يزيد جي متعلق امت مسلمه
جي اڪابرين جا اقوال ۽ ارشاد
يزيد جي ڪردار ظلم، جبر، قتل وغيره کي سوچي پوءِ قرآن ڪريم جي آيتن ۽ نبوي حديثن
(على قائلها الصلوات والسلام) ۾ جيڪي ظلمن جون سزائون عذاب ۽ لعنتون بيان ٿيل
آهن، اهي ڏسجن ٿيون ته صاف معلوم ٿئي ٿو ته اهو انهن سڀني ڳالهين جو لائق ۽ مستحق
آهي. ان جي متعلق قرآني ارشاد ۽ حبيب ڪريم ﷺ جا فرمان ئي ٻڌائين ٿا ته وڏو بدبخت
هو، پر جڏهن ته امت مسلمه جي اڪابر علماءِ جي لکت به مٿين دليلن جي بنياد تي اسان
لاءِ اهم آهي، ان جي ڪري هاڻي انهن جا اقوال ذڪر ڪجن ٿا.
سوال:
امت مسلمه جي اڪابر علماءِ ۽ فضلاءَ جي لکت ۽ تحقيق مڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
جواب:
قرآن پاڪ ۽ نبوي ارشادات جي روشنيءَ ۾ پنهنجن صالحن بزرگن جي رستي تي هلڻ به نهايت
اهم آهي، ان جي لاءِ ڪجهه دليل لکجن ٿا اميد ته هن ڪتاب کي پڙهندڙ ڀائر مطمئن
ٿيندا.
قرآن پاڪ مان دلائل
دليل1
الله تعالى جڏهن قرآن ڪريم ۾ پنهنجن مومن ٻانهن کي
سڌي راهه تي هلڻ جي لاءِ دعا گهرڻ جو حڪم ڪيو”اِھْدِنَا
الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ
“ (يا الله اسان کي سڌي واٽ تي هلاءِ) ته اتي ان جي وضاحت ڪندي اهو به فرمايائين: ”صِرَاطَ
الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ“
(انهن جي واٽ
جن تي تو نعمت ڪئي آهي) مطلب ته اسان کي پنهنجن نعمت ڪيلن ٻانهن جي رستي تي هلاءِ ۽
ٻئي جاءِ تي اهي نعمت ڪيل ٻانها بيان
ڪندي رب العزت
p
فرمايو: ”وَمَنْ
يُّطِعِ اللهَ وَالرَّسُوْلَ فَاُولٰۗىِٕكَ مَعَ الَّذِيْنَ اَنْعَمَ اللهُ
عَلَيْهِمْ مِّنَ النَّبِيّـٖـنَ وَالصِّدِّيْقِيْنَ وَالشُّهَدَاۗءِ
وَالصّٰلِحِيْنَ
“
(سورة النساء: آيت 69)
۽ جيڪو الله ۽ رسول جي اطاعت ڪندو، اهو انهن سان گڏ هوندو، جن تي الله نعمت ڪرڻ
فرمائي آهي. نبين ۽ صديقن ۽ شهيدن ۽ صالحن مان.
هن مان معلوم ٿيو ته صالحن جو رستو به آهي، جنهن تي هلڻ جي دعا گهري ويندي آهي ۽
هن امت مسلمہ مان صالح ٻانها اهي ئي اڪابر علماءِ فضلاء ۽ صلحاء مراد آهن.
دليل2
حضرت حبيب ڪريم ﷺ جن جهڙي محبوب هستي سڀني انبياءَ ومرسلين جي سردار ﷺ کي به الله
p
اڳين نبين ڀلارن
–
جي ساڳي واٽ تي هلڻ جو ارشاد ڪندي فرمايو ”فَبِهُدٰىهُمُ
اقْتَدِهْ“
(سورة
الانعام: آيت 90)
(پوءِ انهن واري راهه هدايت تي هلو)
دليل3
مالڪ مٺي جو فرمان ذي شان آهي: ”
وَاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ“
(سوره لقمان آيت 15)
(۽ ان جي واٽ جي اتباع ڪر جيڪو مون ڏانهن موٽيو)
مطلب ته الله
p
ڏانهن رجوع ڪندڙن ڀلارن ٻانهن جي اتباع ڪرڻ ۾ رب العزة عز اسمہ راضي آهي. انهن جون
هدايتون اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن.
دليل4
الله جل مجده جو فرمان آهي: ”وَالَّذِيْنَ
اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَــنُدْخِلَنَّهُمْ فِي الصّٰلِحِيْنَ“
(سورة العنڪبوت: آيت 9)
۽ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا، پڪ اسين انهن کي صالحين ۾ داخل ڪنداسون.
هن آيت مان معلوم ٿيو ته صالحن ۾ داخل ٿيڻ الله
p
تي ايمان آڻڻ ۽ صالح عملن جو بدلو آهي. مالڪ مٺي وٽ صالحن ٻانهن جي
ايڏي اهميت ۽ عزت آهي ۽ اهي جڏهن خداوندي
بارگاهه جا ايترا پسند ڪيل ٻانها آهن ته
سندن رستو ۽ هدايتون به اسان جي لاءِ رهنما ۽ رهبري ڪندڙ آهين.
دليل5
رب العزت جلّ وعلا شانہ جو ارشاد آهي: ”وَالَّذِيْنَ
اٰمَنُوْا وَاتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّيَّــتُهُمْ بِاِيْمَانٍ اَلْحَـقْنَا بِهِمْ
ذُرِّيَّتَهُمْ“
(سورة الطور: آيت 21)
(۽ جن
ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ انهن جي اتباع ڪئي ته سندن اولاد کي ساڻن شامل
ڪنداسون)
هن آيت مان واضح ٿيو ته ايمان وارن جو اولاد پنهنجن وڏن جي ايمان ۾ اتباع ڪرڻ جي
ڪري انهن سان جنت ۾ گڏ هوندو ۽ اهو به معلوم ٿيو ته دين ۾ وڏن جي اتباع کي اهميت
آهي، ان جي ڪري اسين به پنهنجن وڏن عالمن ۽ بزرگن جا اقوال لکي يزيد جي لاءِ اهو ئي
فيصلو ڏيون ٿا، جيڪو انهن ڏنو آهي.
دليل6
رب العزت
p
جو فرمان آهي: ”وَالسّٰبِقُوْنَ
الْاَوَّلُوْنَ مِنَ الْمُهٰجِرِيْنَ وَالْاَنْصَارِ وَالَّذِيْنَ اتَّبَعُوْھُمْ
بِاِحْسَانٍ ۙ رَّضِيَ اللّٰهُ عَنْھُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ“
(سورةالتوبہ: آيت 100)
(۽ اڳرائي ڪندڙن پهرين مهاجرن ۽ انصارن مان
۽ جن احسان سان سندن تابعداري ڪئي، الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي
ٿيا.)
هن قرآني ارشاد مان معلوم ٿيو ته اڳيان پهريان مهاجر ۽ انصار انهن کان ته الله
p
راضي آهي، پر جيڪي انهن جي اتباع ڪندا، انهن کان به راضي آهي. جيڪڏهن اڳين ۽ ڀلن
بزرگن جي پويان هلڻ ۽ اتباع ڪرڻ ڪنهن ڪم جو نه هجي ها، ته خدا انهن جي پويان هلڻ
وارن کان راضي نه ٿئي ها. ان جي ڪري اسين پنهنجن اڳين عالمن ۽ بزرگ هستين جا اقوال
۽ ارشاد لکي خدا جي ٻانهن کي معلومات مهيا ڪيون ٿا.
دليل7ارشاد
رباني آهي:” فَادْخُلِيْ
فِيْ عِبٰدِيْ
وَادْخُلِيْ
جَنَّتِيْ
(سورة
الفجر: آيت 29- 30)
(پوءِ منهنجن ٻانهن ۾ داخل ٿي ۽ منهنجي جنت ۾
داخل ٿي.)
هنن ٻن آيتن مان صاف صاف معلوم ٿي رهيو آهي ته الله
p
کي سندس ٻانها ايترا ته پيارا آهن، جو جنت ۾ انهن سان گڏ داخل ٿيڻ کي الٰهي انعام
سڏيو ويو آهي. جڏهن اهي قدسي صفات ٻانها الله
p
وٽ ايڏو مقام ۽ مرتبو رکن ٿا، تڏهن اسين انهن جي بيانن ۽ ارشادن کي يزيد جي خلاف
دلائل طور پيش ڪري رهيا آهيون.
دليل8قرآن
پاڪ ۾ الله
p جو
فرمان عاليشان آهي: ”وَمَنْ
يُّشَاقِقِ الرَّسُوْلَ مِنْۢ بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُ الْهُدٰى وَيَتَّبِعْ
غَيْرَ سَبِيْلِ الْمُؤْمِنِيْنَ
نُوَلِّهٖ مَا تَوَلّٰى وَنُصْلِهٖ جَهَنَّمَ ۭ وَسَاۗءَتْ مَصِيْرًا
(سورة النساءِ: آيت 115)
(۽
جيڪو ان کان پوءِ جوان جي لاءِ هدايت واضح ٿي ۽ مومنن جي واٽ کان سواءِ ٻيءَ واٽ جي
اتباع ڪندو ان کي اوڏانهن ڦيرائينداسون جيڏانهن ڦريو ۽ ان کي جهنم ۾ پهچائينداسون ۽
(اها) ڦري اچڻ جي نهايت بري جاءِ آهي)
المقصد ته مومنن جو رستو به الله
p
وٽ حق جو رستو آهي نه ته حضور ﷺ جي رستي جي مخالفت ڪرڻ کان پوءِ مومنن جي رستي جي
مخالفت ذڪر ڪرڻ جو ڇا فائدو؟ ۽ امت جي عظيم عالمن ۽ بزرگن جو جيڪو فيصلو يزيد جي
لاءِ آهي اهو ئي اسان جو به فيصلو آهي.
قارئين ڪرام! قرآن ڪريم جي واضح ارشادات مان ثابت ٿيو ته بعد ۾ اچڻ وارا اڳ ۾ آيلن
صالحن سالڪن صادقن رباني عالمن جي هدايتن ۽ سندن رستي تي هلن. انهن وارا عقيدا رکي
صالح عمل ڪري دارين جي سعادت حاصل ڪن. ائين ڪرڻ سان کين الله
p
جي رضا ۽ ديني دنيوي ڪامراني ۽ ڪاميابي حاصل ٿيندي ۽ آخرت ۾ به انهن سان گڏ جنت ۾
داخل ٿيندا.
نبوي حديثن مان دلائل
دليل
1
حضرت ابوسلمہ رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن کان ڪنهن شخص قرآن ڪريم ۽
سندن سنت کان پوءِ ٽين هدايت واري
واٽ جي متعلق عرض ڪري پڇيو ته پاڻ فرمايائون: ”يُنْظَرُ
فِيْهِ الْعَابِدُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ“
(سنن دارمي: ص28)
يعني مومنن مان عابدن جو رستوڏٺو
ويندو. مطلب ته قرآن ڪريم ۽ حديث کان پوءِ مومنن عابدن جو رستو حق وارو رستو آهي.
دليل2
حضور ﷺ جن جڏهن حضرت معاذ بن جبل رضي الله کي يمن ڏانهن ٿي موڪليو ته کيس فرمايو
هيائون ”ڪوبه فيصلو ڪرين ته اول الله
p
جي ڪلام قرآن ڪريم ڏانهن رجوع ڪجان پوءِ منهنجي سنت
تي عمل ڪجان ۽ ان کان پوءِ ”فَانْظُرْ
مَا اجْتَمَعَ عَلَيْهِ النَّاسُ فَخُذْ بِهٖ“
(سنن
دارمي: ص 24)
(اهو ڏسجان جنهن تي ماڻهن جو اجماع هجي، ان کي وٺجان)
قارئين ڪرام! ماڻهن مان مراد اهل علم ۽ اهل فضل آهن جن کي اهميت هوندي آهي.
دليل
3
حضرت امير المومنين سيدنا عمر بن الخطاب رضي الله پنهنجي خلافت جي دور ۾ پنهنجي
مقرر ڪيل قاضي (جج) کي لکيو هو ته: جڏهن تو وٽ ڪو فيصلو اچي ته سڀ کان پهريان الله
جي ڪتاب ڏانهن رجوع ڪجانءِ،ان کان پوءِ مصطفوي سنت کي هدايت جي راهه لاءِ رهنما
سمجهجانءِ ان کان بعد ”فَاقْضِ
بِمَا قَضَى بِهِ الصَّالِحُوْنَ“
(نسائي شريف: ج2 ص
203)
(ان طرح فيصلو ڪجان جيئن صالح ٻانها فيصلو ڪري ويا آهن.
دليل4
حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله فرمايو: اي انسانو! جيڪڏهن اوهان جي سامهون ڪو
فيصلو آندو وڃي ته اول الله جي ڪتاب مطابق پوءِ رسول الله ﷺ جي سنت مطابق ان کان
پوءِ انهيءَ طرح فيصلو ڪيو جيئن (الله
p
جي ) صالحن ٻانهن ڪيو هجي.
(نسائي شريف ج 2 ص 303)
الغرض ته قرآن ڪريم جي آيتن ۽ هنن مذڪور روايتن مان هيءَ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته
صراط مستقيم ۽ صحيح فيصلو صرف ۽ صرف اهو آهي، جيڪو قرآن ڪريم، نبوي احاديث ۽ امت جي
صالحن ٻانهن کان ثابت هجي، پر جيڪڏهن ڪنهن ۾ قرآن ڪريم ۽ احاديث پاڪ جي پڙهيل نه
هجڻ جي ڪري انهن جي سمجهه ناهي ته ان لاءِ صالحن جو طريقو به ڪافي آهي. انهن جو
فيصلو حق جو فيصلو آهي، انهن جو عقيدو سچو ۽ صحيح عقيدو آهي. ان جي ڪري يزيد جي
متعلق به انهن جي تحقيق قابل قبول آهي، جيڪا هتي لکجي ٿي.
اُمُّ المومنين سيده عائشہ
i
جو فرمان
محبوب
q
جي پياري ڪنوار امت جي فقيهہ سيده عائشہ
i
فرمايو: ”
لَا بَارَكَ اللهُ فِيْ يَـزِيْدِ الطَّعَّانِ اللَّعَّانِ“
(ما ثبت من السنة في ايام
السنة: ص 190)
شال الله يزيد طعنا هڻندڙ لعنت ڪندڙ (جي خراب عمر ۾ ) برڪت نه وجهي.
مطلب ته الله تعالى ان کي جلد ماري تان ته ماڻهو ان ظالم جي ظلم کان محفوظ رهن.
معلوم ٿيو ته امان سائڻ ان پليد کان ايترو ناراض هئي، جو ان کي بددعائون ڏيندي
رهندي هئي ۽ هيءَ حقيقت به مُسلّمہ آهي ته امان سائڻ حضرت امام حسين جي شهادت کان
اڳي رحلت ڪري وئي هئي. پر پوءِ به ان ڪربلا جي واقعي جي اڳواڻ يزيد جي لاءِ بد
دعائون ڪيون اهو ان ڳالهه جو يقيني ثبوت آهي ته حضور ﷺ جن ڪربلا جي واقعي کي بيان
ڪرڻ سان گڏ ان واقعي جو ذميدار نالو وٺي يزيد کي قرار ڏنو هو. تڏهن اُمُّ المومنين
يزيد تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ان کي بددعائون ڏئي رهي هئي جيڪڏهن حضور ﷺ جن يزيد
جو نالو نه وٺن ها ته امان سائڻ به ان کي نالو وٺي بددعا نه ڏي ها. (جيئن حديثن جي
باب ۾ مسند الفردوس جي روايت ۽ ٻين حوالن سان نقل ڪيل آهي) ۽ امان سائڻ
جي هن بددعا مان اهو به ثابت ٿيو ته کيس حضرت حسين رضي الله سان محبت هئي.
سيدنا حيدر ڪرار
a
جو ارشاد
علامه سبط ابن الجوزي ۽ علامہ ابن الاثير ٻنهي حضرت علي المرتضى
a
کان روايت آندي آهي ته : پاڻ هڪ ڏينهن عمرو بن سعد کي ان حال ۾ مليا، جو اهو نوجوان
هو ته کيس فرمايائون: اي ابن سعد! تنهنجي لاءِ ان ڏينهن هلاڪت هوندي، جنهن ڏينهن
تون اهڙي مقام ۾ بيهندين جو توکي اختيار هوندو ته جنت اختيار ڪرين يا (جهنم جي )
باهه پر تون (جهنم جي ) باهه اختيار ڪندين.
(تاريخ ابن الاثير: ج 4 ص 14)
علماء ڪرام لکن ٿا ته اهو حضرت علي
a
کي عطا ٿيل علم غيب هو، جيڪو سندس ڪرامتن مان هجڻ سان گڏ يزيد جي ساٿي عمرو بن سعد
جي جهنمي هجڻ جو اعلان به هو. عمرو بن سعد حضرت حسين جي خلاف لڙيو هو، جنهن کي اول
ئي حضرت علي ٻڌايو هو ته ”تون جهنم اختيار ڪندين“.
تم نے اجاڑا حضرت زہراء کا بوستان
تم خود اجڑ گئے تمہیں یہ بد دعا ملی
حضرت امام حسين رضي الله جو فرمان
حبيب ڪريم ﷺ جي پياري شان واري سيد شباب اهل الجنت سهڻي حضرت حسين رضي الله کي جڏهن
يزيد جي بيعت لاءِ عرض ڪيو ويو
ته پاڻ ان جي بيعت جو انڪار ڪندي فرمايائين: ”
لِأَنَّهٗ کَانَ فَاسِقًا مُدْمِنَ الْخَمْرِ ظَالِمًا“
(سر الشهادتين: ص 36- سوانح ڪربلا: ص 64)
يعني (بيعت ان جي
ڪري نه ٿو ڪيان) جو اهو فاسق دائمًا شرابي ۽ ظالم آهي.
مولوي عبدالرب صاحب ديوبندي يزيد جي متعلق حضرت امام حسين ۽ حضرت ابن عباس
#
جي پاڻ ۾ گفتگو جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”حضرت امام حسين رضي الله نبوي مسجد ۾ حضرت
عبدالله بن عباس
t
کي ٻڌايو ته” مون کي (مدينه منوره ۾ يزيد جي مقرر ڪيل گورنر) وليد گهرايو آهي، جيڪو
مون کان يزيد جي بيعت طلب ڪندو. حضرت ابن عباس
t
کيس عرض ڪيو ته ”پوءِ ڇا ارادو ڪيو اٿو؟ ته حضرت حسين فرمايو” اهو شراب پيئي ٿو،
زنا ڪري ٿو ان کي اڳواڻ بنائڻ ڪڏهن جائز آهي؟
(مرج البحرين: ص 283)
مشهور مؤرخ علامہ ابن خلدون، ابن جرير طبريءَ، ابن الاثير ۽ مولوي محمد يوسف
ڪانڌلوي چئني حضرت امام عالي مقام جو هي خطاب نقل ڪيو آهي، جيڪو ان سندس ساٿ ۾ شهيد
ٿيندڙن ڀائرن ۽ ٻچن ۽ عزيزن جي وچ ۾ بيهي جنگ شروع ٿيڻ کان پهريان حق جي
اظهار ۽ يزيد جي بيعت نه ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي فرمايو هو ته ”
الا ان هٰؤلاءِ قد لزموا اطاعة الشيطان و ترکوا اطاعة الرحمٰن واظهروا الفساد
وعطلوا الحدود واستاثروا بالفئ واحلوا حرام الله و حرموا حلاله وانا احق من غيري
“
(تاريخ ابن خلدون اردو: ج2 ص 91- تاريخ طبري: ج6 ص 229- تاريخ ابن اثير:
ج4، ص 48- حياة الصحابة: ج3 ص 549)
مطلب ته هنن يزيدين شيطان جي اطاعت کي لازم ڪري ورتو آهي ۽ رحمٰن جي اطاعت کي ڇڏي
ڏنو آهي. فساد قائم ڪيو آهي. اسلام جي حدن کي معطل ڪيو آهي. جنگ مان هٿ آيل مال
کائي وڃن ٿا. الله تعالى جي حلال ڪيل کي حرام ۽
حرام ڪيل کي حلال سمجهن ٿا. لهٰذا مون
تي لازم آهي ته مان اهڙي ظالم ۽ جابر حاڪم جي خلاف اٿي ڪم ڪريان.
علامہ مؤمن شبلنجي لکيو آهي ته: حضرت امام حسين جي ان خطاب جي دوران يزيدي اهل بيت
اطهار جي پرديدارن جي لڳل تنبن
ڏانهن وڌڻ لڳا ته پاڻ انهن کي هڪل ڏئي فرمايائون: ”ويحکم
يا شيعة الشيطان!
کفوا سفهاء کم عن الحريم“
(نورالابصار: ص 144 طبع مصر- تنوير
الازهار: ص 231)
يعني اي شيطان جا شيعو! پنهنجن بيحيائن کي پرديدارن ڏانهن وڃڻ کان روڪيو.
میں شیر ہوں گرج رہا ہوں کچھاڑ میں
بلی نہیں کہ گھر میں کروں میاؤں میاؤں
سيده زينب
i
جو ارشاد
خاتون جنت جي جگر جي ٽڪري، شير خدا جي اکين جي نور حضرت حسن ۽ حسين جي پياري ڀيڻ
سيده زينبiيزيد
کي سامهون هي الفاظ فرمايا هئا: ” اي يزيد! اسين عنقريب پنهنجي ناني حضرت نبي ڪريم
ﷺ جي دربار ۾ پهچنداسون ۽ سندن خدمت ۾ اهي ڏک بيان ڪنداسون، جيڪي تنهنجي بي درد هٿن
کان اسان کي پهتا آهن.
(صحابيات وعارفات ص 142)
ہزار خوف ہو لیکن زباں ہو دل کی رفیق
یہی رہا ہے ازل سے قلندروں کا طریق
سيده سُڪينہ
i
جو فرمان
سهڻي امام حضرت حسين رضي الله جي پاڪ نياڻيءَ جو هڪ فرمان مؤرخ ابن جرير مؤرخ ابن
اثير ۽ علامہ شبلنجي مصري آندو آهي ته ”ڪربلا جي واقعي کان پوءِ جڏهن ماڻهو يزيد
جي مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ ان کي پنهنجي حڪومت ۾ خطرو محسوس ٿيو ته ان وري اهل بيت جي
خدمت جو ڊرامو شروع ڪيو ته ماڻهو کيس بي ڏوهي سمجهن. سندس ڪربلا جي واقعي سان ڪو
تعلق ناهي. پوءِ ان اهلبيت جي پاڪ پرديدارن کي پنهنجي محل ۾ رهائي، هر قسم جي خدمت
ڪرائڻ شروع ڪئي. پر
سُڪينه سائڻ ان جي هن حال کي ڏسي فرمايو: ”ما
رايت رجلا کافرا بالله خيرا من يـزيد“
(تاريخ طبري: ج5 ص364- تاريخ ڪامل ابن الاثير: ج4 ص86-
نورالابصار: ص470)
يعني مون ڪوبه ماڻهو الله سان ڪفر ڪندڙ يزيد کان وڌيڪ ڀلو نه ڏٺو.
ثابت ٿيو ته سُڪينہ سائڻ
i
جي نظر ۾ يزيد ڪافر هو.
ذیاب فی ثیاب لب پہ کلمہ دل میں گستاخی
سلام! اسلام ملحد کو کہ تسلیمِ زبانی ہے
حضرت عبدالله بن عباس
t
جو ارشاد
حبر الامة، مفسر قرآن حضرت عبدالله بن عباس
t
ڪربلا جي واقعي کان پوءِ حره جي واقعي کان پهريان يزيد کي ان وقت هڪ خط لکيو هو،
جڏهن مدينه وارن يزيد جي ۽ ان جي فاسق ۽ فجور جي خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽ يزيد حضرت
ابن عباس
t
جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ کيس هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ ان جي خوشامد ڪئي هئائين.
حضرت ابن عباس
t
ان جي جواب ۾ هڪ ڊگهو خط لکيو هو، جنهن جا ڪجهه حصا هي آهن.
”ما
اردت حمدک ولا ودَّکَ تراني کنت ناسيا قتلک حُسينا...
و کتابک الي ابن مرجانة تامره بقتله واني لارجو من الله ان ياخذک عاجلا حيث قتلت
عترة نبيه محمد صلي الله عليه وسلم و رضيت بذالک...
واني عليٰ يقين من الله ان يعذبکم کما عذب قوم عاد و ثمود و قوم لوط و اصحاب مدين...
فالويل لک من ديان يوم الدين...
فوالله لنظفرن غدا بين يدي الحاکم العدل الذي لا يجور في حکمه وياخذک سريعا الينا
ويخرجک من الدنيا مذموما مدحورا اثيما“
(تذڪرة الخواص: ص232- الکامل في التاريخ: ج4 ص 5)
يعني تو کي خط جي جواب ڏيڻ مان مون نه تنهنجي حمد جو ارادو ڪيو آهي ۽ نه تنهنجي
دوستي جو. ڇا تون مون کي ائين ڏسين ٿو ته تنهنجي طرفان (حضرت) حسين جي قتل ڪرائڻ کي
مان وساري ويٺو آهيان... ۽ مون اهو به وساري ڇڏيو آهي ته تو ابن مرجانه (عبدالله بن
زياد) کي خط لکيو هو جنهن ۾ تو ان کي (حضرت) حسين جي شهيد ڪرڻ جو امر ڪيو هو؟ ۽ مان
الله ۾ اميد رکان ٿو ته اهو تو کي جلد پڪڙيندو جو تو ان جي نبي (حضرت) محمد ﷺ جي
اولاد کي قتل ڪرايو آهي ۽ ان تي راضي رهيو آهين... ۽ مان الله تعالى ۾ يقين رکان ٿو
ته اهو اوهان کي ائين عذاب ڪندو جيئن عاد جي قوم، ثمود جي قوم، لوط جي قوم ۽ مدين
وارن کي عذاب ڪيو هئائين پوءِ تنهنجي لاءِ قيامت جي ڏينهن سزا ڏيندڙ (الله) جي
طرفان ويل (هلاڪت) آهي. ... الله جو قسم آهي ته اسين صبحاڻي عدل واري حاڪم جي
اڳيان جيڪو پنهنجي حڪم ۾ ظلم نه ڪندو ڪامياب ٿينداسون ۽ اهو تو کي اسان جي ڪري جلد
پڪڙيندو ۽ توکي دنيا مان مذمت ڪيل تڙيل گنهگار ڪري ٻاهر ڪڍندو.
سمجهاڻي:
حضرت ابن عباس
t
جو اهو مڪتوب (خط) ڪيترن مسئلن کي واضح ڪري رهيو آهي
1ته
کيس يزيد کان گهڻي نفرت هئي.
2ته
پاڻ حضرت امام حسين رضي الله جي شهيد ڪرڻ جو ذميدار يزيد کي قرار ڏنو اٿس.
3ته
يزيد ئي حضرت حسين جي شهيد جو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
4ته
پاڻ دنيا ۾ يزيد جي ظلمن جو ان کان حساب وٺي نه ٿي سگهيو، پر الله جي بارگاهه مان
ان کي سزا ملڻ جو پڪو يقين رکندڙ هو.
5ته
پاڻ يزيد جي طرفان ان گناهه کان توبہ ڪرڻ جو به اميدوار نه هو.
6ته
الله تعالى جي طرفان يزيد کي خوار ڪرڻ ۽ ذليل ڪرڻ جي تمنا رکندڙ هو. 7ته
پاڻ يزيد ۽ ان جي ساٿين کي عاد ثمود لوط جي قوم ۽ مدين وارن وانگر عذاب جو مستحق
سمجهي رهيو هو.
حضرت عبدالله ابن عمر
t
جو فرمان
حضرت ابن عمر
t
کان جڏهن يزيد جي بيعت نه ڪرڻ جو
سبب پڇيو ويو ته فرمايائين: ”نبايع
من يلعب بالقرود والکلاب ويشرب الخمر ويظهر الفسوق؟
ما حجتنا عندالله
“
(تاريخ يعقوبي: ج2 ص228)
يعني
جيڪڏهن اسين اهڙي شخص جي بيعت ڪيون جيڪو ڀولڙن ۽ ڪتن سان راند ٿو ڪري شراب پيئي ٿو
۽ کليل فاسق آهي ته پوءِ الله وٽ اسين ڪهڙي حجت پيش ڪنداسون.
حضرت عبدالله بن زبير
t
جو فرمان
حضرت موصوف جڏهن سيدنا امام حسين رضي الله جي شهادت
جي خبر ٻڌي ته هڪ مختصر خطاب ڪندي فرمايائين: ”فَرَحِمَ
اللهُ حُسَيْنًا وَ اَخْزٰي قَاتِلَهٗ وَلَعَنَ مَنْ اَمَرَ بِذَالِکَ وَ رَضِيَ
بِهٖ“
(تذڪرة الخواص: ص268)
يعني شال الله حسين تي رحمت ڪري ۽ ان جي قاتل کي خوار ڪري ۽ ان تي لعنت ڪري جنهن
ان جي قتل ڪرڻ جو امر ڪيو ۽ ان تي راضي ٿيو.
سندس ٻيو فرمان آهي ته ”اَمَا
وَاللهِ مَا کَانَ يُبَدِّلُ بِالْقُرْآنِ غَيًّا وَلَا بِالْبُکَاءِ مِنْ خَشْيَةِ
اللهِ وَلَا بِالصِّيَامِ شُرْبَ الْخَمْرِ وَلَا بِالْمَجَالِسِ فِيْ حَقِّ
الذِّکْرِ بِکَلابِ الصَّيْد يَعْرِضُ بِيَزِيْدَ فَسَوْفَ يَلْقَوْن غَيًّا“
(الڪامل في
التاريخ: ج4 ص 40)
يعني الله جو قسم ته حضرت حسين قرآن ڪريم جي بجاءِ گمراهيءَ ڏانهن سڏڻ وارو نه هو ۽
پاڻ الله جي خوف کان روئڻ، زاري ڪرڻ ۽ روزن رکڻ جي بجاءِ شراب پيئڻ کي ۽ ذڪر جي
محفلن جي بجاءِ ڪتن سان راند اختيار ڪندڙ نه هو. انهن منفي ڪردار ڪندڙن مان سندس
اشارو يزيد ڏانهن هو. اهي جلد جهنم ۾ داخل ٿيندا.
علامہ ڪمال الدين محمد بن موسي دميري لکيو آهي ته ”و
عاب يـزيد بشرب الخمر واللعب بالکلاب والتهاون بالدين“
يعني
حضرت عبدالله بن الزبير
t
يزيد جي شراب پيئڻ ۽ ڪتن سان رانديون ڪرڻ ۽ دين سان تهاون ( سُستي ) ڪرڻ وارا عيب
بيان ڪيا. حره جي واقعي کان پهريان جڏهن يزيد مدينه وارن کان بيعت جي طلب ڪئي ته
حضرت عبدالله بن الزبير
t
جواب ۾ فرمايو ته ”
لَا طاعةَ لمخلوق في معصية الخالقِ وقد فسد علينا ديننا“
(تاريخ يعقوبي: ج2 ص 228 طبع بيروت)
۽
الله جي بي فرماني ۾ مخلوق جي ڳالهه ڪانه مڃبي ۽ يزيد اسان تي دين کي فاسد ڪري ڇڏيو
آهي.
علامہ بلاذري لکيو آهي ته ”
بسط ابن الزبير لسانه في يـزيد بن معاوية وتنقصه و قال بلغني انه يصبح السکران
ويمسي کذالک“(انساب
الاشراف:
ج4 ص 29- حيواة الحيوان: ج1 ص 60)
يعني حضرت عبدالله بن زبير
t
يزيد جون برايون بيان ڪرڻ شروع ڪيون ته ٻڌايائون: مون کي خبر پهتي آهي ته اهو صبح ۽
شام نشي ۾ آهي. جڏهن مڪه مڪرمه تي شام وارن (يزيد جي لشڪرين) گهيرو ڪيو ۽ اوچتو
يزيد جي موت جي خبر
پهتي ته حضرت عبدالله بن زبير
t
انهن کي سڏي فرمايو: ”
يا اهل الشام قد اهلک طاغيتکم“
(البداية والنهاية: ج8 ص 226)
يعني اي شاميو!
اوهان کي گمراهه ڪندڙ هلاڪ ٿي ويو.
آئین جوانمردان حق گوئی و بیباکی
اللہ کے شیروں کو آتی نہیں روباہی
حضرت منذر رضي الله جو بيان
علامه سمهودي حضرت منذر رضي الله جي بيان ۾ آندو آهي ان
فرمايو ته ”
والله انه يشرب الخمر والله انه يسکر حتي يدع الصلوٰة“
(وفاء
الوفاء: ج1 ص 89)
يعني الله جو قسم آهي ته اهو شراب پيئي ٿو الله جو قسم آهي ته ايتري نشي ۾ ٿو رهي
جو نماز ڇڏي ٿو ڏي.
حضرت عبدالله بن حنظلة
t
جو فرمان
ڪيترن مؤرخن حضرت عبدالله بن حنظلة
t
جي يزيد جي خلاف وڏي تقرير لکي آهي، جنهن جا هي الفاظ خاص توجهه جي قابل
آهن: ”والله
ماخرجنا عليٰ يـزيد حتي خفنا ان نرمي بالحجارة من السماء انه رجل ينکح الامهات
والبنات والاخوات ويشرب الخمر“
(تاريخ ابن
عساڪر: ج7 ص 274 طبع بيروت- طبقات ابن سعد: ج5 ص 66- تذڪرة الخواص: ص288- ما ثبت من
السنة: ص27)
يعني الله جو قسم آهي ته اسان يزيد جي خلاف تڏهن اٿيا آهيون جڏهن اسان کي ڊپ ٿيو ته
متان آسمان کان پٿر وسايا وڃن اهو (يزيد) اهڙو مڙس آهي جيڪو مائرن ڌيئرن ۽ ڀينرن
سان نڪاح جائز قرار ڏي ٿو ۽ شراب به پيئي ٿو.
علامه ابن حجر مڪي هيترو وڌيڪ به لکيو آهي ته ”
ويقتل اولاد آل ياسين ولم يبارک الله في عمره
“
(الصواعق المحرقة: ص 221)
يعني هو
حضور ﷺ جي اولاد کي قتل ڪري ٿو. شال الله ان جي عمر ۾ برڪت نه وجهي.
کیوں میری گفتگو سے بگڑتے ہو بے سبب
اظہارِ واقعات ہے، کوئی گلہ نہیں
حضرت عبدالله بن ابي عمر رضي الله جي شاهدي
علامه سمهودي حضرت مذڪور جو بيان آندو آهي ته ان يزيد
جي لاءِ فرمايو : ”
عَدُوُّ اللهِ سَکِيْرٌ“
(وفاء الوفاء: ج1 ص 89)
يعني الله جو دشمن
نشائي آهي.
مدينه منوره جي معززن جو فيصلو
وڏن وڏن مؤرخن لکيو آهي ته يزيد مدينه منوره تي مقرر ڪيل پنهنجي امير کي لکيو ته
مدينه وارن جو هڪ وفد مون ڏانهن موڪل ته مان انهن جا خيالات معلوم ڪيان ۽ انهن جي
خدمت ڪري انهن کي مالي مدد ڏئي سندن دليون جيتي وٺان. ان هڪ وفد موڪليو. جڏهن اهي
يزيد کان واپس ٿي مدينه منوره ۾ پهتا ته يزيد کان نفرت جو اظهار ڪندي ان جا عيب ٻين
کي به ٻڌائيندي فرمايائون ”اسين ان شخص وٽان اچون پيا جنهن وٽ دين آهي ئي ڪونه.
شراب پيئي ٿو، طنبورا وڄرائي ٿو، ان وٽ بدڪردار عورتون هونديون آهن، ڪتن سان راند
ڪري ٿو ۽ ان وٽ ويڙهاڪ (ڌاڙيل) رهن ٿا.
(البداية والنهاية: ج 8 - الکامل لابن الاثير: ج 4 ص 103 - وفاء الوفا: ج 1 ص89)
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضي الله جو فيصلو
ڪيترن وڏن عالمن محدثن مؤرخن لکيو آهي ته ”هڪ ماڻهو حضرت عمر بن عبدالعزيز رضي الله
جي اڳيان يزيد کي ”امير المؤمنين“
سڏيو ته ان تي سخت ڪاوڙ ڪندي، کيس فرمايائون ته ”ا
تقول له اميرالمؤمنين فامر به فضرب به عشرين سوطا
“
(ما ثبت من السنة: ص21- 22-
النبراس شرح شرح العقائد: ص55- تهذيب التهذيب: ج11 ص 361- الصواعق المحرقة: ص221-
البداية والنهاية: ج8 ص224- تاريخ الخلفاء: ص146)
ڇا تون يزيد کي ”امير المؤمنين“ ٿو چوين؟ پوءِ ان کي ويهه ديڙا هڻڻ جو حڪم ڪيائين.
شاهه عبدالعزيز رحمة الله جو فرمان
شاهه ولي الله دهلوي جي فرزند شاهه عبدالعزيز لکيو آهي ته: جڏهن يزيد پليد حضرت
امام حسين کي شهيد ڪرائڻ ۽ اهلبيت جي بيحرمتي ڪرڻ کان فارغ ٿيو ته غرور ۾ اچي ان جي
شقاوت ۽ قلب جي قساوت اڃان وڌيڪ ٿي، جو لونڊي بازي، زنا، ڀاءُ جو ڀيڻ سان پرڻو،
وياج وغيره شريعت ۾ منع ڪيل ڪم ان کليءَ طرح ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ جنهن ڏينهن ان مڪه
مڪرمه ۾ بيت الله شريف جي بيحرمتي ڪرائي، ان ڏينهن پاڻ به حمص شهر ۾ جهنم ۾ واصل
ٿيو.
(سرالشهادتين: ص 37)
ساڳئي بزرگ کان سوال ڪيو ويو ته جنهن ڏينهن حضرت حسين ۽ يزيد جو مقابلو هو ته الله
p
ڪنهن جي طرف هو ته پاڻ جواب ۾ فرمايائين. الله تعالى عدل جي ميزان ڏانهن هو. حضرت
حسين جو صبر يزيد مردود تي غالب رهيو.
(کمالات عزيزي: ص 13)
اعلى حضرت مولانا احمد رضا خان فاضل بريلوي
حنفي جو ارشاد
حضرت مذڪور فرمايو ته: يزيد کي جيڪڏهن ڪو ڪافر چوي ته ان کي منع نه ڪنداسون.
(الکوکب الشهابية: ص 58- ملفوظات اعلى حضرت: ج ص 110)
پڻ فرمايو اٿس ”يزيد پليد“
(ختم نبوت: ص 62)
رسول الله ﷺ جي جگر جي ٽڪرن کي ٽي ڏينهن کاڌي پيتي کان سواءِ رکي ساٿين سميت ظلم جي
تلوار سان اڃايلن کي شهيد ڪرايو مصطفى ﷺ جي هنج ۾ پاليلن نازڪ بدنن تي شهادت کان
پوءِ گهوڙا ڊوڙايا، جو انهن جا پاڪ هڏا به چور ٿي پيا. سندن پرديدار پاڪ عورتون قيد
ڪيون ويون، جيڪو شخص ان ملعون جي انهن فسق ۽ فجور وارين حرڪتن کي برو نه سمجهي،
اهو به ملعون آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يزيد ملڪ ۾ فساد ڦهلايو.
(عرفان شريعت: ج 2 ص 21)
پڻ حضرت موصوف فرمايو ته ”يزيد پليد (عليہ ما يستحقہ) يقينًا باجماع اهل سنت فاسق
فاجر و جري علي الکبائر هو. يزيد جي فسق ۽ فجور کان انڪار ڪرڻ ۽ امام مظلوم تي
الزام رکڻ صاف گمراهي ۽ بدديني آهي.
(عرفان شريعت ج2 ص 21)
پڻ لکيو اٿس ته ”ان خبيث مسلم بن عقبہ کي مدينه منوره
موڪلي سترهن سئو مهاجر ۽ انصار شهيد ڪرايا.
مسجد نبوي ۾ گھوڙا ٻڌرايا. وري بيت الله جي بيحرمتي ڪئي ۽ ان کي ساڙايو.
(احسن الوعا: ص 52)
حضرت امام رباني رحمة الله جو ارشاد
عارف حقاني حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رحمة الله لکيو
آهي ته ”در
بدبختی او کراسخن است کارے کہ آن بدبخت کرد ہیچ کافر فرنگ نہ کرد“
(مڪتوبات شريف: ج2 ص33)
غير مقلدن جي عالم وحيد الزمان جو قول
صاحب موصوف لکيو آهي ته حڪمران ٿيڻ کان پوءِ ان اهي بغض پيٽ مان ڪڍيا، جو حضرت امام
حسين رضي الله کي شهيد ڪرڻ ۽ اهل بيت جي اهانت ڪرائي حضرت حسين پاڪ جي سر (مبارڪ)
کي جڏهن پنهنجي دارالحڪومت ۾ آڻايائين ته چوڻ لڳو: مون بدر جي جنگ وارو پلاند ورتو
آهي.
(تيسير الباري: ج 11 ص 96)
سيد امير علي صاحب جو قول
مذڪور علامہ صاحب لکيو آهي ته: يزيد مردود ۽ ان جي ساٿين کان اهلبيت جي حق ۾ انهن
کي شهيد ڪرائڻ ۽ (انهن جي) بي ادبي ظاهر ٿي.
(تحقيق مزيد بحواله تفسير مواهب الرحمٰن)
محقق علي الاطلاق شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمة الله جو فرمان
محدث موصوف لکيو آهي ته ”span>وبالجملہ
وے مبغوض ترین مردم
است نزد ما وکارہا کہ این بدبخت و بی سعادت در این امت کردہ ہیچ کس نہ کردہ بعد از
قتل امام حسین و اہانت اہل بیت لشکر بتخریب مدینہ مطہرہ و قتل اہل آنجا فرستاد و
بقیہ از صحابہ و تابعی را امر بقتل کردہ و بعد از تخریب مدینہ امر بانہدام مکہ
معظمہ و قتل عبداللہ بن زبیر کردہ وہم در اثنائے ایں حالت از دنیا بجہنم شتافتہ
دیگر احتمال توبہ و رجوع او را خدا داند حق تعالی دلہائے ما را و تمام مسلمانان را
از محبت و موالات وے واعوان وانصار وے وہرکہ بااہل بیت نبوی بد بودہ و بد اندیشیدہ
و حق ایشاں را پائمال کردہ و بایشاں براہ محبت و صدق و عقیدت نبودہ نگاہدارد وما را
ومحبان مارا در زمرہ محبان ایشان محشور گرد اند بحرمۃ النبی وآلہ الامجاد بمنہ
وکرمہ وہو قریب مجیب آمین““
(تکميل
الايمان فارسي: ص 71- طبع مجتبائي)
يعني مختصر ڳالهه هيءَ آهي ته اسان وٽ يزيد ماڻهن مان نهايت بغض رکيل آهي ۽ هن
(مسلم) امت ۾ جيڪي ڪم ان (يزيد) بدبخت ۽ بي سعادت ڪيا (اهي ٻئي) ڪنهن به نه ڪيا
(حضرت) امام حسين جي شهيد ڪرڻ ۽ اهل بيت جي اهانت کان پوءِ ان (نڀاڳي) مدينه مطهره
کي ويران ڪرڻ ۽ اتي جي رهندڙن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ لشڪر موڪلي اصحابن ۽ تابعن مان
بچيلن کي شهيد ڪرايو هو. مدينه منوره کان پوءِ مڪه معظمه جي بيحرمتي ۽ حضرت عبدالله
بن زبير
t
کي شهيد ڪرائڻ جي لاءِ به ان لشڪر موڪليو هو، پر ان دوران (مردود) مري ويو هو.....
الله تعالى (کان دعا آهي ته اهو) اسان ۽ سڀني مسلمانن جي دلين کي ان ۽ ان جي معاونن
مددگارن اهل بيت سان سٺو سلوڪ نه ڪندڙن) انهن جي لاءِ برو سوچيندڙن سان محبت ۽
دوستي کان بچائي ۽ اسان کي اسان جي محبين کي قيامت ۾ انهن (اهلبيتن) سان محبت وارن
جي زمره ۾ اٿاري ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سچي دين ۽ سچي مذهب تي پڪو رکي ۽ اسان جي هيءَ دعا
نبي ڪريم ﷺ ۽ ان جي اولاد امجاد جي طفيلي پنهنجي فضل سان مقبول فرمائي. بيشڪ اهو
(الله تعاليٰ) ويجهو دعائون قبول ڪندڙ آهي.
شاهه ولي الله محدث دهلوي رحمة الله جو ارشاد
مذڪور محدث پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغة“/span>
جي بحث ”الفتن“ ۾ حديث مبارڪ ”ثُمَّ
يَنْشَأُ دُعَاةُ الضَّلاَلِ“
جي شرح
ڪندي لکيو آهي (ان کان پوءِ گمراهيءَ ڏي سڏيندڙ پيدا ٿيندا) انهن گمراهيءَ ڏانهن
سڏيندڙن ۾ شام ۾ يزيد ۽ عراق ۾ مختار (ثقفي) هو.
محدث مذڪور ڪتاب جي مناقب واري بحث ۾ لکيو آهي ته
”ومن
القرون الفاضلة اتفاقا من هو منافق او فاسق ومنها الحجاج و يزيد بن معاوية و مختار“
يعني اتفاقًا ان ڀلي دور ۾ به ڪي منافق هئا ته
ڪي فاسق ۽ انهن مان حجاج ۽ يزيد بن معاويہ ۽ مختار هئا.
((حجة الله البالغہ)
علامه ابن حزم اندلسي جو قول
علامه موصوف لکيو آهي ته ”/span>ويـزيد
اميرالمؤمنين وکان قبيح الآثار في الاسلام قتل اهل المدينة وافاضل الناس وبقية
الصحابة رضي الله عنهم يوم الحرة في آخر دولته و قتل الحسين رضي الله عنه واهل بيته
في اول دولته وحاصر ابن الزبير رضي الله عنه في المسجد الحرام واستخف بحرمة الکعبة
والاسلام فاماته الله في تلک الايام
“
(جمهرة انساب العرب: ص 112 مطبوعه دارالمعارف مصر سنه 1382هه)
يزيد (جنهن کي سندس والد کان پوءِ) امير المومنين بنايو ويو هو، اسلام ۾ بڇڙن
ڪرتوتن وارو هو. مدينه منوره وارن ۽ ڀلن ماڻهن ۽ رهيل اصحابن
U
کي پنهنجي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ حره واري واقعي جي ڏينهن شهيد ڪرايو هئائين ۽
پنهنجي حڪومت جي شروع ٿيندي ئي (حضرت) حسين ۽ ان جي گهراڻي کي شهيد ڪرايو هئائين ۽
مسجد حرام ۾ (حضرت) عبدالله بن زبير
t
کي گهيراءُ ڪري ڪعبه ۽ اسلام جي بيحرمتي ڪرائي هئائين پوءِ انهن ڏينهن ۾ ئي الله
p
ان کي مارايو ۽ هڪ قول مطابق پنهنجي پيءَ جي ڏينهن ۾ قسطنطنيہ ۾ جنگ ڪري ان کي
گهيراءُ ڪيو هئائين.
قارئين ڪرام! هنن حوالن کي غور سان پڙهندا هلو ۽ پنهنجي ذهن ۾ ويهاريندا هلو. سڀ
حوالا پڙهي انهن ديني علم جي ماهرن ۽ تاريخ لکندڙن جي لکت ڏسي انصاف جو فيصلو ڏجو
ته ڇا يزيد محبت رکڻ جو لائق آهي؟
ساڳئي علامہ صاحب پنهنجي ٻئي ڪتاب ”اسماء الخلفاء
والولاة وذکرمُدَدِهِمْ“ ۾ لکيو آهي ته ”
وبويع يـزيد بن معاوية اذا مات ابوه يکنّٰي اباخالد وامتنع من بيعته الحسين بن علي
بن ابي طالب و عبدالله بن الزبير بن العوام فاما الحسين
+والرحمة
فنهض الي الکوفة فقتل قبل دخولها وهو ثالثة مصائب الاسلام بعد امير المؤمنين عثمان
او رابعها بعد عمر بن الخطاب
#
لان المسلمين استضيحوا في قتله ظلما علانية واما عبدالله بن الزبير فاستجار بمکة
فبقي هنالک الي ان اغزي يـزيد الجيوش الي المدينة حرم رسول الله
ﷺ
واليٰ مکة حرم الله فقتل بقايا المهاجرين والانصار يوم الحرة وهي ايضا اکبر مصائب
الاسلام وخرومه لان افاضل المسلمين وبقية الصحابة وخيار المسلمين من اجلة التابعين
قتلوا جهرا ظلما في الحرب وصبوا وجالت الخيل في مسجد رسول الله
ﷺوراثت
وبالت في الروضة بين القبر والمنبر ولم تصل جماعة في مسجد النبي
ﷺولا
کان فيه احد حاشا سعيد بن المسيب فانه لم يفارق المسجد ولولا شهادة عمرو بن عثمان
بن عفان و مران بن الحکم عند مجرم بن عقبة المري بانه مجنون لقتله واکره الناس عليٰ
ان يبايعوا يزيد بن معاوية عليٰ انهم عبيد لهم ان شاء باع وان شاء اعتق وذکر له
بعضهم البيعة علي حکم القرآن وسنة رسول الله
ﷺ
فامر بقتله فضرب عنقه صبرا و هتک مسرف (او مجرم) الاسلام هتکا وانهب المدينة ثلاثا
واستخف باصحاب رسول الله
ﷺ
ومدت الايدي اليهم وانتهبت دورهم وانتقل هٰؤلاءِ اليٰ مکة شرفها الله تعاليٰ فحوصرت
ورمي البيت بحجارة المنجنيق تولي ذالک الحصين بن نمير الکوفي في جوش اهل الشام
وذالک لان مجرم بن عقبة المري مات بعد وقعة الحرة بثلاث ليال وولي مکانه الحصين بن
نمير واخذ الله تعاليٰ يـزيد اخذ عزيـز مقتدر. فمات بعد الحرة باقل من ثلاثة اشهر
وازيد من شهرين وانصرفت الجيوش من مکة ومات يـزيد في نصف ربيع الاول سنة اربع و
ستين وله نيف و ثلاثون سنة امه ميسون بنت بحدل الکلبية وکانت مدته ثلاث سنين
وثمانية اشهر واياما فقط“
(ص 357- 358 طبع مصر)
يعني يزيد بن معاويه جي سندس پيءُ جي وفات کان پوءِ بيعت ڪئي وئي ان جو ڪنيو ابو
خالد هو(حضرت) حسين بن علي بن ابي طالب ۽ (حضرت) عبدالله بن الزبير بن العوام
U
ان جي بيعت کان انڪار ڪيو. حضرت حسين رضي الله ڪوفي ڏانهن روانگي ڪئي ۽ ڪوفي ۾ داخل
ٿيڻ کان پهريائين ئي شهيد ڪيو ويو. ان جي شهادت امير المومنين (حضرت) عثمان بن عفان
رضي الله جي شهادت کان پوءِ اسلام ۾ ٽين مصيبت يا حضرت عمر بن خطاب رضي الله جي
شهادت کان بعد چوٿين مصيبت ۽ اسلام ۾ رخنو وجهڻ هو. ڇو ته اصحابن مان باقي بچيل
وڏا وڏا تابعي ڀلارا بهترين شخصيتون شهيد ڪيا ويا. انهن سان کلي طرح ظلم ڪري جنگ
ڪئي وئي. يزيدي گهوڙا کليءَ طرح سيدنا رسول الله ﷺ جي مسجد ۾ هلندا لِڏ لاهيندا ۽
پيشاب ڪندا رهيا، سوبه رياض الجنة ۾ ۽ اهي ڏينهن محبوب
q
جي مسجد ۾ نماز نه پڙهي وئي. سعيد بن مسيب (تابعي) کان سواءِ ڪير به مسجد ۾ موجود
نه هو، جيڪو نبوي مسجد کان جدا نه ٿيو. اهو محبوب
q
جي مزار پاڪ مان نماز جي وقت بانگ ٻڌي نماز پڙهندو هو. ان کي به يزيدي لشڪر جي
اڳواڻ شهيد ٿي ڪرايو، پر عمرو بن عثمان بن عفان ۽ مروان بن حڪم شاهدي ڏئي ته اهو
چريو آهي ان کي قتل ٿيڻ کان بچايو. يزيدي فوجي اڳواڻ ماڻهن کي مجبور ٿي ڪيو ته اهي
يزيد بن معاويه جي اها بيعت ڪن ته اهي ان جا ٻانها هوندا جيڪڏهن گهري ته کين آزاد
ڪري جيڪڏهن گهري ته انهن کي وڪڻي ڇڏي. جن ان جي بيعت ان شرط تي ٿي ڪئي ته اهو قرآن
ڪريم جي حڪم مطابق ۽ رسول الله ﷺ جي سنت تي عمل ڪندو ته ان شرط رکڻ واري کي شهيد
ڪندا هئا. مگر هي ڀلارا صبر ڪندا هئا . (يزيدي فوج جي) ان اڳواڻ مجرم بن عقبہ
المري اسلام جي وڏي بيحرمتي ڪئي هئي. ٽي ڏينهن مدينه منوره ۾ لٽ مار ڪري حضور ﷺ جي
اصحابن جي بيحد بي ادبي ڪندي، انهن ڏانهن هٿ ڊگها ڪيا ويا. انهن جا گهر لٽيا ويا.
بعد ۾ اهي يزيدي مڪه مڪرمه ڏانهن هليا. مڪه مڪرمه کي گهيرو ڪري منجنيق (ڪرين) جي
ذريعي بيت الله شريف تي پٿر وسايائون (جنهن جي نتيجي ۾ بيت الله شريف کي باهه وڪوڙي
وئي. رب پاڪ جي گهر جي پاڪ ڇت ۽ ان جي ڀت مبارڪ ۾ ٽنگيل حضرت اسماعيل
+
ججي قرباني واري دنبي جا سڱ مبارڪ سڙي ويا) ان سڄي ڪم جي اڳواڻي يزيد جي لشڪرين مان
حصين بن نمير ڪوفي ڪري رهيو هو ۽ اهو ان جي ڪري اڳواڻ بنيو هو جو (اڳيون اڳواڻ)
مجرم بن عقبه مدينه منوره ۾ حره واري واقعي کان ٽي راتيون پوءِ مري ويو هو. جنهن جي
جاءِ تي اهو حصين بن نمير ڪوفي مقرر ڪيو ويو هو. الله تعالى يزيد کي سخت پڪڙ ۾ ورتو
جيئن اهو غالب قوت ۽ قدرت وارو پڪڙيندو آهي. حره جي واقعي کان پوءِ اهو به ٻن ٽن
مهينن ۾ سن 64هه ۾ ٽيهن سالن ۽ ڪجهه ڏينهن جي عمر ۾ مري ويو. سندس مرڻ جي خبر ٻڌي
سندس موڪليل لشڪر مڪه مڪرمه کان واپس ٿيو. (ان بدبخت) جي حڪومت ٽي سال اٺ مهينا ۽
ڪجهه ڏينهن هلي.
علامه سيوطي جو فرمان
مشهور مفسر محدث مؤرخ علامہ سيوطيءَ لکيو آهي ته ”/span>ضحّٰي
بنوامية يوم کربلا بالدين
“ (تاريخ الخلفاء) يعني ڪربلا واري ڏينهن
بنو اميه وارن دين کي ڪهي ڇڏيو.
ععلامه موصوف جو مقصد آهي ته حضرت حسين رضي الله کي شهيد ڪرڻ دين کي ڪهڻ آهي.
حضرت خواجه معين الدين چشتي رحمة الله جو فرمان
هندستان ۾ رهندڙ الله /span>
p
جي ولي حضرت خواجه معين الدين چشتي رحمة الله هڪ شعر ۾ فرمايو آهي:
شاہ است حسین بادشاہ است حسین
دین است حسین دین پناہ است حسین
سرداد نہ داد دست در دست یزید
حقا کہ بنائے لا الٰہ است حسین
مطلب ته حضرت حسين شاهه به آهي ته بادشاهه به آهي دين به آهي ته دين جي پناهه به
آهي (پنهنجو پاڪ) سر ڏنائين ۽ يزيد (پليد) جي هٿ ۾ هٿ نه ڏنائين تحقيق (توحيد جي
ڪلمه) لا الــٰہ جو بنياد حسين آهي./span>
ججڏهن حسين حق آهي ته يقينًا يزيد ناحق تي ۽ گمراهه آهي.
علامه ياقوت حموي جو ارشاد
علامہ مذڪور حره واري واقعي جي بحث ۾ لکيو آهي ته ان واقعي ۾ شام واري لشڪر جي
هٿان آزاد ڪيل مسلمان غلامن مان ساڍا ٽي هزار، انصارن سڳورن مان چوڏهن سئو ۽ بعض جي
بقول سترهن سئو قريشين (مهاجرن) مان تيرهن سئون حضرات شهيد ڪيا ويا. ان سان گڏ
يزيدي لشڪر مدينه منوره ۾ داخل ٿي ماڻهن جا مال لٽيا ۽ انهن جي اولاد کي قيدي
بنايو. /span>
((معجم البلدان: ص)
علامه ذهبي جو فرمان
ان مشهور محدث مؤرخ اسماءِ الرجال جي ماهر لکيو آهي: ”/span>لم
نعتقد انه من الخلفاء الراشدين کما قاله بعض الجهلة من الاکراد“
(المنتقى: ص 279)
يعني اسان جو اهو عقيدو ناهي ته يزيد راشد خليفن مان هو جيئن بعض جاهل ڪردن جو چوڻ
آهي.
اان عبارت مان واضح ٿيو ته علامہ ذهبي يزيد کي هدايت وارو حاڪم نه سمجهندو هو. يزيد
جي يارن جو علامہ ذهبي کي يزيد جو حامي سمجهڻ نجو ڪوڙ ۽ خالص بهتان آهي. ان جي ڪري
علماء لکيو آهي ته المنتقى ڪتاب جو محشي محب الدين خطيب پڪو ناصبي هو، جنهن جي
ترديد حرم ۾ حديث پڙهائيندڙ محمد عربي بتاني پنهنجي ڪتاب ”افادة الاخيار ببراء ة
الابرار“ ۾ وڏي تفصيل سان ڪئي آهي.
علامه ابن ڪثير جو بيان
مشهور مفسر محدث مؤرخ علامہ ابن ڪثير هڪ نه ڪيترين جاين تي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب
”البداية والنهاية“ ۾ يزيد جيbr>
بي دين ۽ فاسق هجڻ جي صراحت ڪئي آهي. مثلًا هڪ جاءِ تي لکيو
اٿس طبراني روايت آندي آهي ته: ”کان
يـزيد في حداثته صاحب شراب“
يزيد پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ئي شراب پيئندو هو.
ٻيءَ جاءِ تي لکيو اٿس ته : ”
وکان فيه ايضًا اقبال علي الشهوات وترک بعض الصلوات في بعض الاوقات
“ يعني ان ۾ شهوت پرستي ۽
بعض وقتن ۾ بعض نمازون نه پڙهڻ جي عادت هئي.
ان کان پوءِ علامہ موصوف امام احمد جي مسند جي حوالي سان حضرت ابو سعيد خدري رضي
الله کان روايت آندي آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو: ”يَکُوْنُ
مِنْ بَعْدِ سِتِّيْنَ سَنَةً خَلْفٌ أَضَاعُوا الصَّلَاةَ وَاتَّبَعُوا
الشَّهَوَاتِ فَسَوْفَ يَلْقَوْنَ غَيًّا“
(البداية والنهاية: ج8 ص 230)
سٺ سالن کان پوءِ
اهڙا پويان اچڻ وارا هوندا جيڪي نماز ضايع ڪندا ۽ شهوتن جي اتباع ڪندا جلد اهي جهنم
۾ ويندا.
مذڪور علامہ مذڪور ڪتاب جي ص 232 تي لکيو آهي ته
”قلت
يـزيد بن معاوية اکثر ما نقم عليه في عمله شرب الخمر واتيان بعض الفواحش“
يعني مان چوان ٿو ته يزيد بن معاويه تي ان جي
بدڪرداري جي سلسلي ۾ سڀ کان زياده جيڪو عيب ثابت ڪيو وڃي ٿو اهو شراب پيئڻ ۽ ٻين
براين جو ارتڪاب آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته يزيد جون اهي سڀ برايون اصحاب ڪرام
U
بيان فرمايون هيون. حافظ ابن ڪثير به يزيد کي انهن براين کان نه پاڪ ڪيو آهي ۽ نه
پاڪ چيو آهي.
اسماء الرجال جي ماهرن جو متفق فيصلو
علامه ابن حجر عسقلاني لکيو آهي ته: يزيد ان ڳالهه جو لائق ئي ناهي جو ان کان
(حديث) روايت ڪئي وڃي. /span>
(تهذيب التهذيب)
يياد رکڻ گهرجي ته يزيد جي بدڪرداري ايتري ته خطرناڪ هئي جو ڪنهن به بزرگ ان جي
روايت قبول نه ڪئي ۽ ان جي برايون ۽ بيحيائين کي کولي کولي بيان ڪيو آهي.
علامه ابن حجر عسقلاني جو بيان
محبوب ڪريم /span>
q
جي حديث مبارڪ جي حافظ شارح اسماء
الرجال جي نقاد علامہ ابن حجر عسقلاني لکيو آهي ته ”
وجهز الجيش الي الحسين فقتل في يوم عاشوراء سنة احدي وستين ثم ان اهل المدينة خلعوا
بيعة يـزيد في سنة ثلاث و ستين فجهز اليهم مسلم بن عقبة المري في جيش حافل فقاتلهم
فهزمهم وقتل منهم خلق کثير من الصحابة وابناءهم واکابر التابعين وفضلاءهم واستباحها
ثلاثة ايام نهبا و قتلا ثم بايع من بقي منهم علي انهم عبيد ليزيد و من امتنع قتل ثم
توجه الي مکة لحرب ابن الزبير فمات في الطريق وعهد الحصين بن نمير فسار بالجيش اليٰ
مکة فحاصر ابن الزبير ونصبوا المجنيق علي الکعبة فوهت ارکانها ثم احترقت وفي اثناء
ذالک ورد الخبر بموت يـزيد...
الخ
“
(لسان الميزان: ج6 ص 293- 294- ترجمة يزيد بن معاويه بن ابي سفيان الاموي طبع
حيدرآباد دکن انڊيا)
يعني يزيد (حضرت) حسين ڏانهن لشڪر تيار ڪري موڪليو (حضرت) حسين سن ايڪهٺ هه ۾
عاشوري (ڏهين محرم) جي ڏينهن شهيد ڪيو ويو. ان
کان پوءِ (جڏهن يزيد جي ظلمن بيحيائين ۽ بدڪردارين کي ڏسي) مدينه وارن سن 63هه ۾
(ان جي حاڪميت کي نه مڃڻ جو کلي اعلان ڪيو ۽) ان جي بيعت ختم ڪري ڇڏيائون ته انهن
ڏانهن مسلم بن عقبه المري کي وڏي لشڪر (جو اڳواڻ ڪري) موڪليائين. ان مدينه منوره
وارن سان جنگ ڪئي ۽ انهن مان گهڻن اصحابن سڳورن ۽ انهن جي پٽن وڏن تابعن ۽ انهن مان
ڀلن ۽ گهڻي خلق کي شهيد ڪيو ويو. مدينه منوره
کي ٽي ڏينهن جنگ جي لاءِ حلال سمجهيو ويو ۽ جيڪي باقي رهيا، انهن کان ان شرط
تي بيعت ورتي وئي ته اهي يزيد جا (ڄڻ زرخريد) ٻانها هوندا ۽ جنهن اها بيعت نه ڪئي
ان کي شهيد ٿي ڪيائون. ان کان پوءِ اهو مسلم
(جنهن کي علماء مجرم يا مسرف سڏيو آهي) بن عقبة المري مڪه مڪرمه ڏانهن
(حضرت عبدالله) ابن زبيرکي گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿيو ۽ واٽ تي ئي مري ويو. ان
کان پوءِ لشڪر جي اڳواڻي حصين بن نمير ڪوفي کي ڏني وئي. اهو لشڪر کي وٺي مڪه
(مڪرمه) ۾ آيو ۽ (حضرت) عبدالله بن زبير جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ بيت الله شريف کي
منجنيقن (ڪرينن) سان پٿر وسائڻ جو نشانو بنايو ويو جنهن جي ڪري ان جا ڪاٺ مان ٺهيل
ٿنڀ پهريان ڪمزور ٿيا پوءِ سڙي ويا (بلڪه بيت الله شريف جي ڇت به سڙي وئي) ۽ ان
دوران اتي يزيد جي مرڻ جي خبر پهتي.
مسلمان ڀائرو! انهن بزرگن جي لکت ڏسو ۽ الله
p
جو خوف رکي پوءِ يزيدجي محبت لاءِ فيصلو ڏيو. ۽
جيڪي گمراهه يزيد سان محبت رکو ٿا، اهي سني نه سڏرايو، سنين جي آڙ نه وٺو،
ڪوبه سچو سني ان ظالم سان محبت ڪونه ٿو رکي ۽ نه ان شاءَالله تعالى قيامت تائين
رکندو.
امام احمد بن حنبل رحمة الله جو فرمان
نبوي حديث جي حافظ مشهور محدث ۽ مجتهد، امت مسلمہ مان لکين ماڻهن جي فقہ ۾ امام
حضرت امام احمد بن حنبل رحمة الله کان سندس فرزند، جنهن جو نالو صالح هو پڇيو ته هڪ
قوم وارا چون ٿا ته /span>
اوهان يزيد سان محبت رکو ٿا؟ ته پاڻ فرمايائون: ”
يا بني وهل يحب يـزيد احد يـؤمن بالله واليوم الآخر؟“
اي منهنجا پٽڙا! ڇا جيڪو الله ۽
قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ٿو، سو يزيد سان محبت رکندو؟
مطلب ته سچو مومن يزيد سان محبت نه رکندو. مان راقم الحروف عرض ٿو ڪيان ته يزيد جا
يار امام موصوف جي قول تي غور ڪن ۽ خداوند ڪريم جو خوف رکي پوءِ پليد جي حمايت ڪن.
حضرت امام احمد رحمة الله هڪ قول مطابق يزيد تي لعنت ڪندي ان کي لعنت جو حقدار سڏيو
آهي. ((تفسير
مظهري: ج 8 ص 424 طبع دهلي)
حضرت شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي رحمة الله جو فرمان
حضرت شاهه صاحب موصوف حضرت حسين رضي الله جي قاتلن کي/span>
انبياءَ ڪرام
-جي
قاتلن وانگر سمجهيو آهي. سندس لکت ڏسو:
””وبعضے
قتل انبیاء و پیغمبر زاد ہائے می نمایند مثل یزید و اخوان وے“/span>
۽ بعض (حاڪم) نبين سڳورن
-۽۽
انهن جي شهزادن کي شهيد ڪري ڇڏيندا آهن جيئن يزيد ۽ ان جي ڀائرن ڪيو هو.
مولانا حسن رضا خان بريلوي حنفي جو فرمان
حضرت موصوف پنهنجي شعر ۾ فرمايو آهي ته
باغ جنت کے ہیں بہر مدح خوانِ اہل بیت
تم کو مژدہ نار کا اے دشمنانِ اہل بیت
کس شقی کی ہے حکومت ہائے کیا اندھیر ہے
دن دہاڑے لٹ رہا ہے کاروانِ اہل بیت
اہل بیت ہاک سے گستاخیاں بے باکیاں

لعنت اللہ علیکم دشمنانِ اہل بیت
سلطان العارفين حضرت سلطان باهو رحمة الله جو فرمان
جیکر مندے بیعت رسولی تاں پانی بند کیوں کردے ہو
جیکر کردے خوف خدا دا تاں تنبو خیمے کیوں سڑدے ہو
حضرت سلطان باهو رحمة الله جي فرمان جو مقصد آهي ته يزيد/span>
& ۽ ان جي ساٿين نه رسول الله ﷺ جي بيعت مڃي نه الله جو خوف رکيو جيڪڏهن اهي ڳالهيون
انهن ۾ هجن ها ته نه (امامن پاڪن جو) پاڻي بند ڪن ها نه انهن جا تنبو ساڙين ها.
مقصد ته صفا بي دين ۽ گمراهه هئا.
علامه نعيم الدين مراد آبادي جو ارشاد
اعلى حضرت جي ترجمه ڪنز الايمان تي نور العرفان نالي حاشيه لکندڙ حضرت علامہ نعيم
الدين مرحوم لکيو آهي ته: حضرت امام حسين جو وجود مبارڪ يزيد جي بي قاعدگين جي لاءِ
هڪ زبردست محتسب هو، ان جي ڪري حضرت امام جي شهادت ان جي لاءِ خوشيءَ جو سبب هئي.
حضرت امام جي (شهادت سان) جيئن سندس سايي جو کڄڻ ٿيو ته يزيد کلي ڪيترا قسم براين
جا ۽ گناهن جا ڪري براين جي بازار گرم ڪئي. زنا، لونڊي بازي، حرام ڪاري، ڀاءُ جو
ڀيڻ سان نڪاح، وياج ۽ شراب ڌڙا ڌڙا شروع ٿي ويا. نيٺ الله يزيد کي هلاڪ ڪيو ۽
بدنصيب 3 سال ست مهينا حڪومت جي تخت تي شيطان گيري ڪئي جنهن ڏينهن ان پليد جي حڪم
سان ڪعبه معظمه جي بي حرمتي ٿي، ان ڏينهن مري ويو. /span>
(سوانح ڪربلا: ص 115)
ساڳئي بزرگ يزيد لاءِ لکيو آهي ته ”بدباطن دل جو ڪارو خاندان جو برو شخص فاسق فاجر
شرابي بدڪار ظالم بي ادب گستاخ هو. ان جون بيهودگيون ۽ شرارتون اهڙيون هيون، جن کان
ٻين بدمعاشن کي به شرم ٿي آيو.
(سوانح ڪربلا: ص 62)
هڪ جاءِ تي علامہ موصوف لکيو آهي ته : جيڪڏهن ان وقت جو امام (حضرت حسين) يزيد جي
بيعت ڪري ها ته اسلام جو نظام درهم برهم ٿي وڃي ها ۽ دين ۾ اهڙو فساد برپا ٿي وڃي
ها، جنهن جو بعد ۾ دور ڪرڻ ناممڪن هجي ها ۽ يزيد جي هر بدڪرداريءَ جي لاءِ امام جي
ان سان بيعت ڪرڻ سَندَ هجي ها.
(سوانح ڪربلا: ص 64)
هڪ مقام تي لکيو اٿس: ”حضرت امام کي يزيد جھڙي مجسم عيب جي بيعت تي مجبور ڪيو ٿي
ويو، جنهن جي بيعت جو ڪوئي به (يزيد جي) حال کان واقف انسان گوارا ڪرڻ وارو نه هو ۽
نه اها بيعت ڪنهن طرح جائز هئي“.
(سوانح ڪربلا: ص78)
هڪ هنڌ لکيو اٿس: ”يزيد اهو بدنصيب شخص آهي، جنهن کي اسلامي دنيا هر دور ۾ ملامت
ڪندي رهي آهي ۽ قيامت تائين ان جو نالو حقارت سان ورتو ويندو.
(سوانح ڪربلا: ص 62)
سيد مهر علي شاهه صاحب چشتي حنفي جو فرمان
مذڪور ڪامل ولي ۽ رياني عالم لکيو آهي ته ”حضرت امير معاويه کان پوءِ حڪومت جو
سلسلو بالڪل زبردستي حڪومت ۽ جهنم ڏانهن سڏڻ جو رهيو. /span>
(فتاوى مهريه: ص 37)
حضرت بو علي قلندر رحمة الله جو ارشاد
سند الاولياءِ مذڪور بزرگ جو هڪ شعر ۾ فرمان آهي:
بہر دنیا آن یزید ناخلف
دین خود کردہ برائے او تلف
زال دنیا چوں در آمد در نکاح
کرد بر خود خون آں سید مباح
(مثنوي بو علي شاه قلندر: ص6)
مطلب ته يزيد نالائق دنيا جي لاءِ پنهنجو دين تباهه ڪيو. دنيا جي بي وفا عورت جڏهن
ان جي تسلط جي هيٺان آئي ته ان کي قتل ڪرڻ پنهنجي مٿان مباح ڪري ڇڏيائين.span>
معمعلوم ٿيو ته حضرت بو علي قلندر جي نظر ۾ به نالائق ۽ دين کي تباهه ڪند ڙ هو.
حضرت علامہ امجد علي اعظمي رحمة الله جو فرمان
علامه موصوف لکيو آهي ته: ”يزيد پليد فاسق ۽ فاجر وڏا گناهه ڪندڙ هو. اڄ ڪالهه
جيڪي بعض گمراهه ڪندڙ ماڻهو چوندا آهن ته: اسان کي انهن جي ڀيٽ ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت
آهي اهو (يزيد) به شهزادو ۽ هي (حضرت حسين) به شهزادو ائين چوڻ وارا مردود، خارجي،
ناصبي ۽ جهنم جا حقدار آهن.“ span>
(بهار شريعت ج ص 63)
علامه عبدالحئي لکنوي جو قول ۽ فتوى
علامه موصوف کان پڇيو ويو ته يزيد جي متعلق ڪهڙو عقيدو رکو ٿا ته ان فرمايو: بعض
ماڻهن واڌاري کان ڪم وٺندي چيو ته ”جڏهن يزيد سڀني مسلمانن جي اتفاق سان امير ٿيو
ته ان جي اطاعت (حضرت) امام حسين رضي الله تي لازم هئي“ اهي اها ڳالهه ڪونه ٿا ڄاڻن
ته ان (يزيد) جي امير هجڻ تي مسلمانن جو اجماع ٿيو ڪٿي هو؟ اصحابن سڳورن ۽ انهن جي
اولاد جي هڪ جماعت ان جي اطاعت کان انڪاري هئي ۽ جيڪڏهن ڪن ان جي اطاعت قبول به
ڪئي هئي، ته جڏهن انهن کي يزيد جي شراب پيئڻ، نماز ڇڏڻ، زنا ڪرڻ ۽ حرام ڪيل عورتن
(ماءُ، ڀيڻ، ماسي، وغيره) سان نڪاح ڪرڻ جي حالت معلوم ٿي ته انهن مدينه منوره ۾
واپس اچي، سندس بيعت ٽوڙي ڇڏي..... ڪي ماڻهو چون ٿا ته ”حضرت امام حسين رضي الله کي
شهيد ڪرڻ ڪبيرو گناهه هو، ڪفر نه هو ۽ لعنت ڪرڻ ڪافرن سان مخصوص آهي. انهن جي ذهن
تان قربان ٿجي انهن کي اها خبر به ناهي ته خاتم الانبياء ﷺ کي ايذاءُ پهچائڻ جو
نتيجو span>
ڪهڙوآ هي ؟ الله تعالى جو فرمان عالي شان آهي: ”إِنَّ
الَّذِينَ يُـؤْذُونَ اللهَ وَرَسُوْلَهٗ لَعَنَهُمُ اللهُ فِي الدُّنْيَا
وَالْآخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا مُّهِيْنًا“
(سورة
الاحزاب: آيت 57)
(بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول کي ايذائين ٿا الله انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت
ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس) ۽ ڪي چون ٿا ته يزيد جي خاتمي
جو حال معلوم نه آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان ڪفر ۽ گناهه کان پوءِ توبہ ڪئي هجي ۽ ان
توبہ تي ان جو انتقال ٿيو هجي (پر) ان جي توبہ ڪرڻ جو صرف احتمال آهي، باقي ان
بدنصيب جيڪي ڪارناما ڪيا، هن امت ۾ ڪنهن به نه ڪيا (حضرت) امام حسين جي شهيد ڪرڻ ۽
اهلبيت جي توهين، بي حرمتي ڪرڻ کان پوءِ مدينه منوره کي ويران بنائڻ، اتي جي رهاڪن
کي قتل ڪرڻ جي لاءِ لشڪر موڪلڻ ۽ حره واري واقعي دوران ٽن ڏينهن تائين نبوي مسجد ۾
نماز ۽ بانگ جو نه هجڻ ۽ ان کان پوءِ مڪه مڪرمه ۽ اتي واري حرم پاڪ تي حملي ڪرڻ جي
لاءِ لشڪر موڪلڻ. اهي ڪهڙا چڱا ڪم هيا؟ يزيد جڏهن مري ويو، تڏهن جهان ان جي ظلمن
کان پاڪ ٿيو. ان جي ڪري بعض علماءِ يزيد تي لعنت ڪرڻ کي جائز سمجهن ٿا. امام احمد
بن حنبل ۽ بعض ٻين اڳين بزرگن يزيد تي لعنت ڪئي آهي ۽ ابن جوزيءَ (جيڪو سنت ۽ شريعت
جي حفاظت ۾ گهڻو پڪو سمجهيو ويندو آهي) پنهنجي ڪتاب ۾ سلف صالحن (اڳين نيڪن
بزرگن) کان يزيد تي لعنت نقل ڪئي آهي. علامہ تفتازاني به نهايت جوش خروش سان يزيد ۽
ان جي مددگارن تي لعنت ڪئي آهي. صحيح مسلڪ اهو آهي ته بدبخت کي مغفرت ۽ رحمت جي دعا
سان ڪڏهن به ياد نه ڪجي.
&n (تحقيق مزيد: ص 192 بحواله فتاوى عبدالحي:ص 80)
علامه رڪن عالم حنفي جي لکت
زماني جي مشهور ڪتاب ”رکنِ دين“ جي مصنف مولانا شاهه رڪن عالم صاحب لکيو آهي: ”يزيد
پليد جي حڪومت زوريءَ واري هئي، ڇو ته اهل حل وعقد ان تي راضي نه هئا. ان تي لعنت
ڪرڻ ۾ علماءِ جا مختلف قول آهن..... ۽ اهو اختلاف صرف ان تي لعنت جي لفظ ۾ آهي نه
ته ان پليد جي بغض ڪيل هجڻ ۽ قهر ڪيل هجڻ ۾ ڪنهن کي شڪ ناهي. span>(توضيح
العقائد: ج 2 ص 98)
مشرق جي شاعر ڊاڪٽر اقبال حنفي جو عقيدو
علامه موصوف حضرت موسى
(على نبينا و
q)
جي مقابلي ۾
فرفرعون کي ۽ حضرت حسين جي مقابلي ۾ يزيد کي ذڪرڪندي فرمايو آهي:
ما سوی اللہ را مسلمان بندہ نیست
پیش فرعونے سرش افگندہ نیست
موسیٰ و فرعون شبیر و یزید
ایں دو قوت از حیات آمد پدید
يعني مسلمان الله کان سواءِ (ٻئي ڪنهن جو) ٻانهو نه آهي، ان جو مٿو ڪنهن فرعون جي
اڳيان جهڪيل ناهي. موسى ۽ فرعون شبير (حضرت امام حسين) ۽ يزيد، اهي ٻئي قوتون
حياتيءَ مان ظاهر ٿيون.span>
علعلامه اقبال صاحب هن آخري شعر ۾ حضرت حسين جي حضرت موسى سان ۽ يزيد جي فرعون سان
(ڪردار عقيدي ۽ عمل ۾) تشبيهه ڏني آهي ۽ ان تشبيهه سان ان يزيد جي ايمان ۽ ڪردار جي
وضاحت ڪري ڇڏي آهي.
علامه قاسم نانوتوي جو قول
دارالعلوم ديوبند جي باني مذڪور لکيو آهي: ”اهل سنت جي اصول مطابق يزيد جي پهرين
حالت (سندس والد حضرت امير معاويہ جي حياتيءَ واري) بدلجي وئي. بعض علماءِ وٽ اهو
ڪافر ٿي ويو ۽ ڪن وٽ ان جو ڪفر ثابت نه ٿيو، پر ان جو اڳ ۾ قبول ڪيل اسلام فسق ۽
فجور سان ملي ويو. جيڪڏهن حضرت امام حسين ان کي ڪافر سمجهي ان جي خلاف نڪتو ته ڪهڙي
غلطي ڪيائين. حضرت امام احمد به اها ڳالهه پسند فرمائي هئي. span>
(مکتوبات شيخ الاسلام: ج 1 ص 258)
سيد امير علي حنفي جو فيصلو
سيد موصوف لکيو آهي: حضرت سرور عالم ﷺ کي وحي جي ذريعي معلوم ٿيو هو ته آئينده يزيد
پليد ۽ حجاج (بن يوسف) وغيره جهڙا ظالم ايندا، جو قرآن ڪريم تي ايمان آڻڻ کان پوءِ
ڦري ويندا ۽ ان جي توهين ڪندا ۽ سندن پاڪ اولاد سان ظلم سان پيش ايندا. پاڻ اها حجت
پوري ڪيائون. جيتوڻيڪ کين معلوم هو ته يزيد پليد اهڙو بدڪردار هوندو، جنهن تي قيامت
تائين شناعت بلڪه لعنت باقي رهندي پوءِ يزيد مردود ۽ ان جي ساٿين کان اهلبيت کي
شهيد ڪرڻ ۽ انهن جي تعظيم نه ڪرڻ جي ذاتي برائي صادر ٿي ۽ پاڪ امام دنيا ۽ دين جي
اڳواڻ حضرت حسين يزيد پليد جي بيعت ڪرڻ کي تسليم نه فرمايو. span>(ت(تحقيق
مزيد: ص 197 بحواله تفسير مواهب الرحمٰن)
شبلي نعماني حنفي ۽ سيد سلمان ندوي جو قول
مذڪور عالمن جي سيرت تي لکيل ڪتابن ۾ آهي ته: امير معاويه سن 60 هه ۾ وفات ڪئي ۽ ان
جي جاءِ تي يزيد تخت نشين ٿيو ۽ اهائي pan style="letter-spacing:-.2pt">اسلام
لاءِ سياسي، مذهبي، اخلاقي ۽ روحاني بدنصيبي ۽ بدبختيءَ واري پهرين رات هئي.
(ت(تحقيق مزيد: ص 197 بحواله تفسير مواهب الرحمٰن)
قاري طيب صاحب جي لکت
علامه مذڪور لکيو آهي ته: ”بهرحال يزيد جي فسق ۽ فجور تي اصحاب سڳورا span>
U
سڀ جا سڀ متفق آهن. انهن کان پوءِ علماءِ راسخين، محدثين ۽ فقهاء مثلاً علامہ
قسطلاني، علامہ عيني، علامہ هيتمي، علامہ ابن جوزي، علامہ تفتازاني، محقق ابن همام،
حافظ ابن ڪثير، علامہ الڪياهراسي جهڙن محققن يزيد جي فاسق فاجر هجڻ تي پاڻ کان اڳين
بزرگن جو اتفاق نقل ڪيو اٿن ۽ پاڻ به ان جا قائل آهن ته ان کان مٿي يزيد جي فسق تي
ٻي ڪهڙي شاهدي هوندي يا ٿي سگهي ٿي.
(ش(شهيد ڪربلا اور يزيد: ص 159)
مفتي محمد شفيع صاحب حنفي جو قول
تفسير معار ف القرآن ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جي مصنف علامہ موصوف لکيو آهي ته ”امام پاڪ
جي خطبات کي غور سان پڙهو ته معلوم ٿئي ٿو ته سندن مقصد نبوت جي خلافت جي بجاءِ
ملوڪيت ۽ آمريت واري بدعت جي مقابلي ۾ مسلسل جهاد هو. span>(ش(شهيد
ڪربلا: ص 6)
مولوي عبدالرب حنفي جي لکت
مولوي صاحب موصوف به يزيد جي اهائي بيحيائي لکي آهي، جيڪا عام تاريخن ۾ لکيل آهي.
لکي ٿو ته ”جيڪو لڪڻ يزيد جي هٿ ۾ هو، اهو حضرت حسين جي پاڪ چپن تي هڻي چئي رهيو هو
ته اي حسين! هن منهن سان تون چوندو هئين ته اسين يزيد جي بيعت نه ڪنداسين. span>
(م(مرج البحرين: ص 359)
علامہ ڊاڪٽر حميد الدين صاحب جو قول
موجوده دور جو مشهور مؤرخ جناب ڊاڪٽر حميد الدين لکيو آهي: ”يزيد جي بيعت غير شرعي
بيعت هئي. ماڻهو ڪربلا جي واقعي کان پوءِ يزيد کي ناپسند ڪندا هئا. ڪربلا جي واقعي
کان پوءِ مدينة الرسول (ﷺ) کي ويران ڪرڻ يزيد جو ٻيو ڪارو ڪارنامو هيو ۽ (مڪه مڪرمه
۾) حرم تي پٿر وسرائڻ يزيد جو ٽيون ڪارو ڪارنامو هيو.span>
&n (تاريخ اسلام: ص 243- 253)
پروفيسر سيد عبدالقادر ۽ پروفيسر محمد شجاع الدين جو قول
موجوده دور جي تاريخدان پروفيسر سيد عبدالقادر سابق وائيس پرنسپل وصدر شعبه تاريخ
اسلاميه ڪاليج لاهور ۽ پروفيسر محمد شجاع الدين استاد علم تاريخ ديال سنگهه ڪاليج
لاهور لکن ٿا: ”اسلام جي تاريخ ۾ سڀني کان زياده بدنام يزيد جي شخصيت آهي، جنهن کي
هر شخص نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. (حضرت) حنظلہ جي پٽ جو قول آهي ته: يزيد ساڍا ٽي
سال حڪومت ڪئي ۽ ان حڪومت جي پهرئين سال ۾ (حضرت) حسين بن علي کي شهيد ڪرايو. ٻئي
سال ۾ مدينه منوره کي لٽايو ۽ ٽئين سال ۾ ڪعبه تي حملو ڪرايو. الغرض ته يزيد فاسق ۽
فاجر حڪمران هيو، ان جي ڪري سڀ مسلمان (غالبًا) ان کي اسلام جو عيب سمجهي نفرت جي
نظر سان ڏسندا آهن. span>
(ت(تاريخ اسلام: ج 2 ص6)
مولوي خرم علي حنفي صاحب جو بيان
مذڪور عالم لکيو آهي ته ”قريش جي قوم مان ٻه ٽي نوجوان بي رحم ۽ بي عقل حاڪم ٿيندا.
مسلمانن جي بي عزتي ۽ خونريزي ڪندا جيئن يزيد پليد ۽ مروان جو اڪثر اولاد“. span>
(م(مشارق الانوار: ص 284)
قاضي سليمان منصورپوري جو بيان
مذڪور قاضي صاحب لکيو آهي ته ”مڪي مڪرمه جي فتح واريspan>
ڏينهن شيبہ بن عثمان بن طلحة کي نبي پاڪ
q
جن بيت الله جي ڪنجي
ڏئي فرمايو ته ”
لَا يَنْزِعُهَا يَا بَنِيْ اَبِيْ طَلْحَةَ مِنْکُمْ اِلَّا ظَالِمٌ
“ اي ابوطلحة جا
ٻچا! اوهان کان هيءَ چاٻي هڪ ظالم کان سواءِ ٻيو ڪير نه کسيندو“ ۽ اها چاٻي انهن
کان يزيد پليد کسي هئي.
(ر(رحمة اللعالمين: ج 3 ص 200)
علامه وحيد الزمان صاحب جو بيان
”span>
اِنّمَا لَعَنّٰهٗ لاَنَّهٗ لعن امامنا احمد بن حنبل وکذالک رويٰ ابن جوزي من
اصحابنا من السلف جواز اللعن عليه ومنع الغزالي عنه تحکم وهو لم يلتفت اليٰ قوله
تعاليٰ İإِنَّ الَّذِينَ يُــؤْذُونَ اللهَ وَرَسُوْلَهٗ لَعَنَهُمُ اللهُ
فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا مُّهِيْنًاĬ
(سورة الاحزاب: آيت 57)
و اي ايذاء اعظم من قتل آله واقاربه
ﷺ
وهتک حرمته وقتل اهل المدينة“
(حاشية هدية المهدي: ص98)
يعني اسان ان (يزيد) تي ان جي ڪري لعنت ڪئي جو ان تي اسان جي اڳواڻ احمد بن حنبل به
لعنت ڪئي آهي ۽ اهڙي طرح اسان جي اڳواڻن سلف صالحن مان ان تي لعنت ڪرڻ کي ابن جوزي
نقل ڪيو آهي ۽ امام غزالي جو ان تي لعنت کان روڪڻ هروڀرو حڪم آهي ۽ ان الله تعالى
جي هن آيت ڏانهن شايد ذهن نه ويو، جنهن ۾ آهي ته: ”بيشڪ جيڪي الله ۽ ان جي رسول کي
ايذائن ٿا الله انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب
تيار ڪيو آهي“ ۽ حضور ﷺ جي اولاد ۽ قريبن کي
قتل ڪرڻ ۽ سندن اهلبيت جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ اهل مدينه کي قتل ڪرڻ کان وڌيڪ کين
ايذائڻ ڪهڙو آهي؟
وحيد الزمان صاحب ٻيءَ جاءِ تي لکيو آهي ته: ”وخرج
امامنا الحسين بن عليّ عليٰ يـزيد لعنه الله لانه ما دخل في بيعته وکذا اکثر اهل
المدينة والذين دخلوا في بيعته هم ايضًا نکثوا بيعته لما راوا من فسقه وفجوره
والحاده کتحليل الخمر والزنا وغير ذالک فهو عليه السلام بذل نفسه لاعلاء کلمة الله
واقامة الشرع المتين وصار سيد الشهداء والصديقين ومن انکر شهادة الحسين وظنه باغيا
فقد اخطٲ خطٲ فاحشا“
(هدية المهدي: ص 98)
يعني حضرت حسين يزيد (عليه لعنة الله) جي خلاف اٿيو، ڇو ته اڪثر مدينه منوره وارا ۽
اهڙي طرح اهي ٻيا به جيڪي ان جي بيعت ۾ داخل ٿيا هئا، جڏهن ان جو فسق ۽ فجور ۽
الحاد ڏٺو هيائون، سڀني ان جي بيعت ٽوڙي هئي. مثلاً شراب کي حلال سمجهڻ، زنا ڪرڻ ۽
اهڙي طرح ان کان سواءِ ٻيون ڳالهيون ڏسڻ پوءِ ان وقت حضرت امام حسين پنهنجي پاڻ کي
الله جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ ۽ شريعت مطهره کي قائم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ حقدار سمجهيو ۽
پاڻ سيد الشهداءِ ۽ سيد الصديقين بنجي ويو ۽ جيڪو حضرت امام حسين کي شهيد نه سمجهي
۽ ان کي باغي قرار ڏي، ان وڏي کليل غلطي ڪئي.
پڻ لکيو اٿس: ”ابن
زياد و يـزيد لعنهما الله“
(ح(حاشيہ هدية المهدي: ج 1 ص 99)
جنن جو نظريو
شهادت حسين جي موضوع تي لکندڙن گهڻن مشهور مؤرخن لکيو آهي ته حضرت حسين رضي الله جي
شهادت کان پوءِ هي شعر ٻڌا ويا هئا:span>
ٲَيُّهَا الْقَاتِلُوْنَ ظُلْمًا حُسَيْنًا
اُبْشُرُوا بِالْعَذَابِ وَالتَّنْکِيْلِ
کُلُّ ٲَهْلِ السَّمَآءِ يَدْعُوْ عَلَيْکُمْ
مِنْ نَّبِيٍّ وَّ مَلَکٍ وَّ قَبِيْلِ
لَقَدْ لُعِنْتُمْ عَليٰ لِسَانِ دَاوٗدَ
وَ مُوْسيٰ وَ حَامِلِ الْاِنْجِيْلِ
يعيعني حضرت حسين کي ظلم سان شهيد ڪرڻ وارؤ! آخرت جي عذا ب ۽ دنيا جي ذلت تي خوش
ٿيو. سڀ آسمان وارا نبي هجن يا ملائڪ اهي سمورا اوهان جي لاءِ بد دعا ڪن ٿا. اوهان
(حضرت) داؤد ۽ (حضرت) موسى ۽ (حضرت عيسى ) انجيل جي حامل جي زبان تي لعنت ڪيا ويا
آهيو.
ابن سعد يزيديءَ جو اعتراف
جڏهن يزيد طرفان ابن سعد کي (جيڪو ان وقت ”ري“ نالي سان شهر جو امير هو) چيو ويو ته
حضرت امام حسين رضي الله سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ وڃ ۽ حڪم نه مڃڻ جي صورت ۾ توکي ”ري“
جي حڪومت تان هٽايو ويندو. ان حڪم ملڻ تي ابن سعد هي شعر چيا:span>
ٲَ ٲَتْرُکُ مُلْکَ الرَّيِّ وَالرَّيُّ رَغْبَةٌ
ٲَمْ ٲَرْجِعْ مَذْمُوْمًا بِقَتْلِ حُسَيْنِ
وَفِيْ قَتْلِهِ النَّارُ الَّتِيْ لَيْسَ دُوْنَهَا
حِجَابٌ وَّ مُلْکُ الرَّيِّ قُرَّةُ عَيْنِيْ
(تاريخ ابن خلدون اردو: ج2 ص96- الکامل في التاريخ: ج2 ص 167)
مطمطلب ته:مان ري جي حڪومت ڇڏيان حالانڪه اها منهنجي اک جو ٺار آهي يا مان امام حسين
کي شهيد ڪيان ۽ ان جي ڪري مان ڦٽڪار ڪيو وڃان. امام حسين جو شهيد ڪرڻ اهڙي باهه
آهي، جنهن جي اڳيان ڪا رڪاوٽ ناهي.
حضرت حُرُّ شهيد جو بيان
اهل بيت جي ادب ۾ شهادت حاصل ڪندڙ حضرت حُرُ بن يزيد رياحي رحمة الله کان سندس
ننڍي ڀاءُ مصعب بن يزيد رياحيءَ جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ سندس پريشاني ۽ منهن جي زرد
هجڻ جو وجهه پڇيو ته حضرت حر فرمايو: اي ڀاءُ! هيءَ مصطفى ﷺ جي ڏوهٽي سان جنگ
پنهنجي عاقبت سان جنگ آهي مان جنت ۽ دوزخ جي وچ تي بيٺو آهيان. دنيا پوري قوت سان
مون کي جهنم ڏانهن گهلي رهي آهي ۽ منهنجي دل ان جي هيبت کان ڏڪي رهي آهي.span>
(سوانح ڪربلا: ص 90)
انان کان پوءِ قسمت سندس مدد ڪئي ۽ گهوڙي کي اڙي هڻي ڀڄائي حضرت حسين رضي الله جي
خدمت ۾ پهتو ۽ کانئس بعد سندس ڀاءُ مصعب بن يزيد رياحي به يزيد جي لشڪر کي ڇڏي
اهلبيت جي خادمن ۾ شريڪ ٿيو.
رومي قاصد جي خيال جو اظهار
وڏن عالمن ۽ تاريخدانن لکيو آهي ته رومي قاصد ڪنهن ضروري ڪم سان يزيد وٽ آيو ۽ ان
اتي يزيد جي دربار ۾ رکيل هڪ سر مبارڪ ڏٺو ته پڇيائين ته اي يزيد! هيءُ ڪنهن جو سر
آهي؟ يزيد چيو ته هيءُ حسين بن علي جو سر آهي. قاصد چيو ته : ڪهڙو حسين بن علي؟
يزيد چيو ته ”فاطمه جو فرزند حسين“ قاصد پڇيو ته ڪير فاطمه؟ يزيد چيو ته ”حضرت
محمد ﷺ جي ڌيءُ“ قاصد عجب ۾ پوندي پڇيو ته محمد ﷺ اوهان جي نبي جي ڌيءُ؟ يزيد چيو
ته هائو! اهو محمد ﷺ- قاصد وري پڇيو ته ان حسين جي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ يزيد چيو
ته علي. قاصد پڇيو ته علي ڪير هو؟ يزيد چيو ته محمد ﷺ جو سئوٽ هو ته قاصد چيو:span>
”
تَبًّا لَّکُمْ وَلِدِيْنِکُمْ مَا ٲَنْتُمْ وَ حَقِّ الْمَسِيْحِ عَليٰ شَيْءٍ
اِنَّ عِنْدَنَا فِيْ بَعْضِ الْجَزَائِرِ دِيْرٌ فِيْهِ حَافِرُ حِمَارٍ رَکِبَهٗ
عِيسَي السَّيِّدُ الْمَسِيْحُ وَنَحْنُ نَحُجُّ اِلَيْهِ فِيْ کُلِّ عَامٍ مِنَ
الْاَقْطَارِ وَنُنْذِرُ لَهٗ النُّذُوْرَ وَنُعَظِّمُهٗ کَمَا تُعَظِّمُوْنَ
کَعْبَتَکُمْ فَٲَشْهَدُ ٲَنَّکُمْ عَليٰ بَاطِلٍ ثُمَّ قَامَ وَلَمْ يَعُدْ
“
(الصواعق المحرقة: ص
199- تذڪرة الخواص: ص 263- اسعاف الراغبين بر حاشيہ نورالابصار: ص208)
يعيعني اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي اهڙي دين جي لاءِ هلاڪت آهي (اوهان ڪهڙا مسلمان
آهيو؟ مان اوهان کي اسان وٽ حضرت عيسى جو مقام ٻڌايان) بعض ٻيٽن ۾ اسان جي هڪ مڙهي
آهي، جتي حضرت عيسى جي سواري واري گڏهه جي پير جو کر آهي ۽ اسين پري پري کان ان جي
ارادي (زيارت جي خيال) سان ويندا آهيون ۽ اسين اتي نذر باسيندا آهيون ۽ ان جاءِ جي
اهڙي تعظيم ڪندا آهيون، جيئن اوهان پنهنجي ڪعبه جي تعظيم ڪندا آهيو. (اي يزيد!)
شاهد رهه ته اوهان باطل تي آهيو ان کان پوءِ اتاهين اٿي ويو ۽ موٽي نه آيو
خود يزيد جو گناهه کي مڃڻ وارو قول
علامه ابن الجوزي جي ڏوهٽي علامہ يوسف لکيو آهي ته ”span>ومما
يدل عليٰ کفره و زندقته فضلا عن سبه ولعنته اشعاره التي افصح بها الالحاد وابان عن
خبث الغمائر وسوء الاعتقاد
“
(تذڪرة الخواص: ص 260)
يعني ان جي ڪفر ۽ اندر واري بي ديني تي دلالت ڪرڻ واريون باقي شيون، جن سان ان کي
برو چيو ٿو وڃي ۽ ان تي لعنت ڪئي ٿي وڃي ان جا اهي چيل شعر آهن، جن ۾ ان پنهنجو بي
دين هجڻ ۽ پنهنجي اندروني خباثت ۽ پنهنجي بداعتقادي بيان ڪئي آهي. ( اهي شعر اڳ ۾
مختلف مقامن تي لکي آيا آهيون ۽ ڪيترا ان جا شعر مذڪور ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهن.
مؤرخ طبري اهڙين حالتن کي ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”هٰذا
هُوَ العروق من الدين وقول لا يرجع الي الله ولا الي دينه ولا الي کتابه ولا الي
رسوله ولا يــؤمن بالله ولا لما جاءَ من عندالله“
(تاريخ طبري: ج11 ص 358)
يعيعني هيءَ دين کان نڪرڻ آهي ۽ اهڙي ڳالهه آهي، جيڪا الله تعالى ۽ رسول ﷺ ۽ قرآن
مجيد ۽ الله جي دين جي مطابق ناهي (اهڙا شعر چوڻ وارو شخص) نه الله تعالى تي ايمان
ٿو رکي ۽ نه الله تعالى جي طرفان آيل وحي تي.
تھا خود بھی ان کو اپنی جفاؤں کا اعتراف
علامه مقبلي جو يزيد جي لاءِ فيصلو
علامه صالح بن مهدي مقبلي کوکهاني (جنهن جي مجتهد هجڻ جي قاضي شوڪاني پنهنجي ڪتاب
”البدرالطالع“ ۾ صراحت span>
ڪئي آهي) لکيو آهي ته: ”واعجب
من ذالک من يحسن ليزيد المريد الذي فعل بخيار الامة ما فعل وهتک مدينة الرسول صلي
الله عليه وآله وسلم وقتل الحسين السبط واهل بيته وهتکهم وفعل ما لو استمکن من مثل
فعله عدوهم من النصاريٰ لکان ارفق بهم“
(العلم الشامخ في تفضيل الحق علي الآباء والمشائخ: ص 368 طبع مصر سنه 1328هه)
يعني وڌيڪ عجب ان شخص تي آهي جيڪو يزيد سرڪش کي جنهن امت جي ڀلن ٻانهن سان اهو ڪم
ڪيو، جيڪو ڪيو ۽ رسول الله ﷺ جي شهر (مبارڪ
مدينه منوره) جي توهين (بي ادبي) ڪئي ۽ (حضرت) ح حسين ڏوهٽي کي ۽ اهلبيت کي
شهيد ڪيو ۽ اهو ڪم ڪيائين، جو جيڪڏهن اهڙي ڪم ڪرڻ تي انهن (اهل بيتن) جو نصارن مان
ڪو دشمن طاقت لهي ها، ته اهو هنن سان انهن کان وڌيڪ نرم هجي ها.
علامه محمد قاسم نانوتوي جو قول
دارالعلوم ديوبند جي باني علامہ محمد قاسم نانوتوي صاحب span>
لکيو آهي ته ”از
رؤسائے نواصب است“
يعني يزيد ناصبين جي اڳواڻن مان هو.
وضاحت:
سمجهڻ گهرجي ته ناصبي بدعقيده گمراهه عقيدي ۽ عمل ٻنهي جي لحاظ سان خراب آهن، انهن
جو بنيادي عقيدو سيدنا علي ۽ حضرات حسنين ڪريمين
U
سان عداوت آهي.
حضرت شمس الدين ذهبي رحمة الله جو فرمان-2
مشهور محدث ۽ مؤرخ علامہ ذهبي لکيو آهي ته ”span>يـزيد
بن معاوية کان ناصبيا فضا غليظا جلفا يتناول المسکر ويفعل المنکر افتتح دولته بقتل
الحسين واختتمها بوقعة الحرة فمقته الناس ولم يبارک في عمره وخرج عليه غير واحد بعد
الحسين رضي الله عنه کاهل المدينة لله“
(الروض الباسم في الذب عن حسنة ابي القاسم: ج2 ص 36 طبع منيريہ مصر)
يعنيعني يزيد بن معاويه ناصبي هو. پٿر دل، بدزبان، غليظ، گندو جفاڪار شرابي ۽ برايون
ڪندڙ هو. ان پنهنجي حڪومت جي ابتدا (حضرت) حسين کي شهيد ڪرڻ سان ڪئي هئي ۽ ان جي
پڄاڻي حره واري واقعي سان ڪئي هيائين. ان جي ڪري ماڻهو لله في الله ان سان ڪاوڙيا ۽
ان جي عمر ۾ برڪت نه پئي ۽ حضرت حسين جي شهيد ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو ان جي خلاف اٿيا.
ابن تيميہ جو قول- 1
(عرب دنيا جي معروف مشهور علامہ جنهن کي شيخ الاسلام pan>
سڏيو ويندو آهي) علامہ ابن تيميہ لکيو آهي ته ”و
اما ترک محبته فلان المحبة الخاصة انما تکون للنبيين والصديقين والشهداء والصالحين
وليس واحدا منهم وقد قال النبي
ﷺ
”المَرءُ
مَعَ مَن احبَّ“
ومن آمن بالله واليوم الآخر لا يختار ان يکون مع يـزيد ولامع امثاله من الملوک
الذين ليسوا بعادلين
“
(مجموعہ فتاوي ابن تيميہ: ج4 ص484)
يعني يزيد سان محبت نه رکڻ جو وجهه هي آهي جو خاص محبت نبين (-)
۽ صديقين ۽ شهيدن ۽ صالحين سان هوندي آهي ۽ (يزيد) انهن مان ڪوبه ناهي (نه نبي آهي
نه صديق آهي نه شهيد آهي ۽ نه صالح آهي) ۽ رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته (قيامت ڏينهن)
”ماڻهو ان سان گڏ هوندو جنهن سان محبت رکي هوندائين“ ۽ جنهن جو الله ۽ قيامت جي
ڏينهن تي ايمان آهي، اهو يزيد ۽ ان جهڙن حاڪمن سان جيڪي عادل ناهن گڏ رهڻ پسند نه
ڪندو.
مٿئين عبارت مان ظاهر ٿيو ته سچو ۽ پڪو مسلمان يزيد سان محبت نه رکندو. يزيد جي
يارن کي ان سان گڏ رهڻ مبارڪ هجي.آل رسول ﷺ جا پروانا ڪنهن به قيمت ۾ يزيد بي ديد
عنيد ۽ پليد سان نه گڏ رهڻ پسند ڪندا نه ان سان محبت رکندا.
فائدو:
قرآن ڪريم جي آيتن ۽ نبوي حديثن (على قائلها الصلوات والسلام) کي صاف دل ٿي مطالعو
ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رافضي خارجي ۽ ناصبي ٽولا حق ۽ هدايت واري واٽ تي ناهن.
محبوب ڪريم ﷺ جن اصحابن سڳورن
U
کي هدايت جا ستارا سڏيو آهي سندن
ارشاد پاڪ آهي ته ”أَصْحَابِيْ
كَالنُّجُوْمِ فَبِأَيِّهِمُ اقْتَدَيْتُمُ اهْتَدَيْتُمْ“
(رواه
رزين- مشڪواة: باب مناقب الصحابة الفصل الثالث ص 554)
منهنجا اصحابي ستارن وانگر آهن انهن مان جنهن جي به اقتداء ڪندؤ ته هدايت وارا
ٿيندؤ ۽ اهل
بيت اطهار جي لاءِ سندن ارشاد آهي: ”إنّ
مَثَلَ أهْلِ بَيْتِيْ فِيْكُمْ مَثَلُ سَفِيْنَةِ نُوْحٍ مَنْ رَّكِبَهَا نَجَا
وَمَنْ تَخَلَّفَ عَنْهَا هَلَكَ“
(رواه احمد- مشڪواة: باب
مناقب اهل بيت النبي ﷺ الفصل الثالث ص573)
خبردار! بيشڪ اوهان ۾ منهنجي اهلبيت جو مثال (حضرت) نوح (على نبينا وq)
جي ٻيڙي وارو آهي، جيڪو ان ۾ سوار ٿيو، اهو ڇوٽڪاري وارو ٿيو ۽ جيڪو ان کان پوئتي
هٽيو هلاڪ ٿي ويو.
مطلب ته صحابن کي نه مڃڻ وارا انڌيري ۾ آهن، حق جي واٽ ڪونه ڏسي سگهندا جيئن رافضي
رليل سدائين سوجهري کان پري ۽ جيڪي اهلبيت جي محبت کان خالي آهن، انهن کي آل رسول ﷺ
جي محبت واري ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿيڻ نصيب ناهي. جيئن خوار ٿيل خارجي ۽ ناصبي ته اهي به
گمراهيءَ جي ڪنن ۾ ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن. اهي اهل بيت پاڪ جا ايترا کليل دشمن آهن،
جو بيحيا انهن کي ڪافر ٿا چون ۽ ان ذهن رکڻ جي ڪري اهي پاڻ ڪافر آهن. پر الحمدلله
ثم الحمدلله اهل السنة والجماعة وارا مالڪ مٺي جي مهرباني ۽ ننگدار نبي پاڪ ﷺ جي
نظر عنايت سان اصحابن ۽ اهلبيتن سان شرعي حدود ۾ رهندي سچي سڪ ۽ محبت رکڻ جي ڪري
انڌيرن ۽ گمراهيءَ جي ڪُنن ۾ ڪرڻ کان محفوظ ۽ مامون آهن ان جي ڪري قرآن ڪريم جي
مفسر علامہ
فخرالدين رازي لکيو آهي ته ”
نحن معاشر اهل السنة بحمد لله رکبنا سفينة محبة اهل البيت واهتدينا بنجم هدي اصحاب
النبيﷺ
فنرجوا النجاة من اهوال القيامة ودرکات الجحيم والهداية اليٰ ما يوجب درجات الجنان
والنعيم المقيم“
(مرقاة بحواله تفسير ڪبير: ص 7 ج7)
يعني اسان اهل السنة والجماعة وارن الله جي حمد سان اهل بيت جي محبت واري ٻيڙيءَ ۾
سوار ٿي، هدايت جي ستارن اصحابن
U
جي رهنمائي ۾ هدايت حاصل ڪئي آهي. اسين قيامت جي سختين ۽ جهنم جي طبقن ۾ (پوڻ) واري
عذاب کان نجات ۽ جنتن جي درجات ۽ هميشه وارين نعمتن کي حاصل ڪرڻ جي اميد رکون ٿا.
مسلڪ حق اهل السنة والجماعة جي بزرگ ۽ وڏي محقق علامہ شاهه احمد رضا خان بريلوي
:به به
تڏهن فرمايو آهي:
اہل سنت کا ہے بیڑا پار اصحاب رسول
نجم ہیں اور ناؤ ہے عترت رسول اللہ کی
علامه اعزاز علي صاحب ديوبندي جو قول
صاحب موصوف فقيه ۽ اديب هجڻ ۾ مشهور آهي ان لکيو آهي ته حره مشهور واقعو آهي، جنهن
۾ مدينه منوره وارن کي هلاڪ ڪيو ويو ان ۾ اصحابن ۽ تابعين pan>
(
جي وڏي جماعت شهيد ڪئي وئي، جن ۾ غسيل الملائکة حضرت حنظلہ رضي الله جو فرزند حضرت
عبدالله به شهيد ڪيو ويو. حضرت عبدالله بن حنطلة بن ابي عامر الراهب الانصاري هن به
حضور ﷺ جو ديدار ڪيو هو ۽ حضرت حنظله احد جي جنگ ۾ شهيد ٿيو
هو. کيس ملائڪن غسل ڏنو هو. ان جي ڪري ان کي
”غسيل الملائڪة“ (ملائڪن جو غسل ڏياريل سڏيندا هئا) حضرت عبدالله جي والده
جميلہ بنت عبدالله هئي. حره واري واقعي وقت ٽي ڏينهن مسجد نبوي (عليٰ بانيها
الصلواة والسلام) ۾ نه بانگ ڏني وئي ۽ نه جماعت قائم ڪئي وئي. انهن ڏينهن ۾ حضرت
جابر بن عبدالله رضي الله جيڪو نابينا ٿي ويو هو، مدينه منوره جي گهٽيءَ ۾ هلندي
شهيدن پاڪن جي جسمن ۾ وچڙي ڪري ٿي پيو ۽ چئي رهيو هو ته ”جنهن رسول الله ﷺ کي خوف
ڏياريو اهو تباهه ٿي ويو“ اهو ٻڌي ان کي يزيد جي لشڪرين مان هڪڙي چيو ته ”رسول الله
ﷺ کي ڪنهن خوف ڏياريو آهي ؟ حضرت جابر فرمايو ته
مون رسول الله ﷺ کان ٻڌو پاڻ فرمايائون ته ”مَنْ
أَخَافَ أَهْلَ المَدِينَةِ فَقَدْ أَخَافَ مَا بَيْنَ جَنْبَيَّ“
(جنهن مدينه وارن کي خوف ۾ رکيو ان منهنجي
ٻن پاسن جي وچ واريءَ (دل) کي خوف ۾ رکيو) اهو ٻڌي يزيدي لشڪر وارن مان هڪ ٽولو ان
کي شهيد ڪرڻ جي لاءِ اٿيو ته مروان پنهنجي
پناهه ڏئي کيس بچائي ورتو ۽ کيس پنهنجي گهر ۾ اندر اماڻي ڇڏيو.
سهيليءَ چيو آهي ته : ان ڏينهن مهاجرن ۽ انصارن مان سترهن سئو 1700 شهيد ڪيا ويا ۽
عام گڏيل ماڻهن مان عورتن ۽ ننڍن ٻارن کان سواءِ ڏهه هزار 10000 ماڻهو شهيد ڪيا
ويا. روايت آهي ته انصارن مان هڪ عورت پنهنجي ٻچي کي کير پياري رهي هئي ته ان جي
مٿان هڪ يزيدي سپاهي آيو ۽ ان ٻار کي ان کان کسي چيو ته” تو وٽ جيڪو سون آهي، اهو
مون کي ڏي نه ته توکي قتل ڪندس، پر تنهنجي هن ٻار کي به قتل ڪندس“ اهو ٻڌي ان عورت
ان سپاهيءَ کي چيو ته ڇا تون ان کي قتل ڪندين، جنهن جو پيءُ حضرت رسول الله ﷺ جو
صحابي ابوڪبشہ آهي؟ ۽ مان انهن عورتن مان آهيان، جن حضور ﷺ جي بيعت ڪئي هئي. اهو
ٻڌي ان سپاهيءَ کي شرم ته نه آيو، پر کير پيئندڙ ٻار کي ماءُ جي هنج مان ڪڍي اهڙي
زور سان ڀِتِ تي هنيو، جو ان جو مٿو ذريون ذريون ٿي زمين تي ڪريو ۽ ان يزيديءَ تي
فورًا الله
p
جو اهڙو قهر ڪڙڪيو، جو جيئن اهو گهر مان ٻاهر نڪتو ته سندس منهن جو اڌ ڪارو ٿي ويو
۽ ماڻهن جي لاءِ مثال بنجي ويو.
سهيليءَ لکيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته هيءَ عورت ان ٻار جي ڏاڏي هئي، ماءُ نه هئي.
ڇو ته عادتًا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ان عورت حضور پاڪ ﷺ جي بيعت ڪئي هجي ۽ حره واري
ڏينهن ان عمر ۾ هجي جو ننڍو ٻار ڄڻي ان کي کير پياريندي هجي. حره جو هي واقعو نبوت
جي انهن نشانين (معجزن) مان آهي، جنهن جي حضور ﷺ اڳ ۾ ئي خبر
ڏني هئي. پاڻ حره جي سرزمين تي بيهي فرمايو هيائون ”لَيُقْتَلُنَّ
بِهٰذَا الْمَکَانِ رِجَالٌ هُمْ خِيَارُ اُمَّتِيْ بَعْدَ اَصْحَابِيْ“
(نفحة العرب: ص 90-91 مطبوعه قرآن
محل ڪراچي)
يعني هن جاءِ تي (اهي) مرد شهيد ڪيا ويندا، جيڪي منهنجن اصحابن کان پوءِ منهنجي
امت ۾ ڀلا هوندا.
الله
p
۽ ان جي محبوب
q
کي مڃڻ وارا مؤمنو! يزيد جي حڪم تي هلندڙ لشڪر جي ظلم جا هي داستان پڙهو. ڇا پوءِ
به اوهان ان بدترين ظالم سان محبت رکڻ جي لاءِ سوچي سگهو ٿا. نه هرگز نه.
مؤرخ دينوري جو بيان
يزيدين طرفان محبوب ﷺ جي سنت جي بي ادبي: pan>
مذڪور مؤرخ
لکيو آهي ته: ”ذَکَرَ
أَبُوْهَارُوْنُ قُلْتُ يَا أَبَا سَعِيْدٍ مَا حَالُ لِحْيَتِكَ فَقَالَ: هٰذَا
فِعْلُ ظَلَمَةِ أَهْلِ الشَّامِ يَوْمَ الْحَرَّةِ دَخَلُوْا عَلىٰ بَيْتِيْ
فَانْتَهَبُوْا مَا فِيْهِ حَتّٰى أَخَذُوْا قَدْ حِيَ الَّذِيْ كُنْتُ أَشْرَبُ
فِيْهِ الْمَاءَ ثُمَّ خَرَجُوْا وَدَخَلَ عَلَيَّ بَعْدَهُمْ عَشَرَةُ نَفَرٍ
وَأَنَا قَائِمٌ أُصَلِّيْ فَطَلَبُوا الْبَيْتَ فَلَمْ يَجِدُوْا فِيْهِ شَيْئًا
فَأَسَفُوْا لِذَالِكَ فَاحْتَمَلُوْنِيْ مِنْ مُصَلَّايَ وَضَرَبُوْا بِيَ
الْأَرْضَ وَأَقْبَلَ كُلُّ رَجُلٍ مِّنْهُمْ عَلىٰ مَا يَلِيْهِ مِنْ لِحْيَتِيْ“
(الاخبار الطوال: ص 269)
ابو هارون نالي شخص جو بيان آهي ته : مان (حضرت) ابوسعيد (خدري اصحابي رضي الله)
وٽ ويس ته ان جي ڏاڙهي مبارڪ پٽيل هئي. مون ان کان پڇيو ته: اوهان جي ڏاڙهيءَ جو هي
حال ڇو ٿيو آهي؟ ان ٻڌايو ته حره واري ڏينهن شام جي ملڪ مان آيل ظالمن جو اهو ڪم
آهي. منهنجي گهر ۾ گهڙي آيا، جيڪو به ان ۾ هو ڦرلٽ ڪري کڻي ويا، تانجو منهنجي پاڻي
پيئڻ وارو پيالو به کڻي ويا. اهي نڪتا ته وري ڏهه ڄڻا ٻيا آيا ۽ مان بيٺي نماز
پڙهي. سڄي گهر ۾ تلاشي ورتائون جڏهن ڪابه شيءِ نه لڌائون ته افسوس ڪندي مون نماز
پڙهندڙ کي مٿي کڻي زور سان زمين تي سٽي ۽ جيڪو جنهن پاسي بيٺو هو ان اتاهين منهنجي
ڏاڙهي پٽڻ شروع ڪئي.
ساڳي ڳالهه علامہ ابن حجر هيتمي به لکي آهي.
(تطهير الجنان: ص 60)
قارئين ڪرام! مذڪوره ڳالهين کي مختلف حوالن سان لکڻ جو مقصد اوهان جي ذهن ۾ اها
ڳالهه ويهارڻ آهي ته انهن سڀني بيان ڪندڙن عالمن جي لکت ڏسو. الله
p
جو خوف رکي محبوب
q
تي پڪو ايمان ڪامل ايمان رکندي فيصلو ڏيو ته اهڙو ظالم، جابر، عنيد، پليد، بدعقيدي،
ڪبيرن گناهن جي مٿان جرئت ڪندڙ شخص، جنهن جي
لشڪرين به سندس هدايتن تي ايڏا قهر ڪيا، عام شريف ماڻهو چورائڻ جو جو حقدار
آهي؟ نه ڪڏهن به نه ته پوءِ ان کي امير المؤمنين چوڻ ان کي مڪرم ۽ معظم بنائڻ انهن
لقبن جي توهين ۽ نالائقي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
ناپاک اور نجس تھی طبیعت یزید کی
گستاخ بے ادب تھی جبلّت یزید کی
جڳ مشهور بزرگ علامہ ابن سعد جو بيان
مذڪور معروف علامہ صاحب لکيو آهي ته: حضرت امام جعفر صادق (پنهنجي والد) حضرت امام
محمد باقر کان روايت آندي pan>
آهي ته: ”
ان علي ابن الحسين کان يمشي الي الجمار وکان له منزل بمنيٰ وکان اهل الشام يــؤذونه
فتحول الي قرين الثعالب او قريب من قرين الثعالب وکان يرکب فاذا اتي منزله مشيٰ الي
الجمار“
(طبقات ابن سعد: ج5 ص 219- مطبوعہ بيروت)
يعني حضرت علي بن الحسين (منى جي ميدان ۾) جمرن کي پٿريون هڻڻ جي لاءِ پنڌ ڪري
ويندو هو. منى ۾ سندس هڪ گهر به هوندو هو. ته شام وارا (يزيد جا ساٿي) کيس
ايذائيندا هئا پوءِ پاڻ اتاهين قرين الثعالب جاءِ يا ان جي ويجهو اچي سوار ٿي
پنهنجي جاءِ تي ايندا هئا پوءِ اتاهين پنڌ ڪري جمرن ڏانهن ايندا هئا ( ۽ انهن کي
پٿريون هڻندا هئا).
هن بيان مان به واضح ٿيو ته يزيد جا ساٿي سهڻي نبي ﷺ جي ٻچن سان ذاتي وير رکندا
هئا. ۽ انهن جي ايذاءَ ڏيڻ سان خوش ٿيندا هئا ۽
منهنجي خيال ۾ اچي ٿو ته انهن کي اهي سڀ
هدايتون يزيد جون ڏنل هيون.
ساڳئي علامہ ابن سعد رحمة الله منهال بن عمرو جي روايت آندي آهي ته:
”
دخلت على علي بن حسين فقلت كيف أصبحت أصلحك الله فقال ما كنت أرى شيخا من أهل المصر
مثلك لا يدري كيف أصبحنا فأما إذ لم تدر أو تعلم فسأخبرك أصبحنا في قومنا بمنزلة
بني إسرائيل في آل فرعون إذ كانوا يذبحون أبناءهم ويستحيون نساءهم وأصبح شيخنا
وسيدنا يتقرب إلى عدونا بشتمه أو سبه على المنابر وأصبحت قريش تعد أن لها الفضل على
العرب لأن محمدا
ﷺ
منها لا يعد لها فضل إلا به وأصبحت العرب مقرة لهم بذلك وأصبحت العرب تعد أن لها
الفضل على العجم لأن محمدا
ﷺ
منها لا يعد لها فضل إلا به وأصبحت العجم مقرة لهم بذلك فلئن كانت العرب صدقت أن
لها الفضل على العجم وصدقت قريش أن لها الفضل على العرب لأن محمدا
ﷺ
منهم إن لنا أهل البيت الفضل على قريش لأن محمدا
ﷺ
منا فأصبحوا يأخذون بحقنا ولا يعرفون لنا حقا فهكذا أصبحنا إذ لم تعلم كيف أصبحنا
قال فظننت أنه أراد أن يسمع من في البيت.“
(طبقات ابن سعد: ج5 ص 219-220- مطبوعہ بيروت- تهذيب الڪمال مع حواشيہ ليوسف: ج20
ص399- )
راوي چوي ٿو ته مان (حضرت) علي بن الحسين (امام زين العابدين) وٽ ويس. کيس عرض ڪيم
ته: الله تعالى اوهان کي خيريت سان رکي اوهان صبح جو وقت ڪهڙي حال ۾ گذاريو؟ پاڻ
فرمايائون ته ”مون نه ٿي سمجهيو ته شهر ۾ تو جهڙو ماڻهو به هي نه ٿو ڄاڻي ته اسان
ڪهڙي حال ۾ صبح ڪئي آهي؟ ۽ جڏهن تون اها ڄاڻ نه ٿو رکين ته مان توکي ٻڌايان ٿو ته
اسان پنهنجي قوم ۾ صبح جو وقت اهڙي نموني گذاريو آهي جيئن بني اسرائيل (حضرت موسى
على نبينا و
q
جي قوم) جو فرعونين ۾ گذرندو هو، جو انهن جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ انهن جي عورتن کي
جيئرو ڇڏيندا هئا.ا سان جي وڏي (حضرت علي
a)
کي ماڻهو منبرن تي گاريون ڏئي، وقت جا حاڪم اسان جي دشمن ڏانهن تقرب (ويجهڙائي)
حاصل ڪن ٿا ۽ عرب عجمين کان ان جي ڪري ڀلا سمجهيا وڃن ٿا جو (حضرت) محمد ﷺ جن عرب
مان آهن ۽ عجمي ان ڳالهه جا اقراري آهن ۽ قريشي وري ٻين عربن کان ان جي ڪري ڀلا آهن
جو حضور ﷺ جن قريشي آهن (مطلب ته انهن جي مذڪور ڀلائي حبيب ڪريم ﷺ جي صدقي آهي ٻيو
ڪو وجهه ناهي) ۽ اسان اهلبيت کي
به قريشين تي ان جي ڪري فضيلت آهي، جو حضور ﷺ جن اسان مان آهن ۽ هاڻي قريشين وري ان
حال ۾ صبح ڪئي آهي، جو پنهنجو حق ته اسان کان ڇڪي وٺن ٿا، پر سندن مٿان جيڪو اسان
جو حق آهي، اهو محسوس نه ٿا ڪن (پاڻ راوي کي فرمايائون ته) جيڪڏهن توکي ڄاڻ
ناهناهي ته ڄاڻي ڇڏ ته اسان ان نموني صبح ڪئي آهي. راوي ٿو چوي ته پوءِ مون خيال ۾
آندو ته ان تفصيلي بيان مان سندن مقصد انهن کي به ٻڌائڻ هو، جيڪي ان وقت سندن (خدمت
۾) گهر ۾ موجود هئا.
محترم ڀائرو! حضرت امام زين العابدين رضي الله جي بيان کي غور سان پڙهو ته يزيدي
ٽولو کين ڪيترو ايذائيندو هو. يزيد کي خوش ڪرڻ جي لاءِ سيدنا علي
a
کي منبرن تي بيهي اهو ٽولو گاريون ڏيندو ۽ مٿن گند اڇلائيندو هو. ڇا اڃان به اهي
محبت جا لائق آهن (الله
p
کان دعا آهي ته اهو ڪرم ڪري اهڙن پليدن جي محبت کان هر سچي مسلمان کي محفوظ رکي)
علامه ابن حجر عسقلاني جو فرمان-2
حضرت حسين رضي الله حق تي هو:
علامه موصوف لکيو آهي ته: ”قسم
خرجوا للدين من اجل جور الولاة وترک عملهم بالسنة النبوية ومنهم الحسين بن علي و
اهل امدينة الذين جاهدوا في الحرة والقراء الذين خرجوا علي الحجاج
“
(فتح الباري: ج12 ص 24 طبع مصر)
يعني هڪڙو قسم ان حضرات جو هيو، جن حاڪمن جي ظلم ستم ۽ انهن جي طرفان نبوي سنت
(عليٰ صاحبها الصلواة والسلام) تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري ديني غيرت ۽ حميت ۾ نڪري (انهن
جي مخالفت ڪئي. اهي حق وارا آهن ۽ انهن مان حسين بن علي
t
۽ اهل مدينه جن حره مقام ۾ جھاد ڪيو ۽ اهي سڀ قاري (علماءِ ) جيڪي حجاج جي خلاف
نڪتا هئا. (سڀني جو شمار انهن حق وارن ۾ آهي)
هن عبارت ۾ غور ڪرڻ سان واضح ٿيو ته حضرت حسين رضي الله جو يزيد خلاف اٿڻ ڪنهن
دنيوي لالچ ۽ طمع لاءِ نه هيو، بلڪه اها سندس ديني بصيرت ۽ غيرت جي تقاضا هئي ۽
جڏهن اهو حق تي هو ته لازمًا ان جو مخالف يزيد ناحق تي چيو ويندو ۽ ناحق واري سان
محبت رکڻ سان الٰهي عذاب کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو.
علامہ ابن حجر عسقلاني لکيو آهي ته: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ظالم حاڪم جي خلاف اٿي، جيڪو
سندس مال يا اهل يا سر تي غلبو ڪرڻ ٿو گهري، ته اهو عذر وارو آهي ۽ ان حاڪم کي ان
سان جنگ ڪرڻ حلال ناهي ۽ ان حاڪم جي مخالفت ڪندڙ کي جائز آهي ته پنهنجي طاقت آهر
پنهنجي سر اهل ۽ مال جو دفاع ڪري. جيئن طبري صحيح سند سان عبدالله بن الحارث جي
قول مطابق بني مضر جي هڪ شخص کان ان حضرت علي
a
کان روايت آندي آهي ته ان وٽ خارجين جو ذڪر ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن عادل
حاڪم جي خلاف اٿن ٿا ته انهن سان جنگ ڪيو ۽ جيڪڏهن اهي ظالم حاڪم سان جنگ ڪن ٿا ته
انهن سان جنگ نه ڪيو. ڇو ته انهن کي چوڻ جو حق حاصل آهي ان
روايت کي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ علامہ ابن حجر لکيو آهي ته ”وعليٰ
ذالک يحمل ما وقع للحسين ابن علي ثم لاهل المدينة في الحرة ثم لعبدالله بن الزبير
ثم للقراء الذين خرجوا علي الحجاج في قصة عبدالرحمٰن بن محمد بن الاشعث“
(فتح الباري: ج12 ص 253- 254)
۽ هن صورت تي (حضرت) حسين بن علي وارو واقعو ۽ ان کان پوءِ حره ۾ جيڪو اهل مدينه
سان ٿيو، ان کان پوءِ جيڪو (حضرت) عبدالله بن زبير سان ۽ ان کان پوءِ عبدالله بن
محمد بن الاشعث جي واقعي ۾ اٿندڙن قارين (عالمن ) سان جيڪو ٿيو، حمل ڪيو ويندو.
مطلب ته اهي سڀ حق تي هيا، انهن حق جو هوڪو ڏنو هو انهن سان وقتي ظالمن حاڪمن کي
جنگ ڪرڻ جائز نه هئي.
حرمين شريفين ۾ به يزيد ۽ ان جي ڪامورن حضرت حسين کي سڪون سان رهڻ نه ڏنو:
تاريخ جي مطالعي سان معلوم ٿئي ٿو ته يزيد ۽ ان جي مقرر ڪيل ڪامورن سيدنا حضرت امام
حسين رضي الله کي پرامن جاين حرمين شريفين ۾ به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. جڏهن پاڻ
مدينه منوره ۾ هو ته کيس يزيد جي بيعت ڪرڻ جي لاءِ بار بار تنگ ڪندا رهيا ۽ جڏهن
مدينه منوره مان نڪري مڪي مڪرمه ۾ آيو ته اتي به يزيد حضرت ابن عباس
t
جي معرفت خط موڪلي بيعت نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس شهيد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. پر حضرت
امام حسين رضي الله نه ٿي گهريو ته ان جي ڪري مڪه مڪرمه ۾ خونريزي ٿئي ۽ حرم جي عزت
محفوظ نه رهي. (البداية
والنهاية: ج 8 ص 161- 165)
سوال:
حضرت حسين کي ڪوفي وڃڻ ڏانهن ڪيترن ڀلارن ڇو روڪيو هو؟
جواب:
حضرت حسين کي روڪڻ وارن جو اهو ذهن نه هو ته حضرت حسين غلط ڪم ڪري رهيو هو، بلڪه ان
تي شفقت ڪرڻ جي ڪري کيس روڪيو هيائون. ڪنهن به کيس ائين نه فرمايو ته: اوهان نعوذ
بالله شريعت جي خلاف ٿا ڪيو گناهه ٿا ڪيو، جو يزيد جهڙي (معاذ الله) عدل واري حاڪم
جي مخالفت ڪري بغاوت ٿا ڪيو، جنهن جي ڪري اوهان واجب القتل ٿي ويندؤ. عدل ۽ انصاف
واري حاڪم سان بغاوت ڪرڻ اوهان جي شايان شان ناهي.
مسلمان ڀائرو! غور ڪيو ته حضرت حسين کي روڪڻ وارن ساڻس ڪوفين جي بيوفائين جو خدشو
ظاهر ڪيو هو، پر سندن ان قدم کي گناهه ۽ شريعت جي خلاف قرار نه ڏنو هو ۽ هيءَ ڳالهه
به ياد رکڻ گهرجي ته ڪوفي جا سڀ ماڻهو غدار به نه هئا انهن ۾ ڪيترا مخلص به هئا،
جن کي يزيدين تڪليفون به ڏنيون هيون ۽ حضرت امام عالي مقام جي مقدر ۾ جڏهن ته شهادت
لکيل هئي ته پاڻ ڪنهن جي روڪڻ سان به نه مڙيا. جيئن سيدنا حضرت عثمان غني رضي الله
جي مقدر ۾ شهادت هئي ته حضرت علي ۽ ٻين ڪيترن صحابن
U
کيس مدد ڪرڻ ۽ سندس امر سان سندس پاران جنگ ڪرڻ وڙهڻ جي پيشڪش ڪئي ته به انهن جي ان
پيشڪش کي قبول نه ڪندي، مخالفن جي هٿان شهيد ٿي ويو. حضرت حسين کي به حالات جي خبر
هئي، پر
لکھا جو ہے مقدر میں وہ کب ٹل نہیں سکتا
خدا پر زور کس کا بھی تو ہرگز چل نہیں سکتا
محدثن جي مهندار حضرت امام بخاري ۽
امام ترمذي جو بيان
اسلامي دنيا جي نامور محدث محمد بن اسماعيل بخاري رحمة الله ۽ امام ترمذيءَ روايت
آندي آهي ته“ يزيد (سيدنا امام) حسين جي نڪ مبارڪ ۽ پاڪ چپن تي چهبڪ هڻندي، سندس
سونهن ۽ حسن کي حقارت جي نظر سان ڏسي طنز ۽ ٽوڪ ڪئي هئي.
صحيح بخاري: ج1 ص 530- جامع ترمذي: ج 2 ص 219)
يزيد جي باري ۾ سندس پٽ جو بيان
يزيد جي ظلمن جي متعلق وڏي ڳالهه سندس پٽ جي شاهدي آهي ۽ اها ڳالهه به لڪل ڇپيل
ناهي ته پٽ کان وڌيڪ پيءُ جي حالات کان ڪير به واقف نه هوندو يزيد جو پٽ (جنهن جو
نالو معاويہ هو) جڏهن پيءُ جي جاءِ تي حاڪم بڻيو ته منبر تي ويهي، انهيءَ پنهنجي
پيءُ جي باري
۾ جيڪا وضاحت ڪئي اها هيءَ آهي: ”
قلد ابي الامر وکان غير اهله ونازع ابن بنت رسول الله
ﷺ
فقصف عمره وانبتر عقبه وصار في قبره رهينا بذنوبه ثم بکي وقال ان من اعظم الامور
علينا علمنا بسوء مصرعه وبئس منقلبه وقد قتل عترة رسول الله
ﷺ
واباح الخمر وخرب الکعبة ولم اذق حلاوة الخلافة فلا اتقلد مرارتها فشانکم وامرکم
والله ان کانت الدنيا خيرا فقد نلنا منها حظًّا ولئن کانت شرا فکفيٰ ذرية ابي سفيان
ما اصابوا منها“
(الصواعق المحرقة: ص 134 - مطبوعه مصر)
يعني منهنجو پيءُ حڪومت ڏنو ويو، حالانڪه ان جو اهل نه هو. رسول الله ﷺ جي نياڻي
(فاطمه) جي پٽ سان وڙهيو. منقطع النسل (بي بنياد) بنجي قبر ۾ ويو، جتي پنهنجن گناهن
۾ ڳهه پيل ڦاٿل آهي. ان چوڻ کان پوءِ روئي ڏنائين ۽ چيائين ته اسان جي امرن مان
اسان تي وڏي تڪليف هيءَ آهي ته اسان کي ان جي بري پڇاڙي ۽ بري جاءِ جي خبر آهي ۽
ڪيئن نه هوندو، جڏهن ته ان رسول الله ﷺ جي اولاد کي شهيد ڪيو. شراب کي جائز ڪيو.
بيت الله کي ويران بنايو ۽ مون جڏهن حڪومت جي مٺائي نه چکي آهي ته ان جي ڪڙاڻ ڇو
چکان. هاڻي اوهان ڄاڻو ته اوهان جو ڪم ڄاڻي الله جو قسم! جيڪڏهن دنيا ڀلي آهي ته
اسان ان جو وڏو حصو حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ جيڪڏهن بري آهي ته ابوسفيان جي اولاد جو
ڪجهه ڪمايو، سو انهن جي لاءِ ڪافي آهي.
مسلمانو! جنهن جي قاتل هجڻ، شراب پيئڻ، جو پٽ شاهد آهي، ان کي ڀلو سمجهندڙ لاءِ
اوهان پاڻ فيصلو ڏيو.
يزيد جي لاءِ سندس دادلي گورنر ابن زياد جو بيان
مؤرخ طبريءَ لکيو آهي ته: يزيد ابن مرجانه (عبيدالله بن زياد) کي لکيو ته اهو وڃي
عبدالله بن زبير سان جنگ ڪري. اها لکت پڙهي ابن زياد چيو ته: مان ان فاسق يزيد جي
چوڻ تي ٻئي گناهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ نه وجهندس جو رسول ﷺ جي ڏوهٽي کي شهيد ڪيم ۽ هاڻي
وري بيت الله تي چڙهائي ڪيان. ابن زياد جي ماءُ مرجانه سچي عورت هئي
جڏهن ابن زياد حضرت حسين کي شهيد ڪيو ته ان کي
چيائين ته: تنهنجي لاءِ هلاڪت آهي ڇا ڪيئي ۽ ڇا تي سوار ٿئين.
(تاريخ طبري: ج 5 ص 483-484)
صدر الاسلام علامہ بزدوي جو قول
اصول فقہ جي مشهور عالم بزدوي لکيو آهي ته ””
واما يـزيد بن معاويہ کان ظالما ولکن هل کان کافرا تکلم الناس فيه بعضهم کفروه لما
حکي عنه من اسباب الکفر وبعضهم لم يکفروه وقالوا لم يصح منه تلک الاسباب ولا حاجة
باحد اليٰ معرفة حاله فان الله تعاليٰ اغنانا عن ذالک
“
(اصول الدين: ص 98 طبع مصر)
يعني يزيد بن معاويه ظالم هو ۽ پر ڇا ڪافر هو؟ ان ۾ ماڻهن جون ٻه ڳالهيون آهن. بعض
ان کي انهن ڪفر جي اسباب جي ڪري ڪافر چيو آهي، جيڪي ان کان نقل ڪيا ويا آهن ۽ بعض
ان کي انهن سببن جي صحيح سند سان نه پهچڻ جي ڪري ڪافر نه چيو آهي ۽ ڪنهن هڪ کي به
ان جي حال سڃاڻڻ جي ضرورت ناهي. الله
p
اسان کي ان کان غني بنايو آهي.
مذڪوره عبارت جو نتيجو اهو آهي ته يزيد جي فاسق ۽ ظالم هجڻ ۾ ڪو اختلاف ناهي اهو
امت جي اڪابر جو متفق فيصلو آهي، باقي اهو ڪافر هو؟ ان ۾ ٻه قول آهن جن کي ان جون
ڪفر واريون ڳالهيون پهتيون آهن، اهي ان کي ڪافر چون ٿا ۽ جن کي نه پهتيون آهن اهي
ڪافر نه ٿا چون.
علامه ابن حجر هيتمي مڪي جو ارشاد
محدث مذڪور لکيو آهي ته ”
وعلي القول بانه مسلم فهو فاسق شرير سکير جائر“
(الصواعق المحرقہ: ص132 طبع مصر)
يعني ان قول تي
به ته اهو مسلمان هو اهو فاسق شرارتي نشائي ظالم هو
هن بزرگ به ان جي خرابين کي مختصر لفظن ۾ سميٽي پيش ڪيو آهي ته فسق، شرارت، نشو ۽
ظلم ته ان ۾ هيوئي هيو، پر يزيد جي حمايت ۾ سرگرم ٿي حضرت حسين رضي الله کي اهميت
نه ڏيڻ، ان جي شهادت کي بغاوت سڏڻ، سندس ديني درد کي نظرانداز ڪرڻ، ان جي وقعت
ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ اهڙي بيهوده حرڪت آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي.
علامه ابن تيميه جو بيان- 2
عرب دنيا جي مشهور معروف علامہ ابن تيميہ، جنهن کي
شيخ الاسلام سڏيندا آهن، لکيو آهي ته: ”
والحسين رضي الله عنه اکرمه الله تعاليٰ بالشهادة في هٰذا اليوم و اهان من قتله او
اعان عليٰ قتله او رضي بقتله وله اسوة حسنة بمن سبقه من الشهداء فانه واخوه سيدا
شباب اهل الجنة وکانا قد تربيا في عز الاسلام لم ينالا من الهجرة والجهاد والصبر
علي الاذي في الله ما ناله اهل بيته فاکرمهما الله تعاليٰ بالشهادة تکميلا
لکرامتهما ورفعا لدرجاتهما وقتله مصيبة عظيمة
“
(مجموعه فتاوى ابن تيميہ: ج1-4 ص 511 مطبوعہ رياض سنه 1381هه)
يعني حضرت حسين رضي الله کي الله تعالى هن ڏينهن (ڏهين محرم) ۾ شهادت سان عزت بخشي
۽ ان جي ڪري جنهن به ان کي شهيد ڪيو يا ان جي شهيد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي يا ان جي شهيد
ڪرڻ تي راضي ٿيو، الله تعالى ان کي خوار ذليل ڪيو. حضرت حسين ان کان اڳ ۾شهيد ٿيلن
جو نمونو آهي بلاشڪ اهو ۽ ان جو ڀاءُ جنتي نوجوانن جا سردار آهن اهي اسلام جي غلبي
واري دور ۾ پليا هئا (ان دور ۾) هجرت، جهاد، الله
جي واٽ ۾ ايذاءُ کائڻ تي صبر واري ثواب کي جيئن
ٻيا سندن اهلبيت پهتا هئا هي نه پهتا هئا. پوءِ الله تعالى کين عزت ڏيڻ ۽
سندن درجن کي بلند ڪرڻ جي لاءِ شهادت سان نوازيو ۽ ان جي شهادت اسلام ۾ وڏي مصيبت
آهي.
علامه علي القاري جو ارشاد
حديث جي مشهور ڪتاب مشڪواة المصابيح جي شارح
علامہ علي القاري لکيو آهي ته: ”فضل
اهل البيت وذم من حاربهم امر مجمع عليه عند علماء اهل السنة واکابر ائمة الامة“
(مرقاة المفاتيح شرح
مشڪواة المصابيح)
يعني اهلبيت جي فضيلت ۽ جن انهن سان جنگ ڪئي انهن
جي مذمت اهل سنت جي علماءِ ۽ امت جي اڳواڻن وٽ
اجماع ڪيل امر آهي.
مٿينءَ عبارت مان واضح ٿيو ته يزيد جي مذمت تي امت جي وڏن سني عالمن جو اجماع آهي.
پر يزيدي يارن کي خبر ناهي ته ڪهڙو لاچار آهي؟
علامه بحر العلوم لکنوي جو فرمان
مذڪور بزرگ پنهنجي مشهور ۽ معروف ڪتاب ”فواتح
الرحموت “ ۾ لکيو آهي ته: ”
ويزيد ابنه مع انه کان من اخبث الفساق وکان بعيدا بمراحل من الامامة بل الشک في
ايمانه خذله الله تعاليٰ والصنيعات التي صنعها معروفة من انواع الخبائث“
(فواتح الرحموت شرح مسلم الثبوت: ج2 ص 323 طبع مصر)
يعني ان (امير معاويه رضي الله) جو پٽ يزيد فاسقن ۾ وڏو خبيث ۽ ائمہ (مسلمانن جي
اڳواڻن) کان ڪئين منزلون پري هو، بلڪه ان جي ته ايمان ۾ به شڪ آهي الله تعالى ان کي
خوار ڪيو. ۽ جيڪي براين جي قسمن مان ڪم ان ڪيا هئا، اهي مشهور آهن.
پيارا ڀائرو! هن بزرگ به حق جي ڳالهه ڪندي ان کي فاسقن مان وڏو خبيث سڏيندي ان جي
ايمان ۾ شڪ ڏيکاريو آهي ڇا اڃان به اهو خبيث دوستيءَ جو اهل آهي؟
غير مقلد عالم نواب صديق حسين خان جو فيصلو
علامه موصوف شرح عقائد نسفيہ جي شرح ۾ لکيو آهي ته
”وبعضے
براہ غلو وافراط در شان وے روند وگویند امارت او باتفاق مسلمانان شد و طاعت وے بر
امام حسین رضی اللہ واجب بود و بخدا پناہ ازیں قول واعتقاد کہ باوجود امام حسین
امام وامیر شود واتفاق مسلمانان کجا است جمعے از صحابہ واولاد ایشاں کہ در زمان
آں پلید بودند انکارش کردند و از طاعت او بیرون رفتند و بعضے از اہل مدینہ بعد
دریافت حال خلع بیعت کردند و وے تارک صلٰوۃ و شارب خمر و زانی و فاسق و مستحل محارم
بود و بعضے بروے اطلاق لعن کردہ مثل امام احمد و امثال ایشاں وابن جوزی لعن وے از
سلف نقل نمودہ زیراکہ وقت امر بقتل حسین کافر شد و کسے کہ قتل وے کرد با امر بداں
نمود بر جواز لعن وے اتفاق کردہ اند۔ تفتازانی گفتہ حق آنست کہ رضائے وے بقتل حسین
واستبشار وے بدان واہانت نمودن اہل بیت متواتر المعنیٰ است اگرچہ تفاصیلش آحاد باشد
فنحن لانتوقف فی شانہ بل فی ایمانہ لعنۃ اللہ علیہ وعلیٰ انصارہ واعوانہ انتہیٰ۔
وبالجملۃ وے مبغوض ترین مردم است نزد اکثر مردم و کارہائے کہ آن بے سعادت در ایں
امت کردہ از دست ہیچ کس ہرگز نیاید بعد قتل امام لشکر بتخریب مدینہ منورہ فرستادہ
وبقیہ صحابہ و تابعین را امر بقتل کرد وبالحاد در حرم مکہ و قتل عبداللہ بن الزبیر
پرداخت و ہم در ایں حالت ناپسندیدہ از دنیا رفتہ و دیگر احتمال توبہ و رجوع او کجا
است“
(بفية
الرائد في شرح العقائد: ص 63- طبع مطبع لکنوي سنه 1288)
يعني حد کان ٽپندي غلو ۽ افراط کان ڪم وٺندي بعضي ماڻهو (ناصبي) ان (يزيد) جي شان ۾
ويندي چون ٿا ته ان جو امير هجڻ مسلمانن جي اتفاق سان ٿيو هو ان جي اطاعت (حضرت)
امام حسين تي واجب هئي. علامہ موصوف فرمايو ته هن قول ۽ عقيده کان الله جي پناهه ٿو
وٺان جو اهو (يزيد) امام حسين جي هوندي امام ۽ امير بنجي ۽ ان ڳالهه تي مسلمانن جو
اجماع ڪٿي آهي؟
اصحابن سڳورن
U
جي جماعت ۽ انهن جو اولاد جيڪي ان پليد جي زماني ۾ پيدا ٿيا هئا، انهن ان جو انڪار
ڪيو هو ۽ ان جي اطاعت کان ٻاهر ويا ۽ بعض اهل مدينه ان جي حالات کي معلوم ڪرڻ کان
پوءِ ان جي بيعت ختم ڪري ڇڏي ۽ اهو نماز جو ڇڏيندڙ، شراب پيئندڙ زاني ۽ فاسق ۽ حرام
شين کي حلال سمجهندڙ هو ۽ بعضي بزرگن ان تي لعنت جو اطلاق ڪيو آهي جيئن امام احمد
بن حنبل ۽ ان جهڙا ٻيا علامہ ابن جوزي ان تي لعنت ڪرڻ کي سلف صالحين کان نقل ڪيو
آهي ڇو ته اهو (حضرت) حسين جي قتل ڪرڻ جي لاءِ امر ڪرڻ وقت ڪافر ٿي ويو هو ۽ جنهن
به ان کي قتل ڪيو، يا قتل ڪرڻ جو امر ڪيو، علماءِ ان جي مٿان لعنت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو
آهي. تفتازاني چيو آهي ته حق هيءُ آهي ته ان جو حضرت حسين جي قتل تي راضي رهڻ ۽ ان
تي خوش ٿيڻ ۽ اهل بيت جي اهانت ڪرڻ متواتر المعنى آهي. جيتوڻيڪ ان جا تفصيل آحاد
آهن. اسين ان جي معاملي ۾ ڇا اسين ان جي مؤمن هجڻ ۾ به توقف ڪيون ٿا (يقيني طور
مؤمن ناهي) ان ۽ ان جي ساٿ ڏيندڙن ۽ ان جي مددگارن تي الله جي لعنت آهي. حاصل ڪلام
ته اهو اڪثر ماڻهن وٽ نهايت بغض رکيل آهي ۽ هن امت ۾ جيڪي ڪم ان بي سعادت ڪيا، ٻئي
ڪنهن جي به هٿان نه ٿيا. (حضرت) حسين جي شهيد ڪرڻ کان پوءِ مدينه منوره کي ويران
ڪرڻ جي لاءِ لشڪر موڪليائين ۽ باقي رهيل اصحابن ۽ تابعين کي شهيد ڪرڻ جو امر ڪيو
هيائين ۽ مڪه مڪرمه جي حرم ۾ به الحاد ۽ (حضرت) عبدالله بن زبير رضي الله کي شهيد
ڪرائڻ جي مهم ۾ مشغول رهيو ۽ ان ئي ناپسند ڪيل حالت ۾ دنيا مان ويو (مري ويو) ۽ ان
جي توبہ ڪرڻ ۽ رجوع ٿيڻ جو احتمال ڪٿي آهي؟
سوال:
جڏهن يزيد ڪربلا جي ميدان ۾ مدينه منوره ۾ حره واري واقعي ۽ مڪه مڪرمه تي حملي ۾
پاڻ موجود نه هو ته پوءِ ان کي انهن جرمن جو مجرم ڪيئن ٿا قرار ڏيو؟
جواب:
ڪنهن به ڏوهه جو امر ڪندڙ يا ان جي صلاح ڏيندڙ ائين آهي،
ڄڻ اهو ڪم ڪيو ئي ان آهي. الله
p
جو فرمان مبارڪ آهي: ”لِيَحْمِلُوْا
أَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً يَّوْمَ الْقِيَامَةِ وَمِنْ أَوْزَارِ الَّذِيْنَ
يُضِلُّوْنَهُمْ بِغَيْرِ عِلْمٍ أَلَا سَاءَ مَا يَزِرُوْنَ“
(سورة النحل: آيت 25)
يعني تان ته کڻن پنهنجن گناهن جو
پورو بار قيامت جي ڏينهن ۽ انهن جي بار مان جن کي علم کان سواءِ گمراهه ڪن ٿا.
خبردار!
برو بار آهي جيڪو هو کڻندا.
مطلب ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي شخص کي غلط رستي تي هلائيندو ۽ اهو سندس چوڻ تي
غلط ڪم ڪندو ته ان گناهه ڪندڙ جي گناهه جو بار به ان کي کڻايو ويندو. جنهن امر ڪيو
هوندو يا مشورو ڏنو هوندو ٻين لفظن ۾ هيئن چئو ته گناهه ۽ برائيءُ جو حڪم ڏيندڙ به
برائي ۽ گناهه ڪندڙ وانگر مجرم آهي. جڏهن ته معتبر دلائل سان ثابت آهي ته ڪربلا ۽
حره ۽ مڪه مڪرمه تي حملا يزيد جي حڪم سان ٿيا هئا ته مذڪوره آيت جي حڪم مطابق يزيد
انهن جرمن جو مرتڪب ۽ ذميدار آهي. اهو گهر ويٺي به حضرت حسين رضي الله جي شهيد ڪرڻ
۾ ابن زياد شمر خولي وغيرهم سان ۽ مدينه منوره تي حملي ڪرڻ ۾ مسلم بن عقبه ۽ مڪه
مڪرمه تي حملي ڪرڻ ۾ حصين بن نمير سان نه صرف ساٿي ۽ شريڪ پرا صل مجرم آهي .
الله
p
جو ٻيو فرمان آهي : ”وَمَنْ
يَّتَّبِعْ خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ فَإِنَّهُ يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاءِ
وَالْمُنْكَرِ“
(سورة النور: آيت 21)
يعني جيڪو شيطان جي
جي وکن جي اتباع ڪندو پوءِ بلاشڪ اهو بيحيائيءَ ۽ برائيءَ جو امر ڪري ٿو.
مسلمان ڀائرو! شيطان جڏهن به انسان کي وسوسا وجهي گناهه ڪرائيندو آهي ته ان کي به
مجرم قرار ڏنو ويو آهي يا ائين چوندؤ ته شيطان پاڻ اهو ڪم نه ڪيو آهي، ان جي ڪري
اهو ان ڏوهه ۾ ڏوهاري ناهي؟ ڪڏهن به نه...! الله
p
منافقن جي حالت کي بيان ڪندي فرمايو:
”يَأْمُرُوْنَ
بِالْمُنْكَرِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمَعْرُوْفِ وَيَقْبِضُوْنَ أَيْدِيَهُمْ نَسُوا
اللهَ فَنَسِيَهُمْ إِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ هُمُ الْفَاسِقُوْنَ
وَعَدَ اللهُ الْمُنٰفِقِيْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْكُفَّارَ نَارَ جَهَنَّمَ
خٰلِدِيْنَ فِيْهَا هِيَ حَسْبُهُمْ وَلَعَنَهُمُ اللهُ وَلَهُمْ عَذَابٌ مُقِيْمٌ
“
(سورة التوبہ: آيت 67- 68)
يعني (منافق ماڻهو) برائيءَ جو امر ڪن ٿا ۽ نيڪيءَ کان روڪين ٿا ۽ پنهنجا هٿ بند ڪن
ٿا الله کي وساريائون پوءِ الله انهن کي وساري ڇڏيو بيشڪ منافق اهي ئي فاسق آهن.
الله منافقن (مردن) ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن کي جهنم جي باهه ۾ وجهڻ جو وعدو ڪري ڇڏيو
آهي ان ۾ هميشه هوندا. اهو انهن جي لاءِ هميشه وارو عذاب آهي.
هن فرمان مبارڪ مان ثابت ٿيو ته برائيءَ جو امر ڪندڙ منافق آهن. مرد هجن توڙي
عورتون، جڏهن يزيد به براين جا امر ڪيا هئا ته اهو منافق به آهي ته جهنمي به آهي ۽
الله جي رحمت کان محروم فاسق ۽ فاجر ۽ هميشه جي لاءِ جهنم جي باهه ۾ داخل به ٿيندو.
رب العزت
p
جو هي
فرمان به پڙهي ڏسو: ”وَمَنْ
يَّشْفَعْ شَفَاعَةً سَيِّئَةً يَّكُنْ لَّهٗ كِفْلٌ مِّنْهَا“
(سورة
النساء: آيت 85)
يعني جيڪو بري سفارش ڪندو ته ان جي لاءِ ان مان
حصو هوندو.
مطلب ته جيڪو شخص ڪنهن به طريقي سان ڪنهن گناهه جي ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن کي سفارش ڪندو
(چوندو) ته ان چوندڙ ۽ سفارش ڪندڙ جي لاءِ به ان گناهه ۽ برائيءَ جي عذاب مان حصو
هوندو . معلوم ٿيو ته سيدنا حضرت حسين رضي الله ۽ ان جي خاندان ۽ ساٿين کي شهيد ڪرڻ
مدينه منوره تي حملي ۽ حره واري واقعي جو امر مڪه مڪرمه کي گهيرو ڪرائي بيت الله
شريف تي پٿر وسارائي باهه ڏيارڻ جهڙين ظالمانه ڪاررواين جو حڪم ڪندڙ يزيد ان عذاب
کان بچي نه سگهندو جيڪو برائيءَ جي سفارش ڪندڙ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. قرآن ڪريم
۾ الله
p
جي هن فرمان تي به غور ڪيو: ”قَالَتْ
أُخْرَاهُمْ لِأُوْلٰهُمْ رَبَّنَا هٰؤُلَاءِ أَضَلُّونَا فَاٰتِهِمْ عَذَابًا
ضِعْفًا مِّنَ النَّارِ“
(سورة الاعراف: آيت 38)
يعني پوءِ
انهن مان پويان پنهنجن پهرين لاءِ چوندا اي اسان جا رب! هنن اسان کي گمراهه ڪيو
پوءِ انهن کي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي.
نتيجو هي نڪتو ته گمراهه ٿيندڙ کين گمراهه ڪندڙن کي مجرم سمجهي، انهن جي لاءِ ٻيڻو
عذاب گهرندا ڇو ته اصل مجرم ته گمراهه ڪندڙ آهن. يزيد جي امر سان وڏا گناهه ڪندڙ به
قيامت جي ڏينهن چوندا ته يا الله! هن ظالم اسان کان اهڙا وڏا وڏا ظلم ڪرايا، ان کي
اسان
کان ٻيڻو عذاب ڪر. الله
p
جو هڪ هنڌ فرمان پاڪ آهي: ”وَقَالُوا
رَبَّنَا إِنَّا أَطَعْنَا سَادَتَنَا وَكُبَرَآءَنَا فَأَضَلُّونَا السَّبِيلَا
رَبَّنَا اٰتِهِمْ ضِعْفَيْنِ مِنَ الْعَذَابِ وَالْعَنْهُمْ لَعْنًا كَبِيرًا“
(سورة الاحزاب: آيت 67-68)
چوندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان پنهنجن سردارن ۽ وڏن جي تابعداري ڪئي پوءِ اسان
کي (حق واري) واٽ کان گمراهه ڪيائون. اي اسان جا رب! انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ انهن
تي وڏي لعنت ڪر.“
مسلمان ڀائرو! خبر ان ڏينهن پوندي، جنهن ڏينهن يزيد جا چيلا ۽ چمچا هر بري ڪم ۾
کيس جيءُ چوڻ وارا ان جي مٿان شاهد ٿي الله تعالى کان ان تي ٻيڻي عذاب جي گهر ڪندا.
مالڪ الملڪ
p
جو هي
فرمان به پڙهو: ”
رَبَّنَا مَنْ قَدَّمَ لَنَا هٰذَا فَزِدْهُ عَذَابًا ضِعْفًا فِي النَّارِ“
(سوره
صٓ
آيت 61)
يعني اي اسان جا رب! جنهن اسان جي لاءِ هي اڳي ڪيو ان کي باهه مان ٻيڻو عذاب ڪر.
نتيجو نڪتو ته قيامت جي ڏينهن ابن زياد، شمر، خولي ۽ حرمله وغيرهم به يزيد جي لاءِ
ٻيڻي عذاب جي طلب ڪندا، پر الله تعالى جو
ارشاد هوندو: ”
لِكُلٍّ ضِعْفٌ“
يعني هرهڪ جي لاءِ ٻيڻو عذاب هوندو.
مطلب ته ظلم ڪندڙ برائي ۽ بڇڙائي ڪندڙ ۽ ان جو امر ڪندڙ ٻنهي جي لاءِ ٻيڻو عذاب
هوندو. ان عذاب کان نه يزيد ڇٽندو نه ان جا
فرمانبردار چيلا بچندا. مصطفى ڪريم ﷺ جن جو به فرمان مبارڪ آهي:
”إِذَا
عُمِلَ بِالْخَطِيْئَةِ فِى الأَرْضِ كَانَ مَنْ شَهِدَهَا فَكَرِهَهَا كَمَنْ
غَابَ عَنْهَا وَمَنْ غَابَ عَنْهَا فَرَضِيَهَا كَانَ كَمَنْ شَهِدَهَا“
(سنن ابوداؤد- مشڪواة: ص 436)
يعني جڏهن زمين تي ڪا برائي ڪئي وڃي ٿي ته اتي موجود هجڻ وارو جيڪو ان کي برو
سمجهي ٿو ۽ هڪ ڀيري فرمايائون ته ان جو انڪار ڪري ٿو اهو اهڙو آهي، ڄڻ اتي هيوئي
ڪونه ۽ جيڪو ان گناهه ڪرڻ مهل اتي موجود نه هو ان کان راضي رهيو ته (اهو ائين
آهي) ڄڻ اتي موجود هو.
الغرض ته برائيءَ تي راضي ٿيندڙ ڄڻ ته برائي ڪندڙ آهي. يزيد به جڏهن ته انهن مذڪور
ظلمن تي راضي هو، جو انهن ظالمن کي ڪجهه نه چيائين ۽ نه سزا ڏنائين ته کيس به ضرور
سزا ملندي.
قرآن جي مفسر خازن جي تحقيق
الله
p
جي پاڪ ڪلام قرآن ڪريم جي مفسر علامہ
علاؤالدين المفسر ”فَلِمَ
تَقْتُلُونَ أَنْبِيَاءَ اللهِ مِنْ قَبْلُ“
(سورة البقره: آيت 91)
جي تفسير ۾ لکيو آهي ته: ”إنما
أضاف القتل للمخاطبين من اليهود وإن كان سلفهم قتلوا لأنهم رضوا بفعلهم قيل : إذا
عملت المعصية في الأرض فمن كرهها وأنكرها بريء منها ومن رضيها كان من أهلها“
(تفسير خازن: ج1 ص64)
يعني هن آيت ۾ قتل جي نسبت نبوي دور جي يهودين ڏانهن ڪيل آهي (اوهان ٿا قتل ڪيو)
حالانڪه نبين سڳورن
-کي
شهيد ته انهن جي اڳين ڪيو هو. سو اها نسبت ان جي ڪري ڪئي وئي آهي، جو اهي نبوي دور
وارا انهن جي ڪم کان راضي هئا.
جڏهن قرآن ڪريم ۽ نبوي حديث ۽ قرآن ڪريم جي تفسير سان هيءُ ڳالهه چڱي طرح ثابت ٿي
چڪي آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ٻئي شخص کي بري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو ۽ ان برائيءَ
ٿيڻ کان پوءِ ان تي راضي به رهي ٿو ۽ خوشيءَ جو اظهار به ڪري ٿو ته اهو ان ڪرڻ وقت
اتي موجود نه به هجي ته به اهو ان برائيءَ ڪرڻ ۾ شامل شمار ڪيو ويندو ۽ ان برائيءَ
تي ملڻ واري سزا جو به حقدار هوندو ته پوءِ يزيد پليد جنهن امام حسين رضي الله کي
شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ان جي شهادت تي فخريه طنزيه شعر چيا، خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
قاتل جي عزت ۽ همت افزائي ڪئي. فتح جو ڏينهن ملهايو. مبارڪ باد وصول ڪئي. ان کي
ڪربلا جي واقعي جو ذميوار نه سمجهيو ويندو؟ حقيقت اها آهي ته جو ڪجهه ٿيو يزيد جي
مرضيءَ مطابق ٿيو هو.
علماءِ ڪرام لکيو آهي ته ابن زياد ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت حسين رضي الله کي خط لکيو
هو ته:
”
امابعد! ياحسين ان يزيد بن معاوية کتب اليَّ ان لا تغمض جفنک من المنام ولا تشبع
بطنک من الطعام اما يرجع الحسين الي حکمي او تقتله والسلام“
(نورالابصار: ص142 طبع مصري)
يعني اي حسين!حقيقت هي آهي ته يزيد مون ڏانهن حڪمنامو لکي موڪليو آهي ته تيستائين
تون نه ننڊ ۾ اک نه ٻوٽجان ۽ نه پنهنجو پيٽ کاڌي سان ڀرجانءِ، جيستائين حسين منهنجي
حڪم ڏانهن موٽي (بيعت ڪري) يا ان کي قتل ڪري ڇڏجان.
ثابت ٿيو ته جيڪو ڪجهه حضرت حسين سان ٿيو، يزيد جي حڪم سان ٿيو هو. ابن زياد جو هڪ
قول مؤرخ ابن الاثير آندو آهي ته ان
پنهنجي مجبوري ظاهر ڪندي چيو هو ته: ”
اما قتل الحسين فانه اشارني يزيد بقتله او قتلي فاخترت قتله
“
(الڪامل في التاريخ: ج4 ص69)
يعني (حضرت) حسين کي شهيد ڪرڻ وارو معاملو اصل ۾ هي آهي ته مون کي يزيد اشارو ڪيو
هو ته تون (حضرت) حسين کي شهيد ڪر نه ته مان توکي قتل ڪرائيندس پوءِ مون ان جي قتل
ڪرڻ کي اختيار ڪيو.
مؤرخ ابن اثير هڪ جاءِ تي هيئن به لکيو آهي ته ”
بعث ابن زياد براس مسلم و هانئ اليٰ يزيد وکتب اليه يزيد يشکره
“
(الڪامل في التاريخ:
ج6 ص36)
ابن زياد (حضرت) مسلم (بن عقيل) ۽ هانيءَ جا سر (مبارڪ) يزيد ڏانهن موڪليا ته يزيد
ان ڏانهن خط لکي ان جو شڪريو ادا ڪيو .
جناب عالي! هاڻي ڪجهه سمجهه ۾ آيو ته يزيد جو حضرت امام حسين رضي الله جي شهيد
ڪرائڻ ۾ ڪيترو هٿ ۽ ڪيتري دلچسپي هئي. يزيد سان ياري رکڻ وارؤ! يا ته ان جي ياريءَ
کان توبہ ڪيو يا ابن زياد، شمر وغيره مان ڪنهن جو بيان پيش ڪيو ته جو ڪجهه ڪربلا ۾
ٿيو اسان پنهنجي مرضي سان ڪيو هو، يزيد جو ان ۾ ڪوبه دخل نه هو. مؤرخ ابويعقوب جو
بيان پڙهو. ٽين صدي جي مذڪور مؤرخ لکيو آهي ته: يزيد پنهنجي طرفان مقرر ڪيل مدينه
منوره جي گورنر کي خط لکيو هو ته
”
اذا اتاک کتابي هٰذا فاحضر الحسين بن علي وعبدالله بن زبير فخذهما بالبيعة لي فان
امتنعا فاضرب اعناقهما وابعث اليَّ برؤسهما“
(تاريخ يعقوبي: ج2 ص341)
جڏهن تو وٽ منهنجو هي خط پهچي ته پوءِ حسين بن علي ۽ عبدالله بن زبير کي پاڻ وٽ
گهراءِ ۽ انهن کان مون لاءِ بيعت وٺ.
پوءِ جيڪڏهن بيعت نه ڪن ته انهن کي قتل ڪري انهن جا سر مون
ڏانهن موڪل.
مسلمانو! اهڙا آرڊر ڏيڻ جي باوجود به يزيد حضرت حسين کي شهيد ڪرائڻ ۾ ملوث ناهي؟
اڃان به ان کي بي قصور ثابت ڪرڻ جي لاءِ هٿ پير هنيا ٿا وڃن. پر يقين رکو يزيد جا
يار ڪڏهن به ان کي بي ڏوهي ثابت ڪري نه سگهندا بلڪه پاڻ خراب ٿيندا.
علامه خوارزمي جو بيان
علامہ خوارزمي به يزيد جي مذڪور خط جو ذڪر (جيتوڻيڪ
الفاظ مختلف آهن) ڪندي لکيو آهي ته ”
ثم کتب صحيفة الي الوليد فخذ الحسين بالبيعة اخذا شديدا عنيفا ليست فيه رخصة فان
ابي عليک فاضرب عنقه وابعث اليّ براسه
“
(مقتل الحسين: ج2 ص 80)
يعني يزيد مدينه منوره جي گورنر وليد ڏانهن خط لکيو هو (جنهن ۾ ان کي حڪم ڪيو
هئائين ته ) حسين کي بيعت ڪرڻ جي لاءِ نهايت سختيءَ سان پڪڙ، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي
نرمي نه هجي پوءِ جيڪڏهن انڪار ڪري ته ان جو سر قلم ڪري مون ڏانهن موڪلي ڏي.
علامہ ابن الاثير ۽ علامه ابن ڪثير به حضرت حسين کي بيعت نه ڪرڻ جي صورت ۾ شهيد ڪرڻ
جي يزيدي امر ۽ شهادت کان پوءِ حضرت جو سر مبارڪ کي گهرائي ان جي توهين ڪرڻ ۽ خوشي
ملهائڻ ۽ ابن زياد کي ان ڪردار تي وڌيڪ نوازڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
(الڪامل في التاريخ: ج4 ص 14- 87- البداية والنهاية: ج8 ص 232)
سيدنا غوث اعظم رحمة الله جو ارشاد
ولين جي سرتاج حضرت غوث الاعظم رحمة الله به لکيو آهي ته
”راس
الحسين بن علي في خزانة يزيد بن معاوية“
(غنية الطالبين: ص238)
مطلب ته يزيد (حضرت) حسين بن علي
t
جو سر(مبارڪ) پاڻ وٽ رکرائي ڇڏيو هو. حالانڪه هجڻ ته ائين کپي ها، جو سر مبارڪ سندن
ڌڙ مبارڪ سان ملائي فورًا دفن ڪيو وڃي ها. پر يزيد پليد دنيا جي ماڻهن کي ڏيکارڻ
جي لاءِ سندن سر پاڪ پاڻ وٽ رکرايو ۽ ماڻهن
کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته منهنجي مخالفت ڪندڙ جي سزا هيءَ آهي. پوءِ به يزيد جا يار
ان جي حمايت جي حوالي آهن.
سوال:
تاريخن ۾ لکيل آهي ته يزيد ابن زياد تي لعنت ڪئي هئي ته اهو ڪم ڇو ڪيئي؟ پوءِ يزيد
ڪيئن ڏوهي آهي؟
جواب:
اهو سڀ ڪجهه يزيد پاڻ تان ملامت کي ٽارڻ جي لاءِ ڪيو هو، نه ته ابن زياد کي اهڙي
بري ڪم ڪرڻ کان پوءِ سزا ڪهڙي ڏني هئائين؟
علامہ ابن ڪثير لکيو آهي ته: ”
وقد لعن ابن زياد علي فعله ذالک وشتمه فيما يظهر ويبدو ولکن لم يعزله علي ذالک ولا
عاقبه ولا ارسل يعيب عليه ذالک والله اعلم“
(البداية والنهاية: ج8 ص 203 طبع بيروت)
يعني ظاهر ۾ ته ابن زياد تي لعنت ڪئي هيائين، پر نه ان کي نوڪري تان لاٿائين نه
ان تي ان کي عذاب ڪيائين ۽ نه ان ڏانهن ان ڪم کي خراب سمجهي ڪو خط لکيائين.
حضرت امام حسن رضي الله جو قاتل به يزيد هو
يزيد سان ياري رکڻ وارؤ!تقريبًا گهڻا معتبر مؤرخ لکي ويا آهن ته! حضرت حبيب ڪريم ﷺ
جي وڏي ڏوهٽي حضرت امام حسن رضي الله کي زهر به يزيد ڏياريو هو. حوالا ڏسو:
1
علامہ ابن حجر هيتمي مڪي رحمة الله لکيو آهي: ”
وکان سبب موته ان زوجته جعدة بنت الاشعث دس اليها يزيد ان تسمه ويتزوجها وبذل لها
مائة الف درهم ففعلت فمرض اربعين يوما فلما مات بعثت اليٰ يزيد تساله الوفاء بما
وعدها فقال لها انا لم نرضاک للحسن افنرضاک لانفسنا“
(الصواعق المحرقة: ص 140)
يعني حضرت حسن جي وفات جو سبب هي هو جو سندس گهرواريءَ جعده بنت الاشعث ڏانهن يزيد
لڪ ۾ نياپو موڪليو هو ته اها حضرت امام حسن کي زهر ڏي (شهيد ڪري ان کان پوءِ) اهو
ان سان نڪاح ڪندو ۽ ان کي لک درهم خرچ ۾ ڏنائين. پوءِ جعده ائين ڪيو ۽ حضرت امام
حسن ان زهر جي ڪري چاليهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو. حضرت حسن جي وفات
کان پوءِ جعده ان کي شادي ڪرڻ جي لاءِ چيو ته ان کيس جواب ۾ چورايو ته ”اسان توکي
حسن وٽ رهڻ پسند نه ڪيو ته توکي پنهنجي لاءِ ڪيئن پسند ڪنداسون“
2
علامہ ابن جوزي جي ڏوهٽي به ساڳي ڳالهه لکي آهي.
(تذکره الخواص: ص 211)
3
علامہ عسقلاني، علامہ ابن ڪثير، علامہ سيوطي، علامہ مومن شبلنجي، علامہ الصبان،
سڀني اها ڳالهه لکي آهي.
(ڏسو: تهذيب التهذيب: ج 2 ص 300- البداية والنهاية ج 8 ص 43- تاريخ الخلفاء: ص
134- نور الابصار: ص 36- اسعاف الراغبين برحاشيه نور الابصار: ص 199)
حضرت حسين رضي الله جي قاتلن جو عبرتناڪ انجام
الله
p
جي پياري حضرت حسين رضي الله جي شخصيت کي ايذاءَ ڏيندڙ ۽ شهيد ڪندڙن دنيا جي
پوڄارين، اندر جي انڌن، قلبن جي ڪارن سوچيو هو ته اهي حضرت حسين جي ذات کي شهيد ڪري
پوءِ آزاديءَ سان مزا ماڻيندا ۽ کين جن وڏن وڏن انعامن جي توقع هئي، اهي حاصل ڪري
عيش واري زندگي گذاريندا، پر انهن کي خبر نه هئي ته ظلم ۽ ظالم جي عاقبت ڪهڙي ٿيندي
۽ ظالم تي الله
p
جو قهر ڪيئن ڪڙڪندو ۽ پاڪن شهيدن جو رت ڪهڙو رنگ لائيندو؟ ان ڳالهه کان اهي بي
توجهه رهيا. انهن کي اها سوچ به نه هئي ته جيڪو به حضرت امام حسين جي شهيد ڪرڻ ۾
شريڪ رهيو، اهو قسمين قسمين عذابن ۾ مبتلا ٿيندو. اهو ئي فرات درياءَ جو ڪنارو
هوندو، اهو ئي عاشوره جو ڏينهن هوندو ۽ اها ئي ظالمن جي قوم هوندي ۽ مختار ثقفي جا
گهوڙا انهن بدبختن جي لاشن کي لتاڙيندا ۽ انهن جي مٿان هلندا. انهن جا هٿ ۽ پير
ڪٽيا ويندا. گهر لٽيا ويندا انهن کي سوريءَ تي لٽڪايو ويندو ۽ انهن جا لاش گندن
کڏن ۾ اڇلايا ويندا ۽ اتي پيا سڙندا. دنيا جو هر شخص انهن تي لعنت ۽ ملامت ڪندو ۽
انهن جي هلاڪت ۽ برباديءَ تي خوشيون ملهائيندو.
(سوانح ڪربلا: ص 110)
ابن سعد کي جڏهن مختار ثقفي جي دربار ۾ طلب ڪيو ويو ته ان جي پٽ چيو ته اهو هاڻي
گوشي نشين ٿي ويو آهي. مختار ثقفي ان جي پٽ کي چيو ته: اهو (حضرت) امام حسين کي
شهيد ڪرڻ واري ڏينهن ڇو نه گوشہ نشين ٿيو؟ پوءِ ابن سعد کي گهرائي، پهريان سندس پٽ
کي سندس اڳيان قتل ڪرايائين ۽ ان کي چيائين ته ظالم ڏس، جنهن پيءُ جي اڳيان پٽ قتل
ڪيو ويندو ته ان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟ پوءِ ان کي به قتل ڪرايائين. ان کان پوءِ شمر
جي ڳولا ڪرائي هٿ ڪري ان کي به قتل ڪرايائين ۽ ان جي لاش تي گهوڙا هلارايائين ۽
جڏهن انهن جا سر ڪٽي (حضرت حسين پاڪ رضي الله جي ڀاءُ) محمد بن حنفيہ ڏانهن مدينه
منوره ۾ موڪليائين ته ان وقت حضرت امام زين العابدين رضي الله منجهند جي ماني کائي
رهيو هو. پاڻ فورًا الله
p
جي بارگاهه ۾ شڪراني جو سجدو ڪري فرمايائين ته: جڏهن (حضرت حسين) منهنجي والد جو
پاڪ سر ابن زياد وٽ آندو ويو هو ته اهو ئي ٻن پهرن وارو ٽائيم هو ۽ اهو به ٻنپهرن
واري ماني کائي رهيو هو ۽ اڄ جڏهن الله
p
ان کي ذليل ۽ خوار ڪري ان جو سر اسان وٽ موڪليو آهي ته مان به ٻنپهرن جي ماني کائي
رهيو آهيان.
علامہ زهري جو قول آهي ته: ”
انه لم يبق احد ممن قتل الحسين الا عوقب في الدنيا قبل الآخرة اما بالقتل او سواد
الوجه او تغير الخلقة او زوال الملک في مدة يسيرة“
(نورالابصار: ص 147)
يعني جن (حضرت) حسين کي شهيد ڪيو، انهن مان ڪو هڪ به نه بچيو، جنهن کي آخرت جي
عذاب کان پهريان ئي دنيا ۾ قتل ڪرڻ سان يا ڪاري منهن ڪرڻ سان يا شڪل ڦيرائڻ سان يا
جلدي حڪومت ختم ڪرڻ سان الله
p
عذاب نه ڪيو.
مختار ثقفي عام اعلان ڪري ڇڏيو هو ته: ”
اطلبوا لي قتلة الحسين فانه لا يسوغ لي الطعام والشراب حتي اطهر الارض منهم“
(تاريخ طبري: ج7 ص 124)
مون لاءِ (حضرت ) حسين جي قاتلن کي ڳولي وٺي اچو، ڇو ته مان جيستائين انهن کان زمين
کي پاڪ نه ڪندس، تيستائين پيٽ ڀري نه طعام کائيندس ۽ نه پاڻي پيئندس. چناچه ابن
زياد، يزيدي لشڪر جي هيري عبيدالله بن زياد جو جڏهن سر مختار ثقفي جي دربار ۾ آندو
ويو ته اوچتو دانهون ٿي ويون ته هو اچي ويو هو اچي ويو. سڀ ماڻهو انهن قاتلن
جي سرن کان هٽي ويا ۽ ڏٺائون ته: ”
فإذا حية قد جاءت تتخلل الرؤس حتى دخلت في منخر عبيد الله بن زياد فمكثت هنيهة ثم
خرجت فذهبت حتى تغيبت ثم قالوا: قد جاءت قد جاءت ففعلت ذلك مرتين أو ثلاثًا هذا
حديث حسن صحيح
“
(ترمذي: ج2 ص 218- البداية والنهاية: ج8 ص 191- اسدالغابة لابن الاثير: ج1 ص 266-
ما ثبت من السنة: ص 23- تذڪرة الخواص: ص 286)
پوءِ هڪ وڏو نانگ آيو ۽ ابن زياد جي سر کي ڳولي ان جي نڪ جي سوراخن ۾ گهڙي ٿوري
دير کان پوءِ نڪري هليو ويو. وري دانهون ٿي ويون ته اهو اچي ويو، اهو اچي ويو، ان
وري به ائين ڪيو ۽ ان طرح ان ٻه ٽي ڀيرا ڪيو. محدث ترمذي فرمايو ته هي روايت صحيح ۽
سهڻي آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته سيدنا ابن عباس
t
کان روايت آهي ته:
”اوحي
الله اليٰ محمد اني قد قتلت بيحييٰ بن زکريا سبعين الفا واني قاتل بابن بنتک سبعين
الفا و سبعين الفا“
(المستدرڪ للحاڪم: ج4 ص 178-
تهذيب التهذيب: ج2 ص 355- خصائص الڪبرى للبيهقي: ج2 ص 283- سيرت النبي از شبلي: ج3
ص 710- سوانح ڪربلا: ص 119)
يعني الله تعالى (حضرت) محمد ﷺ ڏانهن وحي ڪيو ته: مون (حضرت) يحيى بن زڪريا (على
نبينا وعليهما الصلوات والسلام) جي بدلي ۾ ستر هزار قتل ڪرايا ۽ اوهان جي نياڻيءَ
جي پٽ جي بدلي ۾ ستر هزار هڪڙا ۽ ستر هزار ٻيا قتل ڪرائيندس.
حرمله جو حال
راوي روايت ٿو ڪري ته جڏهن ڪربلا جي شهيدن جي پاڪ سرن کي يزيدي فوجي يزيد ڏانهن
کنيو ٿي ويا ته هڪ گهڻو سهڻو نوجوان گهوڙي تي سوار هو. گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ هڪ چنڊ
جهڙي سهڻي نوجوان جو پاڪ سر لٽڪيل هو. راوي چوي ٿو ته مون پڇا ڪئي ته هيءُ سر ڪنهن
جو آهي؟ گهوڙي تي سوار جوان جواب ڏنو ته (حضرت) عباس (علمبردار) جو سرپاڪ آهي. راوي
چوي ٿو مون ان گهوڙي سوار کان پڇيو ته تون ڪير آهين؟ ان چيو ته مان حرمله آهيان.
راوي چوي ٿو ته مون ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان کي ڏٺو ته ان جو منهن صفا ڪارو ٿي ويو
هو. مون پڇيومانس ته اي حرمله! توکي ڇا ٿي ويو آهي اڳ ۾ تون تمام گھڻو سهڻو هوندو
هئين ۽ هينئر تون سڀني کان وڌيڪ بدشڪل ٿي ويو آهين؟ پوءِ ان روئي ڏنو ۽ چيائين ته:
جڏهن کان مون (حضرت عباس جو) سر مبارڪ گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي کنيو آهي، تڏهن کان اڄ
ڏينهن تائين ڪابه رات خالي ناهي، جو مون وٽ ٻه ڄڻا اچن ٿا ۽ مون کي ٻانهن کان وٺي
ڇڪي هڪ باهه تائين پهچائي ان ۾ وجهن ٿا پوءِ مان پوئتي هٽڻ جي ڪيان ٿو، پر اها باهه
منهنجي منهن کي ساڙي ٿي تڏهن منهنجو اهو حال ٿيو آهي جيڪو تون ڏسين پيو.
(الصواعق المحرقة: ص 196 - نور الابصار: ص 147_- جامع ڪرامات الاولياء وغيره)
يزيدي يار سڙي ويو
قرآن ڪريم جو تفسير بيان ڪندڙ سُدِي جو بيان آهي ته: مان هڪ ڀيري ڪربلا ۾ رات رهيس.
جنهن وٽ مهمان ٿيس، ان سان ڪچهري ڪندي مون ان کي چيو ته جيڪو به حضرت امام حسين
رضي الله جي شهيد ڪرڻ ۾ شامل ٿيو ان جي حالت تمام خراب ٿي ۽ بڇڙو ٿي مري ويو. اتي
ويٺل هڪ شخص چيو ته تون ڪوڙ ٿو هڻين مان (حضرت) حسين جي شهيد ڪرڻ ۾ شريڪ هوس مون کي
ته ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. (الله
p
جو شان) جڏهن رات جو پهريون حصو ٿيو ۽ اهو شخص ڏيو وسائڻ جي لاءِ اٿيو ته ڏيئي مان
ان کي باهه وٺي وئي ۽ سڙي ويو. سدي فرمايو ته الله جو قسم! مون ان کي ڏٺو ته سڙي
ڪارو اڱر ٿي ويو هو.
(تذڪره الخواص: ص 282 - الصواعق المحرقة: ص 195 - تهذيب التهذيب: ج 2 ص 355)
يزيدي انڌو ٿي ويو
ابن الدماح نالي هڪ راوي روايت ٿو ڪري ته ڪوفي ۾ هڪ ماڻهو هو، جيڪو حضرت حسين جي
شهادت وقت يزيدي فوج ۾ شريڪ هو، اهو انڌو ٿي ويو. اسان ان کان انڌي ٿيڻ جو سبب پڇيو
ته ان چيو ته ”اسين ڏهه ماڻهو هياسون ۽ مون پنهنجي سر نه اتي تلوار هلائي، نه نيزو،
نه ڪنهن کي تير هنيو. جڏهن حضرت حسين شهيد ٿي ويو ۽ ان جو (پاڪ) سر نيزه تي کنيو
ويو ته مان واپس آيس. ان وقت منهنجون اکيون بالڪل صحيح هيون. جڏهن مان سمهي رهيس ۽
مون کي ننڊ آئي ته مون وٽ خواب ۾ هڪ شخص آيو ۽ چيائين ته توکي رسول الله ﷺ جن
گهرايو آهي. مون ان کي چيو ته مون کي رسول الله ﷺ جن ڇا لاءِ گهرائيندا؟ اهو مون کي
هٿ مان وٺي تنبيہ ڪندي هڪ اهڙي جاءِ تي وٺي آيو، جتي ماڻهو موجود هئا ۽ حضور ﷺ جن
غمگين پنهنجي پاڪ ٻانهن تان ڪپڙو مٿي ڪري تلوار هٿ ۾ کنيو بيٺا هئا ۽ سندن اڳيان
چمڙو وڇايل هو ۽ جيڪي مون سان گڏ يزيدي لشڪر ۾ شامل هيا ۽ انهن تلوارون نيزا ۽ خنجر
هلايا هئا، اهي ڏهه ڄڻائي ڪٺل ان چمڙي تي ڪريا پيا هئا. مون مٿن سلام عرض ڪيو ته
پاڻ فرمايائون توتي نه سلام آهي نه توکي الله تعالى زنده رکي. اي ملعون! توکي
منهنجو به حياءَ نه پيو منهنجي اولاد کي قتل ڪرڻ جي لاءِ آيو هئين. مون کين عرض ڪيو
ته يا رسول الله ﷺ! مون جنگ ۾ حصو نه ورتو هو. پاڻ فرمايائون ته ”ها پر تو يزيدي
لشڪر ۾ شامل ٿي، لشڪر کي گهڻو بنايو“ ۽ مون ڏٺو ته سندن سڄي پاسي کان هڪ وڏي ٿالهي
پئي هئي، جنهن ۾ حضرت حسين پاڪ جو پاڪ رت پيل هو ۽ پاڻ مون کي فرمايائون ته ”ويهه“
مان گوڏا ڀڃي سندن اڳيان ويٺس ته پاڻ لوهه جي هڪ سرائي وٺي ان کي باهه ۾ گرم ڪري
منهنجي اکين ۾ هلايائون صبح جو مان ننڊ مان اٿيس ته انڌو هوس جيئن هينئر مون کي ڏسي
رهيو آهين.
(تذڪره الخواص: ص 281- الصواعق المحرقة: ص 195 - تهذيب التهذيب: ج 2 ص 354)
سوال:يزيد
برو بڇڙو جو ڪجهه به هو اوهان ان جي خلاف لکيو آهي، ان لکڻ مان فائدو ڪهڙو آهي؟
جواب:
الله
p
جي راضي ڪرڻ جي ذريعن مان هڪ ذريعو الله
p
جي لاءِ محبت رکڻ ۽ ان کي راضي ڪرڻ جي لاءِ بغض رکڻ به آهي. اسان جي يزيد سان عداوت
۽ ان کان نفرت ۽ حضرت امام حسين رضي الله سان محبت الله
p
جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي. الحب لله والبغض لله جو ثواب آقاء نامدار ﷺ جن پاڻ
بيان فرمايو آهي. جيئن هنن حديثن مان واضح آهي:
حديث1:
حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو: ”إِنَّ
اللهَ عَزَّ وَجَلَّ يَقُوْلُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ أَيْنَ الْمُتَحَابُّونَ
بِجَلاَلِى الْيَوْمَ أُظِلُّهُمْ فِى ظِلِّىْ يَوْمَ لاَ ظِلَّ إِلاَّ ظِلِّىْ“
(مشڪواة باب الحب لله و من الله: ص 424)
بلاشڪ الله قيامت جي ڏينهن فرمائيندو ته منهنجي عظمت جي ڪري محبت رکڻ وارا ڪٿي
آهن؟ اڄ مان انهن کي پنهنجي (قدرتي پاڇي جي ڇانو ۾ رکندس جو اڄ (قدرتي) ڇانو کان
سواءِ ڪا ڇانو ناهي.
سمجهاڻي:
علامہ شرف الدين بن حسين طيبي لکيو آهي ته هن حديث
جي لفظ ”بِجَلاَلِيْ“
۾ ”ب“
جو حرف في جي معنى آيل آهي جيئن پوئين قول ۾ ”اَلْمُتَحَابُّوْنَ
فِيْ جَلاَلِيْ“
۾ ”فِيْ“حرف
۽ ”جلال“
جو لفظ خصوصي
طور ان جي ڪري ذڪر ڪيو ويو آهي ته سطوت ۽ عظمت تي دلالت ڪري يعني ان محبت ۾ نفساني
خواهش ۽ شيطاني ڳالهه کان پري هوندا. اها انهن جي محبت صرف منهنجي عظمت ۽ مون سان
محبت جي ڪري هوندي ۽ منهنجي قدرتي ڇانو ۾ هجڻ جو مطلب بيان ڪندي قاضي عياض چيو آهي
ته اهي آخرت جي گرمي ۽ محشر ۾ بيهڻ واري خوف کان محفوظ ۽ قدرتي پناهه ۾ هوندا. عيسى
بن دينار جو قول آهي ته ”اهي الفاظ الله
p
جي طرفان کين مليل پردي ۽ پناهه ۾ رهڻ کان ڪنايو آهي جيئن بادشاهه جي لاءِ چيو
ويندو آهي ته اهو زمين ۾ الله جو پاڇو آهي ۽ هڪ قول مطابق ”ظل“ مان مراد راحت ۽
نعمت آهي (يعني جيڪي ٻانها هڪ ٻئي سان منهنجي ڪري محبت رکن ٿا اهي قيامت جي ڏينهن
راحت ۽ نعمت ۾ هوندا.
(الطيبي شرح مشڪواة ص 195 ج9)
هن حديث جي شرح ۾ حضرت علامہ مفتي احمد يار خان نعيمي رحمة الله لکيو آهي ته: ظل جي
معنى پاڇو آهي، پر ڪڏهن ان مان مراد پناهه ۽ امن ڏيڻ به ورتي ويندي آهي، جيئن عادل
بادشاهه کي ”ظل الله“ چيو ويندو آهي ۽ بزرگن لاءِ چيو ويندو آهي دام ظلهم (يا مد
ظلہ العالي) هن حديث پاڪ ۾ ”ظل“ جيڪڏهن پاڇي ۽ ڇانو جي معنى ۾ آهي ته پوءِ ان مان
مراد عرش عظيم جي ڇانو آهي، ڇو ته پاڇو ۽ ڇانو جسم جي هوندي آهي ۽ الله
p
جسم کان پاڪ آهي ۽ جيڪڏهن ان مان مراد پناهه آهي ته پوءِ ته مطلب ظاهر آهي. (مرآة
المناجيح: ص 557 ج6)
حديث2:
حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته: ”أَنَّ
رَجُلاً زَارَ أَخًا لَّهٗ
فِى قَرْيَةٍ أُخْرٰى فَأَرْصَدَ اللهُ لَهُ عَلَى مَدْرَجَتِهِ مَلَكًا فَلَمَّا
أَتٰى عَلَيْهِ قَالَ أَيْنَ تُرِيْدُ قَالَ أُرِيْدُ أَخًا لِّيْ فِى هٰذِهِ
الْقَرْيَةِ. قَالَ هَلْ لَّكَ عَلَيْهِ مِنْ نِعْمَةٍ تَرُبُّهَا قَالَ لاَ غَيْرَ
أَنِّى أَحْبَبْتُهٗ فِى اللهِ عَزَّ وَجَلَّ. قَالَ فَإِنِّىْ رَسُوْلُ اللهِ
إِلَيْكَ بِأَنَّ اللهَ قَدْ أَحَبَّكَ كَمَا أَحْبَبْتَهُ فِيهِ“
(صحيح مسلم: ج8 ص12- مشڪواة: ج3ص85)
بلاشڪ هڪ شخص پنهنجي ڀاءُ جي ملاقات ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو ته
الله تعالى ان تي هڪ ملائڪ جي ڊيوٽي لڳائي. ان پڇيس ته ڪٿي وڃڻ جو ارادو ڪيو اٿئي؟
ان شخص چيو ته هن ڳوٺ ۾ هڪ ڀاءُ سان ملڻ جو ارادو ڪيو اٿم. ملائڪ چيس ته: ڇا ان تي
تو ڪو احسان ڪيو آهي، جنهن جو بدلو حاصل ڪرڻ گهرين ٿو؟ ان چيو ته ”نه مان ان سان
الله جي لاءِ محبت رکان ٿو. (ملائڪ) چيس ته مان تو ڏانهن الله جي طرفان قاصد
آهيان (توکي ٻڌائڻ آيو آهيان ته) جيئن تون ان (ڀاءُ) سان خدا ڪارڻ محبت رکين ٿو،
تيئن يقينًا الله به توسان محبت رکي ٿو.
سمجهاڻي:
هن حديث جي شرح ۾ بزرگن لکيو آهي ته هتي ملاقات ڪرڻ مان مراد ملاقات لاءِ نڪرڻ آهي
۽ ڀاءُ مان مراد الله تعالى کي مڃڻ
وارو مومن ڀاءُ آهي. حقيقي هجي يا مجازي ”اِنَّمَا
الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ“
بلاشڪ مومن هڪٻئي جا ڀائر آهن. نسبي ڀاءُ مراد ناهي ۽ ”مُدَرْجَةٌ“
رستي کي به چوندا آهن ته ڏاڪڻ کي به چوندا آهن. هتي رستو مراد آهي ممڪن آهي ته اهو
ڳوٺ ڪنهن بلنديءَ ۽ مٿانهين زمين تي هجي ۽ فرشتي مان مراد يا جبريل آهي يا ٻيو ڪو
ملائڪ جيڪو ان ڪم تي مقرر ڪيو ويو هجي.
(مرقاة شرح مشڪواة: ص 425 ج 4- مرآة: ص557 ج6)
محدث طيبي لکيو آهي ته ”وفيه
فضل المحبة في الله وانها سبب لحب الله وفضيلة زيارة الصالحين وان الانسان قديري
الملائکة“
(طيبي شرح- مشڪواة: ص 195 ج9)
يعني هن روايت مان الله جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ محبت رکڻ جي ڀلائي ثابت آهي ۽ اها
محبت پنهنجي لاءِ الله جي طرفان محبت حاصل ڪرڻ جو به ذريعو آهي ۽ هن مان صالحن جي
زيارت ڪرڻ جي ڀلائي به ثابت آهي ۽ اهو به ثابت ٿيو ته جيڪڏهن الله گهري ته انسان
ملائڪن کي به ڏسي سگهي ٿو.
اهو به ثابت ٿيو ته الله تعالى ڪڏهن عام انسان ڏانهن به ملائڪن
جي ذريعي پيغام موڪلي ٿو پر اهو پيغام الهام جي معنى ۾ آهي وحي نبوت وارو پيغام
ناهي، جيڪو نبين
-
سان مخصوص آهي.
حديث3:
حضرت ابن مسعود رضي الله کان روايت آهي ته هڪ مرد حضور
ﷺ جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”كَيْفَ
تَقُوْلُ فِي رَجُلٍ أَحَبَّ قَوْمًا وَلَمْ يَلْحَقْ بِهِمْ فَقَالَ رَسُوْلُ
اللهِ ﷺ
الْمَرْءُ مَعَ مَنْ أَحَبَّ“
(متفق عليہ - مشڪواة: ص 426)
اي الله جا رسول (ﷺ)! اوهان ان شخص جي لاءِ ڇا ٿا فرمايو جنهن ڪنهن قوم سان محبت
رکي، پر انهن کي مليو ڪونه. پاڻ فرمايائون ته ”ماڻهو ان سان گڏ هوندو، جنهن سان
محبت رکندو.
سمجهاڻي:
حديث پاڪ جي مفهوم هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪن ڀلارن سان نه ملاقات ڪئي آهي ۽ نه
انهن جيترا نيڪ عمل ڪيا اٿس، پر انهن سان دلي محبت رکي ٿو ته اهو قيامت جي ڏينهن
انهن سان گڏ هوندو.
علامہ علي القاري لکيو آهي ته: هن حديث جي مفهوم ۾ اهو به داخل آهي ته برن سان محبت
رکندڙ انهن سان گڏ عذاب ۾ هوندو.
(مرقاة شرح مشڪواة: ص 707 ج 4)
راقم الحروف هن ڪتاب جي پڙهندڙن پيارن جي خدمت ۾ عرض گذار آهي ته مذڪور حديث جي
روشني ۾ هي ڳالهه به واضح ٿي ته يزيد سان ياري ۽ محبت رکندڙ ان سان گڏ جهنم ۾ هوندا
۽ حضرت حسين رضي الله سان محبت ۽ پيار رکندڙ ان سان گڏ جنت ۾ داخل ٿي مزا ماڻيندا.
حديث4:
حضرت ابن عباس
t
کان روايت آهي ته: رسول الله ﷺ
جن (حضرت) ابوذر کي فرمايو: ”
يَا أَبَا ذَرٍّأَيُّ عُرَى الْإِيْمَانِ أَوْثَقُ قَالَ:اَللهُ وَرَسُولُهٗ
أَعْلَمُ قَالَ: اَلْمُوَالَاةُ فِي اللهِ وَالْحُبُّ فِي اللهِ وَالْبُغْضُ فِي
اللهِ“
(رواه البيهقي- مشڪواة: ص 462)
اي اباذر! ايمان جي ڪڙن مان ڪهڙو ڪڙو وڌيڪ مضبوط آهي؟ ابوذر عرض ڪيو ته الله ۽ ان
جو رسول وڌيڪ ڄاڻندڙ آهن؟ فرمايائون ته ”الله (جي رضا حاصل ڪرڻ) لاءِ دوستي رکڻ ۽
ان جي لاءِ محبت رکڻ ۽ ان جي (رضا حاصل ڪرڻ) لاءِ (ڪنهن سان ) بغض رکڻ.
سمجهاڻي:
مطلب ته جيڪو الله جو پيارو آهي ته ان سان دوستي ۽ محبت
۽ جيڪو بي دين آهي ان سان دلي بغض عداوت رکڻ ۽
ان کان نفرت ڪرڻ.
مسلمان ڀائرو! سيدنا حسين رضي الله الله
p
۽ ان جي حبيب
q
کي پيارو آهي، ان جي ڪري اسان جي ان سان محبت آهي ۽ ان شاءَالله تعالى مرڻ تائين
رهندي ۽ يزيد پليد بيحياء شرابي زاني قاتل ۽ بي رحم هجڻ جي ڪري الله
p
جي دربار مان تڙيل آهي، ان جي ڪري اسان کي ان کان نفرت آهي.
(مرآة شرح مشڪواة: ص 595 ج 6 )
حضرت شيخ سعدي رحمة الله فرمايو آهي:
ہزار خویش کہ بیگانہ از خدا باشد
فدائے یک تن بیگانہ کآشنا باشد
مطلب ته پنهنجا هزار ڄڻا جيڪي الله کان پري آهن، ان هڪ شخص ڌارئي تان قربان، جيڪو
(الله
p
کان) واقف هجي.
حديث5:
حضرت ابوذر رضي الله کان روايت آهي ته حضور ﷺ جن اسان
ڏانهن ٻاهر تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون ته ”
أَتَدْرُوْنَ أَيُّ الْأَعْمَالِ أَحَبُّ إِلَى اللهِ تَعَاليٰ قَالَ قَائِلٌ
اَلصَّلَاةُ وَالزَّكَاةُ وَقَالَ قَائِلٌ الْجِهَادُ قَالَ إِنَّ أَحَبَّ
الْأَعْمَالِ إِلَى اللهِ تَعالي الْحُبُّ فِي اللهِ وَالْبُغْضُ فِي اللهِ
“
(رواه احمد وابوداؤد الفصل الاخير اي ان احب الاعمال الخ- مشڪواة: ص427)
يعني اوهان ڄاڻو ٿا ته عملن مان ڪهڙو عمل الله وٽ وڌيڪ پيارو آهي؟ ڪنهن چوندڙ چيو
ته نماز ۽ زڪوات ۽ ڪنهن چوندڙ چيو ته جهاد. نبي (پاڪ) ﷺ فرمايو ته الله وٽ عملن ۾
وڌيڪ پيارو عمل الله
جي (رضا حاصل ڪرڻ) لاءِ محبت رکڻ ۽ الله جي (رضا حاصل ڪرڻ) لاءِ بغض رکڻ آهي.
سمجهاڻي:
حضرت ابوذر رضي الله فرمايو ته: اسين مسجد ۾ هياسون ته محبوب پاڪ
q
جن پنهنجي حجره مبارڪ ۾ هئا پوءِ پاڻ نڪري اسان وٽ مسجد ۾ آيا ۽ غالبًا اها سندن
تشريف آوري نماز جي لاءِ نه پر مٿن ڪرمنوازي ڪرڻ ۽ کين ديدار جو شرف بخشڻ جي لاءِ
هئي ان جي ڪري
حضرت ابوذر رضي الله”عَلَيْنَا“
(اسان تي) فرمايو ۽ پاڻ ”أَحَبُّ“
جو لفظ آندائون ”
أَفْضَلُ“
جو لفظ نه آندائون ڇو ته هتي افضليت بيان ڪرڻ مقصد
نه هئي محبوبيت بيان ڪرڻي هئي. ڏسو حضرت علي
a
سان حضرت حبيب ڪريم ﷺ جي محبت ته ضرور هئي، پر افضليت حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر رضي
الله جي لاءِ ثابت آهي.
(مرقاة شرح مشڪواة: ص 714 ج 4 - مرآة: ص 600 ج 6)
۽ صحابه ڪرام جواب ۾ افضليت ۽ احبيت ۾فرق نه ڪيو جڏهن ته نماز يا زڪوات يا جهاد به
ڀلا عمل آهن ته انهن ڀلارن انهن جو ذڪر ڪيو. هتي حديث پاڪ ۾ آيل ’واو‘ او جي معنى ۾
آهي. خيال ۾ رهي ته عمومًا نماز سڀني عملن ۾ سٺو ۽ ڀلو عمل هوندو آهي، پر بعض
هنگامي حالتن ۾ جهاد نماز کان به ڀلو عمل هوندو آهي. نماز زڪوات ۽ جهاد به
”اَلْحُبُّ
لِلهِ
“ جون شاخون آهن جو مسلمان الله
p
جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن سان محبت رکندو آهي ۽ براين ۽ بڇڙاين کان نفرت ”اَلْبُغْضُ
لِلهِ“
جون شاخون آهن ۽ هتي انهن مان مراد نيڪن صالحن ٻانهن سان
محبت ۽ بدڪردارن سان بغض رکڻ آهي. ان نقطه نظر سان حضرت امام حسين رضي الله سان
محبت ۽ يزيد پليد سان بغض رکڻ ڀلو عمل آهي.
حديث6:
حضرت ابوهريره رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو: ”لَوْ
أَنَّ عَبْدَيْنِ تَحَابَّا فِي اللهِ وَاحِدٌ فِي المَشْرِقِ وَآخَرُ فِي
المَغْرِبِ لَجَمَعَ اللهُ تَعَاليٰ بَيْنَهُمَا يَوْمَ الْقِيَامَةِ يَقُوْلُ :
هٰذَا الَّذِيْ كُنْتَ تُحِبُّهُ فِيَّ
“
(الفتح الڪبير: ج3 ص 38- شعب الايمان للبيهقي: ج6 ص492- مشڪواة: ص427)
جيڪڏهن ٻن ٻانهن پاڻ ۾ الله
p
جي (رضا حاصل ڪرڻ) لاءِ محبت رکي هوندي هڪڙو دنيا جي اوڀر ۾ هوندو ۽ ٻيو اولهه ۾
(ته به) الله انهن ٻنهي کي قيامت جي ڏينهن ملائيندو ۽ فرمائيندو ته هي اهو آهي جنهن
سان تون (منهنجي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ) محبت رکندو هئين.
سمجهاڻي:
هن حديث مان معلوم ٿيو ته لله في الله محبت ڪرڻ محب ۽ محبوب کي قيامت ۾ ملائڻ جو
سبب آهي ۽ جڏهن اسان جي حضور ﷺ ۽ حضرات حسنين ڪريمين سان خلوص واري محبت آهي ته
الله
p
جي فضل ۽ ڪرم سان اسين انهن سان گڏ هونداسين. يزيد جي يارن کي يزيد سان گڏ رهڻ جو
شوق آهي ته اهي ان سان گڏ هوندا.
حديث7:
حضرت ابورزين رضي الله کان روايت آهي ته کيس حضور ﷺ جن مخاطب ٿي فرمايو: ”أَلَا
أَدُلُّكَ عَلىٰ مِلاَكِ هٰذَا الْأَمْرِ الَّذِيْ تُصِيْبُ بِهٖ خَيْرَ الدُّنْيَا
وَالْآخِرَةِ؟
عَلَيْكَ بِمَجَالِسِ أَهْلِ الذِّكْرِ وَ إِذَا خَلَوْتَ فَحَرِّكْ لِسَانَكَ مَا
اسْتَطَعْتَ بِذِكْرِ اللهِ وَأَحِبَّ فِي اللهِ وَأَبْغِضْ فِي اللهِ يَا أَبَا
رَزِيْنَ! هَلْ شَعَرْتَ أَنَّ الرَّجُلَ إِذَا خَرَجَ مِنْ بَيْتِهٖ زَائِرًا
أَخَاهٗ شَيَّعَهٗ سَبْعُوْنَ أَلْفَ مَلَكٍ كُلُّهُمْ يُصَلُّوْنَ عَلَيْهِ
وَيَقُوْلُوْنَ : رَبَّنَا إِنَّهٗ وَصَلَ فِيْكَ فَصِلْهُ فَإِنِ اسْتَطَعْتَ
أَنْ تَعْمَلَ جَسَدَكَ فِيْ ذَالِكَ فَافْعَلْ“
(جامع الاحاديث لجلال الدين السيوطي: ج5 ص
460- شعب الايمان للبيهقي: ج6 ص492- مشڪواة: ص427)
ڇا مان توکي هن امر جي اصل جو ڏس نه ڏيان؟ جو ان سان تون دنيا ۽ آخرت جي ڀلائيءَ
کي پهچين؟ (اهو هي آهي ته) اهل ذڪر جي مجلسن کي لازم ڪري وٺ ۽ جڏهن اڪيلائيءَ ۾
ويهين ته جيترو ٿي سگهئي پنهنجي زبان الله جي ذڪر سان چوريندو رهه ۽ الله جي رضا
حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پيارن سان محبت رک ۽ (بي دينن ظالمن سان ) بغض رک. اي ابارزين!
ڇا تو سمجهيو ته جڏهن ڪو شخص پنهنجي گهر مان پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ جي ملڻ لاءِ
نڪرندو آهي ته ان تي ستر هزار ملائڪ ڇانو ڪندا ايندا ۽ سڀ ان جي لاءِ رحمت جون
دعائون گهرندا ايندا آهن ۽ چوندا ايندا آهن ته: اي اسان جا رب! ان ٻانهي ( تنهنجي
رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ (ٻئي کي) ڳنڍيو آهي ته
تون ان کي پاڻ سان ڳنڍ (ملاءِ) (حضور
q)
جن حضرت ابو رزين کي مخاطب ٿي فرمايو ته ”
پوءِ تون جيڪڏهن پنهنجي جسم کي
ان (ڪم) ۾ استعمال ڪري سگهين ته ڪندو رهه“.
سمجهاڻي:
حديث پاڪ جي مبارڪ لفظ ”
فَصِلْهُ“
جو مطلب آهي يا الله!
تون ان کي پنهنجي اطاعت ۽ بندگي نصيب ڪر.
(مرآة المناجيح: ص 605 ج6)
حديث8:
حضرت ابو هريره رضي الله کان روايت آهي ته مان رسو ل الله ﷺ
جن سان گڏ هوس ته پاڻ فرمايائون: ”إِنَّ
فِي الْجَنَّةِ لَعُمُدًا مِنْ يَاقُوْتٍ عَلَيْهَا غُرَفٌ مِنْ زَبَرْجَدٍ لَهَا
أَبْوَابٌ مُفَتَّحَةٌ تُضِيْءُكَمَا يُضِيْءُ الْكَوْكَبُ الدُّرِّيُّ قُلْنَا:
يَا رَسُوْلَ اللهِ مَنْ يَّسْكُنُهَا قَالَ: الْمُتَحَابُّوْنَ فِي اللهِ
وَالْمُتَجَالِسُوْنَ فِي اللهِ وَالْمُتَلاَقُوْنَ فِي اللهِ“
(روي البيهقي الثلاثة في شعب الايمان- مشڪواة: ص427- مسند بزار: ج2 ص462)
بلاشڪ جنت ۾ ياقوت مان ٺهيل ٿنڀ آهن، جن تي زبرجد مان ٺهيل ڪمرا آهن، انهن جا
دروازا کليل آهن ائين چمڪن ٿا، جيئن آسمان جا چمڪندڙ تارا هوندا آهن. (اصحابن
سڳورن) عرض ڪيو ته: يا رسول الله! انهن ۾ ڪير رهندا؟ فرمايائون : الله جي (رضا حاصل
ڪرڻ جي) لاءِ (هڪ ٻئي سان) محبت رکندڙ، الله جي لاءِ گڏجي ويهندڙالله جي لاءِ (هڪ
ٻئي سان ملاقات ڪندڙ)
سمجهاڻي:
هن حديث پاڪ ۾ جيڪي ٽي ڳالهيون بيان ٿيون، اهي ٽئي يا انهن مان هڪ ڳالهه ڪري ته به
ان جي لاءِ اهو انعام آهي.
(مرآة شرح مشڪواة: ص 605 ج 6)
حديث9:
حضرت ابو امامه رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن
فرمايو: ”مَا
أَحَبَّ عَبْدٌ عَبْدًا لِلهِ عَزَّ وَجَلَّ إِلَّا أَكْرَمَهٗ رَبُّهُ عَزَّ
وَجَلَّ
“
(مسند احمد: ج5 ص259- مشڪواة: ص 427)
ڪنهن ٻانهي (ٻئي) ٻانهي سان الله جي (رضا حاصل ڪرڻ ) لاءِ محبت رکي ته ان جو رب ان
کي عزت وارو بنائيندو.
سمجهاڻي:
هن حديث پاڪ مان واضح ٿيو ته الله پاڪ جي مقبول ٻانهن مان ڪنهن سان الله
p
جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ محبت رکڻ ۽ ان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جو بدلو ۽ اجر اهو آهي
ته مالڪ مٺو ان ٻانهي جي عزت وڌائي ٻين جي دلين ۾ ان جي لاءِ پيار ۽ احترام پيدا
فرمائيندو ۽ جڏهن عام صالحن ٻانهن سان محبت جو اهو مقام آهي ته حضور اڪرم
محبوب معظم نور مجسم ﷺ جي پاڪ
جسم جي ٽڪري سيده فاطمه زهراءِ
i
جي دلبر پٽن سان محبت ۽ عقيدت رکڻ جو بدلو به ضرور ملندو.
هن حديث پاڪ جي شرح ۾ علامہ مفتي احمد يار خان نعيمي رحمة الله لکيو آهي ته الله
p
جي ذات سان محبت ڪرڻي آهي ته ان جي پيارن ٻانهن سان محبت رکجي.
(مرآة شرح مشڪواة: ص 599 ج 6)
حديث0:
امير المومنين حضرت عمر رضي الله کان روايت آهي ته رسول الله
ﷺ جن فرمايو ”
إِنَّ مِنْ عِبَادِ اللهِ لَأُنَاسًا مَا هُمْ بِأَنْبِيَاءَ وَلاَ شُهَدَآءَ
يَغْبِطُهُمُ الأَنْبِيَاءُ وَالشُّهَدَاءُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ بِمَكَانِهِمْ مِنَ
اللهِ تَعَالَى قَالُوا يَا رَسُوْلَ اللهِ تُخْبِرُنَا مَنْ هُمْ. قَالَ
”هُمْ
قَوْمٌ تَحَابَوْا بِرَوْحِ اللهِ عَلَى غَيْرِ أَرْحَامٍ بَيْنَهُمْ وَلاَ
أَمْوَالٍ يَّتَعَاطَوْنَهَا فَوَاللهِ إِنَّ وُجُوْهَهُمْ لَنُوْرٌ وَإِنَّهُمْ
عَليٰ نُوْرٍ لَا يَخَافُوْنَ إِذَا خَافَ النَّاسُ وَلاَ يَحْزَنُوْنَ إِذَا
حَزِنَ النَّاسُ“.
وَقَرَأَ هٰذِهِ الآيَةَ İأَلاَ إِنَّ أَوْلِيَاءَ اللهِ لاَ خَوْفٌ
عَلَيْهِمْ وَلاَ هُمْ يَحْزَنُونَ Ĭ
(سوره يونس: آيت62)
(ابوداؤد: مشڪواة: ص426- ڪنزالعمال: ج10 ص 220)
بلاشڪ الله جي ٻانهن مان ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي نه نبي آهن ۽ نه شهيد (پر) قيامت
جي ڏينهن الله وٽ انهن جي مرتبي کي ڏسي انهن سان نبي ۽ شهيد ريس ڪندا (اصحابن
سڳورن) عرض ڪيو ته يا رسول الله! اهي ڪير آهن؟ پاڻ فرمايائون ته ”اهي هڪ قوم آهن،
جن الله جي محبت جي ڪري هڪ ٻئي سان محبت رکي نه انهن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون
هونديون نه مالن جي ڏي وٺ هوندي. الله جو قسم آهي ته بيشڪ انهن جا منهن البت نور
هوندا ۽ اهي نور تي هوندا ان ڏينهن بي خوف هوندا، جنهن ڏينهن ماڻهو خوف ڪندا ۽ ان
ڏينهن غمگين به نه
هوندا. جنهن ڏينهن ماڻهو غم ۾ هوندا ۽ پاڻ هيءَ آيت
İأَلاَ
إِنَّ أَوْلِيَاءَ اللهِ لاَ خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلاَ هُمْ يَحْزَنُونَ Ĭ
(سوره يونس: آيت62)
پڙهيائون، جنهن جي
معنى آهي ته بلاشڪ الله جا ولي نه انهن جي مٿان ڪو خوف آهي ۽ نه اهي غم ۾ رهندا.
سمجهاڻي:
انبياء
-
۽ شهيد انهن سان ريس ڪندا. محدثن ڀلارن هنن پاڪ لفظن جو وجهه بيان ڪندي لکيو آهي
ته دنيا ۾ هڪڙا انسان ڀلا هوندا آهن، ٻيا اهي جن کان هي ڀلا هوندا آهن. پر ڪڏهن
ڪڏهن انهن گهٽ درجي وارن ۾ ڪا هڪ اهڙي خوبي هوندي آهي، جيڪا ڀلن ۾ نه هوندي آهي
پوءِ اهي ڀلا چاهيندا آهن ته ڪاش! اها به اسان ۾ هجي ها ۽ اها ڳالهه خراب يا غلط
ناهي حسد ڪرڻ خراب آهي. (ريس ڪرڻ خراب ناهي) هتي نبين
-۽
شهيدن جي ريس ڪرڻ مان مراد انهن کي سهڻو سمجهڻ ۽ انهن جي ثنا ڪرڻ آهي ۽ اها ڳالهه
محشر جي ميدان ۾ جنت ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان هوندي ۽ انهن الله واسطي هڪ ٻئي سان
محبت رکندڙن جو شان آهي جو نه انهن کي قيامت جي ڏينهن ڪو خوف هوندو ۽ نه ڪو غم
هوندو. انبياءَ سڳورا
-انهن
کان شان ۾ مٿي هوندا، پر انهن کي پنهنجين امتن جو فڪر هوندو ۽ عام امتون وري
پنهنجن سرن جي سوچ ۾ هونديون.
(حاشية المشڪواة بحواله لمعاة 6 ص 462)
پيارا مسلمان ڀائرو! هن حديث پاڪ ۾ بيان ٿيل محبت عام صالحن ۽ نيڪن سان آهي، پر
ڪائنات جي سردار يتيمن جي يار حضرت مصطفى مختار ﷺ جي پاڪ ڪلهن جي سوار شاهه صلحاء
وابرار هر مؤمن جي قلب جي قرار ۽ چين سهڻي حسين رضي الله سان دلي محبت عقيدت ۽ پيار
ڪرڻ واري تي قادر ڪريم جا الائي ڪهڙا ڪرم هوندا. مسلمانو! هي ڏهه حديثون پڙهي پوءِ
فيصلو ڏيو ته الله تعالى جي لاءِ محبت جي حقدار سان جنهن ظالم يزيد ظلمن ڪرڻ جو
رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. البغض لله کي ذهن ۾ رکي ان سان عداوت، ڪينو ۽ دلي دشمني رکجي يا
نه ۽ ان کان قلبي نفرت ڪندي ان جي ڪڌن ڪرتوتن کي موجوده دور جي مسلمانن جي اڳيان
پيش ڪجي يا نه؟ يقينًا اوهان دل سان چوندؤ ۽ زبان کولي به بيان ڪندؤ ته ان ظالم کي
نئين نسل جي اڳيان سندس اصلي ۽ حقيقي صورت ۾ پيش ڪيو، تان ته ان جي يارن جي ڌوڪي ۾
اچي ڪو مسلمان دارين جي سعادت کان محروم نه رهجي وڃي اسان اهل سنت کي الله
p
جيڪا نبي پاڪ ﷺ ۽ ان جي پيارن صحابن ۽ اهل بيت سان محبت ڏني آهي. شال الله
p
اسان جي ايندڙ نسل کي به ان محبت سان نوازي آمين يا رب العالمين.
|