تقريظ
فاضل جليل مولانا مولوي رحيم بخش ڏاهري
ايم.اي، ايم.ايڊ- ساڪن مورو
الحمد لله الذي هدانا سبل السلام وجعلنا من امة خيرالانام و سقانا کاسات حب الاصحاب
الکرام و اهل البيت العظام، والصلواة والسلام علىٰ خاتم النبين، اکرم الاولين
والاخرين، رحمة للعالمين، حبيب رب العالمين، سيدنا و مولانا محمد وعلىٰ آلہ الطيبين
الطاهرين، واصحابہ الراشدين المهديين، و اولياء امتہ الواصلين الکاملين، وعلماء
امتہ الراسخين من المفسرين والمحدثين، والائمة المجتهدين اجمعين.
اما بعد!
الحمد لله سهڻيءَ سنڌ جي سر زمين ۾ اللهp
اهڙا هزارين املهه هيرا پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي چمڪ سان دنيا جي افق ۾ علم جي اها
روشني پکيڙي جنهن روشني ماڻهن جي من کي موهي وڌو ۽ هزارين ڀٽڪيل حق جي راهه جا راهي
بڻيا.ڪيئي علم جي شمع سيني ۾ سمائي عوام الناس لاء رهنماء ۽ رهبر بنيا. اهڙن سپوتن
مان سنڌ ڌرتيءَ جو انمول هيرو منهنجو محسن ۽ استاد مفسر قرآن شيخ الحديث ، فقيہ
العصر خطيب عديم المثل، مدرس بي بدل، محقق، مصنف، شيخ طريقت رهبر شريعت حضرت علامہ
مولانا قبله الحاج محمد ادريس ڏاهري مد ظلہ العالي به هڪ آهن. سائين جن پنهنجي هر
ڪاوش ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي سندن تقرير توڙي تحرير مان محبوب
q،
صحابہ ڪرام، اهل بيت عظام جي محبت جي اها خوشبوءِ اچي ٿي جيڪا عام مقرر يا محرر کان
حاصل نه ٿي ٿئي. هر دعوى لاءِ دليل گهربل هوندو آهي ۽ دليل جو ثبوت انسان جي پنهنجي
ئي قول ۽ فعل مان حاصل ٿيندو آهي. سندن محبت جي ثبوت لاءِ حضرت قبلہ سائين جن جي
تقرير ۽ تحرير ٻڌي ۽ پڙهي ڏسو، سندن فعل به اوهان کان لڪل نه هوندو جو پاڻ هر سال ۾
تقريبـًـا ٻه دفعا الله تعالى جي گهر مڪہ مڪرمہ ۽ مدني تاجدار جي حرم شريف جي حاضري
لاءِ تشريف وٺي ويندا آهن ۽ محبوب مديني واري کان روحاني فيض سان ڀرپور ٿي موٽندا
آهن. سندن فعل آهي ته اچي ڏسو جو پاڻ ته عابد، زاهد، متقي، پرهيزگار آهن پر سندن
پرورش جي برڪت سان سندن سڄو گهراڻو صوم و صلاة جو پابند آهي، سندن فرزند به عالم ۽
قرآن پاڪ جا حافظ آهن. سندن هر ڪتاب ۾ محبوب جي روحاني فيض جي پالوٽ نظر اچي ٿي
خصوصًا سندن تفسير
”احسن البيان في تفسير القرآن“
۾ ته اهو سُڳنڌ آهي، جو مطالع ڪرڻ سان محبت وارن جا نيڻ ٺري پون ٿا. جيڪڏهن عشق جي
اک سان پڙهجي ته سينو محبوب
q
جي محبت سان سرشار ٿي ويندو. حضرت قبلہ سائين جن محبوب جي محبت رکڻ
وارن جي هر طرح رهنمائي ڪرڻ ۾ مشغول رهيا آهن. پاڻ محبوب
q
سان نسبت واري هر پهلو تي لکي عوام الناس جي غلط فهمين دور ڪرڻ ۽
صحيح طريقي ڏانهن رهنمائي ڪرڻ جي جدوجهد ۾ همہ تن مصروف هوندا آهن. اهوئي سبب آهي
جو پاڻ محبوب
q
جي سيرت متعلق لکيل عربي ڪتاب المعروف
”شمائل ترمذي“
جو بهترين شرح
”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“
ٻن جلدن ۾ لکي عاشقن جي ، محبوب
q
سان محبت کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، هن ۾ محبوب
q
جن جي سيرت ۽ سندن پاڪ حليو مبارڪ بيان ڪيو ويو آهي ته محبوبن جا
زلف مبارڪ ڪيئن هئا؟ سندن پاڪ ڳل مبارڪ ڪيئن هئا؟ سندن اکيون مبارڪ ڪيئن هيون؟،
سندن هلڻ مبارڪ ڪيئن هو وغيره، سڄو تفصيل سان
بيان ڪيل آهي. ان سان گڏوگڏ محبوب جي حديث جي اهميت ۽ حجيت متعلق
”التحرير العجيب في حجية حديث الحبيب
ﷺ“
هن ۾ قرآن و حديث مان قوي دلائل سان حديث جي منڪرن لاءِ ثابت ڪيو ويو آهي ته محبوب
q
جي حديث اسلام جو اهم ماخذ آهي ۽ خود الله تبارڪ وتعالى حديث مبارڪ
تي عمل ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي.
ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي اسان اهل السنت والجماعت جي روحاني رهنما ، سيني جي سرور، دل
جي چين سيدنا و مولانا حضرت امام حسين رضي الله جي محبت ۽ اهلبيت جي دشمن اسلام جي
منڪر يزيد پليد ملعون کان نفرت متعلق هي ڪتاب
”الترديد القوي على من يحب يزيد الغوي“
(گمراهه يزيد جي يارن جي مضبوط ترديد) تحرير ڪري اسان اهل السنت والجماعت مٿان
خصوصي احسان فرمايو اٿن، ته جيئن سڀني کي خبر پوي ته اسان اهل السنت والجماعت وارن
جو ان لاءِ صحيح عقيدو ڪهڙو آهي اسان جي امام عالي مقام سان دلي محبت ۽ يزيد پليد
لعين سان دلي نفرت آهي، اسان ان پليد تي هميشہ لعنت ڪئي آهي هن وقت به مٿس لعنت
ڪيون ٿا. هي ڪتاب لکي سائين جن محبوب جي ٻچڙن اهلبيتن سان پيار جو ثبوت پيش ڪيو آهي
جو محبوب جي ٻچڙن سان پيار ڪرڻ محبوب کي راضي ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ محبوب راضي ته رب
رحمان به راضي. جيئن الله تبارڪ و تعالى محبوبن کي فرمايو ته اوهان مؤمنن کي فرمايو
ته ”مان توهان کان اسلام پهچائڻ تي ڪو اجورو نه ٿو گهران فقط پنهنجي اهلبيت سان
محبت ٿو گهران“.
İ
قُلْ لَّآ أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلَّا الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبيٰ
Ĭ
شورى: آيت 23
سائين جن هي ڪتاب لکي، محبوبن جي ان فرمان جو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. الله
تعالى سندن هن سعي کي پنهنجي بارگاهه بيڪس پناهه ۾ مقبول فرمائي.
اسان جي دعا آهي ته شال الله رب العزة سائين جن کي خضري حياتي عطا فرمائي ۽ کين
پنهنجي محبوب
q
جي صدقي صحت ڪامله عاجله نصيب فرمائي ۽ سندن سايو اسان تي تا دير
قائم و دائم فرمائي جو پاڻ اسان جي رهنمائي ۽ رهبري فرمائيندا رهن. آمين بجاه سيد
المرسلين عليہ وعليهم الصلواة والسلام اجمعين.
هڪ پوڙهيءَ وانگر، جنهن حضرت يوسف
+جي
خريدارن جي لسٽ ۾ نالو ڳڻايو ٿي، مان به محبوب جي پياري ٻچڙي پنهنجي روحاني مرشد
سيدنا امام حسين عالي مقام رضي الله جي محبت وارن ۾ نالي ڳڻائڻ خاطر چند سٽون لکان
ٿو، ورنه مون ڪم علم وٽ نه لکڻ جو ڏانءُ آهي، نه وري ڪو علمي مواد ميسر آهي.
مُحَبتَ پائي مَنَ ۾ ، رنڍا روڙيا جن
تَن جو صَرافَن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
(سرڪاپائتي: بيت 12)
بس سهڻي لطيف جي هن شعر کي مد نظر رکندي رب ڪريم جي رحمت ۾ اميد آهي ته شال رب
ڪريم هي ٽُٽل ڦِٽل الفاظ پنهنجي دربار ۾ قبول فرمائي ۽ آخرت ۾ محبوبن جي شفاعت نصيب
ڪري ۽ سهڻي امام حسين
+جي
مريدن جي صف ۾ شامل فرمائي. آمين.
يزيد پليد جي ڪردار متعلق تاريخي پس منظر:
جڏهن يزيد جي بيعت ورتي وئي ته حضرت حسين بن علي، حضرت عبدالله بن عمر، حضرت عبد
الله بن زبير ۽ حضرت عبدالرحمان بن ابي بڪر
U
ان وقت بيعت نه ڪئي هئي. يزيد کي وڌيڪ خوف حضرت امام حسين ۽ حضرت
عبدالله بن زبير#
کان محسوس ٿي رهيو هو، ان جي ڪري يزيد مدينہ جي گورنر کي لکيو ته مذڪور شخصن کي
گرفتار ڪري فوري بيعت وٺ، گورنر انهن کي پيغام موڪليو، پر حضرت ابن زبير ۽ حضرت
امام حسين مڪہ پاڪ هليا ويا. اتي ڪوفين حضرت امام حسين کي بيعت متعلق خط لکيا ۽
حضرت امام حسين انهن جي دعوت تي ڪوفہ روانه ٿيا انهن بي وفائي ڪئي ۽ يزيد طرفان
مقرر حاڪم عبيدالله بن زياد حضرت امام حسين رضي الله کي ڪوفہ پهچڻ کان پهريان شهيد
ڪري ڇڏيو. انا لله وانا اليہ راجعون.
حضرت امام حسين رضي الله جي شهادت کان پوء حضرت ابن زبير لاء حجاز خالي رهجي ويو
پاڻ مڪہ مڪرمہ وارن کي عراق ۽ ڪوفہ وارن جي بي وفائي ٻڌايائون ۽ ان طرح مدينہ ۽ مڪہ
وارن يزيد جي بيعت ٽوڙي ڇڏي ۽ مدينہ ۾ قريش جو عبد الله بن مطيع ۽ انصار جو عبدالله
بن حنظلہ امير مقرر ٿيو ۽ مڪہ وارن حضرت عبدالله بن زبير رضي الله جي بيعت ڪري ڇڏي،
مدينہ جي گورنر ۽ جيڪي به بنو اميه جا ماڻهو هئا، انهن کي مدينه مان ڪڍي ڇڏيائون
اهي مروان بن الحڪم جي گهر ۾ رهيا ۽ انهن (بنواميه) وارن يزيد کي ان کان باخبر
ڪيو، يزيد عمرو بن سعيد بن عاص کي گهرايو، پر ان قريش جي خون وهائڻ کان معذرت ڪئي
بعد ۾ ضحاڪ بن قيس فهري کي گهرايائين ان به معذرت ڪئي بعد ۾ ان مسلم (مجرم) بن عقبه
مُري لعين کي گهرايو، جنهن جا وار کنڊڙيل ، اک کان ڪاڻو ۽ پير کان منڊو تقريبًا 90
سالن جو پوڙهو هو،يزيد ان بد بخت سان تقريبًا 12000 ڪن روايتن ۾ 25000 لشڪر تيار
ڪري مدينه شريف تي حملي لاءِ موڪليو ۽ ان کي چيائين ته جيڪڏهن توسان ڪو حادثو پيش
اچي ته حصين بن نمير کي امير بنائي ڇڏجان ۽ جڏهن مدينه پهچين ته ٽي ڏينهن انهن کي
ڊيڄارجان، ڌمڪائجان. جيڪڏهن اهي پنهنجي موقف کان رجوع ڪن ته پوءِ لشڪر وٺي ابن زبير
طرف روانو ٿجان. جيڪڏهن اهل مدينہ رجوع نه ٿين ته انهن سان جنگ ڪجان ۽ جڏهن انهن تي
قابض ٿي وڃين ته اهل مدينہ جو طعام ، اسلحو، مال (سون ،چاندي) ٽن ڏينهن تائين توهان
لاءِ مباح آهي (يعني ظلم سان ڦر لٽ ڪجو) جڏهن هي شامي لشڪر مدينہ شريف پهتو ته انهن
کي ٽن ڏينهن جو چئلينج ڏنائون ته يزيد جي بيعت ۽ اطاعت ڪيو، ورنه جنگ ڪنداسين اهل
مدينہ وارن چيو الله جا دشمنؤ! توهان جي وعدن تي اسان کي ڪو ڀروسو ڪونهي. جيڪڏهن
توهان اسان سان ناحق جنگ ڪئي ته اسان جنگ ڪنداسين. آخر ڪار حره جي ميدان ۾ جنگ ٿي ۽
ظالمن مدينہ منوره ۾ جيڪي قهر ڪيا، سي قلم جي لکڻ کان ڳرا آهن. ڪجهه ته هن ڪتاب ۾
ذڪر ٿي چڪا آهن. مختصر هي ته جيڪو شخص انهن کي مليو، انهن جي دل چاهيو ته ان کي قتل
ڪري ان جو مال لٽي ٿي ورتائون. هڪ عورت سُعدى بنت عوف مريه مسلم بن عقبه کي چيو ته
مان تنهنجي سؤٽ آهيان، منهنجا اٺ نه ڪاهجو ان ڪميڻي ساٿين کي چيو ته پهريان ان جا
اٺ لٽيو. هڪ عورت چيو ته مان تنهنجي ٻانهي آهيان ۽ هي منهنجو پٽ تنهنجو قيدي آهي
مسلم بن عقبه ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏيو. محبوب جي شهر ۾ عورتن جون زبردستي عزتون لٽيون
ويون، ايتري قدر جو هڪ هزار عورتون بغير مڙسن جي حامله ٿي ويون. شهيدن جي تعداد ۾
مختلف روايتون آهن. هڪ روايت ۾ آهي ته 700 مهاجر ۽ انصار ۽ 10000 ٻيا مسلمان شهيد
ڪيا ويا. ٻي روايت ۾ علامه قرطبي بيان ڪيو آهي ته 1700 مهاجر و انصار صحابه ۽ خيار
تابعي ۽ عام ماڻهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ 10000 مسلمان شهيد ڪيا ويا 700 قرآن
ڪريم جا قاري شهيد ڪيا ويا ۽ 97 قريش شهيد ڪيا ويا. مسجد نبويءَ ۾ گهوڙا ٻَڌا ويا،
جن مسجد نبوي ۾ منبر رسول تي گندگي ڪئي. 3 ڏينهن مسجد نبوي ۾ جماعت نه ٿي مسلم بن
عقبه ماڻهن کي مجبور ڪيو ته اهي ان ڳالهه تي بيعت ڪن ته اهي يزيد جا غلام آهن، پوءِ
اهو چاهي ته انهن کي وڪڻي، چاهي ته آزاد ڪري. يزيد بن عبدالله بن زمعه چيو ته مان
قرآن ۽ سنت جي حڪم تي بيعت ٿو ڪيان ته ان کي ٻَڌي، ان جو ڪنڌ لاٿو ويو. انا لله
وانا اليہ راجعون
مسلم بن عقبه جو عبرتناڪ موت:
ان ظالم مسلم بن عقبه جو عبرت ناڪ موت ٿيو. جڏهن مدينہ وارن سان ظلم و قهر ڪري مڪہ
پاڪ تي حملي جي ارادي سان وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ئي مري ويو مدينہ پاڪ ۾ هڪ شخص کي
هن ظالم چيو ته تون بيعت ڪر ته الله جي اطاعت ۽ معصيت ۾ يزيد جو غلام آهين، ان
انڪار ڪيو ۽ چيو ته مان صرف الله جي اطاعت تي بيعت ڪندس. هن ظالم ان کي شهيد ڪرائي
ڇڏيو. ان جي والده قسم کنيو ته جيڪڏهن الله مون کي طاقت ڏني ته مان ان ظالم کي باهه
ڏئي ساڙينديس. جڏهن اهو رستي ۾ مري ويو ته اها عورت ان جي قبر تي وئي ماڻهن کي
چيائين ته کوٽيو ته ڏٺائون ته هڪ واسينگ نانگ ان کي ڏنگي رهيو هو، پوءِ ان عورت ان
کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
مرڻ کان اڳ ۾ هن يزيد جي نصيحت مطابق حصين بن نمير کي لشڪر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ته
تون وڃي مڪہ پاڪ ۾ عبدالله بن زبير کي قتل ڪجان. 16 محرم 64 هجري تي حصين بن نمير
لشڪر وٺي مڪہ روانو ٿيو ۽ 26 تاريخ مڪہ جي ٻاهران پهتو. محرم ۽ صفر ۾ جنگ هلندي
رهي. 3 ربيع الاول 64 هجري ڇنڇر جي ڏينهن انهن يزيدي ظالمن منجنيقن سان ڪعبي تي پٿر
وسايا، تانجو ڪعبہ ڪريم جي ڇت، سڙي وئي ڪعبہ کي باهه لڳائي وئي. انا لله وانا اليہ
راجعون.
تقريبًا 64 ڏينهن مڪہ پاڪ جو گهيرو رهيو ان ئي دوران 14 ربيع الاول سنه 64 هجري تي
يزيد لعين مري ويو، (مقصد ته ان ظلم جي ڪاررواين دوران ئي مري ويو، توبہ جي توفيق
ڪٿان نصيب ٿيس.) يزيد جي موت جي خبر ٻڌي يزيدين ڪعبہ جو گهيرو ختم ڪيو.
يعني22 رجب سن 60 هه ۾ يزيد لعين تخت نشين ٿيو سن 61 هه جي شروعات ۾ محرم جي 10
تاريخ حضرت امام عالي مقام ۽ سندس اهلبيت کي شديد تڪليفون ۽ اذيتون ڏئي شهيد
ڪرايائين، سن 63 هجري 27 ذوالحج تي مدينہ پاڪ تي حملو ڪرايائين، جيڪو ’واقعه حره‘
سان تاريخ ۾ مشهور آهي ۽ سن 64 هجري محرم، صفر، ربيع الاول ۾ الله تعالى جي پاڪ گهر
ڪعبہ ڪريم تي حملو ڪرايائين ۽ آخر ان ئي سال جهنم رسيد ٿيو. اهڙي طرح سندس ڪل دور
حڪومت 3 سال 7 مهينا 22 ڏينهن بعض روايتن ۾ 8 ۽ 9 مهينا به آيو آهي اهو اسلام جي
تاريخ ۾ سياه دور ۽ بدنما داغ هو، جيڪو هن ظالم جي ڪارن ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري پيش ٿيو.
هي ڪجهه انهن لاءِ جيڪي يزيد جي ڪردار کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ چاهين ٿا، مختصر
معلومات لکي وئي آهي، باقي تفصيل تاريخ جي وڏن ڪتابن ۾ موجود آهي ۽ ڪافي مواد ته هن
ڪتاب ۾ اڳ ۾ ئي تحرير ٿي چڪو آهي.
جنهن ظالم، محبوب جي ڪلهن جي سوار، جنتي نوجوانن جي ان سردار کي شهيد ڪرايو، جنهن
سهڻي حسين جا حديث ۾ ڪيترائي فضائل آهن، قرآن ڪريم ۾ الله تعالى انهن اهلبيتن جو
شان بيان فرمايو:
İ
إِنَّمَا يُرِيْدُ اللهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ
الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًاĬاحزاب:
آيت 33
الله تعالي محبوبن کي فرمايو ته
İ
قُلْ لا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلَّا الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبيٰĬ
شورى: آيت 23
يعني: دين جو عوض توهان کان نه ٿو گهران فقط منهنجي قرابتدارن سان محبت
رکجو.
هن ظالم نه محبوب جي فرمانن تي نظر ڪئي، نه الله جي فرمانن جو احترام ڪيو، بجاء
محبت جي اهڙن پيارن کي سختيون ڏئي شيهد ڪرايائين، جنهن مدينہ پاڪ ۾ رياض الجنة جي
تقدس کي پائمال ڪرايو، مدينہ جي رهاڪن کي رڳو ڊيڄاريو ڌمڪايو نه بلڪ جليل القدر
صحابي ، تابعي سوين قرآن جا قاري ظلم سان شهيد ڪرايائين جڏهن ته هڪ عام مسلمان جي
قاتل لاءِ به الله تعالى فرمائي ٿو:
İ
وَمَنْ يَّقْتُلْ مُؤْمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزَآؤُهٗ جَهَنَّمُ
خَالِدًا فِيْهَا وَغَضِبَ اللهُ عَلَيْهِ وَلَعَنَهٗ وَأَعَدَّ لَهٗ عَذَاباً
عَظِــيْمًاĬ
نساء: آيت93
يعني: جنهن هڪ مؤمن کي قتل ڪيو، ان جي جاء جنهم آهي. اهو ان ۾ هميشہ هوندو
۽ ان تي الله جو غضب ۽ الله جي لعنت آهي ان لاءِ الله تعالى وڏو عذاب تيار ڪري
رکيو آهي.
ڪعبة الله شريف الله تعالى جي گهر جي تعظيم ايتري آهي، جو حرم جو گاهه پٽڻ به جائز
نه آهي.
İ
فِيْهِ آيَاتٌ بَيِّنَاتٌ مَقَامُ إِبْرَاهِيْمَ وَمَنْ دَخَلَهٗ كَانَ آمِنًاĬ
آل عمران: آيت 97
يعني: ان ۾ چٽيون نشانين آهن. مقام ابراهيم به آهي،هن ۾ جيڪو داخل ٿيو اهو
امن وارو آهي.
هن ظالم خود ڪعبہ ڪريم کي ساڙائي ڇڏيو، ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو ۽ ظالمن تي الله
تعالى پاڻ لعنت فرمائي آهي:
İ
لَعْنَةُ اللّهِ عَلَى الظَّالِمِيْنَĬ
هود: آيت 18
ان ڪري ان ظالم تي لعنت ڪرڻ جائز آهي، جائز آهي، جائزآهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته
رڳو مسلمان هجڻ جي احتمال ڪري لعنت نه ڪجي، ليڪن سندس ظالم هجڻ جو احتمال نه بلڪ
يقين آهي جو تاريخ گواه آهي ته اهي سڀ ڪم سندس ئي اشاري تي ٿيا ته پوءِ ان کان وڌيڪ
ظالم ڪير هوندو.
حضرت حسين رضي الله جي موقف جي تائيد ۾ ڪجهه حديثون
1-
إِنَّ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ حَدَّثَهُ أَنَّ مُعَاذًا قَالَ يَا رَسُولَ اللهِ
أَرَأَيْتَ إِنْ كَانَ عَلَيْنَا أُمَرَاءُ لَا يَسْتَنُّونَ بِسُنَّتِكَ وَلَا
يَأْخُذُونَ بِأَمْرِكَ فَمَا تَأْمُرُ فِي أَمْرِهِمْ فَقَالَ رَسُولُ اللهِ
ﷺ
لَا طَاعَةَ لِمَنْ لَمْ يُطِعْ اللهَ عَزَّ وَجَلَّ
(رواه احمد- حافظ نور الدين الهيثمي متوفي 807 هه مجمع الزوائد ج5 ص 225 مطبوعه
دارالکتب العربيه بيروت الطبعة الثالثة 1402 هه
يعني حضرت معاذ بن جبل حضور ﷺ جن کي عرض ڪيو ته يا رسول اللهﷺ! جيڪڏهن اسان تي اهڙا
امير مسلط ٿين جيڪي اوهان جي سنت تي عمل نه ڪن ۽ اوهان جي احڪامن تي نه هلن ته
اوهان انهن جي باري ۾ اسان کي ڪهڙو حڪم فرمايو ٿا. محبوبن فرمايو جيڪو الله جي
اطاعت نه ٿو ڪري ان جي اطاعت نه آهي.
علامه علي متقي بن حسام الدين هندي متوفي 975 هه ڪنزالعمال ج 6 صفحه 67 مطبوعه
مؤسسة الرسالة بيروت الطبعة الخامس 1405هه پڻ مذڪوره حديث مسند احمد جي حوالي سان
آندي آهي.
2-
عَنْ عُبَادَةَ بْنِ الصَّامِتِ قَالَ قَالَ رَسُوْلُ اللهِ
ﷺ
سَيَكُوْنُ أُمَرَاءُ مِنْ بَعْدِيْ يَأْمُرُوْنَكُمْ بِمَا تَعْرِفُوْنَ
وَيَعْمَلُوْنَ مَا تُنْكِرُوْنَ ، فَلَيْسَ أُولٰٓئِكَ بِأَئِمَّةٍ
(رواه الطبراني- حافظ نور الدين الهيثمي متوفي 807 هه مجمع
الزوائد ج5 ص 227مطبوعه دارالکتب العربيه بيروت الطبعة الثالثة 1402 هه)
يعني محبوب ﷺ جن فرمايو ته مون کان پوءِ عنقريب اهڙا امير ٿيندا، جيڪي توهان کي نيڪ
ڪمن جو حڪم ڏيندا ۽ پاڻ برا ڪم ڪندا، اهي توهان جا اڳواڻ نه آهن.
علامه علي متقي بن حسام الدين هندي متوفي 975 هه ڪنزالعمال ج 6 صفحه 68مطبوعه مؤسسة
الرسالة بيروت الطبعة الخامس 1405هه پڻ مذڪوره حديث طبراني جي حوالي سان آندي آهي.
3-
عَنْ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ قَالَ رَسُوْلُ اللهِ
ﷺ
سَيَكُوْنُ أُمَرَاءُ تَعْرِفُوْنَ وَتُنْكِرُوْنَ فَمَنْ نَابَذَهُمْ نَجَا وَمَنِ
اعْتَزَلَهُمْ سَلِمَ وَمَنْ خَالَطَهُمْ هَلَكَ
(رواه الطبراني- حافظ نور الدين الهيثمي متوفي 807 هه مجمع الزوائد ج5 ص 228 مطبوعه
دارالکتب العربيه بيروت الطبعة الثالثة 1402 هه)
يعني محبوبن فرمايو ته مون کان پوءِ عنقريب اهڙا امير ٿيندا جيڪي نيڪ ڪم به ڪندا ته
برا ڪم به ڪندا جيڪو انهن سان بيعت ٽوڙيندو اهو نجات حاصل ڪندو جيڪو انهن کان
عليحده رهندو اهو سلامت رهندو جيڪو انهن سان ميل جول ڪندو اهو هلاڪ ٿي ويندو.
علامه علي متقي بن حسام الدين هندي متوفي 975 هه ڪنزالعمال ج 6 صفحه 68مطبوعه
مؤسسة الرسالة بيروت الطبعة الخامس 1405هه پڻ مذڪوره حديث طبراني جي حوالي سان آندي
آهي.
4-
عَنْ مُعَاذِ بْنِ جَبَلٍ قَالَ سَمِعْتُ رَسُوْلَ اللهِ
ﷺ
يَقُوْلُ: أَلا إِنَّ الْكِتَابَ وَالسُّلْطَانَ سَيَفْتَرِقَانِ فَلا تُفَارِقُوا
الْكِتَابَ أَلا إِنَّهُ سَيَكُوْنُ أُمَرَاءُ يَقْضُونَ لِأَنْفُسِهِمْ مَا لَا
يَقْضُوْنَ لَکُمْ فَإِذَا عَصَيْتُمُوْهُمْ قَتَلُوْکُمْ وَإِنْ أَطَعْتُمُوْهُمْ
أَضَلُّوْكُمْ قَالُوْا يَا رَسُولَ اللهِ كَيْفَ نَصْنَعُ ؟ قَالَ : كَمَا
صَنَعَ أَصْحَابُ عِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ ، نُشِرُوْا بِالْمَنَاشِيْرِ وَحُمِلُوا
عَلَى الْخَشَبِ ِأَلْمَوْتُ فِيْ طَاعَةِ اللهِ خَيْرٌ مِّنْ حَيَاةٍ فِيْ
مَعْصِيَةِ اللهِ
(رواه
الطبراني- حافظ نور الدين علي بن ابي بکر الهيثمي متوفي
807 هه مجمع الزوائد ج5 ص 227-228 مطبوعه
دارالکتب العربيه بيروت الطبعة الثالثة 1402 هه)
حضرت معاذ بن جبل رضي الله فرمائي ٿو مون رسول ڪريم ﷺ جن کان ٻڌو پاڻ فرمايائون ته
عنقريب حاڪم ۽ ڪتاب الله الڳ الڳ ٿي ويندا توهان ڪتاب الله کان جدا نه ٿجو. عنقريب
توهان تي اهڙا حاڪم مسلط ٿيندا جو اهي پنهنجي لاءِ جيڪو فيصلو ڪندا اهو توهان لاءِ
نه ڪندا ، توهان انهن جي نافرماني ڪندؤ ته اهي توهانکي قتل ڪندا ۽ جيڪڏهن توهان
انهن جي اطاعت ڪندؤ ته اهي توهانکي گمراهه ڪري
ڇڏيندا. صحابن عرض ڪيو ته يارسول الله اسان
ان وقت ڇا ڪيون فرمايائون توهان ان وقت اهو ڪجو جيڪو حضرت عيسى بن مريم جي
ساٿين ڪيو هو، انهن کي ڪرٽن سان چيريو ويو ۽ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، الله تعالى جي
اطاعت ۾ مرڻ ، الله جي معصيت ۾ زندگي گذارڻ کان بهتر آهي.
هي اهي حديثون آهن جن جي پيش نظر حضرت امام حسين رضي الله يزيد پليد جي بيعت نه
ڪئي. ڪوفه وارن جڏهن کين خط لکي بيعت جي دعوت ڏني ته پاڻ مسلم بن عقيل کي موڪلي،
حالات جي تصديق ڪرائي جڏهن کين تسلي جو پيغام مليو ته پاڻ ڪوفي وارن جي دعوت کي
قبول فرمايائون ان جو سبب اهو هو، جو پاڻ يزيد جي حڪومت کي صحيح نه ٿي سمجهيائون ۽
جڏهن کين خلافت على منهاج النبوة قائم ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني پئي وڃي ته پاڻ ان کي قبول
ڪندي ڪوفي ويا، ورنه کين ڪا حڪومت جي لالچ نه هئي .
ان کان علاوه حضرت امام حسين رضي الله اهو به سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن ديندار هڪ بي دين
شخص جي بيعت ڪندا ته اها رسم ٿي ويندي ۽ يزيد ماڻهن کي گمراهه ڪندي چوندو ته ڏسو
مان حق تي آهيان تڏهن ته اهڙا ديندار به منهنجي بيعت ڪن ٿا. ان ڪري به پاڻ ان جي
بيعت نه ڪيائون. اڄوڪي دور ۾ به کوڙ اهڙا بي دين پير ، فقير ، نيم ملا جيڪي وڏا وڏا
جلسہ منعقد ڪرائيندا آهن، انهن ۾ وقت جي پرهيزگار، ديندار، گادي نشينن ۽ محقق عالمن
کي دعوت ڏئي، فقط ان خاطر گهرائيندا آهن ته جيئن عوام کي گمراهه ڪري سگهن ته ڏسو ته
هيڏا وڏا وڏا مڃيل گادي نشين، ههڙا محقق عالم اسان جي محفلن ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن اسان
غلط هجون ته اهي اسان وٽ نه اچن ها، اهو فقط
عوام الناس کي گمراهه ڪرڻ جو ڍونگ ڪندا آهن ، نه انهن کي دين سان محبت آهي ۽
نه ئي اهي عاشق رسول آهن. ان ڪري اهڙن ڌوڪيباز، مڪار، شريعت جي احڪامن کان
پري، عمل کان عاري ، نام نهاد پيرن ۽ هٿرادو
گادي نشينن کان بچڻ گهرجي.
ڇا صحابہ ڪرام يزيد جي بيعت ڪئي هئي؟
علامه ابن خلدون لکي ٿو ته جڏهن يزيد فسق و فجور ۾ مبتلا ٿيو ته صحابه ڪرام جي ان
جي باري ۾ راء مختلف ٿي. بعض ان کان بيعت ٽوڙي جنگ جو ارادو ڪيو، جيئن حضرت امام
حسين ۽ حضرت ابن زبير
#
جي تابعن جي راء هئي ۽ بعض اهو سوچي، جنگ کان پري رهيا، جو ان سان ملڪ ۾ فتنو فساد
ٿيندو ۽ گهڻي خونريزي ٿيندي. ان کان علاوه يزيد سان مقابلو ڪرڻ به آسان نه هو، جو
هو برسر اقتدار هو ۽ عسڪري طاقت سندس حڪم ۾ هئي. ان کان علاوه ڪجهه قبيلا جيئن مضر
قبيلو جيڪو سڀني کان طاقتور هو، يزيد جو حامي هو. ان ڪري اهي بغاوت ڪرڻ کان رڪيا
رهيا ۽ الله تعالى کان هن جي هدايت لاء يا ان کان ڇوٽڪاري لاءِ دعائون گهرندا
رهيا.
(علامه عبدالرحمان بن خلدون متوفي 808 هه ،مقدمه ابن خلدون ص 212 مؤسسة العلمي
للمطبوعات بيروت)
حضرت امام حسين رضي الله پنهنجي فضيلت ۽ استحقاقِ خلافت تي ڪربلا ۾ انهن اصحابن کي
بطور شاهد جي پيش ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته منهنجي فضيلت ۽ استحقاقِ خلافت جي
باري ۾ جابر بن عبدالله، ابوسعيد خدري، انس بن مالڪ، سهل بن سعيد ۽ زيد بن ارقم
U
وغيره کان پڇو، پر پاڻ انهن کان مدد نه گهريائون.
(علامه عبدالرحمان بن خلدون متوفي 808 هه ،مقدمه ابن خلدون ص 212 مؤسسة العلمي
للمطبوعات بيروت)
جڏهن يزيد برن ڪمن جو مرتڪب ٿيو ته صحابن سندس بيعت
ٽوڙي ڇڏي جيئن واقعه ڪربلا ۽ واقعه حره ۾ ٿيو
۽ ڪيترائي صحابه شهيد ٿيا.
علم سان محبت رکندڙ دوستن کي التجا آهي ته اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي علم ۾
اضافو ڪندا رهن خاص ڪري اهل سنت جي محقق عالمن جي ڪتابن جو مطالعو ڪن جو ان سان
ذهني سڪون ۽ دلي اطمينان حاصل ٿيندو آهي. اهڙن ڪتابن جي مطالعي لاءِ هي شعر مناسب
لڳي ٿو:
سرور علم ہے کیف شراب سے بہتر
کوئی رفیق نہیں کتاب سے بہتر
الله تعالى کان دعا آهي ته شال رب العزة پنهنجي حبيب جي صدقي اسان کي صحيح رستي تي
هلائي ۽ محبوب
q
جي سڀني پيارن صحابن ، اهلبيتن ، اوليائن ۽ محبوب جي نسبت واري هر
شيء سان صحيح ۽ سچي محبت نصيب فرمائي. آمين. ڇو ته محبوبن جي محبت ايمان جي جان ،
دين جو روح آهي. جيئن علامه اقبال جو فرمان آهي:
مغز قرآن جانِ ایمان روح دین
ہست حب رحمۃ للعالمین
جو سچي محبت هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو نه توري سگهجي ٿو نه ماپي سگهجي ٿو نه ئي ان
ڪيفيت کي الفاظن جي قالب ۾ آڻي سگهجي ٿو. ڪنهن شاعر ڪهڙو نه سٺو چيو آهي:
محبت معنیٰ و الفاظ میں لائی نہیں جاتی
یہ اک ایسی حقیقت ہے جو سمجھائی نہیں جاتی
الله جل شانہ جي دربار ۾ نهايت عاجزي سان التجا آهي ته اهڙي سچي محبت سان نوازي
جنهن لاءِ محبوبن جو ارشاد اشارو فرمائي رهيو آهي:
ٲَلَا لَا ٳِيْمَانَ لِمَنْ لَّا مُحَبَّةَ لَہٗ
آخر ۾ مان پنهنجي محسن، استاد ۽ روحاني رهنما حضرت علامه مولانا قبلا سائين الحاج
محمد ادريس ڏاهري مد ظلہ العالي جن جو ٿورائتو آهيان، جو پاڻ پنهنجي شفقت فرمائي
مون جهڙي ڪم علم ۽ ڪم فهم کي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪجهه لکڻ جي اجازت عنايت فرمايائون. هي
سندن نظر عنايت آهي، جو مون جهڙي سست ۽ ڪاهل کي هر وقت ياد فرمائيندا آهن، ورنه
سائين جن جي ڪتابن واسطي مواد موڪلڻ لاءِ ڪيترائي موجوده وقت جا جيد عالم فاضل
موجود آهن، جيڪي مون کان بهترين مواد لکي موڪلي سگهن ها، پرسائين جن غايت شفقت سان
مون کي موقعو ڏنو. اگرچه گهڻو ۽ معياري مواد پيش نه ڪري سگهيو آهيان، تاهم دوستن ،
قارئين کان دعا جو طالب آهيان ته منهنجي حق ۾ دعا فرمائين، جو الله تعالى محبوب
مديني واري جي محابي منهنجي علم ۽ عمل ۾ ترقي عطا فرمائي. خصوصي دعا حضرت استاذي
المحترم جن لاءِ ڪندا، جن پنهنجي سموري زندگي محبوب
q
جن جي دين لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. ڪافي عمر پنهنجي تقرير پرتاثير
سان عوام الناس جي دلين ۾ محبوب جي محبت جي شمع روشن ڪندي گذاري ڇڏي اٿن، پر سندن
تحريري خدمتون به ناقابلِ فراموش آهن. خصوصًا اسان اهل السنة والجماعة وارن تي سندن
احسان آهن، جو اسان جي عقائد برحق جي تائيد و توثيق قرآن وسنت مان ثابت ڪئي اٿن.
خصوصًا سندن تفسير هن صديءَ جو عظيم شاهڪار آهي. الله تعالى سائين جن جي عمر ۽ صحت
۾ برڪت عطا فرمائي ۽ سندن ڇانو اسان جي مٿان تا دير قائم فرمائي آمين.
طالب العلم
11 شوال 1434هه مطابق
18 آگسٽ 2013ع
مولوي رحيم بخش ڏاهري
عفي عنہ ما کان منہ