خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب
ڪتاب ”الترديد القوي على من يحب يزيد الغوي“
گمراهه يزيد جي يارن جي مضبوط ترديد

تقريظ

حضرت علامه ومولانا مفتي خليل احمد جان اشرفي ويهڙائي دامت برکاته

 

اَلْحَمْدُ لِلهِ وَالصَّلوٰةُ وَالسَّلَامُ عَليٰ سَيِّدِ الْمُرْسَلِيْنَ خَاتَمِ النَّبِيِّيْنَ سَيِّدِنَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ شَفِيْعِ الْمُذْنِبِيْنَ وَعَليٰ آلِهِ الطَّاهِرِيْنَ الطَّيِّبِيْنَ وَ اَصْحَابِهِ الْمُکَرَّمِيْنَ وَ اَتْبَاعِهِ اَجمَعِيْنَ

معلوم هجي ته حق ۽ باطل جو مقابلو هميشه کان وٺي هلندو پيو اچي. جڏهن به باطل طاقت وٺي عروج تي آيو ته الله سبحانہ وتعالى انهيءَ جي مقابلي لاءِ ڪنهن برگزيده هستيءَ کي حق ڏئي موڪليو، جنهن باطل کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آهي. باطل ڪڏهن شيطان جي صورت ۾، ڪڏهن نمرود ۽ قارون جي صورت ۾ ته ڪڏهن فرعون ۽ ابوجهل جي صورت ۾ آيو. انهيءَ جي مقابلي ۾ حق ڪڏهن سيدنا آدم على نبيّنا و q جي صورت ۾، ڪڏهن سيدنا ابراهيم ۽ سيدنا موسى على نبيّنا وو , جي صورت ۾، ڪڏهن سيدنا ابراهيم ۽ سيدنا موسى على نبينا و , جي صورت ۾، ته ڪڏهن نبي مڪرم، نور مجسم، شفيع معظّم مٺي محبوب محمد ڪريم ﷺ جن جي صورت ۾ آيو. انهيءَ کان بعد باطل شيطاني، نمرودي، قاروني، فرعوني ۽ ابوجهلي رذيل صفتون وٺي، يزيد پليد جي صورت ۾ آيو ته حق به فڪر آدم، جرئت موسى ۽ استقامتِ مصطفى -جون پاڪ وصفون وٺي، سيدنا و مرشدنا حضرت امام حسين عالي مقام رضي الله جي صورت ۾ آيو.

حُسين ۽ يزيد اگرچه شخصيتن جا نالا آهن، پر معرڪہ ڪربلا کان بعد اهي ٻئي نالا شخصيتن سان گڏوگڏ ٻن مختلف ڪردارن جي عڪاسي ڪرڻ لڳا. جيئن ’يزيد‘ يا ’يزيديت‘ جبر، ظلم، لالچ، فسق ۽ جنگ و جدال جهڙين بڇڙين صفتن تي دلالت ڪرڻ لڳا ته هوڏانهن ”حُسين“ يا  ”حُسينيت“ حق، سچ، جرئت، صبر، بلند حوصلي، غربت ۽ مظلوميت جهڙين اعلى وصفن تي دلالت ڪري ٿي.

معرڪہ ڪربلا، سانحہءِ حَرّه ۽ واقعہ بلدالحرام کان بعد يزيد عليہ ما يستحقہ ته مري ويو، پر يزيديت زندهه رهي، جنهن جو بيّن ثبوت هي آهي ته يزيد جي مرڻ کان تيرهن سؤ سال بعد پاڪ و هند ۾ يزيد جي ڇاڙڪن اسٽيج ۽ قلم جي ميدان ۾ اچي يزيد پليد کي خوب ساراهيو، جو هن کي امام برحق، اميرالمؤمنين، مجاهد اسلام، پيدائشي مغفور (ٻين لفظن ۾ ڄمندي ڄام) ۽ هيرو جهڙا خطاب ڏنا اٿن.

جڏهن ته حضرت امام عالي مقام على جده و q کي ٻين لفظن سان گڏ ’خاطي‘ ۽ ’باغي‘ جهڙا ناقابل برداشت لفظ چيا اٿن. گڏوگڏ سندن اهل بيت ۽ اصحابي هجڻ جا به کلم کلا منڪر آهن. (نعوذبالله من هذه العقيدة) اوهان ڏسي سگهو ٿا:

(1)            تبصره محمودي بر هفوات مودودي- مؤلف: محمود احمد عباسي وهابي

(2)          خلافت معاويہ و يزيد- مؤلف: محمود احمد عباسي وهابي

(3)         رشيد ابن رشيد- مؤلف: ابويزيد محمدين بٽ لاهوري اهل حديث

(4)         سادات بنواميہ- مؤلف: محمّد سليمان وهابي

(5)          خلافت و ملوڪيت، تاريخي و شرعي حيثيت- مؤلف: حافظ صلاح الدين يوسف اهل حديث

(6)          نبي کا خواب (پمفليٽ) مؤلف: پروفيسر ڪمال احمد عثماني ديوبندي.

(7)         شهيد ڪربلا اور يزيد- مؤلف: ابوصهيب رومي مڇلي شهري فاضل دارالعلوم ديوبند

انهيءَ کان سواءِ به کوڙ سارن رسالن ۽ ڪتابن جي ضمن ۾ به خارجين، وهابين، اهل حديثن، ديوبندين پنهنجي ليڊر ظالم يزيد جي تعريف ۽ حضرت امام عالي مقام على جده وq جي توهين ڪئي آهي.

هوڏانهن ميدانِ ڪربلا ۾ جنتي جوانن جا سردار، شهيدن جا سرتاج، حضرت امام حسين عالي مقام رضي الله ته شهادت جي اعلى مقام تي فائز ٿيا، پر حسينيت زندهه رهي، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته هن دور ۾ خارجين، وهابين، يزيدين جيڪا امام عالي مقام رضي الله جي خلاف قلمڪاري ڪئي، انهيءَ جي جواب ۾ علماءِ اهلسنت و جماعت حسيني مجددي، بريلوي ڀرپور نموني سان تقرير ۽ تحريري جو ميدان ملهايو آهي. اوهان ڏسي سگهو ٿا يزيدين جي ڪتابن جي جواب ۾ علماءِ اهل سنت جا هيٺيان ڪتاب:

(۱)   تحقیق مزید فی مسئلۃ الیزید المعروف بہ کردارِ یزید کا تحقیقی جائزہ- مؤلف: علامہ حافظ شفقات احمد نقشبندی مجددی گیلانی

(۲)   امام پاک اور یزید پلید- مؤلف : خطیب پاکستان علامہ محمّد شفیع نقشبندی مجددی اوکاڑوی

(۳)   شہید ابن شہید- مؤلف: علامہ صائم چشتی

(۴)   کُفرِ یزید- مؤلف: علامہ صاحبزادہ سید افتخار الحسن

(۵)   سیدنا امام حسین علیہ السلام اور یزید- مؤلف: علامہ پیر محمد کرم شاہ الازہری، بھیرہ شریف

(۶)   شبیر اور یزید- مؤلف: پروفیسر علامہ حبیب اللہ چشتی

(۷)   یزید کون تھا- مؤلف: فقیہ العصر علامہ محمد امین نقشبندی فیصل آباد

(۸)   سعی السعید- مؤلف: امام المناظرین علامہ استاد سعید احمد اسعد نقشبندی فیصل آباد

اهي سڀئي ڪتاب اردوءَ ۾ آهن، جڏهن ته انهيءَ حوالي سان محبت اهل بيت خصوصًا امام عالي مقام + جو قرض سنڌي ٻوليءَ وارن تي رهيل هو. ماشاء الله تعالى اهو اسان جي سنڌ سڳوري جي سدابهار فاضل مصنف صاحب التقرير والتحرير، محي السنة، قاطع رافضيت، فاتح خارجيت، پير طريقت علامه الحاج محمد ادريس نقشبندي مجددي ڏاهري المعروف ”بلبل مدينہ“ زيد مجده جن هي ڪتاب لکي ڪافي حد تائين لاهي ڇڏيو آهي. اگرچه هن کان اڳ پاڻ اهل بيت اطهار U جي محبت، فضائل ۽ مسائل ۾ ڪافي ڪتاب ليکا اٿن. جهڙوڪ: (1) التحرير المقبول في اخبار اولاد الرسول (2) سيرة الحسين (3) عظمت اهل بيت (4) فتح القوي الغالب سيدنا مشڪل ڪشا جي شان ۾ (5) خلاصة النفحات الباهرة في جواز القول بالخمسة الطاهرة (پنجتن پاڪ مترجم)  (6) الباقيات الصالحات (ازواج مطهرات، مترجم) وغيره. تڏهن به هن موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ضروت هئي، جيڪا ”بلبل مدينہ“ جي نوڪ قلم جي ڪاوش سان پوري ٿي.

اصل ۾ يزيدي ٽولي وارا پنهنجي شيطاني مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خاص ٻن صحيح حديثن مان فاسد دليل جو سهارو وٺي، پوءِ تاريخ کي الٽ پلٽ ڪري، حوالا پيش ڪندا آهن، مگر انهن جي نصيب ۾ ناڪامي، بدبختي ۽ ذلت کان سواءِ ڪجهه ناهي.

پهريون دليل حديثِ قسطنطنيہ، جنهن جي سهاري سان يزيد پليد کي ڄمندي ڄام ۽ جنت جو پڪو وارث ثابت ڪرڻ جي ناجائز ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته انهيءَ باطل استدلال جو فاضل مصنف هن ڪتاب ۾ دشمنن کي دندان شڪن جواب ڏئي مروانين جو منهن بند ڪري ڇڏيو آهي.

باقي ٻيو دليل حضرت عُباده بن صامت رضي الله واري حديث آهي، جنهن مان فاسد استدلال سان حضرت امام عالي مقام رضي الله کي غيرحق تي ظاهر ڪرڻ جي ڪوڙي ڪوشش ڪندا آهن.

منهنجو خيال آهي ته هن پوئين دليل کي قرآن، حديث ۽ اقوال علماء ربانيين جي روشنيءَ ۾ ڏسون ته هن مان يزيدين جي استدلال جي حيثيت ڇا آهي. وري مٿان خارجي ٽولي جي مولوين جون به شاهديون پيش ڪيون، تان ته حق، حق ظاهر ٿئي، ته پوءِ اچو ته حضرت عباده بن صامت رضي الله واري حديث ڏسون ۽ انهيءَ مان يزيدين جو استدلال به ڏسون، انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جو جواب.

حديث مبارڪ:  عَنْ جُنَادَةَ بْنِ أَبِيْ أُمَيَّةَ قَالَ دَخَلْنَا عَليٰ عُبَادَةَ بْنِ الصَّامِتِ وَهُوَ مَرِيْضٌ قُلْنَا أَصْلَحَكَ اللهُ حَدِّثْ بِحَدِيْثٍ يَنْفَعُكَ اللهُ بِهٖ سَمِعْتَهٗ مِنَ النَّبِيِّ قَالَ دَعَانَا النَّبِيُّ فَبَايَعْنَاهُ فَقَالَ فِيْمَا أَخَذَ عَلَيْنَا أَنْ بَايَعَنَا عَلَى السَّمْعِ وَالطَّاعَةِ فِي مَنْشَطِنَا وَمَكْرَهِنَا وَعُسْرِنَا وَيُسْرِنَا وَأَثَرَةً عَلَيْنَا وَأَنْ لَا نُنَازِعَ الْأَمْرَ أَهْلَهٗ إِلَّا أَنْ تَرَوْا كُفْرًا بَوَاحًا عِنْدَكُمْ مِنْ اللهِ فِيْهِ بُرْهَانٌ (صحيح بخاري شريف: ج2 ص 45- کتاب الفتن باب 2- صحيح مسلم شريف: ج2

ص 125، ڪتاب الامارة: باب8)

ترجمو: حضرت جنادة بن ابي اميہ رضي الله کان روايت آهي ته اسان حضرت عباده بن صامت رضي الله جي خدمت ۾ پهتاسين، جڏهن ته پاڻ مريض هئا. اسان عرض ڪيو ته الله اوهان کي صحت ڏئي، اسان کي نبي ڪريم ﷺ جن کان ٻُڌل ڪا حديث ٻڌايو، جنهن سان توهان کي الله تعالى نفعو پهچائي. حضرت عباده رضي الله فرمايو ته پاڻ ڪريمن ﷺ جن اسان کي گهرايو پوءِ اسان سندن بيعت ڪئي. هن چيو ته جن ڳالهين جو پاڻ سڳورن ﷺ جن اسان کان عهد ورتو هو، اهي هي هيون ته خوشي ۽ ڏاڍ، تنگي ۽ ڪشادگي ۽ پنهنجي حق تلفي ۾ به اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪريون ۽ هي به ته حڪمرانن سان حڪومت جي باري ۾ انهيءَ وقت تائين جهڳڙو نه ڪيو، جيستائين ظاهر ظهور ڪفر ڪندي، کين نه ڏسو. ته توهان کي الله تعالى وٽ انهيءَ باري ۾ ڪو دليل ملي ويندو.

طريقهءِ استدلال: هن حديث مان ثابت آهي ته هر صورت ۽ هر حالت ۾ حڪمرانن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪيو، ڀلي کڻي توهان جي حق تلفي ٿئي، جيستائين هن کان کلم کلا ڪفر ظاهر نه ٿئي، تيستائين هن سان جهڳڙو نه ڪريو. يزيد جڏهن مسلمانن جي اجماع سان حڪمران ٿي ويو هو، ته انهيءَ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري سڀن جي مٿان لازم هئي. ٻيو ته يزيد جو ڪوبه ڪفر ثابت نه آهي، تنهنڪري جنهن به امرِ حڪومت ۾ هن سان مخالفت ڪئي، ته اهو خاطي، خارجي ۽ باغي آهي.

جواب: اسان هتي ٻن طريقن سان بحث ڪنداسين. هڪ ته حديث ۾ لفظ

حڪمران يا والي يا امام يا خليفه يا امير جو نه آهي، پر ”الْأَمْرَ أَهْلَهٗ“ جا

پيارا لفظ مبارڪ آهن، جنهن جو مفهوم آهي ”حڪومت جو اهل هجڻ“ هاڻي ڏسنداسين ته جنهن يزيد کي حڪمران ثابت ڪيو ويو آهي، سو

حڪومت جو اهل آهي يا نه؟ ٻيو ته حديث پاڪ ۾ ”كُفْرًا بَوَاحًا“ جا لفظ

مبارڪ آيا آهن، هتي ڪفر مان مراد ڇا آهي ۽ بس ! هن ٻن بحثن جي سمجهڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو.

بحث پهريون: هتي اسان ڏسنداسين ته امام، امير، خليفه يا حڪمران ۾ اهليت جا شرط ڇا آهن؟ پوءِ يزيد جي شخصيت کي انهن تي پرکينداسين.  هن ۾ اهليت نه هئڻ جي صورت ۾ حڪمران ٿيڻ تي ڪجهه سوال ۽ انهن جا جواب.

شروطِ خلافت و ملوڪيت: حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي رحمة الله  (م:1186هه) خليفي يا امير ٿيڻ جا هي شرطَ لکيا آهن: (1) مسلمان هجي (2) عاقل هجي (3) بالغ (4) مرد (5) آزاد (ٻانهو نه هجي) (6) متڪلّم (گونگو نه هجي) (7) ڪنن کان سڄو (8) اکين کان نيڪ (9) بهادر (10) صاحبِ راءِ (يعني صلح، جنگ، امان ڏيڻ، مجاهدن جي وظيفن مقرر ڪرڻ، سردارن ۽ حاڪم جي مقرر ڪرڻ ۾ فيصلو صحيح هجي) (11) عادل يعني ڪبيرن گناهن کان بچندڙ ۽ صغيرن تي اصرار ڪندڙ نه هجي (12) صاحب مروّت هجي (13) مجتهد هجي. (ازالة الخفاء: ج1 ص 18 تا 20)

توهان ڏٺو ته خلافت جي شرطن ۾ هڪ شرط هيءُ به آهي ته خليفو عادل هجي، عدالت جي تعريف ۾ علامه سيد شريف جرجاني رحمة الله (م 826هه) لکن ٿا:

العدالة في اللغة الاستقامة وفي الشريعة عبارة عن الاستقامة عليٰ طريق الحق بالاجتناب عما هو محظور دينا.  (ڪتاب التعريفات: باب العين ص 10)

يعني عدالت لغت ۾ ”استقامت“ کي چوندا آهن ۽ شريعت ۾ راهه حق تي اهڙيءَ طرح مستقيم ٿيڻ، جو دين جي اعتبار سان منع ڪيل شين کان رڪجڻ کي ”عدالت“ چئبو آهي.

