تقريظ
حضرت علامه و مولانا مفتي عبدالرحيم سڪندري
دامت
عنايته
اَلْحَمْدُ لِلهِ وَالصَّلوٰةُ وَالسَّلَامُ عَليٰ رَسُوْلِ اللهِ
ﷺ
امابعد! زيرنظر ڪتاب يزيد جي ڪارنامن ۽ ڪردار متعلق وسيع معلومات جو بيمثال دفتر
آهي، جنهن ۾ وڏي محنت سان اسان جي محترم و مڪرّم، پير روشن ضمير، واعظ الاسلام،
محقق اهل سنت، خطيب پاڪستان، شيخ الحديث والتفسير حضرت علامه الحاج محمد ادريس
ڏاهري ”بلبل مدينہ“ دامت برڪاتہ العاليہ جن مواد جمع ڪري، پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾
هن موضوع تي قلم کڻي، نئين باب جو اضافو فرمايو آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته يزيد لاءِ ڪڏهن به اهل سنت و جماعت جي عوام ۽ علماء ڪرام نيڪ
راءِ قائم نه فرمائي آهي، انهن هميشه سندس ڪردار ۽ ڪارنامن کي ننديو آهي، جنهن ڪري
ڪنهن به مُستند سُني محقق عالم، يزيد کي دعاءِ مغفرت جو مستحق شمار ناهي فرمايو، نه
ئي سندس ظالمانه دور حڪومت جي اقدامن جي تائيد فرمائي آهي. جڏهن به اهل سنت جي
مشائخ ۽ علماء آڏو يزيد جو ذڪر نڪتو آهي، ته انهن ان کان اظهار بيزاري فرمائيندي،
کيس ”رحمة الله“ وغيره جهڙن دعائيه ڪلمات چوڻ کان به منع فرمائي آهي، ڇاڪاڻ جو هو
پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن،
بي ادبين، ۽ اهل بيت ڪرام جي دشمنيءَ سبب نفرت جو حقدار بنجي، رُسواءِ زمانه شخصيت
جو مالڪ رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه هن ڪتاب ۾ تفصيل سان تحرير فرمايو ويو آهي.
مون ناچيز جي ناقص معلومات موجب، هن کان اڳ ۾ سنڌي زبان ۾ هن خاص موضوع تي ان ڪري
به ڪنهن سنڌي عالم، قلم کڻڻ پسند ناهي فرمايو، جو اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ ڪوبه
سُني عالم يا پير ان پليد جو حامي، يار ۽ همدرد ڪڏهن به پيدا نه ٿيو هو، ته ترديد
ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪانه پئي، پر بدقسمتيءَ سان هن هلندڙ دور ۾ ڪي ناعاقبت انديش
جاهل، ٻاهر کان درآمد ٿيل، ناصبي مذهب جي پيروڪارن کان متاثر ٿي، يزيد جي حمايت ۾
زبان کولڻ جي جرئت ڪرڻ لڳا آهن، ان جي پيش نظر، اسان جي فاضل محقق کي ان خاص موضوع
تي قلم کڻڻ جي ضرورت محسوس ٿي. سندن اهو قدم قابل تحسين ۽ سنڌي ادب ۽ علم جي باب ۾
هڪ نئين ڪاوش چئجي ته مبالغو نه ٿيندو. اميد ته هن ڪتاب جي پڙهڻ کان بعد، محققين کي
به وڌيڪ جستجو ۽ تحقيق ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيندو ۽ گهڻن اختلافي مسئلن تي تحقيق ڪرڻ
جو شوق پيدا ٿيندو، جنهن سان يقيني علم ۽ صحيح معلومات پڙهندڙن جي اڳيان اچڻ جي قوي
اميد آهي.
ڪافي سارن ٻين اختلافي مسئلن سان گڏ يزيد تي ڪفر جي فتوى لڳائڻ ۽ سندس نالو وٺي،
مٿس لعنت ڪرڻ وارو مسئلو به علماء وٽ زير بحث رهيو آهي، جنهن مان ڪي ناصبي بدبخت،
ان کي مغفور (بخشيل) سمجهن ٿا، پر اها سندن جهالت ۽ بي دينيءَ جي علامت آهي. تڪفير
۽ لعنت ڪرڻ وارو مسئلو تفصيل طلب ۽ انتهائي نازڪ مسئلو آهي، جنهن تي هن مختصر
تقريظي نوٽ ۾ بحث ڪرڻ في الوقت غيرضروري سمجهان ٿو، جو اهو عقائد جي باب جو محض
علمي بحث آهي. ان ڪري هن هنڌ ان کي ڇيڙي، عوام ۽ گهٽ علم وارن کي مونجهاري ۾ وجهڻ
جي مترادف ٿيندو ۽ اهو ڪو قابل تحسين قدم نه هوندو. باقي يزيد کي ڪنهن به مُستند ۽
محقق سُني عالم، يقيني طور مغفور نه سمجهيو آهي، نه چيو آهي ۽ اهو مسئلو ڪڏهن به
علماء وٽ اختلافي ناهي رهيو، جنهن سان راقم الحروف، فاضل مؤلف جي مڪمل تائيد ڪندي،
هي مختصر الفاظ تحرير ڪيا آهن.
الله تعالى عزوجل شال اسان جي اکين جي ٺار، عالمن جي مهندار، فاضل جليل، علامه
الحاج محمد ادريس ڏاهري حفظہ الله کي خضري حياتي عطا فرمائي ۽ سندس علم ۽ عرفان مان
عوام اهل سنت کي مالامال فرمائي. آمين بجاه حبيبہ الڪريم الرؤف الرحيم صلّي الله
عليہ وعلى آلہٖ وصحبہ اجمعين.
الراقم الاثيم
فقير عبدالرحيم سڪندري
شاهپورچاڪر، ضلع
سانگهڙ
|