قرآن ڪريم جي آيتن مان
يزيدي ڪردار جو حڪم
آيت 1:
İفَهَلْ
عَسَيْتُمْ اِنْ تَوَلَّيْتُمْ اَنْ تُفْسِدُوْا فِي الْاَرْضِ وَتُـقَطِّعُوْٓا
اَرْحَامَكُمْ 22 اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَعَنَهُمُ اللّٰهُĬ
(سوره محمّد: آيت 22 – 23)
ترجمو: ڇا پوءِ اوهان هن ڳالهه کي ويجها آهيو جو جيڪڏهن اوهان حڪومت وارا ٿيو ته
زمين ۾ فساد ڪيو ۽ پنهنجون مائٽيون ڪٽيو اهي ئي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي.
فائدو:
هن آيت مان واضح ٿيو ته جيڪي زمين جا حاڪم ٿي فساد ڪن ۽ مٽيون مائٽيون ڇنن، انهن
تي الله
p
جي لعنت آهي. اهي محبت رکڻ جا لائق ناهن. ان جي ڪري يزيد به محبت
رکڻ جو لائق نه آهي.
سوال:
ڇا يزيد ۾ اهي برايون هيون؟
جواب:
بالڪل هيون. مذڪوره آيت جي تفسير ۾ مفسرن جيڪو لکيو آهي، اهو اوهان پڙهي ڏسو:
علامه آلوسي بغدادي هن آيت جي تفسير ۾ لکيو آهي ته
”استدل
بها علىٰ جواز لعن يـزيد عليه من الله تعالى ما يستحق نقل البرزنجي في الإشاعة
والهيتمي في الصواعق إن الإمام أحمد لما سأله ولده عبد الله عن لعن يـزيد قال كيف
لا يلعن من لعنه الله تعالى في كتابه فقال عبد الله قد قرأت كتاب الله عز وجل فلم
أجد فيه لعن يـزيد فقال الإمام إن الله تعالىٰ يقول : İفَهَلْ
عَسَيْتُمْ اِنْ تَوَلَّيْتُمْ اَنْ تُفْسِدُوْا فِي الْاَرْضِ وَتُـقَطِّعُوْٓا
اَرْحَامَكُمْ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَعَنَهُمُ اللّٰهُĬ
وأي فساد وقطيعة أشد مما فعله يـزيد
...
لا توقف في لعن يـزيد لكثرة أوصافه الخبيثة وارتكابه الكبائر في جميع أيام تكليفه
ويكفي ما فعله أيام استيلائه بأهل المدينة ومكة فقد روى الطبراني بسند حسن:”
أَللّٰهُمَّ
مَنْ ظَلَمَ أَهْلَ الْمَدِيْنَةِ وَأَخَافَهُمْ فَأَخِفْهٗ وَعَلَيْهِ لَعْنَةُ
اللهِ وَالْمَلَائِكَةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِيْنَ لَا يُقْبَلُ مِنْهُ صَرَفٌ
وَّلَا عَدْلٌ
“
وقد جزم بكفره وصرح بلعنه جماعة من العلماء منهم الحافظ ابن الجوزي وسبقه القاضي
أبو يعلى
وأنا أقول : الذي يغلب على ظني أن الخبيث لم يكن مصدقاً برسالة النبي صلى الله عليه
وسلم وأن مجموع ما فعل مع أهل حرم الله تعالى وأهل حرم نبيه عليه الصلاة والسلام
وعترته الطيبين الطاهرين في الحياة وبعد الممات وما صدر منه من المخازي ليس بأضعف
دلالة على عدم تصديقه
...
ومن كان يخشى القال والقيل من التصريح بلعن ذلك الضليل فليقل : لعن الله عز وجل من
رضي بقتل الحسين ومن اٰذٰى عترة النبي صلى الله عليه وسلم بغير حق...
ولا يخالف أحد في جواز اللعن بهذه الألفاظ ونحوها
(روح المعاني : ص 72- 73، جزء 26 جلد9)
يعني هن آيت سان يزيد تي لعنت ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. علامه برزنجي پنهنجي
ڪتاب ”الاشاعة“ ۾ ۽ هيتمي ”الصواعق“ ۾ هي نقل ڪيو آهي ته امام احمد ابن حنبل رحمة
الله کان سندس فرزند عبدالله يزيد تي لعنت ڪرڻ جي متعلق پڇيو ته ان فرمايو: ”ان شخص
تي ڇونه لعنت ڪئي وڃي، جنهن تي الله پنهنجي ڪتاب قرآن ڪريم ۾ لعنت ڪئي آهي“.
عبدالله عرض ڪيو ته ”بابا سائين! مون قرآن ڪريم پڙهيو آهي، مون کي ته ان ۾ ڪٿي به
يزيد تي لعنت نظر نه آئي آهي“. حضرت امام احمد رحمة الله پنهنجي پٽ کي مذڪوره آيت
پڙهي ٻڌائي ۽ فرمايو ته ”ان کان وڌيڪ فساد ۽ مائٽي ڪٽڻ ڪهڙي هوندي جيڪا يزيد کان
ٿي“... اسين ان جي انهن برن فعلن ۽ ڪبيرن گناهن جي ڪري جيڪي ان کان ٿيا هئا، ان تي
لعنت ڪرڻ ۾ توقف نه ٿا ڪيون ۽ ان جي لعنتي هجڻ لاءِ اهي ظلم ڪافي آهن، جيڪي ان
پنهنجي حڪومت جي ڏينهن ۾ مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه ۾ رهندڙن سان ڪيا هئا. محدث
طبراني حسن سَنَدَ سان روايت آندي آهي ته حضور ﷺ فرمايو: يا الله! جيڪو مدينه منوره
وارن سان ظلم ڪري ۽ انهن کي ڊيڄاري تون ان کي (مصيبتن ۽ عذابن ۾ ڦاسائي) خوف ۾ رک ۽
ان تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت آهي ۽ ان جو (نه في سبيل الله ) خرچ ڪرڻ
قبول آهي ۽ نه عدل ڪرڻ (بعض عالمن پوين اکرن جو ترجمو هن طرح لکيو آهي ته ” نه ان
جو فرض قبول آهي ۽ نه نفل) علماءِ جي هڪ جماعت ان جي ڪفر ۾ توقف ڪيو آهي، پر ان تي
لعنت جي صراحت ڪئي آهي ۽ انهن مان مشهور مفسر ۽ محدث ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف علامه
ابن الجوزي آهي.
قاضي ابويعلى ان کان به اڳڀرو آهي. مذڪور مفسر لکيو آهي ته: منهنجو خيال آهي ته
يزيد حضور
q
جي تصديق ڪندڙ ئي نه هيو ۽ اهي سمورا ظلم جيڪي هن مدينه منوره ۽
مڪه مڪرمه وارن ۽ نبوي اهلبيت سان سندن زنده هجڻ ۽ شهادت کان پوءِ ڪيا، اهي سڀ ان
جي طرفان (حضور
q
جي) رسالت کي نه مڃڻ جي لاءِ ڪافي ثبوت آهن. جيڪڏهن ڪو يزيد جو
نالو وٺي ان تي لعنت ڪرڻ کان ڊڄي ٿو ته اهو هن طرح چوي ته ”ان تي الله تعالى جي
لعنت آهي، جيڪو حضرت امام حسين رضي الله ۽ ان جي ساٿ وارن کي شهيد ڪرڻ ۾ راضي رهيو
۽ ان تي لعنت آهي، جنهن حضرت نبي ڪريم
q
جي اهلبيت کي ايذايو. اهي اهڙا
الفاظ آهن، جن سان لعنت ڪرڻ جي جائز هجڻ جو ڪوبه مخالف ناهي.
علامه ثناءُالله پاني پتي رحمة الله جيڪو نقشبندي سلسلي ۾ ڪامل
اڪمل ولي، تفسير ۽ حديث جي فن ۾ ماهر هو، جنهن کي ”بَيهقيُّ
الْوَقْتِ“
جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو، ان پڻ مذڪوره آيت جي تفسير ۾
ساڳي ڳالهه لکي آهي.
(تفسير مظهري: ص 434 جلد8)
مفتي محمد شفيع صاحب لکيو آهي ته يزيد کان وڌيڪ مائٽي ڇنڻ ۾ ڪير هوندو، جنهن رسول
الله ﷺ جي رشتي ۾ قرابت جي رعايت نه ڪئي.
(معارف القرآن: ج 8 ص 43)
آيت 2: İاَلَمْ
تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ بَدَّلُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ كُفْرًا وَّاَحَلُّوْا
قَوْمَهُمْ دَارَ الْبَوَارِ 28ۙ جَهَنَّمَ
ۚ يَصْلَوْنَهَا ۭ وَبِئْسَ الْقَرَارُ 29 Ĭ
(سوره ابراهيم: 28- 29)
ترجمو: ڇا اوهان انهن ڏانهن نه ڏٺو جن الله جي نعمت کي ڪفر سان
مٽايو ۽ پنهنجي قوم کي هلاڪت جي جاءِ ۾ داخل
ڪيو.
هن آيت جي تفسير ۾ علامه ثناءُالله پاني پتي رحمة الله لکيو آهي
ته: ”
اخرج ابن مردويه عن ابن عباس
t
انه قال لعمر يا امير المؤمنين هٰذه الآية: İالَّذِيْنَ
بَدَّلُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ كُفْرًاĬ
قال هم الأفجران من قريش : بنو المغيرة و بَنُو أمية أما بنو المغيرة فكفيتموهم
يوم بدر وأما بنو أمية فمُتّعوا إلى حين وکذا ذکر البغوي قول عمر
!
واخرج ابن جرير وابن المنذر وابن ابي حاتم والطبراني في الاوسط والحاکم و صححه وابن
مردويه من طرق عن علي ابن ابي طالب رضي الله فذکر نحوه- قلت اما بنوامية فمتعوا
بالکفر حتي اسلم ابوسفيان و معاوية و عمرو بن العاص وغيرهم ثم کفر يـزيد ومن معه
بما انعم الله عليهم وانتصبوا لِعداوة اٰل النبي
ﷺ
وقتلوا حسينا
!
ظلما وکفر يـزيد بدين محمد
ﷺ
حتي انشد ابياتا حين قتل حسينا
!
مضمونها
”اين
اشياخي ينظرون انتقامي باٰل محمد (ﷺ)
وبني هاشم“
و آخر الابيات
ولست من جندب ان لم انتقمِ
من بنى احمد ما كان فعل
وايضًا احلّ الخمر وقال:
مدام کنز في اناء کفضة
وساق کبد مع مدام کانجم
وشمسه کرم برجها قعرها
مشرقها الساقي ومغربها فمي
فان حرمت يومًا علي دين احمد
فخذها على دين المسيح ابن مريم
وسبوا اٰل محمد
ﷺ
علي المنابر فمتعوا بهٰذه الضلالة الف شهر فانتقم الله منهم حتي لم يبق منهم احد“.
(تفسير مظهري: ص21 جلد5)
يعني ابن مردويہ (حضرت) ابن عباس
t
کان روايت آندي آهي: ان (حضرت) عمر بن الخطاب کي چيو ته اي
اميرالمومنين! هيءَ
آيت:
İالَّذِيْنَ
بَدَّلُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ كُفْرًاĬ
ڪنهن جي باري ۾ لٿي آهي؟ ته ان
فرمايو قريشين جي ٻن وڏن فاجرن (قبيلن) جي باري ۾ 1- بنو مغيره 2- بنواُميہ پر بنو
مُغيره پوءِ اوهان انهن (جي شر) کان جنگ بدر جي ڏينهن ڪفايت ڪيا ويئو (ختم ٿي ويا)
۽ باقي بنواُميہ اهي ڪجهه وقت لاءِ فائدو (ڍر) ڏنا ويا. اهڙي طرح بغوي به حضرت عمر
جي قول کي ذڪر ڪيو آهي. ابن جرير، ابن المنذر، ابن ابي حاتم الاوسط ۾ طبراني ۽ حاڪم
ان کي صحيح چيو آهي. ابن مردويہ مختلف سَنَدُن سان حضرت علي رضي الله کان به اهڙي
روايت آندي آهي. مان (علامه مظهري) چوان ٿو ته: پر بنو اُميہ ڪفر ۾ ڍر ڏنا ويا،
تانجو ابوسفيان، معاويہ ۽ عمرو بن العاص وغيره اسلام قبول ڪيو. ان کان پوءِ يزيد ۽
جيڪي ان سان گڏ هئا، انهن ان نعمت جو ڪفر ڪيو. نبي پاڪ
q
جي آل سان دشمنيءَ ۾ اُڀا ٿي ويا (حضرت) حسين رضي الله کي ظلم ڪندي
شهيد ڪيائون ۽ يزيد ان وقت رسول الله ﷺ جي دين جو انڪار ڪري (ڪفر) ڪيو، تانجو جنهن
وقت حضرت حسين رضي الله کي شهيد ڪرايائين ته شعر ٺاهيائين جن جو مضمون هو ته
”منهنجا وڏا ڪٿي آهن؟ جو (حضرت) محمد ﷺ جي آل ۽ بني هاشم کان منهنجو پلاند وٺڻ
ڏسن. انهن بيتن ۾ آخري بيت (جو ترجمو) هي آهي: ”مان جندب جي اولاد مان ئي ناهيان،
جيڪڏهن مان احمد جي اولاد کان سندس( احمد ﷺ) ڪيل ڪم (مسلمان بنائڻ) جو پلاند نه
وٺان.
يزيد شراب کي به حلال سڏيو هو ۽ (ان جي باري ۾) چيو هيائين: ”شراب جو خزانو چانديءَ
جهڙي ٿانو ۾ هجي ۽ انگور جي شاخ انگورن سان ڀريل آهي، جيڪي ستارن وانگر آهن. انگور
جي ول جي گهرائي سج جي بُرجن جي قائم مقام آهي. سج جو اوڀر طرف ساقيءَ جو هٿ آهي ۽
ان جو اولهه طرف منهنجو منهن آهي. جيڪڏهن اهو شراب احمد (ﷺ) جي دين ۾ حرام ڪيل
آهي ته مسيح (حضرت عيسيٰ) بن مريم جي دين تي ٿي (يعني عيسائي ڪافر بڻجي) پيئڻ کپي.
(ڪفر جي صلاح ڏيندڙ خود به ڪافر ٿي ويندو) ۽ يزيدي بدبخت منبرن تي چڙهي رسول الله ﷺ
جي اولاد کي گاريون ڏيندا هئا ان گمراهيءَ تي هزار سال تائين مهلت ڏنا ويا هئا. ان
کان پوءِ الله تعالى انهن کان اهڙو انتقام ورتو جو منجهائن ڪير به باقي نه رهيو.
آيت 3:
İوَمَنْ
كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 55 Ĭ
(سورة النّور: 55)
ترجمو: ۽ جنهن ان کان پوءِ ڪفر ڪيو پوءِ اهي ئي فاسق آهن.
هنن سهڻن لفظن کان اڳ ۾ الله
p،
صحابه ڪرام سان جيڪو خلافت عطا ڪرڻ جو ذڪر فرمايو هو، ان ۾ ايمان ۽ صالح اعمال جو
ذڪر هو ۽ هتي ٻڌايو ويو آهي ته جنهن ان خلافت ملڻ جهڙي نعمت جي بي شڪري ۽ بي قدري
ڪئي، اهي فاسق بي دين آهن، انهن ۾ دين آهي ئي ڪونه. مذڪوره سٽ جي وضاحت ڪندي بيهقي
الوقت ولي ڪامل نقشبندي سلسلي جي سرواڻ حضرت علامه ثناءُالله پاني پتي رحمة الله
لکيو آهي:
ويمکن ان يکون قوله تعاليٰ: İ
وَمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ
Ĭ
اشارة الى يـزيد بن معاوية حيث قتل ابن بنت رسول الله صلي الله عليه وسلم ومن معه
من اهل بيت النبوة واهان عترته وافتخر به وقال هٰذا يوم بيوم بدر وبعث جيشا على
مدينة وبالمسجد الذي اُسّسَ علي التقوى من اول يوم وهو روضة من رياض الجنة ونصب
المجانيق على بيت الله تعالى وقتل ابن الزبير ابن بنت خليفة رسول الله صلي الله
عليه وسلم وفعل ما فعل حتي کفر بدين الله واباح الخمر“.
(تفسير مظهري: ص 554 ج6)
يعني ممڪن آهي ته ”
وَمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ“
۾ يزيد ڏانهن اشارو
هجي، جنهن رسول الله ﷺ جي ڏوهٽي ۽ اهلبيت نبوت مان ان جي ساٿين کي شهيد ڪيو، جو
سندس اڪثر ساٿي خاندانِ نبوت جا فرد هئا. يزيد رسول الله ﷺ جي عترت جي توهين ڪئي ۽
ان تي فخر ڪندي چوڻ لڳو هو ته اڄوڪو ڏينهن بدر جي جنگ واري ڏينهن جو بدلو آهي (بدر
جي جنگ ۾ مسلمانن اسان جي وڏن ڪافرن کي قتل ڪيو هو، اڄ مسلمانن جي آقا ﷺ جي ڏوهٽي
سندن خاندان جي فردن کي شهيد ڪري اهو پلاند ورتو اٿئون) ۽ يزيد مدينه منوره تي
چڙهائيءَ لاءِ لشڪر موڪلي مسجد تي حملو ڪرايو، جنهن جو بنياد شروع کان ئي تقوى تي
رکيو ويو
۽ ان دوران (وقعة
الحرَّة
۾) مدينه منوره کي لٽيو ويو ۽ ان مسجد جي توهين
ٿي، جنهن ۾ جنت جي باغن مان باغ آهي (رَوْضَةٌ
مِّنْ رِيَاضِ الْجَنَّةِ)
۽
انهيءَ (بدبخت) بيت الله تي ڪرينون (منجنيقون) کڙيون ڪرائي، پٿر وسرايا ۽ حضور ﷺ جي
پهرئين خليفي سيدنا حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي ڏوهٽي حضرت عبدالله زبير (جيڪو
پاڻ به صحابي هو ۽ صحابيءَ جو فرزند پڻ هو جنهن جي ماءُ، نانو ۽ ناني صحابي هئا)
کي شهيد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ الله
p
جي دين جو منڪر ٿي، شراب کي حلال چوڻ لڳو .
حضرت عبدالله بن الزبير
رضي الله
جو تعارف
ياد ڪرڻ گهرجي ته حضرت نبي ڪريم ﷺ جي پڦي صفيہ بنت عبدالمطلبi،
العوام نالي ابوعبدالله القرشي سان شادي ڪئي، جنهن مان ان کي حضرت زبير ڄائو. حضرت
زبير رضي الله پنهنجي والده سائڻ سان گڏ سورهن (16) سالن جي عمر ۾ مسلمان ٿيو هو ۽
کيس سندس چاچي وڏي تڪليف ۽ عذاب ڏنا، پر پاڻ پڪو مسلمان رهيو ۽ حضور ﷺ سان سڀني
جنگين ۾ گڏ رهيو ۽ اهو پهريون مسلمان هو، جنهن اُحدَ جي جنگ ۾ اول اول تلوار هلائي
هئي ۽ حضور
q
سان گڏ رهيو ۽ ڏهن جنت جي بشارت ڏنلن (عشره مبشره) مان هڪ آهي.
جسم جو هلڪو قدآور ۽ اڇاڻ ڏانهن مائل ڀورو مڙس هو. بصره جي سرزمين ۾ سفوان علائقي ۾
عمرو بن جرموز جي هٿان شهيد ٿيو. في الحال وادي السباع نالي مقام ۾ دفن ڪيو ويو،
وري اتاهين ڪڍي بصره ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس مزار مشهور آهي. ان کان سندس ٻن
فرزندن عبدالله ۽ عروه وغيرهما حديثون روايت ڪيون آهن. حضرت زبير رضي الله جي شادي
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي نياڻي حضرت بيبي اسماء بنت ابي بڪر صديق
t
سان ٿي هئي، جنهن کي ذات النطاقين (ڪپڙي جي ٻن ٽڪرن واري) سڏيندا
هئا. ڇو ته ان حضور
q
جن جي هجرت واري رات پنهنجي رئي (چادر) کي ٻه ٽڪرا ڪري هڪڙي سان
سندن سفر جو سامان ته ٻئي سان سندن پاڻي واري کلي جو منهن ٻڌو هو ۽ هڪ قول آهي ته
هن ٻن ٽڪرن مان هڪ حضور
q
جي خدمت ۾ استعمال ڪيو هو ته هڪ سان پنهنجي مٿي مبارڪ کي ڍڪيو. ان
مان ئي حضرت زبير کي حضرت عبدالله پٽ ڄائو هو ۽ اها اسلام قبول ڪرڻ ۾ گهڻو آڳاٽي
هئي هن کان اڳ ۾ صرف سترهن ماڻهو مسلمان ٿيا هئا، ارڙهين پاڻ هئي. اها سيده عائشہiکان
عمر ۾ وڏي هئي. پاڻ پنهنجي پٽ حضرت عبدالله جي شهادت کان ڏهه يا ويهه ڏينهن پوءِ
سنه 73هه ۾ وفات ڪئي هيائين. جڏهن سندس پٽ جي جسم مبارڪ کي ڦاسيءَ جي تختي تان هيٺ
لاٿو ويو هو ته ان وقت ان جي عمر مبارڪ سؤ سال هئي.
(الاڪمال في اسماء الرجال مع مشڪواة المصابيح: ص587- 595)
حضرت عبدالله هنن عظيم هستين جو فرزند هو:
علامه ابن حجر عسقلاني لکيو آهي ته: عبدالله بن زبير بن عوام بن خويلد بن اسد
الاسدي سندس ڪنيت ابوبڪر يا ابوخبيب آهي. سندس والده جڏهن مدينه منوره ڏانهن هجرت
ڪئي هئي ته هيءُ سندس پيٽ ۾ هو. هجرت کان پوءِ اهو پهريون مسلمان ٻار هو، جيڪو
مدينه منوره ۾ ڄائو هو.
(تهذيب التهذيب: ص 215 ج 5)
علامه ذهبي لکيو آهي ته: حضرت عبدالله بن زبير جا ٻه ڪنيا هئا: 1ابوبڪر
2
ابوخبيب. هيءُ وڏن عالمن مان هڪ عالم ۽ رسول الله ﷺ جي حواري حضرت زبير جو فرزند
آهي. کانئس تقريبًا ٽيٽيهه (33) حديثون روايت ڪيل آهن. سندن شمار ننڍن صحابن مان
آهي. جيتوڻيڪ علم شرف جهاد ۽ عبادت ۾ وڏو هو. پنهنجي پيءُ، ناني والده، ماسيءَ سيده
عائشہ، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان
U
وغيره کان حديثون روايت ڪيون اٿس. کيس حضرت نبي ڪريم ﷺ جي پاڪ
ظاهري زندگي جا اٺ سال ۽ چار مهينا نصيب ٿيا هئا. حضور
q
جن جي خدمت ۾ گهڻو ايندو هو، ڇو ته سندس ماسي سيده عائشہi
اتي موجود هوندي هئي. جڏهن والد صاحب جي حڪم تي ستن سالن جي عمر ۾ حضور
q
جن جي بيعت ڪرڻ لاءِ آيو ته حضرت حبيب ڪريم
q
جن کيس ايندي ڏسي مرڪڻ لڳا ۽ کيس بيعت ۾ ورتائون. علامه موصوف لکيو آهي ته جڏهن
صحابه ڪرام مڪه پاڪ کان هجرت ڪري مدينه منوره ۾ آيا ۽ کين ڪوبه ننڍڙو ٻار نه ٿي
ڄائو ته ڪي چوڻ لڳا ته انهن تي يهودين سحر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها ڳالهه گهڻي هُلي
وئي. پوءِ جڏهن حضرت عبدالله بن زبير ڄائو ته مسلمانن خوشي مان اهڙو زور
سان نعره تڪبير هنيو، جو سڄو مدينه منوره ان آواز سان ڀرجي ويو
حضور
q
جن حضرت ابوبڪر کي حڪم ڪيو ته اُن عبدالله جي ڪن ۾ بانگ ڏني.
حاشيـي نمبر-1 تي آندو اٿس ته حضرت عبدالله قبا شريف ۾ ڄائو هو. سندس والده کيس
حضور
q
جن وٽ کڻي آئي، ته جيئن پاڻ کارڪ چٻاڙي سندس وات ۾ وجهن. پوءِ حضور
q
جن عبدالله کي پنهنجي والده کان وٺي، پنهنجي هنج پاڪ ۾ ويهاري کارڪ گهرائي چٻاڙي
سندس وات ۾ وڌائون ۽ ان کي هٿ مبارڪ لڳائي ان لاءِ دعا فرمائي، سندس نالو عبدالله
رکيائون .
حضرت عبدالله بن زبير هڪ محبوب شخصيت هو:
هن کان اڳ لکي چڪا آهيون ته حضرت عبدالله جو والد حضرت زبير شاندار صحابي هو جيئن
هنن حديثن مان واضح آهي:
حديث
1:
حضرت جابر رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن (جنگ احزاب جي دوران) فرمايو
ته ”مون وٽ ڪافرن جي خبر ڪير
آڻيندو؟ حضرت زبير عرض ڪيو ”مان“ پوءِ پاڻ فرمايائون:”
إِنَّ لِكُلِّ نَبِيٍّ حَوَارِيًّا وَحَوَارِيَّ الزُّبَيْرُ“
(متفق عليہ)
يعني هر نبي جو هڪ (مخلص)
دوست مددگار هوندو آهي ۽ منهنجو مددگار زبير آهي.
علامه نعيمي لکيو آهي ته: ان رات ايتري سخت سردي هئي، جو اوڏانهن وڃڻ ته ڇا، گهر
مان نڪرڻ به وڏي ڳالهه هئي. ان وقت اها خدمت وڏي جرئت سان حضرت زبير ڪئي، ان جي
ڪري کيس مخلص دوست سڏيائون.
(مرآة شرح مشڪواة: ص 431 جلد8)
حديث
2:
حضرت زبير رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”مَنْ
يَأْتِيْ بَنِيْ قُرَيْظَةَ فَيَأْتِيَنِيْ بِخَبَرِهِمْ فَانْطَلَقْتُ فَلَمَّا
رَجَعْتُ جَمَعَ لِيْ رَسُوْلُ اللهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَبَوَيْهِ
فَقَالَ فِدَاكَ أَبِيْ وَأُمِّيْ
“
(متفق عليہ- مشڪواة: ص565- مسند احمد بن حنبل:جزء 42 ص365)
يعني مون وٽ بني قريظه وارن جي خبر (رپورٽ) ڪير آڻيندو؟ پوءِ مان ويس ۽ جڏهن واپس
آيس ته رسول الله ﷺ جن پنهنجا والدين (ڪريمين) گڏي فرمايو ته ”توتان منهنجا والدين
قربان ٿين“.
مذڪوره روايت جي شرح ڪندي علامه نعيمي لکيو آهي ته: غالبًا هي واقعه غزوه احزاب جو
ئي آهي. ان غزوه ۾ مدينه منوره ۾ رهندڙ يهودين بغاوت ڪئي هئي، مڪه مڪرمه جي ڪافرن
سان سازباز ڪئي هئي ته ٻاهران اوهان حملو ڪجو، اندران اسين حملو ڪنداسون ۽ مسلمانن
کي داڻي وانگر پيهي رکنداسون. حضور انور ﷺ جي حڪم مطابق حضرت زبير ٻيو ڀيرو جاچ ڪرڻ
جي لاءِ ٻاهر ويو تڏهن پاڻ ائين فرمايو هئائون ۽ بعض علماءِ جو قول آهي ته حضور
q
جن اهو فرمان غزوه بني قريظه ۾ ڪيو هو، جڏهن بني قريظه پنهنجن قلعن
(پناهگاهن) ۾ لڪي ويا هئا.
ياد رهڻ گهرجي ته ( توتان منهنجا والدين قربان) اهي الفاظ چوڻ انتهائي محبت ۽ عظمت
ظاهر ڪرڻ لاءِ آهن.
حديث
3:
حضرت علي رضي الله کان روايت آهي ته منهنجي ڪنن حضور
q
جي منهن مبارڪ کان ٻڌو، جو فرمايائون ”
أَلطَّلْحَةُ وَالزُّبَيْرُ جَارِيَايَ فِي الْجَنَّةِ“
(ترمذي – مشڪواة ص 566)
يعني طلحہ ۽ زبير جنت ۾ منهنجا پاڙيسري آهن.
يعني کين منهنجي قرب جو ڪمال حاصل ٿيندو. حضرت عبدالله اهڙي پياري صحابي ۽ پياري
صحابياڻي حضرت بيبي اسماء بنت ابي بڪر جو پٽ هو، جنهن کي نيڪ صالحن ٻانهن ۾ اهم
مقام حاصل هو. علامه ذهبي بيان ڪيو آهي ته:
1
محمد بن يعقوب کان روايت آهي ته : حضرت معاويہ جڏهن
حضرت عبدالله بن زبير سان ملندو هو ته کيس چوندو هو: ”
مَرْحَبَا يَا ابْنَ عَمَّةَ رَسُوْلِ اللهِ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
“
رسول الله ﷺ جي پڦيءَ ۽ سندن حواري جي پٽ کي مرحبا، ان کان پوءِ کيس هڪ لک درهم ڏيڻ
جي لاءِ امر ڪندو هو.
2
ابن ابي مليڪہ کان روايت آهي، ان فرمايو ته حضرت ابن
عباس
t
وٽ ابن زبير جو ذڪر ٿيو ته فرمايائون: ”
قَارِيءٌ لِکِتَابِ اللهِ عَفِيْفٌ فِي الْاِسْلَامِ... الخ
“ الله جي ڪتاب جو قاري ۽
اسلام ۾ پاڪ صاف هو.
3
مسلم زنجي چيو ته مون عمرو بن دينار کان ٻڌو اهو فرمائي پيو ته
”
مَا رَاَيْتُ مُصَلِّيًا قَـطُّ اَحْسَنَ صَلوٰةً مِّنْ عَبْدِ اللهِ ابْنِ
الزُّبَيْرِ
“ مون
ڪنهن کي به نماز پڙهڻ ۾ عبدالله بن الزبير کان وڌيڪ سهڻو نه ڏٺو.
4
نعمان جي ڌيءُ اُمِّ جعفر حضرت ابو بڪر جي ڌيءَ اسماء، حضرت عبدالله بن الزبير جي
ماءُ تي سلام ڪيو ته ان وقت حضرت عبدالله
بن زبير ان وٽ ويٺو هو،
اُمِّ جعفر فرمايو:”
قَوَّامُ اللَّيْلِ صَوَّامُ النَّهَارِ“
يعني عبدالله رات جو (عبادت ۾ ) گهڻو بيهندڙ ۽ ڏينهن جو گهڻا روزا رکندڙ آهي.
5
ابن ابي مليڪہ روايت ڪئي ته مون کي عمر بن عبدالعزيز چيو: تنهنجي دل ۾ عبدالله بن
زبير جي ڪا ڳالهه آهي؟ مون ان کي چيو جيڪڏهن تون ان کي ڏسين ها ته ان جهڙو مناجات
ڪندڙ ۽ نماز پڙهندڙ نه ڏسين ها.
6
حبيب بن شهيد ابن ابي مليڪہ کان روايت آندي آهي ته : ابن الزبير ست
ڏينهن لاڳيتو روزي ۾ هوندو هو ۽ ستين ڏينهن صبح جو به اسان کي شينهن نظر ايندو هو.
علامه ذهبي لکيو آهي ته شايد ان تائين اها
روايت نه پهتي هئي ته حضور ﷺ جن لاڳيتو
روزي رکڻ کان روڪيو هو. حضرت ابن الزبير عبادت ۾ هڪ مخصوص قسم جو هو.
7
عمر بن قيس کان روايت آهي ته :حضرت عبدالله بن الزبير کي هڪ سئو غلام هئا، انهن مان
هرهڪ غلام سان جدا ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو هو. پوءِ جڏهن مان ان جي آخرت جي لاءِ سوچ
کي نهاريندو هوس ته چوندو هوس ته ”هن دنيا لاءِ هڪ اک ڇنڀڻ جيترو قدر به نه سوچيو
آهي ۽ جڏهن دنيا واري امر ڏانهن ڏسندو هوس ته چوندو هوس هن الله
p
جي لاءِ اک ڇنڀ جيترو قدر به نه سوچيو آهي“.
8
مجاهد جو بيان آهي ته : حضرت عبدالله بن زبير رضي الله جنهن وقت نماز ۾ بيهندو هو
ته (خشوع ۽ خضوع) ۾ اهڙو ٿي ويندو هو.
ڄڻ ته ڪا ڪاٺي بيٺي آهي ۽ ان ئي ٻڌايو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله به ائين هوندو
هو.
9
ثابت بناني بزرگ فرمايو ته: مان حضرت عبدالله بن زبير کان ان
وقت لنگهندو هوس، جنهن وقت مقامِ ابراهيم جي
پويان نماز پڙهندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا ڪاٺي بيٺل آهي جيڪا چري ئي نه
ٿي.
0
يوسف بن ماجشون هڪ ثقه راوي کان روايت آندي آهي ان فرمايو ته ”حضرت عبدالله بن زبير
رضي الله پنهنجي وقت کي ٽن راتين ۾ ورهايو هو: هڪ سڄي رات صبح تائين بيهڻ ۾
گذاريندو هو ته هڪ سڄي رات صبح تائين رڪوع ۾ گذاريندو هو ۽ هڪ سڄي رات صبح تائين
سجدي ۾ گذاريندو هو.
!
مسلم بن يناق چيو ته حضرت عبدالله بن زبير رڪوع ۾ شروع ٿيو ته اسان سورة البقره،
سوره آل عمران، سورة النساء ۽ سورة المائده پڙهي پوريون ڪيون ته ان اڃان رڪوع کان
مٿو مٿي نه کنيو هو.
۾
عمرو بن دينار کان روايت آهي ته جڏهن حضرت ابن زبير کي گهيرو ڪري مٿس منجنيق جي
ذريعي توب هلائي گولا وسايا ٿي ويا ته پاڻ حطيم
شريف ۾ نفل پڙهي رهيو هو ۽ انهن ڏانهن واجهايائين به ڪونه ٿي.
ءِ
هشام بن عروه ابن المنڪدر کان روايت آندي آهي ته: حضرت ابن الزبير رضي الله تي پٿر
وسايا ٿي ويا، پر ان حال ۾ به پاڻ نماز ۾ قرآن ڪريم پڙهي جهومي رهيو هو، ڄڻ وڻ جي
ٽاري هوا ۾ جهومي رهي آهي.
ءَ
عمر بن قيس پنهنجي ماءُ کان روايت آندي آهي اها حضرت ابن
زبير جي گهر ۾ وئي ته ”
فَاِذَا هُوَ قَائِمٌ يُّصَلِّيْ فَسَقَطَتْ حَيَّةٌ عَلَي ابْنِهٖ هَاشِمٍ
فَصَاحُوْا
”اَلْحَيَّةُ
اَلْحَيَّةُ“
ثُمَّ رَمَوْهَا فَمَا قَطَعَ صَلاتَهٗ
“يعني اوچتو
سندس پٽ هاشم تي هڪ نانگ اچي ڪريو. سڀني دانهون ڪري چيو
”نانگ، نانگ“ پوءِ ان کي پٿر هڻي ماريائون پر پاڻ نماز نه ڀڳائين.
ءُ
مجاهد کان روايت آهي ته ”
مَا کَانَ بَابٌ مِّنَ الْعِبَادَةِ يَعْجُزُ عَنْهُ النَّاسُ اِلَّا تَکَلَّفَهُ
ابْنُ الزُّبَيْرِ وَلَقَدْ جَآءَ سَيْلٌ طَبَقَ الْبَيْتَ فَطَافَ سَبَاحَةً
“
يعني عبادت جو ڪوبه اهڙو قِسم، جنهن کان ماڻهو عاجز ٿيا هجن
هوندو هو ته حضرت ابن زبير تڪلف ڪري به اهو
ڪندو هو. هڪ ڀيري مٿان اچڻ وارين نَيُن
جو پاڻي بيت الله ۾ اچي ويو(طواف لاءِ هلڻ ممڪن نه هو ته حضرت) عبدالله بن
زبير رضي الله پاڻيءَ ۾ تري به طواف ڪيو.
ءٌ
عثمان بن طلحہ کان روايت آهي ان فرمايو ته : ”
کَانَ ابْنُ الزُّبَيْرِ لَا يُنَازَعُ فِيْ ثَلَاثَةٍ شَجَاعَةٍ وَّلَا عِبَادَةٍ
وَّلَا بَلَاغَةٍ
“يعني حضرت ابن زبير
سان ٽن ڳالهين ۾ ڪوبه مقابلو ڪري نه سگهندو هو: بهادريءَ ۾، عبادت ۾ ۽ بلاغت ۾.
۽
ابراهيم بن سعد زهري کان، ان انس رضي الله کان روايت آندي آهي ته: حضرت عثمان جن
ماڻهن کي قرآن ڪريم جا نسخا اتارڻ جي لاءِ چيو هو، انهن ۾ حضرت ابن زبير رضي الله
به شامل هو.
٭
ابو نعيم عبدالواحد بن ايمن کان روايت آندي آهي ته مون ابن زبير کي عدن (يمن) جي
ٺهيل چادر ۾ نماز پڙهندي ڏٺو ۽ ايڏي بلند آواز
جو صاحب هو، جو جڏهن خطبه ڏيندو هو ته جبلن مان آواز ايندو هو. سندس
وارن جو چوٽو ڪنڌ مبارڪ تائين هوندو هو، سندس
ڏاڙهي (مبارڪ) ميندي هڻڻ جي ڪري سونهري رنگ تي چمڪندڙ لڳندي هئي.
)
هشام بن عروه فرمايو ته: ”
اَوَّلُ مَنْ کَسَي الْکَعْبَةَ الدِّيْبَاجَ ابْنُ الزُّبَيْرِ وَکَانَ
يُطَيِّبُهَا حَتّٰي يُوْجَدَ رِيْحُهَا مِنْ طَرَفِ الْحَرَمِ وَکَانَتْ
کِسْوَتُهَا قَبْلَهُ الْاَنْطَاعُ
“ يعني ڪعبة الله شريف کي اول ريشمي غلاف (حضرت)
ابن زبير ڍڪايو هو ۽ ان کي ايتري خوشبوءِ هڻائيندو هو، جو حرم ۾ داخل ٿيندڙ کي داخل
ٿيڻ شرط محسوس ٿيندي هئي ۽ ان کان اڳي ڪعبه شريف جو غلاف چمڙي جا ٽڪرا هوندو هو.
(
ابن ابي الدنيا ڪتاب ”الخلفاء“ ۾ آندو آهي ته ابن الزبير کي جڏهن ڦاسيءَ تي لٽڪايو
ويو هو ته سندس ڪنڌ مبارڪ ڀڳل هو. پاڻ ڪڻڪ رنگو، صفا سنهڙو، قد جو وچولو هو، سندس
اکين مبارڪن جي وچ تي گهڻا سجدا ڪرڻ جا نشان هئا.
‘
ڦاسيءَ تان لاهڻ کان پوءِ سندس والده کيس مدينه منوره ڏانهن کڻائي وئي ۽ اتي کيس
دارِ صفيه ۾ دفن ڪرايائين ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ دارصفيه واري زمين مسجد نبوي ۾ ملائي
وئي. پوءِ حضرت ابن زبير حضور ﷺ جن کي ويجهو مدفون آهي. سندس رحلت کان پوءِ ٻه
مهينا يا ان جي لڳ ڀڳ سندس امان سائڻ سيده اسماء بن ابي بڪر وفات ڪئي ۽ ان وقت ان
جي عمر سئو سال جي لڳ ڀڳ هئي ۽ اها هجرت ڪندڙ
صحابياڻين ۾ اول ۽ وفات ڪرڻ ۾ آخري صحابياڻي هئي. ام المومنين سيده عائشہi
کان ڪجهه سال وڏي هئي. هن سانئڻ به ڪجهه حديثون روايت ڪيون آهن. حضرت اسماء سانئڻ
وڏي سخاوت واري هئي. ڪابه شيءِ ٻئي ڏينهن جي لاءِ بچائي نه رکندي هئي. ڪيترا ٻانها
آزاد ڪيا هئائين.
(سير اعلام النبلاء للعلامة الذهبي: ص 32 کان 38 جلد 3 مطبوعه مؤسسة الرسالة)
الغرض ته اهڙي پياري شخصيت تي حملي ڪرائڻ جي لاءِ يزيد بي ديد بيت الله شريف تي پٿر
وسرايا هئا پر پاڻ مري ويو ته پوءِ سندس دل
جي مراد يوسف بن حجاج ظالم (عليه ما يستحقہ) پوري ڪرائي. ”
وَاِنَّ الظّٰلِمِيْنَ بَعْضُهُمْ
اَوْلِيَاۗءُ بَعْضٍ
“۽ بيشڪ ظالم ظالمن جا دوست آهن.
آيت4:
İاِنَّ
الَّذِيْنَ يُؤْذُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَعَنَهُمُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا
وَالْاٰخِرَةِ وَاَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا مُّهِيْنًا 57Ĭ
(سورة الاحزاب: آيت 57)
ترجمو: بلاشڪ جيڪي الله ۽ ان جي رسول کي ايذائن ٿا الله انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾
لعنت ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.
سمجهاڻي:
هن آيت جي لفظن تي غور ڪرڻ سان هر سچي مسلمان کي محسوس ٿيندو ته حضرت حسين ۽ ان جي
ساٿين اهلبيتن شهيدن جي ذات کي ايذائيندڙ الله
p
۽ ان جي رسول
q
کي ايذائيندڙ آهي ۽ ان جي اهائي سزا آهي، جيڪا هن آيت ۾ مذڪور آهي. غير مقلدن جي
مايه ناز عالم علامہ وحيد الزمان جي لکت هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ پيش خدمت آهي:
”
انما لعنّٰه لانه لعن عليه امامنا احمد بن حنبل وکذالک روي ابن الجوزي من اصحابنا
السلف جواز اللعن عليه ومنع الغزالي عنه تحکم وهو لم يلتفت الي قوله تعالى İ
اِنَّ الَّذِيْنَ يُؤْذُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَعَنَهُمُ اللّٰهُ فِي
الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ
وَاَعَدَّ لَهُمْ
عَذَابًا مُّهِيْنًا
Ĭ
وايُّ ايذاء اعظم من قتل آله واقاربه صلي الله عليه وسلم وهتک حرمته وقتل اهل
المدينة وامره بذالک واستبشاره بذالک متواتر لايمکن الانکار عنه وروي عن يـزيد لعنه
الله
ليت اشياخي ببدر شهدوا
وقعة الخزرج من وقعة الاسل
قد قتلنا الضعف من ساداتهم
وعدلنا ميل بدر فاعتدلٖ
فان کانت هٰذه الرواية فلا شک في کفره والحاده
“
(حاشية هدية المهدي: ص 989)
يعني اسين يزيد تي لعنت ڪيون ٿا ڇو ته ان تي اسان جي امام احمد بن حنبل لعنت ڪئي
آهي ۽ اسان جي اڳين بزرگن مان ان تي لعنت ڪرڻ کي ابن جوزي جائز چيو آهي ۽ ان تي
لعنت کان امام غزالي جو منع ڪرڻ دليل کان سواءِ آهي (جيڪو قبول ڪرڻ جي قابل ناهي)
ان مذڪوره آيت تي غور ڪيو:”بلاشڪ جيڪي الله ۽ ان جي رسول کي ايذائن ٿا، الله انهن
تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس“. حضور
q
جي آل ۽ اقارب کي شهيد ڪرڻ ۽ انهن جي بي عزتي ڪرڻ ۽ اهل مدينه کي
شهيد ڪرڻ کان وڌيڪ وڏو گناهه ڪهڙو آهي؟ ۽ ان جو ان متعلق امر ڪرڻ ۽ ان جو ان تي خوش
ٿيڻ متواتر(طريقي سان ثابت) آهي، جنهن جو انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي ۽ يزيد (الله ان تي
لعنت ڪري) کان هي شعر روايت ڪيل آهن: (ترجمو) ڪاش! جيڪڏهن (مسلمانن جي هٿان) بدر ۾
ڪٺل منهنجا وڏا موجود هجن ها، ته ڏسن ها ته اسان (مسلمانن بلڪ) نبي پاڪ (q)
جي هڪ نسل کي شهيد ڪري بدر وارو پلاند ورتو آهي هاڻي حساب برابر ٿي ويو آهي.
مسلمانو! جڏهن يزيد ۾ اهي سڀ ڳالهيون هيون ته ان جي ڪفر ۽ الحاد ۾ ڪوبه شڪ ناهي.
مذڪوره شعر علامه ابن ڪثير ذڪر ڪيا آهن.
(البداية والنهاية: جزء 8 ص 192)
آيت5:
İمَآ
اَصَابَ مِنْ مُّصِيْبَةٍ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِيْٓ اَنْفُسِكُمْ اِلَّا فِيْ
كِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ اَنْ نَّبْرَاَهَاĬ
(سورة الحديد: آيت 22)
ترجمو: جيڪا مصيبت به زمين ۾ يا اوهان جي سرن ۾ پهچي ٿي، اها ان کان اڳي جو اسين ان
کي ظاهر ڪيون ڪتاب ۾ آهي.
هشام راوي بيان ڪيو آهي ته جڏهن ڪربلا ۾ شهيد ٿيلن جا سر مبارڪ يزيد وٽ پهتا ته
يزيد خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي اندر جي جذبات کي شعرن ۾ ظاهر ڪيو (جيڪي هن کان اڳ
۾ لکي آيا آهيون)
يزيد جي اها سرڪشي تڪبر وارو انداز ڏسي ”قال
له علي بن الحسين بل ما قال الله تعالي İمَآ اَصَابَ
مِنْ مُّصِيْبَةٍ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِيْٓ اَنْفُسِكُمْ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مِّنْ
قَبْلِ اَنْ نَّبْرَاَهَاĬ
فقال يـزيد لا بل İوَمَآ اَصَابَكُمْ مِّنْ
مُّصِيْبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ اَيْدِيْكُمْ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍĬ
(تاريخ
طبري: جلد5 ص 461- الکامل في التاريخ لابن الاثير: ج4 ص 86- 187)
يزيد جي مذڪوره حالت تي حضرت علي بن الحسين (المعروف به حضرت امام زين العابدين رضي
الله) کيس مذڪوره آيت پڙهي ٻڌائي جنهن جو مقصد آهي ته تنهنجو خيال غلط آهي، بلڪ
جيڪو الله تعالى فرمايو اهو مناسب آهي. ”يعني جيڪا به مصيبت زمين تي يا اوهان جي
سرن تي اچي ٿي، اها ان کان اڳي جو ان کي ظاهر ڪيون هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل
آهي“. يزيد اهو ٻڌي چيو ته ائين ناهي بلڪه ”اوهان کي جيڪا مصيبت پهتي آهي، سا اوهان
جي هٿن جي ڪمائي آهي ۽ گهڻو معاف ٿو ڪري“. يعني اوهان سان جيڪو ڪربلا ڪوفي ۽ دمشق ۾
ٿيو، اهو سڀ اوهان جي غلطيءَجي ڪري ٿيو آهي ۽ اهو ٿورو آهي، گهڻو اوهان کي معاف ڪيو
ويو آهي. علامه ابن الاثير لکيو آهي ته: حضرت امام زين العابدين کي ڳچي مبارڪ ۾ ڳٽ
وجهي يزيد وٽ آندو ويو هو. پاڻ ان کي فرمايائون ته ”جيڪڏهن اسان کي رسول الله ﷺ جن
هن حالت ۾ ڏسن ها ته اهي ڳٽ کولي ڇڏين ها“ يزيد چيو ته سچ ٿو چوين ”پوءِ ان کان ڳٽ
کولارايائين“.
انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ سان واضح ٿيو ته حضرت حسين سهڻي رضي الله کي ملڻ واري هر
تڪليف يزيد جي اشاري ۽ کيس خوش ڪرڻ جي لاءِ ڏني وئي هئي ۽ ان کي هر تڪليف ڏيڻ جي
خبر به هئي ان کي اهڙي ظلم کان آزاد سمجهندڙ بي قصور چوندڙ الله
p
جي فرمان
”وَلَا
تَرْكَنُوْٓا اِلَى الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا فَتَمَسَّكُمُ النَّارُ“
(سوره هود آيت 113)
”۽ انهن
ڏانهن لاڙو به نه ڪيو، جيڪي ظلم ڪن ٿا پوءِ اوهان کي به جهنم جي باهه لڳي وڃي“ جي
مطابق جهنم جي باهه ۾ وڌا ويندا. يزيد ظالم جي لشڪر سيدنا امام حسين رضي الله جي
پاڪ جسم کي شهادت کان پوءِ ڇا ڪيو ذرا علامه ابن الاثير جي لکت پڙهندا. علامه موصوف
لکيو آهي ته يزيد جي
مقرر ڪيل امير ابن زياد عمرو بن سعد کي لکيو هو ته: ”
فان قتل الحسين فاوطئ الخيل صدره وظهره“
(الڪامل في التاريخ: ص 55 ج4 مطبوعه دار صادر بيروت)
يعني جيڪڏهن حسين قتل ڪيو وڃي ته گهوڙا هلائي ان جي سيني ۽ پٺيءَ پاڪ کي گهوڙن سان
لتاڙايو وڃي.
ڇا هن ظلم کان يزيد بيخبر هو؟ جي بفرض محال پهريان بيخبر هو ته خبر پوڻ کان پوءِ
انهن بي دردن ظالمن کي ڪهڙي سزا ڏنائين؟ علامه ابن الاثير يزيد جي دربار ۾ آل رسول
q
سان ٿيل بيحيائي واري گفتگو به نقل ڪئي آهي. علامه موصوف لکيو آهي
ته جڏهن حضرات اهل بيت جون پرديدار عورتون يزيد وٽ قيد ڪري آنديون ويون ته انهن
کي ڏسي يزيد جي موجودگيءَ ۾ هڪ شامي شخص چيو ته: ”هَبْ
لِيْ هٰذَا“
هيءَ مون کي هبو ڪري ڏي. يعني حضرت حسين جي نياڻي فاطمه جي لاءِ، جيڪا سندس نياڻي
سُڪينه کان وڏي هئي. شامي شخص جي اها ڳالهه ٻڌي ڊپ کان سيده فاطمہ سيده زينب ۾ هٿ
وڌا ۽ ان فرمايو: ”اي شامي شخص! تو ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ تون ملامت ڪيل آهين ۽ اهو
فيصلو نه تنهنجو هلندو نه يزيد جو“ اهو ٻڌي يزيد ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته” اي زينب! تون
ڪوڙ ٿي ڳالهائين، اهو فيصلو منهنجي هٿ ۾ آهي جيڪڏهن مان اهو ڪم ڪرڻ گهران ته ڪري
سگهان ٿو“. سيده زينب ان کي فرمايو ته: ”الله جو قسم آهي اهو تون نه ٿو ڪري سگهين.
ها جيڪڏهن اسان جي دين اسلام کان نڪري ٻئي دين ۾ داخل ٿين ته پوءِ ڪري سگهين ٿو“.
اهو ٻڌي يزيد وڌيڪ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته
مون سان ائين ٿي ڳالهائين؟”
اِنَّمَا خَرَجَ مِنَ الدِّيْنِ اَبُوْکِ وَ جَدُّکِ
“ (دين
کان ته تنهنجو پيءُ ۽ ڏاڏو نڪري ويا) هنن لفظن تي غور ڪرڻ سان واضح ٿيو ته يزيد
حضرت زينب جي ابي ۽ ڏاڏي کي دين کان خارج (ڪافر) چيو ۽ انهن کي ڪافر چوندڙ پاڻ ڪافر
آهي. اهي الفاظ ٻڌي سيده زينب ان کي
فرمايو: ”
بِدِيْنِ اللهِ وَ دِيْنِ اَبِيْ وَ اَخِيْ وَ جَدِّيْ اِهْتَدَيْتَ اَنْتَ وَ
اَبُوْکَ وَ جَدُّکَ
“
(الله جي دين ۽ منهنجي بابي ۽ ڀاءُ ۽ ڏاڏي واري دين سان ته تون ۽ تنهنجو پيءُ ۽
ڏاڏو هدايت وارا ٿيا هئا) . (هاڻي اهو ڇڏي رهيو آهين) ته ان بيحياءَ سيده کي چيو:
”اي الله جي دشمن! تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين“. سائڻ فرمايس: ”تون ظالم کي پيار ڏيندڙ
امير آهين ۽ پنهنجي سلطنت جي زور تي قهر ٿو ڪرين“. پوءِ يزيد حياءَ کان چپ ڪئي.
جڏهن هي پرديدار پاڪ بيبيون يزيد جي ڪورٽ ۾ آنديون ويون ته ان جون عورتون پٽينديون
پار ڪڍنديون آيون ۽ يزيد پرديدارِن
پاڪ کان پڇيو ته اوهان کان ڇاڇا کسيو ويو آهي. جڏهن انهن ٻڌايو ۽
يزيد کين ان کان ٻيڻو ڏياريو ته پوءِ سيده سُڪينہi
چوندي هئي:
”
مَا رَاَيْتُ کَافِرًا بِاللهِ خَيْرًا مِّنْ يَــزِيْدَ بْنَ مُعَاوِيَةَ
“
(الڪامل في التاريخ: ص 86 ج4)
(مون ڪوبه الله سان ڪفر ڪندڙ يزيد بن معاويہ کان ڀلو نه ڏٺو). هن عبارت ۾ اشارتًا
سيده سڪينہ
i
ٻڌايو ته يزيد ڪافر هو.
يزيدي يار! هي به پڙهو:
”
عن القاسم بن البخيت قال لما وضع راس الحسين بين يدي يـزيد بن معاوية جعل ينکت
بالقضيب کان في يده في ثغره.... فقال له ابوبرزة الاسلمي: اما والله لقد اخذ قضيبک
هٰذا ماخَذًا لقد رايتُ رسول الله صلي الله عليه وسلم يرشفه ثم قال: الا ان هذا
سيجيئ يوم القيامة وشفيعه محمد وتجيئ وشفيعک ابن زياد “
(البداية
والنهاية: ص 192 جزء 8)
قاسم بن بخيت کان روايت آهي ته جڏهن حضرت حسين رضي الله جو (سر مبارڪ) يزيد بن
معاويہ جي اڳيان رکيو ويو ته اهو پنهنجي هٿ وارو لڪڻ امام پاڪ جي شهيد ڪيل سرمبارڪ
جي نرگهٽ تي هڻڻ لڳو. (اتي موجود صحابي حضرت ابوبرزه اسلمي ان کي فرمايو ته الله جو
قسم! تنهنجو لڪڻ ان جاءِ تي لڳي رهيو آهي، جنهن کي حضور ﷺ جن چميو هو. ان کان پوءِ
ان (يزيد کي) فرمايائين ته: هي (حضرت حسين) ايندو ته ان جي شفاعت ڪندڙ (حضرت) محمد
ﷺ جن هوندا ۽ تون ايندين ته تنهنجي شفاعت ابن زياد ڪندو.
مطلب ته نه ان جي شفاعت قبول پوندي نه تنهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو. هن ڪتاب جي پڙهندڙن
پيارن کان انصاف طلب ڪندي پڇان ٿو ته: ڇا جيڪو مظلوم شهيد حسين پاڪ جي ڳچيءَ مبارڪ
تي لڪڻ هڻي ۽ شعر ويهي چوي ڇا ان سان محبت رکڻ جي ايمان اجازت ڏي ٿو؟ نه ڪڏهن به
نه.
آيت6:
İوَاِذْ
نَجَّيْنٰكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ
يُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭĬ
(سورة البقره: آيت 49)
ترجمو: (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعونين کان ڇڏايو جيڪي اوهان کي برو عذاب
چکائين پيا، جو اوهان جي پٽن کي ڪُهن پيا ۽
اوهان جي عورتن کي زنده ڇڏين پيا.
هيءَ آيت مبارڪ اها آهي، جيڪا حضرت امام زين العابدين رضي الله يزيد وٽ موجود هجڻ
جي دوران انهن کي پڙهي ٻڌائي هئي، جنهن کانئن سوال ڪيو هو ته ”اوهان جو حال ڪهڙو
آهي“؟
حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رحمة الله لکيو آهي : جڏهن اهلبيت جو لٽيل ۽ ڦٽيل
قافلو يزيد جي دربار ۾ آندو ويو ته انهن مان هڪڙي ڄڻي کيس چيو ته :
”
کيف اصبحت يا علي و يا اهل بيت الرحمة! قال اصبحنا من قومنا بمنزلة قوم موسى من
اٰلِ فرعون يذبحون ابناءَهم و يستحيون نساءهم فلا ندري صباحنا من مساءنا من حقيقة
بلاءنا“
يعني اي علي ۽ رحمت واري گهرجا اهل! اوهان ڪهڙي حال ۾ صبح ڪئي آهي؟ ته پاڻ جواب ۾
فرمايائون ”اسان جو صبح پنهنجي قوم جي ظلم ۾ ائين آهي جيئن (حضرت) موسى على نبينا و
q)
جي قوم جو صبح فرعون جي قوم جي آفت سان ٿيو هو. انهن بني اسرائيل جي پٽن کي قتل ٿي
ڪيو ۽ انهن جي عورتن کي (ٻانهيون بنائڻ جي لاءِ) زنده ٿي ڇڏيو. ايستائين جو اسين نه
صبح کي سڃاڻون ٿا نه شام کي اها اسان جي آزمائش ۽ مصيبت جي حقيقت آهي.
ائين به فرمايائون ته ”اسين الله تعالى جي نعمتن تي شڪر ڪيون ٿا ۽ ان جي طرفان آيل
آزمائش تي صبر ڪيون ٿا“.
فائدو:
حضرت علي هجويري المعروف به داتا گنج بخش لاهوري رحمة الله سيدنا امام زين العابدين
رضي الله جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: علي زين العابدين بن حسين بن علي بن ابي طالب
U
نبوت جا وارث، امت جا چراغ، مظلومن جا سردار، محرم راز وارن جا امام، عابدن جي زينت
۽ اوتادن جي شمع آهن. پنهنجي زماني جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ عبادتگذار هئا. پاڻ
حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ باريڪين کي بيان ڪرڻ ۾ مشهور آهن. کانئن پڇيو ويو ته دنيا ۽
آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ نيڪ
بخت ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون ته: ”مَنْ
اِذَا رَضِيَ لَمْ يَحْمِلْهٗ رِضَاهُ عَلَي الْبَاطِلِ وَاِذَا سَخِطَ لَمْ
يُخْرِجْهُ سَخَطُهٗ مِنَ الْحَقِّ
“يعني اهو شخص جيڪو
جڏهن راضي هجي ته باطل تي راضي نه هجي ۽ جڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ته حق کان ٻاهر نه هجي اها
معنى ڪامل سچائي وارن جي وصفن مان آهي، ڇو ته باطل تي راضي هجڻ باطل آهي ۽ ڪاوڙ جي
حالت ۾ حق کان ٻاهر نڪرڻ باطل آهي. ان جي ڪري مؤمن ڪڏهن به باطل جي ڳالهين جو عاشق
نه هوندو آهي.
مذڪوره ڪامل ولي لکيو آهي ته: هڪ ڀيري ان وقت جو حاڪم هشام بن عبدالملڪ بن مروان حج
ڪرڻ لاءِ آيو. ڪعبي شريف جو طواف ڪندي، حجر اسود کي چمڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر ماڻهن
جي هجوم جي ڪري حجر اسود کي چمي نه سگهيو ۽ جڏهن حضرت امام زين العابدين سهڻو صاف
ڪپڙن ۽ چمڪندڙ چهره سان حرم ۾ داخل ٿيو ته سندن ڪپڙا عطر جي خوشبوءِ سان مهڪي رهيا
هئا. ايندي ئي طواف شروع ڪيائون جڏهن حجر اسود کي چمڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته ماڻهو سندن
عزت عظمت ۽ احترام کي ذهن ۾ رکي، هٽي ويا ۽ کين حجر اسود کي چمڻ جي لاءِ جاءِ
ڏنائون ۽ پاڻ حجر اسود کي چمي ڏئي ورتائون. ان وقت تائين سڀ ماڻهو حجر اسود کان
پري رهيا. شام جي رهڻ وارن مان هڪ ماڻهوءَ اهو منظر ڏسي، هشام حاڪم کي چيو ته اي
امير المومنين! ماڻهن حجر اسود جو رستو تنهنجي لاءِ خالي نه ڪيو، حالانڪه تون امير
المؤمنين آهين، مگر جڏهن هي خوبصورت جوان آيو، تڏهن ان جي لاءِ سڀني رستو صاف ڪري
ڇڏيو؟ ان وقت جي حاڪم هشام چيو ته ”مان ان کي ڪونه ٿو سڃاڻان“ ان جو مقصد هو ته شام
وارا ان کان ناواقف رهن، متان انهن جي دل ۾ حضرت امام زين العابدين جي محبت پيدا ٿي
وڃي ۽ ان محبت جي ڪري امام کي پنهنجو حاڪم بنائڻ جي ڪوشش ڪن. عين ان وقت اتي ان وقت
جو مشهور شاعر فرزدق بيٺو هو، ان فرمايو ته ”مان ان سهڻي نوجوان کي سڃاڻان ٿو“. وقت
جي حاڪم هشام فرزدق کي فرمايو ته : ”اي ابوفراس! مون کي ٻڌاءِ ته هي تمام سهڻو ۽
رعب وارو جوان ڪير آهي؟ فرزدق چيس ته خيال سان ٻڌ مان ان جي حب ۽ ساراهه بيان ڪيان
ٿو. پوءِ اتي جو اتي فرزدق فورًا حضرت امام زين العابدين جي منقبت ۾ هي شعر پڙهڻ
شروع ڪيو:
هٰذَا الَّذِيْ تَعْرِفُ الْبَطْحَاءُ وَطْأَتَهٗ
وَالْبَيْتُ يَعْرِفُهٗ وَالْحِلُّ وَالْحَرَمٗ
هي اهو (محبوب جوان) آهي، جنهن جي قدمن (پاڪن) جي نشان کي بطحاء (مڪه مڪرمه) حلّ ۽
حرم سڃاڻن ٿا.
هذَا ابْنُ فاطِمَةَ الزَّهْرَآءِ إِنْ كُنْتَ جاهِلَهُ
بِجَدِّهِ أَنْبِياءُ اللهِ قَدْ خُتِمُوْا
هي فاطمه زهرا جو پٽ (پوٽو) آهي. جيڪڏهن تون ان کي نه ٿو سڃاڻين ان جي ناني (حضرت
حبيب ڪريم ﷺ) تي الله جا نبي ختم ڪيا ويا (ان کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو)
هَذَا ابْنُ خَيْرِ عِبَادِ اللهِ كُلِّهِمُ
هَذَا التَّقِيُّ النَّقِيُّ الطَّاهِرُ الْعَلَمٗ
هي الله جي سڀني ٻانهن مان ڀلو (حضور ﷺ) جو پٽ آهي. هي متقي پاڪيزه صاف ۽ (دين جو)
نشان آهي.
يَبِيْنُ نُوْرُ الدُّجىٰ عَنْ نُّوْرِ طَلْعَتِهٖ
كاَلشَّمْسِ يَنْجابُ عَنْ إِشْرَاقِهَا الظُّلَمٗ
ان جي پاڪ پيشانيءَ جي چمڪار سان انڌيرن مان به ائين نور ظاهر ٿئي ٿو، جيئن سج جي
چمڪائڻ سان انڌيرا ختم ٿين ٿا.
يَغُضُّ حَيَاءً ويُغْضِىْ مِنْ مَهابَتِهٖ
فَمَا يُكَلِّمُ إِلَّا حِيْنَ يَبْتَسِمٗ
اکيون حياءَ جي ڪري هيٺ رکندو آهي ۽ ان جي هيبت جي ڪري ماڻهو ان جي اڳيان اکيون هيٺ
ڪندا آهن. پوءِ ان سان ڪير به ڳالهائي نه سگهندو آهي، مگر ان وقت جو اهو مرڪندو
آهي.
إِذا رَأَتْهُ قُرَيْشٌ قَالَ قَائِلُهَا
إِلىٰ مَكارِمِ هٰذا يَنْتَهِي الْكَرَمٗ
جڏهن قريشي ان کي ڏسندا آهن ته انهن مان چوندڙ چوندو آهي ته هن جي سهڻين خصلتن تي
بخشش جي انتها آهي.
يُنْمٰى إِلىٰ ذَرْوَةِ الْعِزِّ الَّتِيْ قَصُرَتْ
عَنْ نَّيْلِــهَــا عَرَبُ الْإِسْلامِ وَالْعَجَمٗ
هي عزت جي انهن چوٽين تي چڙهيل آهي، جنهن جي پهچڻ کان عرب ۽ عجم جا مسلمان قاصر
آهن.
مَنْ جَدُّهٗ دَانَ فَضْلُ الْأَنْبِياءِ لَهٗ
وَفَضْلُ أُمَّتِهٖ دَانَتْ لَهُ الْأُمَمٗ
جنهن جي ناني جي شان جي اڳيان نبين جو شان جهڪيل آهي ۽ ان جي امت جي فضيلت جي اڳيان
اڳيون امتون جهڪيل آهن.
يَكَادُ يُمْسِكُهُ عِرفَانُ رَاحَتِهٖ
رُكْنُ الْحَطِيْمِ إِذَا مَا جاءَ يَسْتَلِمٗ
ويجهو آهي جو ان جي تري (هٿ مبارڪ) جي خوشبوءِ حطيم واري رڪن کي لڳي ته اهو ان کي
جهلي بيهي، جڏهن ان کي چمڻ جي لاءِ اچي.
فِيْ كَفِّهٖ خَيْزُرَانٌ رِيْحُهُ عَبَقٌ
مِنْ كَفٍّ أَرْوَعَ فِيْ عِرْنِيْنِهِ شَمَمٗ
ان جي هٿ ۾ نرم بيدمشڪ جي ڇڙي آهي، جنهن جي خوشبوءِ سندس پرهيزگار تريءَ کان نڪري
رهي آهي. سندس نڪ ۾ بلندي آهي.
مُشْتَقَّةٌ مِنْ رَسُوْلِ اللهِ يَنْعَتُهُ
طَابَتْ عَنَاصِرُهُ وَالْخَيْمُ وَالشِّيَمٗ
پنهنجي سهڻي صفت سان (سيدنا) رسول الله ﷺ جن کان نڪتل آهي. سندس عنصر خوشبودار آهن.
سندس صفتون ۽ عادات به ڀلا آهن.
أَللهُ شَرَّفَهُ قَدْمًا وَّ فَضَّلَهُ
جَرٰى بِذَالِكَ فِيْ لَوْحٍ لَهُ الْقَلَمٗ
الله ان کي اڳ ۾ ئي شرف ڏئي ڇڏيو ۽ فضيلت وارو بنايو ان سان لوح محفوظ ۾ الله جو
قلم وهي ويو آهي.
كِلْتَا يَدَيْهِ غِيَاثٌ عَمَّ نَفْعُهُمَا
يَسْتَوْكِفَانِ وَلا يَعْرُوْهُمَا الْعَدَمٗ
ان جا ٻئي هٿ مبارڪ وڏڦڙو مينهن آهن، جنهن جو نفعو عام آهي. هميشه
بخشش ڪندا رهن ٿا ۽ مال جو نه هجڻ انهن کي ڪڏهن خالي نه ٿو ڪري.
سَهْلُ الْخَلِيْقَةِ لَا تُخْشىٰ بَوادِرُهُ
يُــزَيِّنُهُ الْخُلَّتَانِ الْحِلْمُ وَالْكَرَمٗ
نرم خصلتن وارو آهي، جن جي ڪاوڙ ڪرڻ جو انديشو نه ٿو ڪيو وڃي، ان کي ٻه خصلتون
بردباري ۽ ڪرم سينگاريو بيٺا آهن.
حَمَّالُ أَثْقَالِ أَقْوَامٍ إِذَا اقْتَرَضُوْا
حُلْوُّ الشَّمائلِ تَحْلُو عِنْدَهُ نِعَمٗ
قومن جا وڏا بار کڻندڙ آهي، جڏهن اهي قرض کڻندا آهن. عادتن جو مٺو آهي. ان وٽ
نعمتون مٺيون لڳنديون آهن.
مَا قَالَ
”لَا“
قَـــطُّ اِلَّا فِيْ تَشَهُّدِهٖ
لَوْلَا التَّشَهُّدُ کَانَتْ لَاؤُهٗ نَعَمٗ
اَلتّحيّات واري ”لا“ کان سواءِ ڪڏهن به ”لا“ جو لفظ نه چيائين. جيڪڏهن اَلتّحيّات
نه هجي ها ته سندس ”لا“ وارو هر حرف ”ها“ هجي ها.
عَمَّ الْبَرِيَّةَ بِالْإِحْسانِ فَانْقَشَعَتْ
عَنْهَا الغَيابَةُ وَالْإِمْلَاقُ وَ الْعَدَمٗ
ان جو مخلوق تي اهڙو احسان آهي جنهن سان مخلوق تان انڌيرا، سڃائي ۽ غربت ختم ٿي
ويندي آهي.
مِنْ مَعْشَرٍ حُبُّهُمْ دِيْنٌ وَ بُغْضُهُمُ
كُفْرٌ وَ قُرْبُهُمُ مَنْجَٲٌ وَمُعْتَصَمٗ
(اهو)
اهڙي جماعت مان آهي، جنهن جي محبت دين آهي ۽ انهن جو بغض ڪفر آهي ۽ انهن جو قرب
ڇوٽڪاري ۽ پناهه جي جاءِ آهي.
مُقَدَّمٌ بَعْدَ ذِكْرِ اللهِ ذِكْرُهُمْ
فِيْ كُلِّ بَدْءٍ وَّ مَخْتومٌ بِهِ الْكَلِمٗ
هرڪم جي شروعات ۾ الله جي ذڪر کانپوءِ انهن جو ذڪر مقد م آهي ۽ انهن جي ذڪر سان ئي
ڳالهه ٻولهه پوري ٿيندي آهي.
يُسْتَدْفَعُ السُّوءُ وَالْبَلْوىٰ بِحُبِّهِمُ
وَ يُسْتَزْدَادُ بِهِ الْإِحْسانُ وَالنِّعَمٗ
برائي ۽ مصيبت انهن جي محبت جي برڪت سان دفع ڪئي ويندي آهي ۽ انهن جي محبت سان ئي
احسان ۽ نعمتن ۾ واڌارو ايندو آهي.
إِنْ عُدَّ أَهْلُ التُّقىٰ كَانُوْا أَئِمَّتَهُمْ
أَوْ قِيْلَ مَنْ خَيْرُ أَهْلِ الْأرْضِ قِيْلَ هُمٗ
جيڪڏهن تقوى وارا ڳڻيا ويندا ته هي انهن جا اڳواڻ آهن يا چيو ويو ته زمين ۾ ڀلا ڪير
آهن ته چيو ويندو اهي آهن.
أَيُّ الْخَلائِقِ لَيْسَتْ فِيْ رِقَابِهِمْ
لِأَوَّلِيَّةِ هٰذا أَوْلَهُ نِعَمٗ
مخلوقات ۾ ڪير آهن، جن جي ڪنڌن ۾ هنن جي اول يا هن جون مهربانيون ناهن؟
مَنْ يَّعْرِفُ اللهَ يَعْرِفُ أَوَّلِيَّةَ ذَا
فَالدِّيْنُ مِنْ بَيْتِ هٰذا نَالَهُ الْأُمَمٗ
جيڪو به الله کي سڃاڻي ٿو، اهو هن جي اوليت کي به سڃاڻي ٿو. هن جي گهر کان ئي امتون
دين کي پهتيون آهن.
اِنْ کُنْتَ تُنْکِرُهٗ فَاللهُ يَعْرِفُهٗ
وَالْعَرْشُ يَعْرِفُهٗ وَاللَّوْحُ وَالْقَلَمٗ
اي حاڪم! جيڪڏهن تون ان کي نه ٿو سڃاڻين ته الله ان کي سڃاڻي ٿو ۽ عرش به ان کي
سڃاڻي ٿو ته لوح محفوظ به ان کي سڃاڻي ٿو.
وَ لَيْسَ قَوْلُكَ مَنْ هٰذا بِضائِرِهٖ
ألْعَرَبُ تَعْرِفُ مَنْ أنْكَرْتَ وَالْعَجَمٗ
۽ تنهنجو چوڻ ته هي ڪير آهي؟ ان کي نقصان ڏيندڙ ناهي، جنهن جو تو انڪار ڪيو آهي، ان
کي عرب ۽ عجم وارا سڀ سڃاڻن ٿا.
حضرت سيد ابوالحسن علي بن عثمان هجويري
:
فرزدق جي چيل شعرن مان ڪجهه ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ان حاڪم هشام بن عبدالملڪ بن
مروان مذڪوره اشعار ٻڌي حڪم ڪيو ته فرزدق شاعر کي عسفان (هي مڪه ۽ مدينه جي وچ ۾
جاءِ آهي، مڪه کي ويجهي آهي) جي جيل ۾ رکو. جڏهن کيس جيل ۾ رکيو ويو ته اها خبر
حضرت امام زين العابدين رضي الله کي پهتي. پاڻ ٻارهن هزار درهم ۽ دينار ان کي موڪلي
نياپو به موڪليائون ته: اي ابا فراس! هن وقت اسين غريبي حال ۾ آهيون جيڪڏهن اسان وٽ
ان کان وڌيڪ مال هجي ها ته اهو به توکي ڏيون ها فرزدق اهي درهم ۽ دينار واپس ڪندي
عرض ڪري موڪليو ته مون اوهان جي تعريف درهمن ۽ دينارن جي لاءِ نه ڪئي آهي، پر مان
اڳ ۾ بادشاهن کان انعام حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ڪوڙ ملائي، سندن تعريف ڪندو رهيو
آهيان. اڄ اوهان جي تعريف ڪري ان جو ڪفارو ادا ڪيو اٿم. مان صرف الله جي راضي ڪرڻ
لاءِ سيدنا رسول الله ﷺ جي اولاد جو محب آهيان، جڏهن درهمن ۽ دينارن سان گڏ فرزدق
جو اهو عرض حضرت امام زين العابدين رضي الله جي خدمت ۾ پهتو ته پاڻ اهي درهم ۽
دينار ٻيو ڀيرو ان کي موڪلي کيس پيغام به موڪليائون ته اي ابافراس: جيڪڏهن توکي
اسان سان سچي محبت آهي ته جيڪو ڪجهه مون موڪليو آهي، اهو قبول ڪر. ڇو ته اسان ان
کي پنهنجي ملڪيت مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ان جي ڪري واپس وٺي نٿا سگهون. تڏهن فرزدق اهي
درهم ۽ دينار قبول ڪيا.
(ڪشف المحجوب: مترجم سنڌي ص 46 مطبوعه مهراڻ اڪيڊمي)
اهو ساڳيو واقعو ۽ شعر علامه اعزاز علي ديوبندي پنهنجي ”ادب“ جي موضوع تي لکيل
ڪتاب ”نفحة العرب“ ۾ به آندا آهن.
(اشرف الادب شرح نفحة العرب:ص 1-2-3 مطبوعه دارالحديث بيرون بوهڙه گيٽ ملتان)
آيت7:
İاَلنَّبِيُّ
اَوْليٰ بِالْمُؤْمِنِيْنَ
مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ Ĭ
(سورة الاحزاب: آيت 6)
ترجمو: نبي مؤمنن کي سندن ساهه کان وڌيڪ ويجهو آهي ۽ ان جون گهر واريون انهن
(مؤمنن) جون مائرون آهن.
قرآن ڪريم جي هن آيت مان حضور ﷺ جن جي پاڪ گهر وارين جي اهميت ۽ مقام واضح ٿيو ۽
اهو به واضح ٿيو ته اهي سچن مومنن مسلمانن حضور ﷺ جي امتي سڏائيندڙن جي لاءِ مائرن
جو حڪم رکن
ٿيون ۽ جڏهن اهي مائرون آهن ته رب العزت
جي
ٻئي فرمان ”
حُرِّمَتْ عَلَيْكُمْ اُمَّھٰتُكُمْ
“
(سورة النساء: آيت 23)
(اوهان تي اوهان جون مائرون حرام
ڪيون ويون آهن) مطابق هر مؤمن تي اهي ائين حرام آهن، جيئن سڳي ماءُ، ڀينرون،
ڌيئرو،ن ماسيون ۽ پڦيون هميشه جي لاءِ حرام آهن. انهن سان نڪاح جو ارادو يا خيال
ڪندڙ بي حياء بدتر ملعون رب العزت جي دربار مان تڙيل پليدن کان وڌيڪ پليد ڪائنات ۾
سڀ کان وڌيڪ ذليل آهي. يزيد پليد بي ديد ان بي حيائي جي ڪم ۾ ارادو ڪندڙ نظر اچي
ٿو، حضرت شيخ محقق محدث عبدالحق دهلوي رحمة الله لکيو آهي:
”و
در بعضے کتب گفتہ اند کہ یزید شقی طمع کردہ در عائشہ صدیقہ
r
پس خواندند برو ایں آیت:
اَلنَّبِيُّ اَوْليٰ
بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ
(سورۃ
الاحزاب: آیت ۶)“
(مدارج النبوة فارسي: جلد1 ص 236)
يعني بعض ڪتابن ۾ آندو اٿن ته بدبخت يزيد مومنن جي ماءُ سيده عائشہ صديقہ
i
سان نڪاح ڪرڻ جي به طمع رکي هئي ۽ جڏهن ان کي مذڪوره آيت پڙهي
ٻڌايائون تڏهن ان خيال تان هٽيو. مذڪوره عبارت مان ثابت ٿيو ته يزيد پليد بي ديد
قرآن ڪريم جي احڪام کان بي خبر ۽ حلال ۽ حرام ۾ تميز نه رکندو هو.
آيت8:
İوَمَنْ
يَّبْتَـغِ غَيْرَ الْاِسْلَامِ دِيْنًا فَلَنْ يُّقْبَلَ مِنْهُ
ۚ وَھُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْخٰسِرِيْنَ 85 كَيْفَ يَهْدِي اللّٰهُ قَوْمًا
كَفَرُوْا بَعْدَ اِيْمَانِهِمْ وَشَهِدُوْٓا اَنَّ الرَّسُوْلَ حَقٌّ
وَّجَاۗءَھُمُ الْبَيِّنٰتُ ۭ وَاللّٰهُ
لَايَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 86 اُولٰۗىِٕكَ جَزَاۗؤُھُمْ اَنَّ عَلَيْهِمْ
لَعْنَةَ اللّٰهِ وَالْمَلٰۗىِٕكَةِ وَالنَّاسِ اَجْمَعِيْنَ 87ۙ خٰلِدِيْنَ
فِيْهَا ۚ Ĭ
(سوره آل عمران: آيت 85 کان 87)
ترجمو: ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ٻيو دين طلب ڪندو، پوءِ اهو ان کان ڪڏهن به قبول
نه ڪيو ويندو ۽ اهو آخرت ۾ خساري وارن مان هوندو. الله ان قوم کي ڪيئن هدايت ڪندو،
جن ايمان کان پوءِ ڪفر ڪيو ۽ شاهدي ڏنائون ته بيشڪ رسول ﷺ حق آهي ۽ انهن وٽ دليل به
آيا ۽ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڪري. انهن جو بدلو (هي آهي ته) انهن تي الله
۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي ان ۾ هميشه هوندا.
وضاحت:هن
آيت مان چڱيءَ طرح ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو جن شاهدي ڏني ته رسول ﷺ حق آهي ۽ انهن وٽ
ان جا روشن دليل به آيا پوءِ به ايمان آڻڻ کان بعد ڪفر ڪيائون ته انهن تي الله
p،
ملائڪن ۽ مڙني ماڻهن جي لعنت آهي. مسلمانو! يزيد جي زندگي ڏسو ته ان به ايمان جي
دعوى ڪري، حضور ﷺ جن تي ڪلمو پڙهي، سندن حقانيت جا دليل ڏسندي ڪيئن ظلم ڪيا. حرام
کي حلال سمجهي. شراب جي پيئڻ لاءِ ماڻهن کي عيسائي ٿيڻ جي صلاح ڏيندي، (جيئن علماءِ
ڪرام لکيو آهي) ڪفر ڪيو ۽ الله
p
۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻهن جي لعنت جو حقدار ٿيو.
علامه ثناءُالله پاني پتي رحمة الله لکيو آهي: ”
احلّ الخمر وقال:
فان حرمت يومًا علي دين احمد
فخذها على دين المسيح ابن مريم
(تفسير مظهري: ص671جلد5)
پوءِ جيڪڏهن (شراب) هڪ ڏينهن احمد ﷺ جي دين ۾ حرام ڪيو ويو آهي ته اهو مسيح (حضرت
عيسى على نبينا و
q
جي دين تي وٺي پيئو. يعني عيسائي ٿي پَئو.
مطلب ته پنهنجي نفساني خواهش پوري ڪرڻ جي لاءِ سچو دين اسلام ڇڏڻو پوي ته ڇڏي ڏيو.
توجهه طلب:
هن ڪتاب کي پڙهندڙ حضرات غور ڪن ته ڇا اڃان به يزيد سان ياري رکجي؟ ان کان نفرت ۽
دوري نه ڪجي؟ يزيد جي يارن کي يزيد مبارڪ آهي اسان جي اکين جو ٺار حضرت حسين دلدار
۽ ان جا ساٿي
آهن. (
فَلِلهِ الْحَمْدُ وَلَهُ الشُّکْرُ عَلٰى ذَالِکَ)
يزيد حضور ﷺ جي ارشاد مطابق ظالم هو
غير مقلدن جي مشهور عالم، مؤرخ قاضي سليمان منصورپوري مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ واري
ڏينهن جو هڪ واقعو لکيو آهي، جنهن مان جيستائين دنيا آهي تيستائين ان تي لعنت جي
وسڪار آهي. ڇو ته يزيد ظالم ان پاڪ ذات
q
جي فيصلي کي ٺڪرايو
۽ نه مڃيو جنهن جي لاءِ ڪائنات جي رب جو فرمان آهي:
ﯚ
فَلَا وَرَبِّكَ لَا يُـؤْمِنُوْنَ
حَتّٰي يُحَكِّمُوْكَ فِيْمَا شَجَــرَ بَيْنَھُمْ ثُمَّ لَا يَجِدُوْا فِيْٓ
اَنْفُسِهِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُوْا تَسْلِــيْمًاﯙ
(سورة النساء: آيت 65)
تنهنجي رب جو قسم آهي ته
تيستائين مؤمن نه ٿيندا، جيستائين اوهان کي پنهنجن اختلافي فيصلن ۾ حاڪم نه
بنائيندا ۽ اوهان جي فيصلي کان پوءِ ان ۾ ڪابه تنگي محسوس نه ڪندا (دل سان تسليم
ڪندا).
هن مان ثابت ٿيو ته سندن حڪم کي دل سان تسليم نه ڪرڻ وارو ڪافر آهي. علامه مذڪور
لکيو آهي ته مڪه مڪرمه فتح ڪرڻ وقت حضور
q
جن شيبه بن عثمان ۽ عثمان بن طلحة کي بيت الله جي
ڪنجي ڏيندي فرمايو هو ته: ”
لَا يَنْزِعُهَا يَا بَنِيْ طَلْحَةَ مِنْکُمْ اِلَّا ظَالِمٌ
“ اي
طلحة جا فرزندئو! اها چاٻي اوهان کان صرف ظالم کسيندو (ٻيو نه کسيندو) ۽ تاريخ پڙهو
ته اها ڪنجي انهن کان يزيد ظالم کسرائي هئي. جيڪو حضور پاڪ ﷺ جي ارشاد مطابق ”ظالم“
ثابت ٿيو ۽ ان کانپوءِ ڪنهن به شخص ( بيت الله شريف جي ڪنجي نه کسي) حضور ﷺ جي پاڪ
ارشاد مبارڪ مطابق پاڻ کي ظالم چورائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
(رحمة للعالمين: ج 3 ص 3)
ڄاڻڻ گهرجي ته مذڪوره ڪتاب اهو آهي، جنهن جي معتبر هجڻ متعلق مشهور غيرمقلد مصنف
مولوي عبدالمجيد سوهدروي غيرمقلد عالم ابراهيم سيالڪوٽي جي شاگرد لکيو آهي ته: مون
وٽ اهڙا ڪيترا خط آيا آهن، جن ۾ خط موڪليندڙن گهرڪئي آهي ته اسان کي اهو ڪتاب
موڪليو، ڇو ته اسان کي خواب ۾ حضور ﷺ جن جو ارشاد ٿيو آهي ته : جيڪڏهن مون سان محبت
رکو ٿا ته قاضي سليمان جو ڪتاب ”رحمت للعالمين“ پڙهندا ڪيو.
(ڪرامات اهلحديث ص 23 مطبوعه اسلامي ڪتب خانه سيالڪوٽ)
مسلمانو! مصطفى ڪريم ﷺ جي علم تان قربان وڃجي جنهن يزيد جي پيدا ٿيڻ کان پهريان ئي
ٻڌايو هو ته: ”بيت الله شريف جي ڪنجي آل طلحہ کان کسڻ وارو ظالم هوندو“. ۽ ائين ئي
ٿيو جو اها ڪنجي ظالم يزيد کسرائي ۽ اها ڳالهه لکيل به ان ڪتاب ۾ آهي، جيڪو اهل
حديث جي قول مطابق حضور ﷺ جو پسند ڪيل آهي.
آيت9:
İ اِنَّ
الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُمَّ
لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ 10ۭ Ĭ
(سورة البروج: آيت 10)
ترجمو: بيشڪ اهي ماڻهو جن مومنن ۽ مومنياڻين کي مصيبت ۾ وڌو، ان کانپوءِ توبہ نه
ڪيائون، انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب ۽ ساڙيندڙ باهه جو عذاب آهي.
مسلمانو! يزيدي ظلم جي ڪهاڻي ايتري ته وڏي ۽ کليل آهي، جو جيڪڏهن ڪو زور سان اکيون
ٻوٽي نه ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته به ان کي اهي ظلم ضرور ڏسڻ ۾ ايندا. مدينه منوره ۾ حره
وارو واقعو پڙهو ته مذڪوره آيت ۾ بيان ٿيل سموري حقيقت يزيد ۽ ان جي امر تي هلندڙن
۾ موجود آهي. علامه جلال الدين سيوطي رحمة الله لکيو آهي:
”
وما ادراک ما وقعة الحرّة ذکرها الحسن مرة فقال والله ما کاد ينجو منهم احد قتل
فيها خلق من الصحابة والتابعين ونهبت المدينة وافتض فيها الف عذراء فانا لله وانا
اليه راجعون
“
(تاريخ الخلفاء: ص 164)
يعني توکي ڪهڙي خبر ته ”حره“ وارو واقعو ڇا هو؟ (حضرت) حسن (بصري رحمة الله)
فرمايو آهي ته الله جو قسم ته ان واقعي ۾ ڪوبه بچي نه سگهيو ان ۾ ڪئين صحابي
U
شهيد ڪيا ويا. مدينه منوره ۾ ڦرمار ڪئي وئي ان واقعي ۾ هزار عورتن جي عزت لٽي وئي
(انا لله وانا اليہ راجعون) مذڪوره حوالي سان واضح ٿيو ته ايمان وارن مردن ۽ عورتن
کي مصيبت ۾ هڻندڙ، قتل ڪرائيندڙ ۽ ايماندار عورتن جون عزتون لٽائيندڙ يزيد ۽ ان جا
حامي يقينًا جهنمي آهن ۽ انهن کي صحيح سمجهندڙ به بي ايمان آهن.
هن دور جي مفسر ۽ محدث علامه غلام رسول سعيدي صاحب لکيو آهي ته يزيد جا ٽي گناهه
متواتر آهن: 1- ان حضرت حسين بن علي رضي الله کان زوري زبردستي بيعت وٺڻ جي لاءِ
عبيدالله بن زياد کي روانو ڪيو ۽ ان کي حضرت حسين جي مرتبي ۽ مقام جي رعايت ڪرڻ جي
لاءِ ڪابه هدايت نه ڪئي. 2- يزيد حضرت حسين رضي الله کي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو يا
نه ۽ ان جي شهيد ٿيڻ جي خبر ٻڌي خوش ٿيو هو يا نه، ان ۾ ته تاريخ لکندڙن جو اختلاف
آهي، پر ان ۾ ته ڪوبه اختلاف ناهي ته ان قاتلن کي ڪابه سزا نه ڏني هئي. جڏهن ته اهو
انهن کي سزا ڏيڻ تي قادر ۽ طاقت رکندڙ به هو ۽ انهن کي سزا ڏيڻ ۾ ان لاءِ ڪابه
رڪاوٽ نه هئي. اهو ان ڳالهه جو پڪو دليل آهي ته حضرت حسين کي شهيد ڪرڻ ان جي اشاري
سان هو، جنهن تي اهو راضي هو. حضرت حسين ۽ ان جي ساٿين
U
تي جيڪي ظلم ڪيا ويا ظالمن کان بحيثيت حاڪم هجڻ جي پڇيو به نه ويو
.
حضرت علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي حره جي واقعي جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته يزيد جي
طرفان مقرر ڪيل مدينه منوره جي گورنر عثمان بن محمد مدينه منوره جي ماڻهن جي هڪ
جماعت يزيد ڏانهن موڪلي ته يزيد انهن کي انعام اڪرام سان نوازيندو ۽ خوش ٿي ان جي
بيعت ڪندا ۽ جيڪي يزيد ڏانهن موڪليا ويا اهي وري ان ارادي سان آيا ته اهي پنهنجي
اکين سان يزيد جي حالات جو مشاهدو ڪن ته ان جو حال ۽ اعمال ڪهڙا آهن؟ حڪومت جو
اهل آهي يا نه؟ يزيد انهن کي هڪ هڪ لک درهم ڏئي واپس ڪيو. اهي جڏهن مدينه منوره ۾
موٽي آيا ته يزيد جي بدڪرداريءَ کي بيان ڪرڻ لڳا، ان جي بي ديني شراب نوشي فسق،
فجور، ڪتن سان کيڏڻ ۽ اهڙيون ڪئين برايون بيان ڪيائون. ان جي بيعت ٽوڙي ان کان
بيزاريءَ جو اعلان ڪيائون. انهن جي ڳالهين تي اعتماد ڪندي، مدينه منوره جي ٻين
ماڻهن به يزيد جي بيعت ٽوڙي ڇڏي . يزيدي دربار ۾ ويندڙ وفد جي اڳواڻ مُنذر جو قول
آهي ته بلاشڪ يزيد مون کي هڪ لک (100000) درهم نذرانو به ڏنو، پر اهو مون کي سچ چوڻ
کان روڪي نه سگهيو ۽ مدينه منوره ۾ رهندڙن سڀني ماڻهن ان جي بيعت ختم ڪئي.
(جذب القلوب فارسي: ص 44)
الله
جي
محبوب
q
جن اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو
يزيد جي لشڪر مدينه منوره ۾ جيڪا حالت بنائي هئي، اها حضور ﷺ جن ڪئين سال اڳ ۾
ٻڌائي ويا هئا. جيئن حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو:
”لَتُتْرَكَنَّ
الْمَدِينَةُ عَلَى أَحْسَنِ مَا كَانَتْ، حَتّٰى يَدْخُلَ الْكَلْبُ أَوِ
الذِّئْبُ فَيُغَذِّى عَليٰ بَعْضِ سَوَارِي الْمَسْجِدِ، أَوْ عَلَى الْمِنْبَرِ
“.
فَقَالُوا : يَا رَسُوْلَ اللهِ فَلِمَنْ تَكُونُ الثِّمَارُ ذَلِكَ الزَّمَانَ ؟
قَالَ :
”لِلْعَوَافِي،
الطَّيْرِ وَالسِّبَاعِ“.
انهيءَ حديث واري صفحي تي هڪ نسخي جي حاشيه 17 ۾ هي لکيل آهي ته :
”قال
القاضي عياض رحمه الله حين انقلب الخلافة عنها الي الشام والعراق“
اهائي حديث ٻي سَنَدَ سان بخاري 252 ص تي باب فضائل المدينة ۾ ”باب من رغب عن
المدينة“ ۾ به موجود آهي ۽ ان حديث جي شرح ۾ علامه ابن حجر عسقلاني لکيو آهي:
”قِيْلَ
يَا اَبَاهُرَيْرَةَ مَنْ يُّخْرِجُهُمْ؟ قَالَ اُمَرَآءُ السُّوْءِ“
(فتح الباري: جلد4 ص73)
يعني مدينه منوره جنهن سهڻي حالت تي آهي ان تي ئي هوندو، پراهڙو دور به ايندو جو ان
۾ ڪتا يا بگهڙ داخل ٿيندا ۽ مسجد يا منبر تي پيشاب ڪندا. اصحابن ڀلارن عرض ڪيو ته
پوءِ ان دور ۾ مدينه منوره جا ميوا ڪنهن جي لاءِ هوندا؟ پاڻ فرمايائون ”پکين ۽
ڦاڙيندڙن جانورن جي لاءِ“
هن حديث تي لکيل حاشيه 17 ۾ مُحشيءَ لکيو آهي ته قاضي عياض فرمايو” اهو ان وقت
ٿيندو جڏهن خلافت (حڪومت) شام ۽ عراق وارن ڏانهن منتقل ٿيندي.
علامه ابن حجر عسقلاني فرمايو ته حضرت ابوهريره رضي الله کان پڇيو ويو ته مدينه
منوره جي رهاڪن کي مدينه پاڪ مان ڪير ڪڍندو؟ ته فرمايائين ”بدڪار امير“.
ياد رکڻ گهرجي ته هن حديث ۾ مذڪور واقعو اهوئي حره وارو واقعو آهي. جيئن ان واقعي
جو ذڪر هن حديث ۾ به آهي:
”لَمَّا
كَانَ أَيَّامُ الْحَرَّةِ لَمْ يُـؤَذَّنْ فِي مَسْجِدِ النَّبِيِّ صَلَّى اللهُ
عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ثَلَاثًا وَلَمْ يُقَمْ وَلَمْ يَبْرَحْ سَعِيدُ بْنُ
الْمُسَيَّبِ مِنَ الْمَسْجِدِ وَكَانَ لَا يَعْرِفُ وَقْتَ الصَّلَاةِ إِلَّا
بِهَمْهَمَةٍ يَسْمَعُهَا مِنْ قَبْرِ النَّبِيِّ
ﷺ
“
(مشڪواة المصابيح: ص 537- سنن دارمي: جزء 52 ص26)
جڏهن حره وارا ڏينهن هئا ته نبي پاڪ ﷺ جن جي مسجد ۾ ٽي ڏينهن نه ٻانگ ڏني وئي ۽ نه
اقامت (تڪبير) چئي وئي. سعيد بن مُسيّب تابعي سڳورو مسجد (نبوي) ۾ ئي رهيو پيو هو ۽
ان کي نماز جي وقت جي خبر نه پوندي هئي، مگر نبي پاڪ
q
جي (پاڪ) قبر (مبارڪ) مان آواز اچڻ تي (وقت جي خبر پوندي هيس).
ڇا اهو ظلم گهٽ آهي، جو سرڪار دوعالم نور مجسم ﷺ جن جي مسجد ۽ منبر تي جانور، ڪتا ۽
بگهڙ هجن ۽ دين جي ان اهم مرڪز ۽ مسجد ۾ ٽي ڏينهن نه ٻانگ اچي ۽ نه تڪبير لڳي؟
آيت0:
İوَمَنْ
اَظْلَمُ مِمَّنْ مَّنَعَ مَسٰجِدَ اللّٰهِ اَنْ يُّذْكَـرَ
فِيْهَا اسْمُهٗ وَسَعٰى فِيْ خَرَابِهَا اُولٰۗىِٕكَ مَا كَانَ لَھُمْ اَنْ
يَّدْخُلُوْھَآ اِلَّا خَاۗىِٕفِيْنَ ڛ لَھُمْ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّلَھُمْ
فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ١١٤ Ĭ
(سورة البقره: آيت 114)
ترجمو: ۽ ان کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي، جنهن الله جي
مسجدن ۾ ان جي اسم جي ذڪر کان روڪيو ۽ ان
(مسجدن) جي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن جي لاءِ دنيا ۾ خواري ۽ انهن جي لاءِ
آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.
ڇا قرآن ڪريم جون هي آيتون انهن اندر جي انڌن يزيد جي يارن
کي نظر نه ٿيون اچن. ”
اَمْ عَلٰي قُلُوْبٍ اَقْفَالُهَا
“(يا سندن دلين تي تالا لڳل
آهن) دنيا جي وڏن تاريخدانن يزيد جي ڪردار کي جنهن انداز ۾ لکيو آهي، اهو پڙهي ڇو
نه ٿا سوچين؟ مشهور مورخ دينوري لکيو آهي ته
”
ذَکَرَ أَبُوْهَارُوْنُ قُلْتُ يَا أَبَا سَعِيْدٍ مَا حَالُ لِحْيَتِكَ فَقَالَ:
هٰذَا فِعْلُ ظَلَمَةِ أَهْلِ الشَّامِ يَوْمَ الْحَرَّةِ دَخَلُوْا عَلىٰ بَيْتِيْ
فَانْتَهَبُوْا مَا فِيْهِ حَتّٰى أَخَذُوْا قَدْ حِيَ الَّذِيْ كُنْتُ أَشْرَبُ
فِيْهِ الْمَاءَ ثُمَّ خَرَجُوْا وَدَخَلَ عَلَيَّ بَعْدَهُمْ عَشَرَةُ نَفَرٍ
وَأَنَا قَائِمٌ أُصَلِّيْ فَطَلَبُوا الْبَيْتَ فَلَمْ يَجِدُوْا فِيْهِ شَيْئًا
فَأَسَفُوْا لِذَالِكَ فَاحْتَمَلُوْنِيْ مِنْ مُصَلَّايَ وَضَرَبُوْا بِيَ
الْأَرْضَ وَأَقْبَلَ كُلُّ رَجُلٍ مِّنْهُمْ عَلىٰ مَا يَلِيْهِ مِنْ لِحْيَتِيْ“
(الاخبار الطوال: ص 299)
ابوهارون ذڪر ڪيو ته مون ابو سعيد (نالي صحابيءَ کان جنهن جي ڏاڙهي مبارڪ پٽيل
هئي) پڇيو ته تنهنجي ڏاڙهي جو اهو حال ڇو آهي؟ ان ٻڌايو ته هي شام جي ظالم جو ڪم
آهي، جيڪو انهن حره واري ڏينهن ڪيو هو. اهي منهنجي گهر ۾ گهڙيا ۽ جيڪو ڪجهه به هو
لُٽي ڦُري کڻي ويا تانجو منهنجو پاڻي پيئڻ وارو پيالو به کڻي ويا. اهي نڪتا ته وري
ٻيا ڏهه ڄڻا ان وقت آيا، جو مان نماز پڙهي رهيو هوس ۽ گهر جي تلاشي ورتائون، جڏهن
ان ۾ ڪا شيءِ نه لڌائون ته ڪاوڙ ۾ اچي مون کي نماز جي جاءِ تان مٿي کڻي زمين تي
سٽيائون ۽ انهن مان هرهڪ جيڪو به منهنجي پاسي کان بيٺل هو، ان منهنجي ڏاڙهي جو اهو
پاسو پٽڻ شروع ڪيو( تڏهن منهنجي ڏاڙهيءَ جو اهو حال ٿيو آهي).
علامه ابن حجر هيتمي مڪي رحمة الله به لکيو آهي ته
”ان
بعض اولٰٓئک العسکر دخلوا زمن الحرة عليٰ ابي سعيد الخدري فاخذوا ما في البيت ثم
دخلت طائفة اخريٰ فلم يجدوا في البيت شيئا فاضجعوه ثم جعل کل ياخذ من لحيته خصلة“
(تطهير الجنان: ص60)
يعني ان (شام واري) لشڪر مان ڪي حره واري زماني ۾ (حضرت) ابو سعيد خدري (صحابي
سڳوري رضي الله) جي گهر ۾ گهڙي آيا، جيڪو ڪجهه گهر ۾ هو، کنيائون (اهي نڪري ويا ته)
وري ٻيا آيا انهن گهر ۾ جڏهن ڪا شيءِ نه ڏٺي ته (حضرت ابو سعيد خدري رضي الله) کي
ليٽائي، هرهڪ سندس ڏاڙهي (مبارڪ) مان چڳون پٽيون.
يزيد جي مقرر ڪيلن ڪامورن ۽ سندس ذاتي ڪردار کي نظر ۾ رکندي، بخاري جي شارح احمد
قسطلاني به علامه تفتازاني جو قول ڪنهن اعتراض ۽ انڪار کان سواءِ آڻي لکيو آهي:
”
وقد اطلق بعضهم فيما نقله المولي سعد الدين اللعن علي
يـزيد
لما انه کفر حين امر بقتل الحسين واستبشاره بذالک واهانته اهل بيت النبي صلي الله
عليه وسلم مما تواتر معناه وان کان تفاصيلها آحادا فنحن لا نتوقف في شانه بل في
ايمانه لعنة الله عليه وعليٰ انصاره واعوانه“
(ارشاد الساري: ص 104 ج5)
۽ بعض علماءِ يزيد تي لعنت جو اطلاق ڪيو آهي ڇو ته ان جو حسين (پاڪ) کي شهيد جو امر
۽ ان جو ان تي خوش ٿيڻ ۽ نبي
q
جي اهل بيت جي اهانت ڪرڻ معنوي تواتر سان ثابت آهي، جيتوڻيڪ ان جا
تفصيل آحاد روايتن سان آيل آهن، پوءِ اسين ان جي متعلق بلڪه ان جي ايمان جي متعلق
به توقف نه ٿا ڪيون. (يقينًا اهو بي ايمان هو) الله جي ان تي ۽ ان جي ساٿين ۽
مددگارن تي لعنت آهي.
قارئين ڪرام! قرآن ڪريم جي آيتن ۽ مفسرن جي حوالن جي روشنيءَ ۾ سوچي فيصلو ڪيو ته
هڪ فاسق، فاجر، شرابي، زاني، ظالم، جابر، عنيد،
پليد، عقيدن جو برو، عملن جو بڇڙو، گناهن تي جرئت ڪندڙ
شخص عام شريف ماڻهو چورائڻ جو ئي لائق ناهي ته
ان کي امير المومنين چئي مڪرم ۽ معظم بنائڻ ان لقب جي توهين ناهي ته ٻيو ڇا
آهي؟
ناپاک اور نجس تھی طبیعت یزید کی
گستاخ بے ادب تھی جبلّت یزید کی
٭٭٭