قاضي عبدالنبي احمدنگري عدل ۽ عدالت جي باري ۾ لکي ٿو:

العدل: ضد الظلم واحقاق الحق واخراج الحق عن الباطن. العدالة: في اللغة الاستواء و ضد الجور. ملخصًا

 (دستورالعلماء: باب العين مع الدال: ج2 ص 22-221)

يعني ’عدل‘ ’ظلم‘ جو ضد آهي. عدل جو مفهوم حق کي مضبوط ڪرڻ ۽ باطل کان حق کي جدا ڪرڻ جو آهي ۽ ’عدالت‘ لغت ۾ برابر کي چئبو آهي ۽ هي فسق، فجور جو ضد آهي. (۽ شرعي تعريف علامه جرجاني واري ساڳي ڪئي اٿس)

انهيءَ مان واضح ٿيو ته خليفي يا امير جو عادل هجڻ، يعني ظالم، فاسق ۽ فاجر نه هجڻ ضروري آهي. وڏيڪ ڏسو قرآن حڪيم ۾ الله تعالى سيدنا ابراهيم على نبينا وq سان خطاب ڪندي ارشاد فرمايو:

قَالَ إِنِّيْ جَاعِلُكَ لِلنَّاسِ إِمَامًا قَالَ وَمِنْ ذُرِّيَّتِيْ قَالَ لَا يَنَالُ عَهْدِي الظَّالِمِيْنَ  (پ-1 البقره: 124)

يعني الله تعالى فرمايو: مان توکي ماڻهن جو امام (اڳواڻ) ڪرڻ وارو آهيان. ابراهيم+  عرض ڪيو ۽ منهنجي اولاد مان؟ الله تعالى فرمايو: منهنجو عهد ظالمن کي شامل نٿو ٿئي.

امام ابوجعفر محمد بن جرير طبري رحمة الله (م:310هه) انهيءَ آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا:

اِنَّ الظالم لا يکون امامًا يقتدي به اهل الخير، لان الامامة انما هي لاوليائه واهل طاعته دون اعدائه والکافرين به. ملخصا

(تفسير ابن جرير: ج1 ص 61)

يعني بيشڪ ظالم اڳواڻ نه ٿيندو، جو ڀلا ماڻهو هن جي اقتدا ڪن، ڇوته امامت الله تعالى جي دوستن ۽ انهيءَ جي فرمانبردارن جي لاءِ آهي. هن جي دشمنن ۽ منڪرن لاءِ نه آهي.

علامه قرطبي (م: 668هه) رحمة الله لکن ٿا:

أن الإمام يكون من أهل العدل والإحسان والفضل مع القوة على القيام بذلك ، وهو الذي أمر النبي ألا ينازعوا الأمر أهله ، على ما تقدم من القول فيه. فأما أهل الفسوق والجور والظلم فليسوا له بأهل ، لقوله تعالى : İلَا يَنَالُ عَهْدِي الظَّالِمِيْنَ Ĭ  ولهذا خرج ابن الزبير والحسين بن علي رضي الله عنهم. وخرج خيار أهل العراق وعلماؤهم على الحجاج ، وأخرج أهل المدينة بني أمية وقاموا عليهم

(الجامع الاحڪام القرآن: ج2 ص 109)

يعني بيشڪ امامت جو لائق اهو ٿيندو، جيڪو عدل، احسان ۽ فضل جي صفتن وارو هجي، گڏوگڏ حڪومتي ذميدارن کي پوري ڪرڻ جي قوت رکي، اهڙي امام جي متعلق نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي ته انهن سان جهڳڙو نه ڪيو، جيڪو اڳ ۾ بيان ٿي آيو. باقي فاسق، فاجر ۽ ظالم اهل نه آهن، ڇوته الله تعالى فرمايو: ”منهنجو عهد ظالمن کي شامل نٿو ٿئي“ (يزيد ۾) انهيءَ اهليت نه هئڻ جي ڪري سيدنا عبدالله بن زبير ۽ سيدنا امام حسين# (يزيد جي) مقابلي لاءِ کڙا ٿيا ۽ عراق جا علماء ۽ اخيار حجاج جي مقابلي لاءِ کڙا ٿيا ۽ اهل مدينہ بنواميہ جي مقابلي لاءِ کڙا ٿيا.

حجة الاسلام امام ابوبڪر جَصّاص حنفي (م: 370هه) رحمة الله فرمائن ٿا:

فثبت بدلالة هذه الآية بطلان امامة الفاسق وانه لايکون خليفة وان من نصب نفسه في هذا المنصب وهو فاسق لم يلزم الناس اتباعه ولا طاعته وکذالک قال النبي عليه السلام İلَا طاعة لمخلوق في معصية الخالق Ĭ  و دل ايضًا عليٰ ان الفاسق لا يکون حاکما وان الحاکم لا تنفذ اذا ولي الحکم                                                                                                                      (احڪام القرآن: ج1 ص 84)

يعني: هن آيت جي دلالت النص سان فاسق جي امامت جو بطلان ثابت ٿيو ۽ بلاشڪ هو خليفو نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن حالتِ فسق ۾ هو منصبِ خلافت تي مسلّط ٿي وڃي ته ماڻهن تي هن جي اتباع ۽ اطاعت لازم نه آهي ۽ پاڻ ڪريمن ﷺ  جن به ائين فرمايو آهي ته ”خالق جي نافرمانيءَ ۾ مخلوق جي فرمانبرداري نه آهي“ هيءَ آيت فاسق حاڪم نه هئڻ تي به دلالت ڪري ٿي. جيڪڏهن فاسق حاڪم ٿيو ته انهيءَ جا احڪام نافذ نه ٿيندا.

انهيءَ کان علاوه (1) قاضي بيضاوي (م:685هه) تفسير بيضاوي ۾ (2) علامه محمد بن مصلح الدين حنفي (م: 951هه) حاشية محي الدين شيخ زاده (ج2 ص 281) ۾ (3) امام فخرالدين محمد بن ضياء الدين عمر رازي شافعي (م:606هه) تفسير ڪبير (ج2 ص 39) ۾ (4) علامه حافظ عماد الدين اسماعيل ابن ڪثير (م: 774هه) تفسير ابن ڪثير (ج1 ص 168) ۾ (5) علامه ابوالقاسم جارالله محمود بن عمر بن محمد زمخشري معتزلي (م:538) تفسير ڪشاف (ج1 ص 211) ۾ مذڪوره آيت جي تحت فاسق، فاجر ۽ ظالم جي امامت/ خلافت/ حڪومت کي باطل چيو آهي.

هنن دليلن مان ثابت ٿيو ته فاسق، فاجر ۽ ظالم حڪومت جو اهل نه آهي. هاڻي جائزو وٺون ته ڇا يزيد ۾ اهي شرط موجود هئا؟ جيتريقدر يزيد ۾ عدالت جي شرط جو تعلق آهي، سو بلڪل مفقود آهي. يعني منجهس عدالت قطعًا نه آهي، بلڪه هو فاسق، فاجر ۽ ظالم شخص هو. هن جي فاسق ۽ ظالم هجڻ جي ثبوت ۾ احاديث پاڪ جا اشارات، دليلات ۽ صحابه ڪرام، اهل بيت اطهار ۽ علماءِ امت جا واضح ۽ روشن بيانات ڪافي آهن، جن مان اڪثر هن ڪتاب ۾ علامه فاضل مصنف ”بلبل مدينه“ سلمہ ربّہ ثبت فرمايا آهن. اسان انهيءَ تي اڪتفا ڪريون ٿا. وڌيڪ حضرت امام حسين رضي الله جي نظر ۾ يزيد جو فسق ڪيتري قدر هو، انهيءَ جا ٻه مثال نقل ڪريون ٿا:

(1) حضرت شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي رحمة الله فرمائن ٿا:

لما تملک يزيد وتسلطن وذالک في رجب سنة ستين بدمشق کتب الي الاقاليم لاخذ البيعة له وکتب الي عامله بالمدينة الوليد بن عقبة ان ياخذ البيعة من الحسين رضي الله فامتنع الحسين من بيعته لانه کان فاسقا مدمنا للخمر ظالما   (سِرّ الشهادتين مع تحرير الشهادتين: ص 36)

يعني يزيد جڏهن مالڪ ۽ بادشاهه ٿيو ۽ اهو ماه رجب سن هجري سٺ، شهر دمشق ۾ ٿيو ته ملڪن ۾ پنهنجي بيعت وٺڻ لاءِ خط لکيائين ۽ وليد بن عقبہ عاملِ مدينه ڏانهن حضرت امام حسين رضي الله کان بيعت وٺڻ لاءِ لکيائين. حضرت امام عالي مقام رضي الله هن جي بيعت ڪرڻ کان انڪار فرمايو، ڇو ته يزيد فاسق، شراب جي نشي ۾ هر وقت مست رهندڙ ۽ ظالم هو.

(2) علامه ابن اثير ۽ علامه طبري حضرت امام حسين رضي الله جو اهو خطبو نقل فرمايو آهي، جيڪو پاڻ مقام بيضاء ۾ دوستن ۽ دشمنن جي سامهون فرمايو هو، جنهن جو اسان هيٺ صرف ترجمو لکون ٿا. جنت جي جوانن جي سردار شهيدن جي سرتاج، امام عالي مقام رضي الله فرمايو ته:

اي انسانؤ! رسول الله ﷺ جن فرمايو توهان مان ڪير به اهڙي حاڪم کي ڏسي، جيڪو ظلم ڪندڙ هجي، الله تعالى جي حرام ڪيل شين کي حلال چوندڙ هجي، الله تعالى جي عهد کي ٽوڙڻ وارو هجي، سنت رسول الله ﷺ جو مخالف هجي، خدا جي ٻانهن تي گناهه ۽ سرڪشيءَ سان حڪومت ڪندو هجي، ايتري ڏسڻ جي باوجود به ڪنهن پنهنجي فعل ۽ قول سان انهيءَ جي مخالفت نه ڪئي، ته الله تعالى کي حق آهي ته انهيءَ کي انهيءَ بادشاهه سان گڏ دوزخ ۾ داخل ڪري.

خبردار! انهن ماڻهن شيطان جي اطاعت لازم ڪري ورتي ۽ رحمان جي فرمانبرداري ڇڏي ڏنائون. هر طرف فتنو ۽ فساد برپا ڪيائون، حدود الله کي معطل ڪيائون، مال غنيمت تي ناجائز قبضو ڪيائون، الله تعالى جي حرام ڪيل کي حلال ۽ انهيءَ جي حلال ڪيل کي حرام بنايائون ۽ مان ٻين جي بنسبت انهن جي خلاف جهاد ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آهيان. (تاريخ ابن اثير: ج4 ص 48- تاريخ طبري: ج6 ص 229)

هن مان ثابت ٿيو ته حضرت امام عالي مقام+ وٽ يزيد فاجر، ظالم، بلڪه حلال الله کي حرام ۽ حرام الله کي حلال چوڻ سان هن جو حال ڪفر تائين پهتل هو.

هن پليد ۾ رڳو عدل وارو شرط نه، پر انهيءَ سان گڏ ٽي ٻيا به شرط نه پئي لڌا ويا: (1) صاحب راءِ (2) صاحبِ مروّت (3) مجتهد، بلڪه (4) ايمان. جڏهن ته بادشاهه/ حاڪم هجڻ ۾ اهليت جي شرطن مان پنج شرط نه لڌا وڃن ته اهو امير ٿيڻ جو لائق ئي نه آهي. جيڪڏهن هو امير ٿي ويو ته انهيءَ جي اطاعت واجب نه آهي، پر انهيءَ جي خلاف جهاد ڪرڻ حق آهي. انهيءَ سبب سان حضرت امام عالي مقام رضي الله يزيد جي خلاف خروج فرمائي، حق تي رهيا. نه هو خاطي آهن نه باغي آهن، بلڪه پاڻ حق جا امام آهن.

سوال: جڏهن يزيد فاسق، فاجر هو، يعني هن ۾ امير ٿيڻ جي اهليت جا شرط نه هئا ته حضرت امير معاويہ رضي الله کيس پنهنجو ولي عهد مقرر ڇو فرمايو ۽ صحابه ڪرام هن جي بيعت ڇو ڪئي؟

جواب: انهيءَ حوالي سان مختصر عرض ڪنداسين ته حضرت امير معاويہ رضي الله کي يزيد جي فسق جي خبر نه هئي. انهيءَ تي علامه ابن خلدون جي هيءَ شاهدي ڪافي آهي:

ما حدث في يزيد من الفسق ايام خلافته فاياک ان تظن بمعاوية رضي الله عنه علم ذالک من يزيد فانه اعدل من ذالک وافضل بل کان يعزله ايام حياته في سماع الغناء وينهاه عنه وهو اقل من ذالک.

(مقدمه ابن خلدون: ص 373)

يعني: اهو فسق ۽ فجور جيڪو يزيد کان سندس خلافت ۾ ظاهر ٿيو اهو (ولي عهديءَ جي وقت) حضرت امير معاويہ رضي الله جي علم ۾ ڪونه هو. تون هن بدگمانيءَ کان بچ ته کين هن جي فسق جي خبر هئي، ڇو ته سندن مقام ۽ مرتبو انهيءَ کان گهڻو بلند آهي (ته پاڻ يزيد جي فسق تي واقف هوندي به هن کي پنهنجو ولي عهد منتخب فرمايو) بلڪه پاڻ ته پنهنجي حياتيءَ ۾ يزيد کي راڳ ٻُڌڻ کان منع فرمائيندا هئا، جو انهيءَ (فاسق کي ولي عهد مقرر ڪرڻ) کان به زور گهٽ آهي.

اهوئي سبب هو جو حضرت امير معاويہ رضي الله يزيد کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪري، برسر منبر دوران خطبه هي دعا گهرڻ فرمايائون:

اللهم ان کنت تعلم اني وليته لانه فيما اراه اهل لذالک فاتمم له ما وليته وان کنت وليته لاني احبه فلا تتم له ما وليته

(البداية والنهاية: ج8 ص 123)

يعني: اي منهنجا الله! جيڪڏهن تون ڄاڻين ٿو ته مون هن (يزيد) کي امير هئڻ جي اهليت تي ولي عهد ڪيو آهي ته هن جي ولايت کي تڪميل تائين پهچاءِ ۽ جيڪڏهن مون هن کي صرف پنهنجي محبت جي بنا تي ولي عهد ڪيو آهي ته پوءِ انهيءَ لاءِ پورو نه فرماءِ.

عمدة المتڪلمين علامه عبدالعزيز پرهاري رحمة الله لکن ٿا:

انما نصبه معاوية ظنا بصلاحه کما روي عنه انه قال: اللهم ان کان يزيد عليٰ ما اظنه والا فعجل موته. وقد استجيب دعاؤه فلم يطل ملکه                                                                                                                                 (النبراس شرح العقائد: ص 324)

يعني: حضرت امير معاويہ رضي الله يزيد ۾ امير هئڻ جي صلاحيت جي گمان تي کيس ولي عهد مقرر فرمايو. جيئن ته روايت ڪئي وئي آهي ته پاڻ دعا گهريائون: اي منهنجا الله! جيڪڏهن مون پنهنجي گمان مطابق هن کي ولي عهد ڪيو آهي (کيس وڏي عمر ڏجانءِ) نه ته ٻي صورت ۾ هن کي جلدي موت ڏي ۽ سندن اها دعا قبول ٿي، (جو هن ۾ صلاحيتون هيون ڪونه) تنهن ڪري سندس حڪومت به ڊگهي ڪانه هلي.

باقي صحابه ڪرام# جي باري ۾ علامه پرهاري رحمة الله لکن ٿا:

قلت: روي بيعتهم وقعت جبرًا، ولو سلم فکانت متفرقة علي التسليم فاذا فسد الاصل فسد الفرع ولذا صح عن اهل المدينة انهم خلعوا بيعته اي عزلوه وقد کان فيهم الصحابة وعظماء التابعين

(النبراس شرح العقائد: ص 324)

يعني جواب ۾ چوندس ته روايت ۾ آهي ته انهن کان زبردستي بيعت ورتي وئي هئي. جيڪڏهن اها تسليم ڪئي وڃي ته پوءِ اها متفرع آهي تسليم ڪرڻ تي (يعني يزيد کي اهليت ۽ صلاحيت سان گڏ امير تسليم ڪرڻ تي) پوءِ جڏهن اصل فاسد ٿيو ته فرع به فاسد ٿي (جڏهن هن جي اهليت ۽ صلاحيت فاسد ظاهر ٿي ته هن جي امير هجڻ ۽ هن جي بيعت ڪرڻ به فاسد ٿي) تنهن ڪري اهل مدينه يزيد جي بيعت کي ختم ڪيو ۽ امارت تان معزول سمجهيائون، حالانڪه انهن ۾ صحابه ڪرام ۽ عظيم تابعين # هئا.

بحث ٻيو: حديث پاڪ جا ٻيا لفظ آهن: ” إِلَّا أَنْ تَرَوْا كُفْرًا بَوَاحًا

يعني: اهل امير سان جنگ نه ڪيو، پر جيڪڏهن هن ۾ کلم کلا ڪفر ڏسو (ته پوءِ جنگ ڪرڻ گهرجي).

ظاهر حديث مان ته ڪفر شرعي مراد آهي، پر هي ساڳي حديث

هڪ ٻي روايت سان نقل ڪيل آهي، جنهن ۾ ” مَعْصِيَةً لِّلهِ“ آيل آهي،

جنهن جي معنى آهي الله تعالى جي نافرماني. ڏسو! حافظ ابن حجر عسقلاني (م:853هه) ۽ علامه بدرالدين عيني (م:855هه) {لکن ٿا:

ووقع في رواية حبان بن ابي النضر المذکورة إِلَّا  اَنْ يَّکُوْنَ مَعْصِيَةً لِّلهِ بَوَاحًا                                                               (فتح الباري: ج13 ص 9- عمدة القاري: ج24 ص 179)

يعني حبان بن ابي النضر جي روايت ڪيل مٿين حديث ۾ ”کُفْرًا  بَوَاحًا“جي جاءِ تي ”مَعْصِيَةً لِّلهِ بَوَاحًا“جا لفظ مبارڪ واقع ٿيا آهن.

علامه يحى بن شرف نووي شافعي (م: 676هه) ۽ علامہ عيني { لکن ٿا:

والمراد بالکفر هٰهنا المعاصي

(شرح مسلم للنووي: ج2 ص 125- عمدة القاري: ج24 ص 179)

يعني: هتي ڪفر مان مراد نافرماني آهي.

جڏهن ڪفر مان مراد نافرماني آهي ته يزيد بيشڪ نافرمان هو. نافرمان سان مقابلو ڪرڻ حديث پاڪ جي موافق آهي، مخالف نه آهي. پر جيڪڏهن هن حديث پاڪ کي ڪفر شرعي تي ئي محمول ڪجي ته به سيدنا امام عالي مقام رضي الله حق بجانب آهن. جهڙيءَ طرح علامه پرهاري لکيو آهي:

لعله وجد ما يدل عليٰ کفره وقد تقرر ان منع الخروج انما هو اذا لم يبلغ فسق الامام الکفر. ويروي من شعر يزيد:

 

 

وشمة کرم برجها قعرونها                                             ومطلعها الساقي ومغربها فمي

فان حرمت يومًا عليٰ دين احمد                      فخذها عليٰ دين المسيح بن مريم

 

 (النبراس شرح العقائد: ص 324)

يعني: اميد ته امام عالي مقام رضي الله يزيد ۾ اهڙي شيءِ ڏٺي، جيڪا هن جي ڪفر تي دلالت ڪري رهي هئي ۽ هيءَ ڳالهه بار بار ٿي چڪي آهي ته جيستائين فسق ڪفر تائين ناهي پهتو، تيستائين هن جي خلاف خروج ڪرڻ منع آهي ۽ يزيد جو ڪفر هن شعر مان ظاهر آهي: (ترجمو: انگور جي وَل جو برج تمام گَهِرو آهي، هن جي اڀرڻ جي جاءِ ساقي آهي ته لهڻ جي جاءِ منهنجو وات آهي. جيڪڏهن دين احمد ۾ ڪو ڏينهن اهو شراب حرام آهي ته پوءِ انهيءَ کي مسيح ابن مريم جي دين تي وٺ- يعني حلال سمجهه).

علامه ابن حجر هيتمي مڪي رحمة الله (م:974هه) يزيد جي پٽ جا هي لفظ نقل ڪيا آهن، جيڪي هن جي ڪفر تي دلالت ڪن ٿا:

ثم قلد ابي الامر وکان غير اهل له ونازع ابن بنت رسول الله ﷺ فقصف عمره وانبتر عقبه وصار في قبره رهينًا بذنوبه ثم بکيٰ وقال: ان من اعظم الامور علينا علمنا بسوء مصرعه وبئس منقلبه وقد قتل عترة رسول الله واباح الخمر وخرّب الکعبة.                (صواعق المحرقة: ص 224)

يعني: (امير معاويہ کان بعد) منهنجي پيءُ خلافت سنڀالي، حالانڪه پاڻ خلافت جو اهل ڪونه هو ۽ رسول الله ﷺ جن جي نياڻي سڳوري جي فرزند سان ناحق جهيڙو ڪيائين، تنهنڪري سندس عمر به کُٽي پئي ۽ سندس اولاد به تباهه ٿيو. آخر پنهنجي قبر ۾ پنهنجن گناهن جي سبب قيدي ٿيو.  پوءِ (پٽس) رنو ۽ چيائين ته جيڪا وڏي ڳري ڳالهه اسان تي آهي، سا هيءَ ته اسان کي هن جي بڇڙن ڪرتوتن ۽ بري انجام جو علم آهي. جڏهن ته هن آلِ رسول ﷺ کي شهيد ڪيو ۽ شراب حلال سمجهيائين ۽ ڪعبه شريف کي ويران ڪيائين.

اهل حديث (غيرمقلد) وهابين جو شيخ وحيدالزمان (م: 1328هه) بخاري شريف جي شرح ۾ لکي ٿو:

میں کہتا ہوں کہ امام حسین علیہ السلام نے جو یزید پر خروج کیا، تو اول تو آپ نے اس سے بیعت نہیں کی تھی اور اس کی خلافت قبول نہیں کی تھی، دوسرے یزید نے وہ باتیں کرنی شروع کیں، جو صراحتًا کفر تھے، جیسے شراب اور زنا اور جمع بین الاختین کی حلت وغیرہ اور ایسی حالت میں اس سے لڑنا اور اس پر جہاد کرنا واجب تھا۔ اور امام نے جو کیا، وہ بجا کیا۔ آپ نے دین اور شریعت کی حفاظت کے لئے اس پر خروج کیا اور اللہ کی راہ میں شہید ہوئے ، درجاتِ عالیہ حاصل کیئے۔

 (تيسير الباري: ج6 ص 484)

هنن حوالن مان ثابت ٿيو ته ڪفر مان مراد ڪفر ئي هجي يا معصيت، بهرحال حضرت امام عالي مقام رضي الله وٽ يزيد جو ڪفر ٻنهي صورتن وارو ثابت هو، تنهنڪري هن پليد سان امام عالي مقام رضي الله جو مقابلو نه ’خطا‘ هو ۽ نه ’بغاوت‘، پر حق ۽ جهاد هو. تنهنڪري علامه ملا علي بن سلطان قاري (م: 1013هه) فرمائن ٿا:

واما ما تفوّه به بعض الجهلة من ان الحسين کان باغيًا فباطل عند اهل السنة والجماعة ولعل هذا من هذيانات الخوارج عن الجادة

(شرح الفقہ الاڪبر: ص72)

يعني: پر بعض جاهلن افواهه هلائي آهي ته حضرت امام حسين رضي الله باغي هئا (نعوذ بالله منها) ته هي اهل سنت و جماعت وٽ باطل آهي.

سمجهجي ٿو ته هي خارجين جي بڪواس آهي، جيڪي صراط مستقيم تان هٽيل آهن.

آخر ۾ حضرت شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي رحمة الله (م:1229هه) جي فتوى تي هن بحث کي ختم ٿا ڪريون، جو پاڪ ۽ هند جا تمام وهابي به شاهه صاحب کي مڃيندا آهن. پڙهي، من هنن کي توبہ جي توفيق ملي. اسان هتي صرف ترجمي تي اڪتفا ڪريون ٿا، جيڪو اصل ڪتاب تان نقل ڪيو اٿئون:

حضرت امام حسين +جو خروج (يزيد جي خلاف) خلافت راشده جي دعوى تي نه هو، ڇوجو اها ٽيهن سالن جي گذرڻ سان ختم ٿي وئي هئي، پر رعيت کي هڪ ظالم جي هٿ کان نجات ڏيارڻ جي بنا تي هو ۽ ظالم جي مقابلي ۾ مظلوم جي مدد ڪرڻ واجبات منجهان آهي ۽ جيڪي مشڪواة شريف ۾ ثابت آهي ته پاڻ ڪريمن ﷺ جن بادشاههِ وقت سان بغاوت ۽ انهيءَ جي خلاف خروج ڪرڻ کان منع فرمائي آهي توڙي جو هو ظالم ڇو نه هجي، هي انهيءَ وقت ۾ آهي، جو ظالم بادشاهه بغير جهڳڙي جهيڙي جي (ملڪ تي) پورو تسلط حاصل ڪيو هجيس.

۽ هتي اڃا تائين اهل مدينه ۽ اهل مڪه يزيد پليد جي تسلط تي راضي ئي ڪونه هئا ۽ حضرت امام حسين، عبدالله بن عباس، عبدالله بن عمر، عبدالله بن زبير U  جهڙن شخصن هن جي بيعت ئي ڪانه ڪئي هئائون. مطلب آهي ته حضرت امام حسين رضي الله جو خروج يزيد جي تسلط کي دفع ڪرڻ جي لاءِ هو، رفع ڪرڻ لاءِ نه هو. (ڇوجو پاڻ هن جي حڪومت مڃن ها ته پوءِ سندن خروج رفع لاءِ چئجي ها، پر جڏهن مڃيو ئي ڪونه ته اها دفع واري صورت آهي، جيڪا منع نه آهي) باقي حديث ۾ جنهن خروج کان منع آهي ته اهو ظالم بادشاهه جي تسلط رفع ڪرڻ لاءِ هجي (انهيءَ کان منع آهي) دفع ۽ رفع ۾ جيڪو فرق آهي، اهو فقهي مسئلن ۾ ظاهر ۽ مشهور آهي. (فتاوى عزيزي (فارسي): ج1 ص 21)

حاصل هي ٿيو ته حديث پاڪ پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته حڪومت جي اهل امير سان ايستائين اختلاف ناهي رکڻو، جيستائين هن کان ڪفر ظاهر نه ٿئي. جڏهن ڪفر ظاهر ٿيو ته هن سان اختلاف رکڻ حق آهي. هن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون: هڪ ته اهو اهل هجي، ٻيو ته هن کان ڪفر ظاهر نه هجي. جڏهن حضرت امام حسين عالي مقام رضي الله وٽ يزيد پليد جي نااهلي ۽ هن جو ڪفر ثابت آهي ته هن سان اختلاف رکڻ سندن حق آهي ۽ لڙائي سندن جهاد آهي.

خبردار! هن حديث جي آڙ ۾ ڪڏهن به امام پاڪ رضي الله کي ’خاطي‘، ’خارجي‘ يا ’باغي‘ چوڻ جو ڪنهن کي به اختيار نه آهي، اهو پاڻ خاطي ۽ خارجي آهي.

جهيڙو لاهه يزيد، عليءَ جي اولاد سين،

سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين سين.

(شاهه جو گنج: سگهڙ، جنجهي صاحب: ص 138)

دعا آهي ته الله تعالى اسان کي هميشه حق ۽ سچ تي قائم فرمائي، باطل ۽ گمراهيءَ کان بچائي. حضرات حسنين ڪريمين جي نانا سائين ﷺ جن جي شفاعت نصيب فرمائي ۽ قبله ’بلبل مدينه‘ جي خدمت قبول فرمائي، کين صحت ۽ عافيت عطا فرمائي. آمين بجاه حبيبہ الکريم الامين ﷺ وعلى آلہ وصحبہ واتباعہ اجمعين.

 

ڪتبہ

 

16 رمضان المبارڪ 1434هه

بمطابق 26 جولاءِ 2013ع

بروز جمعة المبارڪ

 

 

 

 


 

الفقير خليل احمد الاشرفي الازهري

المجددي عفي عنہ

درگاهه عاليه ويهڙ شريف، ضلع دادو


 

فهرست
اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting