خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب
ڪتاب ”الترديد القوي على من يحب يزيد الغوي“
گمراهه يزيد جي يارن جي مضبوط ترديد

مصنف جو تعارف

نحمده و نصلي و نسلم على رسولہ ونبيہ الکريم

 اما بعد! سنڌ سونهاري، ڀاڳن واري، قرب قراري، سچ سنواري جي مٽي مانَ واري پياري آهي. تاريخ ۽ رجال جي ڪتابن ۾ سنڌ جي گهڻن محدثن، محققن، مصنفن ۽ شاعرن جو ذڪر آيل آهي.

اسان جي موجوده دور ۾ ”العابد التقي، والصالح النقي، والعارف الزڪي، والعلامة الفهامة والشيخ المفسر الفقيہ الحنفي محمد ادريس  الداهري الطاهري البخشي الغفاري القادري به انهن مشهور عالمن  جي تقرير ۽ تصنيف ۾ ياد تازي ڪرائي آهي ۽ پنهنجي هم قوم مخدوم ابوالحسن  ڏاهري وانگر علمي سڪ لاٿي آهي.

هلندڙ  دور  ۾ علامه موصوف  جو علمي دنيا ۾ وڏو نالو آهي. پاڻ صاحب محاسن و محامد ڪثيره آهن. الله ڪريم کين گهڻين خوبين سان نوازيو آهي. هڪ طرف پاڻ مجسم دين ۽ حسن اخلاق آهن ته ٻئي طرف پاڻ علوم شرعيه ۽ علوم روحانيه جو مجمع آهن. جي  سندن  لکيل تفسير  ۽ تصانيف پڙهجي ٿي ته پاڻ ڀلا قلمڪار آهن. جي سندن تقرير ٻڌجي ٿي ته پاڻ بهترين مقرر آهن، جي سندن شاعري ٻڌجي ٿي ته سندن شعر شاعراڻين خوبين سان سينگاريل پڪا پختا، پُرسوز، پُرمحبت ۽ پرخلوص  آهن. وري جي سندن علمي فڪري ۽ روحاني خوبين ڏانهن ڏسجي ٿو ته پاڻ موجوده زماني ۾ وڏي قداور شخصيت جا مالڪ نظر
اچن ٿا.

ولادت با سعادت:  صحيح قول مطابق سندن ولادت ڳوٺ دنگ لڳ جمال شاهه موري موجوده تعلقه قاضي احمد ضلع شهيد بينظير آباد (نواب شاهه)  ۾ صالح مرد جناب حاجي رب رکيو  ڏاهري مرحوم جي گهر ۾ 13 ذوالقعد 1367هه بمطابق 17 سيپٽمبر 1948 ع بروز جمعة  المبارڪ تي ٿي.

اسڪولي ابتدائي تعليم:  اتاهين سندن مائٽن جي لڏي اچڻ جي ڪري پاڻ ابتدائي پرائمري تعليم ڳوٺ حاجي غلام حيدر ڏاهري ۾ استاد محمد وارث چنا ۽ استاد قائم الدين چنا وٽ حاصل ڪيائون، جيڪي ان وقت اتي پرائمري استاد هئا.

قرآن شريف پڙهڻ:  پاڻ قرآن شريف ناظره محترم حافظ الله بچايو چنا وٽ پڙهيا، جيڪي ان وقت اتي مدرسہ حيدريہ ۾ قرآن پڙهائڻ جا استاد هئا.

فارسي تعليم:  پاڻ فارسي جا ڪتاب به حاجي غلام حيدر ڏاهري جي قائم ڪيل ديني درسگاهه مدرسه حيدريه ۾ مولانا خان محمد ڏاهري ۽ مولانا عبدالرزاق ڏاهري مرحومن وٽ پڙهيا.

عربي تعليم:  پاڻ علم صرف جا ڪتاب، علم نحو جا ابتدائي ڪتاب تفسير مولانا عبدالرزاق ڏاهري مرحوم جن وٽ پڙهيا، باقي حديث، فقہ، اصول فقہ، منطق، ادب فلسفو جي بقيه ڪتابن جي تڪميل پنهنجي هاڻوڪي ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ مدرسه عربيہ افضليہ ۾ خلافت تحريڪ جي سرگرم مجاهد، وقت جي بيضاوي ۽ فقيہ، عالم، شفيق استاد، حضرت علامه محمد اڪتڙائي تنيو رحمة الله (متوفي 13 ربيع الآخر 1396هه) جن وٽ مڪمل ڪري دستارِ فضيلت جو شرف حاصل ڪيائون.

دوره حديث:  پاڻ حيدرآباد شهر ۾ اهلسنت جي مشهور ۽ معروف ديني درسگاهه ”رڪن الاسلام“ ۾ صحاح ستہ جو امتحان ڏئي، مولانا قاري  عبدالرزاق  ۽ علامه مفتي محمود الوري  { وٽان حديث جي سَندَ حاصل ڪيائون. جنهن جو عڪس اڳتي ڏنو ويو آهي.

1975-1976ع ۾ پاڻ حيدرآباد بورڊ ۾ مولوي عربي، عالم ۽ فاضل عربي جو امتحان فرسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون.

تدريس:  علمي تحصيل کان پوءِ پاڻ پنهنجي شفيق استاد علامه محمد اڪتڙائي رحمة الله جي زير نظر ڪيترائي سال درس ڏنائون. علم جي ڪافي اڃايلن جا سينه علم جي فيض سان سيراب ڪيائون.

شادي ۽ اولاد: پاڻ مديني منوره مان پنهنجي مامي جي پٽ حاجي عبدالحميد مرحوم جي نياڻيءَ سان مديني منوره جي حاضري دوران شادي ڪيائون، جنهن مان کين پنج پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. سندن فرزندن جا نالا هن طرح آهن:  (1) صاحبزاده ميان عاشق حسين (2) صاحبزاده ميان احسان الله  (3) صاحبزاده ميان اسدالله  (4) صاحبزاده ميان عبيدالله (5) صاحبزاده  ميان ولي الله جن آهن.

اوصاف عاليه:  پاڻ اڪثر باوضو رهندا آهن. اڪثر  سندن زبان تي اوراد ۽ وظائف جاري هوندا آهن. قلبي ذڪر گهڻو ڪندا آهن.

گفتار جي اثر انگيزي:  الله ڪريم کين گفتار جي مٺاڻ ۽ بيان ۾ جادو جهڙو اثر عطا ڪيو آهي، سندن تقرير ۾ روانگي، تسلسل، بلاغت ۽ فصاحت، دليلن جي پختگي، عبارت ۾ اعراب جي شائستگي ۽ مخصوص انداز  بيان  خاص ڪري عربيءَ، اردو، فارسي، سرائيڪي، توڙي سنڌي ۾ شعر پڙهڻ جو منفرد انداز هوندو آهي. پوري سنڌ ۾ پاڻ اڄ به ”بلبل باغ مدينه“ جي لقب سان مشهور آهن.

مدارس جي سرپرستي:  هن وقت به سندن ڳوٺ مقيم ڏاهري ۽ شاهپور جهانيان ۾ سندن زير نگراني ٻه مدرسا هلي رهيا آهن.

تاليف و تصانيف:  پاڻ خطابت جي ميدان جا شهسوار  هجڻ سان گڏ قلمي خدمت  به گهڻي ڪئي اٿن. سندن قلم سان لکيل ڪتاب پوري سنڌ کان خراج محبت حاصل ڪري چڪا آهن. سندن ڪتابن جو مختصر  تعارف پيش خدمت آهي.

1- تفسير احسن البيان:  قرآن ڪريم جو سنڌي زبان ۾ مڪمل تفسير 9 جلدن ۾ بهترين ٽائيٽل سان ٻه دفعا ڇپجي چڪو آهي. هن تفسير ۾ اهل سنت و جماعت جي عقائد کي قرآن ڪريم جي آيات  مان صاف صاف ثابت ڪيو ويو آهي. سندن زندگي جو هيءُ تمام عظيم ڪارنامو آهي. تازو انهيءَ تفسير کي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ انداز ۾ ڪمپوز ڪرائي، ان جي پروگرام جي سي. ڊي پڻ تيار ڪئي پئي وڃي. سي.ڊيءَ لاءِ ڪمپوزنگ جو ڪم جاري آهي.

2-  مناقب الصالحين: اولياء ڪرام جي شان ۾ هيءُ ننڍو ڪتاب 1982ع ۾ ڇپيو.

3- الاربعين في فضائل الخلفاءِ الراشدين: خلفاءِ الراشدين U  جي شان ۾ 40 حديثون- هيءُ ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو.

4- احسن التشريح لبردة المديح: قصيده برده شريف جو سنڌي ۾ ترجمو، شرح ۽ مخصوص شعرن جي پڙهڻ جي فائدن بابت هيءُ ڪتاب 1984ع ۾ ڇپيو.

5- جام تصوف:  تصوف جي متعلق هي رسالو پهريان 1985ع ۾ ڇپيو.

6- الدولة الڪبرى شرح اسماء الله الحسنى:  الله تبارڪ و تعالى  جي نالن مبارڪن جي معنى ۽ انهن کي پڙهڻ جي برڪتن بابت هيءُ ڪتاب 1986ع ۾ ڇپيو.

7- سيرت بادشاهه بغدادي: هن ڪتاب ۾ سيدي و مرشدي حضرت عبدالقادر جيلاني، غوث، صمداني، محبوب سبحاني، قطب رباني رحمة الله جي زندگي جو احوال ۽ سندن ڪرامتن جو ذڪر آهي، جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو.

8- تحفة الحجاج: چئن حصن ۾ حج جي متعلق مختصر احڪامن ۽ دعائن بابت هيءُ ڪتاب 1987ع ۾ ڇپيو.

9- التحفة المرضية شرح القصيدة الغوثيہ:  حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله جي عربي قصيدي جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ شرح، 1987ع ۾ ڇپيو.

10-الله جو احسان شرح قصيده نعمان: امام اعظم حضرت امام ابو حنيفہ رحمة الله  جي عربي قصيده جو سنڌي ترجمو ۽ شرح  1991ع ۾ ڇپيو.

11-  ترجمه مدح نامہ سنڌ:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله جي لکيل فارسي زبان ۾ ڪتاب ”مدح نامه سنڌ“  جو سنڌي ترجمو 1991ع ۾ ڇپيو.

12- احسن التحقيق في سيرة الصديق: حضرت صديق اڪبر رضي الله جي زندگي مبارڪ جو احوال، اولاد سيرت ۽ شان مبارڪ بابت هيءُ ڪتاب 1992ع ۾ ڇپيو.

13- تحفة الطلاب في سيرة سيدنا عمر بن خطاب: حضرت عمر فاروق رضي الله جي زندگي مبارڪ جو احوال، اولاد سيرت ۽ شان مبارڪ بابت هيءُ ڪتاب 1992ع ۾ ڇپيو.

14- اوضح البيان في سيرة عثمان بن عفان:  حضرت عثمان غني رضي الله جي زندگي مبارڪ جي احوال، اولاد سيرت، شان مبارڪ بابت هيءُ ڪتاب 1993ع ۾ ڇپيو.

15- فتح القوي  الغالب في سيرة سيدنا علي ابن ابي طالب:  حضرت علي a جي زندگي مبارڪ جو احوال، اولاد، سيرت ۽ شان مبارڪ بابت هيءُ ڪتاب 1994ع ۾ ڇپيو.

16- قادري تحفه:  حضرت غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله جن جو ٻڌايل درود شريف، جيڪو پاڻ بغداد شريف مان آندو هيائون. سنڌي ۽ اردو زبان ۾ سمجهاڻيءَ سان گڏ. هيءُ ڪتاب 1992ع ۾ ڇپيو.

17-  سيرت اويس قرني: سيدنا اويس قرني رضي الله جي زندگي جي احوال بابت هيءُ ڪتاب 1992ع ۾ ڇپيو.

18- مومنن جي ماءُ سيده عائشه صديقه i:  ام المومنين سيده عائشہ صديقہ i جي سيرت ۽ شان مبارڪ بابت هيءُ ڪتاب 1994ع ۾ ڇپيو.

19- ماڻڪ موتي لال: قصيده برده شريف، قصيده نعمان ۽ قصيده غوثيه ٽنهي ڪتابن جو مجموعو. هيءُ ڪتاب 1995ع ۾ ڇپيو.

20- فضائل المسواڪ: ڏندڻ ڏيڻ جي ديني، دنياوي فائدن ۽ سنت طريقي سان ڏندڻ ڏيڻ جي احڪامن بابت هيءُ ڪتاب1996ع  ۾ ڇپيو.

21- التحرير المقبول في اخبار اولاد الرسول ﷺ:  هن ڪتاب ۾ حضور اڪرم ﷺ جي اولاد اطهار، 3 فرزندن ۽ 4 نياڻين جو مڪمل احوال آهي. هيءُ ڪتاب 1996ع ۾ ڇپيو.

22- ترجمه رساله نور: حضرت مخدوم ابوالحسن ڏاهري رحمة الله جي ”نور مصطفى q جي متعلق لکيل فارسي رسالي جو سنڌي ترجمو، جيڪو 1997ع ۾ ڇپيو.

23- سيرت الحسنين: جگر گوشانِ رسول، فرزندان بتول حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين t جن جي زندگي مبارڪ جي احوال ۽ فضائل بابت هيءُ ڪتاب 1998ع ۾ شايع  ٿيو.

24- نماز جي اهميت: نماز جي متعلق تمام مسائل ۽ فضائل جي باري ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2000ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2009 ۾ ڇپيو.

25- شاهه جا چونڊ شعر ۽ سندن مختصر سوانح حيات:  هن ڪتاب ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله جن جي  رسالي مان چونڊ شعر ۽ سندن زندگيءَ جومختصر ا حوال سهيڙيو ويو آهي.

26- ترجمہ النفحات الباهرة: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله جن جو لکيل ڪتاب، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ’پنجتن پاڪ‘ ۽ ’ٻارهن امام‘ چوڻ جائز آهي.

27- دلائل ثبوت ختم النبوة من القرآن والسنة: نبي ڪريم ﷺ جن کان بعد ۾ ڪو به نبي نه ايندو ان جي متعلق قرآن ۽ حديث پاڪ مان ثبوتن بابت ڪتاب.

28- مفتاح السرور في تحقيق  مسئلة النور:  هن ڪتاب ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جي نور هجڻ جي باري ۾ تحقيق بيان ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب        اڃان  ڇپيو ناهي.

29- مجموعة الاشعار حصو اول ۽ حصو دوئم: سندن جا شعر ٻن جلدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

30- ترجمہ الباقيات الصالحات:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله جي لکيل  فارسي رسالي جو سنڌي ترجمو حضور پاڪ ﷺ جن جي گهر وارين % جي شان ۾ .

31- التنبيہ لمنکر نزول المسيح: حضرت عيسى +جو قيامت کان اڳ ۾ زمين تي لهڻ جي متعلق هيءُ ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.

32- عيدين جا فضائل ۽ مسائل:  ٻنهي عيدن جي متعلق فضائل ۽ ضروري مسائل بابت ڪتاب .

33- التحرير العجيب في حجية  حديث الحبيب: انڪارِ حديث جي رد ۾.

34- ڪرامات  امام رباني رحمة الله :  حضرت امام رباني رحمة الله جن جي ڪرامتن بابت هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2007ع ۾، ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو هيءُ ٽيون ڇاپو اوهان جي هٿن ۾ آهي.

35- سيرت شهيد گرهوڙي رحمة الله: حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد رحمة الله جن جي سيرت مبارڪ تي لکيل ڪتاب.

36- محبوب جون محبوب دعائون: حضور پاڪ q جن جي ٻڌايل ۽ گهريل دعائن بابت ڪتاب .

37- جمعه جا فضائل ۽ مسائل: جمعه نماز جي فضيلتن ۽ مسئلن بابت لکيل ڪتاب.

38- الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية:  حضور پاڪ q  جن جي مڪمل احوال سيرت ۽ صورت جي باري ۾ ٻن جلدن ۾ لکيل ڪتاب 2012 ع ۾ ڇپيو.

39- عظمت اهلبيت:  نبي ڪريم ﷺ جن جي اهلبيت جي شان ۾ لکيل ڪتاب 2010 ع ۾ ڇپيو.

مٿي ڄاڻايل ڪتابن کان سواءِ سائينءَ جن جي تصنيف جو سلسلو اڃان جاري آهي.

حرمين شريفين جا سفر: پاڻ 1971ع ۾ پاڪستان جي بحري جهاز ”الشمس“ جي ذريعي ڇهن ڏينهن ۾ مسافت طئي ڪري جده مقدس پهتا. پوءِ مڪه مڪرم ۽ مدينه منوره جون زيارتون ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري،  حج جي سعادت به حاصل ڪيائون. وري ٻيو ڀيرو به ساڳيءَ طرح سرور عالم ﷺ جي بارگاهه بيڪس پناه ۾ حاضري ڀريائون.

 ٻئي سال 1982ع ۾ سفينه حجاج جي ذريعي اٺن ڏينهن ۾ بحري سفر طئه ڪري حرمين شريفين جي حاضري جي سعادت ماڻيائون. ان کان پوءِ هر سال ۾ پاڻ هڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا حرمين شريفين جي حاضري  ڏيندا آهن.

ایں سعادت بزور بازو نیست

تا نہ بخشند خدائے بخشندہ

سلوڪِ تصوف ۽ حصول منازل:  علوم شرعيه جي حصول بعد علوم روحانيه باطنيه جي حصول لاءِ مختلف روحاني شخصيتن کان اڪتساب فيض ڪري، عرفان ۽ وجدان جا مقام ماڻيائون ۽ کين مختلف مشائخ کان مختلف سلسلن ۽ دلائل الخيرات، حزب اعظم ۽ قصيده برده جون اجازتون به مليون.

1- سلسله عاليه غفاريہ بخشيہ مان سَندِ خلافت: طريقه نقشبنديہ مجدديہ غفاريہ جا اسباق پاڻ پير طريقت رهبر شريعت خواجه خواجگان حضرت الله بخش نقشبندي غفاري  عرف  حضرت سهڻا سائين رحمة الله جن کان حاصل ڪري 18 ربيع الثاني 1402 هجري بمطابق 13 فيبوري  1982ع تي سلسلي جي اجازت جي سند ۽ خلافت حاصل ڪيائون.

2 - علوي:  رب العالمين جي احسان ۽ حبيب ڪريم ﷺ جن جي نوازش سان مديني منوره ۾ بار بار حاضري نصيب ٿيڻ جي ڪري اتي جي بزرگن جي به  مٿن وڏي مهرباني رهي. علوي سلسلي (هيءُ سلسلو حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي رحمة الله  پنهنجي ڪتاب ”انتباه في سلاسل اولياءَ الله“ ۾ به آندو آهي) ۾ کين مدينه منوره جي رهندڙ مفسر، محدث، فقيہ بزرگ  ۽ علوي سلسلي جي ڪامل مڪمل ولي، حضرت شيخ زين ابراهيم سميط علوي، حسينيءَ کان اجازت ۽ سند اجازت مليل آهي.

3- شاذلي:  (هيءُ سلسلو به حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ”انتباه في سلاسل اولياءِ الله“ ۾ آندو آهي) هن سلسلي ۾ کين مديني پاڪ جي مشهور عارف، صوفي، سالڪ بزرگ حضرت شيخ فهمي رحمة الله زباني اجازت عنايت ڪئي هئي. دلائل الخيرات  ۽ قصيدو  برده شريف هنن ٻنهي برڪتن ڀرين بزرگن جي محصولات ۾ رکيلن جي اجازت ۽ سند اجازت به کين مدينه منوره جي رهندڙ (هن وقت جنت البقيع ۾ مدفون) بزرگ شيخ محمد حسين رمزي رحمة الله 22 ذوالحج 1392هه ۾ ڏني هئي.

 

 

 

 

از

                                                                   صاحبزادگان:

 

Text Box:  

 

1- حافظ اسدالله ڏاهري

2- مولانا عبيدالله ڏاهري

 

 

سَندون

 


 


 


 

 

 


فهرست
اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting