يزيد تي لعنت ڪرڻ جو مسئلو
هي مسئلو به اختلافي رهيو آهي پر ڪافي علماءِ جو قول آهي ته يزيد تي لعنت ڪرڻ جائز
آهي.
1
علامہ ابن ڪثير لکيو آهي ته: حره جي واقعي جي متعلق آيل حديثن ۾ آهي ته جن مدينه
وارن کي خوفزده ڪيو، انهن تي الله ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن جي لعنت آهي.ان حديث ۽ ان
جهڙين ٻين حديثن مان انهن دليل ورتو آهي، جيڪي يزيد تي لعنت ڪرڻ کي جائز چون ٿا ۽
اها احمد بن حنبل به کان روايت آهي. ان قول کي خلال، ابوبڪر عبدالعزيز قاضي
ابويعلى ۽ ان جي پٽ قاضي ابو الحسين اختيار ڪيو آهي ۽ ان جي (علامه) ابن الجوزي هڪ
جدا لکيل ڪتاب ۾ تائيد ڪئي آهي ۽ يزيد تي لعنت ڪرڻ کي جائز چيو آهي.
(البداية والنهاية :ج 8 ص 223)
2علامہ
ڪياهراسيءَ جي فتويٰ:
علامہ ابن خلڪان پنهنجي تاريخ ۾ شمس الاسلام علي بن محمد الڪياهراسيءَ کان آندو آهي
ته ان کان يزيد جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ان فرمايو ته يزيد اصحابن مان نه هو، ڇو ته
اهو (حضرت) عمر بن خطاب رضي الله جي دورِ خلافت ۾ ڄائو هو. اڳتي لکيو اٿس ته اسان
جو هڪ قول ان تي لعنت جي صراحت ڪرڻ آهي، ڇو ته اهو چوپڙ راند سان گڏ شينهن سان راند
ڪندڙ، شراب تي هميشگي ڪندڙ ۽ شراب جي تعريف ۾ شعر ٺاهيندڙ هو.
(تاريخ ابن خلڪان: ج 1 ص 327) طبع بولاق مصر)
3
علامہ سلامة الله ڪشفي جي فتويٰ:
حضرت علامہ مذڪور شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جو شاگرد آهي. ان پنهنجي ڪتاب ”تحرير
الشهادتين“ ۾ ان مسئلي تي جيڪو لکيو آهي، ان جو خلاصو هن ڪتاب جي پڙهندڙن پيارن جي
خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. مذڪور بزرگ لکيو آهي ته هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته يزيد پليد (حضرت)
حسين کي شهيد ڪرڻ جو امر ڪندڙ، ان جي شهيد ڪرڻ تي راضي ٿيندڙ ۽ خوشي ڪندڙ هو. جمهور
اهل سنت وٽ اهو قول مختار ۽ صحيح آهي. جيئن انهن جي اعتماد جوڳن ڪتابن مفتاح النجاة
از علامہ مرزا محمد بخشي ۽ مناقب السادات از ملڪ العلماءِ قاضي شهاب الدين دولت
آبادي ۽ شرح عقائد نسفي از علامہ سعد الدين تفتازاني ۽ تکميل الايمان از حضرت شيخ
عبدالحق محدث دهلوي ۽ ٻين معتبر دفترن ۾ شواهد ۽ دلائل سان مذڪور ۽ لکيل آهي. ان جي
ڪري ان ملعون تي لعنت ڪرڻ قطعي حجتن ۽ روشن دليلن سان ثابت آهي ۽ راقم الحروف ۽ ان
جي صوري ۽ معنوي استادن جو به مختار قول اهو آهي. يزيد حضرت حسين جي شهيد ڪرڻ جو
حڪم ڪندڙ ان تي راضي رهندڙ ۽ خوشي ڪندڙ هو، ان جي ڪري ابدي لعنت جو مستحق ۽ هميشه
واري عذاب جو لائق آهي.الخ
( تحرير الشهادتين: ص 96- 97 مطبوعه لکنؤ سن 1256هه )
يزيد تي لعنت ڪرڻ ۾ حنفي حضرات جي تصريحات
1
يزيد تي لعنت ڪرڻ ۾ جيڪا امام احمد بن حنبل جي راءِ آهي، اهائي امام اعظم رحمة
الله جي راءِ آهي.
(زجر الشبان والشيبة عن ارتکاب الغيبة ص 20 ازعلامه عبدالحي اللکنوي طبع 1398 شايع
کرده مکتبه عارفين کراچي)
2علامہ
جصاص جي فتويٰ:
حنفي حضرات جي وڏن عالمن مان علامہ جصاص به هڪ آهي، جنهن جو شمار فقها احناف ۾ ڪيو
ويندو آهي. ان به احڪام القرآن ۾ يزيد کي لعين (لعنت ڪيل) سڏيو آهي.
3علامہ
طاهر بخاري جي فتويٰ:
پوئين دور جي وڏن حنفي عالمن مان علامہ طاهر بخاري المتوفي 542هه به آهي، ان
پنهنجي ڪتاب ”خلاصة الفتاوى“ (ج4 ص 390 طبع نو لکشور) ۾ لکيو آهي ته يزيد تي لعنت
ڪرڻ ۾ ڪو ڊپ ناهي.
4علامہ
ڪردريءَ جي فتويٰ:
حافظ الدين محمد ڪردي حنفي
لکيو آهي ته ”اللعن
علىٰ يزيد يجوز“
(فتاوى بزازيه: ج 4 ص 324 طبع بيريہ جولاق
مصر برهامش فتاوى هندي)
يعني يزيد تي لعنت ڪرڻ جائز آهي.
مذڪور حوالن سان مسئلو صاف طرح واضح ٿي ويو ته يزيد پنهنجي غلط عقيدي بدڪرداري ۽
بيحد براين ظلمن ۽ قهري ڪاررواين جي ڪري لعنت جو حقدار آهي.
سوال:
امام غزالي صاحب يزيد تي لعنت ڪرڻ کان روڪيو آهي ڇا؟
جواب:
امام موصوف ان مسئلي ۾ صحيح نه هو. سندن ان ڳالهه جو ٻين بزرگن رد ڪيو آهي، خصوصًا
سندس استاد ڀائي علامہ ڪياهراسي مٿس سخت تنقيد ڪئي آهي.
يزيدي يارن جا سوال ۽ انهن جا جواب
قرآن ڪريم جي آيتن جي روشنيءَ ۽ نبوي حديثن ۽ امت جي وڏن عالمن مفسرن محدثن سيرت
نگارن ۽ مؤرخن جي مذڪور تحقيق مان واضح ٿيو ته يزيد بي ديد عنيد پليد ملعون ۽ تڙيل
آهي ان جي جهنمي هجڻ ۾ ڪو شڪ ناهي پر يزيد جا حامي ۽ يار به ماڻهن کي منجهائڻ جي
لاءِ غير قوي ۽ واهي دليل ٻڌائيندا آهن مناسب آهي ته اهي به ذڪر ڪري
انهن جا جواب ڏئي ڇڏجن ته ڪو انهن تي اعتماد
ڪري گمراهه نه ٿي وڃي.
دليل1:
ام حرام کان روايت آهي ته ”سَمِعْتُ
النَّبِيَّ
ﷺ
يَقُوْلُ أَوَّلُ جَيْشٍ مِّنْ أُمَّتِيْ يَغْزُوْنَ الْبَحْرَ قَدْ أَوْجَبُوْا
قَالَتْ أُمُّ حَرَامٍ قُلْتُ يَا رَسُولَ اللهِ أَنَا فِيْهِمْ قَالَ أَنْتِ
فِيْهِمْ ثُمَّ قَالَ النَّبِيُّ
ﷺ
أَوَّلُ جَيْشٍ مِنْ أُمَّتِيْ يَغْزُوْنَ مَدِيْنَةَ قَيْصَرَ مَغْفُوْرٌ لَّهُمْ
فَقُلْتُ أَنَا فِيْهِمْ يَا رَسُولَ اللهِ قَالَ لَا“
(صحيح بخاري: ج1 ص 410)
يعني مون رسول الله ﷺجن کان ٻڌو پاڻ فرمائين پيا ته ”منهنجي امت کان پهرئين لشڪر
وارا جيڪي سمنڊ (درياءُ) تي جنگ ڪندا، انهن (جنت کي) واجب ڪري ورتو. ام حرام چيو ته
مون کين عرض ڪيو ته ”مان انهن مان آهيان؟ ته پاڻ فرمايائون ”هائو تون انهن مان
آهين“ وري پاڻ فرمايائون ته ”منهنجي امت مان پهرئين لشڪر وارا جيڪي قيصر (بادشاهه)
جي حڪومت واري هنڌ تي حملو ڪندا، انهن جا گناهه بخشيا ويندا. اُمّ حرام کين عرض ڪيو
ته: مان انهن ۾ شامل آهيان؟ پاڻ فرمايائون ته ”نه“ (تون انهن ۾ شامل ناهين)
يزيد جا يار چون ٿا ته هن روايت ۾ جنهن لشڪر جو ذڪر آهي، انهن جو امير يزيد هو.
لهٰذا اهو بخشيل آهي. بخاري شريف ۾ آهي محمود بن ربيع چيو ته مون اها ڳالهه انهن
ماڻهن سان ڪئي ته ان ۾ حضور
q
جو اصحابي (حضرت) ابوايوب انصاري رضي الله به هو، جيڪو ان جنگ ۾
وفات ڪري ويو هو ۽ انهن جي مٿان روم جي سرزمين ۾ امير يزيد بن معاويه هو.
(بخاري شريف: ج 1 ص 158)
جواب1:
i
جي گهر آرامي هئا (حضرت اُمّ حرام محبوبن ڪريمن ﷺ جي کير جي ماسي هئي) پوءِ پاڻ
سجاڳ ٿي مُرڪڻ لڳا. بيبي ام حرام جي پڇڻ تي فرمايائون ته ”مون پنهنجي امت جو هڪ
لشڪر ڏٺو آهي، جيڪو درياءَ (۾ ٻيڙين) تي سوار ٿي جنگ ڪري رهيو آهي. مان انهن کان
خوش ٿي رهيو آهيان. بيبي اُمِّ حرام چيو ته ”مون کين عرض ڪيو ته يا رسول الله!
الله تعالى کان دعا گهرو ته مون کي به انهن ۾ شامل ڪري“ پاڻ فرمايائون ته ”تون
انهن مان ئي آهين“ (ائين فرمائڻ کان پوءِ ) پاڻ وري آرام فرمايائون ۽ ٻيو ڀيرو سجاڳ
ٿي مرڪڻ لڳا . بيبي ام حرام کانئن
مرڪڻ جو سبب پڇيو ته پاڻ فرمايائون”نَاسٌ
مِّنْ أُمَّتِي عُرِضُوْا عَلَيَّ غُزَاةً فِيْ سَبِيْلِ اللهِ كَمَا قَالَ فِي
الْأَوَّلِ“
(بخاري شريف: ج1 ص 391)
۽ ص 403 تي الفاظ آهن ته ”فَقَالَ
لَهَا مِثْلَ ذَالِکَ“
۽ ص 405 تي الفاظ آهن: ”فَقَالَ
مِثْلَ ذَالِکَ مَرَّتَيْنِ اَوْ ثَلَاثًا“
مون تي منهنجي امت مان ڪجهه ماڻهو جهاد
ڪندي پيش ڪيا ويا. پاڻ اهي الفاظ ٻه ٽي ڀيرا ورائي ورائي فرمايائون. هاڻي هن حديث
کي ابتداءَ کان ٻه ٽي ڀيرا پڙهي ڏسو ته حضور
q
جن پهرئين ڀيري ڇا فرمايو ”مون پنهنجي امت جو لشڪر درياءَ تي (ٻيڙين ۾) سوار ٿي جنگ
ڪندي ڏٺو آهي. ۽ پاڻ ٻئي ڀيري ڪنهن ٻئي درياءَ تي (ٻيڙين ۾) سوار ٿي جنگ ڪندي لشڪر
کي ڏٺائون. پاڻ ٻنهي ڀيرن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون.
قارئين ڪرام! هاڻي اوهان پاڻ فرق ڏسو ته انهن ٻنهي روايتن ۾ نه ته ٻن نمونن بري ۽
بحري لشڪرن جو ذڪر آهي ۽ نه ڪنهن لشڪر جي لاءِ ڪنهن مخصوص بشارت جو بيان آهي. اهڙي
طرح ان ئي بيبي ام حرام جي اها ٻن جنگين واري روايت مسلم شريف ج 2 ص 141 تي به چئن
مختلف طريقن سان موجود آهي انهن روايتن ۾ سندن ئي ٻئي ڀيري مرڪڻ جو سبب پڇڻ تي سندن
جواب واري ارشاد جا الفاظ هي آهن:
”قَالَ
فِي الْأُوْليٰ“
۽ ”فَقَالَ
مِثْلَ مَقَالَتِهٖ“
يعني پاڻ ٻئي دفعي به اهائي
ڳالهه ورائي ورائي ڪيائون، جيڪا پاڻ پهريان ڪئي هيائون ۽ پاڻ پهرئين ڀيري جڏهن ته
درياءَ تي (ٻيڙين ۾) سوار ٿي جنگ ڪرڻ جو ذڪر ڪيو هيائون ته ٻئي ڀيري به درياءَ تي
سوار ٿي جنگ جو ذڪر ڪيو هيائون. اهڙي طرح بيبي ام حرام جي روايت ابودائود شريف ج1 ص
327 تي به ٻن ٽن طريقن سان روايت ڪيل آهي اتي به اها ڳالهه آهي يعني حضور ﷺ جن ٻئي
ڀيري به پهرئين لشڪر وانگر هڪ ٻئي بحري جنگ جي پيشين گوئي فرمائي. اهڙي طرح ام حرام
جي اها ٻن جنگين وارين روايت نسائي شريف ج 2 ص 55 تي به مختلف طريقن سان روايت ڪيل
آهي اتي به ”کَمَا
قَالَ فِي الْأَوَّلِ“
۽ ”
فَقَالَ مِثْلَ مَقَالَتِهٖ“
جا الفاظ آهن
يعني حضور ﷺ جن ٻئي ڀيري به پهرئين ڀيري وانگر هڪ بحري لشڪر جو ذڪر فرمايو. اهڙي
طرح اها بيبي ام حرام واري ٻن جنگين جي روايت ترمذي ج1 ص 198 تي به موجود آهي. هاڻي
ڪتاب جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض آهي ته ذرا غور ڪيو ته” انهن سڀني روايتن ۾ بشارت ۽
مغفرت وارا الفاظ ام حرام جي طرفان ناهن. ڪنهن وچ واري راويءَ داخل ڪيا آهن، ڇو ته
جيڪڏهن بيبي ام حرام اهي الفاظ روايت ڪري ها ته سڀني محدثن جي روايتن ۾ هجن ها.
ثابت ٿيو ته بخاري شريف جي جنهن روايت ۾ اهي الفاظ آهن اها مدرج روايت آهي ۽ مدرج
روايت جي تعريف ۾ علامہ ابن حجر عسقلاني ۽ علامہ جرجاني لکيو آهي ته: مدرج اها
روايت آهي جنهن ۾ بعض راوين جو ڪلام داخل ڪيل هوندو آهي.
(نزهة النظر شرح نخبة الفکر مقدمه ترمذي للجرجاني: ص 2)
قسطنطنيہ واري حديث مبارڪ جا راوي
ڄاڻڻ گهرجي ته هن حديث جا راوي هي آهن:
1اسحاق
بن يزيد دمشقي
2يحيى
بن حمزه دمشقي
3ثور
بن يزيد حمصي
4خالد
بن معدان حمصي
5عمير
بن اسود عنسي.
پهريون اسحاق بن يزيد دمشقي. هن جو اصل نالو اسحاق بن ابراهيم بن يزيد آهي ۽ هيءُ
پنهنجي پيءُ جي بجاءِ ڏاڏي جي نسبت سان مشهور آهي. (تقريب
التهذيب: ج 1 ص 219)
علامہ ابن حجر لکيو آهي ته ”
قال ابن ابي حاتم سمعت ابا زرعة يقول ادرکناه ولم نکتب عنه... روي له الازدي في
الضعفاء... قال ابن عدي وهٰذا غير محفوظ“
يعني ابن ابي حاتم فرمايو ته مون ابوزرعة
کان ٻڌو ان فرمايو ته اسين ان اسحاق بن يزيد جي دور کي پهتا هياسون، پر اسان ان کان
حديث نه لکي آهي (محدث) ازدي ان جي روايت ضعيف راوين ۾ آندي آهي ۽ ابن عدي (ان جون
ويهه روايتون آڻي) لکيو آهي ته اهو روايتن ۾ (غلطين کان) محفوظ ناهي. علامہ ذهبي
به ان جي انهن ويهن روايتن کي آڻي، ان کي غير محفوظ چيو آهي.
(ميزان الاعتدال: ج1 ص 179)
ٻيو راوي يحيى بن حمزه دمشقي آهي. هي راوي عقيدي ۾ قدريو هو حافظ الحديث علامہ ابن
حجر ۽ محدث ابن معين ۽ علامہ ذهبي ٽنهي بزرگن فرمايو ته اهو قدريو هو.
(تقريب التهذيب: ص 369 - ميزان الاعتدال: جلد 4 ص 369 - مقدمه فتح الباري: ص 451 ص
461 ص 475)
قدريو هجڻ بدعقيدگي آهي، جنهن سان راوي مجروح ۽ غير معتمد عليہ ٿي ويو.
ٽيون راوي ثور بن يزيد حمصي هن جو به ساڳيو عقيدو هو. قدريو هجڻ جي ڪري هن کي حمص
شهروارن پنهنجي شهر مان ڪڍي ڇڏيو هو. ابو مسهر عبدالله بن سالم کان ائين نقل ڪيو
آهي ۽ ان فرمايو ته حمص وارن ان جي گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو. محدث اوزاعي ان
جي لاءِ سٺا الفاظ نه ڳالهائيندو هو ۽ شام مان ڪو ماڻهو ان وٽ ايندو هو ته ان کي
فرمائيندو هو ته ثور بن يزيد کان بچجو.
(تهذيب التهذيب: ج 2 ص 34 - ميزان الاعتدال: ج 1 ص 372-مقدمه فتح الباري: ص 460 ص
572)
امام مالڪ ان کان هڪ روايت به نه آندي آهي ۽ ماڻهن کي ان وٽ وڃڻ کان روڪيندو هو.
جڏهن ثابت ٿيو ان روايت جا راوي قدريا هئا ته انهن جي آندل روايت حجت ناهي، ڇو ته
قدري عقيدي وارن جي لاءِ حضور
q
جن جا فرمان هي آهن:
حديث1:حضرت
ابن عباس
t
کان روايت آهي ته حضور
q
جن
فرمايو: ”صِنْفَانِ
مِنْ أُمَّتِيْ لَيْسَ لَهُمَا فِي الْإِسْلاَمِ نَصِيْبٌ المُرْجِئَةُ
وَالْقَدَرِيَّةُ“
(ترمذي: ج2 ص 37- سنن ابن ماجہ: ج1 ص 24)
يعني منهنجي امت سڏائڻ وارن مان ٻه قسم (اهڙا) آهن جن جو اسلام ۾ ڪوبه حصو ناهي!
هڪڙا مرجئا 2 ٻيا قدريا.
سوال
:
ققدرين جو عقيدو ڪهڙو آهي؟
جواب:
علماءِ ڪرام لکيو آهي ته ”القدرية
هم المنکرون للقدر القائلون بان افعال العباد مخلوقة بقدرتهم لا بقدرة الله وارادته“
(حاشيہ ترمذي: ج2 ص 37)
يعني قدريہ فرقو الله تعالى جي قدرت جو انڪاري آهي. اهي چون ٿا ته ماڻهو پنهنجن
ڪمن جا پاڻ پيدا ڪندڙ آهن، انهن ۾ الله جي قدرت ۽ ارادي جو ڪو دخل ناهي.(معاذ الله
ثم معاذ الله)
حديث2:حضرت
ابن عمر
t
کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو: ”
اَلْقَدَرِيَّةُ مَجُوْسُ هٰذِهِ الْاُمَّةِ اِنْ مَرِضُوْا فَلَا تَعُوْدُوْهُمْ
وَاِنْ مَاتُوْا فَلَا تَشْهَدُوْهُمْ“
(رواه احمد - ابوداؤد- مشڪواة: ص 14)
يعني
قدريه هن امت جا مجوسي آهن. جيڪڏهن بيمار ٿين ته انهن کان طبع پرسي نه ڪيو ۽ جيڪڏهن
مري وڃن ته انهن جي نماز جنازه تي حاضر نه ٿيو. اها ساڳي روايت هنن ڪتابن ۾ به آهي:
(ازالة الخفا مترجم اردو: ص 253 ج 1 - حيات الصحابہ: ص 38 ج 3 - خصائص ڪبرى: ج 2 ص
324 )
مذڪور حديثن مان صاف واضح آهي ته حضور ﷺ جن قدرين کي مسلمان تسليم ڪرڻ ۽ انهن جي
جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيڻ کان به روڪيو اٿن. ان ثور بن يزيد جي اڳيان جيڪڏهن حضرت علي
a
جو ذڪر ڪيو ويندو هو ته چوندو هو ته مان ان کي پسند نه ٿو ڪيان، ڇو جو ان
منهنجي ڏاڏي کي قتل ڪيو هو.
(تهذيب التهذيب: ج2 ص 33)
حالانڪه حضور
q
جن جو فرمان عاليشان آهي ته ”لَا
يُحِبُّكَ إلاَّ مُؤْمِنٌ وَلَا يُبْغِضُكَ إلاَّ مُنافِقٌ“
يعني اي علي! توسان محبت نه رکندو مگر مومن ۽ توسان بغض
نه رکندو مگر منافق.
هن روايت موجب ثور منافق آهي ۽ ظاهر آهي ته جيڪو حضرت علي سان محبت رکڻ جو کليل
منڪر آهي، اهو يزيد سان محبت نه رکندو ته ڇا ڪندو؟ ان جي ڪري اهڙي ماڻهوءَ جي
روايت سان يزيد کي جنتي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
شاهه عبدالعزيز محدث لکيو آهي ته: ”نزد
اہل سنت بغض اہل بیت وامیرالمؤمنین از قوادح صحت روایت است“
(تحفہ اثناعشريه فارسي: ص 65)
يعني اهل سنت وٽ اهل بيت ۽ امير المومنين (حضرت علي
a)
سان بغض رکڻ حديث جي روايت جي صحت کان روڪيندڙ آهي“ اهڙي ماڻهو جي روايت قبول ڪرڻ
جي لائق ئي ناهي.
يزيدي يارن جي دليل طور پيش ڪيل روايت جو چوٿون راوي خالد بن معدان حمصي آهي. ان جي
متعلق حافظ ابن حجر عسقلاني لکيو آهي ته (اهو گهڻو ڪري مرسل روايتون بيان ڪندو آهي،
جنهن ۾ روايت ڪندڙ صحابي جو ذڪر نه هوندو آهي.
(تقريب التهذيب: ص 90 مقدمه ترمذي ص 3- نحبة الفڪر: ص 63)
مرسل روايت عقائد ۽ احڪام ۾ قبول نه هوندي آهي.
(شرح نخبة الفکر لعلي القاري: ص 152)
مذڪور حديث جو پنجون راوي عمير بن اسود عنسي آهي. هن جي پيءُ نبوت جي دعوى ڪئي هئي
ان جي روايت ڀلي ڪير به بيان ڪري، قبول ڪرڻ جي لائق ناهي.
پيارا سچا سني ڀائرو! مذڪور راوين جي حالات پڙهڻ کان پوءِ الله
p
۽ ان جي حبيب
q
سان محبت جي موج ۾ رهندي فيصلو ڏيو ته ان روايت سان يزيد کي جنتي چئي سگهجي ٿو؟
چئو: نه هرگز نه ! ڪڏهن به نه...!
غور طلب ڳالهيون
مذڪور تحقيق مان ثابت ٿيو ته جنهن حديث سان يزيد جا يار دليل وٺن ٿا، اها محققن ۽
محدثن جي نظر ۾ شاذ، مضطرب منڪر ۽ دليل وٺڻ جي قابل ناهي ۽ حضرت بيبي اُمّ حرامi
کان جيڪا روايت حضرت انس آندي آهي، اها صحيح آهي. محبوب /span>
q
جن ننڊ مبارڪ مان سجاڳ ٿي جيڪي ٻه جنگيون بيان ڪيون هيون، اهي ٻئي بحري هيون ۽ يزيد
ڪنهن به بحري جنگ ۾ شريڪ نه ٿيو آهي ته پوءِ اهو جنتي ڪيئن ٿيندو؟ ۽ اڳين سڀني
محدثن مذڪوره روايت مان يزيد جو جنتي هجڻ مراد نه ورتو آهي ته پوءِ يزيدي يار ڪيئن
ان کي جنتي چون ٿا؟ ۽ جيڪڏهن هروڀرو هن انهن جنگين مان هڪ قسطنطنيہ واري جنگ مراد
وٺو ته به يزيد ان ۾ داخل ناهي، ڇو ته معتبر ۽ قوي قول مطابق قسطنطنيہ جي فتح ڪرڻ
جي سعادت سلطان محمد فاتح کي حاصل ٿي هئي.
شبلي نعماني ۽ سيد سليمان ندوي لکيو آهي ته ”مسلمانن خليفن ۽ بادشاهن مان هر همت
واري ان شهر فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ازل کان اها سعادت سلطان فاتح محمد جي قسمت ۾
اچي چڪي هئي.
(سيرت النبي: ص 655 ج 3)
۽ اهو به تاريخدانن لکيو آهي ته قسطنطنيہ فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان فاتح محمد، الله
p
جي شڪر جو سجدو ڪري چيو هو ته ياالله! تنهنجو شڪر آهي، جو جنهن شهر جي فتح ڪرڻ جي
بشارت سيدنا رسول الله ﷺ جن ڏني هئي. الحمدلله اها منهنجي هٿان پوري ٿي.
سيد ندوي جي لکت مان معلوم ٿيو ته قسطنطنيہ تي حملو ڪري فتح ڪرڻ جي آرزو ته هر
مسلمان حڪمران جي دل ۾ هئي، پر اها سعادت سلطان فاتح محمد کي نصيب ٿي. ياد رکڻ
گهرجي ته مذڪور بادشاهه عالمن فاضلن عابدن زاهدن بزرگن ۽ پنهنجي پير ۽ مرشد کان
دعائون گهرائي20 مئي 857ع تي قسطنطنيہ تي حملو ڪيو ۽ سندس پير ۽ مرشد تيستائين
سجده کان مٿو نه کنيو، جيستائين شهر فتح نه ٿيو. ان جي ڪري مشهور آهي ته قسطنطنيہ
دعائن سان فتح ٿيو هو ۽ سلطان فاتح محمد ايشيا جي کنڊ جا پنج هزار مسلمان اتي
رهائي، شهرکي آباد ڪيو ۽ حضرت ابوايوب انصاري رضي الله جي مزار وٽ هڪ مسجد ٺهرائي
هئي. اهڙيءَ طرح سلطان محمد خان ثاني ”سلطان فاتح“ جي لقب سان مشهور ٿيو.
(تاريخ اسلام: اڪبر شاهه نجيب آبادي)
جيڪڏهن روايت ۾ آيل بشارت صرف حملي ڪرڻ سان وابسته ڪجي ته به يزيد بي ديد ان ۾ داخل
ناهي، ڇو ته تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته قسطنطنيہ تي پهريون حملو سيدنا عثمان
غني رضي الله جي دور خلافت ۾ سن 32 هه ۾ ٿيو هو. ان لشڪر جو اڳواڻ حضرت معاويہ پاڻ
هو. مشهور مؤرخ ابو يعقوب لکيو آهي ته حضرت عثمان حضرت معاويه جي قيادت ۾ سنه 32 هه
۾ لشڪر موڪليو هو، جيڪو قسطنطنيہ تائين پهتو هو ۽ گهڻي فتوحات ڪئي هيائين.
(تاريخ يقعوبي: ج2 ص 129 طبع بيروت)
علامہ ابن اثير لکيو آهي ته ”سنه 32 هه ۾ حضرت معاويہ رضي الله قسطنطنيہ تائين پهتو
هو، ان سان گڏ سندس اهليه عاتڪه به هئي.
(الکامل في التاريخ ص 32 ج 3 )
علامہ ابن ڪثير به ائين لکيو آهي.
(البداية والنهاية:ص 15 ج 7- تاريخ ابن خلدون: ص 19 ج 3 -تاريخ اسلام ندوي: ص 257 ج
2 )
مسلمان ڀائرو! مشهور ۽ معروف تاريخن مان معلوم ٿيو ته پهريون لشڪر، جنهن قسطنطنيہ
تي حملو ڪيو ان ۾ يزيد پليد نه هو، بلڪه ان کان گهڻو اڳ سنه 32 هه ۾ قسطنطنيہ تي
حملا ٿي چڪا هئا ۽ جڏهن يزيد وارو لشڪر پهريون لشڪر نه هو ته پوءِ مذڪوره روايت ۾
ڏنل بشارت جو به نه يزيد حقدار آهي ۽ نه ان ۾ داخل آهي، ڇوته بشارت پهرئين لشڪر جي
لاءِ هئي ۽ تاريخدانن جي لکت مطابق پهريون لشڪر حضرت عثمان غني رضي الله جي خلافت
جي دوران حضرت امير معاويه رضي الله جي اڳواڻيءَ ۾ سنه 32 هه ۾ ويو هو ۽ يزيد ته
ڄائو ئي سنه 26 هه ۾ هو.
(البداية والنهاية: ج 8 ص 42 )
علامہ سيوطيءَ لکيو آهي ته ”ولد
يزيد سنة خمس او ست وعشرين“
(تاريخ الخلفاءِ: ص 143)
حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي
رحمة الله لکيو آهي يزيد بدبخت ۽ سرڪش سن 25 يا 26 هه ۾ ڄائو هو.
(ماثبت من السنة: ص 40-تاريخ ابن الخلکان: ج 1 ص 305)
۾ به اهڙي طرح آهي. اڪثر مؤرخن جو قول اهو آهي. علامہ ابن ڪثير هڪ قول آندو آهي،
ته يزيد سن 27 هه ۾ ڄائو هو.
(البداية والنهاية: ج 8 ص 232)
مسلمان ڀائرو! قسطنطنيہ تي پهرئين حملي سن 32 هه وقت يزيد جي عمر پنج يا ست سال
بنجي ٿي ۽ ان عمر وارو ڇوڪرو جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي لائق ئي ناهي ته اهو سپهه سالار
ڪيئن ٿي سگهندو. علامہ ابن الاثير لکيو آهي ته سن 50 هه ۾ حضرت امير معاويه رضي
الله سفيان بن عون جي زير ڪمان هڪ لشڪر روم جي شهرن ڏانهن موڪليو هو، جنهن ۾ شامل
ٿيڻ جي لاءِ يزيد کي به چيو هيائين، پر اهو بهانا ٺاهي ويو ئي ڪو نه هو.
(الڪامل في التاريخ: ج 3 ص 189)
الغرض ته يزيد جي اڳواڻيءَ ۾ صحابي نه ويا هئا. اهي سفيان بن عون جي اڳواڻيءَ ۾ ويا
هئا يزيد اڳواڻي ڪرڻ جو اهل ئي نه هو. جيئن علامہ بدرالدين عيني لکيو آهي.
(عمدة القاري شرح صحيح بخاري: ج 14 ص 198)
پر جيڪڏهن ڪو هروڀرو ضد ڪري يزيد کي ان بشارت ۾ داخل ٿو ڪري ته به ان مان مراد ان
جا ان جنگ کان اڳ ۾ ڪيل گناهه هوندا، جيڪي بخش ڪيا ويا هوندا. ان جنگ کان پوءِ
حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان بعد ان خبيث جيڪي قهر ڪيا، انهن جي ڪري اهو ملعون به
آهي ته جهنمي به آهي. لاشڪ فيہ ولاريب فيہ جنتي ناهي. علامہ قاري طيب ديوبندي به
ائين لکيو آهي. ڏسو سندس ڪتاب ”شهيد ڪربلا اور يزيد ص 178“ .
حضور پرنور ﷺ جي سنتن ۾ تبديلي ڪندڙ جي لاءِ جيڪي سزائون بيان ٿيل آهن، انهن جي
لحاظ سان به يزيد جهنمي آهي. يزيد جون برايون ته حضور پاڪ ﷺ سندس نالو وٺي بيان
فرمايون آهن جيئن هتي لکيل ڪتابن ۾ اهي حديثون مذڪور آهن.
1مسند
الفردوس للديلمي: ج5 ص 92 طبع بيروت
2
الصواعق المحرقة: ص 221 طبع مصري
3تطهير
الجنان برهامش الصواعق المحرقة: ص 64
4
البداية والنهاية: ج8 ص 231 طبع بيروت
5تاريخ
الخلفاء: ص 145 طبع دهلي
6اسعاف
الراغبين بر حاشيہ نورالابصار: ص 210 طبع مصر
7ما
ثبت من السنة:
ص 34) انهن ڪتابن ۾ مذڪور حديث جا الفاظ هي آهن: ”
لَا يَزَالُ اَمْرُ اُمَّتِيْ قَائِمًا بِالْقِسْطِ حَتّٰي يَکُوْنَ اَوَّلُ مَنْ
يَثْلُمُهٗ رَجُلٌ مِّنْ بَنِيْ اُمَيَّةَ يُقَالُ لَهٗ يَزِيْدُ
“ يعني منهنجي امت جو امر هميشه عدل سان قائم هوندو، تانجو
پهريون مڙس جيڪو ان ۾ رخنو وجهندو، اهو هوندو، جنهن کي يزيد چيو ويندو.
ٻي روايت ۾ آهي ته حضور ﷺ جن فرمايو ته ”
اَوَّلُ مَنْ يُّبَدِّلُ سُنَّتِيْ رَجُلٌ مِّنْ بَنِيْ اُمَيَّةَ يُقَالُ لَهٗ
يَزِيْدُ
“ يعني منهنجي سنت ۾ پهريان
تبديلي بنواميه مان هڪ شخص آڻيندو. جنهن کي يزيد چيو ويندو.
بخاري شريف جي شارح علامہ عيني ”مَغْفُوْرٌلَّهُمْ“
لفظ تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”لا
يلزم من دخوله في ذلك العموم أن لا يخرج بدليل خاص إذ لا يختلف أهل العلم أن قوله ﷺ
مغفور لهم مشروط بأن يكونوا من أهل المغفرة حتى لو ارتد واحد ممن غزاها بعد ذلك لم
يدخل في ذلك العموم اتفاقا فدل على أن المراد مغفور لمن وجد شرط المغفرة فيه منهم“
(عمدة القاري شرح صحيح بخاري: ص199 ج14 طبع بيروت)
علامه ابن حجر به اها مراد ورتي آهي.
(فتح الباري: ص 78 ج 7)
مطلب ته جنهن حديث ۾ آهي ته قسطنطنيہ تي حملي ڪندڙ جي لاءِ مغفرت آهي، ان مان مراد
آهي ته ان جنگ کان پوءِ ڪفر نه ڪيو هجي ۽ مغفرت جي شرائط تي پورو لهي، پر جيڪڏهن
انهن مان ڪو مرتد ٿي ويو ته اهو ان مغفرت واري عمر ۾ ارشاد ۾ ناهي. يزيد حڪومت جون
واڳون سنڀالڻ کان پوءِ جيڪي قهر ڪيا، شراب جي پيئڻ لاءِ اسلام ڇڏي، عيسائي ٿيڻ جا
مشورا ڏنا، انهن ڳالهين جي ڪري اهو ڪفر ۾ پئجي ويو. ان لاءِ اها مغفرت ڪانه آهي.
غير مقلدن جي مشهور علامہ وحيد الزمان لکيو آهي ته هن حديث مان بعض ماڻهن دليل
ورتو آهي ته يزيد جي خلافت صحيح هئي ۽ اهو جنتي آهي. مان چوان ٿو ته هن حديث مان
ڪٿان ٿو دليل ملي ته يزيد جي خلافت صحيح آهي، ڇو ته ان بفرض صحت قول جڏهن قسطنطنيہ
تي حملو ڪيو هو ته امير معاويه زنده هو. ان جي
خلافت هئي ۽ ان جي خلافت بالاتفاق صحيح هئي، ڇو ته امام برحق حضرت امام حسن
رضي الله ان کي خلافت ڏني هئي. هاڻي لشڪر وارن جي بخشش هجڻ سان هي لازم نه ٿو اچي
ته ان لشڪر جو هر هڪ فرد بخشيو وڃي. خود حضور ﷺ جن سان گڏ هڪ شخص وڏي بهادريءَ سان
جنگ ڪري رهيو هو پر پوءِ به پاڻ فرمايائون ته ”اهو دوزخي آهي“ ڳالهه دراصل هيءَ آهي
ته بهشتي يا دوزخي هجڻ ۾ اعتبار خاتمہ بالايمان تي آهي جيڪڏهن اهو قول تسليم ڪجي ته
قسطنطنيہ تي پهريون حملو يزيد جي اڳواڻي ۾ ٿيو هو، پر حڪمراني تي رهڻ کان پوءِ ان
پيٽ مان اهي گڻ ڪڍيا جو (معاذ الله) حضرت امام حسين رضي الله کي شهيد ڪرايائين ۽
اهل بيت جي توهين ڪيائين. جڏهن حضرت امام حسين پاڪ جو سر مبارڪ سندس دربار ۾ آندو
ويو ته مردود چوڻ لڳو ته ” هي مون جنگ بدر جو پلاند ورتو آهي“ (ان ظالم) مدينه
منوره تي چڙهائي ڪرائي حرم محترم ۾ گهوڙا ٻڌرايا مسجد نبوي ۽ (حضور
q
جي ) قبر مبارڪ جي توهين ڪرائي. ڇا انهن گناهن کان پوءِ به ڪو يزيد کي مغفرت ڪيل
چئي سگهي ٿو؟
(تيسير الباري شرح صحيح بخاري: ص 96 ج 11)
دارالعلوم ديوبند جي باني علامہ قاسم نانوتوي لکيو آهي ته ”تاريخ ڄاڻندڙ ۽ حديث
پڙهندڙ حضرات هن ڳالهه کان چڱيءَ طرح واقف آهن ته جهڙي طرح دل ۾ برائي رکندڙ منافقن
کي بيعت الرضوان مان الله
p
جي رضا حاصل نه ٿي هئي، اهڙي طرح يزيد به روايت ۾ آيل مغفرت کي حاصل ڪندڙن مان
ناهي.
(مڪتوبات شيخ الاسلام: ص253)
جيڪڏهن ڪو ظالم، شرابي، زاني، مؤمنن جي توهين ڪندڙ ڌڪي سڪي ڪنهن جنگ ۾ زبردستي
موڪليو وڃي ته سموري اسلامي لشڪر جي گناهن کي بخشڻ جي باوجود اهو بدبخت اهڙو ئي
رهجي ويندو سندس بدنيتيءَ جي ڪري نه ان کي ثواب ملندو ۽ نه ان تي الله تعالى راضي
ٿيندو.
& (تذکرة الخواص: ص 288)
جواب2/span>:حضور
ﷺ جو فرمان آهي ته ”
إِنَّ اللهَ قَدْ حَرَّمَ عَلَى النَّارِ مَنْ قَالَ لآ إِلٰهَ إِلاَّ اللهُ
يَبْتَغِى بِذَلِكَ وَجْهَ اللهِ“
(صحيح بخاري: ج1 ص 93- السنن
الڪبرى للبيهقي: ج10 ص 124- المعجم الڪبير للطبراني: ج18 ص 29)
يعني بلاشڪ الله ان ماڻهو تي جهنم جي باهه کي حرام ڪري
ڇڏيو جنهن الله جي رضا طلب ڪندي
لآ إِلٰهَ إِلاَّ اللهُ
چيو. ظاهر آهي ته هيءَ حديث ان صورت تي محمول آهي جو
لآ إِلٰهَ إِلاَّ اللهُ
چوڻ وارو ان جي
چوڻ کان پوءِ ان ڪلمي جون تقاضائون به پوريون ڪري. هي ناهي ته بس هڪ ڀيرو ڪلمه پڙهڻ
کان پوءِ سئو خون ڪري، يا جيڪي گهري سو ڪندو وتي، ته به ان تي ڪا پڪڙ ناهي. يزيد جي
يارن کي گهربو هو ته اهي هيءُ ڪلمه واري حديث به پيش ڪري چون ها ته ڪلمو پڙهڻ کان
پوءِ انسان کي جيڪو وڻي سو ڪري، قسطنطنيہ جي جنگ واري روايت ۾ ته
”مَغْفُوْرٌ
لَّهُمْ“
آهي، مگر ڪلمي واري روايت ۾ ته ان تي جهنم جي باهه
حرام ڪيل ڄاڻايل آهي. پوءِ جيڪا تاويل ۽ تشريح ڪلمه واري حديث جي آهي. اها غزوه
قسطنطنيہ واري حديث جي به آهي.
احاديث جي جاچڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪيترن خير جي ڪمن تي مغفرت جي بشارت مليل آهي،
پر ان جو مطلب اڄ تائين ڪنهن به عالم اهو نه ڪيو آهي ته بس ان خير جي عمل کان
پوءِ جنتي هجڻ لازمي آهي ۽ هاڻي ان کي ظلم جي کليل اجازت آهي، جيڪي گهري اهو پيو
ڪري، ان جي لاءِ جنت واجب آهي. چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن شخص جو نالو وٺي ان
کي جنتي چوڻ ٻي شيءِ آهي ۽ ڪنهن جي عمل تي جنت يا مغفرت جي بشارت ڏيڻ ٻي شيءِ آهي.
حضور ﷺ جن حضرات عشره مبشره يا سيدنا حسن ۽ سيدنا حسين ۽ سيده فاطمه جن کي نالو
وٺي کين جنتي سڏيو، پر يزيد جي نالي جنتي نه چيو آهي. ڪنهن روايت جي عموم ۾ داخل
ٿيڻ ٻي شيءِ آهي ۽ ڪنهن بشارت ۾ نالي سان بيان ٿيڻ ٻي شيءِ آهي. بلاشڪ ان حديث ۾
قيصر جي شهر تي حملو ڪندڙن غازين جي لاءِ مغفرت جو ذڪر آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي
ته هر غازي جنتي آهي. جيستائين ان غازي جي
حياتي خير جي عمل تي ختم نه ٿي ٿئي. بالفرض جيڪڏهن يزيد جي يارن جي چوڻ تي
يزيد قسطنطنيہ جي جنگ ۾ شريڪ به ٿيو هجي پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان جا گهڻا عمل
ان تي لعنت ڪرڻ جا سبب بڻيا. البت يزيد شايد اهائي ڳالهه سمجهي هئي ته قسطنطنيہ جي
جنگ ۾ شرڪت کان پوءِ مون تي هاڻي ڪوبه گناهه نه لکيو ويندو ۽ اهو ئي”مرجئه“
(گمراهه) فرقي جو مذهب آهي.
سوال2/span>:ججيڪڏهن
يزيد ظالم هو ته اصحابن سڳورن ان جي بيعت ڇو ڪئي؟
جواب:يزيد
لاءِ جنهن وقت بيعت ورتي وئي، ان وقت ان جا ظلم ۽ بدڪرداري ظاهر نه هئي. جڏهن ظلم ۽
بدڪرداري ظاهر ٿي ته اصحابن سڳورن ان جي ڪيل بيعت به ٽوڙي، سندس کلي مخالفت ڪئي.
جنهن جي ڪري ان ظالم مدينه منوره تي حملو ڪرايو (جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون) ۽ صحابن
سڳورن مان ڪير به ان بدبخت سان سندس برن ڪمن ۾ شريڪ نه ٿيو هو.
سوال3/span>:
هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت ابن عباس
t
کي جڏهن حضرت معاويه جي وفات جي خبر پهتي ته پاڻ يزيد کي ان جي خاندان جو سٺو فرد
قرار ڏنو هيائين.
جواب:
يزيد جو فسق متواتر طريقي سان ثابت آهي، ان جي ڪري ڪابه روايت جيڪا ان جي صالح هجڻ
تي دلالت ڪري شاذ ۽ قبول ڪرڻ جي لائق ناهي. حضرت ابن عباس
t/span>
جو صرف اهو بيان اعتماد جي قابل آهي، جيڪو اسين اڳ ۾ لکي آيا آهيون.
سوال4/span>:اامام
زين العابدين يزيد جي حق ۾ حره واري واقعي کان پوءِ خير جي دعا ڇو ڪئي هئي؟
جواب:
اهڙيون ڳالهيون سڀ توجهه جي قابل ئي ناهن. حضرت امام زين العابدين سهڻي کان اهي
يزيدي ظلم ذهن مبارڪ مان ڪيئن نڪتا هوندا، جيڪي پنهنجي والد ۽ ٻئي خاندان سان ٿيندي
اکين سان ڏٺا هيائين. ڪجهه عقل کان ته ڪم وٺو. اهڙي ڪابه تاريخي ڳالهه نه قبول ڪرڻ
جي لائق آهي، نه ٻڌڻ جوڳي آهي.
سوال5/span>:ڪڪربلا
جي واقعه کان پوءِ ساداتن سڳورن جون مائٽيون بني اميه سان ٿيون. جي بني اميہ ساداتن
جا اهڙا دشمن هئا ته پوءِ مائٽيون مٽيون ڇو ٿيون؟
جواب:
ڪربلا جي واقعي کان پوءِ حضرت فاطمه زهرا جي اولاد مان ڪنهن به بني اميه سان مائٽي
نه ڪئي هئي. اهڙيون ڳالهيون جن ڪتابن ۾ آهن، اهي ناصبين جا لکيل اعتماد جي قابل
ناهن.