ   يَقُوْلُ: اَوَّلَ مَا يُبَدِّلُ سُنَّتِيْ رَجُلٌ مِنْ بَنِيْ أُمَيَّةَ يُقَالُ لَهٗ  يَـزِيْدُ. (البداية والنهاية: ص231 ج8- تاريخ الخلفاء للسيوطي: ص146- ما

ثبت من السنة للشيخ عبدالحق الدهلوي: ص21 )

ترجمو:    منهنجي سنت ۾ اول تبديلي آڻيندڙ بني اميہ مان هڪ شخص هوندو جنهن کي يزيد چيو ويندو.

قارئين حضرات! هنن حديثن تي غور ڪيو ته يزيد جي بدبختي، شقاوت ۽ سنت جي مخالفت ڪرڻ ۽ دين مان عدل ۽ انصاف ختم ڪرڻ جي ڳالهه  حضور q جن ڪيترا سال اڳ ۾ بيان ڪري ويا. ان کي ”سيدنا“،  ”امير المومنين“ ۽ ”جنتي“ چوڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ اهڙو  عقيدو رکڻ اسلام جي روح جي خلاف ۽ اسلام سان مذاق آهي، جنهن ۾ سچي مسلمان جو محبوب نبي q جي ارشادات تي ايمان ۽ يقين آهي اهو يزيد جو يار نه ٿي  سگهندو.

حديث 3: عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ؓ قَالَ قَالَ رَسُوْلُ اللّٰهِ تَعَوَّذُوْا بِاللّٰهِ مِنْ رَأْسِ السَّبْعِيْنَ وَمِنْ إِمَارَةِ الصِّبْيَانِ

(مصنف ابن ابي شيبہ: جلد7 ص461- روح المعاني: ص192 ج6- البداية والنهاية: ص230 ج8 )

ترجمو: حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: الله  کان ستر سال جي منڍ ۽ ڇوڪرن جي امير هجڻ (واري دور ) کان پناهه گهرو.

سن ستر (70) جي شروعات سن سٺ (60) هه کان پوءِ اڳيان ايندڙ ڏهي جو منڍ وارو سال هو.  ڪربلا وارو واقعو سن 61 هه ۾، حره وارو واقعو سن 63 هه ۾ پيش آيا هئا. ان کان پوءِ بيت الله تي حملي لاءِ لشڪر موڪلي ان تي پٿر وسايا ويا، تانجو ان جو غلاف شريف سڙي ويو وغيره وغيره اهي سڀئي واقعا يزيد پليد بي ديد جي حڪومت واري دور ۾ پيش آيا هئا.

محدثن ڀلارن مذڪوره حديث جي لفظ ” إِمَارَةِ الصِّبْيَانِ “ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته  ”اي من حکومة الصغار الجهال کيزيد  بن معاويه واولاد حکم بن مروان وامثالهم“ يعني ڇوڪرن جي

حڪومت واري دور مان مراد ننڍن جاهلن جي حڪومت آهي، جيئن يزيد بن معاويه ۽ حَڪم بن مروان جو اولاد وغيره.

علامه قسطلاني رحمة الله يزيد جي ظلمن جو مفصل ذڪر ڪندي

لکيو آهي ته: ”واخرج يعقوب بن سفيان في تاريخه بسند صحيح عن ابن عباس جاءَ تاويل هٰذه عليٰ راس ستين سنة (ارشاد الساري: شرح صحيح

بخاري جلد10 ص200) يعني يعقوب بن سفيان پنهنجي تاريخ ۾ صحيح سند سان حضرت ابن عباس t کان آندو آهي ته اها ڳالهه سن سٺ (60)  جي آخر سن 61 جي شروعات ۾ ٿي.

هن کانپوءِ علامه موصوف مدينه منوره ۾  ٿيل انهن حالات جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اڳ ۾ لکي آيا آهيون. (ارشاد الساري ص 20 ج 10)

علامه علي القاري به ساڳي ڳالهه آڻي وڌيڪ لکيو آهي ته: الطيبي چيو ته ان مان مراد آهي ته نوجوان ڇوڪرا حاڪم بنجندا  امت تي حڪومت ڪندا عمر جا ننڍا هوندا  ۽ حضور ﷺ  جن انهن کي خواب ۾ ڏٺو هو ته اهي سندن منبر تي ڀولن وانگر ٽپ ڏئي راند ڪري رهيا هئا.

جيئن: İ وَمَا جَعَلْنَا الرُّءْيَا الَّتِيْٓ اَرَيْنٰكَ اِلَّا فِتْنَةً لِّلنَّاسِĬ  (سوره بني اسرائيل:

آيت 60 ) ( ۽ اسان ان ڏسڻ کي جيڪو اوهان کي ڏيکاريو نه بنايو مگر ماڻهن جي لاءِ آزمائش ڪري) جي تفسير ۾ هڪ قول اهو به آهي. (الدرالمنثور في التفسير الماثور: ج5 ص 31- 32)

صحيح بخاري شريف جي شارح علامه ابن  حجر عسقلاني سن 60 هه جي متعلق حضرت ابو هريره رضي الله جو قول نقل ڪيو آهي:

وَفِيْ رِوَايَةِ ابْنِ اَبِيْ شَيْبَةَ اِنَّ اَبَا هُرَيْرَةَ کَانَ يَمْشِيْ فِي السُّوْقِ وَ يَقُوْلُ : اَللّٰهُمَّ لَا تُدْرِکْنِيْ سَنَةَ سِتِّيْنَ وَ اِمَارَةَ الصِّبْيَانِ فان يزيد بن معاوية استخلف فيها  (فتح الباري: ج13 ص8)

يعني  ابن ابي شيبہ جي روايت ۾ آهي ته حضرت ابوهريره رضي الله بازار ۾ هلندي دعا گهري رهيو هو ته ”اي منهنجا الله! مون کي سن 60 هه جي ڇوڪرن جي امير ٿيڻ واري دور کي نه پڄائجان ۽ ان ئي سال ۾ يزيد حڪومت تي ويٺو هو.

اها ساڳي ڳالهه مشڪواة شريف جي شارح حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي به آندي آهي: حضور ﷺ جو اهو به اشارو آهي ته ”منهنجي امت جي هلاڪت قريشين جي ڪجهه ننڍن ڇوڪرن جي هٿان ٿيندي“. (اشعة اللمعات فارسي جلد 3 ص 17)

ان جي شرح ۾ مشڪوات جي شارح علامه قطب الدين به ساڳيون ڳالهيون لکيون آهن. (مظاهر حق: ج3 ص 324)

 فائدو: مذڪور حديث هيٺ لکيل ڪتابن ۾ به الفاظ جي معمولي اختلاف سان حضرت ابو سعيد خدري رضي الله کان روايت ڪيل آهي جيڪو پاڻ يزيد جي دور ۾ زنده هيو ۽ ان جا ظلم برداشت ڪيا هيائين.

حديث 4: عَنْ أَبِي ذَرٍّ ؓ قَالَ قَالَ لِيْ رَسُوْلُ اللّٰهِ : يَا أَبَاذَرٍّ قُلْتُ لَبَّيْكَ وَسَعْدَيْكَ قَالَ كَيْفَ أَنْتَ إِذَا رَأَيْتَ أَحْجَارَ الزَّيْتِ قَدْ غَرِقَتْ بِالدَّمِ

 (سنن ابوداؤد: ج2 ص236 - مسند الصحابة: ج34 ص203)

ترجمو: حضرت ابو ذر رضي الله کان روايت آهي ته”رسول الله ﷺ جن فرمايو اي اباذر! مون عرض ڪيو حاضر آهيان حاضر آهيان پاڻ فرمايائون ته ان وقت تون ڪيئن هوندين، جڏهن حره جي پٿرن کي رت ۾ ٻڏل ڏسندين.

 علامه علي القاري لکيو آهي ته ان مان مراد به حره وارو واقعو آهي.  (مرقاه شرح مشڪواة: جلد 7 ص 138)

حديث 5: إِذَا عُمِلَتِ الْخَطِيْئَةُ فِى الأَرْضِ كَانَ مَنْ شَهِدَهَا فَكَرِهَهَا  وَقَالَ مَرَّةً  أَنْكَرَهَا كَمَنْ غَابَ عَنْهَا وَمَنْ غَابَ عَنْهَا فَرَضِيَهَا كَانَ كَمَنْ شَهِدَهَا

(سنن ابوداؤد: ج2 ص 249)

ترجمو: جڏهن زمين ۾ گناهه ڪيو وڃي ته جيڪو اتي موجود هوندو، ان کي ناپسند ڪندو. ان جو انڪار ڪندو ته اهو ائين آهي ڄڻ اتي هيو ئي ڪونه ۽ جيڪو اتي نه هوندو، پر ان کان راضي هوندو ته اهو ائين آهي ڄڻ اتي موجود هيو.

هن حديث مان واضح ٿيو ته جيڪو ڪنهن ڪم تي راضي رهيو، اهو ائين آهي، ڄڻ ان ۾ شريڪ ٿيو. هن حديث تي اهي ماڻهو غور ڪن، جيڪي چوندا آهن ته حضرت حسين ۽ ان جي ساٿ وارن کي شهيد ڪرڻ، مدينه منوره ۾ دل آزاريندڙ واقعن ۽ بيت الله شريف تي حملي ڪرڻ، پٿر وسائڻ وغيره ۾ يزيد پاڻ موجود نه هو. اهي اهو نه ٿا سوچين ته اهي لشڪر ڪنهن جي حڪم سان ويا هئا؟ انهن حالتن پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ هو ۽ ڪنهن جو حڪم ۽ ڪنهن جو امر هلي رهيو هو ۽ جڏهن اهو سڀ ڪجهه يزيد جي امر سان هو ته پوءِ اهو انهن  ظلمن کان پاڪ ڪيئن رهندو؟ ان کي پاڪ چوندڙ خود به گنهگار ۽ يزيد جي ظلمن ۾ ان سان شريڪ شمار ڪيا ويندا.

حديث 6: عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ سَمِعْتُ سَعْدًا ؓ قَالَ سَمِعْتُ النَّبِيَّ يَقُوْلُ لَا يَكِيْدُ أَهْلَ الْمَدِينَةِ أَحَدٌ إِلَّا انْمَاعَ كَمـَا يَنْـمَاعُ الْمِلْحُ فِي الْمَاءِ (بخاري شريف: ج1 ص 252)

ترجمو: اُمّ المؤمنين حضرت عائشہ i فرمائي ٿي ته مون حضرت سعد رضي الله کان ٻُڌو ته  نبي پاڪ ﷺ جن فرمايو: جيڪو مديني وارن سان برائيءَ جو معاملو ڪندو، اهو ائين ڳري ختم ٿي ويندو، جيئن پاڻيءَ ۾ لوڻ ڳري ختم ٿيندو آهي.

امام منذريءَ اها روايت بزار کان روايت ڪري لکيو آهي ته هن جي سَنَدَ حسن آهي.  (الترغيب والترهيب للمنذري: ج2 ص242)

 مسلمانو! هن حديث تي غور ڪري ڏسو ته جيئن يزيد مديني وارن سان ظلم ڪرايو، تيئن پاڻ به تباهه ٿي ڳري ويو.99 سيڪڙو مسلمان ان کان متنفر آهن ۽ ان جي نالي ٻڌڻ سان ئي ان کان بيزاري ظاهر ڪندا آهن.

حديث 7: عَنْ سَعْدِ بْنِ أَبِى وَقَّاصٍ ؓ عَنْ أَبِيهِ أَنَّ رَسُولَ اللّٰهِ  قَالَ لاَ يُرِيْدُ أَحَدٌ أَهْلَ الْمَدِيْنَةِ بِسُوءٍ إِلاَّ أَذَابَهُ اللّٰهُ فِى النَّارِ ذَوْبَ الرَّصَاصِ أَوْ ذَوْبَ الْمِلْحِ فِى الْمَاءِ                                                   (صحيح مسلم:ج1 ص445)

ترجمو:  حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله پنهنجي والد کان روايت ڪري ٿو ته حضور  ﷺ جن فرمايو: ڪنهن به مدينه منوره ڏانهن برائيءَ جو ارادو ڪيو الله ان کي باهه ۾ سيهي جي ڳارڻ وانگر ڳاريندو جيئن لوڻ پاڻي ۾ ڳرندو آهي.

مسلمانو! يزيد جي يارن کان پڇو ته ڇا يزيدي لشڪر مدينه وارن سان ظلم ڪرائڻ جي باوجود مٿين حديث پاڪ جي موجب جهنمي ناهي؟  يقينًا جهنمي آهي، اوهان مڃيو يا نه مڃيو ۽ اهو ۽ سندس ساٿي فورن فنا ٿي لوڻ وانگر ڳري ويا.

حديث 8: عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللّٰهِ ؓ قَالَ سَمِعْتُ رَسُولَ اللّٰهِ يَقُوْلُ مَنْ أَخَافَ أَهْلَ الْمَدِيْنَةِ فَقَدْ أَخَافَ مَا بَيْنَ جَنْبَيَّ

(رواه احمد ورجالہ الصحيح- الترغيب والترهيب للمنذري: ج2 ص 233)

ترجمو:  حضرت جابر بن عبدالله رضي الله کان روايت آهي ته :مون رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو  فرمايائون ته  جنهن مديني وارن کي خوفزده ڪيو، يقينًا ان منهنجي دل کي خوف ڏنو.

قارئين ڪرام! جيڪو حضور ﷺ جي پاڪ شهر مدينه منوره ۾ رهڻ وارن جي عزتن کي لٽائي، انهن جي ٻچڙن کي ڀتين تي رکرائي، لوهي شيخون هڻائي ٽنگرائي ڇڏي، ڇا ان حضور ﷺ جي دل آزاري نه ڪئي؟ اهڙن ظالمن جي تعريف ڪرڻ وارا! خداوند ڪريم کان ڇو نه ٿا ڊڄن؟ اکيون ٻوٽي انهن ظالمن جي حمايت ڪرڻ مان آخر سندن مقصد ڇا آهي؟ ان طريقي سان دين جي ڪهڙي خدمت ڪن ٿا؟

حديث 9: عَنْ عُبَادَةَ بْنَ الصَّامِتِ ؓ عَنْ رَسُوْلِ اللّٰه اَنَّهٗ قَالَ أَللّٰهُمَّ مَنْ ظَلَمَ أَهْلَ الْمَدِيْنَةِ وَأَخَافَهُمْ فَأَخِفْهٗ وَعَلَيْهِ لَعْنَةُ اللّٰهِ وَالْمَلَائِكَةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِيْنَ لَا يُقْبَلُ مِنْهُ صَرَفٌ وَّلَا عَدْلٌ

(الطبراني معجم الاوسط: ج4 ص52- المعجم الڪبير: ج20 ص142)

ترجمو: حضرت عبادة بن صامت رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: اي الله! جنهن مديني وارن تي ظلم ڪيو ۽ انهن کي خوفزده ڪيو ته ان کي به خوف ۾ رک  ان تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻهن جي لعنت آهي ۽ ان کان نه خير ۾ خرچ ڪرڻ قبول ڪيو ويندو ۽ نه عدل.

محدث طبراني  چيو ته هيءَ حديث سَنَدًا مضبوط آهي. محدثن ڀلارن حضرت علامه شمس الدين، محمد بن يوسف ڪرماني، حضرت علامه نووي ۽ علامه عيني انهن حديثن جي شرحن ۾ مدينه منوره جي رهاڪن تي ظلم ڪندڙن، انهن کي خوف ڏياري، نبي پاڪ ﷺ جي پاڪ دل کي ايذاءُ ڏيندڙن مان مراد يزيد ۽ ان جي فوجي دستن جو اڳواڻ مسلم بن عقبہ ورتو آهي، جن کي مدينه پاڪ ۾ ظلمن  ڪرڻ جي ڪري الله جلد ختم ڪري ڇڏيو. (الڪواڪب الدراري شرح صحيح بخاري: ص 68 جلد8 – النووي حاشيہ صحيح مسلم: ص 441 جلد1- عمدة القاري شرح بخاري: جلد 4 ص 241)

حديث 0: عَنْ عَائِشَةَ i قَالَتْ: قَالَ رَسُوْلُ اللّٰهُ سِتَّةٌ لَعَنْتُهُمْ وَلَعَنَهُمُ اللّٰه وَكُلُّ نَبِيٍّ مُجَابٍ  الزَّائِدُ فِيْ كِتَابِ اللّٰهِ وَالمُكَذِّبُ بِقَدَرِ اللّٰهِ تَعَاليٰ وَالمُتَسَلِّطُ بِالجَبَرُوْتِ فَيُعِزُّ بِذَالِكَ مَنْ أَذَلَّ اللّٰهُ وَيُذِلُّ مَنْ أَعَزَّ اللّٰهُ وَالْمُسْتَحِلُّ لِحَرَمِ اللّٰه وَالمُسْتَحِلُّ مِنْ عِتْرَتِيْ مَاحَرَّمَ اللّٰهُ  وَالتَّارِكُ لِسُنَّتِيْ

 (مشڪواة: باب الايمان بالقدر ص 22- سُنن ترمذي: ج4 ص243)

ترجمو: اُمّ المومنين سيده عائشہiکان روايت آهي ته: رسول الله ﷺ جن فرمايو: ڇهه ماڻهو اهڙا آهن، جن تي مون به لعنت ڪئي آهي ۽ الله ۽ هر نبي جنهن جي دعا مقبول آهي،
ان به لعنت ڪئي آهي:
1الله جي ڪتاب ۾ واڌارو ڪندڙ
 
2الله جي تقدير کي ڪوڙو چوندڙ 3ظلم سان حڪومت ڪندڙ 4 الله جي حرم  جي بي عزتي ڪرڻ کي حلال سمجهندڙ 5 منهنجي اولاد مان انهن جي بي حرمتي کي حلال سمجهندڙ جن جي بي حرمتي ڪرڻ کي الله حرام ڪيو آهي  6 منهنجي سنت کي ڇڏيندڙ .

هن حديث جو شرح ڪندي علامه علي القاري لکيو آهي ته:

الزَّائِدُ فِيْ كِتَابِ اللهِ اي القرآن وسائر کتبه بان يدخل فيه ما ليس فيه او يـؤوله بما ياباه اللفظ والحکم... وتاويله بما يخالف الکتاب والسنة فيشمله اللعن لفسقه بل کفره وَالمُكَذِّبُ بِقَدَرِ اللهِ وَالمُتَسَلِّطُ بِالجَبَرُوْتِ اي الانسانُ المستولي المتقوي الغالب والحاکم بالتکبر والعظمة الناشي عن الشوکة والولاية والجبروت قيل وانما يطلق ذالک في صفة الانسان علي من يجبر نقيمته بادعاء منزلة من التعالي ولا يستحقها فَيُعِزُّ بِذَالِكَ مَنْ أَذَلَّ اللهُ وَيُذِلُّ مَنْ أَعَزَّ اللهُ اي من اذله الله لفسقه او لکفره يرفع مرتبته علي المسلمين او يحکمه فيهم... ويذل من اعز الله بان يخفض مراتب العلماء والصلحاء او نحوهم  وَالْمُسْتَحِلُّ لِحَرَمِ اللهِ يريد حرم مکة بان يفعل فيه مالا يحل فيه وَالمُسْتَحِلُّ مِنْ عِتْرَتِيْ مَاحَرَّمَ اللهُ اي من ايذاءهم وترک تعظيمهم والعترة الاقارب القريبة وهم اولاد فاطمة وذراريهم وتخصيص ذکر الحرم والعترة وکل مستحل حرم ملعون لشرفها قال الطيبي ويحتمل ان يکون من بيانية بان يکون المستحل من عترة رسول الله ﷺ ففيه تعظيم الحرم الصادر عنهم وَالتَّارِكُ لِسُنَّتِيْ اي المعترض عنها بالکلية او بعضها استخفافا وقلة مبالاة کافر و ملعون (مرقاة شرح مشڪواة: ج1 ص18)

يعني علامه علي القاري مشڪواة جي شرح ۾  مذڪوره حديث جي سمجهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته: ”الله تعالى جي ڪتاب ۾ واڌارو ڪرڻ“ مان مراد آهي قرآن ڪريم ۽ ٻين آسماني ڪتابن ۾ اهي ڳالهيون داخل ڪرڻ، جيڪي انهن مان آهن ئي ڪونه يا انهن جو اهڙو تاويل ڪرڻ، جو قرآن ڪريم ۽ نبوي سنت جي خلاف هجي.... پوءِ ان کي ان فاسق هجڻ بلڪه ڪفر جي ڪري اها لعنت شامل آهي ۽ ”الله جي تقدير کي ڪوڙو چوندڙ ۽ جبروت سان تسلط ڪندڙ“ مان مطلب ته اهو انسان جيڪو قوت ۽ طاقت استعمال ڪري غلبو حاصل ڪندڙ يا ان تڪبر سان حڪومت ڪندڙ جيڪو دٻدٻي، والي هجڻ ۽ جبر سان حاصل ٿيندي آهي ۽ هڪ قول آهي ته: اهي الفاظ ان انسان جي صفت ۾  ڳالهايا ويندا آهن، جيڪي نااهل هوندي پنهنجي منزل  جي بلند هجڻ جي دعوى ڪندا آهن ۽ جيڪو ان جو حقدار هوندو آهي ان کي روڪيندا آهن ”۽ ان کي ذليل ڪري جنهن جي الله عزت ڪئي آهي“ جو مطلب آهي ته فاسق فاجر ڪافر کي مٿي آڻي حاڪم  بنائي ۽ عزت وارن عالمن صالحن کي هيٺ رکي. ”الله جي حرم جي بيحرمتيءَ کي حلال سمجهندڙ“ هتي حرم مان مراد مڪه مڪرمه جو حرم آهي ۽ ان جي بي حرمتي هيءَ آهي، جو جيڪي ڪم حرم ۾ ڪرڻ ناجائز آهن، اهي اتي ڪري ”۽ منهنجي اولاد مان اها شيءِ حلال سمجهندڙ جيڪا الله حرام ڪئي آهي“ جو مطلب آهي  انهن کي ايذائڻ انهن جي تعظيم نه ڪرڻ ”عترت“ مان مراد سندن قريب ۽ گهڻا ويجها (سيده) فاطمه جو اولاد ۽ ٻچا آهن ۽ عترت سان گڏ حرم جي تخصيص ان لاءِ آهي جو ان جي بي حرمتيءَ کي حلال سمجهندڙ لعنت ڪيل آهي. ڇو ته حرم شريف  شان وارو آهي ۽ طيبي جو قول آهي ته هي به احتمال آهي ته ”مِنْ“ بيانيہ هجي ”۽ منهنجي سنت جو ڇڏيندڙ“ جو مطلب آهي ته هو سنت کان منهن موڙيندڙ هجي يا بعض کان ان کي رواجي سمجهي پرواهه نه ڪندي منهن موڙيندڙ ڪافر ۽ ملعون آهي.

مسلمان ڀائرو! مذڪوره حديث ۾ جن ڇهن ماڻهن تي الله p ۽ حضور ﷺ ۽ سڀني نبين -جي لعنت آيل آهي. انهن واريون سڀ صفتون يزيد ۾ موجود هيون، خصوصًا مڪه مڪرمه جي حرم جي
بي ادبي، اهانت ۽ حضور پرنور ﷺ جي پاڪ اولاد جي بي ادبي، توهين ۽ بي عزتي ڪرڻ رسول الله ﷺ جي سنت کي ڇڏڻ ته ان جي خصوصيات مان هو. ان جي ڪري اهو الله
p ۽ حضور ﷺ ۽ سڀني نبين - جي طرفان لعنت جو حقدار بڻيو. يزيد الله p جي ڪتاب جي بي حرمتي ڪندي هڪ شعر چيو هو، جيڪو هن ڪتاب جي پڙهندڙن جي پيش خدمت آهي:

مَا قَالَ رَبُّکَ وَيْلٌ لِّلَذِيْنَ شَرِبُوْا

بَلْ قَالَ رَبُّکَ وَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ

(تاريخ ابن اثير: ج4 ص 63)

يعني تنهنجي رب شراب پيئڻ وارن جي لاءِ تاويل جو حڪم نه ڪيو آهي، بلڪه تنهنجي رب ته نماز پڙهندڙن جي لاءِ ويل جو ذڪر فرمايو آهي (معاذ الله ثم معاذالله)

هن مان ثابت ٿيو ته يزيد قرآن ڪريم جي غلط تاويل ڪري لعنت جو حقدار ٿي رهيو هو. ائين مراد وٺڻ جيئن بعض علماءِ يزيد جي مراد بيان ڪئي آهي ته نماز پڙهندڙن جي لاءِ ويل آهي نه صرف بري ڳالهه آهي، پر صريحًا ڪفر آهي. حديث پاڪ ۾ جنهن جبر، ظلم، استبداد، تڪبر، ۽ تسلط جو ذڪر آهي، يزيد جو دامن انهن براين سان ڀريل آهي يزيد جي دور ۾ جيڪو انتشار ٿيو هو، اهو سڀ ماڻهو ڄاڻن ٿا ۽ ان کي نه مڃڻ وارن تي ان جيڪي ظلم ۽ عذاب ڪيا هئا، اهي لڪل ۽ ڍڪيل ناهن.

مسلمانو!  ٻيو سڀ ڇڏي، صرف ڪربلا ۽ حره جا واقعا پڙهي انصاف جي دامن ۾ هٿ وجهي الله p جو خوف رکي فيصلو ڪيو ته ڇا

اڃان به يزيد حديث پاڪ ۾ مذڪور لعنت جو حقدار ناهي؟  اِتَّقُوا اللهَ اَيُّهَا الْمُسْلِمُوْنَ!باقي رهي هيءَ ڳالهه ته يزيد انهن واقعن جو ذميوار آهي يا نه؟

ان جو جواب به اڳيان اچي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح اصحابن، مهاجرن ۽ انصارن ڀلارن تابعن ۽ بي گناهه عوام تي به بي حساب ظلم ڪري، يزيد حضور ﷺ جي فيصلي مطابق ضرور بالضرور ملعون آهي جنهن جي مختصر مگر جامع وضاحت حضور ﷺ جن فرمائي آهي ته ” تانته انهن ماڻهن کي عزت ڏئي جن کي الله ذليل ڪيو آهي“ هن موضوع تي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ئي ناهي. ڏسو يزيد مدينه ڏانهن موڪليل فوج جو اڳواڻ مسلم (مجرم) بن عقبه جهڙي فاجر، فاسق ذليل کي بنايو

جنهن جو هڪ قول آهي ته ”اِنِّيْ لَمْ اَعْمَلْ عَمَلًا قَطُّ بَعْدَ شَهَادَةِ اَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا اللهَ وَ اَنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللهِ اَحَبُّ اِلَيَّ مِنْ قَتْلِ اَهْلِ الْمَدِيْنَةِ (البداية والنهاية:

ج8 ص 225) يعني شهادت جي ڪلمه کان بعد جيڪو مون کي وڌيڪ عمل پيارو آهي، اهو مدينه وارن کي قتل ڪرڻ آهي. (نستغفرالله العظيم) يزيدي لشڪر جي هڪ فوجي آفيسر عبدالله بن نمير جو ڪربلا جي واقعي جي متعلق نظريو پڙهو ۽ ”لاحول ولا قوة الا بالله العلي العظيم“

چئو. اهو ذليل چوندو رهيو ته ”اِنِّيْ لَاَرْجُوْ اَنْ يَّکُوْنَ جِهَادِيْ مَعَ ابْنِ بِنْتِ رَسُوْلِ اللهِ ﷺ اَفْضَلَ مِنْ جِهَادِ الْمُشْرِکِيْنَ وَ اَيْسَرَ ثَوَابًا عِنْدَاللهِ(البداية

والنهاية: ج8 ص181) (مان اميد ٿو رکان ته منهنجي حضور ﷺ جي ڏوهٽي سان جنگ ڪرڻ مشرڪن سان جهاد کان ڀلي ۽ الله وٽ ثواب ۾ وڌيڪ آسان آهي. (شال الله p اهڙي هلاڪ ڪندڙ سمجهه کان بچائي).

ياد رکڻ گهرجي ته صرف اهو نه، پر انهن يزيدين ظالمن جا اهڙا سوين بيحيائيءَ وارا قول ڪتابن ۾ لکيل آهن، جيڪي سندن اندروني خباثت ۽ بي دين هجڻ جا واضح ۽ روشن ثبوت آهن ۽ اهڙن کي ئي يزيد پليد بي ديد اهم عهدن تي نوازيندو رهيو ۽ ان ابن زياد، شمر، خولي ابن سعد ۽ ٻين نالائقن (لعنهم الله اجمعين) تي وڏيون نوازشون ڪري، انهن کي انهن ظلمن جي بدلي ۾ وڏو مال ۽ ملڪيت ڏني هئي.  ڇا اڃان به يزيد حديث پاڪ ۾ مذڪور لعنت جو حقدار ناهي. محبوب q جي مذڪور حديث ۾ ظالم حاڪم جو جيڪو ڪردار بيان ٿيو آهي ته اهو هي به آهي ته ”اهو انهن ماڻهن کي ذليل ڪندو جن کي الله عزت ڏني آهي“ ان لحاظ سان جيڪڏهن يزيد کي ڏٺو وڃي ته هڪ يا ڏهه نه، بلڪه ان جي محدود زندگي جو هر لمحو عزت شرف حسب نسب جي صاحبن بزرگن جي بي ادبي ۽ گستاخي ۽ انهن جي دل آزاريءَ ۾ گذريو هو. جن ڀلارن کي ان ظالم ظلم جو نشان  بنايو هو، انهن ۾ نبوي خاندان جا افراد، رسالت جي گلشن جا گل غنچا، اسلام جي چمن جا پاڪ وڻ يعني اصحاب سڳورا اهلبيت اطهار، تابعين ڪرام ۽ عام مسلمان سڀ شامل هئا ۽ انهن شاندار بزرگن کي جيڪي اسلام جي اک ۾ عزت  ۽ وقار وارا هئا، يزيد وس آهر ذلت ۽ رسوائيءَ ۾ رکيو هو. اها جدا ڳالهه آهي ته چنڊ ڏانهن ٿڪ اڇلائڻ سان چنڊ تي ڪو فرق نه پوندو آهي، پر اها ٿڪ موٽي اڇلائيندڙ تي پوندي آهي. هتي به اهڙيءَ طرح ٿيو، جو جن هستين کي يزيد ذليل، رسوا ۽ خوار ڪرڻ جو سوچيو هو، الله p انهن جي عزت ۾ اهڙا چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جو ساري دنيا انهن کي سدائين سلام ڪري رهي آهي، بلڪه انهن جي پاڪ نالن کي مشڪ سان لکي، گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئي پيئندي آهي ۽ انهن جي ذڪر خير کي ثواب  جو باعث، بلڪه عبادت سمجهي قيامت تائين جاري رکيو ويندو ۽ انهن جي برعڪس يزيد، ابن زياد، شمر، خولي ابن سعد، مروان، مسلم بن عقبه، حصين بن نمير وغيره جو نالو مسلمانن ۾ هڪ گار بنجي رهجي ويو آهي. الله p جي پيارن سان بغض عداوت ظلم ۽ زيادتي جو نتيجو اهو آهي.

مذڪوره حديث جي هن وضاحت سان به يزيد پليد بي ديد عنيد لعنت جو حقدار آهي. محبوب ﷺ جي مٿي لکيل ارشاد ۾ آهي ته: لعنت جو ٽيون حقدار الله جي تقدير کي ڪوڙو چوندڙ آهي“ ۽ اها ڪيفيت به يزيد پليد ۾ به على وجہ الڪمال موجود هئي جيئن يزيد جي هيٺ لکيل شعر مان واضح آهي. مردود جو شعر آهي ته :

لَعِبَتْ بَنُوْ هَاشِمٍ بِالْمُلْکِ فَلَا

خَبَرٌ جَآءَ  وَلَا وَحْيٌ نَزَلَ

(تذکرة الخواص: ص 220 الباب التاسع)

يعني بني هاشم حڪومت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ راند کيڏي پوءِ نه ڪا خبر آئي هئي نه وحي نازل ٿيو هو. (معاذالله ثم معاذالله)

مردود جي مراد آهي ته محبوب q جن صرف ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ جي لاءِ نبوت جي راندي کيڏي هئي، نه مٿن ڪا آسمان کان خبر آئي هئي ۽ نه مٿن ڪو وحي نازل ٿيو هو. مسلمانو!هيءَ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي ته نبوت ڪمائيءَ ڪرڻ سان حاصل نه ٿيندي آهي بلڪه الله p جي عطا آهي، جيڪا بارگاهه ايزدي جي پسند ڪيل شخصيتن کي عطا ٿيندي آهي ۽ انهن جي ئي مقدر ۾ لکيل هوندي آهي. ان جي  ڪري ڪنهن به نبي سڳوري q جي نبوت جو انڪار ڪرڻ سڀني نبين -جي نبوت جو انڪار نه، پر الله p جي حڪم تقدير ۽ ان جي پسند ڪرڻ جو انڪار آهي. يزيد ظالم حضور ﷺ جي نبوت کي بادشاهي حاصل ڪرڻ جي لاءِ راند کيڏڻ سڏي، سندن نبوت ۽ الله جي تقدير ۽ حڪم جو منڪر ٿي، لعنت جو طوق خريد ڪيو آهي.

محبوب q جن جنهن چوٿين شخص کي لعنت جو حقدار سڏيو آهي، اهو آهي ”الله جي حرام ڪيل شين کي حلال ڪندڙ (حلال چوندڙ) هاڻي ذرا ان عنوان کي ذهن نشين ڪري يزيدي ڪردار جو مطالعو ڪريو ته اوهان تي روشن ڏينهن وانگر حقيقت واضح ٿيندي ته لعنت جو حقدار بنائيندڙ اها برائي به يزيد جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. بلڪه ان جون راتيون ۽ ڏينهن گذرندا ئي ان برائيءَ ۾ هئا. مثال طور الله p شراب کي حرام سڏيو آهي، پر يزيد پليد نه صرف پيئندو هو، پر ان کي حلال به چوندو هو. جنهن جو دليل ان جا ڪيترا ايمان کي ساڙيندڙ شعر آهن، جن مان هڪ هي شعر آهي:

اِذَا مَا نَظَرْنَا فِيْ اُمُوْرٍ قَدِيْمَةٍ

وَجَدْنَا حَلَالًا شُرْبَهَا مُتَوَالِيًا

(تذکرة الخواص: ص 243)

يعني جڏهن اسان پراڻن امرن ۾ نظر ڪئي ته اسان ان (شراب) جي پيئڻ کي حلال لڌو.

ياد رکڻ گهرجي ته انسان جي دل ۽ دماغ کي حلال ۽ حرام جي تميز کان پري ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار شراب جو هوندو آهي، جيئن محبوب

پاڪ q جو ارشاد مبارڪ آهي: ”اَلْمُتَوَلِّدَةُ عَنْ شُرْبِ الْخَمْرِ مِنْ تَرْكِ الصَّلَوَاتِ وَمِنْ قَتْلِ النَّفْسِ الَّتِىْ حَرَّمَ اللهُ وَمِنْ وُقُوعٍ عَلَى الْمَحَارِمِ“.

(نسائي شريف: ج2 ص 339) يعني ته شراب پيئڻ جي ڪري ٽي ڳالهيون پيدا ٿينديون آهن: 1- نماز جو ڇڏڻ 2- ان ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ، جنهن جو قتل ڪرڻ الله حرام ڪيو آهي 3- ۽ ٻين حرام ڪيل شين ۾ واقع ٿيڻ. ان جي ڪري هڪ پاڪ ۽ صاف مذهب اسلام ۾ براين جي ماءُ شراب کي حرام ڪيو ويو آهي. سيدنا حضرت ابوهريره رضي الله جا الفاظ مبارڪ آهن ته:

فَاِنَّ هٰذا شَرَابُ مَنْ لَّا يُـؤْمِنُ بِاللهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ  (نسائي شريف: ج2 ص 324)

يعني (دنيا ۾ موجود بيهوش ڪندڙ شراب) ان جي پيئڻ جي شيءِ آهي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو رکي. جيستائين قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکڻ جو تعلق آهي ان سلسلي ۾ هن ڪتاب کي پڙهندڙن جي خدمت ۾ يزيد جو هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:

فَاِنَّ الَّذِيْ حَدَّثَتْ عَنْ يَوْمِ بَعْثِنَا

اَحَادِيْثُ طَسْم تَجْعَلُ الْقَلْبَ سَاهِيًا

(تذڪرة الخواص: ص 243)

يعني مرڻ کانپوءِ اٿڻ جون جيڪي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، اهي دل کي مايوس ڪرڻ  واريون غلط ڳالهيون آهن.

مسلمانو! هاڻي پنهنجي دل کان فيصلو وٺو ته يزيد ڇا آهي؟ الله p جتي به ايمان وارن ماڻهن جي ايمان جو ذڪر ڪيو آهي ته غالبًا اتي آخرت تي ايمان آڻڻ جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي برعڪس الله p ڪافرن، منافقن، مشرڪن ۽ فاسقن جي تذڪري ۾ هيءَ ڳالهه ذڪر فرمائي آهي ته اهي الله تي ۽  آخرت تي يقين نه ٿا رکن. يزيد جي مذڪور شعر مان به ثابت ٿيو ته اهو آخرت تي يقين نه رکندو هو. مسلمان ڀائرو! انصاف جي اک سان ڏسو هڪ پليد عنيد بي ديد شخص جي لاءِ ڪهڙو فيصلو ڏجي؟ جنهن امام عالي مقام سيدنا حضرت حسين ان جي خاندان ۽ ان جي سچن ساٿين سان ڪلور ڪيا. وڏو لشڪر موڪلي، مدينه منوره ۾ قهر ڪرائي ۽ وري مڪه مڪرمه تي حملي جي لاءِ لشڪر موڪليو، جنهن جي نتيجي ۾ بيت الله شريف تي پٿر وسايا ويا جو غلاف پاڪ ۽ ڇت سڙي ويا سيدنا حضرت ابراهيم خليل الله على نبينا و q جي طرفان پنهنجي پياري پٽ سيدنا حضرت اسماعيل على نبينا و q کي قربان ڪرڻ واري وقت الله p جي طرفان موڪليل دنبي جا سڱ بيت الله

شريف جي پاڪ ديوار تي لڳل هئا، اهي به سڙي ويا. ”وَمَنْ دَخَلَهٗ کَانَ اٰمِنًا (سوره آل عمران: آيت 97) يعني جيڪو ان (بيت الله شريف جي حرم) ۾

داخل ٿيو، اهو امن وارو هوندو. ان ۾ داخل ٿي پناهه وٺندڙن کي به قتل ڪيو ويو. وغيره وغيره انهن ڳالهين تي نظر ڪرڻ سان به ثابت ٿيو ته حضور پرنور q جي حديث پاڪ ۾ مذڪور ملعونن ۾ يزيد داخل آهي. الله تعالى شال سڀني سچن ۽ پڪن مسلمانن کي ان جي محبت ۽ حمايت کان محفوظ رکي.

پنجون نمبر تي مذڪوره حديث پاڪ ۾ لعنت جو حقدار اهو آهي، جيڪو ”اهل بيت نبوت سان اها ڳالهه ڪرڻ حلال ڄاڻي جيڪا حرام آهي“ ان سبب جي ڪري به يزيد ڪنن تائين لعنت ۾ ٻڏل آهي. محبوب ڪريم q جن جي اولاد پاڪ ۽ گهروارين جي لاءِ به يزيد جي سوچ بي حساب خراب هئي. جنهن ملعون ام المؤمنين حضرت سيده عائشہ i سان نڪاح لاءِ سوچيو، پر کيس قرآن ڪريم جي آيت ٻڌائي روڪيو ويو ان گندي ۽ بي حيا انسان لاءِ دل ۾ محبت رکڻ جو  ڪو جواز ناهي. سيدة نساء اهل الجنة فاطمة الزهراء i جي پاڪ ٻچڙن سان جيڪو ظلم يزيد ڪرايو، شهيدن جي سرتاج حضرت حسين جي پاڪ چپن تي لڪڻ هڻندي جنهن کي شرم نه آيو، ان ڪميني ۽ ڪني ڪردار واري يزيد تي حديث مذڪور ۾ بيان ٿيل لعنت وسي ٿي. ابن زياد جهڙي بي رحم ۽ ظالم حضرت مسلم بن عقيل کي بيدرديءَ سان شهيد ڪري ۽ ڪربلا جي دردناڪ واقعي کي قائم ڪري حضرت حسين پاڪ جي پاڪ نياڻين، ننگن ۽ نهُرن کي پردي مان ٻاهر ڪڍي دربار ۾ گهرائي، ڪربلا جي واقعي کي پنهنجي فتح جو ڏينهن سمجهي خوشي ملهائي، لٽيل ۽ ڦريل قافلي کي ڏسي فتح جا شعر چيا، اهي اهڙا برا ۽ بڇڙا ڪم آهن، جن مان نه صرف ابن زياد ملعون، پر ان جي وڏي ۽ ان کي مقرر ڪرڻ واري يزيد جي اهل بيت نبوت  سان کلي دشمني ۽ بغض ظاهر آهي. اهي سڀئي ڪم يزيد جي امر ۽ خوشيءَ سان ٿيڻ سج کان وڌيڪ روشن ڳالهه آهي نه انهن جو انڪار ٿو ڪري سگهجي ۽ نه انهن جي ڪندڙن کي لعنت کان بچائي ٿو سگهجي.

 ڇهون ڪم جنهن جي ڪندڙ تي مذڪور حديث ۾ لعنت آيل آهي اهو حضور q جي سنت پاڪ کي ڇڏڻ آهي ۽ يزيد جيڪو فرض عين به ادا نه ڪندو هو، ان وقت سنت جي ڪهڙي اهميت هوندي، جيڪو اندر جي اکين جو انڌو آقاءِ نامدار ﷺ جي رسالت ۽ نبوت کي پنهنجي حڪومت ۽ بادشاهي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي رهيو هو (جيئن ان جو اهو شعر اڳ ۾ لکي آيا آهيون) اهو لعنت جو مستحق نه هوندو ته ٻيو ڪير هوندو؟ مسلمانو! يزيد جي ڪردار کي جيئن مستند معتبر تاريخن لکيو آهي ذرا غور سان پڙهو ته اها ڳالهه صاف ۽ واضح آهي.

حديث !: سرڪار مدينه سرور قلب وسينه ﷺ جن جو پاڪ فرمان عالي شان آهي ته: حُرِّمَتِ الْجَنَّةُ عَليٰ مَنْ ظَلَمَ أَهْلَ بَيْتِيْ وَآذَانِيْ فِيْ عِتْرَتِيْ  (نورالابصار: ص 123 - مطبوعه مصر)

ترجمو: ان تي جنت حرام آهي، جنهن منهنجي اهل بيت تي ظلم ڪيو ۽ مون کي منهنجي اولاد (جي باري) ۾ ايذايو.

قارئين ڪرام! ذرا هن کان اڳ ۾ مذڪور تفسيرن جي حوالن ۽ نبوي حديثن ۽ انهن جي شرحن ۾ مذڪور انهن يزيدي ظلمن تي غور ڪيو، جيڪي آل رسول ﷺ سان ڪيا ويا ته اوهان کي صاف صاف معلوم ٿيندو ته يزيد ۽ ان جا ساٿي يقينًا جهنمي آهن، انهن تي جنت حرام آهي، بلڪه مان عرض ڪندس ته هن وقت ان جا حامي به ساڳئي سزا جا مستحق ۽ ملعون آهن.

حديث ۾: حَدَّثَتْنِيْ سَلْمٰى قَالْتْ :  دَخَلْتُ عَلىٰ أُمِّ سَلَمَةَ وَهِىَ تَبْكِىْ فَقُلْتُ مَا يُبْكِيْكِ“؟ قَالَتْ: رَأَيْتُ رَسُوْلَ اللّٰه ِ تَعْنِىْ فِي الْمَنَامِ وَعَلىٰ رَأْسِهِ وَلِحْيَتِهِ التُّرَابُ فَقُلْتُ مَالَكَ يَارَسُوْلَ اللّٰهِ قَالَ: ” شَهِدْتُ قَتْلَ الْحُسَيْنِ آنِفًا (ترمذي: ج2 ص 218- مشڪواة: ص 562- معجم ڪبير

طبراني: ج23 ص 373 طبع بغداد- دلائل النبوّة للبيهقي طبع بيروت: ج 7 ص 48- ما ثبت من السنة: ص 20- تاريخ الخلفاء للسيوطي: ص 145)

ترجمو: بيبي سلمى کان روايت آهي ته مان (مومنن جي ماءُ سيده) اُمِّ سلمہ i وٽ ويس ته پاڻ روئي رهي هئي. مون کيس عرض ڪيو ته : تو کي ڪهڙي ڳالهه روئاري ٿي؟ فرمايائين ته”مون هينئر ننڊ ۾ رسول الله ﷺ جن کي روئندي ڏٺو آهي ۽ سندن مٿو (پاڪ) ۽ ڏاڙهي (مبارڪ) غبار آلود هئا. مون کين عرض ڪيو ته يارسول الله ﷺ اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ فرمايائون ته ”مان هاڻي حسين (رضي الله) جي شهادت تي حاضر ٿيو هوس. (اتي جنگ جي دوران اڏامندڙ غبار سندن مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهيءَ سونهاري تي لڳل هو).

مسلمان ڀائرو! ذرا زحمت گوارا ڪري يزيد جي يارن کان پڇو ته: هن حديث مبارڪ جي مطابق جڏهن محبوب پاڪ ﷺ جن شهادت جي ميدان ۾ تشريف فرما ٿيا هوندا ته پنهنجن ٻچن تي بيحساب ظلم ٿيندي ۽ سندن دردناڪ حالت کي مشاهدو ڪندي، سندن اندر پاڪ مان ڪهڙي آهه نڪتي هوندي؟  يزيدين جي لاءِ ڇا سوچيو هوندائون؟ خدا جو خوف رکي ٻڌايو.

حديث ءِ: عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ رَأَيْتُ النَّبِيَّ فِيْمَا يَرَى النَّائِمُ بِنِصْفِ النَّهَارِ وَهُوَ قَائِمٌ أَشْعَثَ أَغْبَرَ بِيَدِهٖ قَارُوْرَةٌ فِيْهَا دَمٌ فَقُلْتُ بِأَبِي أَنْتَ وَأُمِّيْ يَا رَسُوْلَ اللّٰهِ مَا هٰذَا قَالَ هَذَا دَمُ الْحُسَيْنِ وَأَصْحَابِهٖ لَمْ أَزَلْ أَلْتَقِطُهٗ مُنْذُ الْيَوْمِ فَأُحْصِيَ ذَالِكَ الْوَقْتَ فَأَجِدُ قُتِلَ ذَالِكَ الْوَقْتَ (معجم الڪبير طبراني: جلد3 ص81- مشڪواة المصابيح: ج3 ص347- دلائل النبوّة للبيهقي: ج7 ص 48)

ترجمو: سيدنا حضرت ابن عباسt کان روايت آهي ته  مون نبي (پاڪ) ﷺ جن کي ننڊ ۾ ڏٺو ته سندن وار (مبارڪ) کليل ۽ (سندن) منهن (مبارڪ) غبار سان ڀريل هو ۽ سندن هٿ (مبارڪ) ۾ شيشو هو جيڪو رت سان ڀريل هو. مون کين عرض ڪيو ته: اوهان تان منهنجو ابو امان قربان هي ڇا آهي؟ فرمايائون ته ”هي حسين ۽ ان جي ساٿين جو رت آهي، اڄ مان ان کي يڪو گڏ ڪري رهيو آهيان“ پوءِ مون ان وقت تي غور ڪيو ته بالڪل اهو ئي (حضرت حسين جي) شهادت جو وقت هو.

مسلمان ڀائرو! هن حديث تي غور ڪري ٻڌايو ته حضور ﷺ جن جي نگاهه ۾ سيدنا حسين ۽ ان جي ساٿين جي ڪيتري اهميت هئي ۽ ظاهر آهي ته انهن تي ظلم ڪندڙن جي لاءِ حبيب اڪرم نور مجسم ﷺ جن جي دل ۾ ڪيترو غصو ۽ رنج هوندو، پر عجب انهن ماڻهن جو آهي جيڪي يزيد جا يار ٿي آقا q جي دل آزاري ڪري رهيا آهن. حضرت حسين پاڪ رضي الله سان محبت رکڻ اسان اهل السنة والجماعة جو ايمان آهي. حضرت حبيب پاڪ q جي طرفان حضرت حسين پاڪ ۽ ان  جي ساٿين جي رت کي گڏ ڪرڻ ڪا ٿوري ڳالهه نه آهي. جنهن مهل پاڻ انهن جي دردناڪ حالت کي ملاحظه فرمايو هوندائون ته ان مهل يزيد ۽ ان جي  ساٿين لاءِ سندن

روح مبارڪ مان ڪهڙي دعا نڪتي هوندي؟ فَاعْتَبِرُوْ ايٰا اُولِي الْاَبْصَارِ.

حديث ءَ: عَنْ اَنَسِ ابْنِ الْحَارِثِ يَقُوْلُ سَمِعْتُ رَسُوْلَ اللّٰهُ  يَقُوْلُ اِنَّ ابْنِيْ هٰذَا يَعْنِي الْحُسَيْنَ يُقْتَلُ بِاَرْضٍ يُّقَالُ لَهَا کَرْبَلاءُ فَمَنْ شَهِدَ مِنْکُمْ فَلْيَنْصُرَهٗ           (الاصابة في تمييز الصحابة: ج1 ص 68- البداية والنهاية: ج8 ص217)

ترجمو:  حضرت انس بن حارث فرمائي ٿو ته مون سرورِ ڪون ومڪان سيد انس وجان ﷺ جن کي فرمائيندي ٻُڌو ته بلاشڪ منهنجو هيءُ پٽ يعني (حضرت) حسين ان زمين ۾ شهيد ڪيو ويندو جنهن کي ڪربلا سڏيو ٿو وڃي پوءِ اوهان مان جيڪو اتي حاضر هجي اهو ان جي مدد ڪري.

هن حديث مان واضح ٿيو ته حضرت حسين رضي الله حق تي هو، تڏهن پاڻ ان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ حڪم فرمايائون ۽ جڏهن حضرت حسين حق تي هو ته ان جي دشمنن جو ناحق تي هجڻ بديهي ۽ لازمي امر آهي ۽ جڏهن اهي ناحق تي هئا ته انهن جا حامي به يقينًا ناحق تي چيا ويندا. جن کي الٰهي عذاب کان سواءِ ڇا پلئه پوندو. سچن مسلمانن جي دلين ۾ محبت ادب ۽ احترام آهي ته حضرت حسين ۽ ان جي ساٿين جي لاءِ آهي.

رزم کا میدان بنا ہے جلوہ گاہ حسن و عشق

کربلا میں ہو رہا ہے امتحانِ اہل بیت

سيدنا علي المرتضى a جو ارشاد: حضرت شير خدا جي ساٿين جو بيان آهي ته اسين سندن شخصيت سان گڏ ڪربلا جي سرزمين

کان لنگهياسون ته  پاڻ اتي فرمايائون: ” مَنَاخُ رِكَابِهِمْ أَمَامَهُ ، وَمَوِضِعُ رِحَالِهِمْ و مِهْراقُ دِمَائِهِمْ فِئَةٌ مِّنْ اُمَّةِ مُحَمَّدٍ () يُقْتَلُوْنَ فِيْ هٰذِهِ الْعَرِيْضَةِ تَبْکِيْ عَلَيْهِمُ السَّمَآءُ وَالْاَرْضُ (نورالابصار: ص 140) يعني نبي

ڪريم ﷺ جي امت مان هڪ جماعت هتان لنگهندي. هتي انهن جي اُٺن ويهارڻ جي سامانن رکڻ ۽ رت وهائڻ جون جايون هونديون، اهي هتي شهيد ڪيا ويندا انهن تي آسمان ۽ زمين روئندا. هن ارشاد مبارڪ مان معلوم ٿيو ته اهي حق تي هوندا تڏهن انهن تي آسمان ۽ زمين روئندا ۽ انهن کي شهيد ڪندڙ سراسر ناحق تي ۽ ظلم ڪندڙ هوندا. ان جي ڪري اسين چئون ٿا ته انهن ظالمن کي صحيح چوندڙ انهن جي حمايت ۾ ڪاغذ ڪارا ڪندڙ انهن سان گڏ ظالم آهن.

معقول ۽ منقول جي ماهر علامه جامي :لکيو آهي ته ”حضرت علي a کي ان واقعي جو علم هو ۽ پاڻ ان ميدان مان لنگهندي، ان ميدان کي ڏک ۽ مصيبت واري سرزمين سڏيو هئائون . (شواهد النبوة: ص 286- البداية والنهاية: جلد8 ص 205- المستدرک للحاکم: ج3 ص 177- سرّ الشهادتين: ص 85- سوانح کربلا: ص 61- تهذيب التهذيب: ج2 ص 243- نورالابصار: ص 140)

رنگ جب لائے گی محشر میں تو اڑ جائے گا  زنگ

یوں نہ کہیے سرخیِء خونِ شہیدان کچھ نہیں

حديثءُ: قَالَ أَبُوْهُرَيْرَةُ سَمِعْتُ الصَّادِقَ الْمَصْدُوْقَ يَقُوْلُ: ”هَلَكَةُ أُمَّتِي عَلَى يَدَيْ غِلْمَةٍ مِنْ قُرَيْشٍ

(بخاري شريف: ج2 ص 1046- مشڪواة: ص 554- دلائل النبوّة للبيهقي: ج6 ص255)

ترجمو: حضرت ابوهريره  رضي الله بيان ڪري ٿو ته مون سيدنا رسول الله ﷺ جيڪو سچو ۽ تصديق ڪيل آهي، کي فرمائيندي ٻُڌو ته منهنجي امت جي هلاڪت قريشين مان نوجوانن جي هٿ تي ٿيندي.

هن حديث جو شرح ڪندي علامه ابن حجر لکيو آهي ته”ابن ابي شيبہ جي روايت ته (حضرت) ابوهريره رضي الله بازار ۾ هلندي چوندو هو ته اي الله! مون کي سن سٺ ۽ ڇوڪرن جي امير هجڻ واري دور کي نه پهچائجان“. ان ۾  هن ڳالهه ڏانهن ئي اشارو آهي ڇوڪرن مان پهريون ڇوڪرو يزيد بن معاويہ هو، جيڪو سال 60 هه ۾ حڪومتي سربراهه ٿيو جيئن (حضرت) ابوهريره  رضي الله جي قول ۾ مذڪور آهي. يزيد گهڻو ڪري وڏي عمر وارن کي شهرن جي امارت تان هٽائي، انهن جي جاين تي پنهنجن مائٽن مان ننڍن ڇوڪرن کي رکندو هو. ( فتح الباري: ج 13 ص 7)

علامه عيني لکيو آهي ته: ”وأولهم يزيد عليه ما يستحق وكان غالبا ينزع الشيوخ من إمارة البلدان الكبار ويوليهاالأصاغر من أقاربه“ يعني انهن مان پهريون يزيد هو، اهو زوريءَ غلبو ڪندڙ حاڪم

هو، وڏي عمر وارن کي شهرن جي امارت تان لاهي، انهن جي جاءِ تي پنهنجن مائٽن مان ننڍن کي والي بنائيندو هو.

 هڪ نڪتو: علامه عيني جو يزيد جي باري ۾ ”عليہ ما يستحقہ“ لکڻ يزيد جي متعلق سندس خيال کي ڪافي واضح ڪري ٿو. ملت اسلاميه جو هميشه هي دستور رهيو آهي ته محبوب ڪريم ﷺ جي پاڪ نالي سان گڏ ﷺ پڙهندا ۽ لکندا آهن ۽ ٻين نبين سڳورن -جي نالن پاڪن سان (j)  لکندا آهن ۽ صحابہ ڪرام ۽ اهلبيت اطهار جي نالن سان گڏ # يا رحمة الله لکندا آهن، پر جڳ جي مشهور محدث علامہ عيني يزيد جي متعلق رضي الله يا رحمة الله جي بجاءِ ”عليہ ما يستحقہ“ لکيو آهي، جنهن مان واضح ٿيو ته پاڻ يزيد خبيث کي الله p جي رضا ۽ رحمت جو لائق نه سمجهيائين، پر ”عليہ ما يستحقہ“ (ان تي اهو ئي آهي، جنهن جو اهو حقدار ۽ لائق آهي) چئي ان کي الٰهي عذاب ۽ لعنت جو مستحق قرار  ڏنو اٿس.  محدث مذڪور اصل ۾ اهو طريقو به بخاري شريف جي حديث مان ورتو آهي، جيڪا حضرت انس کان روايت آهي حضور ﷺ جن

فرمايو: ”إِذَا سَلَّمَ عَلَيْكُمْ أَهْلُ الْكِتَابِ فَقُوْلُوْا وَعَلَيْكُمْ“ يعني جڏهن

اهل ڪتاب (يهودي ۽ نصارى) اوهان تي سلام ورائن ته (انهن کي جواب

۾)  ” وَعَلَيْكُمْ “ (۽ اوهان تي به) چوندا ڪريو،ڇو ته انهن کي هيئن نٿو

چئي سگهجي ته اوهان تي به سلام يا سلامتي هجي، پر انهن تي اهو آهي جنهن جا اهي حقدار آهن. يعني لعنت ۽ عذاب. علامه عيني اهائي سوچ رکندي مذڪور الفاظ لکيا آهن.

حديثءٌ: قَالَ أَبُوْهُرَيْرَةُ سَمِعْتُ حِـبِّي أَبَا الْقَاسِمِ يَقُوْلُ: ”إِنَّ فَسَادَ أُمَّتِيْ عَليٰ يَدَيْ غِلْمَةٍ سُفَهَاءَ مِنْ قُرَيْشٍ

(مسند احمد بن حنبل: ج2 ص458- فتح الباري: ج9 ص 11- ارشاد الساري: ج1 ص 170- )

ترجمو: حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته  منهنجي محبوب حضرت نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ”منهنجي امت ۾ فساد قريشين مان بيوقوفن ننڍي عمر وارن جي هٿان ٿيندو“.

مذڪوره روايت جي شرح ۾ علامه قسطلاني لکيو آهي ته حديث پاڪ ۾ ذڪر ڪيل ڇوڪرن مان پهريون يزيد هو، جيڪو سن 60 هه ۾ حڪومت ۾ ڏنو ويو.

حديث۽: ابن ابي شيبہ حضرت ابو هريره رضي الله کان روايت آندي آهي حضور ﷺ جن فرمايو:”مان ڇوڪرن جي حڪومت کان الله جي پناهه ٿو وٺان“ ۽ پاڻ اهو به فرمايائون ته ”جيڪڏهن اوهان انهن جي اتباع ڪندؤ ته اوهان جو دين تباهه ڪندا ۽ جيڪڏهن انهن جي اتباع نه ڪندؤ ته اوهان جي دنيا تباهه ڪندا. اوهان جا مال کسيندا يا جان ۽ مال ٻئي برباد ڪندا“. مصنف ابن ابي شيبہ ۾ آهي ته: حضرت ابو هريره رضي الله جڏهن دعا گهرندو هو ته چوندو هو يا الله! مون کي ڇوڪرن جي حڪومت واري دور کان بچائجان. ۽ ٿيو به ائين جو پاڻ ان دور کان پهريان وفات ڪري ويو.

علامه علي القاري لکيو آهي ته ” لعله اريد بهم الذين کانوا بعد الخلفاء الراشدين مثل يزيد و عبدالملک بن مروان وغيرهما (مرقاة

شرح مشڪواة: ج10 ص 120) يعني شايد ان مان مراد خلفاءِ راشدين کان بعد ۾ اچڻ وارا آهن جيئن يزيد ۽ عبدالملڪ بن مروان وغيرهما.

علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمة الله لکيو آهي ته ”مراد بآں غلمۃ کشندگان عثمان و علی و حسن و حسین اند...و مراد یزید بن معاویہ و عبداللہ بن زیاد و مانند ایشاں اند از احداث و نوسالاں بنی امیہ خذلہم اللہ وبتحقیق صادر شد از ایشاں قتل اہل بیت پیغمبر ﷺ و بند کردن ایشاں و کشتن خیار مہاجرین وانصار آنچہ شد

(اشعة اللمعات: ج4 ص 303) يعني نبوي ارشاد  ۾ مذڪور ڇوڪرن مان مراد حضرت عثمان حضرت علي حضرت حسن ۽ حضرت حسين کي شهيد ڪندڙ آهن ۽ انهن ڇوڪرن مان مراد يزيد بن معاويہ، عبدالله بن زياد ۽ بني اميه جا نوجوان آهن (الله انهن کي خوار ڪيو) ۽ اهل بيت رسول ﷺ کي شهيد ۽ قيد ڪرڻ ۽ ڀلن مهاجرن ۽ انصارن کي شهيد ڪرڻ به تحقيق سان انهن کان ثابت آهي. ساڳي تشريح مولوي قطب الدين به مشڪوات جي اردو شرح ۾ لکي آهي. (مظاهر حق: ج4 ص 295)

علامه ابن حجر عسقلاني مذڪور حديث جي لفظ ”غلمة“ ۽

”اغيلمة“ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ”وقد يطلق الصَّبِيُّ والغليم بالتصغير عليٰ ضعيف العقل والتدبير والدين ولو کان محتلما وهو المراد هنا فان الخلفاء من بني أمية “ يعني ”غلمة“  يا ”اغيلمة“ جو  لفظ (صرف

ننڍي عمر واري تي نه پر) هر اهڙي شخص تي به ڳالهايو ويندو آهي، (جيڪو عمر ۾ وڏو هجڻ جي باوجود) عقل ۾ گهٽ غير مدبر ۽ ايمان ۾ ڪمزور هوندو آهي. ظاهر  ۾ ڀلي بالغ هجي ۽ انهن بي عقل ايمان ۾ ڪمزورن غير مدبر ۽  ظالم نوجوانن مان مراد بنو اميہ جا حڪمران يزيد مروان وغيره آهن.

حديث٭: شيخ عبدالرحمان مالڪي بخاري ۽ مسلم جي حوالي سان هڪ حديث حضرت ابوهريره رضي الله کان لکي آهي ته: حضور q جن فرمايو: ”ماڻهن کي قريشين مان هڪ جماعت هلاڪ ڪندي“ حضرت ابوهريره رضي الله فرمايو: مان جيڪڏهن گهران ته انهن جا نالا به ٻڌايان (پر فساد جي خطري کان انهن جا نالا نه ٿو ٻڌايان).

هن حديث ۾ بني اميه (مان نوجوانن جي) حڪومت ۾ پيدا ٿيندڙ فساد  جي خبر آهي. حضرت امام حسين ۽ ان  کانپوءِ ڪيترن صحابن جي يزيد پليد عنيد بي ديد جي امر سان سندس لشڪر جي هٿان شهادت ٿي. (مشارق الانوار: ص284)

حديث): قَالَ حُذَيْفَةُ قُلْتُ يَا رَسُوْلَ اللّٰهِ أَبَعْدَ هٰذَا الْخَيْرِ شَرٌّ قَالَ فِتْنَةٌ عَمْيَاءُ صَمَّاءُ عَلَيْهَا دُعَّاةٌ عَليٰ أَبْوَابِ النَّارِ

(ابوداؤد: جلد2 ص 232- مسند احمد بن حنبل: ج5 ص386- صحيح ابن حبان: ج18 ص271)

ترجمو: حضرت حذيفه رضي الله کان روايت آهي ته: مون عرض ڪيو ته يارسول اللهﷺ! ڇا هن ڀلائي کان پوءِ برائي به ايندي؟ فرمايائون  ته  ”فتنو انڌو ٻوڙو (ايندو) جهنم جي دروازن تي بيٺل سڏيندڙ“ (سڏيندا).

هن حديث جي شرح ڪندي محمود الحسن ديوبندي، انور شاهه صاحب ڪشميري، خليل احمد سهارنپوري ۽ شبير احمد عثماني ديوبندي مڪتبه فڪر جي وڏن عالمن جي تقريرن مان فائدو وٺندي، محمد

صديق نجيب آبادي لکيو آهي ته: ”لا يبعد ان يحمل هٰذا عليٰ ما وقع في ايام يزيد بن معاوية من قتل الحسين بن علي رضي الله عنهما“.

(انوار المحمود شرح ابي داؤد) يعني هن حديث ۾ مذڪور انڌي ۽ ٻوڙي فتني مان مراد اهو فتنو آهي، جيڪو يزيد بن معاويه جي (حڪومت وارن) ڏينهن ۾ حضرت حسين بن علي ۽ (ٻي) جماعت جي شهيد  ڪرڻ سان واقع ٿيو هو.

علامہ آلوسي بغدادي رحمة الله لکيو آهي ته: ”وما أخبر به الرسول ﷺ من فساد الدين علىٰ أيدي أغيلمة من سفهاء قريش  وقد كان أبوهريرة رضي الله تعالى عنه يقول : لو شئت أن أسميهم بأسمائهم لفعلت أو المراد الأحاديث التي فيها تعيين أسماء أمراء الجور وأحوالهم وذمهم ، وقد كان رضي الله تعالى عنه يكني عن بعض ذلك ولا يصرح خوفاً علىٰ نفسه منهم بقوله : أعوذ بالله سبحانه من رأس الستين وإمارة الصبيان يشير إلىٰ خلافة يزيد الطريد لعنه الله تعالىٰ علىٰ رغم أنف أوليائه لأنها كانت سنة ستين من الهجرة واستجاب الله تعالى دعاء أبي هريرة رضي الله تعالىٰ عنه فمات قبلها بسنة“ يعني جيڪا

حضور ﷺ  جن بيوقوفن گهٽ عمر وارن حاڪمن جي هٿان دين جي فساد جي خبر ڏني آهي حضرت ابوهريره رضي الله فرمايو ته ”جيڪڏهن مان گهران ته انهن جا نالا به ٻڌائي سگهان ٿو“ يا مراد اهي حديثون آهن، جن ۾ ظالمن حاڪمن جا نالا انهن جي حالات ۽ سندن برائي  بيان ٿيل آهي، پر حضرت ابوهريره رضي الله پنهنجي جان جي خطري ۽ ڊپ کان ڪنهن جو نالو کولي بيان نه ٿي فرمايو، البت  اشاري ۽ ڪنايه سان بعض جو ذڪر ڪندي، چوندو هو ته ”مان سن سٺ 60 هه جي شروعات ۽ ننڍي عمر وارن حاڪمن جي دور ۾ هجڻ کان الله p جي پناهه ٿوگهران. اهو سندس اشارو يزيد مردود جي حڪومت واري دور ڏانهن هو. (ان يزيد تي الله جي لعنت آهي ۽ ان جي ساٿين جي منهن ۾ ڌوڙ هجي) يزيد سن سٺ 60 هه ۾ حڪمران بنيو ۽ الله p حضرت ابوهريره رضي الله جي دعا قبول فرمائي جو ان يزيدي حڪومت کان هڪ سال اڳ ۾ 59 هه ۾ وفات ڪئي.

جب سرِ محشر وہ پوچھیں گے بُلا کے سامنے

کیا جواب جرم دوگے تم خدا کے سامنے

حديث(: حضرت زيد بن ارقم رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ

جن حضرت علي، فاطمہ، حسن ۽ حسين U جي لاءِ فرمايو:” اَنَا حَرْبٌ لِمَنْ حَارَبَهُمْ وَ سَلْمٌ لِمَنْ سَالَمَهُمْ“ يعني مان ان سان جنگ ڪندڙ آهيان

جنهن انهن سان جنگ ڪئي ۽ ان سان صلح ڪندڙ آهيان، جنهن انهن سان صلح ڪيو. مطلب ته جيڪو انهن سان دنيوي ڪرسي وغيره جي لالچ ۾ وڙهندو، اهو ڄڻ مصطفى ﷺ سان وڙهيو ۽ قرآن ڪريم حضور

ﷺ سان وڙهندڙن جي لاءِ ڇا ارشاد فرمايو آهي. پڙهي ڏسو: ”إِنَّمَا جَزَاءُ الَّذِيْنَ يُحَارِبُوْنَ اللهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَسْعَوْنَ فِي الْأَرْضِ فَسَادًا أَنْ يُقَتَّلُوْا أَوْ يُصَلَّبُوْا أَوْ تُقَطَّعَ أَيْدِيْهِمْ وَأَرْجُلُهُمْ مِّنْ خِلَافٍ أَوْ يُنْفَوْا مِنَ الْأَرْضِ ذَلِكَ لَهُمْ خِزْيٌ فِي الدُّنْيَا وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ (سورة المائده: آيت 23)

(بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي الله ۽ ان جي رسول سان جهيڙو ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن جي سزا هيءَ آهي جو قتل ڪيا وڃن  يا ڦاسي تي چاڙهيا وڃن، يا انهن جا هٿ ۽ پير ابتا وڍيا وڃن، يا زمين مان تڙيا (جلاوطن ڪيا ) وڃن. انهن جي لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن جي لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي) ۽ ٿيوبه ائين. خولي ملعون کي گرفتار ڪري جڏهن مختار ثقفيءَ وٽ آندو ويو، تڏهن ان پهريان ان جا هٿ ۽ پير وڍرايا پوءِ ان کي  سوريءَ تي ٽنگرايو، بعد ۾ سندس جسم کي باهه ۾ وجهرايو. ان نموني سان ڇهن هزارن ڪوفين کي، جيڪي حضرت امام حسين سهڻي رضي الله جي شهادت ۾ شريڪ هئا، مختار ثقفي قسمين قسمين جا عذاب ڏئي ختم ڪرايو. (سوانح ڪربلا: ص 117 از علامه نعيم الدين مراد آبادي رحمة الله)

ٻيءِ جاءِ تي  الله p جو ارشاد آهي:”إِنَّ الَّذِيْنَ يُحَادُّوْنَ اللهَ وَرَسُوْلَهُ كُبِتُوا (سورة المجادلہ: آيت 5) ”بيشڪ جيڪي الله ۽ ان جي رسول

جي مخالفت ڪن ٿا ذليل ڪيا ويندا“. ٽيئن جاءِ تي فرمان عاليشان آهي:

إِنَّ الَّذِيْنَ يُحَادُّوْنَ اللهَ وَرَسُوْلَهُ أُولٰٓئِكَ فِي الْأَذَلِّيْنَ (سورة المجادلہ: آيت 20)

”بيشڪ جيڪي الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا، اهي ذليلن ۾

آهن“. چوٿين جاءِ تي ارشاد آهي: ”أَ لَمْ يَعْلَمُوْا أَنَّهُ مَنْ يُّحَادِدِ اللهَ وَرَسُوْلَهٗ فَأَنَّ لَهٗ نَارَ جَهَنَّمَ خَالِدًا فِيْهَا ذَالِكَ الْخِزْيُ الْعَظِيْمُ (سورة التوبہ: آيت 63)

اهي ڄاڻ نه ٿا رکن ته جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪندو، ان لاءِ يقينًا جهنم جي باهه آهي ان ۾ هميشه هوندو اها وڏي خواري آهي.

قارئين ڪرام! اوهان محبوب پاڪ q جو فرمان به پڙهيو ۽ الله p جا ارشاد به پڙهيا. هاڻي پاڻ فيصلو ڏيو ته جيڪو شخص محبوب q جي ايذاءَ جو سبب بڻيو، جنهن جي ظلمن جي ڪري محبوب پاڪ جي دل آزاري ٿي، جنهن ڌوڪي سان حضرت حسن رضي الله کي زهر ڏياريو سيدنا حسين ۽ ان جي خاندان کي شهيد ڪرائڻ سان گڏ سندن پاڪ جسمن تي گهوڙا هلايا ۽ انهن جي سرن مبارڪن کي نيزن تي لٽڪيل ڏسي خوشيءَ جا جشن ملهايا، ملحدانه شعر چيا، مديني طيبہ ۾ رهندڙن پاڪ عورتن جون عزتون لٽرايائون، انهن جي ٻچڙن کي ڀتين تي رکرائي لوهه جا رنبا سندن سينن ۾ اهڙا ٺوڪرايا، جو انهن جي سينن مان لنگهي ڀتين ۾ اندر لنگهي ويا ۽ اهي ننڍڙا ٻارڙا تڙپندي تڙپندي شهيد ٿي  ويا. ڇا انهن جي مائرن جي اندر مان آهون نه نڪتيون هونديون ۽ نبوي مسجد ۾ ٽي ڏينهن اذان نه آئي. منبر پاڪ تي جانور چڙهيو ويٺا هئا. ڪئين اصحابي ۽ تابعي ڀلارا شهيد ڪري مدينه منوره جي گهٽين کي رت سان ڀريو ويو. انهن جي گهرن ۾ گهڙي سندن هر قسم جا مال سون ۽ چاندي لٽيا ويا. ان کان پوءِ مڪه مڪرمه البلد الامين تي حملو ڪرايو ويو، جنهن دوران بيت الله شريف جي مٿان پٿر وسايا ويا، جنهن جي ڪري  باهه لڳي ۽ بيت الله شريف جي ڇت ۽ اتي ڪعبه ڪريم جي ديوار تي لڳل سيدنا اسماعيل جي عيوض آيل دنبي جا سڱ به سڙي ويا وغيره وغيره (جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون ۽ اڳتي به لکنداسون ان شاءَالله العزيز).

مسلمان ڀائرو! ڇا يزيد انهن سڀني براين ۽ بڇڙاين جي هوندي الله ۽ ان جي رسول q جي مخالفت نه ڪئي؟ دنيوي ذلّت ۽ اخروي عذاب ۽ لعنت جو حقدار نه ٿيو؟ ضرور ٿيو ۽ سڀ سزائون کائيندو. حضور q جن مهربان هجڻ سان گڏ قدرتي تلوار وانگر به آهن، جنهن سان بي دينن کي ڪَٽيو ويندو آهي. جيئن حبيب پاڪ q جي پياري صحابي حضرت ڪعب بن زهير رضي الله جو شعر آهي:

إِنَّ الرَّسُوْلَ لَنُوْرٌ يُّسْتَضَاءُ بِهٖ

مُهَنَّدٌ مِنْ سُيُوْفِ اللهِ مَسْلُوْلٗ

بلاشڪ رسول (q) البت نور آهي، جنهن سان روشني حاصل ڪئي ويندي آهي، الله جي تلوار مان ڇڪي ڪڍيل هندي تلوار آهي.

حديث: حضرت ضمري ۽ عبدالله بن عدي کان روايت آهي ته اسين (حضرت) حمزه (رضي الله) جي قاتل وحشيءَ وٽ وياسين، (جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو هو) ان ٻڌايو ته: مون جڏهن حضور q وٽ وڃي ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيو ته پاڻ مون کي فرمايائون: اي وحشي! مون کان منهن پري ڪر (منهنجي سامهون نه ويهندو ڪر) ڇو ته مان انهن سان محبت نه رکندو آهيان، جن منهنجي پيارن کي شهيد ڪيو“. (المعجم الاوسط للطبراني: ج2 ص 476- الصواعق المحرقہ: ص194- البداية والنهاية: ج4 ص 18- حياة الصحابہ: ج1 ص 597)

محترم ڀائرو! مذڪوره روايت تي غور ڪيو ته جڏهن حضور ﷺ جن پنهنجي شهيد چاچي سيدنا حمزه رضي الله جي قاتل وحشي جي منهن ڏسڻ کي پسند نه ٿي فرمايو ته سندن پاڪ اولاد سان طرحين طرحين ۽ قسمين قسمين ظلم ڪندڙن ۽ ظلم ڪرائڻ واري يزيد  ڏانهن سندن دل ڪهڙي ٺريل هوندي؟ جنهن يزيد جا الفاظ آهن:

قَدْ قَتَلْنَا الْقَرْنَ مِنْ سَادَاتِهِمْ

وَ عَدَّلْنَا مَيْلَ بَدْرٍ فَاعْتَدَلِ

(الصواعق المحرقة: ص220- البداية والنهاية: ج8 ص 224)

يعني اسان نبي پاڪ q جي اولاد مان سندن سردارن کي قتل ڪري بدر جي جنگ ۾ اسان جي قتل ڪيلن جو پلاند ڪيو آهي هاڻي حساب برابر ٿي ويو آهي.

مسلمانو! يزيد اهو بدبخت آهي، جنهن جي پيدائش کان تقريبًا ويهه سال پهريان حضور ﷺ جن ان جو نالو وٺي سندس فاسق ۽ فاجر هجڻ بيان فرمايو هو. سڀني محدثن ڀلارن محمدي امت کي هلاڪ ڪندڙهن نوجوان بيوقوف حاڪمن مان پهريون ننڍي عمر واري عقل جو ڪوتاه حاڪم يزيد کي لکيو آهي، جنهن جي ظلم جي داستانن سان تاريخ جا مستند ۽ معتبر ڪتاب ڀريا پيا آهن.

حديث: حضرت ابو ذر رضي الله کان روايت آهي ته اهو بيت الله شريف جي دروازي جي ڪڙي ۾ هٿ وجهي فرمائي رهيو هو ته مون نبي پاڪ

ﷺ جن کان ٻڌو پاڻ فرمائي رهيا هئا : ”اِنَّ مَثَلَ أَهْلِ بَيْتِيْ فِيْکُمْ مَثَلُ سَفِينَةِ نُوحٍ ، مَنْ رَكِبَ فِيْهَا نَجَا وَمَنْ تَخَلَّفَ عَنْهَا هَلَکَ (مسند احمد- مشڪواة

شريف: ص 565) منهنجي اهل بيت جو اوهان ۾ مثال (حضرت) نوح (على نبينا و q) جي ٻيڙيءَ وارو آهي، جيڪو ان ۾ چڙهيو، ڇُٽي ويو ۽ جيڪو ان کان پوئتي رهجي ويو هلاڪ ٿي ويو.

 هن روايت مان معلوم ٿيو ته حضور ﷺ جا اهل بيت سندن امت جي ڇوٽڪاري ۽ بچاءَ جو ائين ذريعو آهن، جيئن حضرت نوح (على نبينا و q) جي مٿان ايمان آڻيندڙن جي لاءِ طوفان کان بچڻ جي لاءِ ان جي ٻيڙي ذريعو هئي. جنهن به شريعت جي دائري ۾ رهندي اهل بيت اطهار سان محبت رکي، اهو ائين بچي ويندو، جيئن حضرت نوح (على نبينا وq) جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ وارا بچي ويا هئا. الله p جو فرمان آهي:

فَأَنْجَيْنَاهُ وَأَصْحَابَ السَّفِينَةِ (سورة العنڪبوت: آيت 15)  پوءِ اسان ان کي ۽

ٻيڙيءَ وارن کي ٻڏڻ کان ڇڏايو (بچايو).

مسلمان ڀائرو! يزيد جي ڪردار کي پڙهي سامهون رکي پوءِ مذڪور حديث تي غور ڪيو ڇا يزيد اهل بيت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي؟ مون کي يقين آهي ته اوهان جو ضمير چوندو ته هرگز نه هرگز نه ان ظالم ته اهل بيت واري ٻيڙيءَ جا تختا ڪڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا هئا. محبوب پاڪ ﷺ جي اهل بيت سان ان ڇا ڇا نه ڪيو هو؟

فائدو: مسلمان ڀائرو! محبوب پاڪ q جن جو بني اميہ وارن نوجوانن ڇوڪرن جي حڪومت جي دور کي پهريان موت جي تمنا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هي حوالا به ڏسي سگهو ٿا، جيڪي ساڳي ڳالهه ورائي ورائي لکڻ کان بچڻ جي لاءِ مون هتي نه لکيا آهن: فتح الباري: ج10 ص 193 طبع ميريہ مصر- صحيح بخاري: باب قول النبي ﷺ هلکة امتي على يدي اغيلمة من قريش- فتح الباري: ج13 ص 8

علامه ابن حجر رحمة الله ”تنبيه“ لفظ آڻي مذڪور باب ۾ لکيو آهي ته ”عجب ٿو لڳي ته مروان انهن ڇوڪرن تي لعنت ڪئي حالانڪه اها ڳالهه ظاهر آهي ته انهن مان ڪي سندس اولاد مان هئا ڄڻ ته الله تعالى ان جي زبان تي اها لعنت جاري ڪرائي، تان ته اها انهن تي مضبوط حجت رهي ۽ شايد اهي نصيحت حاصل ڪن ۽ جن حديثن ۾ مروان جي پيءُ حڪم ۽ ان جي اولاد تي لعنت ذڪر ڪيل آهي، اهي محدث طبراني ۽ ٻين آنديون آهن، جن مان ڪن حديثن جي سَنَدَ ۾ گفتگو آهي ته ڪي سندس جي لحاظ سان جيّد آهن ۽ شايد مراد مذڪور ڇوڪرن جي تخصيص آهي.

حديثڏ:  حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته مون رسول الله

 ﷺ کان ٻڌو پاڻ فرمائي رهيا هئا ته: ”لَيَرْعَفَنَّ عَليٰ مِنْبَرِىْ جَبَّارٌ مِّنْ جَبَابِرَةِ بَنِىْ أُمَيَّةَ يَسِيْلُ رُعَافُهٗ فَأَخْبَرَنِىْ مَنْ رَأَى عَمْرَو بْنَ سَعِيدِ بْنِ الْعَاصِ رَعَفَ عَليٰ مِنْبَرِ رَسُولِ اللهِ ﷺ حَتَّى سَالَ رُعَافُهٗ (البداية والنهاية: ج8

ص311- مجمع الزوائد للهيثمي جلد11 ص495) يعني ”يقينًا بني اميہ جي جابر حاڪمن مان هڪ جابر منهنجي منبر تي چڙهندو، تانجو ان کان رت وهندو“. حضرت ابوهريره رضي الله فرمايو ته پوءِ مون کي ان  ٻڌايو، جنهن (بني اميہ مان)  عمرو بن سعيد بن العاص کي ان حال ۾ ڏٺو، جو رسول الله ﷺ جي (پاڪ) منبر تي چڙهي ويٺو هو ۽ ان جي نڪ مان رت ايترو زور سان نڪتو، جيڪو وهي منبر پاڪ تي لڳو. (صدق رسول الله ﷺ)

حضور q جي قرابت جي عزت ۽ اهميت

حديثڌ:  محدث بخاري پنهنجي ”الصحيح“ ۾ هڪ باب قائم ڪيو آهي، جنهن جا الفاظ آهن ”باب مناقب قرابة النبي ﷺ“يعني نبي پاڪ ﷺ جي قرابت جون ڀلايون. ان کان پوءِ ان ۾ حضرت ابوبڪر صديق

رضي الله جو هي قول روايت ڪيو اٿس: ”اُرْقُبُوا مُحَمَّدًا فِي أَهْلِ بَيْتِهٖ

يعني رسول الله ﷺ جي اهل بيت جي معاملي ۾ سندن خيال رکو. يعني انهن کي نه اذيت ڏيو، نه انهن سان نامناسب ورتاءُ رکو. مذڪور باب ۾

حضرت ابوبڪر رضي الله جو ٻيو قول لکيل آهي: ”وَالَّذِي نَفْسِيْ بِيَدِهِ لَقَرَابَةُ رَسُوْلِ اللهِ أَحَبُّ إِلَيَّ أَنْ أَصِلَ مِنْ قَرَابَتِي“(ان ذات جو قسم آهي،

جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته البت رسول الله ﷺ جي قرابت مون کي پنهنجي قرابت ڳنڍڻ کان وڌيڪ پياري آهي.

حضرت عمر بن خطاب رضي الله جي دل ۾ به حضور q جي قرابت سان عقيدت ۽ بيحد محبت هوندي هئي. جيئن صحيح بخاري

شريف ۾ حضرت انس بن مالڪ رضي الله کان روايت آهي ته : ”أَنَّ عُمَرَ بْنَ الْخَطَّابِ رَضِيَ اللهُ عَنْهُ كَانَ إِذَا قَحَطُوا اسْتَسْقَى بِالْعَبَّاسِ بْنِ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ فَقَالَ اللّٰهُمَّ إِنَّا كُنَّا نَتَوَسَّلُ إِلَيْكَ بِنَبِيِّنَا فَتَسْقِيَنَا وَإِنَّا نَتَوَسَّلُ إِلَيْكَ بِعَمِّ نَبِيِّنَا فَاسْقِنَا قَالَ فَيُسْقَوْنَ“يعني بلاشڪ (حضرت) عمر جي دور ۾

جڏهن ماڻهو ڏڪار ۾ هوندا هئا ته (حضرت) عمر بن خطاب رضي الله (حضرت) عباس بن عبدالمطلب رضي الله جي وسيلي سان مينهن جي لاءِ دعا گهرندو هو پوءِ چوندو هو ته: يا الله! اسين توڏانهن پنهنجي نبي ﷺ سان وسيلو وٺي توکان (مينهن وسڻ لاءِ ) دعا گهرندا هئاسون پوءِ تون اسان کي پاڻي پياريندو (مينهن وسائيندو) هئين ۽ هاڻي توڏانهن پنهنجي نبي ﷺ جي چاچي سان وسيلو وٺي دعا گهرون ٿا پوءِ اسان تي (مينهن وسائي) پاڻي پيار. راويءَ جو بيان آهي ته پوءِ (مينهن وسائي) پاڻي پياريا ويندا  هئا.

سوال: حديث ۾ جن قرابت وارن جو ذڪر آهي، انهن مان مراد ڪير آهي؟

 جواب: علامه نورالحق دهلوي بخاري جي فارسي شرح ۾ لکيو آهي:

مراد از قرابت پیغمبر خدا کسی است کہ منتسب است بعبدالمطلب و مومن است چنانچہ علی مرتضیٰ وابناء او رضی اللہ عنہم  (تيسير القاري: ج3 ص 45 طبع علوي لکنؤ سن

 1302هه) يعني حضور q جي قرابت وارن مان مراد اهو آهي، جيڪو عبدالمطلب (نبي پاڪ q جي ڏاڏي) ڏانهن (اولاد هجڻ جي لحاظ سان) نسبت ڪيل آهي. جيئن علي المرتضى ۽ ان جا پٽ #.

علامه قسطلاني بخاري جي شارح قرابت وارن مان مراد ذڪر

ڪندي  لکيو آهي ته ”کَعَلِيٍّ وَ بَنِيْهِ(ارشاد الساري: ج     ص) يعني علي ۽ ان

جي پٽن وانگر. مذڪور باب جي شرح ۾ علامه ابن حجر فتح الباري ۾ ۽ علامه عيني عمدة القاري ۾ انهن سڀني حضراتن جا نالا به لکيا آهن، جيڪي حضرت عبدالمطلب جي اولاد مان ان وقت زنده هيا ۽ کين رسول الله ﷺ  جي قرابت ۽ نسبت حاصل آهي، انهن ۾ حضرت مسلم بن عقيل به  شامل آهي، جيڪو صورت مبارڪ جي سونهن ۾ حضرت حبيب ڪريم ﷺ سان ملندڙ جلندڙ هو ۽ حضرت عبدالله بن جعفر طيار جا فرزند حضرت عون ۽ حضرت محمد به هئا.

انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اهي ڪم به سوچيو، جيڪي يزيد جي حڪم ۽ رضا تي انهن سان ڪيا ويا، ڇو ته سندس مقرر ڪيل امير ۽ لشڪرن جا اڳواڻ سندس حڪم جا ئي تابع هيا. مشهور ڳالهه آهي ته جڏهن عبدالله بن زياد ملعون وٽ سيدنا حضرت حسن پاڪ رضي الله جو سر مبارڪ آندو ويو ته ان ڪميڻي سندن چپن مبارڪن تي هٿ وارو لڪڻ هڻڻ شروع ڪيو ۽ سندن حُسن مبارڪ جي لاءِ توهين آميز الفاظ ڪڍيا هئا.  حضرت حسين رضي الله جو حُسن ڪيئن هو حضرت انس رضي الله جو بيان پڙهو.

محدّث بخاري حضرت انس رضي الله کان روايت آهي:  ”كَانَ أَشْبَهَهُمْ بِرَسُوْلِ اللهِ (صحيح بخاري: مناقب الحسن والحسين ج1 ص 35) مسند بزار ۾ هڪ ٻي سَنَدَ سان حضرت انس رضي الله کان روايت آهي ته: ”فَقُلْتُ لَهٗ اِنِّيْ رَأَيْتُ رَسُوْلَ اللهِ يَلْثِمُ حَيْثُ تَضَعُ قُضَيْبَكَ قَالَ فَانْقَبَضَ“ (حضرت انس فرمايو

ته) پوءِ مون يزيد کي چيو ته مون (انهن پاڪ چپن کي) جتي تنهنجو لڪڻ رکيل آهي، رسول الله ﷺ جن کي (چميون ڏيندي) چوسيندي ڏٺو هو. پوءِ ( ان اهو لڪڻ کڻي ورتو) ۽ گهٽجي رهجي ويو.

المعجم الطبراني ۾ حضرت زيد بن ارقم رضي الله کان روايت آهي

ته  ”فَجَعَلَ قُضَيْبًا فِيْ يَدِهٖ فِيْ عَيْنِهٖ وَاَنْفِهٖ فَقُلْتُ ارْفَعْ قُضَيْبَكَ فَقَدْ رَأَيْتُ فَمَ رَسُوْلَ اللهِ فِيْ مَوْضِعِهٖ (فتح الباري: باب مذڪور جزء 21 ص147) يعني ابن

زياد  بدنهاد جي هٿ ۾ به لڪڻ هو، جنهن کي اهو (حضرت) حسين رضي الله  جي (پاڪ) اک ۽ (پاڪ) نڪ ۾ هڻي رهيوهو ( ۽ اهو ڏسي) مون ان کي چيو ته پنهنجو لڪڻ مٿي ڪر. مون انهن جاين تي رسول الله ﷺ جن جي (پاڪ) وات (مبارڪ) کي ڏٺو هو. يعني انهن جاين کي چمي رهيا هئا.

مسلمان ڀائرو! حضور ﷺ جي قرابت جو حضرت  ابوبڪر ۽ حضرت عمر t کي ڪيترو خيال هو، سو به اوهان پڙهيو (جيئن لکي آيا آهيون) ان جي برخلاف يزيد  ۽ ان جي ڪامورن جو جيڪو رويو هو سوبه اوهان پڙهيو.

علامه نورالحق دهلوي صحيح بخاري جي فارسيءَ ٻوليءَ ۾

شرح لکندي  لکيو آهي ته  ”در شرح ایں قضیہ جانگزا جگر آب شدہ و قلم از دست اوفتاد...از حوصلہ طبع مسلمانی بیرون است کہ اشارہ بآن توان نمود (تيسير القاري:

ج3 ص 464) يعني هن ساهه کي ڳاريندڙ واقعي جي کولي لکڻ کان جگر پاڻي ٿي وڃي ٿو ۽ قلم هٿ مان ڪري پوي ٿو... ان جو تفصيل سان لکڻ ته ڇا، ان جو اشاري سان ذڪر ڪرڻ به حوصلہ طبع کان ٻاهر آهي.

مسلمان ڀائرو! جن پيارن جي محبت اسان جو ايمان آهي، جن جي محبت سان صحابي سڳورا U ڀرپور هئا، يزيد انهن جي ڪيتري بي ادبي ڪرائي ۽ ڪئي ان کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته: يزيد وڏو ازلي بدبخت هو.  علامه عبدالله بن محمد بن عامر شهراوي شافعي لکيو آهي ته

لاريب ان الله سبحانه وتعاليٰ قضيٰ عليٰ يزيد بالشقاوة فقد تعرض لاٰل البيت الشريف بالاذيٰ فارسل جنده لقتل الحسين و قتل الحسين و سبي حريمه واولاده وهم اکرم اهل الارض حينئذ علي الله سبحانه (الاتحاف بحب الاشراف: ص 18 طبع مصطفى بابي حلبي مصر 1318هه) يعني  ان

ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله  تعالى يزيد  جي لاءِ ( پنهنجي قدرتي علم جي لحاظ سان ته ان کان ظلم ظاهر ٿيندا) بدبخت هجڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. اهو اهل بيت جي ايذاءَ جي پٺيان پيو ۽ پنهنجي  لشڪر کي (حضرت) حسين جي شهيد ڪرڻ جي لاءِ موڪليائين (حضرت) حسين شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي پرديدار عورتن ۽ اولاد کي قيدي بنايو ويو حالانڪه  اهي ان وقت الله تعالى جي زمين تي الله وٽ سڀني کان وڌيڪ عزت وارا هئا.

حضرت حبيب ڪريم ﷺ جن جي صحابي حضرت معقل بن يسار رضي الله وٽ جڏهن عبيدالله بن زياد طبع پرسيءَ لاءِ  آيو ته پاڻ ان کي نصيحت ڪندي حديث ٻڌايائين ته  ”رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته:

مَا مِنْ عَبْدٍ يَسْتَرْعِيْهِ اللهُ رَعِيَّةً فَلَمْ يُحِطْهَا بِنَصِيْحَةٍ لَمْ يَجِدْ رَائِحَةَ الْجَنَّةِ

(صحيح بخاري: باب من استرعى رعية فلم ينصح ج6 ص2614) يعني ڪوبه ٻانهو  (الله p جي ) رعيت جو حاڪم بنايو ويو پوءِ انهن جي خيرخواهي نه ڪيائين ته جنت جي خوشبوءِ به نه لهندو.

پر ان نصيحت هوندي به ابن زياد ايترا ظلم ڪيا، جن سان تاريخ جا ورق ڀريا پيا آهن. اهو قول به مشهور آهي ته ابن زياد  جو پيءُ زياد بن سميہ زنا جو ڦر هو، پاڻ کي ان زانيءَ جي بجاءِ ڪنهن ٻئي جو پٽ سڏائيندو هو ۽ پيءُ کان سواءِ ٻئي جو پٽ سڏائڻ واري تي جنت حرام آهي. جيئن صحيح مسلم ۾ حضرت عثمان بن نهدي کان روايت آهي ته مون پنهنجن ڪنن سان حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله کان رسول الله ﷺ جن جو هيءُ فرمان ٻُڌو ته ”جنهن اسلام ۾ پنهجي پيءُ کان سواءِ ٻئي پٽ هجڻ جي دعوى ڪئي، حالانڪه هو اها ڳالهه ڄاڻي به ٿو ته اهو سندس پيءُ ناهي، پوءِ ان شخص تي جنت حرام آهي“.

(صحيح مسلم: باب بيان حال من رغب عن ابيہ وهو يعلم: ج1 ص 57)

ان جي ڪري صحابه ڪرام مان اسي سيڪڙي ته يزيد جي بيعت نه ڪئي هئي  ۽ انهن مان ويهه سيڪڙو جن بيعت ڪئي هئي تن به سندس بدڪرداري ڏسي بيعت ٽوڙي ڇڏي هئي. جڏهن يزيد کي انهن جي بيعت ٽوڙڻ جي خبر پئي ته غصي ۾ اچي مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه تي حملا ڪرائي ڪيترن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو هئائين جيئن هن ڪتاب جي پڙهندڙن تي واضح  آهي.

علامه شمس الدين سرخسي ”سير کبير“ ۾ لکيو آهي ته  ”إذا عدل السلطان فعلى الرعية الشكر وللسلطان الأجر وإذا جار فعلى الرعية الصبر وعلى السلطان الوزر (سير ڪبير: ج1 ص 108) ۽ صحابه ڪرام 

جي هڪ جماعت جو قول آهي ته بادشاهه جيڪڏهن عدل ڪري ته رعيت کي شڪر ڪرڻ گهرجي ۽ بادشاهه کي اجر ملندو ۽ جيڪڏهن ظلم ڪري ته رعيت کي صبر ڪرڻ گهرجي ۽ بادشاهه تي ان گناهه جو بار آهي ۽ رعيت ان جي ڪري صبر ڪري جو باشاهه سان ٽڪر کائڻ ۾ وڌيڪ خونريزي ٿيندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته اقتدار جي منتقلي ۾ ڪاميابي نه ٿئي ۽ ماڻهو وڌيڪ ظلم ۽ تشدد جو شڪار ٿين. ان جي ڪري ئي جڏهن يزيد حڪومت جون واڳون سنڀاليون هيون ته حضرت ابن عمر t فرمايو هو ته: جيڪڏهن ڀلا ڪم ڪندو ته الله p جو شڪر ڪنداسون ۽ جيڪڏهن مصيبت بنجندو ته صبر ڪنداسون. ان کان پوءِ  قرآن ڪريم

جي هي ءَ آيت پڙهيائين: ”فَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا عَلَيْهِ مَا حُمِّلَ وَعَلَيْكُمْ مَا حُمِّلْتُمْ (سورة النور: آيت 54) پوءِ جيڪڏهن  منهن موڙيندا ته ان تي اهو آهي

جيڪو کڻايو ويو ۽ اوهان تي اهو آهي جيڪو اوهان کڻايا ويا آهيو.

( سير کبير ج 10 ص 81)

ڪنهن به صحابي رضي الله کان يزيد  جي تعريف ۽ ان جي ڪردار کي صحيح چوڻ يا ان سان محبت سان ساٿ ڏيڻ  ثابت ناهي، بلڪه انهن جو پنهنجي آقا حضور ﷺ جي حڪم تي عمل هو. ترمذي ۽ نسائي حضرت ڪعب بن عجره رضي الله کان روايت آندي آهي ته:

قَالِ لِيْ رَسُوْلُ اللهِ أُعِيْذُكَ بِاللهِ مِنْ اِمَارَةِ السّفَهَاءِ  قَالَ: وَمَا ذَاکَ يَا رَسُوْلَ اللهِ قَالَ: مَنْ دَخَلَ عَلَيْهِمْ فَصَدَّقَهُمْ بِكَذِبِهِمْ وَأَعَانَهُمْ عَليٰ ظُلْمِهِمْ فَلَيْسُوْا مِنِّي وَلَسْتُ مِنْهُمْ وَلَنْ يَرِدُوْا عَلَيَّ الْحَوْضَ وَمَنْ لَّمْ يَدْخُلْ عَلَيْهِمْ وَلَمْ يُصَدِّقْهُمْ بِكَذِبِهِمْ ، وَلَمْ يُعِنْهُمْ عَليٰ ظُلْمِهِمْ  فَاُولٰٓئِکَ مِنِّي وَأَنَا مِنْهُمْ وَاُولٰٓئِکَ يَرِدُوْنَ عَلَيَّ الْحَوْضَ

(مشکواة: کتاب الامارة الفصل الثاني ص322) ي

يعني مون کي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ”مان توکي بيوقوفن جي امير هجڻ (جي فتني) کان الله جي پناهه ۾ ٿو رکان. ان عرض ڪيو ته: يا رسول الله ﷺ! اهو  ڇا آهي؟ فرمايائون ته ”اهي امير جيڪي مون کان پوءِ ايندا جيڪي انهن وٽ ويا انهن جي ڪوڙ تي به انهن کي سچو چيائون سندن ظلم جي ڪمن ۾ مدد ڪيائون ته نه اهي مون مان آهن ۽ نه مان انهن مان آهيان اهي مون وٽ حوض (ڪوثر) تي ڪڏهن به نه ايندا ۽ جيڪو انهن وٽ نه ويو ۽ نه ڪوڙ ۾ انهن کي سچو چيائين ۽ نه سندن ظلم ۾ مدد ڪيائين اهي مون مان آهن ۽ مان انهن مان آهيان ۽ مون وٽ حوض (ڪوثر) تي اهي ئي ايندا.

مسلمانو! هن حديث جي مفهوم کي ذهن ۾ رکي غو ر ڪندؤ ته حقيقت کلي سامهون ايندي. آقا q جي اصحابن ڀلارن U مان ڪنهن به صحابي يزيد جي ڪنهن ظلم يا ڪوڙ کي نه صحيح چيو ۽ نه ان جي بدڪرداري جي واقعن جو ساٿ ڏنو ۽ نه مڪه مڪرمه تي حملي ڪرڻ ۾ ان جو ساٿ ڏنو، بلڪه ڏک ڏسندي جڏهن به انهن کي موقعو مليو ته ظالمن کي حق چيو ۽ کين سندن بدڪرداري تي متنبہ ڪيو کين تڪليفون به مليون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، پر حق جا علمبردار حق چوڻ کان باز نه آيا ۽ يزيد جي ڪڌن ڪرتوتن کان سخت نفرت ڪندا رهيا.

محدث بخاري روايت آندي آهي ته: هڪ شخص حضرت عبدالله بن عمر t کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو  ماڻهو احرام جي حالت ۾ مک کي ماري وجهي ته ان جي متعلق ڪهڙي فتوى آهي (اهو سوال ڪندڙ عراق جو هو) جواب  ۾ حضرت ابن عمر t فرمايو ته “عراق وارا مک جي متعلق پڇن ٿا، حالانڪه انهن (سيدنا) رسول الله ﷺ جي نياڻي جي پٽ (حضرت حسين رضي الله) کي شهيد ڪيو، جن جي لاءِ

رسول الله ﷺ فرمايو هو: ” هُمَا رَيْحَانَتَايَ مِنَ الدُّنْيَا “ اهي منهنجي لاءِ 

خوشبودار گل آهن. (صحيح بخاري: ج1 ص 530 مناقب الحسن والحسين)

الغرض ته ڪنهن به صحابيءَ يزيد جو ساٿ نه ڏنو نه ڪربلا ۾ ۽ نه حره جي واقعه ۾ ۽ نه  مڪه مڪرمه جي مٿان حملي جي دوران، بلڪه جنهن صحابيءَ کي موقعو مليو، ته اهو انهن ظالمن سان لڙيو ۽ وڙهيو. اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ  گهرجي ته سيدنا حضرت حسين ڪوفي ڏانهن جنگ ڪرڻ جي لاءِ نه ٿي ويو، جو صحابي ساٿ ڏين ها اهو ته ڪوفين جي خطن لکڻ جي ڪري وڃي رهيو هو ته متان اتي پهچڻ کان پوءِ مصطفوي نظام لاءِ راهه هموار ٿي پئي. ڪوبه صحابي سڳورو رضي الله يزيد جو حامي يا ساٿي نه هيو، مگر بعد ۾ اچڻ وارن کي الائي ڇو يزيد جي ياري وڻي وئي آهي، جو ان کي ”سيدنا“يا ”امير المومنين“ چوڻ ۽ ان جي حمايت ۾ ڪتابن لکڻ جو ٺيڪو کنيو اٿن.

سوال: اوهان کي يزيد کان نفرت آهي، پر حضرت امام حسين رضي الله جو ڀاءُ حضرت محمد بن حنيفہ رضي الله ته نه صرف يزيد جي بيعت ڪئي پر ان تي عائد ڪيل الزامن جي ترديد به ڪئي هئي. جيئن المنتقى ڪتاب جي ص 218 تي لکيل آهي.

جواب: اها ڳالهه بالڪل صحيح ناهي ڇو ته ”المنتقى“ ۾ البداية والنهاية جي حوالي سان نقل ڪيل آهي. ”المنتقيٰ“حافظ  ذهبي المتوفي سنه 747هه جي تصنيف آهي ۽ البداية والنهاية ان جي شاگرد حافظ ابن ڪثير جي تصنيف آهي، جنهن جي وفات ذهبي کان پوءِ سنه 774 ۾ ٿي هئي. پوءِ پهريان لکڻ واري پوءِ لکڻ واري کان اها ڳالهه ڪيئن ورتي ۽ مزي ۽ لطف جي ڳالهه هيءَ آهي ته خود ان ڪتاب ”المنتقيٰ“ ۾ صراحت سان

لکيل آهي ته: ” لَم نعتقد انه من الخلفاء الراشدين کما قاله بعض الجهلة من الاکراد (ص 279) يعني اسين اهو عقيدو ڪونه ٿا رکون ته اهو (يزيد)

هدايت وارن خليفن (حاڪمن) مان هو جيئن بعض جاهلن ڪُردن جو عقيدو آهي.

 

 

 

٭٭٭

فهرست
اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting