خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب
ڪتاب ”الترديد القوي على من يحب يزيد الغوي“
گمراهه يزيد جي يارن جي مضبوط ترديد

 

 

وجه تاليف

نَحْمَدُهٗ وَنُصَلِّيْ وَ نُسَلِّمُ عَلى رَسُوْلِهِ الْکَرِيْمِ اَمَّا بعد!

ڄاڻڻ گهرجي ته موجوده دور ۾ جيئن ٻيا فتنا وڌي رهيا آهن، تيئن پراڻو ناصبين جو فتنو به وري وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳو آهي. ناصبين جو مذهب حضور پرنور q جي پاڪ اولاد، اهل بيت اطهار سان دشمني  ۽ سندن شان جي تنقيص ۽ توهين آهي. اهي ڪتابن، ٽي وي، انٽرنيٽ ۽ ويب سائيٽن جي ذريعي پنهنجي باطل ۽ ڪوڙي مذهب جي پرزور پرچار ڪرڻ ۾ مصروف آهن. يهوديت ۽ عيسائيت جي اڳواڻن جي طرفان ملندڙ پئسن تي مفت ۾ لٽريچر ڏئي، منهنجي محبوب آقا ﷺ جي پيارن سيدنا علي المرتضيٰ، سيدنا امام حسن، سيدنا امام حسين ۽ سيده فاطمة الزهرا U جي مٿان حملا ڪري، انهن جي دل آزاري ڪرڻ سان خود حضور ﷺ جي دل آزاري ڪري، الله p جي پاڪ ذات جي غضب ۽ لعنت جا حقدار ٿي، ٻين کي به ان عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهن. ٽي وي تي تقريرون ڪندڙن مان هڪ مُقَرّر جي تقرير ٻڌندڙن ٻڌايو ته اهو مُقَرّر چئي رهيو هو ته حضرت امام حسين رضي الله ۽ يزيد (عليہ ما يستحقہ) ٻه شهزادا هئا. ڪربلا واري جنگ انهن ٻن شهزادن جي پاڻ ۾ اختلاف راءِ جي ڪري لڳي هئي. (معاذالله ثم معاذ الله) ان منحوس يزيد پليد کي حضرت امام حسين رضي الله جي مدمقابل اهميت ڏئي، ٻنهي ۾ فرق نه ڪيو آهي. جڏهن ته تقرير ٻڌندڙن ۾ سڀئي ماڻهو هڪ ذهن هڪ فڪر ۽ هڪ سوچ نه ٿا رکن، تڏهن دل ۾ خيال آيو ته يزيد جي متعلق هڪ ڪتاب قرآن، حديث، سيرت ۽ تاريخ جي ڪتابن مان حوالا ڏئي مسلمانن ڀائرن کي معلومات فراهم ڪجي. جنهن سان ٻه فائدا  حاصل ٿيندا.

فائدو1: الله p جي دين جي دشمن ۽ حضور q جي گستاخ، آل رسول ﷺ جي قاتل ، مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه جي سخت توهين ۽ بي ادبي ڪندڙ ڪربلا کان پوءِ حرمين شريفين ۾  رت جا ريلا وهائيندڙ ظالم يزيد کان ته سچا مسلمان ذهني طور بيزار ٿي، نفرت ڪندا، پر ان جي يارن سان به ياري نه رکندا.

فائدو 2:  ٻيو ته ماڻهو حضرت حُسين سهڻي رضي الله سان محبت ڪندا ۽
ان حق جي اڳواڻ امت مسلمہ جي صحيح پيشوا سان محبت رکندي، 

اَلْحُبُّ لِلهِ“ جو اجر ۽ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏ غير سنين جي ان فتني

کان محفوظ رهندا، جو اهي سُني نوجوانن کي چوندا وتندا آهن ته اوهان سني يزيد کي حق جو بادشاهه مڃيو ٿا. اوهان ان جي هر عمل کان خوش

آهيو. (مَعَاذَ اللهِ مِنْ هٰذِهِ الْعَقِيْدَةِ الْفَاسِدَةِ)

انهن کي سنين جي طرفان صحيح جواب ڏيڻ بي دين کان

نفرت ڪرڻ ”اَلْبُغْضُ لِلهِ“ جو ڀلو عمل ڪرڻ آسان ٿيندو. هن ڪتاب ۾

اول قرآن  ڪريم جي آيتن، مفسرن جي قولن نبوي احاديث (على قائلها الصلواة والسلام) مان يزيد جي مذمت ۽ بدبختي ظلم ۽ بي رحمي ذڪر ڪري، ان کان پوءِ امت مسلمہ جي اڪابر علماء جا يزيدي ڪردار جي متعلق اقوال ارشاد ۽ لکت ذڪر ڪئي وئي آهي، قرآن ڪريم جي آيتن مان ان ۾ جيڪي برايون هيون (جيڪي هن ڪتاب ۾ علماء جي لکت سان پيش ڪيل آهن) ان جي سزا لکي وئي آهي ۽ نبوي حديثن ۾ ته ان بدبخت جو نالي سان ذڪر ۽ سندس برايون ذڪر ٿيل آهن، اهي آنديون ويون آهن ۽ انهن ڳالهين کي ذڪر ڪرڻ سان ان شاءَالله ڪتاب ڪامل ٿيو آهي. اهڙي بي حياءَ جي ذڪر تي وقت وڃائڻ اجايو آهي، پر مذڪوره فائدن کي

ذهن ۾ رکي ڪجهه لکڻ ضروري سمجهيم( بِعَوْنِ اللهِ تَعَالى وَمَنِّهٖ  وَفَضْلِهٖ) ۽ ان جو نالو ”ٲَلتَّرْدِيْدُ الْقَوِيُّ عَليٰ مَنْ يُّحِبُّ يَزِيْدَ الْغَوِيَّ“ (گمراهه

يزيد جي يارن جي مضبوط ترديد) رکان ٿو.  شال ڪريم رب پنهنجي ڪرم سان منهنجي هيءَ ٿورڙي خدمت قبول ڪري آمين.

الفقير محمد ادريس ڏاهري

عفي عنہ


 

فهرست
اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting