خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

باب اٺٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي كَلاَمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي السَّمَرِ.

هي باب رسول الله جي رات وارين ڳالهين ڪرڻ جي

 متعلق آيل حديثن جي باري ۾ آهي

 

سمجهاڻي: ”السمر“ چانڊوڪي رات. عرب جا ماڻهو گهڻو ڪري سهائي رات ۾ گڏ ٿي قصا ۽ ڪهاڻيون ڪندا هئا ان کان پوءِ ڪنهن رات جي مجلس کي چانڊوڪي هجي يا نه سمر ڪوٺيندا هئا. اسلام ۾ عشاء نماز کان پوءِ دين جي ڳالهين کان سواءِ ٻي ڪچهري ۽ گفتگو منع آهي پر پنهنجي گهروارين سان دل لڳي ڪرڻ تي بندش ناهي. اهڙي طرح مهمان جو اڪرام ڪرڻ به جائز آهي. حضرت نبي ڪريم جن رات جو پنهنجي ازواج مطهرات کي ڪي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا جنهن ۾ انهن جي لاءِ هدايت ۽ تعليم هوندي هئي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن باب مان مقصود هي بيان ڪرڻ آهي ته رات جو (جائز) ڳالهيون ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جائز آهن السمر جي اصل معنى آهيضوء لون القمر لانهم کانوا يتحد ثون فيه چنڊ جي روشني جو (عرب) ان ۾ ويهي ڳالهيون کڻندا هئا. مصنف هن باب ۾ ٻه حديثون روايت ڪيون آهن.

{252} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ صَبَّاحٍ الْبَزَّارُ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو النَّضْرِ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَقِيلٍ الثَّقَفِيُّ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَقِيلٍ ، عَنْ مُجَالِدٍ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنْ مَسْرُوقٍ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : حَدَّثَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ذَاتَ لَيْلَةٍ نِسَاءَهُ حَدِيثًا ، فَقَالَتِ امْرَأَةٌ مِنْهُنَّ : كَأَنَّ الْحَدِيثَ حَدِيثُ خُرَافَةَ فَقَالَ : أَتَدْرُونَ مَا خُرَافَةُ ؟ إِنَّ خُرَافَةَ كَانَ رَجُلاً مِنْ عُذْرَةَ ، أَسَرَّتْهُ الْجِنُّ فِي الْجَاهِلِيَّةِ فَمَكَثَ فِيهِمْ دَهْرًا ، ثُمَّ رَدَّوهُ إِلَى الإِنْسِ فَكَانَ يُحَدِّثُ النَّاسَ بِمَا رَأَى فِيهِمْ مِنَ الأَعَاجِيبِ ، فَقَالَ النَّاسُ : حَدِيثُ خُرَافَةَ.  حَدِيثُ أُمِّ زَرْعٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه g چيو ته هڪ رات رسول الله جن پنهنجي بيبين سڳورين کي هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائي. انهن مان هڪ بيبي سڳوري عرض ڪيو ته هيءُ ڄڻ”خرافه جي ڳالهه آهي“ تنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو ته، اوهان کي خبر آهي ته خرافھ ڇا هو؟ بلاشڪ خرافه نالي بنو عذره قبيلي جو هڪ ماڻهو هو. جنهن کي جاهليت واري زماني ۾ جنَ قيد ڪري کڻي ويا هئا. پوءِ اهو جنن وٽ گهڻا سال رهيو. نيٺ ان کان پوءِ جنَ کيس ماڻهن ۾ ڇڏي ويا ، پوءِ ان (خرافه) جيڪي اتي عجيب شيون ڏٺيون هيون. اهي ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائيندو هو. ان کان پوءِ ماڻهو ڪنهن عجيب ۽ اچرج جهڙي ڳالهه لاءِ چوندا هئا ته اها خرافه جي ڳالهه آهي يعني ان حيران ڪندڙ ڳالهه کي ”خرافه جي ڳالهه“ ڪوٺيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”ذَاتَ لَيْلَةٍ ”ذات“ لفظ مقحمه آهي تاڪيد جي لاءِ آندو ويندو آهي علامه علي قاري ߋ فرمايو ته ذات جو لفظ مقدر موصوف جي صفت آهي”اي في ساعات ذات ليلة“ رات وارين گهڙين ۾ جيئن الله جي فرمان اِنَّهٗ عَلَيۡمُ بِذَاتِ الصُّدُوۡرِ ۾ تحقيق ڪيو ويو آهي. اي سيني وارن رازن ۽ لڪل ڳالهين کي ڄاڻندڙ آهي.نِسَاءَهُ پنهنجين گهروارين سان. ۽ ممڪن آهي ته ”انهن ۾ سندن بعض نياڻيون يا مائٽياڻيون به هجن. حَدِيثًا اي ڪلاما عجيبا. عجيب ڳالهه. حَدِيثُ خُرَافَةَ (خا جي پيش سان) خرافة هڪ مرد جو نالو هو جنهن کي جن اغوا ڪري ويا هئا. جيئن عربن جو گمان هو پر جڏهن موٽي آيو ۽ ان جو ڪجهه ڏٺو هو اهي ڳالهيون ڪيائين ته ان کي ڪوڙو چيائون. ۽ نبي ڪريم جن کان روايت آهي ته ”خُرافَةُ حقُ“ يعني خرافة جيڪي جنن جون ڳالهيون ڪيون حق هيون. ۽ القاموس ۾ آهي ته خرافة ثمامة وانگر عذرة قبيلي مان هڪ شخص هو جنهن کي جن اغوا ڪري ويا هئا. پوءِ ٻين نمڪين ڳالهين کي ان جي ڳالهين سان تشبيه ڏئي چيو ويندو هو. حَدِيثُ خُرَافَةَ“ ”أَتَدْرُوۡنَ ڇا اوهان ڄاڻو ٿيون؟ انهن جي تعظيم کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ عورتن کي مردن واري صيغي سان خطاب ڪيو ويو. جيئن بيبي مريم g جي لاءِ قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي وَکَانَتۡ مِنَ الۡقَانِطِيۡنَ (۽ فرمانبردارن مان هئي. ”القانطين“ جمع مذڪر جو صيغو آهي ۽ جيئن الله جو فرمان آهي: اِنَّمَا يُرِيۡدُ اللهُ لِيُذۡهِبَ عَنۡکُمۡ الرِّجۡسَ“ ۾ ”کم“ جمع مذڪر مخاطب جو صيغو آهي ۽ ان مان مراد سياق، سباق جي لحاظ سان حضور ڪريم جون گهرواريون به آهن. أَسَرَّتْهُ جهڙپي کڻي ويا.

سمجهاڻي: جاهليت جي زماني ۾ جنات جو نهايت غلبو ۽ زور هو اهي ماڻهن کي گهڻو تنگ ڪندا ۽ تڪليف ڏيندا هئا انهن سان ڳالهيون ڪندا ۽ عورتن سان صحبت ۽ جماع ڪندا هئا انهن جا اهي واقعا مشهور آهن. اسلام کان پوءِ انهن جو زور ٽُٽي ويو، تانجو بعض ماڻهو ته ان ڳالهه جا قائل ٿي ويا ته جنن جو وجود پهريان هو هاڻي آهن ئي ڪونه، پر اهو صحيح ناهي. البت اهو صحيح آهي ته انهن جو پهريون زور نه رهيو آهي. جيئن ته حضور ڪريم جن جي هن دنيا ۾ تشريف آوري جي وقت جا واقعات ۽ جنن جي حيراني ۽ پريشاني روڄ ۽ راڙي جون ڳالهيون ان جون شاهد آهن. (خصائل نبوي ص 196) خرافة کي به اهڙي حالت پيش آئي جو جن ان کي اسلام کان اڳي جاهليت واري دور ۾ جهڙپي کڻي ويا هئا. مفضل ضبي حضرت ام المؤمنين عائشه صديقه g کان مرفوع روايت آندي آهي تهرَحِمَ اللهُ خُرَافَةَ کَانَ رَجُلاً صَالِحًا.“ (الله خرافة تي رحمت ڪري صالح مرد هو.“ اهو ويچارو جنن وٽ گهڻو زمانو رهيو پوءِ ان کي ماڻهن ۾ موٽائي ڇڏي ويا ۽ جيڪو ڪجهه اتي ڏٺوهيائين اهو ماڻهن کي ٻڌائيندو هو. پوءِ ماڻهن جي چوڻي ٿي وئي. ”حديث خرافة“

فائدو: هن حديث مان ثابت ٿيو ته عشاء نماز کان پوءِ پنهنجي اهل عيال سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جائز آهي اهو معاشرت جي حسن مان آهي ان سان گهر جا ڀاتي دل وندرائيندا، خوش ٿيندا ۽ انهن جي مغموم دل مسرور بنجندي. (جمع الوسائل ج 2 ص 48) ۽ خرافة جو قبيلو عذرة يمن جي مشهور  قبيلن مان هو ۽ عشاء کان پوءِ جيڪو ڳالهائڻ منع آهي سو ناجائز  ڳالهائڻ آهي باقي گهروارين سان صحيح گفتگو ڪري انهن جي دلين  کي فرحت بخشڻ منع ناهي. (المواهب شرح الشمائل ص 424) علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته حضرت نبي ڪريم جن عورتن کي مردن واري صيغي سان خطاب ڪيو جو اهي سندن صحبت جي برڪت سان ان عقل ۽ همت تي پهتل هيون جيڪو مردن ۾ هوندو آهي.

سوال: ڇا جن واقعي موجود آهن؟

جواب: ها جن موجود آهن: جنن جي وجود لاءِ حضرت شاهه عبدالعزيز دهلوي ߋ پنهنجي تفسير ۾ وڏو بحث لکيو آهي. ڪتاب ”آکام المرجان في احکام الجان“ هڪ عربي ڪتاب آهي. جنهن ۾ جنن جي موجودگيءَ تي گهڻا دليل ڏنل آهن. جنن جي موجودگيءَ جو انڪار ڪرڻ شرعًا ۽ عقلًا غلط آهي جن هڪ مخلوق آهي جيڪا انسان جي موجودگيءَ کان گهڻو ڪجهه اڳي پيدا ٿيل هئي ۽ انهن جا پاڻ ۾ مذهبي اختلاف انسانن کان گهٽ ناهن. سورة جن ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا ته اهي يهودي، عيسائي، دهريا ۽ مشرڪ وغيره آهن. انهن مان ڪيترن جو قرآن شريف تي ايمان آڻڻ به ثابت آهي. جيئن فرمانِ الاهي آهي: فَقَالُوۡۤا  اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا  ۙ﴿۱ یَّہۡدِیۡۤ  اِلَی الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِہٖؕ (سورة الجن آيت 1، 2)“ پوءِ چوڻ لڳا ته بلاشڪ اسان عجيب قرآن ٻڌو آهي جيڪو هدايت ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو پوءِ اسان ان تي ايمان آندو آهي) ۽ حڊيث شريف مان به رسول الله جن جي انهن سان ملاقات، انهن کي تبليغ ڪرڻ ۽ انهن جو اسلام قبول ڪرڻ معلوم ٿئي ٿو. اسلام ۾ عرب ڪورا جاهل هئا جنن کي ڏاڍو مڃيندا هئا انهن جي لاءِ نذر و نياز ۾ جانور ڪُهندا هئا جيڪڏهن خوفناڪ واديءَءَ ۾ قافلي جي منزل ڪندا هئا ته نَعُوۡذُ بِسيِّدِ هٰذَا الۡوَادِي مِنۡ سُفَهَآءِ قَوۡمِهٖ (اسين هن واديءَ جي سردار سان ان جي قوم جي بيوقن کان پناهه وٺون ٿا. چوندا هئا الله قرآن ڪريم ۾ به ارشاد فرمايو آهي وَ اَنَّھ کَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنۡسِ یَعُوۡذُوۡنَ بِرِجَالٍ  مِّنَ  الْجِنِّ فَزَادُوۡہُمْ  رَہَقًا ۙ﴿۶  (بلاشڪ انسانن ۾  اهڙا مرد هئا جيڪي جنن مان مردن سان پناهه وٺندا هئا پوءِ انهن ۾ سرڪشي وڌايائون) ان جي ڪري جنن جو ماڻهن تي زور هلندو هو. هڪ طرف اهي انسانن کي تنگ ڪندا، ايذائيندا ۽ طرحين طرحين انهن سان تعديون ڪندا هئا انهن جي عورتن سان جماع ڪندا هئا ته ٻئي طرف انهن کي اغوا ڪري ويندا هئا. انهن جو شرڪ گمراهي ۽ برائي وڌيل هئي. ڪيترا ماڻهو جنن کان ڳجهيون ڳالهيون پڇندا هئا. نيٺ قرآن ڪريم اچي انهن سڀني ڳالهين جون پاڙون پٽيون. اسلام کان اڳي جن مٿي چڙهي ملائڪن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ملائڪن ۾ الله جي طرفان دنيا تي نازل شخصي يا قومي تقديرن تي ڪڏهن ڪڏهن بحث هلندو هو ته اهو ٻڌي دنيا تي ڀوپن ۽ نجومين کي ٻڌائيندا هئا جنن جي متعلق حضور ڪريم جن ٻنهي هٿن پاڪن جون آڱريون هڪٻئي ۾ وجهي ڏيکاريون ته جن ائين هڪ ٻئي تي چڙهي مٿي ويندا آهن. جيڪڏهن کين  ملائڪن جو ڪو ڀڻڪو ڪن تي پوندو هو ته ان ۾ پنهنجي طرفان سوين ڪوڙ ملائي جادوگرن ۽ ڀوپن کي ٻڌائيندا هئا. الله جو قرآن ڪريم ۾ فرمان آهي:

ہَلْ اُنَبِّئُكُمْ عَلٰی مَنۡ تَنَزَّلُ الشَّیٰطِیۡنُ ﴿۲۲۱ؕ   تَنَزَّلُ عَلٰی كُلِّ اَفَّاكٍ اَثِیۡمٍ ﴿۲۲۲﴾ۙ   یُّلْقُوۡنَ السَّمْعَ وَ اَكْثَرُہُمْ کٰذِبُوۡنَ ﴿۲۲۳ؕ   (سورة شعراء آيت 223،222، 224 ) (ترجمو : ڇا مان اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي لهن ٿا؟ اهي سڀڪنهن ٻٽاڪي، گناهگار تي لهن ٿا جو اهي ڪن ڏيئي انهن کان ٻڌن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ڪوڙا آهن) پر جڏهن حضور ڪريم تي وحي جو نزول شروع ٿيو ته جنن جي اهڙين حرڪتن تي پابندي لڳي. الله جو فرمان آهي : وَ حَفِظْنٰہَا مِنۡ كُلِّ شَیۡطٰنٍ رَّجِیۡمٍ ﴿ۙ۱۷﴾   اِلَّا مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَاَتْبَعَھ شِہَابٌ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۸ (سورة الحجر آيت 97، 98)  (۽ اسان ان کي هر تڙيل شيطان کان محفوظ رکيو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن چوري (لڪي) ٻڌو ته ان جي پٺيان روشن اُمڙ لڳي ٿو) جيڪو ان کي  ڀڄائي ڪڍي ٿو. اها حالت ڏسي جن ۽ شيطان حيران ۽ پريشان ٿيا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هي ڇا ٿي ويو آهي؟ الله انهن جو قول نقل بيان فرمايو:

وَ اَنَّا لَمَسْنَا السَّمَآءَ  فَوَجَدْنٰہَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِیۡدًا وَّ شُہُبًا ۙ﴿۸﴾    وَّ اَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْہَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِؕ فَمَنۡ  یَّسْتَمِعِ الْاٰنَ  یَجِدْ لَھ  شِہَابًا رَّصَدًا ۙ﴿۹ (سورة جن آيت 9،8) (۽ اسان آسمان کي جاچيو پوءِ اسان ان کي سخت چوڪيداري ۽ اُمڙن سان ڀريل لڌو ۽ اسين آسمان مان گهڻين جاين تي ٻڌڻ جي لاءِ ويهندا هئاسون. پوءِ هاڻي جيڪو ٻڌندو ته پنهنجي لاءِ تيار ٿيل اُمڙ لهندو.

جنن جو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جو طريقو: حديث شريف ۾ اچي ٿو ته : ڪيترائي جن ٻڌڻ کان اڳي يا پوءِ اُمڙ سان سڙي خاڪ ٿي وڃن ٿا. ان جي ڪري سندن ٻڌل ڳالهه هيٺين تائين نه ٿي پهچي ۽ ڪي وري اهو ٻڌل راز پاڻ کان هيٺين کي جلدي ٻڌائي وٺن ٿا ۽ اهي وري پاڻ کان  هيٺين کي اهڙي طرح اهو راز زمين تائين پهچي وڃي ٿو ان وچ ۾ کين ”شهاب ثاقب“ ٻرندڙ اُمڙ پهچي ساڙي ٿو ڇڏي ڪي ڪي وري اتفاق سان ان کان به بچي وڃن ٿا ۽ جيڪي بچي ويا اهي ان پهتل راز جي ذريعي ڀوپن ۽ جادوگرن کي اطلاع ڏئي گمراهه ڪن ٿا. جن پنهنجي شڪل به بدلائي سگهن ٿا. ايتري قدر جو هوا بڻجي انسان جي ساهه سان گڏجي اندر وڃي رت سان ملي دماغ تي اثر انداز ٿين ٿا. حديث شريف ۾ آيو آهي ته اِنَّ الشَّيۡطَانَ يَجۡرِيِ مِنَ الۡاِنۡسَانِ مَجۡرَي الدَّمِ (بلاشڪ شيطان انسان جي اندر رت وانگر دورو ڪري ٿو) پوءِ شيطان ايمان جو دشمن انسان کي سجاڳيءَ يا ننڊ ۾ خواب ڏيکاري وسوسو وجهندو آهي ۽ ان کي در در تي رلائيندو آهي ۽ تڙجڻ وقت ڪيل قول ته ”مان انهن انسانن کي گمراهه ڪندس پورو ڪندو آهي. دنيا حق ۽ باطل جي لڙائي جو ميدان آهي. جنهن ۾ حضور ڪريم جي تعليم تي عمل ڪري سندن نقشِ قدم تي هلي، سندن اتباع ڪري ئي ايمان بچائي ٻنهي جهانن جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} احمد في المسند ج 6 ص 157 {2} البزار و ابويعلى کما في المجمع ج 4 ص 315 {3} ابن الجوزي في العلل المتناهية 49.

حَدِيثُ أُمِّ زَرْعٍ

{253} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عِيسٰى بْنُ يُونُسَ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنِ أَخِيهِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : جَلَسَتْ إِحْدَى عَشْرَةَ امْرَأَةً فَتَعَاهَدْنَ وَتَعَاقَدْنَ أَنْ لاَ يَكْتُمْنَ مِنْ أَخْبَارِ أَزْوَاجِهِنَّ شَيْئًا : فَقَالَتِ الْأُولٰي : زَوْجِي لَحْمُ جَمَلٍ غَثٍّ عَلَى رَأْسِ جَبَلٍ وَعْرٍ ، لاَ سَهْلٌ فَيُرْتَقَى ، وَلاَ سَمِينٌ فَيُنْتَقَلُ . قَالَتِ الثَّانِيَةُ : زَوْجِي لاَ أَبُثُّ خَبَرَهُ ، إِنِّي أَخَافُ أَنْ لاَ أَذَرَهُ ، إِنْ أَذْكُرْهُ أَذْكُرْ عُجَرَهُ وَبُجَرَهُ . قَالَتِ الثَّالِثَةُ : زَوْجِي الْعَشَنَّقُ ، إِنْ أَنْطِقْ أُطَلَّقْ ، وَإِنْ أَسْكُتْ أُعَلَّقْ . قَالَتِ الرَّابِعَةُ : زَوْجِي كَلَيْلِ تِهَامَةَ ، لاَ حَرٌّ وَلاَ قَرٌّ ، وَلاَ مَخَافَةَ وَلاَ سَآمَةَ . قَالَتِ الْخَامِسَةُ : زَوْجِي إِنْ دَخَلَ فَهِدَ ،وَإِنْ خَرَجَ أَسِدَ ، وَلاَ يَسْأَلُ عَمَّا عَهِدَ . قَالَتِ السَّادِسَةُ : زَوْجِي إِنْ أَكَلَ لَفَّ ، وَإِنْ شَرِبَ اشْتَفَّ ، وَإِنِ اضْطَجَعَ الْتَفَّ ، وَلاَ يُولِجُ الْكَفَّ لِيَعْلَمَ الْبَثَّ . قَالَتِ السَّابِعَةُ : زَوْجِي عَيَايَاءُ أَوْ غَيَايَاءُ طَبَاقَاءُ كُلُّ دَاءٍ لَهُ دَاءٌ ، شَجَّكِ أَوْ فَلَّكِ أَوْ جَمَعَ كُلًّا لَكِ . قَالَتِ الثَّامِنَةُ : زَوْجِي الْمَسُّ مَسُّ أَرْنَبٍ وَالرِّيحُ رِيحُ زَرْنَبٍ . قَالَتِ التَّاسِعَةُ : زَوْجِي رَفِيعُ الْعِمَادِ طَوِيلُ النِّجَادِ عَظِيمُ الرَّمَادِ قَرِيبُ الْبَيْتِ مِنَ النَّادِ . قَالَتِ الْعَاشِرَةُ : زَوْجِي مَالِكٌ وَمَا مَالِكٌ مَالِكٌ خَيْرٌ مِنْ ذَلِكِ ، لَهُ إِبِلٌ كَثِيرَاتُ الْمَبَارِكِ ، قَلِيلاَتُ الْمَسَارِحِ ، إِذَا سَمِعْنَ صَوْتَ الْمِزْهَرِ أَيْقَنَّ أَنَّهُنَّ هَوَالِكُ . قَالَتِ الْحَادِيَةُ عَشْرَةَ : زَوْجِي أَبُو زَرْعٍ وَمَا أَبُو زَرْعٍ ؟ أَنَاسَ مِنْ حُلِيٍّ أُذُنَيَّ ، وَمَلَأَ مِنْ شَحْمٍ عَضُدَيَّ ، وَبَجَّحَنِي فَبَجَحَتُ إِلَيَّ نَفْسِي ، وَجَدَنِي فِي أَهْلِ غُنَيْمَةٍ بِشِقٍّ فَجَعَلَنِي فِي أَهْلِ صَهِيلٍ وَأَطِيطٍ وَدَائِسٍ وَمُنَقٍّ ، فَعِنْدَهُ أَقُولُ فَلاَ أُقَبَّحُ ، وَأَرْقُدُ فَأَتَصَبَّحُ وَأَشْرَبُ فَأَتَقَمَّحُ ، أُمُّ أَبِي زَرْعٍ فَمَا أُمُّ أَبِي زَرْعٍ ، عُكُومُهَا رَدَاحٌ ، وَبَيْتُهَا فَسَاحٌ ، ابْنُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا ابْنُ أَبِي زَرْعٍ ، مَضْجَعُهُ كَمَسَلِّ شَطْبَةٍ ، وَتُشْبِعُهُ ذِرَاعُ الْجَفْرَةِ ، بِنْتُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا بِنْتُ أَبِي زَرْعٍ ، طَوْعُ أَبِيهَا وَطَوْعُ أُمِّهَا ، مِلْءُ كِسَائِهَا ، وَغَيْظُ جَارَتِهَا ، جَارِيَةُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا جَارِيَةُ أَبِي زَرْعٍ ، لاَ تَبُثُّ حَدِيثَنَا تَبْثِيثًا ، وَلاَ تُنَقِّثُ مِيرَتَنَا تَنْقِيثًا ، وَلاَ تَمْلَأُ بَيْتَنَا تَعْشِيشًا ، قَالَتْ : خَرَجَ أَبُو زَرْعٍ وَالأَوْطَابُ تُمْخَضُ ، فَلَقِيَ امْرَأَةً مَعَهَا وَلَدَانِ لَهَا كَالْفَهْدَيْنِ ، يَلْعَبَانِ مِنْ تَحْتِ خَصْرِهَا بِرُمَّانَتَيْنِ ، فَطَلَّقَنِي وَنَكَحَهَا ، فَنَكَحْتُ بَعْدَهُ رَجُلاً سَرِيًّا ، رَكِبَ شَرِيًّا ، وَأَخَذَ خَطِّيًّا ، وَأَرَاحَ عَلَيَّ نَعَمًا ثَرِيًّا ، وَأَعْطَانِي مِنْ كُلِّ رَائِحَةٍ زَوْجًا ، وَقَالَ : كُلِي أُمَّ زَرْعٍ ، وَمِيرِي أَهْلَكِ ، فَلَوْ جَمَعْتُ كُلَّ شَيْءٍ أَعْطَانِيهِ ، مَا بَلَغَ أَصْغَرَ آنِيَةِ أَبِي زَرْعٍ . قَالَتْ عَائِشَةُ : فَقَالَ لِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : كُنْتُ لَكِ كَأَبِي زَرْعٍ لِأُمِّ زَرْعٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه g کان روايت آهي ته (يمن يا حجاز جون) يارهن عورتن  پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري وعدو ڪيو، ته هڪ ٻئي کي بنا لڪائڻ جي پنهنجي پنهنجي مڙس جون ڳالهيون ٻڌائينديون.

حضرت سيده عائشه صديقه g چيو ، پهرئين عورت ٻڌايو، ته منهنجو مڙس ڄڻ ته ڏٻري اٺ جو گوشت، هڪ اڙانگي جبل جي چوٽيءَ تي رکيل آهي نه اهو جبل سولو هجي، جو چڙهي سگهجي. نه اهو گوشت ئي ڪو چڱو هجي. جو تڪليف ڪري لاهي اچجي. مطلب ته منهنجو مڙس ڪنهن ڪم جو ڪونهي.

ٻي زال چيو ته ، منهنجو مڙس ته اهڙو آهي جو آءُ ان جو ڪو حال ٻڌائي نه ٿي سگهان، مون کي ڊپ آهي ته کيس ڇڏي نه ڏيان، جيڪر ان جو سمورو حال ٻڌائينديس ته سندس ڪيئي عيب ۽ اوڻايون آهن يعني منهنجي مڙس جون ڳالهيون ٻڌائڻ جهڙيون نه آهن.

ٽين زال چيو ته منهنجو مڙس ڊگهو آهي. ، جي ڪڇان ته طلاق ڏئي ڪڍي ڇڏيندو ۽ جي چپ رهنديس ته به ٽنگبيس مطلب ته آءُ ڪنهن به ليکي ۾ ڪانه آهيان.

چوٿين زال چيو ته منهنجو مڙس مڪي شهر جي رات وانگر آهي نه گرم نه سرد، نه ڏک نه سک. مقصد ته منهنجو مڙس وچٿري مزاج وارو آهي.

پنجين زال ٻڌايو ته منهنجو مڙس گهر اچي ته چيتو، جي ٻاهر نڪري ته شينهن مڙس آهي. باقي گهرو ڪم ڪار ۽ ڳالهه جي جاچ جوچ ڪونه ڪري.

ڇهين زال چيو ته منهنجو مڙس ماني کائي ته سڀ ڪجهه کائي وڃي. جي پيئي ته ڍُڪ نه بچائي. جيڪڏهن سمهي ته ويڙهجي ڌار سمهيو پوي ۽ نه هٿ ڊگهو ڪري ۽ نه ڏسي ته آءُ ڪهڙي ڏک سک جي حال ۾ آهيان يعني بي پرواهه لاغرض آهي.

ستين زال ٻڌايو ته منهنجو مڙس سست ۽ نامرد، اڍنگو ٻاتو آهي ۽ هر بيماري لڳل اٿس، بيوقوف اهڙو جو ڌڪ هڻي ڦٽي وجهي يا هڏا ڀڃي ڇڏي. يا جي مچي ته هڏگُڏ ڀڃي چٽ ڪري، هلڻ چلڻ کان هلاڪ ڪري وجهي. مطلب ته منهنجو مڙس نسورو ڄٽ آهي.

اٺين زال چيو ته منهنجو مڙس هٿ لائڻ ۾ سهي جهڙو نرم ، نازڪ بدن وارو ۽ طبيعت ۾ زعفران جهڙو خوشبودار آهي.

نائين زال چيو ته منهنجو مڙس ته وڏن ٿنڀن (عالي نسب) ماڙيءَ وارو، مهمان نواز، سخي ۽ قداور بهادر مڙس آهي. گهر اوطاق جي ويجهو اٿس. مطلب ته منهنجو مڙس سخي همدرد ۽ اوطاقي آهي.

ڏهين زال چيو، منهنجي مڙس جو نالو مالڪ آهي. مالڪ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اهو ان کان مٿي آهي. سندس اٺن جا وڳ جهوڪن (رات جو وهڻ وارين جاين) ۾ گهڻا ۽ جهنگ ۾ ٿورا چرندا آهن. جڏهن مهمانن جي اچڻ جو هُل ٻڌن ته رڙن ڇوته اٺ سمجهن، ته مهمانيءَ لاءِ اجهو ٿا ڪُسون يعني هيءُ مڙس شاهوڪار به آهي ۽ مهمان نواز سخي به آهي.

يارهين زال (ام زرع) چيو ته منهنجو مڙس ابو زرع هو. ابو زرع جي ڪهڙي نيڪي ۽ ڳالهه ڪجي؟ ان منهنجا ڪن ڳهن سان ڀري ڇڏيا، سڻڀ سان منهنجا ڏورا ٿلها ڪري ڇڏيا يعني خوب کارايائين پياريائين ۽ گهڻو سکيو ستابو رکيائين. مون کي ٻڪرارن سان شڪ جي ماڳ تي ڏکيو ڏٺائين ته پوءِ مون کي اتان پرڻجي، اتي پنهنجي گهر وٺي آيو، جتي گهوڙن جون هڻڪارون، اٺن جا ڪڻڪاٽ، ڳاهه ڳاهيندڙ ڏاند ۽ ان واريندڙ ڪڙمي ڪاسبي هئا. مطلب ته منهنجو  ساهراڻو گهر سکيو ستابو گهر هو، جيڪو به چوندي هيس، برو نه ڀائيندا هئا. رات جو سمهان ته پرهه ڦٽيءَ اٿان يعني رات به ڏکي ڪانه هيس، کاوان پيئان، ته بچائي اوباري ڇڏيان. منهنجي سس (ابو زرع جي ماءُ) جا ٿانوَ ويڪرا ڀريل ۽ گهر به وڏو ويڪرو هو. ابو زرع جي پُٽ جي به ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟ اهو کجيءَ جي ڇڙيءََ جهڙو سنهڙو سهڻو آهي. ننڍي ڇيلي جي ران مان ڍؤ ڪري ڇڏي. ابو زرع جي ڌيءُ به ڳڻ ڳائڻ جي لائق آهي، پڻ ماءُ جي فرمانبردار آهي، سگهاري سٻر ۽ پنهنجي ساڙيل پاڙي واري (پهاڄ يا سؤٽ) کي ساڙي ٿي.

ابو زرع جي ٻانهي به اسان جي راز يا گهر جون ڳالهيون ٻي ڪنهن کي نه ٻڌائيندي هئي. موڪل کان سواءِ ان يا گهر جون ٻيون شيون نه کڻندي هئي نه وري چوري چڪاري ڪندي هئي. نه وري گهر ۾ گند ڪچرو ڪندي هئي. مطلب ته ٻوهاري صاف سٿرو رکندي هئي.

امِ زرع وڌيڪ چوڻ لڳي ته ابو زرع هڪ دفعي کير ولوڙڻ مهل ساجهر سوير گهر کان ٻاهر ڪم ڪار سانگي نڪري ويو. ٻاهر کيس هڪ عورت ملي، جنهن جا ٻه پٽ سندس پاسي ۾ چيتي جي ٻچن وانگر ڏاڙهن سان راند پي کيڏيا. اها کيس وڻي وئي پوءِ مون کي طلاق ڏئي ان سان پرڻيو ان کان پوءِ مون به وڃي هڪ اهڙي سردار سان شادي ڪئي جيڪو تکي گهوڙي تي چڙهي، ”خطي نيزو“ کڻندو هو. (خط جو ماڳ بحرين جي بندرگاهه وٽ آهي اتان جا نيزا ڀلا ۽ ”خطي“ نالي سان ٺهيل مشهور آهن) ان سردار مڙس به مون وٽ گهڻا ئي ڍور ڍڳا ۽ مال متاع آندا مون کي سڀ شيون ڏنيون ۽ مون کي اهو به چيو ته امِ زرع ! تون به کاءُ ۽ پنهنجن مائٽن کي به اَنُ ڏي ۽ کاراءِ. جيڪڏهن هن سردار مڙس جو ڪجهه گهڻو مون کي ڏنو، انهيءَ کي گڏ ڪريان ته به (اڳئين مڙس) ابو زرع جي ننڍي ڀريل ٿانوَ جي به برابر نه ٿيندو يعني ابو زرع ڏيڻ وٺڻ ۽ سخاوت ۾ زور هو.

حضرت سيده عائشه صديقه g چيو ته (اها ڳالهه ٻڌائي) رسول الله جن مون کي فرمايو ته : (اي عائشه g ) آءُ به تولاءِ ائين آهيان جيئن ابو زرع، ام زرع لاءِ هو. يعني تمام گهڻو گهڻگهرو، شفيق ۽ مهربان آهيان.

مفردات جو شرح: ”حَدِيثُ أُمِّ زَرْعٍ هي هن حديث جو ترجمو (عنوان) آهي. ۽ هن حديث جا ڪيترا القاب آهن، پر مشهور لقب هي آهي محدثن هن حديث جا مستقل شرح لکيا آهن. انهن مان قاضي عياض به آهي ۽ امام رافعي ߋ هڪ جامع وڏو شرح لکيو آهي جيڪو پورو قزوين جي تاريخ ۾ ذڪر ڪيو اٿس. حافظ ابن حجر ߋ فرمايو ته : هيءَ حديث مختلف وجهن سان روايت ڪيل آهي، انهن مان ڪي موقوف آهن ته ڪي مرفوع آهن  موقوف جيئن هتي آهي ۽ مرفوع جيئن طبراني روايت ڪئي آهي ۽ اهڙي طرح عبدالله بن مصعب d جي حضرت عائشھ صديقه g کان به مرفوع روايت آهي ته ان فرمايو : مان رسول الله جن وٽ داخل ٿيس ته پاڻ مون کي فرمايائون : اي عائشه! مان تو لاءِ ائين آهيان جيئن ابو زرع ام زرع جي لاءِ هو. مون  کين عرض ڪيو ته يا رسول الله ! ابو زرع  ۽ ام زرع  جي ڳالهه ڪيئن آهي؟ ته پاڻ بيان فرمايائون“ ۽ هن روايت جي مرفوع هجڻ کي سندن فرمان ته ”مان تولاءِ ائين آهيان جيئن ابو زرع ام زرع جي لاءِ هو“ قوت ڏئي رهيو آهي ڇوته ان جي تقاضا هيءَ آهي ته : حضور ڪريم جن اهو قصو ٻڌي ان کي ثابت قرار ڏنو، پوءِ ان لحاظ سان هي سمورو قصو مرفوع آهي. ”ام زرع“ هڪ عورت هئي. ”زرع“ مان مراد ولد آهي. ڪنيت ۾ ان ڏانهن اضافت ڪيل آهي ام زرع جو نالو ”عاتڪة“ هو ۽ هن روايت ۾ بيان ٿيل يارهن عورتن مان صرف اٺن جا نالا معلوم آهن. جن کي خطيب بغدادي ڪتاب ”المبهمات“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ فرمايائين ته انهن جا نالا هن طريقي کان سواءِ سڃاتا نه ٿا وڃن ۽ اهو سند جي لحاظ سان گهڻو غريب آهي ۽ شايد مصنف وٽ اهي ثابت نه هئا تڏهن انهن جو ذڪر نه ڪيائين ۽ حقيقت ۾ انهن جي نالن جو ڪو ضرور به ڪونه آهي ۽ ان جي ڪري ابا زرع ۽ ان جي ڌيءُ ۽ ٻانهي ۽ جيڪا زال پرڻيو ۽ نه ان مڙس جو جنهن سان امِ زرع ابو زرع کان پوءِ شادي ڪئي انهن جا نالا ذڪر ڪيا اٿس. (المواهب شرح الشمائل ص 225) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته هن روايت ۾ يارهن عورتن جو قصو آهي پر ام زرع جو خصوصي ذڪر ان جي ڪري ڪيو ويو آهي جو مقصد جو تعلق ان سان آهي. ”إِحْدَى عَشْرَةَ امْرَأَةً“ يارهن عورتون. ڪرماني ߋ فرمايو ته ”سڀئي يمن جون هيون“ ۽ انهن مان نوَن جا نالا هي آهن. (1) عمرة بنت عمرو (2) حيي بنت ڪعب (3) مهذد بنت ابي هرومة (4) ڪبشة (5) هند (6) حيي بنت عقلمة (7) ڪبشة بنت الارم (8) اوس بن عبد جي ڌيءُ (9) ام زرع. باقي ٻن جا نالا معلوم ٿي نه سگهيا آهن. ”فَتَعَاهَدْنَ پوءِ پڪو عهد ڪيائون.غَثٍّ ڪمزور. وَعْرٍ ڏکيو، ناهموار. سَمِينٌ ٿلهو،بَثَّ پريشان ڪيائين. اَلْعَشَنَّقُ سڪل، ڊگهو، ڏٻرو. أُعَلَّقْ تنگي وڃان. سَآمَة ملامت اِشْتَفَّ سڀ پيتو وڃي. عَيَايَاءُ عاجز، پريشان.غَيَايَاءُ ذهن جو ردي، غبي. طَبَاقَاءُ احمق ، بيوقوف. اَلْمَبَارِكِ اُٺن جي ويهڻ جي جاءِ اَلْمَسَارِحِ گاهه چرڻ جي جاءِ .اَلْمِزْهَرِ طنبورو، باجو.حُلِيٍّ زيور. شَحْمٍ چرٻي. وَههَ. أَطِيطٍ اُٺ جو آواز. أَتَقَمَّحُ ڍؤ ڪري پيتائين.دَائِسٍ اَٽو ڪُٽڻ وارو.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ام زرع جو ڊگهو بيان آهي تنهنڪري هن کي حَدِيثُ أُمِّ زَرْعٍ سڏيو ويو آهي. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g يارهن عورتن جي ڳالهه بيان ڪئي جنهن ۾ عورتن پنهنجن مڙسن جا عيب به بيان ڪيا ته ڪجهه عورتن خوبيون به بيان ڪيون.

اعتراض: زالن کي پنهنجي مڙسن جا عيب بيان ڪرڻ ناجائز ۽ گلا ۾ داخل آهن پوءِ حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ اهي ڇو بيان ڪيا ويا ڇا اها گلا ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ناجائز ناهي؟

جواب: گلا ڪنهن معلوم ماڻهو جو نالو وٺي عيب بيان ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. هتي جن جو بيان هليو نه اهي معلوم هيون نه انهن جو يا انهن جي مڙسن جو نالو ورتو ويو آهي، ان جي ڪري اهو گلا ۾ داخل ناهي ۽ اهي عورتون يمن يا حجاز جون هيون ۽ ڪن روايتن ۾ انهن جا نالا به اچن ٿا شايد انهن جا مڙس ٻاهر ويل هوندا ۽ هنن پويان اها ڪچهري رچائي هوندي. پر اها اسلام کان اڳ جي ڪچهري ۽ ڳالهه ٻولهه هوندي. (والله و رسوله اعلم

انهن مان هر هڪ جو بيان هن ريت آهي: (1) پهرين چيو ته منهنجو مڙس (ڄڻ) ڏٻري اٺ جو گوشت آهي جيڪو اهڙي ڏَکئي جبل تي رکيل هجي جو نه ان تي ڪو چڙهي سگهي نه اهو گوشت لاهي سگهي. مطلب ته ان ۾ نه ڀلائي آهي نه سٺي مزاج آهي اهڙو بد اخلاق آهي ان کي نه ڪو سچ ٿو چئي سگهي نه حق ٿو ٻڌائي سگهي . ان سان تعلق رکڻ بي سود هو. ڏاڍو هٺيلو ۽ بدمزاج هو. (2) ٻيءَ چيو ته ”مان پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه ٿي کوليان ، ڊڄان ٿي ته جيڪڏهن ان جي ڳالهين ۾ کُليس ته ان جا ظاهري ۽ لڪل سڀ عيب کولي رکنديس. اهو ايترن عيبن سان ڀريل آهي جو ڳڻي نه سگهنديس.

اعتراض: اها پڪو وعدو ڪري ويٺي هئي ته پنهنجي مڙس جو سمورو احوال بيان ڪنديس ته پوءِ ڇو بيان نه ڪيائين؟

جواب: وعدي خلافي عورتن جي عادت آهي ۽ عيب بيان ڪرڻ به گلا آهي. ان تي اعتراض ڪهڙو ڪجي؟ ۽ ممڪن هو ته ان اهي عيب ان جي ڪري بيان نه ڪيا هجن ته متان سندس مڙس کي خبر پوي ۽ اهو کيس طلاق ڏئي ڇڏي. (المواهب ص 428) (3) ٽيئن چيو ته : منهنجو مڙس تمام گهڻو چيڙاڪ ۽ بيوقوف آهي. جيڪڏهن ڪڇان ٿي ته طلاق ڏئي ڇڏيندم ۽ جيڪڏهن چپ ٿي رهان ته به ساهه ٽنگيل ٿو رهيم. مطلب ته ان کي منهنجو ڪو احساس ناهي ڄڻ ته منهنجو مڙس ئي ناهي.(4) چوٿينءَ چيو ته ”منهنجو مڙس ڄڻ مڪي جي رات آهي نه گرم نه سرد. نه خوف اٿم نه مُنجهه اٿم. هن پنهنجي مڙس جي ساراهه ڪئي آهي ته اهو وچٿري طبيعت وارو آهي نه گهڻو خوشامندي نه گهڻو بيزار ٿيندڙ آهي. هنن لفظن مان ڪجهه شڪايت به معلوم ٿئي ٿي ته اهڙو آهي جو نه دشمن کي ڀؤ ۽ نه سڄڻ کي آسرو. مڪه مڪرمه جي رات مناسب هوندي آهي ۽ ڏينهن گهڻو ڪري گرم هوندو آهي. ان جي ڪري رسول الله فرمايو :”مَنۡ صَبَرَ عَلٰي حَرِّ مَکَّةَ سَاعَةً تَبَاعَدَ مِن نَارِ جَهَنَّمَ سَبۡعِيۡنَ سَنَّةًو في رواية مِئَتَي سَنَّةِ جنهن مڪي جي گرميءَ تي هڪ گهڙي صبر ڪيو اهو جهنم جي باهه کان ستر سالن جي پنڌ تي پري رکيو ويندو ۽ هڪ روايت ۾ آهي ” ٻه سؤ سال جي پنڌ تي پري رکيو ويندو.“ ۽ هيءَ ان عورت جي طرفان پنهنجي مڙس جي وڌ ۾ وڌ مدح آهي. ڇو ته ان جي الفاظ ۾ ايذاءُ ڏيڻ جي سڀني سببن جي نفي ۽ زندگي گذارڻ جي سڀني لذتن جو ثبوت آهي. (المواهب ص 430 ، جمع الوسائل ج 2 ص 50) (5) پنجيئن چيو ته”منهنجو مڙس گهر ۾ اچي ٿو ته چيٽي شينهن وانگر آهي ۽ ٻاهر نڪري ٿو ته به شينهن وانگر هلندو آهي. هن عورت جي لفظن مان ٻه پاسا معلوم ٿين ٿا. هڪ نيڪي  ۽ ساراهه جو چوي ٿي ته اهو چيٽي وانگر ننڊ ۽ جماع جو شوقين آهي پر جي گهر کان نڪري ته رعب ۽ تاب سان شير وانگر بهادر مڙس آهي ۽ عيال جي خرچ ۾ ڏاڍو سخي آهي جيڪي ڪمائي گهر آڻي ٿو ته وري ان جي پڇا نه ڪندو آهي ۽ نه ڪي حساب، ڪتاب وٺي تنگ ڪندو آهي پر ان جو ٻيو رخ شڪايت وارو آهي ته سندس مڙس  چيٽي وانگر ستو پيو آهي ۽ ڪمائڻ جو ڪو خيال نه اٿس چيٽي وانگر شڪار مٿان ٿو اچي پويس ته پوءِ قبضو ڪري ٿو نه ته سدائين بيڪار پيو آهي. ٻاهر نڪري ٿو ته پوءِ شينهن وانگر دلير آهي  دشمنن جو بهادر ٿي مقابلو ڪندو آهي. (6) ڇَهينءَ چيو ته : منهنجي مڙس جي طبيعت آهي کائيندو آهي ته کاڌي جا قسم گهڻا ڪري کائيندو آهي ۽ هن مان مراد ان جي مذمت بيان ڪرڻ آهي ۽ ان کي مدح قرار ڏيڻ ته مختلف قسم طعام جا کائي خدا جي نعمت جو اظهار ڪندو هو مناسب نه ٿو لڳي. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته : ان مان مراد آهي ته عيال جو حق به نه ٿو سنڀالي سڀ ڪجهه پاڻ کائي ٿو وڃي ۽ اهڙو ماڻهو عبادت ۾ سستي ۽ ڪاهلي ڪندو ۽ جهاد ۾ مرد ميدان نه ٿيندو. ۽ جيڪڏهن پاڻي ٿو پيئي ته تري وارو پاڻي به پي ڇڏيندو آهي گهروارن جي لاءِ نه بچائيندو آهي ۽ جيڪڏهن مدح مراد ورتي ويندي ته پوءِ معنى ٿيندي ته اهل عيال سان گڏ پئي ٿو ٻئي ڏينهن جي لاءِ ڪجهه به نه ٿو بچائي ۽ جيڪڏهن ننڊ جو ارادو ٿو ڪري ته ويڙهجي ٿو سمهي. يعني گهر جي ڪنڊ ۾ اهل جي خيال ۽ سنڀال ڪرڻ کان سواءِ سمهي رهي ٿو. يعني سندس گهرواريءَ کي جيڪڏهن زخم، ڦٽ، ڦرڙيون بخار وغيره رهي ته هٿ لائي ڏسي به ڪونه ٿو ته ڪهڙي حالت ۾ آهي ۽ اهو ان جي ڪري جو زخمن تي هٿ لڳائڻ سان ان کي ايذاءُ ايندو هوندو. هن عورت مڙس جون خوبيون به بيان ڪيون ته عيب به بيان ڪيا.

علامه ابن العربي ߋ فرمايو ته : اهو بيان ان جي مڙس جي مذمت آهي جو ان عورت  چيو ته : منهنجو مڙس جڏهن سمهندو آهي ته ويڙهجي وڃي سمهندو آهي ڪا ڪنڊ وڃي وسائيندو آهي ان سان ڪا صحبت نه ڪندو آهي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته : هيءَ مذمت هئي جنهن مان ثابت ٿيو ته ان جون پهريون ڳالهيون به مڙس جي مذمت هيون. خصائل نبوي واري لکيو آهي ته پنجين نمبر واري عورت جي ڳالهه ۾ مدح ظاهر هئي ۽ هن ۾ مذمت ظاهر آهي ۽ جيڪڏهن مدح چئجي جيئن بعض شارحن چيو آهي ته پوءِ مطلب هي ٿيندو ته : جڏهن کائي ٿو ته ميوا وغيره سڀ کائي ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن پئي ٿو ته به کير، شراب، شربت وغيره سڀ پي ٿو وڃي. ان جي دسترخوان تي هر قسم جون شيون هونديون آهن. خرچ ڪرڻ وارو آهي. ڪنجوس، بخيل ناهي جو هڪڙي شيءِ هجي ته ٻي نه هجي. جهيڙن جهڳڙن کان پري رهي ٿو. ڪنهن جا عيب ڳولڻ جي پويان نه هوندو آهي. (خصائل نبوي ص 200) ۽ ستينءَ چيو ته : منهنجو مڙس، عاجز ، نامرد ۽ ڳالهائڻ ۾ قوت وارو ناهي. دنيا ۾ جيڪي بيماريون آهن اهي ان ۾ موجود آهن. ايترو اخلاق جو ڪريل آهي جو يا منهنجو مٿو ڦاڙي وجهندو آهي يا مون کي زخمي ڪندو آهي يا ٻئي تڪليفون ڏيندو آهي. مطلب ته پنهنجي اهل  عيال جي لاءِ بد اخلاق آهي. (7) اٺينءَ پنهنجي مڙس جي مدح ۽ تعريف ڪئي ته اهو نرم مزاج آهي. بدعادت، بري اخلاق وارو ناهي. ان ۾ جسماني ۽ روحاني ٻنهي قسمن جا مزا موجود آهن. جسم جو اهڙو نرم آهي جو دل ان کي چنبڙڻ چاهيندي آهي. ڪاوڙ جو ان وٽ نالو ناهي. خوشبوءِ سان مهڪندو رهندو آهي  بعض روايتن ۾ ان جي بيان ۾ هڪ جملو وڌيڪ به آهي ته مان ان تي غالب رهندي آهيان اهو ماڻهن تي غالب رهندو آهي. جنهن جو مطلب ته مان ان تي ان جي عاجز هجڻ جي ڪري نه پر ان جي شرافت ۽ مون سان محبت جي ڪري ان تي غالب آهيان. (9) نائين عورت پنهنجي ڪلام ۾ مڙس جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. (1) هڪ ته ان جو گهر بلند آهي ۽ ان مان جيڪڏهن گهرجي عمارت مراد آهي ته ان جي مڙس جي مالدار هجڻ ۽ رياست ڏانهن اشارو آهي ڇوته بلند محل مالدار ئي ٺهرائيندو آهي ۽ جيڪڏهن بلند محل مان جاءِ جو بلند دڙي تي هجڻ مراد آهي جيئن عربن جو دستور هو جو سخي ۽ ڪريم ماڻهو پنهنجو گهر بلنديءَ تي ٺاهيندا هئا تانت پرديسي ۽ مسافر پري کان ڏسي اتي اچن ۽ هي سندن خدمت ڪن. ان صورت ۾ ان مان مراد ان جي شريف، ڪريم ۽ سخي هجڻ جي تعريف آهي. ۽ بعض علماء لکيو آهي ته مڪان جي بلند هجڻ مان مراد شرافت ۽ حسب نسب جي اعتبار سان بلندي آهي. (2) ٻيو ته اهو مهمان نواز آهي. ان جي گهر ۾ ايتري ماني پچي ٿي جو ڇار جا ڍير ٿي وڃن ٿا. (3) ٽيون ان جو قد ڊگهو آهي، قد جو ڊگهو هجڻ ان شرط سان ته حد کان وڌيل نه هجي مردن جي لاءِ مدح آهي. (4) چوٿون ته ان جو گهر مجلس ڪچهريءَ واري جاءِ کي ويجهو آهي ان مان مراد آهي ته عقل ۽ سمجهه وارو آهي. هر شخص ان کان مشورو پڇندو آهي ان جي رهائش دار المشوره آهي. يا اها مراد آهي ته مشوره وٺندڙ جي لاءِ سندس گهر مهمان نوازيءَ جي لحاظ سان به قريب آهي ائين ڪونه ٿو چوي ته منهنجو گهر پري آهي نه ته مان اوهان جي خدمت ڪيان ها. (10) ڏهينءَ عورت پنهنجي مڙس جي سخاوت جي تعريف ڪئي آهي ان جي وضاحت هيءَ آهي ته اٺ جيڪڏهن جهنگل ۾ چرڻ وڃن ٿا ته مهمانن جي خدمت لاءِ انهن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. تانت مهمانن جي لاءِ جلد اهي ڪهي وٺجن . ان جي ڪري ان جا اٺ ٻاهر چرڻ نه ويندا آهن گهر ۾ ئي انهن جي چارڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. اهي اٺ جڏهن مالڪ جي طرفان باجي وڄائڻ جو آواز ٻڌن ٿا ته يقين ٿا ڪن ته هاڻي اهي ڪسندا. اهو مالڪ مهمانن جي اچڻ جي خوشي ۾ باجو وڄائيندو هو. (خصائل نبوي ص 202) (11) يارهين عورت امِ زرع هئي جنهن پنهنجي مڙس جي گهڻي تعريف ڪئي هئي. هيءَ اڪحل جي ڌيءَ هئي. هيءَ هڪ مسڪين عورت هئي. هن جا مائٽ ٻڪريون چاريندا هئا جيڪي تڪليف ۾ وقت گذاريندا هئا. ابو زرع ان سان شادي ڪري کيس وٺي آيو ۽ کيس اهڙي گهر ۾ رهايائين جتي مال، متاع ، نوڪرياڻيون ۽ نوڪر ۽ کير مکڻ گهڻو هو. زر، زيور، لٽي ڪپڙي مطلب ته اتي ڪابه ڪمي ڪانه هئي. کاڌا، پيتا اڻ ميا ۽ اڪيچار هئا. ام زرع اتي رهي کائي پي سگهي ستابي ٿي هئي گهر ۾ عزت گهڻي ۽ ڪم ڪار نه  هيس سج اڀرڻ تائين ستل هوندي هئي ته کيس ڪير اٿاريندو نه هو. ۽ سندس سس به مٿس وڏي مهربان هوندي هئي. ابو زرع کي اڳينءَ زال مان هڪ پُٽ هو جيڪو نهايت سهڻو، سٻاجهو، سنهڙو چست ۽ چالاڪ هو، بهادرن واري زندگي گذاريندڙ، بستري ۾ غافل ٿي نه سمهندو هو. سمهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ تلوار مياڻ ۾ پيل آهي سندس کائڻ جي لاءِ ڇيلي جي اڳئين ٽَنگ جو گوشت ڪافي هوندو هو. اهڙي ٿوري کائيندڙ دلير انسان کي عرب گهڻو مڃيندا آهن. ابو زرع کي اڳئين گهرواريءَ مان نهايت سهڻي ۽ فضيلت واري هڪ ڌيءَ به هئي. جيڪا پنهنجي ڪپڙن کي ڀري بيهندي هئي مطلب ته بدن ۾ ڀريل سهڻي ڇوڪري هئي ان جي ڪري وڌيڪ وڻندي هئي ۽ مڙس وٽ مقبول هجڻ جي ڪري ساهيڙي جو ان سان ساڙ گهڻو هوندو هو. ابو زرع جي نوڪرياڻي به نهايت شريف ۽ اسان جي گهڻي خدمت ڪندڙ هئي. اهڙي طرح اسان جي زندگي  آرام ۽ سڪون سان گذري رهي هئي ته هڪ ڏينهن اوچتو صبح جو کير ولوڙڻ وقت ابو زرع ٻاهر نڪتو ته واٽ تي هڪ عورت ستل ڏٺائين جنهن جي چيلهه وٽ ٻه ننڍڙا نهايت چست ۽ تندرست ٻار ان جي بُبن سان  راند پيا کيڏن تنهن تي ان کي ان جي اهڙي خواهش ٿي جو مون کي طلاق ڏئي ان سان وڃي شادي ڪيائين ۽ مون کي شايد ان خيال کان طلاق ڏنائين ته متان مون کي ان کان تڪليف پهچي مون ان کان پوءِ وڏي امير سان شادي ڪئي اهو به وڏو بهادر ۽ گهوڙي سوار هو تير باز هو جنهن مون لاءِ گهڻا ئي مال آندا ۽ هر هڪ نعمت مان جوڙو جوڙو مون کي ڏنائين. ”رائحة“ جي معنى خوشبوءِ به ڪري سگهجي ٿي ۽ مان جيڪڏهن ان مان مٽن  مائٽن کي ڪجهه ڏيندي هيس ته ان تي ڪابه بندش پيل نه هئي. مگر ان جي سڀني مهربانين کي جيڪڏهن گڏ ڪيان ته ابو زرع جي ٿورڙي احسان جي به مٽ نه ٿي سگهنديون. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g فرمايو ته ان مڪالمه کان پوءِ حضرت رسول الله جن مون کي فرمايو ته ”مان تولاءِ ائين آهيان جيئن ام زرع جي لاءِ ابو زرع هو.“ ٻين حديثن ۾ هيئن آيو آهي ته سيده عائشه g حضور ڪريم جن کي عرض ڪيو ته : منهنجي امان ابو اوهان تان قربان : اوهان منهنجي لاءِ ان کان گهڻو وڌيڪ ڀلا آهيو.“ الله هر مسلمان زال مڙس کي هن معاملن ۾ حضور ڪريم جي اتباع نصيب ڪري، جو اها پاڪدامن هجڻ جو باعث آهي. (آمين)

     علامه  ابنِ حجر مڪي ߋ لکيو ته : حضور ڪريم جن جو فرمان ته ” مان تولاءِ ائين آهيان جيئن ام زرع لاءِ ابو زرع هو.“ مان مراد نفعي ڏيڻ ۽ نوازڻ ۾ آهي. بلڪه ام المؤمنين سيده عائشه صديقھ g جي حضرت حبيب ڪريم جن وٽ روز بروز عزت وڌندي ۽ محبت ترقي ڪندي رهي. سندن ذات عالي صفات کان کيس نفعو ملندو رهيو ۽ ام المؤمنين سيده خديجة الڪبرى g کان سواءِ ٻين امهات المؤمنين کان درجات ۽ فيوضات و برڪات ۾ فائق رهي.

فائدا: علامه موصوف ߋ لکيو آهي ته هن حديث مان هي فائدا حاصل ٿين ٿا (1) پنهنجي اهل سان سٺو معاشرو قائم ڪرڻ (2) گذريل ماڻهن جون ڳالهيون بيان ڪرڻ (3) گهرواريءَ سان ان جي دل کي بهلائڻ ۽ خوش رکڻ جي لاءِ ڪچهري ڪرڻ (4) هڪ شيءِ کي ٻئي سان تشبيهه ڏيڻ مان مراد هر لحاظ سان تشبيهه نه آهي ڇوته ابو زرع ام زرع کي طلاق ڏني هئي پر حضور ڪريم جن طلاق نه ڏني هئي. (اشرف الوسائل ۾ائل ص 364) ۽ اسان حنفين جي علماء مان ڪتاب ”الخلاصة“ جي صاحب  لکيو آهي ته : جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ڪنهن جي نالي وٺڻ کان سواءِ ڳوٺ وارن جا عيب بيان ڪيا ته اها گلا ناهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 58)

علامه بيجوري ߋ لکيو آهــــي ته ام المؤمنين ســــيده عائشھ صديقه g اڻ ڄاتل عورتن جو ذڪر ڪندي انهن جي طرفان انهن جي مڙسن جا (جيڪي نه نالن سان معلوم هئا نه ڄاتل سڃاتل هئا) ڪجهه بيان ڪيل عيب ذڪر ڪيا آهن اها گلا ۽ غيبت ناهي. اهي جاهليت جي دور جا هئا ۽ حربي ڪافرن سان شامل هئا جن جو احترام ڪرڻ ضروري ناهي. (المواهب شرح الشمائل ص 444)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب النڪاح باب 82 حسن المعاشرة مع الاهل رقم الحديث 5189 ج 9 ص 254 {2} مسلم في ڪتاب فضائل الصحابه باب 14 ذڪر حديث ام زرع رقم الحديث 2448 ج 4 ص 1896 {3} النسائي في ڪتاب عشرت النساء من سننھ الڪبرى باب 58 شکر المراة لزوجها رقم الحديث 9138 {4} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 7060 ج 9 ص 117، 119 {5} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 4701 ، 4702، ج 8 ص 105 {6} الطبراني في الڪبير رقم الحديث 265 الي 274 ج 23 ص 164، 177.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting