خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب چوونجاهون

 

بَابُ : مَا جَاءَ فِي وَفَاةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن

جيڪي رسول الله جي رحلت جي متعلق آيل آهن

 

سمجهاڻي: وفات وفي تخفيف سان جي معنى آهي. وفات ڪرڻ ، زندگيءَ جو وقت ڏنل پورو ڪرڻ حلاوة المتعلمين جي صاحب علامه محمد عاقل  لکيو آهي ته : هي لفظ يا عربن جي قول ”و في فلانا“ کان ورتل آهي يعني ان کي ان جو حق ڏنائين. مراد آهي ته ان کي الله سندس حياتي جو حق عطا ڪرڻ فرمايو. هن باب ۾ رسول الله جي دنيا تان رحلت واري بيماري جي ڪيفيت ۽ سندن وصال مبارڪ جو ذڪر آهي. سمجهڻ گهرجي ته : انبياء عظام عليهم الصلواة والسلام  جي مٿان هڪ لمحي جي لاءِ موت جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. اِنَّکَ مَيِّتُ وَاِنَّهُمۡ مُيِّتُوۡنَ وارو وعدو سچو ٿيندو آهي ان کان پوءِ کين اها ئي جاوداني زندگي، دنياوي حسي حياتي ملندي آهي. علامه جلال الدين سيوطي  پنهنجي ڪتابانباء الاذکياء بحيواة الانبياء“ (علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام) ۾ لکيو آهي ته ”متواتر احاديث ۽ قطعي علم سان نبي ڪريم ۽ ٻين نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي زندگي  اسان جي (اهل السنة والجماعت) علماء وٽ ثابت آهي جيئن امام مسلم پنهنجي صحيح ۾ حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته نبي ڪريم جن معراج واري رات حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلواة والسلام  وٽان لنگهيا ته: اهو پنهنجي قبر مبارڪ ۾ بيٺي نماز پڙهي رهيو هو ۽ اها حديث ابو نعيم به آندي آهي. بيهقي لکيو آهي ته”انبياء عظام علٰي نبينا وعليهم الصلواة والسلام جي وصال کان پوءِ سندن زندگي ثابت ڪرڻ جي لاءِ دلائل موجود آهن. حضرت ابو هريره d کان معراج جي واقعي ۾ روايت آهي ته : حضور ڪريم جن نبين علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي جماعت مان هر هڪ سان مليا ۽ انهن حضور ڪريم سان ۽. حضور ڪريم انهن سان گفتگو ڪئي. حضرت نبي ڪريم جن حضرت موسى، حضرت عيسى، حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام کي نماز پڙهندي ڏٺو ۽وري انهن سڀني کي نماز پڙهايائون. شيخ تقي الدين سبکي  لکيو آهي ته : انبياء علهيم الصلٰوة والسلام  ۽ شهداء جي زندگي بعينه دنياوي زندگي حياتيءَ  وانگر آهي ۽ ان جي لاءِ حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام  جو قبر مبارڪ ۾ نماز پڙهڻ ڪافي ثبوت آهي جڏهن ته نماز پڙهڻ جي لاءِ جسم ضروري آهي ۽ معراج واري رات ۾ سموريون صفتون انبياء ڪرام عليهم الصلٰوة والسلام  ۾ ڪلي طور موجود هيون. تنهنڪري انهن جي حياتي ثابت آهي. حضرت علامه علي القاري  ”الدرة المضيئة في الزيارة المصطفوية“ ۾ لکيو آهي: ته هنن حديثن مان معلوم ٿي ويو آهي ته حضور ڪريم جن هميشه جي لاءِ زندهه آهن.“ علامه ايوب پشاوري  لکيو آهي ته ”اسين هن ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته حضور ڪريم جن زندهه آهن ۽ سندن پاڪ جسم زمين کائي نه ٿي سگهي ۽ ٻيا سڀ انبياء (علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام) به اهڙي طرح زندهه آهن. پوءِ ثابت ٿيو ته محبوب مڪرم جن جي وجود مبارڪ ۾ وفات کان پوءِ به ڪا تبديلي نه ٿي آهي ۽ پنهنجي قبر مبارڪ ۾ دنيا وانگر زندهه آهن. بعض حضرات لکيو آهي ته انبياء عظام علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام جي زندگي شهيد وانگر آهي، مگر حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي  ”اشعة اللمعات“ ۾ لکيو آهي ته : نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي حياتي متفق عليھ آهي ڪنهن کي به ان ۾ اختلاف ناهي. انهن جي حياتي جسماني، حقيقي، دنياوي آهي، روحاني، معنوي حياتي ناهي جيئن شهيدن جي هوندي آهي. مشڪواة جو اردو ۾ شرح لکندڙ مظاهر حق جي صاحب ص 456 جلد اول تي لکيو آهي ”۽ حديث جي آخري حصي جو مطلب هي آهي ته : انبياء (عليهم الصلٰوة والسلام) قبرن ۾ زندهه آهن. اهو مسئلو متفق عليھ آهي.ڪنهن کي به ان ۾ اختلاف ناهي ته انهن جي حياتي حقيقي، جسماني دنيا جهڙي آهي. معنوي روحاني ناهي جيئن شهداء  جي هوندي آهي. تحفة الفحول ۾ محدث محمد ايوب  پشاوري  لکيو آهي ته : شيخ محمد عابد السندي مسند امام اعظم  جي شرح ۾ لکيو آهي ته : علماء هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته : نبي ڪريم جن پنهنجي زيارت ڪندڙن کي سڃاڻن ٿا انهن ڏانهن ڏسن ٿا انهن کان با خبر آهن بسا اوقات الله کين زيارت ڪندڙن جي دل جي خبر به ڏيندو آهي ۽ جنهن کي هيءَ حضوري حاصل ٿئي ٿي اهو هر ڪمال سان مزين هوندو آهي. خلاصھ الوفا ۾ علامه سمهودي ابن جوزي  کان نقل ڪيو آهي ته ابن مسيب  فرمايو. (جڏهن يزيد مدينھ منوره تي حملو ڪرايو) ان رات مان نبوي مسجد ۾ اڪيلو هوس نماز جي وقت جي خبر ڪانه ٿي پئي) پر جڏهن به نماز  جو وقت ٿيندو هو ته رسول الله جي مزار شريف مان اذان جو آواز ايندو هو ۽ جماعت جي لاءِ تڪبير لڳندي هئي. اهي ٻڌي پوءِ مان به نماز پڙهندو هوس.“                                 (انوار غوثيھ ص 553، 554)

علامه ابنِ حجر مڪي  لکيو آهي ته : جڏهن ته موت طبعي طور نا پسند هوندو آهي. تڏهن هر نبي کي رحلت ڪرڻ کان اڳ ۾ اختيار ڏنو ويندو هو. جيئن ”صحيح بخاري“ ۾ ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته ”جڏهن رسول الله جن صحت سان هئا فرمايو هيائون ته اِنَّهٗ لَمۡ يُقۡبَضۡ نَبِيُّ قَطُّ حَتّٰي يَرَيٰ مَقۡعَدَهٗ مِنَ الۡجَنَّةِ ثُمَّ يُحۡيٰي وَيُخَيَّرُ يقينن ڪوبه نبي ڪڏهن به روح قبض نه ڪيو ويندو آهي تانجو پنهنجي جاءِ جنت ۾ ڏسي ان کان پوءِ حياتي لاءِ اختيار ڏنو ويندو آهي. ۽ امام احمد  روايت آندي آهي ته : رسول الله جن ارشاد فرمايو : اُوۡتِيۡتُ مَفَاتِيۡحَ خَزَائِنَ الۡاَرۡضِ وَالۡخُلۡدِ ثُمَّ الۡجَنَّةِ فُخُيِّرتُ بَيۡنَ ذَالِکَ وَبَيۡنَ لِقَآءِ رَبِّي وَ الۡجَنَّةِ فَاخۡتَرتُ لِقَاءَ رَبِّيَ وَالۡجَنَّةَ مون وٽ زمين جي خزانن ۽ هميشه رهڻ ۽ ان کان پوءِ جنت جون ڪنجيون آنديون ويون پوءِ مون کي ان ۽ منهنجي رب جي ديدار ۽ جنت جي وچ ۾ اختيار ڏنو ويو مون رب جي ديدار ۽ جنت کي اختيار ڪيو) ۽ محدث عبدالرزاق  روايت آندي آهي ته خُيِّرَتُ بَيۡنَ اَنۡ اُبۡقٰي حَتّٰي اَرَا مَا يُفۡتَحُ عَلٰي اُمَّتِي وَ بَيۡنَ التَّعۡجِيۡلِ فَاخۡتُرۡتُ التَّعۡجِيۡلَ مون کي تيستائين باقي رهان جو منهنجي امت تي فتوحات ٿيندي اها (ظاهري طرح به) ڏسان ۽ جلد اڳتي هلڻ ۾ اختيار ڏنو ويو. پوءِ مون جلد هلڻ کي اختيار ڪيو ۽ روايت ۾ آهي ته ”حضور ڪريم جن جي روح کي قبض ڪيو ويو ان کان پوءِ کين سندن جنت وارو مقام ڏيکاريو ويو وري سندن روح کي واپس ڪري پوءِ کين اختيار ڏنو ويو.“ المسند ۾ ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت آهي ته ”رسول الله جن فرمائيندا هئا ته ”هر نبي جو روح قبض ڪري ان کي ان جو ثواب ڏنو ويندو آهي ان کان پوءِ ان جو روح واپس جسم ۾ آڻي ان کي اختيار ڏنو ويندو آهي ته جنت ۾ داخل ٿئي. (ام المومنين g فرمايو ته) مان اها ڳالهه دل ۾ رکندي هيس ۽ مان کين پنهنجي پاڪ سيني تي ٽيڪ ڏياريو ويٺي هيس ته سندن پاڪ ڪنڌ لڙي پيو ۽ مون چيو ته سندن روح قبض ڪيو ويو آهي. (ام المومنين g فرمايو ته : پوءِ مون کي سندن اڳيون فرمان ذهن ۾ آيو ۽ مون سندن پاڪ چهري ڏانهن نهاريو ته پاڻ مٿي نهاري نظر مبارڪ کنيائون مون سمجهيو ته هاڻي اسان کي اختيار نه ڪندا ۽ پاڻ فرمائڻ لڳا الرَّفِيۡقَ الۡاَعۡلٰي مون کي رفيق اعلى سان جنت ۾ رهڻ پسند آهي انهن سان گڏجن تي الله نعمت ڪئي آهي نبين، شهيدن، صالحن سان گڏ ۽ اهي ئي سهڻا رفيق آهن.

دنيا تان رحلت جو پيغام: حضور ڪريم جن کي سندن دنيا تان رحلت جو پهريون پيغام (سورة) اِذَا جَاءَ نَصۡرُاللهِ جي نازل ٿيڻ سان محسوس ٿيو. ان سورة مان مراد آهي ته الله اوهان جي لاءِ شهر فتح ڪرائيندو ۽ ماڻهو الله جي دين ۾ ٽولن جا ٽولا داخل ٿيندا. اوهان جو دنيا تان انتقال ويجهو ٿي ويو آهي پوءِ الله جي ديدار لاءِ حمد، استغفار سان تيار ٿيو ۽ جيڪو رسالت ۽ نبوت جي ذريعي تبليغ جو حڪم ڪيا ويا آهيو ان مان مراد کي حاصل ڪيو.“ ان جي ڪري اهو قول به آهي ته اها سورة نازل ٿيڻ ۾ آخري سورة آهي. جو اها حجة الوداع ۾ ذوالحج جي ڏهين تاريخ منى ۾ نازل ٿي هئي ۽ هڪ قول مطابق  پاڻ ان جي نزول کان پوءِ ايڪاسي 81 ڏينهن ظاهري زندگي سان رهيا ۽ ابن ابي حاتم وٽ ان کان پوءِ نوَ راتيون رهيا ۽ هڪ قول مطابق ست ۽ ٻئي قول مطابق ٽي راتيون رهيا ۽ ابو يعلى جي روايت آهي ته اها سورة ايام التشريق جي وچ ۾ نازل ٿي هئي ۽ حضرت نبي ڪريم جن سمجهيو ته اهو دنيا تان رحلت جو پيغام آهي ۽ دارمي حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته ”جڏهن سوره ” طٰھ “ نازل ٿي ته نبي ڪريم جن سيده فاطمھ g کي سڏي فرمايو ته ”مون کي دنيا تان رحلت جو پيغام اچي چڪو آهي“ ته ان روئي ڏنو. وري پاڻ کيس فرمايائون ته ”تون نه رو تون ئي اول مون وٽ اچڻ واري آهين“ ته ان کلي ڏنو. الحديث ۽ طبراني حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته ”جڏهن سوره طٰحه “ نازل ٿي ته حبيب ڪريم جن ان کي دنيا تان رحلت جو پيغام سمجهي آخرت جي امر لاءِ وڏي جدوجهد شروع ڪئي ۽ سندن دنيا تان رحلت واري سال ۾ جبريل کين ٻه ڀيرا قرآن ڪريم پڙهي ٻڌايو ۽ پاڻ ويهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويٺا هئا ۽ انهن کان اڳ ۾ جبريل کين هڪ ڀيرو قرآن ڪريم پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ پاڻ ڏهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويهندا هئا.

احد جي شهيدن تي نمازِ جنازه: بخاري ۽ مسلم روايت ڪئي آهي ته : رسول الله جن اٺن سالن کان پوءِ احد واري جنگ ۾ شهيد ٿيلن تي جنازه جي نماز پڙهي ڄڻ ته پاڻ جيئرن ۽ رحلت ڪري ويلن کان الوداع ڪري رهيا هئا. انکان پوءِ منبر تي ويهي فرمايائون. اِنِّي بَيۡنَ اَيۡدِيۡکُمۡ فَرَطٌ وَاَنَا عَلَيۡکُمۡ شَهِيۡدٌ وَاِنَّ مَوۡعِدَکُمُ الۡحَوۡضُ وَاِنِّي لَانَظُرُ اِلَيۡهِ وَاَنَا فِي مَقَامِي هٰذَا وَاِنِّي قَدۡ اُعۡطِيۡتۡ مَفَاتِيۡحَ خَزَائِنِ الۡاَرۡضِ وَاِنِّي لَسۡتُ اَخۡشَيٰ عَلَيۡکُمُ الشِرۡکَ وَلٰکِنِّي اَخۡشيٰ عَلَيۡکُمُ الدُّنۡيَا اَنۡ تَتَنَا فَسُوۡا فِيۡهَا (يقينًا مان اوهان کان اڳتي هلي اوهان جو اڳواڻ آهيان ۽ مان اوهان جي مٿان شاهد آهيان ۽ اوهان سان ملڻ جو وعدو حوض (ڪوثر) تي آهي ۽ مان پنهنجي هن مقام ۾ رهندي اهو ڏسي رهيو آهيان ۽ بلاشڪ مان زمين جي خزانن جون ڪنجيون ڏنو ويو آهيان ۽ مون کي اوهان ۾ شرڪ ڪرڻ جو خوف ناهي ۽ پر مان اوهان تي دنيا جي محبت ۾ ڦاسڻ جو خوف رکان ٿو“ ۽ کين دنيوي آخري عمر ۾ دنيا تان رحلت ڪرڻ جو پيغام ملندو رهندو هو. پاڻ جڏهن حجة الوداع ۾ خطاب فرمايو هيائون ته ماڻهن کي چيو هيائون خُذُوۡا عَنِّي مَنَاسِکَکُمۡ فَلَعَلِّي لَا اَلۡقَاکُمۡ بَعۡدَ عَامِيۡ هٰذا (مون کان  پنهنجي حج جا احڪام سکي وٺو شايد مان اوهان سان پنهنجي هن سال کان پوءِ نه ملان“ ۽ ماڻهن سان الوداعي ملاقات ڪرڻ لڳا ۽ ماڻهن به چيو ته ”هي سندن الوداع وارو حج آهي“ ۽ اتاهين موٽندي الجحفة نالي مقام تي پاڻيءَ واري کوهه تي خطاب ڪندي فرمايو هيائون. ”اي انسانو! مان اوهان جهڙو انسان آهيان عنقريب مون وٽ منهنجي رب جو قاصد ايندو مان ان کي قبول ڪندس“ ان کان پوءِ الله جي ڪتاب کي مضبوطي سان وٺڻ جو حڪم فرمايائون ۽ پنهنجي اهل بيت (سان ڀلائي ڪرڻ) جي وصيت ڪيائون ۽ مدينه منوره ۾ پهچڻ  کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ سندن صحت نه رهي ۽ ان ئي بيماري ۾ دنيا مان روانا ٿيا . دارمي آندو آهي ته پاڻ ان حال ۾ منبر تي تشريف فرما ٿيا جو سندن مٿي مبارڪ تي پٽي ٻڌل هئي ان کان پوءِ فرمايائون (جيئن بخاري ۽ مسلم آندو آهي) ته ”الله جو قسم جنهن پنهنجي ٻانهي کي اختيار ڏنو آهي ته : يا دنيا جي تازگي اختيار ڪري يا جيڪو الله وٽ ان جي لاءِ آهي اهو اختيار ڪري“ اهو ٻڌي (حضرت) ابو بڪر d روئي ڏنو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله ! اسان جا پيئر ۽ مائرون اوهان تان قربان وڃن“ حضرت ابو سعيد خدري d فرمايو ته : اسين عجب ۾ پياسون ۽ ماڻهن چيو ته هن پوڙهي کي ڏسو. رسول الله جن هڪ ٻانهي جي خبر ڪئي آهي ته : الله ان کي اختيار ڏنو آهي ته ”دنيا جي تازگي اختيار ڪري يا جيڪو ان لاءِ الله وٽ آهي اهو اختيار ڪري“ ۽ هي وري روئي چوي پيو ته ” اسان جا پيئر ۽ مائرون اوهان تان قربان “ ابو سعيد خدري d فرمايو ته ”پوءِ اسان سمجهيو ته اختيار ڏنل ٻانهو حضور ڪريم جن هئا ۽ ابو بڪر صديق d اسان کان وڌيڪ علم وارو هو. پوءِ رسول الله جن ارشاد فرمايو ته ”مون تي صحبت ۽ مال جي لحاظ سان ماڻهن مان وڌيڪ احسان ڪندڙ ابو بڪر آهي جيڪڏهن مان زمين (وارن) مان ڪنهن کي خليل بنايان ها ته ابوبڪر کي خليل بنايان ها پر اسلام جي ڀائپي (قائم) آهي مسجد ۾ اچڻ جي لاءِ هر ننڍو دروازو بند ڪيو وڃي مگر ابو بڪر جو دروازو (بند نه ڪيو وڃي)

مسلم شريف جي روايت ۾هيئن وڌيڪ آيو آهي ته : اهو سندن  وصال واري رات کان پنج راتيون پهريان هو“

حضرت ابوبڪر d وڌيڪ سمجهدار هو: هن ارشاد ۾ به صراحت آهـي ته حضرت ابو بڪر امت مان سڀني کان وڌيڪ رسول الله جي مقصدن کي ڄاڻندڙ آهي ڇوته سندن  هن اشاري کي صرف ان هڪ سمجهيو هو جو روئي چئي رهيو هو ته : ”اسان جا پيئر ۽ مائرون اوهان تان قربان“ پوءِ رسول الله جن کيس تسڪين ڏيڻ جي لاءِ منبر تي تشريف فرما ٿي سڀني ماڻهن کي سندن فضيلت ٻڌائي ۽ سندس خدمتن کي احسان ۽ ٿورو قرار ڏئي سندس خلافت ڏي اشارو ڪيو هيائون جو فرمايائون ته : ٻيا ننڍا دروازا بند ڪيو ابو بڪر جو دروازو کليل رکو. ڇوته اڳواڻ (خليفو) مسجد ۾ رهڻ ۽ ان ۾ اچڻ جي لاءِ وڌيڪ محتاج هوندو آهي ان کان پوءِ هن معنى ۽ مراد کي نماز پڙهائڻ جو حضرت ابو بڪر صديق d کي امر ڪري تاڪيدي بنايائون جو پاڻ ٻاهر نڪري فرمايائون ته: ابو بڪر کي امر ڪيو ته  ماڻهن کي نماز پڙهائي.“ ۽ ان کي نماز پڙهائڻ جو متولي بنايائون. اهو ئي سبب هو جو  حضرت ابو بڪر d جي خلافت جي بيعت ڪرڻ وقت صحابه ڪرام عليهم الرضوان فرمايو هو ته ”رسول الله جن ان کان اسان جي دين (نماز پڙهائڻ) جي لاءِ راضي ٿيا ته اسين ان کي دنيوي اڳواڻ بنائڻ جي لاءِ به راضي آهيون ۽ سندن ذات کي بيماري جي تڪليف ڪهڙي ام المومنين g جي گهر کان شروع ٿي ان ۾ مختلف قول آهن. هڪ سيده ميمونه g جي گهر ۾“ (2) سيده زينب g جي گهر ۾ (3) سيده ريحانه g جي گهر ۾. ۽ پاڻ ڪيترا ڏينهن بيمار رهيا ان ۾ به مختلف قول آهن.(1) ڏهه ڏينهن (2) تيرهن ڏينهن ۽ اهو اڪثر علماء جو قول آهي (3) چوڏهن ڏينهن ۽ صحيح بخاري ۾ آهي ته : جڏهن رسول الله جن جي طبيعت بيمار رهڻ جي ڪري ڳري ٿي ۽ سور شديد ٿيو ته ٻين گهروارين کان موڪل وٺي سيده عائشھ صديقھ g جي گهر ۾ رهيا ان دوران پاڻ پهريان حضرت ابو بڪر کي گهرائي ان جي لاءِ ڪجهه لکرائڻ جو ارادو ڪيائون پر وري فرمايائون ته ”الله ابو بڪر کان سواءِ (ٻين جي لاءِ پهرين خلافت جو) انڪار ڪري ٿو“ لکڻ جي ضرورت ئي ناهي. سندن بيماري جي شروعات مٿي جي سور ۽ بخار سان ٿي هئي ۽ بخاري ۾ ام المومنين عائشه صديقه g کان روايت آهي ته ”پاڻ پنهنجي پاڪ وجود تي پاڻي گهڻو وجهرايو هيائون“ جو ان ۾ زهر ۽ سحر کي دفع ڪرڻ جو اثر آهي. پاڻ فرمايو هيائون ته ”خيبر ۾ ڏنل زهر جو اثر مان هميشه محسوس ڪندو رهيو آهيان ۽ هاڻي اهو منهنجي پاڪ ساهه واري رڳ وڍي رهيو آهي“ ۽ حضرت ابنِ مسعود d وغيره کان روايت آهي انهن فرمايو ته: رسول الله جن زهر مان رحلت ڪرڻ جي ڪري شهيد ٿي رحلت ڪئي هئي.“ (اشرف الوسائل ص 559، 563)

علامه علي القاري  لکيو آهي ته نبي ڪريم   جن ربيع الاول مهيني ۾ سومر جي ڏينهن سن يارهن هجري ۾ وفات فرمائي. هڪ قول مطابق ٻي تاريخ هئي ۽ ٻئي قول مطابق ٻارهين تاريخ هئي. اڪثر علماء جو اهو قول آهي، ۽ محدثن جي هڪ جماعت پهرئين قول کي ترجيح ڏني آهي ڇوته ٻارهين تاريخ واري قول تي اعتراض وارد ٿين ٿا ۽ جامع ترمذي ۾ روايت آهي ته : نبي ڪريم جن جي ولادت به سومر جي ڏينهن ٿي ته بعثت به سومر جي ڏينهن ٿي ۽ مڪه مڪرمه مان هجرت به سومر جي ڏينهن ٿي ۽ مدينه ۾ داخلا به سومر جي ڏينهن ٿي ته دنيا تان رحلت به سومر جي ڏينهن ٿي.

علامه موصوف اڳتي هلي ساڳيون روايتون آنديون آهن جيڪي علامه ابنِ حجر مڪي  جون آندل ۽ هن کان اڳي لکي آيا آهيون ۽ آخر ۾ لکيو اٿس ته : حضرت نبي ڪريم جن دنيا تان رحلت ڪرڻ کان پهريان پنج راتيون نبوي مسجد ۾ ٻاهران اچڻ وارا دروازا حضرت ابو بڪر صديق d جي دروازي کان سواءِ سڀ بند ڪرايا هيا ۽ هن ۾ حضرت ابو بڪر صديق d جي افضليت، مرتبي جي علو، دوستي جي حقدار هجڻ، ۽ ان جي خلافت جي برحق هجڻ جو ثبوت آهي ۽ ان وقت پاڻ حضرت ابو بڪر صديق d جي لاءِ خلافت لکڻ جو ارادو به فرمايو هيائون پر الله جو اهو فيصلو هو جيڪو ضرور ٿيڻو هو ۽ مومن به ان کان انڪار ڪري نه سگهندا ان جي ڪري نه لکيائون ۽ سندن مٿان بخار جي شدت جي ڪري پاڻي واري کلي ٽنگيل هئي جنهن سان سندن مٿان پاڻيءَ جا ڦڙا ٽمي رهيا هئا ۽ پاڻ فرمائي رهيا هئا ته ”وڏي ۾ وڏي تڪليف نبين (عليهم الصلٰوة والسلام) تي ايندي آهي ان کان پوءِ جيڪي انهن کي ويجها هوندا آهن انهن کان پوءِ اهي جيڪي انهن کي ويجها هوندا آهن“ ۽ حضرت ابنِ مسعود وغيره رضي الله عنهم فرمائيندا هئا ته خيبر ۾ کاڌل زهر واري گوشت جي زهر جي اثر اٿلڻ جي ڪري پاڻ شهيد به آهن.             (جمع الوسائل ج 2 ص 203)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : مورخن جو اتفاق آهي ته : نبي اڪرم جو وصال سومر جي ڏينهن ٿيو هو. پر تاريخ  ڪهڙي هئي ان ۾ اختلاف آهي اڪثر تاريخدانن جو قول آهي ته 12 تاريخ ربيع الاول  جي هئي. پر ان تي نهايت قوي اعتراض پيدا ٿئي ٿو: اهو هي آهي ته : سن ڏهه هجري جي نائين ذالحج جي تاريخ جنهن ۾ رسول الله جن حج جي لاءِ عرفات ڏانهن تشريف فرما هئا اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ ان ۾ نه محدثن جو اختلاف آهي نه تاريخدانن جو. حديث جي روايت ۾ به ڪثرت سان ان جي تصريح آهي ته نبي ڪريم جن جو حج 9 ذوالحج جمعي جي ڏينهن ٿيو هو. ان کان پوءِ ذوالحج، محرم ۽ صفر ٽئي مهينا کڻي ٽيهن ڏينهن جا ٿين يا اوڻٽيهن ڏينهن جا يا بعض مهينا ٽيهن ڏينهن جا ۽ بعض اوڻٽيهن جا الغرض ڪنهن صورت ۾ به 12 ربيع الاول سومر جي ڏينهن نه ٿي هئي. ان جي ڪري بعض محدثن ان قول کي ترجيح ڏني آهي ته حضور ڪريم جي رحلت ٻه ربيع اول ۾ ٿي هئي. محبوب ڪريم جن جي بيمار ٿيڻ جي ابتداء مٿي جي سور سان ٿي هئي. ان ڏينهن پاڻ ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g جي گهر هئا. ان کان پوءِ ام المومنين سيده ميمونه g جي نمبر هجڻ جي ڪري ان جي گهر آيا هئا ۽ اتي اڃان به تڪليف ۾ واڌارو آيو پر ان حالت ۾ به پاڻ ازواج مطهرات جي نمبر کي پورو ڪندا رهيا پر جڏهن اڃان تڪليف ۾ واڌارو آيو ته سندن خواهش مطابق ٻين سڀني ڀلارين کين ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g وٽ رهڻ جو اختيار ڏنو، ان جي ڪري پاڻ ان سائڻ وٽ رهيا ۽ اتيئي سندن وصال ٿيو. بيمار رهڻ جي ڪل مدت 12 يا 14 ڏينهن هئي منجهند جي وقت سندن وصال ٿيو هو ۽ ان ۾ ڪوبه اختلاف ناهي ته سندن وصال سومر جي ڏينهن منجهند جو ٿيو هو ان جي خلاف جيڪڏهن ڪا روايت ملي ته ان جي توجيه ڪئي ويندي. (خصائل نبوي ص 254، 355) هن باب ۾ چوڏهن 14 حديثون آهن.

{386 حَدَّثَنَا أَبُو عَمَّارٍ الْحُسَيْنُ بْنُ حُرَيْثٍ ، وَقُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ قَالُوا : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : آخِرُ نَظْرَةٍ نَظَرْتُهَا إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَشْفُ السِّتَارَةِ يَوْمَ الإِثْنَيْنِ ، فَنَظَرْتُ إِلَى وَجْهِهِ كَأَنَّهُ وَرَقَةُ مُصْحَفٍ وَالنَّاسُ خَلْفَ أَبِي بَكْرٍ ، فَأَشَارَ إِلَى النَّاسِ أَنِ اثْبُتُوا ، وَأَبُو بَكْرٍ يَؤُمُّهُمْ وَأَلْقَى السِّجْفَ ، وَتُوُفِّيَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ آخِرِ ذَلِكَ الْيَوْمِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي آخري ڀيرو ان وقت ڏٺو ، جڏهن پاڻ سڳورن سومر جي ڏينهن پنهنجي حجري جي دريءَ تان پردو هٽايو ۽ مون سندن مُنهن مبارڪ ڏي ڏٺو، ڄڻ ته قرآن شريف جو (سهڻو روشن) ورق آهي. ان وقت اصحاب سڳورا حضرت ابو بڪر صديق d جي پٺيان نماز پڙهي رهيا هئا. اصحابي سڳورا حضور ڪريم جن جي ديدار  ڪرڻ لاءِ خوشي مان پوئتي هٽڻ لڳا ته پاڻ سڳورن اصحابن سڳورن کي اشارو ڪيو ته بيٺا رهن. حضرت ابو بڪر d انهن جي امامت پي ڪرائي ۽ پاڻ پردو ڏئي ڇڏيائون ۽ انهيءَ ڏينهن پوئين پهر وصال ڪيائون.

مفردات جو شرح: ”نَظْرَةٍ هڪ نگاهه. السِّتَارَةِ پردو. ”يَوْمَ الإِثْنَيْنِ سومر جو ڏينهن. مُصْحَفٍ قرآن مجيد. السِّجْفَ دروازي جو پردو، بعض علماء فرمايو ته ”السجف“ ان پردي کي چوندا آهن جنهن جا ٻه ٽڪرا هجن جيئن دروازي جا ٻه تاڪ هوندا آهن.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضرت انس بن مالڪ d فرمايو آهي ته : مون رسول الله جو آخري ديدار ان وقت ڪيو جڏهن پاڻ سومر جي ڏينهن پردو هٽائي نمازين کي ڏسي رهيا هئا. اهو ڏسڻ به ام المومنين سيده عائشه صديقه g جي گهر مان هو. کَاَنَّهٗ وَرَقَةُ مُصۡحَفِ ڄڻ ته اهو قرآن مجيد جو ورق هو“ اها تشبيه صفائي، سفيدي، روشني، حسن، جمال ۽ هدايت ۾ آهي ۽ هن تشبيه جو حاصل هي آهي ته : سندن منهن مبارڪ ڏسڻ سان ائين هدايت حاصل ٿيندي آهي. جيئن قرآن ڪريم سان. ڇوته سندن منهن مبارڪ سهڻين عادتن جو مظهر ۽ عالي صفات جو جامع آهي. علامه علي القاري  ۽ علامه مناوي  لکيو آهي ته تشبيه جو سبب حسن، صفائي، جمال جون تجليون آهن ڇوته سندن پاڪ منهن مبارڪ تي رب العزة جل وعلا جي ذاتي جمال جي مشاهدي جا فيوضات واقع هئا.         

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 204)

البيجوري  لکيو آهي ته : جيئن قرآن ڪريم جو ورق الله جي ڪلام هجڻ جي حيثيت سان حسي ۽ معنوي انوار تي مشتمل هوندو آهي تيئن حضرت حبيب ڪريم جن جو منهن مبارڪ به حسي ۽ معنوي انوار تي مشتمل آهي. وَالنَّاسَ خَلۡفَ اَبِي بَکۡرِ (۽ ماڻهو (حضرت) ابو بڪر (d) جي پويان نماز پڙهي رهيا هئا.. يعني فجر جي نماز ۾ ماڻهو سندس پويان نماز پڙهي  رهيا. انهن جڏهن حبيب ڪريم جن کي ڏٺو ته سندن ديدار جي خوشي ۾ نماز ڀڃي کين محراب ڏانهن جاءِ ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيا. فَاَشَارَ اِلَي النَّاسَ اَنِ اثۡبُتُوۡا پوءِ ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيائون ته : ثابت رهو يعني نماز ۾ قائم رهو نماز نه ڀڃو ۽ صف به نه ٽوڙيو. وَ اَبُوۡبَکۡرِ يُّوۡمُّهُمۡ ۽ (حضرت) ابو بڪر (d) امامت ڪندو رهيو.“ ان پردي هٽڻ کي ڪونه ڏٺو. ۽ اها امامت به حضرت نبي ڪريم جي امر سان ڪري رهيو هو جو پاڻ فرمايو هيائون تهمُروا اَبَا بَکۡرِ فَلۡيُصَلِّ بِالنَّاسِ ابو بڪر (d) کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي ۽ حضرت ابو بڪر d کي الله جي حبيب ڪريم فيض سان دين ۾ مضبوطي ۽ استحڪام عطا فرمايو هو ۽ پاڻ يقين جي ان مقام تي فائز هو جنهن تي ٻيو پهچي نه سگهيو. هي اهو ئي سومر جي ڏينهن جو آخري نظارو هو جنهن تي حضور ڪريم جن هي اندازو لڳايو ته شرعي نظام قائم ٿي چڪو آهي ۽ سندن قديمي رفيق حضرت ابو بڪر صديق d سندن نائب هجڻ جو حق ادا ڪري رهيو آهي ۽ امت جو بار سنڀالي وٺندو ۽ ٿيو به ائين جنهن کي دنيا ڏٺو ته حضور ڪريم جن جي دنيا تان (ظاهري) انتقال جو حادثو جنهن جي اڳيان دنيا جا سمورا حادثا نه جي برابر هئا ۽ ان جي پيش ايندي ئي ماڻهن جي مرتد ٿيڻ جو فتنو ۽ ساري دنيا جو مقابلو سامهون آيو، پر حضرت ابو بڪر صديق d مستقل مزاجي جي جبل انهن سڀني سان ٽڪر کاڌو. ۽ هر ٽڪر کائيندڙ کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو. حق هي آهي ته : ان رسول الله جي نائب هجڻ جو حق ادا ڪري ڏيکاريو. حضرت عمر فاروق d جهڙو اسلام جو ٿنڀو جو دوست ۽ دشمن سڀ ان جي بهادري، شجاعت ۽ قوت کي تسليم ڪن ٿا ان نرمي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته حضرت ابو بڪر d ان کي بزدل هجڻ جو طعنو هنيو. علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : بخاري شريف ۾ لکيل آهي ته مسلمان حضور ڪريم جي امر سان سومر جي ڏينهن جي فجر واري نماز حضرت ابو بڪر صديق d جي پويان پڙهي رهيا هئا ته اوچتو حضور ڪريم جن (ام المومنين سيده) عائشھ صديقھ g جي گهر مان پردو هٽائي ظاهر ٿيا، ۽ ڏٺائون ته اصحاب ڀلارا نماز جي صفن ۾ هئا ته پاڻ مرڪندي کليا ۽ حضرت ابو بڪر صديق d پوئين پير هٽڻ لڳو تانت صف ۾ بيهي نماز پڙهي ۽ خيال ڪيائين ته : رسول الله جن نماز پڙهڻ جي لاءِ تشريف فرما ٿيا آهن. حضرت انس بن مالڪ d فرمايو ته مومنن نماز ٽوڙڻ جو ارادو ڪيو هو ته حضرت حبيب ڪريم جن اچي رهيا آهن مگر پاڻ انهن کي هٿ مبارڪ سان اشارو ڪيائون ته : پنهنجي نماز پوري ڪيو ۽ پوءِ حجره مبارڪ ۾ داخل ٿي پردو ڏئي ڇڏيائون. هڪ روايت مطابق ان ڏينهن ئي رحلت فرمايائون. ۽ مسلم شريف جي روايت ۾ حضرت انس بن مالڪ d کان آيو آهي ته : رسول الله جن ٽي ڏينهن ٻاهر ڪونه نڪتا هئا ۽ حضرت ابو بڪر صديق d نماز پڙهائيندو رهيو. پوءِ (هڪ ڀيري) پاڻ ڪريمن جن (حجره مبارڪ کي ڏنل) پردو کنيو ۽ جڏهن اسان جي لاءِ سندن منهن مبارڪ ظاهر ٿيو ته اسان اهڙو دل کي وڻندڙ منظر نه ڏٺو هو جهڙو ان ڏينهن ڏٺوسون ۽ پوءِ پاڻ حضرت ابوبڪر صديق d ڏانهن اشارو ڪري فرمايائون ته : اڳيان ٿي نماز پڙهاءِ ۽ اهو (حجره مبارڪ کي ڏنل) پردو هيٺ لاهي ڇڏيائون ۽ مسلم شريف ۾ حضرت انس d جا هي الفاظ به آهن  ته ”حضرت ابو بڪر صديق d انهن کي نماز پڙهائيندو رهيو تانجو سومر جو ڏينهن آيو ۽ اهي صحابه نماز جي صفن ۾ هئا پوءِ حضرت نبي ڪريم جن حجره مبارڪ کي ڏنل پردو پري ڪيو ۽ اسان سندن منهن مبارڪ ڏانهن نهاريو ته ڄڻ قرآن جو ورق هو (۽ نماز جي صفن ۾ صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي بيٺل ڏسي) پاڻ مرڪي کليا.“  (الحديث).

حضرت انس d  فرمايو ته : سندن اهو ديدار اسان جي لاءِ) آخري ديدار هو. (اشرف الوسائل ص 565)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الصلواة باب 21 استخلاف الامام رقم الحديث 419 حديث الکتاب 99 ج 1 ص 315 {2} النسائي في کتاب الجنائز باب 7 الموت يوم الاثنين ج 4 ص 7 {3} ابن ماجھ في کتاب الجنائز باب 64 ماجاء في ذکر مرض رسول الله رقم الحديث 1624 {4} احمد في المسند ج 3 ص 110 {5} الحميدي في مسنده رقم الحديث 1188 ج 2 ص 501 {61} ابو عوانة في مستخرجھ ج 2 ص 118 {7} البيهقي في سننھ ج 3 ص 75 {8} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6586 ج 8 ص 212.

{387} حَدَّثَنَا حُمَيْدُ بْنُ مَسْعَدَةَ الْبَصْرِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا سُلَيْمُ بْنُ أَخْضَرَ ، عَنِ ابْنِ عَوْنٍ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنِ الأَسْوَدِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كُنْتُ مُسْنِدَةً النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَى صَدْرِي - أَوْ قَالَتْ : إِلَى حِجْرِي - فَدَعَا بِطَسْتٍ لِيَبُولَ فِيهِ ، ثُمَّ بَالَ ، فَمَاتَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ g کان روايت آهي ته نبي ڪريم کي آءُ پنهنجي سيني يا جهولي ۾ ٽيڪ ڏئي ويٺي هيس پوءِ پاڻ سڳورن پيشاب ڪرڻ لاءِ هڪ ٿانءُ گهرايو ۽ ان ۾ پيشاب ڪيو پوءِ (ڪجهه دير بعد دعا گهرندي گهرندي) پاڻ سڳورن جو وصال ٿي ويو. (نبي سائين تي الله جون رحمتون ۽ سلام هجن!)

مفردات جو شرح: ”مُسْنِدَةً ٽيڪ ڏئي وهاريندڙ. حِجْرِ هنج. طَسْتٍ“ ٿالهي، ٽامي جو ٿانءُ جنهن ۾ هٿ وڌو ويندو آهي. ”صدر“ سينو.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته : ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g جي فضائل مان هي به آهي ته : نبي ڪريم جن جي ظاهري زندگيءَ جون آخري گهڙيون به ان کي خدمت نصيب ٿي ۽ آقا جن ان کي ان لمحات سان نوازيو. بخاري شريف جي روايت ۾ آهي ته ام المومنين عائشھ صديقھ g فرمايو :” تُوُفِّيَ فِي بَيۡتِي وَ فِي يَوۡمِي بَيۡنَ سَحَرِيۡ وَ نَحۡرِيۡ (پاڻ منهنجي گهر ۾ منهنجي نمبر واري ڏينهن ۾ منهنجي هيٺين ڄاڙي مبارڪ ۽ هار جي جاءِ مبارڪ جي وچ ۾ سندن مٿو مبارڪ هو ته وفات فرمايائون. (المواهب ص 649) سبحان الله ثم سبحان الله ! ڇا سيده جو شان آهي جو محبوب ڪريم جن جو روح مبارڪ سندن هنج مبارڪ مان پرواز ڪري پروردگار پاڪ سان وڃي مليو.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الوصايا باب 1 رقم الحديث 2741 ج 5 ص 356 {2} مسلم في کتاب الوصية باب 5 رقم الحديث 1636 ج 3 ص 1257 {3} النسائي في کتاب الطهارة باب 29 البول في الطست ج 1 ص 32 {4} ابنِ ماجھ في کتاب الجنائز باب 64 رقم الحديث 1626 {5} احمد في المسند ج 6 ص 32 {6} ابن سعد في الطبقات ج 2 ص 260.

{388} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ ، قَالَ : حَدَّثَنَا اللَّيْثُ ، عَنِ ابْنِ الْهَادِ ، عَنْ مُوسَى بْنِ سَرْجِسَ ، عَنِ الْقَاسِمِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَهُوَ بِالْمَوْتِ وَعِنْدَهُ قَدَحٌ فِيهِ مَاءٌ ، وَهُوَ يُدْخِلُ يَدَهُ فِي الْقَدَحِ ثُمَّ يَمْسَحُ وَجْهَهُ بِالْمَاءِ ، ثُمَّ يَقُولُ : اللَّهُمَّ أَعِنِّي عَلَى مُنْكَرَاتِ - أَوْ قَالَ عَلَى سَكَرَاتِ الْمَوْتِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته مون رسول الله کي وصال ڪرڻ وقت ڏٺو ته وٽن هڪ پيالو رکيل هو ان ۾ پاڻي هو. تنهن وقت پنهنجو هٿ مبارڪ پيالي ۾ ٻوڙي، پنهنجي منهن مبارڪ کي لڳائي چون پيا ته :” اي منهنجا الله ! موت جي سختين يا موت جي سڪرات تي منهنجي مدد ڪر!“.

مفردات جو شرح: ”وَعِنْدَهُ ۽ ان وٽ. قَدَحُٗ پاڻي پيئڻ جو پيالو. يَمْسَحُ مکي رهيا هئا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حبيب ڪريم جا الفاظ مبارڪ آهن ته :اَللّٰهُمَّ اَعِنِّي عَلٰي مُنۡکَرَاتِ الۡمَوۡتِ اَوۡ سَکَرَاتِ الۡمَوۡتِ (اي منهنجا الله منهنجي موت جي نا پسند ڪيفيتن يا موت جي سڪرات ۾ مدد ڪر) هنن لفظن جي وضاحت ڪندي علامه البيجوري  لکيو آهي ته مُنۡکَرَاتِ الۡمَوۡتِ مان مراد روح نڪرڻ وقت سختي واري ڪيفيت آهي ڇوته ان مهل اهڙيون تڪليفون وارد ٿين ٿيون. يا منڪرات“ جي جاءِ تي سڪرات لفظ فرمايو هيائون ۽ ان مان مراد سختين جي بحر ۾ ٻڏڻ آهي پر حضور ڪريم جن جو پنهنجي پاڪ ذات جي لاءِ اظهار صرف ظاهري لحاظ سان هو. نه ته سندن درجات، مقامات ارفع ۽ اعلى آهن سندن شان ۽ ڪمالات جي ترقي واضح آهي. سندن بيمار هجڻ جي حالت ۾ ٽي ڏينهن جبريل سندن خدمت ۾ ايندو ۽ عرض ڪندو رهيو ته : الله اوهان جي اڪرام ۽ اعزاز جي لاءِ مون کي اوهان جي طبع پرسي جي لاءِ موڪليو آهي حالانڪه مون کان به وڌيڪ ان کي اوهان جي طبيعت جو علم آهي ۽ ٽئي ڏينهن جبريل امين عليه السلام اڃان طبع پرسي ڪري رهيو هو ته ”پاڻ کي ڪيئن ٿا سمجهو“ ملڪ الموت سندن روح مبارڪ کي پرواز ڪرائڻ جي لاءِ دروازي تي حاضر ٿي اجازت گهري. پوءِ پاڻ اجازت ڏنائون ۽ ملڪ الموت پنهنجي خدمت ادا ڪئي. (روح کي پرواز ڪرايو) (المواهب ص 650) علامه علي القاري لکيو آهي ته : انهن لفظن مان مراد آهي ته يا الله ! منهنجي مدد ڪر ته مان موت جي سختين ۽ شدتن، سڪرات جي ڪيفيتن ۾ مشغول رهڻ جي بجاءِ تنهنجي ذات جي قدسي حضور ۾ تو سان انس کان خالي نه رهان (نه ته کين قطعي طور سڪرات جي شدت ۽ ڊپ ۽ پرواهه نه هئي پاڻ يقينن جنتي پر جنت جا مالڪ هئا ۽ آهن) ۽ بخاري شريف ۾ سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته : مون وٽ منهنجو ڀاءُ عبدالرحمان ان حال ۾ آيو جو مان حضرت حبيب ڪريم کي ٽيڪ ڏياريو ويٺي هيس ۽ منهنجي ڀاءُ وٽ تازو ڏندڻ هو. حضور ڪريم جن ان ڏانهن نهاري رهيا هئا (ته مان سمجهي ويس ته پاڻ ڏندڻ ڏيڻ گهرن ٿا) مون ڀاءُ کان اهو ڏندڻ وٺي ڌوئي پاڻ چٻاڙي نرم ڪري کين ڏنو ۽ پاڻ ڏندڻ ڏنائون ۽ اڳي ڪڏهن به اهڙي نموني سهڻي طرح ڏندڻ نه ڏنو هيائون. ۽ ان روايت ۾ هي به آهي ته : هيءَ مون تي الله جي نعمت هئي جو منهنجي زبان کي لڳل آلاڻ ان ڏندڻ جي ذريعي رسول الله جي پاڪ زبان جي آلاڻ سان ملي ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته اهو ڏندڻ کجيءَ جي ٽاريءَ مان هو ۽ عقيلي  جي روايت ۾ آهي ته سيده عائشھ صديقھ g فرمايو ته نبي ڪريم جن مون کي حڪم ڪيو ته آلي ڪاٺيءَ جو ڏندڻ گهراءِ ۽ اهو چٻاڙي مون کي ڏي ته مان به ان کي چٻاڙيان ۽ تنهنجي منهنجي زبان وارو پاڻي پاڻ ۾ ملي وڃي ۽ مسند امام اعظم ۾ آهي ته ان وقت حضرت نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو ته :”اِنِّي رَاَيۡتُ بِيَاضَ کَفِّ عَائِشَةَ فِي الۡجَنَّةِ (مون عائشه جي هٿ جي تري جي سفيدي(چمڪار) جنت ۾ ڏٺي) (جمع الوسائل ج 2 ص 207)

علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته رسول الله جن کي سڪرات جي ڪيفيت جو ڊپ ڪيئن ٿيندوحالانڪه سندن (غلام صحابي حضرت) بلال d تي جڏهن دنيا تان رحلت واريون گهڙيون آيون ۽ اتي موجود ڪنهن ماڻهو چيو ته وَاَکَربَاُه اي ڏک جون گهڙيون. ته حضرت بلال d فرمايو : وَاطرَباهُ غَدًا اَلَقي الاَحِبَّةَ مُحَمَّدًا وَّصَحۡبَہَ (اي خوشي جو مقام! مان سڀاڻي حضرت محمد ۽ ان جي اصحابن رضي الله عنهم سان ملاقات ڪندس“ جڏهن حضرت بلال d جو هي مقام آهي ته حضور ڪريم جو پنهنجي مالڪ وٽ ڇا مقام هوندو؟ (اشرف الوسائل ص 568) المقصد ته : حضور ڪريم جن ان دعا سان امت کي تعليم ڏني ته : موت جي سڪرات جي آسان ٿيڻ جي لاءِ دعا گهرجي. ۽ هي حضرت نبي ڪريم جن جي نهايت ثابت ۽ استقلال طبع جو دليل آهي جو ان وقت به پنهنجي پاڪ پروَر سان تعلقات ۾ مضبوط رهيا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في عمل اليوم والليلة باب ما يقول عندالموت رقم الحديث 1093 ص 588 {2} ابن ماجه في کتاب الجنائز باب 64 ماجاء في ذکر مرض رسول الله رقم الحديث 1717 {3} احمد في المسند ج 6 ص 64 {4} الحاکم في المستدرک ج 2 ص 465

{389} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ الصَّبَّاحِ الْبَزَّازُ ، قَالَ : حَدَّثَنَا مُبَشِّرُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ ، عَنْ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ الْعَلاَءِ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لاَ أَغْبِطُ أَحَدًا بَهَوْنِ مَوْتٍ بَعْدَ الَّذِي رَأَيْتُ مِنْ شِدَّةِ مَوْتِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته آءُ ڪنهن جي سهنجي موت تي ريس نه ڪندي آهيان. جڏهن کان مون رسول الله جي وصال جي وقت سختي ڏٺي آهي.

مفردات جو شرح: ”أَغْبِطُ مان ڪنهن سان ريس نه ٿي ڪيان. هي الغبطة کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي سهڻو حال، خوشي رشڪ، ۽ هتي اها آخري معنى مراد آهي ان جي ٻي معنى آهي ٻئي جي مرتبي ۽ مال جي آرزو ڪرڻ پر ٻئي وٽان ان جي وڃڻ يا ختم ٿيڻ جي سوچ نه رکڻ، جيڪڏهن ٻئي کان زوال جي خواهش ڪندو ته ان کي حسد چيو ويندو.هَوْنِ آساني، نرم، سولو.

سمجهاڻي: ڪتاب لغات الحديث جي صاحب باب غين جلد 4 ص 8 تي لکيو آهي ته : معلوم ٿيو ته موت جي سختي سٺي شيءِ آهي تڏهن ته حبيب ڪريم جن تي اها ڪيفيت آئي اها ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g جي راءِ هئي. حالانڪه سندن مٿان ڪا اهڙي زياده سختي نه آئي هئي. بلڪه ملڪ الموت نهايت نرمي سان سندن روح پاڪ کي پرواز ڪرايو ٿي ۽ ان جو دليل هي آهي ته : پاڻ ڪا پريشاني نه ڏيکاريائون صرف پنهنجي پاڪ پيشاني تي پاڻي مکيندا رهيا ۽ رحلت ڪرڻ تائين نماز جي وصيت فرمائيندا رهيا ۽ آخري ڪلمه پاڻ هي فرمايائوناَللّٰهُمَّ اَلۡحِقۡنِي بِالرَّفِيۡقِ الۡاعۡلٰي (يا الله ! مون کي اعلى رفيق سان شامل فرماءِ.) (انوارِ غوثيھ ص 559)  علامه علي القاري  لکيو آهي ته : اها شدت روح پرواز ڪرڻ کان ڪجهه وقت اول ٿي هئي ان وقت کي وفات جا مقدمات سڏيو ويندو آهي عين سڪرات جي وقت نه هئي ۽ صحيح روايت ۾ آهي ته پاڻ دعا گهري هيائون ته :اَسۡئَالُ اللهَ الرَّفِيۡقَ الۡاَعۡلٰي مَعَ السَّعِيۡدِ جِبۡرِيۡلَ وَ مِيۡکَالَ وَاِسۡرَافِيۡلَ الله کان اعلى رفيق ٿو گهران نهايت نيڪ بخت جبريل ۽ ميڪائيل ۽ اسرافيل جي رفاقت) النهاية ڪتاب جي صاحب علامه ابن الاثير لکيو آهي ته : الرفيق مان مراد نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي جماعت آهي جيڪي جنت جا ساڪن آهن ۽ ٻيو قول آهي الرفيق مان مراد الله آهي جيڪو پنهنجن ٻانهن سان مهربان آهي ۽ ڪن جو قول آهي ته ”الرفيق الاعلى“ مان مراد حضرة القدس آهي ۽ بيهقي دلائل النبوة ۾ ڊگهي حديث آندي آهي جنهن ۾ آهي ته : جڏهن سندن ظاهري زندگي ۾ ٽي ڏينهن بچيا ته سندن خدمت ۾ جبريل آيو ۽ اچي عرض ڪيائين ته : پاڻ کي ڪيئن ٿا سمجهو؟ نبي پاڪ جن ان کي جواب ۾ فرمايو ته ”مغموم ۽ ڏکويل آهيان“ ان کان پوءِ سندن خدمت ۾ ٻئي ڏينهن ۽ ٽئي ڏينهن به آيو ۽ اهو پڇندو رهيو ۽ پاڻ جواب ڏيندا رهيا ان کان پوءِ (ٽئي ڏينهن) کين عرض ڪيائين ته ملڪ الموت ٻاهر آيو آهي اوهان کان اندر اچڻ جي موڪل ٿو گهري ۽ ان اوهان کان سواءِ نه اڳين مان ڪنهن کان موڪل گهري آهي نه پوين کان گهرندو“ پوءِ رسول الله جن ان کي موڪل ڏني ۽ اهو سندن اڳيان بيهي عرض ڪرڻ لڳو ته اوهان کي اختيار آهي اجازت ڏيو ته روح کي پرواز ڪرايان نه ڏيو ۽ هتي هميشه رهو ته به مرضي وارا آهيو.

جبريل کين عرض ڪيو ته :يَا مُحَمَّدُ اِنَّ اللهَ قَدِ اشۡتَاقَ اِلي لِقَاءِکَ اي محمد الله اوهان جي ملاقات جو اشتياق ظاهر فرمايو آهي) پوءِ پاڻ ان کي روح پرواز ڪرائڻ جي موڪل ڏنائون ۽ ان روح کي پرواز ڪرايو ۽ جڏهن روح پرواز ڪيو ۽ تعزيت ٿي ته : گهر جي ڪنڊ مان آواز ٻڌائون ته اَلسَّلَامُ عَلَيۡکُمۡ اَهۡلَ الۡبَيۡتِ اهلبيتو! اوهان تي سلام آهي. بيهقي ڊگهي تعزيت ذڪر ڪئي آهي. علامه علي القاري  لکيو آهي ته هن تعزيت جو محدث نووي حديث جي ڪتابن ۾ انڪار ڪيو آهي ۽ الحافظ العراقي  فرمايو ته : صحيح ناهي ۽ ان اهو به ذڪر ڪيو آهي ته : جيڪو ابن ابي الدنيا هن سلسلي ۾ ڊگهو ذڪر ڪيو آهي ان جي سندن ۾ انقطاع آهي ۽ ان ۾ گفتگو آهي ۽ جيڪو ملڪ الموت جو اچڻ بيهقي ذڪر ڪيو آهي ان جو مثال طبراني به آندو آهي. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : مان چوان ٿو ته : هن روايت جو اصل ثابت آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ به هن جي سنَد حسن آهي يا ضعيف چئو ته به محدثن جو اتفاق آهي ته ضعيف سنَد واري روايت فضائل ۾ مقبول آهي ۽ الله   جي اشتياق جي معنى آهي الله ارادو فرمايو آهي ته : اوهان کي پنهنجي اصل مقام ڏانهن واپس آڻي دنيا مان ڪڍي پنهنجي قرب جي زيادتي ۽ ڪرامت اوهان کي عطا ڪري. جيئن روايت ۾ وارد آهي ته :مَنۡ اَرَادَ لِقَاء اللهِ اَرَادَ اللهُ لِقَائه جنهن الله جي ديدار جو ارادو ڪيو ته الله به ان جي ملاقات جو ارادو ڪندو. هن ۾ اهم تنبيهه آهي ته الله ۾ سهڻو گمان رکڻ واجب آهي جيئن ٻي روايت ۾ آيو آهي ته لَا يَمُوۡتَنَّ اَحۡدُکُمۡ اِلَّا وَهُوَ يُحۡسِنُ اَلظَّنَّ بِهٖ فَاِنَّهٗ مِنۡ کَمَالِ الۡاِسۡلَامِ (اوهان مان ڪو هڪ هرگز  نه مري مگر اهو الله ۾ سهڻو گمان رکي بلاشڪ اهو اسلام جو ڪمال آهي ۽ الله فرمايو آهي ته وَلَا تَمُوۡتُنَّ اِلَّاوَاَنۡتُمۡ مُسۡلِمُوۡنَ (۽ هرگز نه مرو اوهان مگر (ان حال ۾ جو) اوهان مسلمان آهيو. يعني اسلام ۾ ڪامل، فرمانبردار حڪمن کي مڃيندڙ، الله ، ملڪ، علام جي محبت ۾ خلوص وارا رهندڙ . (جمع الوسائل ج 2 ص 207، 208)  علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  مذڪور ڳالهين سان گڏ هي به لکيو آهي ته رسول الله جن پنهنجي گفتگو کي اَللّٰهُمَّ الرَّفِيۡقَ الۡاَعۡلٰي تي ان جي ڪري ختم ڪيو جو ان ۾ توحيد ۽ قلبي ذڪر آيل آهي ۽ هن ۾ ان طرف به اشارو آهي ته : جنهن جي زبان کي ڪو مانع ذڪر کان روڪي ٿو ۽ ان جو قلب ذڪر سان مشغول آهي ته اها ڳالهه ان جي لاءِ نقصان ڏيندڙ ناهي ۽ الرفيق کي مفرد ڪري آندائون جو جنت وارا سڀ هڪ دل ٿي ان ۾ داخل ٿيندا.“ (اشرف الوسائل ص 569) هن روايت ۾ ام المومنين سيده عائشه صديقه g جي ارشاد ته حضور ڪريم جن جي رحلت واري وقت جي تڪليف ڏسڻ کان پوءِ هاڻي مون کي ڪنهن ماڻهو جي مرض الموت ۾ تڪليف نه ٿيڻ تي رشڪ ۽ ريس نه ٿيندي آهي اهو ان جي ڪري هو جو مرض الموت جي شدت گناهن کي ڪيرائڻ ۽ مرتبن کي بلند ڪرڻ جو سبب هوندي آهي ۽ بيماري جي شدت موت جو پيغام هجڻ جي ڪري استغفار گهڻي پڙهڻ ۽ موت جي لاءِ تياري جو ذريعو هوندي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3832 ج 14 ص 48، 49 {2} البخاري في کتاب المغازي باب 83 مرض النبي   ووفاته رقم الحديث 4446 ج 8 ص 140 {3} النسائي في کتاب الجنائز باب 6 شدة الموت ج 4 ص 6، 7 {4} احمد في المسند ج 6 ص 64 {5} ابنِ ماجھ في کتاب الجنائز باب 64 ماجاء في ذکـر مرض رسول الله رقم الحديث 1622 ج 1 ص 518.

{390} حَدَّثَنَا أَبُو كُرَيْبٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ ، قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو مُعَاوِيَةَ ، عَنْ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ أَبِي بَكْرٍ وَهُوَ ابْنُ الْمُلَيْكِيِّ ، عَنِ ابْنِ أَبِي مُلَيْكَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لَمَّا قُبِضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ اخْتَلَفُوا فِي دَفْنِهِ ، فَقَالَ أَبُو بَكْرٍ : سَمِعْتُ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ شَيْئًا مَا نَسِيتُهُ قَالَ : مَا قَبَضَ اللَّهُ نَبِيًّا إِلاَ فِي الْمَوْضِعِ الَّذِي يُحِبُّ أَنْ يُدْفَنَ فِيهِ. اِدْفَنُوهُ فِي مَوْضِعِ فِرَاشِهِ

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته جڏهن رسول الله جن جو وصال ٿيو ته اصحابن سونهارن جو پاڻ سڳورن جي دفن ڪرڻ جي جاءِ ۾ اختلاف ٿيو، هن تي ابو بڪرd چيو ته مون رسول الله کان ڳالهه ٻڌي آهي ان کي نه وساريو اٿم. پاڻ سڳورن فرمايو ته  ” الله هر نبي جو وصال اتي ڪندو آهي جتي ان نبي کي دفن ٿيڻ پسند هوندو آهي.“ ان ڪري نبي ڪريم کي بستري (وصال ڪرڻ) واري جاءِ تي دفن ڪريو.

مفردات جو شرح: ”لَمَّا جڏهن قُبِضَ وفات ڪرايو ويو. مَا نَسِيۡتُهٗ مون ان کي نه وساريو. اَلۡمَوضِع جاءِ، جڳهه.

سمجهاڻي: ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g جو ارشاد ته ” نبي ڪريم جي رحلت کان پوءِ سندن پاڪ وجود کي ڪٿي دفن ڪيو وڃي ان ۾ اختلاف ڪيو ويو“ يعني ڪنهن جي راءِ هئي ته کين سندن مسجد ۾، ڪنهن جي راءِ هئي مدينه منوره جي قبرستان البقيع ۾، ڪنهن جي راءِ هئي ته کين سندن فرزند حضرت ابراهيم d جي قبر مبارڪ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d فرمايو ته : مون رسول الله جن کان هيءَ حديث ٻڌي هئي جنهن کي مون اڃان وساريو ناهي ته ”الله نبي کي ان جي جاءِ تي روح پرواز ڪرائيندو آهي جتي ان کي دفن ڪرائڻ پسند ڪندو آهي.“ تنهنڪري حضور ڪريم جن کي به اتي دفن ڪيو جتي سندن روح پرواز ڪيو آهي. پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d جي روايت ڪيل اها حديث سڀني قبول ڪئي ۽ کين اتيئي دفن ڪيو ويو ۽ جڏهن ته اها جاءِ حضرت سيده ام المومنين عائشھ صديقھ g جو حجره هئي ته ثابت ٿيو ته الله کي ام المومنين جو حجره پيارو هو. ۽ ام المومنين به الله جي پيارين ٻانهين مان آهي) .       

 (انوار غوثيھ ص 560)

علامه البيجوري  لکيو آهي ته ان ۾ به اختلاف هو ته کين دفن ڪيو وڃي يا نه ۽ ڪن جو چوڻ  هو ته کين مڪه مڪرمه ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ ڪن جو چوڻ هو ته کين شام ملڪ ۾ حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام سان گڏ دفن ڪيو وڃي.

سوال: جيڪڏهن هر نبي کي اتي دفن ڪرڻو هو جتي ان جي وفات ٿي ته پوءِ حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي مصر مان ڪڍائي فلسطين ۾ ڇو دفن ڪيو؟

جواب: اهو ان جي ڪري ٿيو هو جو ان وقت مصر وارن جي حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام سان محبت کيس ٻاهر فلسطين ڏانهن نه ڇڏيو يا حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي ان جي لاءِ خصوصي خداوندي حڪم ٿيو هوندو. ۽ حديث ۾ آهي ته : حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام به حضرت حبيب ڪريم جي ڀر ۾ سندن روضي اندر خالي جاءِ ۾ دفن ڪيو ويندو جيڪا حضرت ابو بڪر صديق d ۽ حضرت عمر فاروق d ۽ حبيب ڪريم جي قبر مبارڪ جي وچ ۾ خالي رکيل آهي. (المواهب ص 652) ۽ حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلواة والسلام  وفات به ان جاءِ تي ڪندو. ظاهر ڳالهه اها آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 208) ۽ جڏهن ته حضرت نبي ڪريم جن کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d جي هٿ تي ئي باقي رهيل سڀ امر پورا ٿيڻا هئا ان جي ڪري اهڙي قسم جا مسائل به خصوصيت سان حضرت ابو بڪر صديق d کي ئي معلوم هئا اهڙيون ڪيتريون حديثون آهن جن کي حضرت ابو بڪر صديق روايت ڪري ٿو. نموني طور ٻه ٽي حديثون مختصر پيش ڪجن ٿيون {1} ڪنهن نبي جي وفات ان وقت تائين نه ٿيندي آهي جيستائين امت مان ڪنهن جو مقتدي ٿي نماز نه پڙهي. {2} زڪواة وصول ڪرڻ واريون روايتون ۽ ان جو نصاب {3} منهنجي گهر (يعني قبر مبارڪ) ۽ منهنجي منبر وارو وچون حصو جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي. {4} انبياء عظام عليهم الصلواة والسلام  جو ڪو (مالي وارث) نه هوندو آهي . {5} الله ڪنهن نبي کي جڏهن ڪو رزق عطا ڪندو آهي ته ان جو متولي اهو شخص ٿيندو آهي جيڪو ان نبي علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو خليفو هوندو آهي. {6} زنا جي حد واري حديث {7} جهاد ۾ مشوري واري حديث {8} دين جو مدار لَااِلٰهَ اِلَّا اللهُ (محمد رسول الله) پڙهڻ تي آهي. {9} خلافت جو قريشين ۾ هجڻ. {10} انصار جا فضائل ۽ انهن جي باري ۾ خيرخواهي جي وصيت {11} چوريءَ جي سزا {12} انصاف ۽ تواضع ڪندڙ بادشاهه زمين تي الله جي (قدرتي) ڇانوَ آهي {13} جيڪو هي گهري ته  جهنم جي سختي کان محفوظ رهي ۽ الله جي قدرتي ڇانوَ ۾ رهي ته مومنن تي سختي نه ڪري ، انهن سان رحمدلي وارو برتاءُ ڪري {14} جيڪا قوم جهاد ڇڏي ڏيندي آهي اها عام عذاب ۾ مبتلا ٿيندي آهي ان کان سواءِ ٻيون ڪيتريون روايتون آهن جن جو تعلق حضور ڪريم جي رحلت کان پوءِ وارن انتظامن سان آهي اهي حضرت ابوبڪر صديق روايت ڪيون. ۽ انهن تي عمل ڪري ڏيکاريو. (خصائل نبوي ص 358)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} المروزي في مسند ابي بکر بالمرفوع فقط رقم الحديث 43 ص 80، 81 {2} احمد في المسند ج 1 ص 7 {3} مالڪ في الموطا في کتاب الجنائز باب 10 ماجاء في دفن الميت رقم الحديث 27 ج 1 ص 231

{391 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، وَعَبَّاسٌ الْعَنْبَرِيُّ ، وَسَوَّارُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ قَالُوا : حَدَّثَنَا يَحْيَى بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ سُفْيَانَ الثَّوْرِيِّ ، عَنْ مُوسٰى بْنِ أَبِي عَائِشَةَ ، عَنْ عُبَيْدِ اللَّهِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، وَعَائِشَةَ ، أَنَّ أَبَا بَكْرٍ ، قَبَّلَ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بَعْدَ مَا مَاتَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f ۽ حضرت عائشه صديقه g کان روايت آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d نبي ڪريم جن کي وصال کان پوءِ (سندن پيشاني مبارڪ تي) چمي ڏني.

مفردات جو شرح: ”قَبَّلَ تقبيل کان ورتل ماضي جو صيغو آهي. معنى چمڻ، بوسو ڏيڻ. بَعْدَ مَا مَاتَ رحلت ڪرڻ کان پوءِ ، انتقال کان پوءِ.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضرت حبيب ڪريم جن کي سندن رحلت کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d جو چمڻ ذڪر ٿيل آهي ۽ اهو چمڻ برڪت حاصل ڪرڻ ۽ ڀلائي ماڻڻ سان گڏ محبت ۽ عقيدت جو اظهار هو ۽ هيءَ به حبيب ڪريم جن جي سنت جي ادائيگي هئي. جو پاڻ حضرت عثمان بن مظعون d جي وفات کان پوءِ سندس  پيشاني کي چمي ڏني هيائون. ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي ان جي منهن مبارڪ تي پيا هئا. هن مان ثابت ٿيو ته : ميت جي پيشاني چمڻ سنت آهي . (المواهب ص 653) اها چمي سندن ٻن اکين جي وچ تي يا پيشاني پاڪ جي ڪنهن حصي تي هئي. جيئن امام احمد  روايت ڪئي آهي ۽ علامه ابن حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته امام احمد روايت آندي آهي ته : حضرت ابو بڪر صديق d حضور ڪريم   جن جي مٿي مبارڪ واري پاسي کان اچي وات کولي حبيب ڪريم جي پيشاني کي چمي چيووَانَبيَّاهُ هاءِ دلبر نبي! وري ٻيو ڀيرو به اهڙي نموني چمي چيو وَاصَفِيَّاهُ هاءِ الله جا برگزيده! وري ٽيون ڀيرو چمي چيو. وَاخَلِيۡلَاهُ هاءِ دوست! ۽ ابنِ ابي شيبه روايت آندي آهي ته: حضرت ابو بڪر پيارو حبيب ڪريم جي پيشاني کي چمندي زاروقطار روئي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو بَابِي اَنۡتَ وَاُمِيَّ طِبۡتَ حَيَّا وَمَيِّتًا (منهنجو ابو، امان اوهان تان قربان ! اوهان ظاهري زندگي به پاڪ صاف گذاري ته (دنيا تان رحلت ڪرڻ کان پوءِ)  به پاڪ صاف آهيو.

وفات کان پوءِ صالح ٻانهي جي پيشاني چمڻ: علامه موصوف لکيو آهي ته : هن مان ثابت ٿيو ته : صالح ٻانهي جي پيشاني چمڻ مستحب آهي. سمجهڻ گهرجي ته حضرت ابو بڪر صديق d جا مذڪور الفاظ ، پار ڪڍڻ ، بي صبري جي ڪري نه هئا پر سندن پيشاني کي چمڻ وقت ظاهري وڇوڙي ۽ جدائي جي ڪري محبت جي جوش ۾ هئا. علامه بيجوري  لکيو آهي ته : حضرت ابو بڪر صديق d جي هن ڪردار مان ثابت ٿيو ته ميت جون سهڻيون صفتون بيان ڪرڻ جائز آهن ان شرط سان ته ان ۾ پار نه ڪڍجن. بلڪه اهي صفتون بيان ڪرڻ مستحب آهن ڇوته ائين ڪرڻ خلفاءِ راشدين ۽ ائمه مهتدين جي سنت آهي ۽ اها عالمن دين جي وارثن ۾ ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ وڏن اجتماعن ۾ عادت رهي آهي.                                                   (جمع الوسائل ج 2 ص 309، المواهب ص 654)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه البخاري في کتاب المغازي باب 83 مرض النبي و وفاتھ رقم الحديث 4455 ج 8 ص 146 {2} النسائي في کتاب الجنائز باب 11 تقبيل الميت ج 4 ص 11 {3} ابنِ ماجھ في کتاب الجنائز باب 7 ماجاء في تقبيل الميت رقم الحديث 1548 {4} احمد في المسند ج 6 ص 55 {5} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 3029 ج 7 ص 299 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1471 ج 5 ص 303 {7} البيهقي في سننھ ج 3 ص 406.

{392} حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ هِلاَلٍ الصَّوَّافُ الْبَصْرِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا جَعْفَرُ بْنُ سُلَيْمَانَ ، عَنْ ثَابِتٍ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : لَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الَّذِي دَخَلَ فِيهِ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الْمَدِينَةَ أَضَاءَ مِنْهَا كُلُّ شَيْءٍ ، فَلَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الَّذِي مَاتَ فِيهِ أَظْلَمَ مِنْهَا كُلُّ شَيْءٍ ، وَمَا نَفَضْنَا أَيْدِيَنَا مِنَ التُّرَابِ ، وَإِنَا لَفِي دَفْنِهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَتَّى أَنْكَرْنَا قُلُوبَنَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته جنهن ڏينهن رسول الله جن (مڪي شريف مان هجرت ڪري) مديني شريف ۾ آيا ته (نبوت جي نور سان) هر شيءِ روشن ٿي وئي. ۽ وري جنهن ڏينهن پاڻ سڳورن (هن دنيا مان موڪلايو) يا سندن وصال ٿيو ته مديني شهر جي هر شيءِ ڪاراٽجي اونداهي ٿي وئي ۽ اسان اڃان سندن قبر مبارڪ جي مٽيءَ  مان هٿ ئي نه ڇنڊيا هئا پر دفن ڪرڻ جي ڪم ۾ رُڌل هئاسون ته سندن جدائي ۽ سخت غم جي ڪري، اسان جون دليون ڦري پريشان ٿي ويون. يعني اسان جون دليون هيءُ مڃڻ لاءِ تيار نه هيون ته پاڻ سڳورا هن دنيا مان هليا ويا آهن.

مفردات جو شرح: ”أَضَاءَ روشن ٿي، چمڪي . اصل اضاءة  مصدر کان ورتل آهي جنهن جو مادو ضوء آهي چمڪڻ، روشن ٿيڻ. ”اَظلَمَ“ انڌيرو ٿي ويو، اوندهه ڇانئجي وئي، هن جو مادو ظلم آهي جنهن جي اصل معنى آهي، اونداهه ٿيڻ. ”نفضنَا“ نفض مصدر کان ورتل آهي جنهن جي معنى ڇنڊڻ، ”نَفَضْنَا“ جي معنى هٿ ڇنڊياسون.

سمجهاڻي: حضرت انس d جو هن روايت ۾ بيان آهي ته ”جنهن ڏينهن حضور ڪريم جن مدينه منوره ۾ داخل ٿيا ته مدينه منوره جو ذرو ذرو سندن نور سان منور ٿي ويو“ يعني سندن جمال ڪمال سان شهر مبارڪ جا در ۽ ديوارون بلڪه هر شيءِ چمڪڻ لڳي ۽ روشن ٿي ۽ سڄي شهر کي سندن نور احاطي ۾ آڻي ڇڏيو، علامه علي القاري ߋ ۽ علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته: وفي قوله کل شيء مبالغة لطيفة کان کل شي في العالم اقتبس النور واخذه من المدينة في ذالک اليوم والصحيح ان المراد ان کل جزء من اجزاء المدينة اضاء ذالک اليوم و کيف لا يضيء له ذالک وقد کانت ذاته کلها نورا وسماه الله نورا فقال سبحانه قَدۡ جَاءکُمۡ مِنَ اللهِ نُور و کِتَابُ مُّبِيۡنُ فکان نورا اضاء للعٰلمين وسراجا منيرا(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 209)

يعني حديث شريف ۾ جيڪو ”کل شيء“ لفظ آيو آهي (هر هڪ شيءِ) سو ان جي ڪري جو ڪائنات جي هر شيءِ ان کان روشني حاصل ڪئي ۽ مدينه منوره مان هر ذرو ذرو ان ڏينهن روشن ٿيو ۽ اهو ڪيئن نه ٿيندو حالانڪه سندن پوري ذات نور هئي. ۽ الله کين نور سڏيو آهي الله جو فرمان آهي. ” بيشڪ اوهان ڏانهن الله وٽان نور ۽ روشن ڪتاب آيا“ ۽ پوءِ پاڻ نور ۽ جهانن کي روشن ڪندڙ ۽ سراج منير، چمڪائيندڙ سج آهن. علامه علي القاري  لکيو آهي ته مدينه منوره جو چمڪڻ حسي (اکين سان ڏسڻ ۾ ايندڙ) به هو ته معنوي (دلين کي چمڪائيندڙ) به هو. علامه البيجوري  لکيو آهي ته : اي استنار من المدينة المنورة کل شيء نورا حسيا و معنويا لانه نور الانوار والسراج الوهاج ونور الهداية العامة ورفع الظلمة التامة .“ (يعني مدينه منوره مان هر شيءِ حسي ۽ معنوي نور سان روشن ٿي ڇوته حضور ڪريم جن نورن جا نور، چمڪائيندڙ سج، عام هدايت جا به نور ۽ وڏي بلاء کڻي پري ڪرڻ وارا نور آهن) اڳتي حضرت انس d جو ارشاد آهي ”جڏهن اهو ڏينهن ٿيو جنهن ۾ پاڻ رحلت فرمايائون ته ”مدينه منوره مان هر شيءِ انڌاري  ۾ ڇانئجي وئي“ مقصد ته هر شيءِ تي غم جو اهو عالم طاري هو، هر هڪ پريشان ۽ مضطرب هو، ڄڻ سڄو مدينو انڌاري جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. هن مان ڇا مراد آهي ان ۾ شارحن جا ٻه قول آهن. علامه علي القاري  لکيو آهي ته ان مان مراد معنوي انڌيرو آهي. جيئن ڪنهن بزرگ شخصيت جي وفات تي چيو ويندو آهي ته فلاڻو وفات ڪري ويو ته ملڪ اوندهه ٿي ويو ۽ علامه ابن حجر مڪي  فرمايو ته ان مان مراد ظاهر ۾ ڏسڻ ۾ اچڻ وارو انڌيرو هو ۽ اهو سندن معجزو هو“ اڳتي حضرت انس d جو ارشاد آهي ” ۽ اسان سندن دفن ڪرڻ کان فارغ ٿي اڃان مٽي مبارڪ مان فارغ ئي نه ٿيا هئاسون ته پنهنجين دلين کي اوپرو سمجهڻ لڳاسون“ شمائل جي شارح قاضي محمد عاقل  لکيو آهي ته ”ان مان مراد آهي اسان پسند نه ڪيو ۽ پنهنجين دلين کي چيو ته : اوهان ڪيئن قبول ڪيو جو سندن جسم مبارڪ کي دفن ڪري) ۽ مٿان مٽي لاٿوَ.

  (انوار غوثيه ص 566)

علامه البيجوري  لکيو آهي ته ”اسان پنهنجي دلين جي حال کي اوپرو پريشان سمجهيو سندن وفات کان پوءِ جيڪا اسان جي قلبن ۾ رقت ۽ صفائي هئي ان ۾ تبديلي ۽ تغير اچڻ شروع ٿيو ڇوته جيڪا سندن (ظاهري وجود مبارڪ) کان تعليم حاصل ٿي رهي هئي اها ڪٽجي وئي ان جي مراد اها ناهي ته سندن عقيدن يا ايمان ۾ ڪو تغير آيو هو . (المواهب ص 655) بعض شارحن لکيو آهي ته حبيب ڪريم جن جي جدائي کان صحابن مردن خواه عورتن کي ايڏو صدمو رسيو جو انهن کي روشن ڏينهن به ڄڻ ڪاري رات ٿي نظر آئي ۽ اهڙو شديد احساس  صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي قلب جي صفائي جو دليل آهي جيئن اڄ به اولياء ڪرام جي خدمت ۾ رهڻ وقت دل ۾ صفائي پيدا ٿئي ٿي پر انهن کان جدا ٿيڻ مهل سالڪن کي وڏو فرق محسوس ٿئي ٿو روايت جو مطلب اهو ناهي ته انهن جي عقيدن ۽ ايمان ۾ به فرق آيو هو. حضرت انس d جي روايت جو مطلب آهي ته جيڪي سندن صحبت جون برڪتون ۽ انوار اسان تي هر وقت وارد ٿيندا هئا ۽ سندن زيارت فيض بشارت سان قلب جي صفائي ٿيندي هئي ان ۾ فرق اچي ويو. رسول الله جن جي رحلت کان بعد قلب جي صفائي لاءِ ذڪر جي ڪثرت، ۽ مراقبن جي ضرورت محسوس ڪئي وئي پر سندن ظاهري زندگيءَ ۾ سندن منهن مبارڪ جي ديدار سان ئي گمراهه دليون اسلام ايمان ۽ احسان جي نور سان پرنور ٿي وينديون هيون ۽ سندن صحبت جي فيض سان ماڻهو ڪفر، شرڪ ۽ نفساني خواهشون ڦٽيون ڪري هڪ حقيقي معبود، سچي الله جا اهڙا پڪا پوڄاري ٻانها ٿي پيا جو جان، مال ۽ عيال قربان ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪيائون جيئن تاريخ گواهه آهي.

                                                               (فضائل النبي ص 229)

علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”اسان دلين کي اوپرو سمجهيو جو مطلب ته ”اسان جي دل نه چيو ته سندن مٿان مٽي ورائڻ مان فارغ ٿي هٿ ڇنڊيون ۽ هن احتمال جي تائيد ان روايت سان ٿئي ٿي جيڪا حضرت انس d کان شرح السنة ۾ آيل آهي ته ان ڏينهن کين سيده فاطمه g فرمايو يَا اَنَسُ اَطَابَتۡ اَنۡفُسَکُمۡ اَن تَحۡثُوا التُّرَابَ عَلي رَسُوۡلِ اللهِ (اي انس! ڇا اوهان کي اها ڳالهه وڻي جو رسول الله جن تي مٽي وجهو) ۽ بعض راوين وڌيڪ هيئن به آندو آهي ته ”سيده فاطمه g رسول الله جن جي قبر شريف جي مٽي مبارڪ وٺي پنهنجي اکين تي رکي هي شعر پڙهيا.

مَا ذَا عَلي مَن شَمَّ تُربةَ   اَحۡمَدَا

ان لَّا يَشُمَّ مُدَي الزَّمَانِ غَوالِيَا

ان تي ڇا هي جنهن احمد ( ) جي قبر مبارڪ جي) مٽي سُنگهي ته سڄي زماني جي زندگي (ٻي ڪابه) خوشبو نه سُنگهي.

صُبَّتۡ  عَکيَّ مَصَائِبُ    لَوَانَّهَا

صُبَّتۡ عَلَي الۡاَيَّامِ  صِرۡنَ لَيَا لِيَا

منهنجي مٿان اهڙيون مصيبتون پلٽايون ويون آهن جو جيڪڏهن  اهي ڏينهن تي پلٽايون وڃن ها ته اهي راتيون ٿي وڃن ها. (جمع الوسائل ج 2 ص 209)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب الجنائز باب 65 ذکر و فاتھ و دفنھ 5 رقم الحديث 1631 {2} احمد في المسند ج 3 ص 221 {3} الحاکم في المستدرک ج 3 ص 57 ببعضھ {4} ابن سعد في الطبقات ج 2 ص 274 {5} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6600 ج 8 ص 218 {6} البغوي في شرح السنة 3834 ج 14 ص 49، 50.

{393 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ حَاتِمٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَامِرُ بْنُ صَالِحٍ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ الِاثْنَيْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشه صديقه g کان روايت آهي ته رسول الله جن جو وصال سومر جي ڏينهن ٿيو.

مفردات جو شرح: ” تُوُفِّيَ وفات ڪرايا ويا.

سمجهاڻي: سڀني محدثن ۽ علماء وٽ رسول الله جن جي رحلت سومر جي ڏينهن ٿي هئي. علامه مناوي  لکيو آهي . ”متفق عليه بين ارباب النقل“ مورخين حضرات وٽ ان تي اتفاق آهي. علامه ابن حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته : اهو ڪچڙي منجهند جو وقت هو ان ئي وقت تي پاڻ هجرت واري ڏينهن مدينه منوره ۾ داخل ٿيا هئا. (اشرف الوسائل ص 573)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 6 ص 45 {2} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6581 ج 8 ص 210

{394 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ أَبِي عُمَرَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنْ جَعْفَرِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : قُبِضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ الِاثْنَيْنِ فَمَكَثَ ذَلِكَ الْيَوْمَ وَلَيْلَةَ الثُّلاَثَاءِ ، وَدُفِنَ مِنَ اللَّيْلِ.وَقَالَ سُفْيَانُ : وَقَالَ غَيْرُهُ : يُسْمَعُ صَوْتُ الْمَسَاحِي مِنْ آخِرِ اللَّيْلِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت امام جعفر بن محمد d پنهنجي پيءُ حضرت امام باقر d کان روايت ڪئي آهي ته سومر جي ڏينهن رسول الله جن جو وصال ٿيو ، پوءِ اهو ڏينهن ۽ اڱاري جي رات (مسلمان سندن ديدار ڪندا ۽ صلواة و سلام پڙهندا رهيا ۽ خلافت جي  انتظام جي ڪري ترسڻ بعد ايندڙ رات ۾) کين دفن ڪيو ويو. (راوي) حضرت سفيان d ۽ ٻين چيو ته امام باقر d کان سواءِ ٻين روايت  ڪئي ته پوئين رات ڪوڏر لڳڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پي آيو.

مفردات جو شرح: ”مَكَثَ مکث مصدر کان ورتل آهي. معنى رهڻ، رکي ڇڏڻ. الْمَسَاحِي هن جو واحد مسحاة آهي. زمين کوٽڻ جو اوزار، ڪوڏر.

سمجهاڻي: حبيب ڪريم جن جو وصال سومر جي ڏينهن ڪچڙي منجهند جي وقت ٿيو ۽ ان ڏينهن جو باقي حصو ۽ اڱاري جي ڏينهن ماڻهو سندن ديدار ڪندا رهيا.غسل ڏيارڻ ۽ مزار مبارڪ ۾ لاهڻ جو انتظام ڪندا رهيا  مٿن سلام ۽ صلواة پڙهندا رهيا ۽ اربعاء جي اڌ رات جو کين مزار مبارڪ ۾ لاٿو ويو جمهور جو قول اهو آهي ۽ هيءَ روايت سند جي لحاظ سان مرسل آهي.   (انوارِ غوثيھ ص 568)

سوال: حضور ڪريم جن کي ايتري دير تائين ڇا لاءِ رکيو ويو؟

جواب: ان جي لاءِ جو ان وچ ۾ صحابه ڪرام رضي الله عنهم کي ٻيا به ڪيترائي انتظام سنڀالڻا هئا جن لاءِ اڃان کين گهڻو وقت گهربو هو پر ان نسبت سان حضور ڪريم جن کي گهڻو جلد مزار شريف ۾ رکيو ويو. بلڪه ان کان وڌيڪ تڪڙ ڪرڻ ممڪن ئي نه هئي ڇالاءِ ته ڪائنات جي هڪ وڏي ۾ وڏي هستي ۽ شخصيت جي پاڪ جسم کي جنهن وقت فطرتي نظام ۽ قانون موجب هميشه جي لاءِ مزار مبارڪ ۾ رکيو پيو وڃي ان وقت  ان عظيم حالت پيش اچڻ جي ڪري ڪيتريون اهم ڳالهيون صحابه ڪرام کي پيش آيون. جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهو تمام ٿورو وقت هو ۽ ان حادثي پيش اچڻ وقت ڪيترن ننڍن ۽ وڏن جي هوش ڪم نه ٿي ڪيو. ايتري قدر جو کين حضرت حبيب ڪريم جي رحلت ڪرڻ جو يقين ئي نه ٿي آيو ٻيا ته ڇڏ حضرت عمر فاروق d جهڙو همٿ ڀريو مڙس ۽ مستقل مزاج بهادر پڻ بي اختيار ٿي پيو جنهن کي نيٺ حضرت ابو بڪر صديق d کان سواءِ ٻيو ڪير سمجهائي نه سگهيو ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اهم امور درپيش هئا. ان ۾ خاص طور خلافت جي معاملي کي وڏي اهميت هئي. حضرت حبيب ڪريم جي ذات کي ڪٿي رکيو وڃي. ڪپڙن ۾ غسل ڏيڻ جو انتظام، نماز جنازي جي لاءِ جدا جدا ٽولن جي صورت ۾ اچي صلواة ۽ سلام پڙهڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وغيره امور کي خلافت جي ذريعي حل ڪرڻو هو. انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکي صحابه ڪرام هڪ مقبول هستي کي خليفو بنائي ورتو ته ان جي هدايتن تحت اهي معاملا طي ڪيا وڃن. صحابه ڪرام رضي الله عنهم هن کان اڳي ڪنهن به نبي جي وفات يا ان جي تجهيز، تڪفين، غسل ۽ نماز وغيره جو نمونو ڪونه ڏٺوهو پوءِ انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ روايات جو ذخيرو گڏ ڪرڻ پڻ هڪ خليفي ۽ امير المومنين جي سربراهي ۾ ان جي فرمانبرداري جي هيٺان ممڪن هو ۽ ان سان گڏ مستقبل جو انتظام سنڀالڻ به اهم هو جيڪو حبيب ڪريم جي نبوت جو خاص مقصد ۽ اهم فريضو هو. خدانخواسته جي ان موقعي ۾ ٻيو ڪو نا مناسب امير، حضور ڪريم جي اشارن جي برخلاف چونڊيو وڃي ها ته آئنده جي لاءِ اسلام جي ترقي ۽ واڌارو نه ٿئي ها ۽ دين جو ڪم سنڀالڻ تمام مشڪل ٿي پوي ها۽ وري ان کي ان عهدي تان هٽائڻ نئون فتنو پيدا ڪري ها، پر الحمدلله صحابه ڪرام عليهم الرضوان تي رب العزت مجده جون بي حساب رحمتون ۽ اڻ کٽ عنايتون هيون جن بروقت ئي نهايت هوشيار ٿي نفساني خواهشات پري رکي متفق ٿي حضرت ابو بڪر صديق d جهڙي عظيم مدبر، مجاهد کي خلافت جون واڳون ڏئي اسلام کي عظمت ڏني ۽ ان کي خليفي چونڊڻ کان پوءِ هر ڏکي منزل آسان ٿي وئي. علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : اصحاب ڪرام رضي الله عنهم کان جيڪڏهن خلافت جو مسئلو طئي نه ٿئي ها ته وڏو فتنو برپا ٿئي ها. (اشرف الوسائل ص 575)

{395} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْعَزِيزِ بْنُ مُحَمَّدٍ ، عَنْ شَرِيكِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ أَبِي نَمِرٍ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ عَوْفٍ ، قَالَ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ الِاثْنَيْنِ ، وَدُفِنَ يَوْمَ الثُّلاَثَاءِ. قَالَ أَبُو عِيسٰى : هَذَا حَدِيثٌ غَرِيبٌ.

مفردات جو شرح: هن ۾ ڪي نوان لفظ ناهن جن جي مفردات جو شرح لکجي.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالرحمان بن عوف d جي فرزند ابو سلمه d کان روايت آهي ته رسول الله جن سومر جي ڏينهن وصال ڪيو ۽ اڱاري جي ڏينهن دفن ڪيا ويا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آيو آهي ته رسول الله جن کي اڱاري جي ڏينهن دفن ڪيو ويو ان جو مطلب آهي ته سندن تدفين جي ڪم جي شروعات اڱاري تي ڪئي وئي پر تدفين کان فراغت اربعاء جي رات جي آخر ۾ ٿي روايتن ۾ جمع ان طريقي سان ڪيو ويندو. (المواهب ص 657)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1{ ابنِ سعد في الطبقات ج 2 ص 273.  مگر هن جي سنَد ضعيف آهي ان جي ڪري هيءَ روايت مرسل آهي.

{396 حَدَّثَنَا نَصْرُ بْنُ عَلِيٍّ الْجَهْضَمِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا سَلَمَةُ بْنُ نُبَيْطٍ ، عَنْ نُعَيْمِ بْنِ أَبِي هِنْدَ ، عَنْ نُبَيْطِ بْنِ شَرِيطٍ ، عَنْ سَالِمِ بْنِ عُبَيْدٍ ، وَكَانَتْ لَهُ صُحْبَةٌ قَالَ : أُغْمِيَ عَلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي مَرَضِهِ فَأَفَاقَ ، فَقَالَ : حَضَرَتِ الصَّلاَةُ ؟ فَقَالُوا : نَعَمْ . فَقَالَ : مُرُوا بِلاَلاً فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ أَنْ يُصَلِّيَ للنَّاسِ - أَوْ قَالَ : بِالنَّاسِ - قَالَ : ثُمَّ أُغْمِيَ عَلَيْهِ ، فَأَفَاقَ ، فَقَالَ : حَضَرَتِ الصَّلاَةُ ؟ فَقَالُوا : نَعَمْ . فَقَالَ : مُرُوا بِلاَلاً فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ ، فَقَالَتْ عَائِشَةُ : إِنَّ أَبِي رَجُلٌ أَسِيفٌ ، إِذَا قَامَ ذَلِكَ الْمَقَامَ بَكَى فَلاَ يَسْتَطِيعُ ، فَلَوْ أَمَرْتَ غَيْرَهُ قَالَ : ثُمَّ أُغْمِيَ عَلَيْهِ فَأَفَاقَ فَقَالَ : مُرُوا بِلاَلاً فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ ، فَإِنَّكُنَّ صَوَاحِبُ أَوْ صَوَاحِبَاتُ يُوسُفَ قَالَ : فَأُمِرَ بِلاَلٌ فَأَذَّنَ ، وَأُمِرَ أَبُو بَكْرٍ فَصَلَّى بِالنَّاسِ ، ثُمَّ إِنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَجَدَ خِفَّةً ، فَقَالَ : انْظُرُوا لِي مَنْ أَتَّكِئِ عَلَيْهِ ، فَجَاءَتْ بَرِيرَةُ وَرَجُلٌ آخَرُ ،فَاتَّكَأَ عَلَيْهِمَا فَلَمَّا رَآهُ أَبُو بَكْرٍ ذَهَبَ لِينْكُصَ فَأَوْمَأَ إِلَيْهِ أَنْ يَثْبُتَ مَكَانَهُ ، حَتَّى قَضَى أَبُو بَكْرٍ صَلاَتَهُ ، ثُمَّ إِنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قُبِضَ ، فَقَالَ عُمَرُ : وَاللَّهِ لاَ أَسْمَعُ أَحَدًا يَذْكُرُ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قُبِضَ إِلاَ ضَرَبْتُهُ بِسَيْفِي هَذَا قَالَ : وَكَانَ النَّاسُ أُمِّيِّينَ لَمْ يَكُنْ فِيهِمْ نَبِيٌّ قَبْلَهُ ، فَأَمْسَكَ النَّاسُ ، فَقَالُوا : يَا سَالِمُ ، انْطَلِقْ إِلَى صَاحِبِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَادْعُهُ ، فَأَتَيْتُ أَبَا بَكْرٍ وَهُوَ فِي الْمَسْجِدِ فَأَتَيْتُهُ أَبْكِي دَهِشًا ، فَلَمَّا رَآنِي قَالَ : أَقُبِضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قُلْتُ : إِنَّ عُمَرَ يَقُولُ : لاَ أَسْمَعُ أَحَدًا يَذْكُرُ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قُبِضَ إِلاَ ضَرَبْتُهُ بِسَيْفِي هَذَا ، فَقَالَ لِي : انْطَلِقْ ، فَانْطَلَقْتُ مَعَهُ ، فَجَاءَ هُوَ وَالنَّاسُ قَدْ دَخَلُوا عَلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَ : يَا أَيُّهَا النَّاسُ ، أَفْرِجُوا لِي ، فَأَفْرَجُوا لَهُ فَجَاءَ حَتَّى أَكَبَّ عَلَيْهِ وَمَسَّهُ ، فَقَالَ : } إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُمْ مَيِّتُونَ } [الزمر : ] ثُمَّ قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، أَقُبِضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، فَعَلِمُوا أَنْ قَدْ صَدَقَ ، قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، أَيُصَلَّى عَلَى رَسُولِ اللَّهِ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، قَالُوا : وَكَيْفَ ؟ قَالَ : يَدْخُلُ قَوْمٌ فَيُكَبِّرُونَ وَيُصَلُّونَ وَيَدْعُونَ ، ثُمَّ يَخْرُجُونَ ، ثُمَّ يَدْخُلُ قَوْمٌ فَيُكَبِّرُونَ وَيُصَلُّونَ وَيَدْعُونَ ، ثُمَّ يَخْرُجُونَ ، حَتَّى يَدْخُلَ النَّاسُ ، قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، أَيُدْفَنُ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، قَالُوا : أَينَ ؟ قَالَ : فِي الْمكَانِ الَّذِي قَبَضَ اللَّهُ فِيهِ رُوحَهُ ، فَإِنَّ اللَّهَ لَمْ يَقْبِضْ رُوحَهُ إِلاَ فِي مَكَانٍ طَيِّبٍ . فَعَلِمُوا أَنْ قَدْ صَدَقَ ، ثُمَّ أَمَرَهُمْ أَنْ يَغْسِلَهُ بَنُو أَبِيهِ وَاجْتَمَعَ الْمُهَاجِرُونَ يَتَشَاوَرُونَ ، فَقَالُوا : انْطَلِقْ بِنَا إِلَى إِخْوانِنَا مِنَ الأَنْصَارِ نُدْخِلُهُمْ مَعَنَا فِي هَذَا الأَمْرِ ، فَقَالَتِ الأَنْصَارُ : مِنَّا أَمِيرٌ وَمِنْكُمْ أَمِيرٌ ، فَقَالَ عُمَرُ بْنُ الْخَطَّابِ : مَنْ لَهُ مِثْلُ هَذِهِ الثَّلاَثِ } ثَانِيَ اثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِي الْغَارِ إِذْ يَقُولُ لِصَاحِبِهِ لاَ تَحْزَنْ إِنَّ اللَّهَ مَعَنَا } [التوبة : ] مَنْ هُمَا ؟ قَالَ : ثُمَّ بَسَطَ يَدَهُ فَبَايَعَهُ وَبَايَعَهُ النَّاسُ بَيْعَةً حَسَنَةً جَمِيلَةً.

بامحاوره ترجمو: پاڻ سڳورن جي صحابي حضرت سالم بن عبيد d کان روايت آهي ته رسول الله تي (وصال جي) بيماري وقت بيهوشي طاري ٿي ۽ پوءِ سُڌير ٿيا ته پڇيائون. نماز جو وقت ٿيو آهي؟ اصحابن عرض ڪيو ته هائو.

پاڻ سڳورن فرمايو : بلال d کي چئو ته بانگ ڏئي ۽ ابو بڪر d کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. ٻيهر پاڻ ڪريمن تي بيهوشي طاري ٿي وئي، وري سڌير ٿيا ته پڇيائون ته نماز جو وقت ٿيو آهي؟ اصحابن عرض ڪيو ته هاؤ. پاڻ سڳورن فرمايو : بلال کي چئو ته بانگ ڏئي ۽ ابو بڪر صديق d کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي . ان تي حضرت سيده عائشه صديقه g عرض ڪيو ته : يا رسول الله ! منهنجو پيءُ (ابو بڪر صديق d ) نرم دل ماڻهو آهي جڏهن اهو اوهان جي نماز واري جاءِ تي نماز پڙهائڻ لاءِ بيهندو ته روئي ڏيندو ۽ نماز پڙهائي نه سگهندو، تنهنڪري ڪنهن ٻئي کي حڪم ڪريو.

راوي چيو ته پاڻ سڳورن تي وري بيهوشي طاري ٿي وئي. ان کان پوءِ سامت ۾ آيا ته فرمايائون : بلال کي چئو ته بانگ ڏئي ۽ ابو بڪر کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. توهان (ازواج مطهرات) ته ڪي يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي وقت وارين عورتن وانگر آهيو. راوي چيو ته پوءِ بلال d کي چيو ويو ان بانگ ڏني ۽ ابو بڪر d کي چيو ويو ته ان ماڻهن کي نماز پڙهائي ان کان پوءِ رسول الله جن تڪليف ۾ ڪجهه هلڪائي سمجهي ته فرمايائون : اهڙو ڪو ڏسو، جنهن تي آءُ ٽيڪ ڏئي ٻاهر (مسجد ڏي) وڃان. ان تي (حضرت سيده عائشھ صديقھ g جي ٻانهي) بريره g ۽ ٻيو مرد (حضرت اسامهd) آيو. پاڻ انهن ٻنهي تي ٽيڪ ڏئي ٻاهر آيا. جڏهن حضرت ابو بڪر صديق d پاڻ ڪريمن کي ايندي ڏٺو ته (مصلي تان) پوئتي هٽڻ لڳو، ان تي پاڻ سڳورن کيس پنهنجي جاءِ تي بيهڻ جو اشارو ڪيو. نيٺ ابو بڪرصديق d نماز پڙهائي پوري ڪئي. ان کان پوءِ رسول الله جن وصال فرمايو. (حضور ڪريم جن جي وصال جي خبر ٻڌي) حضرت عمر فاروق d چيو ته ”الله جو قسم! جيڪو به رسول الله جي وفات جي ڳالهه ڪندو ته ان کي پنهنجي هن تلوار سان ماريندس.“ راوي چيو ته ماڻهو اڻ پڙهيل هئا. حضور ڪريم کان اڳ ۾ هنن وٽ ڪو نبي نه آيو هو تنهنڪري (حضرت عمر فاروق d جي ڳالهه ٻڌي) چُپ ڪري ويا. اصحابن سڳورن عليهم الرضوان چيو ته اي سالم! d تون رسول الله جي يار غار (ابو بڪر صديق d )کي وٺي اچ . پوءِ آءُ ان وٽ ويس. ته اهو مسجد (نبوي) ۾ ويٺو هو، آءُ ڏک ۽ پريشاني جي ڪري روئندو آيس پوءِ جڏهن مون کي روئندي ڏٺائين ته پڇيائين ته : رسول الله جن وصال ڪري ويا ڇا؟ مون چيو ته هائو پر حضرت عمر d چوي ٿو ته مون ڪنهن کان به رسول الله جي وفات جو ذڪر ٻڌو ته ان کي پنهنجي تلوار سان ماريندس. مون کي (حضرت ابو بڪر صديق d) چيو ته هل. ان سان گڏ مان هلڻ لڳس. ۽ اهو اتي آيو ته ٻيا ماڻهو به اندر رسول الله وٽ وڃي پهتا هئا. پاڻ ماڻهن کي چيائين ته اي ماڻهو! منهنجي لاءِ گس ڇڏيو ماڻهن کيس رستو ڏنو. ۽ (ابو بڪر صديق d ) ويجهو آيو ۽ پاڻ سڳورن جي مٿان جهڪي پيو. سندن بدن مبارڪ کي هٿ لائي قرآن شريف جي هي آيت پڙهيائين. اِنَّکَ مَيِّتُٗ وَّاِنَّهُمۡ مَّيِّتُوۡنَ“  (سورة الزمر آيت 30) (ترجمو: بيشڪ اوهان به وصال فرمائيندا ۽ بيشڪ اهي به وفات ڪندڙ آهن.)

ان کان پوءِ (ابو بڪر) کان ماڻهو پڇڻ لڳا ته : اي رسول الله جا ساٿي! ڇا رسول الله جن جو وصال ٿي ويو آهي؟ چيائين ته هائو. تڏهن پڪ سمجهيائون، ته اهو سچ ٿو چوي. انهن پڇيو ته اي رسول الله جا ساٿي! ڇا اسان رسول الله جي جنازي نماز پڙهون؟ چيائين هائو (پڙهو). انهن وري چيو ته (سوڙهي جاءِ ۾) ڪيئن پڙهون؟ چيائين ته هر قوم وارا ٽولا ٽولا ٿي اندر وڃي تڪبيرون چون. صلواة پڙهن ۽ دعائون گهرن پوءِ اهي ٻاهر اچن ته ٻيا ماڻهو اندر وڃن. تڪبيرون چون، صلواة پڙهن ۽ دعائون گهرن. ٻاهر اچن. تانجو ائين سڀ ماڻهو ڪري واندا ٿين. اصحابن سڳورن پڇيو ته اي رسول الله جا ساٿي! ڇا رسول الله کي دفن ڪيو ويندو؟ چيائين ته هائو. پڇيائون ته ڪٿي؟ چيائين ته انهيءَ جاءِ ۾ جتي الله سندن روح مبارڪ کي قبض ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته الله سندن پاڪ روح سٺي جڳهه ۾ قبض ڪيو آهي. اصحاب سڳورا سمجهي ويا ته (ابو بڪر صديق d ) سچ ٿو چوي. ان کان پوءِ ابو بڪر صديق d چيو ته پاڻ سڳورن کي پنهنجا مائٽ غسل ڏين.

هوڏانهن مهاجر گڏ ٿي خلافت جي باري ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا ۽ ابو بڪر صديق d کي چيائون اسان سان گڏجي انصار ڀائرن ڏانهن هلو، ته انهن کي هن (خلافت جي) معاملي ۾ پاڻ سان شريڪ ڪريون. ۽ انصارن چيو ته هڪ امير اسان مان ۽ هڪ امير  توهان مان هجي. ان تي حضرت عمر d چيو ته : ڪنهن ماڻهو ۾ هي ٽي ڀلائي واريون صفتون آهن؟ (جيڪي قرآن ڪريم جي آيت ۾ ذڪر ڪيل آهن)  ”ثَانِیَ اثْنَیۡنِ اِذْ ہُمَا فِی الْغَارِ اِذْ یَقُوۡلُ لِصَاحِبِھ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللھ مَعَنَاۚ  (سورة التوبه آيت 40)

راوي چيو ته پوءِ (حضرت عمر فاروق d) پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري . (ابو بڪر صديق d) جي بيعت ڪئي پوءِ سڀني ماڻهن گڏجي ڪري سٺي ۽ سهڻي بيعت ڪئي.

مفردات جو شرح: ”اُغمِيَ اغماء کان ورتل آهي بي هوش رهڻ، برابر هجڻ. اَسِيۡفُ نرم قلب وارو، غمگين. اسف کان ورتل آهي جنهن جي معنى ڏک ڪرڻ، روئڻ آهي. خِفۡةَ هلڪو هجڻ، هلڪائپ محسوس ڪرڻ. ينکُصُ النکوص کان ورتل آهي ان جي معنى آهي موٽڻ، پوئتي هٽڻ. اَکَبَّ جهڪيو، اکباب کان ورتل، جهڪڻ.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سالم بن عبيد (جنهن کي حضور ڪريم جن جي صحبت به نصيب ٿي هئي) جو فرمان آهي ته ”بيماريءَ جي دوران حضور ڪريم جن تي بي هوشي طاري ٿي هئي“ هن مان مراد قطعي بي هوشي نه آهي بلڪه پاڪ جسم جي گهڻي ضعيفائي آهي (۽ الله جي وصال (ملاقات) واري ڪيفيت آهي.) علامه البيجوري  لکيو آهي ته اها ضعف جي شدت ڪري هئي. ۽ اها نبين عليهم الصلٰوة والسلام تي طاري ٿي سگهي ٿي ڇوته اها به بيماري آهي ۽ امام غزالي  ان ۾ قيد وڌو آهي ته اها گهڻي دير تائين نه هوندي ۽ علامه بلقيني  به چيو ته اهو يقيني آهي باقي جُنون چريائپ نبين عليهم الصلٰوة والسلام تي طاري ٿيڻ ناممڪن آهي محال آهي نه اچي سگهندي ۽ نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي بيهوشي ٻين جي بيهوشي وانگر ناهي نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي بيهوشي ظاهري حواس تي طاري ٿيندي آهي انهن جي دلين تي طاري نه ٿيندي آهي. ڇوته انهن جون دليون جڏهن ننڊ کان به پاڪ آهن ته بيهوشيءَ جو انهن تي طاري ٿيڻ ممڪن ئي ناهي. (المواهب ص 658)

علامه علي القاري  مٿين ساڳي ڳالهه لکندي وڌيڪ هي به لکيو آهي ته علامه سبکي  فرمايو ته : نبي تي انڌائپ به نه ايندي ۽ ڪوبه نبي (معاذا لله ثم معاذالله) انڌو نه ٿيو آهي ۽ حضرت شعيب علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي باري ۾ جيڪو آيو آهي ته (معاذا لله ثم معاذالله) آخر عمر ۾ انڌو ٿي ويو هو. اهو قول صحيح ناهي ۽ حضرت يعقوب علٰي نبينا وعليه الصلواة والسلام جن جي نظر مبارڪ تي عارضي پردو آيو هو (جيڪو حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي قميص مبارڪ اکين تي رکڻ سان) دور ٿي ويو هو  ۽ امام رازي  به محقق علماء جي هڪ جماعت کان اهڙو قول نقل ڪيو آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 211) فقال حَضۡرَتِ الصَّلٰوةُ پوءِ حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”نماز جو وقت ٿي ويو آهي؟ هن فرمان مان ثابت ٿيو ته رسول الله جن کي ان ڪيفيت ۾ به نماز ياد هئي ۽ کين نماز سان ايڏي محبت هئي ۽ خدمت ۾ موجود حضرات کين ٻڌايو ته هائو، ته پاڻ فرمايائون ”بلال کي چئو ته بانگ ڏي ۽ ان بانگ ڏيڻ جي امر ۾ اقامت (تڪبير) به داخل آهي پر سندن هي امر ته ”ابو بڪر کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي.“ سان مناسب ائين آهي ته حضرت بلال جي لاءِ اهو امر اقامت (تڪبير) چوڻ جي لاءِ هو. ان ڪيفيت ۾ به رسول الله جن کي نماز پڙهڻ سان گڏ نماز ۾ جماعت به اهم هئي. راوي جو قول آهي ته ”وري سندن مٿان بي هوشي جي حالت طاري ٿي “ بعض عارفن ڀلارن فرمايو آهي ته انبياء ڪرام علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام جي مٿان تڪليف سندن درجات کي اڃان وڌيڪ بلند ڪرڻ جي لاءِ ۽ حسنات عطا ڪرڻ جي لاءِ ايندي هئي ۽ ان جي لاءِ به ايندي هئي ته : ماڻهو سندن معجزا ڏسي انهن کي معبود نه سمجهن ۽ انهن جي عبادت نه ڪن ۽ پاڻ وري جڏهن بيهوشي جي ڪيفيت کان ٻاهر آيا ته وري فرمايائون ”بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ ابوبڪر کي چئو ته : ماڻهن کي نماز پڙهائي، (ام المومنين سيده) عائشه صديقه g کين عرض ڪيو ته منهنجو پيءُ گهڻو غمگين ۽ ڏکويل آهي نماز پڙهائڻ واري جاءِ تي بيهندو ته روئي ڏيندو. امامت ۽ قراءت ڪري نه سگهندو.جيڪڏهن اوهان ڪنهن ٻئي کي حڪم ڪيو ته ڀلو آهي“ راوي جو قول آهي ته ”ان کان پوءِ وري سندن ذات تي بيهوشي جي ڪيفيت طاري ٿي“ ۽ ان کان جڏهن کين افاقو ٿيو ته ٽيون ڀيرو به فرمايائون“ بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ ابو بڪر کي چئو ته امامت ڪري.“ ۽ ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g ڏانهن متوجهه ٿي فرمايائون. اوهان (عورتون) يوسف (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جون ساٿياڻيون آهيو“ يعني جيئن اهي پنهنجي ارادي تي رهي زليخا کي حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ هيون“ تيئن اوهان به مون کي منهنجي ارادي کان هٽائڻ جي ڪوشش ٿيون ڪيو. پر اهو نه ٿيندو بلال کي چئو ته اذان چوي ۽ ابو بڪر کي چئو  ته نماز پڙهائي“ راوي فرمايو ته : پوءِ بلال کي بانگ جي لاءِ ۽ حضرت ابو بڪر صديق d کي امامت جي لاءِ چيو ويو. بلال d بانگ ڏني ۽ حضرت ابو بڪر صديق d امامت ڪرائي ۽ الدمياطيءَ لکيو آهي ته حضرت ابو بڪر جمله سترهن 17 نمازون پڙهايون هيون ان کان پوءِ جڏهن حبيب ڪريم جن پنهنجي تڪليف ۾ ٿوري هلڪائي محسوس ڪئي ته فرمايائون ڪنهن کي ڏسو ته مان ان تي ٽيڪ ڏئي ٻاهر نڪران ۽ نماز وارن کي ڏسان پوءِ ترمذي جي هن روايت  موجب ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g جي ٻانهي” بريدة“ کين ٽيڪ ڏيڻ  جي لاءِ آئي پر صحيح قول مطابق حضرت عباس d ۽ حضرت علي d تي پاڻ ٽيڪ ڏئي حجره مبارڪ کان ٻاهر آيا. ۽ نماز پڙهائيندي حضرت ابو بڪر d کين ايندي ڏسي پوئتي هٽڻ لڳو ته حضرت نبي ڪريم جن ان کي اشارو ڏنو ته : پنهنجي مُصلي تي بيٺو رهي ۽ ظاهري ڳالهه هي آهي ته پاڻ واپس پنهنجي حجره مبارڪ ڏانهن آيا ۽ حضرت ابو بڪر d نماز پوري ڪرائي ۽ جڏهن حضرت ابو بڪر صديق d نماز کان فارغ ٿيو۽ کيس سندس گهرواريءَ مدينه منوره جي حاره (پاڙي) العاليه ڏانهن ڪنهن ضرورت جي لاءِ اچڻ جو عرض ڪيو ۽ حضرت ابو بڪر صديق d حضور ڪريم جن کي عرض ڪري ٻڌايو ته  پاڻ کيس اجازت ڏنائون ۽ اهو نڪري آيو ۽ ان ۾ به ڪا قدرتي حڪمت هئي ته پوئتي حضرت نبي ڪريم جي پاڪ روح کي پرواز ڪرايو ويو. حضرت عمر فاروق d هڪ عجيب ڪيفيت ۾ اچي ويو. تلوار ٻاهر ڪڍي چوڻ لڳو ته : مون ڪنهن کان جيڪڏهن ٻڌو ته رسول الله جن وفات ڪري ويا ته مان ان کي تلوار سان قتل ڪري ڇڏيندس ۽ چوڻ لڳو ته ”کين ائين گهرايو ويو جيئن حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي طور سينا تي چاليهه ڏينهن گهرايو ويو هو.“ راويءَ چيو ته ”ماڻهو امي هئا انهن ۾ اڳي ڪو نبي نه آيو هو انهن به خاموشي اختيار ڪئي ۽ اسماء بنت عميس g سندن مهر مبارڪ جي جاءِ تي هٿ رکيو ته اها (ظاهر ۾) گم ٿي وئي هئي ۽ ماڻهن چيو ته رسول الله جن جي صاحب، ابو بڪر ڏانهن ماڻهو موڪليو ته اهو اچي هن مسئلي کي حل ڪري ۽ ٻين جي طرفان ان مسئلي کي حل نه ڪرڻ، خاموش رهڻ ۾ اها حڪمت هئي ته حضرت ابو بڪر صديق d جي جلالت شان ظاهر ٿئي ۽ سندس علم به ٻين کي نظر ۾ اچي قرآن مجيد  جي آيت سان دليل وٺڻ ۽ پنهنجي وسعت آهر مستقل مزاجي ظاهر ڪرڻ خاص طور ان وقت ۾ جو وڏن وڏن ٻين اصحابن سڳورن عليهم الرضوان تي به حيرت طاري ٿي  هئي. حضرت ابو بڪر صديق جو ڪمال هو ۽ صحابه ڪرام جو حضرت سالم کي چوڻ ته رسول الله جي صاحب (ساٿي) کي سڏ ڪر ۽ حضرت ابو بڪر صديق d جو نالو نه وٺڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان ۾ حضرت ابو بڪر d رسول الله جي ساٿي جي لقب سان مشهور هو ۽ اها سندس زياده خصوصيت حضور ڪريم جن سان دائمي صحبت کي لازم ڪري وٺڻ ۽ حسن مجالست جي ڪري هئي جنهن ڏانهن قرآن ڪريم جي آيت :

اِذۡ يَقُوۡلُ لِصَاحِبِهٖ لَاتَحۡزَنُ اِنَّ اللهَ مَعَنَا

(ترجمو: جڏهن پنهنجي ساٿيءَ کي چوي پيو غم نه ڪر بلاشڪ الله اسان سان گڏ آهي) ۾ اشارو آهي ۽ هن آيت سان حضرت ابو بڪر صديق d کان هميشه جي لاءِ غم کي دفع ڪيو ويو آهي ڀلي ڪهڙو دور به هجي ۽ ڪهڙو وڏو فتنو به سامهون اچي. حضرت سالم d فرمايو ته پوءِ مان حضرت ابو بڪر صديق d وٽ باب العوالي ۾ سندس محلي جي مسجد ۾ آيس ۽ پاڻ نماز پڙهي رهيو هو. (ظاهر آهي ته اها نماز ظهر هوندي ڇوته رسول الله جن ڪچڙي منجهند جي وقت رحلت فرمائي هئي.) مان روئندو پريشان حال ۾ سندس اڳيان آيس ته مون کي ان حال ۾ ڏسي فرمايائون : ڇا رسول الله جن دنيا تان رحلت ڪري ويا؟ مون کيس عرض ڪيو ته حضرت عمر d چوي ٿو ته : مان ڪنهن کان نه ٻڌان جو چوي پيو ته حضور ڪريم جن رحلت ڪري ويا آهن نه ته ان جي ڪنڌ کي تلوار هڻي ان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪندس“ پوءِ مون کي فرمايائين ”ته اچ ته هلون مان ساڻس گڏجي آيس. هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d پنهنجي هڪ غلام کي موڪليو ته پڇي آ ته حبيب ڪريم جن جي طبيعت مبارڪ ڪيئن آهي ان اچي کيس عرض ڪيو ته : چون پيا ته حضور ڪريم جن رحلت ڪري ويا آهن پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d روئندو ”وَا مُحَمَّداهُ وَانۡقِطَاعَ ظَهۡرَاهُ“ (هاءِ حضرت محمد هاءِ چيلهه ٽٽي پئي) چوندو پهتو. ماڻهو به حضرت حبيب ڪريم جن وٽ هجوم جي شڪل ۾ پهچي چڪا هئا. پاڻ پهچي فرمايائين ته : مون کي جاءِ ڏيو  ۽ کيس جاءِ ڏنائون ته اڳتي وڌي حضرت حبيب ڪريم جن جي مٿان سندن پاڪ ٻانهن تي ڪري پيو ۽ پوءِ سندن پاڪ پيشانيءَ کي چميون ڏيڻ لڳو ۽ ان وقت حبيب ڪريم جن هڪ يمن ۾ ٺهيل چادر سان ڍڪيل هئا. حضرت ابو بڪر صديق d کين چميون ڏنيون. ان کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d قرآن ڪريم جي آيت”اِنَّکَ مَيِّتُٗ وَّاِنَّهُمۡ مَّيِّتُوۡنَ“ (بلاشڪ اوهان انتقال ڪندڙ آهيو ۽ اهي به انتقال ڪندڙ آهن)  پڙهي ان کان پوءِ سڀني حضرت ابو بڪر صديق کان پڇيو ته : ڇا رسول الله جن دنيا تان رحلت ڪري ويا؟ ان فرمايو ته : ”هائو“ پوءِ سڀني کي يقين ٿيو ڇوته حضرت ابو بڪر صديق d سڄي زندگي ڪوڙ نه ڳالهايو هو ۽ سدائين سچي ڳالهه ڪندو هو ان جو هي قول به سچو آهي الحاصل ته : حضور ڪريم جن جي رحلت جو ٻڌي ڪي اصحاب سڳورا عليهم الرضوان هوش وڃائي ويٺا جيئن حضرت عمر فاروق d پي چيو ، ۽ ڪي گهر ۾ اٿڻ ويهڻ وڃائي ويٺا جيئن حضرت عبدالله بن انيس d لولو لنگڙو ٿي ويو. (بلڊ پريشر صفا گهٽجي ويس) ۽ گهر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ڪن ويچارن جون زبانون ان وقت ڳالهائڻ کان رڪجي ويون جيئن حضرت عثمان d پر ان وقت پاڻ سنڀالي حالات تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو صرف حضرت ابو بڪر صديق d هيو. روئندو آيو سندن نڙيءَ ۾ روئڻ تي به ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪري گهٽڪا هئا سڏڪا ڀريندي حبيب ڪريم جن جي منهن مبارڪ تان ڪپڙو لاهي چميون ڏيندي چوڻ لڳو هو ته : اوهان (ظاهري) زندگي ۾ به خوشبودار هئا انتقال کان پوءِ به خوشبودار آهيو، اوهان جي ظاهري وفات جي ڪري اهو (وحي جو نزول) ڪٽجي ويو جيڪو اوهان کان اڳي نبين سڳورن عليهم الصلٰوة والسلام جي رحلت ڪرڻ جي ڪري نه ڪٽيو هو. اوهان اسان جي طرفان صفت ساراهه کان گهڻو وڏا آهيو ۽ روئڻ کان به جليل الشان وارا آهيو ۽ جيڪڏهن اوهان جي دنيا تان انتقال ڪرڻ کي روڪڻ اسان جي وس ۾ هجي ها ته سڀئي سر صدقي ڪري به روڪيون ها . محبوب !اسان کي پنهنجي رب وٽ ياد ڪجان  تانت اسين اوهان جا هجون ۽ هڪ روايت ۾ آهي : حضرت نبي ڪريم جن جي انتقال کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d کي ايترو صدمو پهتو جو سندس جسم ان جدائي جي غم ۾ ڳرڻ شروع ٿيو تانجو دنيا تان انتقال ڪري الله سان واصل ٿيو. علامه دميري  پنهنجي ڪتاب ”حياة الحيوان“ ۾ اها روايت آندي آهي. ۽ صحيح بخاري جي روايت ۾ آهي ته : جڏهن رسول الله جن جي (ظاهري) وفات ٿي ته حضرت ابو بڪر صديق d حضرت عمر فاروق d کي سمجهائي ويهاريو ۽ پاڻ خطاب ڪندي الله جو حمد ۽ ثنا ڪري فرمايائين : خبردار! جيڪو حضرت محمد جي عبادت ڪندو هجي اهو ٻڌي ڇڏي ته : پاڻ ڪريم رحلت ڪري ويا ۽ جيڪو الله جي عبادت ڪندو آهي پوءِ بلاشڪ الله حَييُّ آهي اهو انتقال نه ڪندو ۽ پاڻ قرآن ڪريم جون آيتون اِنَّکَ مَيِّتُٗ وَّاِنَّهُمۡ مَّيِّتُوۡنَ ۽ وَمَا مُحَمَّدُ اِلَّا رَسُوۡلُٗ قَدۡ خَلَتۡ مِنۡ قَبۡلِهٖ الرُّسُلُ الآية پڙهيائون. جنهن مان حضور ڪريم جن جو دنيا تان انتقال جو دليل وٺي سڀني کي سمجهايائين ۽ سڀئي زاروقطار روئي رهيا هئا ۽ هڪ روايت ۾ آيو آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d حضور ڪريم جن جي منهن مبارڪ تان چادر پري ڪري سندن چپن مبارڪن تي چپ رکي سندن انتقال محسوس ڪري پوءِ سڀني کي خطاب ڪيو هو. حضرت عمر فاروق d فرمايو ته : جڏهن حضرت ابو بڪر صديق d اهي آيتون پڙهيون ته مون کي پوءِ هوش آيو ڄڻ ته اهي آيتون مون اڳي ٻڌيون ئي نه هيون ۽ اهي آيتون هرڪو پڙهندو رهيو ۽ پاڻ کي مطمئن ڪندو رهيو ۽ ابنِ ابي شيبھ  حضرت عبدالله بن عمرو f کان روايت آندي آهي ته : حضرت عمر d ائين انهن منافقن کي دٻائڻ جي لاءِ چيو هو جن حضرت حبيب ڪريم جن جي رحلت تي خوشي ڪئي هئي ۽ الوائلي حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته : جڏهن حضرت ابو بڪر صديق d جي بيعت ڪرڻ وقت حضرت عمر فاروق d منبر تي چڙهي خطاب ڪندي فرمايو ته : مون جيڪو ڪالهه اوهان کي چيو هو ته رسول الله جن انتقال نه فرمايو آهي ائين ناهي“ پر مون کي اميد هئي ته پاڻ ظاهري زندگي ۾ تيستائين رهندا جيستائين اسين دنيا تان وفات ڪري وڃون. مگر الله پنهنجي رسول کي پاڻ وٽ رهائڻ پسند ڪيو ۽ هي قرآن اهو ڪتاب آهي جنهن سان الله هدايت ڪئي آهي ان کي مضبوط ٿي وٺو ته ان هدايت تي رهندؤ جيڪا الله پنهنجي رسول کي ڏئي موڪليو هو ان کان پوءِ صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضرت ابو بڪر صديق d کي عرض ڪيو ته اي رسول الله جا صاحب! ڇا حضور ڪريم تي نماز پڙهي ويندي؟ پاڻ فرمايائون ته هائو“ عرض ڪيائون ته ڪهڙي نموني؟ فرمايائين ته : ڏهه ڏهه ڄڻا ٿي داخل ٿين، چار تڪبيرون هڻي دعا گهري ۽ مٿن صلواة پڙهي نڪرندا ۽ وري ٻيا ويندا. تانجو سڀ ائين ڪري فارغ ٿيندا ۽ ابن ماجھ روايت آندي آهي ته کين غسل ڏيارڻ کان پوءِ اڱاري جي ڏينهن کٽ تي رکيو ويو ۽ ماڻهو ٽولن جي شڪل ۾ داخل ٿيندا درود پڙهندا يا مذڪور طريقي سان نماز پڙهندا نڪرندا ٿي رهيا جڏهن مرد اچي دنگ ٿيا ته عورتون آيون ۽ جڏهن اهي اچي دنگ ٿيون ته ننڍا ٻار به آيا انهن به ان طريقي سان حاضري ڏني ۽ هيءَ روايت به آهي ته حضرت علي d فرمايو ”اوهان مان ڪوبه امام ٿي نماز نه پڙهائيندو ڇوته پاڻ (ظاهري) حياتي ۾ به امام ۽ دنيا تان انتقال کان پوءِ  به اوهان جا امام آهن ۽ بعض روايتن ۾ آهي ته : حضور ڪريم جن ان طريقي ادا ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئي ان جي ڪري ان ۾ تاخير واقع ٿي ۽ سندن پاڪ قبر تي نماز پڙهڻ جائز نه هئي. سيد جمال الدين محدث پنهنجي ڪتاب ”روضة الاحباب“ ۾ ان طرح آندو آهي ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته : اول سندن مٿان نماز ۽ صلواة لاءِ ملائڪ ٽولن جا ٽولا آيا هئا ان کان پوءِ سندن اهلبيت آيا ان کان پوءِ ٻيا ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٿي نماز ادا ڪندا ۽ صلواة پڙهندا نڪرندا ٿي ويا ۽ سڀني کان آخر ۾ سندن گهرواريون آيون هيون.

مسئلو: هن مان ثابت ٿيو ته ٻه ٽي دفعا نماز پڙهڻ منع ناهي ۽ هي سڀ ڪجهه حضور ڪريم جي خصوصيات مان آهي ان تي ٻيو قياس  نه ڪيو ويندو وري صحابه ڪرام عليهم الرضوان عرض ڪيو ته ”ڇا رسول الله جن دفن ڪيا ويندا؟ يا ائين ئي رکيا هوندا؟ ڇوته پاڻ بدن ۾ خوشبوءِ پيدا ٿيڻ ۽ جسم جي ڦري وڃڻ کان پاڪ آهن. انبياء عليهم الصلٰوة والسلام زندهه آهن. پاڻ فرمايائين ته ”هائو“ زمين ۾ رکيا ويندا، ڇوته الله فرمايو آهي: مِنْہَا خَلَقْنٰكُمْ وَ فِیۡہَا نُعِیۡدُكُمْ وَ مِنْہَا نُخْرِجُكُمْ تَارَۃً  اُخْرٰی ﴿۵۵ (القرآن  ) (اسان اوهان کي ان مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان ۾ اسين اوهان کي ورائينداسون ۽ ان مان اوهان کي ٻيو ڀيرو ٻاهر ڪڍنداسون) ۽ ان جي ڪري به جو اهو سڀني نبين عليهم الصلٰوة والسلام جو طريقو آهي. صحابه ڪرام عليهم الرضوان عرض ڪيو ته ”ڪٿي دفن ڪيا ويندا؟ حضرت ابو بڪر صديق d فرمايو ته : ان جاءِ ۾ جتي الله سندن روح کي پرواز ڪرايو. ۽ الله سندن روح کي پاڪ مڪان ۾ قبض ڪرايو آهي ۽ ان مڪان ۾ جنهن کي سندن دفن ڪرڻ جي لاءِ پسند فرمايو ۽ هيءَ به روايت آهي ته پاڻ فرمايائين مون رسول الله جن کان ٻڌو پاڻ فرمايائون ته ”ڪوبه نبي جڏهن وفات ڪندو آهي ته اتيئي دفن ڪيو ويندو جتي الله سندس روح کي قبض فرمائيندو. ۽ اها حديث ٻڌي حضرت علي d فرمايو تهوَاَنَا اِيۡضًا سَمِعۡتُهٗ ۽ مون به حضور ڪريم جن کان اهو ٻڌو هو. پوءِ سڀني کي يقين ٿيو ته حضرت ابو بڪر صديق d سچ چيو آهي ۽ هن مان حضرت ابو بڪر صديق d جي علم ۽ فضل جو ڪمال ۽ الله جي ڪتاب ۽ رسول الله جي سنت جي علم ۾ مهارت ثابت ٿي ان کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d فرمايو ته : حضور ڪريم جن کي سندن ابي جا پٽ غسل ڏيارين ۽ اهي حضرت علي d، حضرت عباس d ۽ ان جا پٽ فضل ۽ قُثم f هئا ۽ انهن پاڻ سان اسامه بن زيد d ۽ صالح حبشي d کي به شريڪ ڪيو هو. سندن ابي جي پُٽن جو ڪم حبيب ڪريم جن کي غسل ڏيارڻ هو ۽ ٻيا انهن جي مدد ڪندڙ هئا ۽ کين غسل ڏيارڻ وقت سندن پاڪ جسم مان اهڙي سرهاڻ نڪتي هئي جو ان جهڙي ڪڏهن به خوشبوءِ کين سنگهڻ جو موقعو نه مليو هو ۽ سندن پاڪ پنبڻين ۾ گڏ ٿيل پاڻي حضرت علي d چوسيو هو، ۽ غسل ڏيڻ کان اڳي اهي سوچڻ لڳا ته ڇا کين ڪپڙن کان خالي ڪري غسل ڏجي يا ڪپڙن سان گڏ.  ته فورًا سندن مٿان ننڊ جي حالت طاري ٿي ۽ کين ڏسڻ ۾ آيو ته ڪو کين چوي پيو ته : کين ڪپڙن ۾ غسل ڏيو. پوءِ کين ڪپڙن ۾ غسل ڏنو ويو ۽ اها حديث به صحيح آهي ته پاڻ فرمايو هيائون ”جڏهن مان انتقال ڪيان ته مون کي بئر اريس (مدينه جو مشهور کوهه) مان پاڻيءَ جون ست کليون ڀري غسل ڏيارجو ۽ ام المومنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته کين ڪپهه جي ٽن ڪپڙن ۾ ڪفن ڏنو ويو جن ۾ قميص ۽ پڳ نه هئي. ٻيون مختلف روايتون به آيون آهن پر هيءَ سڀني کان وڌيڪ صحيح آهي ۽ بيهقي حاڪم کان روايت آندي آهي. حضرت علي، حضرت ابنِ عباس، ابنِ عمر، جابر، عبدالله بن مغفل f  کان متواتر روايتون آيون آهن ته حضور ڪريم جن کي ٽن ڪپڙن ۾ ڪفن ڏنو ويو هو پر جن ڪپڙن ۾ کين غسل ڏنو ويو هو اهي ڪفن ڏيڻ مهل سندن پاڪ جسم تان لاٿا ويا هئا جيڪڏهن اهي ائين پاڻيءَ سان آلا ٿيل نه لاٿا وڃن ها ته ڪفن جي ڪپڙن تي به انهن جو اثر پوي ها.

حضرت ابو طلحھ d سندن بستري واري جاءِ تي قبر مبارڪ کوٽي ۽ ان ۾ به اختلاف ٿيو ته سندن قبر جي اندرئين حصي جي ڀر ۾ لحد به کوٽي وڃي يا قبر مبارڪ جي وچ ۾ کين رکيو وڃي پر پوءِ لحد کوٽي وئي ۽ سندن جسم پاڪ جي هيٺان ڪپڙو وڇايو ويو ۽ هڪ قول آهي ته اهو ڪپڙو به آخر ۾ ڪڍيو ويو هو ۽ سندن قبر مبارڪ جي مٽي پاڪ تي حضرت بلال d پاڻيءَ جي کلي ڀري ڇٽڪار ڪيو هو جيڪو مٿي مبارڪ واري پاسي کان شروع ڪيو هيائين ۽ سندن قبر مبارڪ زمين کان هڪ گرانٺ جو قدر مٿي ڪري ان جي مٿان ڳاڙها ۽ اڇا پٿر رکيا ويا هئا. بخاري سيده عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته : رسول الله جن دنيا تان انتقال واري بيماري ۾ فرمايو هو ته : الله يهودين ۽ نصارن تي لعنت ڪئي جو پنهنجن نبين جي قبرن کي سجدي جون جايون بنايائون. ۽ جيڪڏهن اهو ڊپ نه هجي ها ته سندن قبر مبارڪ کي وڌيڪ بلند ۽ ظاهر ڪيو وڃي ها ۽ بعض محدثن فرمايو ته : ان جو مطلب آهي ته کين ميدان ۾ دفن ڪيو وڃي ها، حجره ۾ نه رکيو وڃي ها ۽ سندن قبر مبارڪ (اٺ جي) ٿوهي وانگر ڪئي وئي هئي. ۽ ابو نعيم المستخرج ۾ آندو آهي ته حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر f جون قبرون ٿوهي وانگر بنايون ويون هيون. ۽ اهو جمهور علماء ۽ مڙني ۽ گهڻن شافعي مذهب وارن جو قول آهي. پوءِ مهاجر اصحابي گڏ ٿي مشورا ڪرڻ لڳا ته خليفو ڪنهن کي ڪجي ڇوته حضرت نبي ڪريم جن جي ان ظاهري انتقال کان پوءِ واڳون سنڀالڻ واري جو مقرر ڪرڻ واجب هو. پوءِ انهن مان ڪن چيو ته حضرت ابو بڪر صديق d کي ته ڪن چيو ته اچو ته پنهنجن ڀائرن انصارن ڏانهن هلون ۽ انهن کي به هن معاملي ۾ پاڻ سان شريڪ رکون. (۽ اها صلاح ڏيندڙن ۾ حضرت عمر d به هو.) متان اهي ڏک ڪن ته اسان سان مشورو نه ڪيو ويو. پوءِ انصارن ڀلارن وٽ آيا ته اهي بني ساعده جي ميٽنگ هال ۾ ويٺا هئا. ۽ جڏهن انهن وٽ پهچي انهن سان صلاح مشورو ڪيائون ته : انصارن کين فرمايو تهمِنَّا اَمِيۡرُ وَّ مِنۡکُمۡ اَمِيۡرُ اسان مان به امير هجي ۽ اوهان مان به امير هجي) ۽ انهن جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته حضرت ابو بڪر صديق d انهن کي رسول الله جي هيءَ حديث پڙهي ٻڌائياَلۡاَئمَّةُ مِنۡ قُرَيۡشِ (اڳواڻ قريش مان هوندا) ۽ هيءَ صحيح حديث آهي جيڪا چاليهن صحابن رضي الله عنهم کان روايت ڪيل آهي ۽ احمد ۽ طبراني عقبة کان اَلۡخِلافَةُ لِقُرَيۡشِ جا الفاظ آندا آهن ۽ حضرت ابو بڪر صديق d ڄڻ ته حديث سان انهن جي عقل واري خيال کي رد ڪيو ۽ اها ترديد ان جي ڪري به ضروري هئي جو ٻن اميرن جي هجڻ جي ڪري سندن حڪم ۾ تعارض ۽ تناقض جو امڪان هو. ۽ نسائي ۽ ابو يعلى ۽ حاڪم صحيح چوندي حضرت ابن مسعود d کان روايت آندي آهي ته جڏهن انصارن چيو ته ”اسان مان به امير هوندو ۽ اوهان مان به“ ته حضرت عمر فاروق d انهن وٽ هلي ويو ۽ کين چيائين ته : اي انصارن جي جماعت! ڇا اوهان نه ٿا ڄاڻو ته بلاشڪ رسول الله جن (حضرت) ابو بڪر صديق d کي امر ڪيو هو ته : ماڻهن کي نماز پڙهائي“ پوءِ اوهان مان ڪنهن جي دل کي ڀلو ٿو لڳي ته حضرت ابو بڪر d کان اڳتي ٿئي“ اهو ٻڌي انصارن چيو ته :”نَعُوۡذُ بِاللهِ اَن نَتَقَدَّمَ اَبَا بَکۡرِ (اسين الله کان پناهه ٿا گهرون جو ابا بڪر کان اڳيان ٿيون ۽ ان جو سبب اهو آهي جو اهو اسبقيت، اڪبريت ۽ ديني احڪام جي ڄاڻ ۾ افضليت جو جامع هو اهي احڪام جيڪي قرآن ۽ نبوي حديثن مان ورتل هئا جيئن سرڪار دو عالم جي رحلت وقت پيدا ٿيندڙ حالات کي ان علم جي بنياد تي حل ڪيو هيائين ۽ انهن ڳالهين ۾ سندن خلافت جي لاءِ خفي اشارا هئا. حضور ڪريم جن ڪيترن اڪابر صحابه ۽ اهل بيت  نبوت جي افاضل جي هوندي کيس نماز ۾ امامت جي منصب تي قائم رکيو ۽ ان امر جو وڌيڪ تاڪيد ان وقت ڪيائون جڏهن سيده عائشھ صديقھ g کين عرض ڪيو ته : منهنجو والد غمگين آهي اوهان جي مصلي تي نه بيهي سگهندو ۽ نماز ۾ قراءت به نه ڪري سگهندو ۽ هڪ ڀيري سندن خدمت ۾ حضرت عمر فاروق d  حضرت ابو بڪر صديق d جي ڪا شڪايت کڻي آيو هو ته پاڻ ان جي ٻڌڻ کان ٽي ڀيرا انڪار ڪندي فرمايو هيائون. لَا، لَا ، لَا يَا بَي اللهُ وَالۡمُومُنُوۡنَ اِلَّا اَبَابَکۡرِ (نه، نه، نه. الله ۽ مومن ابو بڪر کان سواءِ ٻئي جو انڪار ٿا ڪن) ۽ سندن دنيوي ظاهري زندگي جي آخري وقت نڪري حضرت ابو بڪر جي پويان نماز پڙهڻ به ان جي خلافت جو تاڪيد هو ۽ اهي خلافت جا قولي، فعلي ۽ تقريري دليل هئا جيئن هڪ ڀيري پاڻ نڪتا ۽ قوم کي ابو بڪر جي پويان نماز ۾ بيٺي ڏسي خوش ٿي موٽيا ۽ حضرت علي سميت جمهور اصحابن رضي الله  تعالٰي عنهم اهو ئي دليل وٺندي چيو هو ته ”جنهن کان رسول الله جن اسان جي دين ۾ اڳواڻيءَ جي لاءِ راضي رهيا اسين ان جي دنيا ۾ اڳواڻيءَ جي لاءِ به راضي آهيون“ ان جي ڪري حضرت عمر d فرمايو ته ”ڪير آهي جنهن جي لاءِ هي ٽي فضيلتون آيل آهن. {1} ثَانِیَ اثْنَیۡنِ اِذْ ہُمَا فِی الْغَارِ (ٻن مان ٻيو جڏهن اهي ٻئي غار ۾ هئا) {2} اِذْ یَقُوۡلُ لِصَاحِبِہٖ (جڏهن پنهنجي ساٿيءَ کي پيو فرمائي) {3} لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللھ مَعَنَاۚ (غم نه ڪر بلاشڪ الله اسان سان گڏ آهي) الله جي طرفان حضرت ابو بڪر صديق d جي لاءِ هنن ٽن فضيلتن جو ثابت ڪرڻ جيئن قرآن مجيد ۾ آهي خلافت جي لاءِ سندس وڌيڪ حقدار  هجڻ جو دليل آهي.

علامه علي القاري  اڳتي لکيو آهي ته : ۽ مان چوان ٿو ۽ الله جي هٿ ۾ توفيق آهي ۽ ان جي (قدرتي) هٿ ۾ تحقيق جون واڳون آهن ته هن آيت (مذڪوره) جي اڳ ۽ پوءِ جي لحاظ سان ٻيا الفاظ به حضرت ابوبڪر جي اولويت ۽ خلافت جي لاءِ احقيت جا ٻيا دلائل آهن. (1) اِلَّا تَنۡصُرُوۡهُ فَقَدۡ نَصَرهُ اللهُ اِذۡ اَخۡرَجَهُ الَّذِيۡنَ کَفَرُوا (جيڪڏهن اوهان ان جي مدد نه ڪندؤ ته پوءِ يقينن الله ان جي مدد ڪئي) جڏهن ڪافرن ان کي مڪه مڪرمه  مان ٻاهر ڪڍيو.) هن ۾ الله سڀني مومنن کي خبردار ڪيو ته منهنجي محبوب جي جيڪڏهن اوهان مدد نه ڪندؤ ته الله ته ان جو مددگار آهي ۽ ان ۾ حضرت ابو بڪر صديق d داخل ناهي ڇوته اهو حضور ڪريم جن جي خدمت ۽ سندن مدد ڪرڻ جي لاءِ ساڻن گڏ هو. (2) ته الله جي طرفان حبيب ڪريم جن جي مدد ڪرڻ ۾ حضرت ابو بڪر صديق d به شامل هو ان جي لاءِ به اها خدواندي مدد ثابت آهي. حضرت ابو بڪر صديق d حضور ڪريم جن سان گڏ هجڻ جي ڪري سندن مددگار به هو ته مدد ڪيل به هو. ان جي ڪري اهو ئي خلافت جي لاءِ وڌيڪ حقدار آهي. (3) ” الله ان تي سڪون نازل فرمايو“ هن مان مراد به حضرت ابو بڪر صديق d آهي جنهن تي سڪون لاٿو ويو هو. اصح قول اهو آهي ڇوته ان جي دل حضور ڪريم جن تي ڪافرن جي امڪاني حملي جي ڪري گهڻو پريشان ۽ غمگين هئي. پوءِ الله جي طرفان ان تي هي سڪون نازل ڪرڻ ۾ اهو ئي مخصوص آهي ٻيو ڪو ان سان شريڪ ناهي. باقي عام سڪون ۾ ان سان ٻيا اصحاب ڀلارا به شريڪ هئا جنهن جو الله پنهنجي فرمان هُوَ الَّذِيۡ اَنۡزَلَ السَّکِيۡنَةَ فِي قُلُوۡب الۡمُوۡمِنِيۡنَ (اهو الله ئي آهي جنهن مومنن جي دلين ۾ سڪون لاٿو) ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ شايد هي ان حديث جي منشا آهي جيڪا حضور ڪريم جن کان روايت ڪيل آهي ته اِنَّ اللهَ تَجَلّٰي لِلنَّاسِ عَامَّةً وَلَابي بَکۡرِ خَاصَّةً (بلاشڪ الله ٻين ماڻهن لاءِ عام تجلي فرمائي ۽ ابوبڪر جي لاءِ خاص تجلي فرمائي) ۽ ”وَايَّدَهٗ بِجُنُوۡدِ لَّمۡ تَرَوۡهَا (۽ الله ان جي اهڙن لشڪرن سان تائيد ڪئي جيڪي اوهان نه ڏٺا هئا) ۾ ”ه‏“ خاص ضمير، حضور ڪريم جن ڏانهن وري ٿو ان جو حضرت ابو بڪر صديق d ڏانهن ورڻ به غلط ناهي ڇوته محققين علماء وٽ جنهن جاءِ تي منجهڻ جو خطرو ناهي جائز آهي. ۽ هي به آهي ته ”وايده“ ۾ ”ه“ ضميرکل واحد منهما انهن مان هر هڪ ڏانهن ورندو هجي. ۽ بعض عارفن جو قول آهي ته ”قلب جو سڪون اهو آهي جيڪو انسان ۾ رب جي حڪم سان ظاهر ٿيندو آهي ۽ سمجهڻ گهرجي ته الله جو فرمان ثَانِیَ اثْنَیۡنِ الله جي ٻئي  فرمان اِذۡ اَخۡرَجَہٗ ۾ مخفي ضمير کان حال آهي. اهو حضور ڪريم جي وصف آهي پر جڏهن ته هن جي معنى ٻن مان هڪ آهي ۽ حضور ڪريم جن سان به هڪ ابو بڪر d گڏ هو ته اهو ضمير حضرت ابو بڪر صديق d ڏانهن به صحيح طور وري ٿو ۽ يقينن جڏهن ٻئي غار ۾ هئا ته ٻيو انهن مان حضرت ابو بڪر d هو جنهن سان مڪه مڪرمه ۾ حضور ڪريم جن گڏ هجرت ڪرڻ جو عهد ڪيو هو ۽ ابن عطا فرمايو ته ”ٻن مان ٻيو“ حضرت ابو بڪر d آهي ۽ اهو ئي حضور ڪريم جي قرب جو محل ۽ انوار جو مرڪز هو ۽ ٽي ڏينهن غار ۾ رهيا ۽ حضرت ابو بڪر صديق d کان سواءِ ساڻن ٻيو ڪير به گڏ نه هو پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d جي هن رازن ڏانهن مخصوص ٿيڻ طرف نهار، غار ۾ موافقت سفرن ۾ رفاقت، قرآن جي جاين ۾ ظاهري زندگي ۽ انتقال کان پوءِ ملازمت ۽ قبر مبارڪ کان وٺي جنت ۾ داخل ٿيڻ تائين سڀني نيڪوڪارن ۽ صحابن کان اڳي هجڻ ۾ به هن طرف اشارو آهي ته اهو مڪه مڪرمه مان هجرت ڪري ايندڙن کان افضل آهي ڇوته سندس هجرت رسول الله جن جي هجرت سان گڏ هئي ٻين جي هجرت ائين نه هئي يا اڳي هئي يا پوءِ هئي. پوءِ اهو ئي رب جي حڪم سان قائم بالقلب آهي ۽ هي به ڄاڻڻ گهرجي ته : اصحابن ڀلارن ۾ مهاجرين سڳورا انصارن کان ڀلا آهن جيئن ان تي علماء ابرار جو اتفاق آهي ۽ الله جي قرآن ڪريم ۾ ان ڏانهن اشارو آهي وَالسَّابِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ مِنَ الۡمُهَاجِرِيۡنَ وَالۡاَنۡصَار (۽ مهاجرين ۽ انصارن مان اڳرائي ڪندڙ) هتياَلۡمُهَاجِرِيۡنَ اڳ ۾ آيل آهي ۽ هن مان اهو دليل به ملي ٿو ته جڏهن مهاجرين ٻين کان افضل آهن ۽ حضرت ابو بڪر صديق d انهن کان به افضل آهي ان جي ڪري ٻين کان به افضل آهي جيئن حضرت عمر بن خطاب d سمجهيو هو، ان کان پوءِ الله جو فرمان اِذۡ يَقُوۡلُ لِصَاحِبِهٖ قرآن مجيد جي مفسرن جي اجماع سان ”صاحبہ“ مان مراد حضرت ابو بڪر صديق d آهي ۽ جيئن قرآن ڪريم ۾ ان هن لقب سان حضرت ابو بڪر صديق d کي مشرف بنايو ويو آهي. تيئن ڪنهن کي به اهو شرف عطا نه ٿيو آهي ۽ هن خصوصيت جي ڪري ئي علماء جو اتفاق آهي ته جنهن حضرت ابو بڪر صديق d جي صحبت جو انڪار ڪيو اهو ڪافر آهي ڇوته اهو قرآن ڪريم جي آيت جو انڪار آهي. حضرت ابوبڪر صديق d کي هن خصوصيت جي صحبت سان نوازيو ويو هو.جيڪا کيس حبيب ڪريم جي ذات سان ظاهري زندگي ۽ دنيا تان رحلت کان پوءِ واري ۾ به هميشه رهي ۽ آهي ۽ مزار مان نڪرڻ کان، جنت ۾ داخل ٿيڻ وقت ۽ اعلي الدرجات تائين پهچڻ ۾ سندس صحبت جاري رهندي. هن مخصوص صحبت سان ئي حضرت ابو بڪر صديق d سڀني کان فائق ۽ بلند ٿي ويو جيئن ان جي شاهدي قرآن ڪريم ڏني آهي ۽ ان جي هيءَ خصوصيت به آهي جو نالي جي بجاءِ صحابه ڪرام به کيس هن ”صاحبِ رسول “ جي لقب سان ياد ڪندا هئا. حضرت زيد d جو جيتوڻيڪ نالو مبارڪ قرآن ڪريم ۾ مذڪور آهي پر ان جي شان ۽ حضرت ابو بڪر صديق d جي شان ۾ وڏو فرق آهي ۽ الله جي فرمانلَا تَحْزَنْ اِنَّ اللھ مَعَنَاۚ “ (غم نه ڪر بلاشڪ الله  اسان سان گڏ آهي) ۾ به اهو ڄاڻايو ويو آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d کي پنهنجو نه پر پنهنجي محبوب جي ذات کي دشمنن جي طرفان تڪليف پهچڻ جو غم هو. جيئن هن ڳالهه تي هيءَ روايت دلالت ڪري رهي آهي ته حضور ڪريم   ۽ حضرت ابو بڪر صديق d  جڏهن غار تي چڙهي پهتا ته حضرت ابو بڪر صديق d ان اونداهه واري  غار ۾ گهڙي ان کي صاف ڪيو ۽ ڏٺو ته متان ڪو دشمن يا ايذائيندڙ جيت اندر هجي ۽ منهنجي محبوب کي تڪليف پهچي ۽ ان ۾ جانورن جي ڪا گندگي وغيره نه هجي ۽ بغوي حضرت انس d کان روايت ڪئي آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d انهن کي ٻڌايو ته : مون (غار ۾ هوندي) پنهنجي مٿان ڪافرن جا پير ڏٺا ۽ حضور ڪريم جن کي عرض ڪيم ته يا رسول الله ! جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ پنهنجن پيرن ڏانهن نهاريو ته به اسان کي ڏسي وٺندو ته پاڻ فرمايائون ” اي ابا بڪر تنهنجو انهن ٻن ۾ ڪهڙو گمان آهي جن سان ٽيون الله گڏ آهي.“ پوءِ هيءَ اهڙي زبردست منقبة آهي جنهن کان مٿي ڪابه ناهي اهڙي موقعي تي حضرت نبي ڪريم جن جي فرمان اِنَّ اللھ مَعَنَاۚ (بلاشڪ الله اسان گڏ آهي ) ائين چوڻ جي بجاءِ ”الله مون سان گڏ آهي“ ۾ حضرت ابو بڪر صديق dکي معيت ۾ شريڪ ڪرڻ حضرت ابو بڪر صديق d جي لاءِ به خداوند ڪريم جي طرفان خصوصي اعزاز  آهي جنهن ۾ سندس مڃڻ وارن فرعون جو لشڪر پنهنجي پويان ويجهو ڏٺو ته : چوڻ لڳا اِنَّا لَمُدۡرَکُوۡنَ“ اسان پهتل آهيون. يعني دشمن اسان کي پڄڻ وارا آهن انهن کي جواب ۾ حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام فرمايوکِلَّا اِنَّ مَعِيَ رَبِّي سَيَهۡدِيۡنَ هرگز نه (پهچندا) مون سان گڏ منهنجو رب آهي جلد منهنجي رهنمائي ڪندو“ متصوف بزرگن هتي هي نڪتو بيان ڪيو آهي ته ”حضرت موسى علٰي  نبينا وعليه الصلٰوة والسلام تفرقة“ جي مقام ۾ هو ۽ اسان جو نبي عليه الصلواة والسلام جمع جي مقام ۾ هو جنهن کي جمع الجوامع چوندا آهن پوءِ اها معية ان جمعية سان گڏيل ٻين سڀني صحابن رضي الله عنهم کان سواءِ هڪ حضرت ابو بڪر صديق d سان مخصوص آهي راوي جو بيان آهي ته پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d جي بيعت ڪيائون ۽ روايت ۾ آيو آهي ته : حضرت ابو بڪر صديق d حضرت عمر فاروق d کي تواضع ۽ انڪساري ۽ عهدي کان پري رهڻ جي خواهش ڏيکاريندي فرمايو ته ”تون هٿ ڪشادو ڪر ته مان تنهنجي بيعت ڪيان.“ حضرت عمر d کيس عرض ڪيو ته ”تون مون کان وڌيڪ قوت وارو آهين“ ۽ اهي جملا انهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا ٿيندا رهيا ۽ حضرت عمر d حضرت ابو بڪر صديق d کي چيو ته : منهنجي قوت به تنهنجي تابع آهي ۽ تنهنجي افضليت به برقرار آهي“ ۽ ان ۾ اهو اشارو هو ته اوهان امير آهيو ۽ مان اوهان جو وزير ۽ مشير آهيان (۽ انشاءَ الله ) ۽ انهن ٻنهي ڳالهين سان دين جو امر پورو رهندو نظام صحيح هلندو. ان کان پوءِ اتي موجود سڀني ماڻهن حضرت ابو بڪر صديق dجي بيعت ڪئي. ۽ اها بيعت حسنه هئي خوشي سان ٿي هئي ان ۾ ڪوبه زور ۽ زبردستي نه هئي. ڇوته اها حضور ڪريم جي ارشاد مبارڪمَارَآه الۡمُؤمِنُوۡنَ حَسَنًا فَهُوَ عِنۡدَاللهِ حَسَنٌ (جنهن ڪم کي مومن سهڻو ٿا ڏسن اهو الله وٽ به سهڻو آهي) ۽ صحابه ڪرام جو رضا خوشيءَ سان مڃڻ ۽ بيعت ڪرڻ سهڻو ڪم هو ۽ ان بيعت ۾ انهن کي حق جو جمال مشاهدي ۾ آيو هو، ڇوته اها الله جي رضا مطابق هئي ۽ ابن اسحاق زهري  پنهنجي سند سان انس d کان روايت آندي آهي ته : جڏهن حضرت ابو بڪر d جي بيعت ڪئي وئي ۽ ٻئي ڏينهن منبر تي ويٺو ته حضرت عمر d اٿي بيهي ان کان پويان ڳالهايو الله جو حمد ڪندي ۽ ان جي ثنا ڪندي فرمايائين ته ”الله اوهان جي امر کي اوهان کان ڀلي تي گڏ ڪيو ۽ رسول الله جو صاحب، غار ۾ ان جو ٻيو پوءِ (جيڪي رهيل آهيو) اٿو ان جي بيعت ڪريو پوءِ عام رهيل ماڻهن به ان جي بيعت ڪئي، ان کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d  ڳالهايو . الله جو حمد ۽ ثنا ڪندي فرمايائين اما بعد! اي انسانو! بيشڪ مان اوهان جو والي بنايو ويو آهيان ۽ (هيٺانهين ڪندي چيائين) مان اوهان کان ڀلو ناهيان جيڪڏهن مان سهڻا ڪم ڪيان ته منهنجي مدد ڪجو ۽ جيڪڏهن مان سهڻا ڪم نه ڪيان ته مون کي سڌو ڪجو. سچ امانت آهي ڪوڙ خيانت آهي اوهان وٽ جيڪو ضعيف آهي اهو مون وٽ قوي آهي تانجو مان ان ضعيف کي سندس حق ڏياريان، (ان شاءَالله ) ۽ اوهان مان قوي مون وٽ ضعيف آهي تانجو مان ان کان ضعيف جو حق وٺان (ان شاءَالله ) ۽ ڪابه قوم الله جي راهه ۾ جهاد ڇڏيندي ته الله کيس ذلت ۾ وجهندو ۽ ڪنهن قوم ۾ ڪا برائي ڦهلجندي. ۽ اهي ان کي نه روڪيندا ته) الله انهن کي عام مصيبت ۾ مبتلا ڪندو. جيستائين مان الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪيان اوهان منهنجي اطاعت ڪجو ۽ جڏهن مان الله ۽ ان جي رسول  جي بي فرماني ڪيان ته اوهان منهنجي اطاعت نه ڪجو اٿو پنهنجي نماز پڙهو. شال الله اوهان تي رحمتون ڪرڻ فرمائي ۽ ابن اسحاق پنهنجي ڪتاب ”المغازي“ ۾ موسى بن عقبھ کان ۽ حاڪم به صحيح چوندي حضرت عبدالرحمان بن عوف d کان روايت آندي آهي ته : حضرت ابو بڪر صديق d خطاب ڪندي فرمايو : مون کي ڪو ڏينهن يا رات ياد ناهي جو مونکي امير ٿيڻ جي خواهش ٿي هجي۽ منهنجي ان طرف ڪا رغبت هئي ۽ مون لڪ ۾ يا ظاهر ۾ الله کان اهڙي دعا گهري هئي ۽ پر مان فتني کان ڊڄندو هوس. ۽ مون کي امير هجڻ ۾ ڪا راحت ناهي مان وڏو امر کڻايو ويو آهيان جنهن (کي صحيح نموني ادا ڪرڻ) جي الله جي قوت ڏيڻ، توفيق کان ۽ تائيد کان سواءِ مون کي طاقت ناهي پوءِ حضرت علي ۽ حضرت زبير f فرمايو ته اسان ان جي ڪري ڪاوڙيا هئاسون جو اسان سان مشورو دير سان ڪيو ويو ۽ اسين حضرت ابو بڪر صديق d کي خلافت جو وڌيڪ حقدار سمجهون ٿا ۽ بلاشڪ اهو رسول الله جي غار جو صاحب، (ساٿي) آهي ۽ اسين ان جي شرف ۽ ڀلائيءَ کي سڃاڻون ٿا ۽ حضور ڪريم جن پنهنجي جيئري (ظاهري زندگيءَ ۾) ان کي نماز پڙهائڻ جي لاءِ امر فرمايو هو ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته انهن فرمايو : رسول الله جن ان کان اسان جي لاءِ ديني اڳواڻ هجڻ ۾ راضي هئا ته ڇا اسين ان کان پنهنجي دنياوي اڳواڻيءَ جي لاءِ راضي نه ٿيون. دلائل جي هن مقدار ۾ هدايت وارن جي لاءِ هدايت آهي. گمراهي وارن کان سواءِ (جمع الوسائل ج 2 ص 211، 222) علامه مناوي  لکيو آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن جي تدفين ۾ دير ان جي ڪري ڪئي وئي (حالانڪه جلدي ڪرڻ گهرجي ها) جو پهريان ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان ۾ سندن رحلت ڪرڻ تي يقين نه هو ٻيو ته ان ۾ اختلاف رهيو ته کين ڪٿي رکجي ٽيون ته ان وڏي واقعي پيش اچڻ جي ڪري صحابه ڪرام عليهم الرضوان تي هيبت طاري ٿي وئي هئي. جو اهڙو واقعو انهن کي نه اڳي پيش آيو نه پوءِ انهن مان ڪي ائين ٿي ويا جيئن روح کان سواءِ جسم ۽ ڪي ڳالهائڻ کان بند ٿي ويا ۽ ڪي هلڻ کان بند ٿي ويا ۽ ڪن کي حضور ڪريم جي ڪم کي سنڀالڻ جي لاءِ خليفي مقرر ڪرڻ تي اختلاف جو خطرو نظر ٿي آيو ۽ اهو به ڊپ ٿي رهيو ته متان دشمن اوچتو حملو ڪري وغيره.

علامه موصوف اڳتي آيل حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته امام (خليفي) جي مقرر ڪرڻ ۾ ذاتي قصد دين جي شعائر کي ان نموني قائم ڪرڻ هو. جيئن الله جو امر آهي. واجبات جو ادا ڪرڻ، محرمات (حرام ڪيل ڪمن) جو ڇڏڻ. سنتن کي زندهه ڪرڻ (برين) بدعتن کي ختم ڪرڻ ۽ دنيوي امور ۾ جائز نموني مال وٺڻ ۽ حقدارن کي ڏيڻ ، ظلمن جو دفع ڪرڻ ظالم کي پڪڙي سزا ڏيڻ وغيره ٻيو ڪو ذاتي مقصد نه آهي. بلڪه اهو ان جي لاءِ آهي ته ماڻهن ۾ ديني امور جي انتظام کان سواءِ نه انسانن جي سرن ۽ مالن جي لاءِ امن قائم هجي ها ۽ نه هر حقدار کي ان جو حق ملي ها ۽ ان جي ڪري حبيب ڪريم جن حضرت ابو بڪر صديق d کي امامت صغرى (نماز پڙهائڻ) ڏياري ۽ هن ۾ اهو به اشارو آهي ته : امامت جي لاءِ روشن دليل آهي ته : اهواڳيان ٿي نماز پڙهائي جيڪو قوم ۾ افضل هجي ۽ ان کي نماز پڙهائڻ لاءِ بار بار امر ڪرڻ ۾ هن ڳالهه جي لاءِ روشن دليل آهي ته : اهو ئي سندن امامت ڪبرى (ملڪي سربراهيءَ) جي لاءِ وڌيڪ حقدار آهي. علامه صاحب اڳتي لکيو آهي ته : حضور ڪريم جن ٽيڪ ڏئي ٻاهر نڪتا هئا ته : حضرت ابو بڪر صديق d کي سندن امامت واري جاءِ تي بيهڻ ۽ پوئتي نه هٽڻ جو امر ڪري پاڻ صف ۾ ويهي نماز پڙهڻ لڳا. ۽ ان صورت ۾ به پاڻ امام هئا ۽ حضرت ابو بڪر صديق d  سندن طرفان مبلغ هو ۽ بخاري ۽ مسلم جي هڪ روايت آهي ته : حضرت ابو بڪر صديق d ماڻهن کي حضور ڪريم جن جي تڪبير ٻڌائي رهيو هو ۽ اهو حضرت نبي ڪريم جو جماعتي هو، ۽ حضور ڪريم جن جي لاءِ اهو جائز هو جو پاڻ صف ۾ ويٺل نماز ۾ هجن سندن مبلغ تڪبير جو آواز پهچائيندڙ اڳيان سندن کان جدا هجي. علامه موصوف حضور نبي ڪريم   جن تي عام طريقي واري نماز جنازي نماز ۾ نه پڙهڻ جو سبب بيان ڪندي هئي  حديث به آندي آهي ته حاڪم مستدرڪ ۾ ۽ محدث بزار روايت آندي آهي ته : بلاشڪ حضور ڪريم جن وٽ حضرت سيده عائشھ g جي گهر ۾ سندن اهل بيت گڏ ٿيا ۽  عرض ڪيائون اوهان جي نماز ڪير پڙهائي؟. ته فرمايائون ته :اِذَا غَسَلۡتُمُوۡنِي وَ کَفَّنۡتُمُوۡنِيۡ  فَضَعُوۡنِي عَلٰي سَرِيۡرِيۡ ثُمَّ اخۡرُجُوۡ اَعَنّي سَاعَةً فَاِنَّ اَوَّلَ مَنۡ يُّصَلِيۡ عَلَيَّ جِبۡرِيۡلَ ثُّمَ مِيۡکَائِيۡلُ ثُّمَ اِسۡرَافِيۡلُ ثُمَّ مَلَکُ الۡمَوۡتَ مَعَ جُنُوۡدِهٖ مِنَ الۡمَلَائِکَةِ ثُمَّ ادۡخُلُوۡا عَلَيَّ فَوۡجًا بَعۡدَ فَوۡجِ فَصَلُّوا عَلَيَّ وَسَلِّمُوۡا تَسۡلِيۡمًا.“  (جڏهن مون کي غسل ڏيو ۽ مون کي ڪفن ڍڪايو پوءِ مون کي منهنجي کٽ تي رکي هڪ گهڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃجو بلاشڪ اول ، مون تي جبريل صلواة (درود شريف) پڙهندو ان کان پوءِ ميڪا.ئيل ان کان پوءِ اسرافيل ان کان پوءِ ملڪ الموت ملائڪن سان پنهنجي لشڪر سميت پڙهڻ ايندو ان کان پوءِ اوهان مون وٽ، ٽولا ، ٽولا ٿي اچجو ۽ مون تي صلواة ۽ سلام پڙهي وڃجو: ۽ حضور ڪريم جن کي جنهن پاڪ ڪمري ۾ دفن ڪرڻ جي لاءِ حضرت ابو بڪر صديق d  چيو هو ته حضرت علي d به ائين چوندي فرمايو هو ته : ”اَن لَّيۡسَ فِي الۡاَرۡضِ بُقۡعَةُ اَکۡرَمُ عَلَي اللهِ مِن بُقۡعَةِ قَبَضَ فِيۡهَا نَفۡسَ نَبِيِّهٖ بلاشڪ الله وٽ زمين ۾ ڪوبه (زمين جو) ٽڪرو ان ٽڪري کان وڌيڪ عزت وارو ناهي جنهن ۾ پنهنجي نبي جي روح کي قبض فرمايائين. الشريف السمهودي فرمايو ته : امت جو اجماع آهي ته جنهن زمين حضور جي پاڪ جسم کي پاڻ ۾ ڍڪايو آهي اها سموري زمين تانجو ڪعبه کان به  ڀلي آهي. ان جو دليل حضرت علي d جو منقول قول آهي جيئن حضور ڪريم پنهنجن پيارن کي مختلف فضيلتن سان نوازيندا هئا تيئن پنهنجي رحلت کان پوءِ واري حالت ۾ ڪنهن کي ڪهڙي مهرباني سان ته ڪنهن کي ڪهڙي مهرباني سان نوازيندا رهيا) پنهنجي غسل ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجن رشتيدارن خصوصًا سيدنا علي d کي امر فرمايو هيائون. جيئن حضرت علي d جن پاڻ فرمايو تهاَوۡصَانِيۡ النَّبِيُّ اَن لَّا يَغۡسِلَهٗ اَحَدٌ غَيۡرِي فَاِنَّهٗ لَا يَرَا اَحَدٌ عَوۡرَتِي الا طُمِسَتَ عَيۡنَاهُ مون کي نبي ڪريم جن وصيت فرمائي ته کين مون کان سواءِ ڪو ٻيو غسل نه ڏياري پوءِ بلاشڪ ڪو هڪ به منهنجي اوگهڙ ڏسندو ته ان جون اکيون ميٽجي منهن جي برابر ٿي وينديون . ابنِ سعد وڌيڪ هي به آندو آهي ته: حضرت علي d فرمايو پوءِ فضل حضرت عباس d جو پٽ ۽ اسامه بن زيد d حضور ڪريم جي غلام زيد جو پٽ مون کي پردي کان پويان ان حال ۾ پاڻي ڏيندا ٿي ويا جو سندن اکيون ٻڌل هيون حضرت علي d فرمايو ته پوءِ مون غسل جي لاءِ سندن ڪو به عضوو کنيو ٿي ته ائين ٿي سمجهيم ته مون سان ٽيهه شخص ٻيا به کڻي رهيا هئا تان جو مان سندن غسل کان فارغ ٿيس ۽ حضرت عباس d ۽ ان جو پٽ فضل d سندن تعاون ڪري رهيا هئا ۽ قثم ۽ اسامه d ۽ حضور ڪريم جن جو غلام نشوان d به اکيون ٻڌل حضرت علي d کي پردي جي پويان پاڻي ڏئي رهيا هئا. ۽ کين  مشڪ ۽ ٻي خوشبوءِ نه لڳائي وئي هئي. ڇوته پاڻ خود مشڪ وغيره کان وڌيڪ خوشبودار هئا علامه مناوي  هن حديث جي شرح جي آخر ۾ لکيو آهي ته ”هن مذڪور حالت تي ڪنٽرول ڪري ديني امور کي سنڀالڻ ۾ حضرت ابو بڪر صديق d جي اصحابن وٽ جليل القدر هجڻ ۽ مرتبي جي علو ۽ قلب جي قوت ۽ علم ۾ فائق هجڻ سندس اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ ۾ خلافت کان پهريان به سندس ڪمال واري هجڻ جو دليل آهي خلافت کان پويان به علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته :  عقيدو رکڻ گهرجي ته رسول الله جن دنيوي احڪام جي لحاظ کان وفات ڪيل آهن نه ته پاڻ الله وٽ زندهه آهن ان ڳالهه تي امام غزالي  نص ڪندي فرمايو آهي ته رسول الله جن هن جهان ۾ اسان جي ظاهري اکين کان لڪل آهن. نه ته پاڻ الله وٽ زندهه آهن ۽ اها ڳالهه الله جي ڪلام ڪريم مان ثابت آهي. اڳتي لکيو اٿس ته : اصحاب ڪرام وٽ حضرت ابو بڪر ئي صاحب رسول الله جي لقب سان مشهور هو ۽ اهي کيس گهڻو ڪري ان لقب سان ياد ڪندا هئا. سڀني جو ان تي اتفاق آهي ڇوته قرآن ڪريم ۾ کيس اهو لقب ڏنل آهي اڳتي لکيو اٿس ته رسول الله جي رحلت وقت سڄي معاملي کي درست ڪرڻ اصحاب ڪرام کي سمجهائڻ هي حضرت ابو بڪر صديق d جي يقين جي قوت مشاهدو ڪري ان جي طرفان قرآن ڪريم جون آيتون ٻڌي سڪون ورتو هو ۽ اهو به لکيو اٿس ته هتي حديث ۾ آيل لفظ ”يصلون“ سان سياق جي ڪري مراد درود شريف پڙهڻ آهي ۽ کين مزار مبارڪ ۾ لاهڻ وارن ۾ اختلاف آهي . پر صحيح قول هي ته حضرت علي d حضرت عباس d ۽ سندس سؤٽ فضل ۽ قثم f هئا ۽ بخاري شريف ۾ روايت آهي ته وليد بادشاهه جي دور ۾ حجره مبارڪ جي هڪ ڀت ڪري پئي ۽ اها ٺاهڻ لڳا ته ٺاهڻ وارن جي اڳيان هڪ پير مبارڪ ظاهر ٿيو پوءِ ڊڄي ويا ۽ سمجهايائون ته شايد اهو رسول الله جو قدم مبارڪ آهي پر ان کي ڪو ٻيو ماڻهو ڪونه پيو ملي جيڪو صحيح ڳالهه ٻڌائي تانجو مروت انهن کي ٻڌايو ته هي حضرت عمر فاروق d جو قدم آهي ۽ آجري صاحب عروه d کان وڌيڪ روايت ڪندي آندو آهي ته ماڻهو رسول الله جن جي قبر شريف ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز d حڪم ڪيو ته ڀت مبارڪ مٿي کڻي وڃي تانت قبر مبارڪ تائين ڪو پهچي نه سگهي جڏهن اها ڀت مبارڪ ڪري پئي ته هڪ قدم مبارڪ پني ۽ گوڏي سميت ظاهر ٿيو ۽ حضرت عمر بن عبدالعزيز d به ڊڄي ويو پوءِ عروه چيو ته اهو قدم حضرت عمر بن خطاب d جو آهي ته پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز d جي پريشاني دور ٿي محدث ابنِ حجر مڪي هيتمي  هي به لکيو آهي ته حضرت علي d فرمايو ته ميت کي وهنجارڻ مهل ان مان پليتي وغيره نڪرندي آهي پر رسول الله جن بلڪل پاڪ ۽ صاف هئا. حضرت حبيب ڪريم جن کي غسل ڏيڻ مهل اهڙي خوشبوءِ هلي هئي جو اهڙي خوشبوءِ انهن ڪڏهن به نه سنگهي هئي. ۽ ابن الجوزي  حضرت امام جعفر صادق d کان روايت آندي آهي ته غسل وقت جيڪو پاڻي حضور ڪريم جن جي پاڪ پنبڻين ۾ گڏ ٿيو هو اهو حضرت علي d چوسيندو ٿي ويو۔                                                                 (اشرف الوسائل ص 572، 575)

سيد امير گيلاني  هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته جنهن نماز ۾ حضور ڪريم جن ٻاهر آيا هئا ۽ حضرت ابو بڪر صديق d  پوئتي هٽڻ لڳو هو اها سندن دنيا تان رحلت ڪرڻ جي آخري ڏينهن جي فجر جي نماز هئي. سندن مٿان نماز پڙهڻ جي هيئت هيءَ هئي. جو ٽولا ٿي حجره مبارڪ ۾ داخل ٿيندا تڪبير ۽ دعا ۽ صلواة پڙهندا نڪرندا ٿي آيا خود حضرت علي d فرمايو هو ته ڪوبه ان نماز ۾ امامت نه ڪري. حضور ڪريم جن سڀني جا دنيوي ظاهري زندگي وانگر هينئر به امام آهن اڳتي لکيو اٿس ته حجره مبارڪ ۾ ڏهه ڏهه ڄڻا داخل ٿي ٿيا ڇوته حجره مبارڪ ننڍو هو ۽ صلواة ۽ سلام سان ڪجهه دعائون گهري ٻاهر آيا ٿي. سيد موصوف قاضي سليمان منصور پوري جي حوالي سان لکيو آهي ته حضور ڪريم جن تي نماز ۾ هيءَ دعا هئي.

  اِنَّ اللھ وَمَلٰئِکَتَھ  یُصَلُّوۡنَ عَلَی النَّبِیِّؕ یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیۡھ وَ سَلِّمُوۡا تَسْلِیۡمًا اَللّٰهُمَّ رَبَّنَا لَبَّيۡکَ وَسَعۡدَيۡکَ صَلٰوةُ اللهِ الۡبَرِّ الرَّحِيۡمِ وَالۡمَلَائِکَةِ الۡمُقَرَّبِيۡنَ وَالنَّبِيِيۡنَ وَالصِّدِيۡقِيۡنَ وَالشُّهۡدَاءِ وَالصَّالِحِيۡنَ وَمَا سَبَّحَ لَکَ مِنۡ شَيءِ يَا رَبَِ الۡعٰلِمِيۡنَ عَلٰي سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ بِنۡ عَبۡدِاللهِ خَاتَمِ النَّبِيِيۡنَ وَ سَيِّدِ الۡمُرۡسَلِيۡنَ وَاِمَامِ الۡمُتَّقِيۡنَ وَرَسُوۡلِ رَبِّ الۡعٰلِمِيۡنَ الشَّاهِدِ الۡبَشرِ الدَّاعِي بِاِذِنِکَ السِّرَاجِ الۡمُنِيۡر وَ بَارِکَ  وَسَلَّمۡ

(حضرت عباس، حضرت علي، حضرت عباس جي ٻن پٽن فضل ۽ قثم ۽ حضور ڪريم جي آزاد ڪيل غلام زيد جي پٽ اسامه بن  زيد ۽ صالح حبشي کي به حضرت ابوبڪر صديق d چيو هو ته اوهان حضور ڪريم جن کي غسل ڏيارجو ۽ بعض محدثن آندو آهي ته حضرت علي d جي اجازت سان اوس انصاري حضرت سعد بن ابي وقاص d جي کوهه تان غسل جي لاءِ پاڻي ڀري پهچايو هو. حجره مبارڪ  ۾ مذڪوره شخصيتون هيون ۽ کين ڪپڙن ۾ غسل ڏياريو ويو هو (کمامر) (انوار غوثيه ص  572، 576) بعض شارحن لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جنهن نماز پڙهائڻ سان حضرت ابوبڪر صديق dکي شروعات ڪرائي هئي اها سومهڻي نماز هئي ۽ حضرت ام المومنين سيده عائشه صديقه (g و عن ابيها) جيڪو کين عرض ڪيو هو ته : منهنجو پيءُ دل جو نرم آهي اوهان جي جاءِ تي بيهي نه سگهندو سو واقعي ائين هو پر ڪم جي نازڪ هجڻ ۽  اهم هجڻ جي ڪري حبيب ڪريم حضرت ابوبڪر صديق d کي ان جي لاءِ ۽ بعد ۾ خلافت جي لاءِ اهميت ڏيندي هر صورت ۾ اهو حڪم جاري ڪري ان تي عمل ڪرايو ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته سيده عائشھ صديقھ g سان گڏجي سيده حفصه g ٻنهي کين عرض ڪيو ته ڀلا حضرت عمر فاروق d کي چئو ته اهو نماز پڙهائي پر حضور ڪريم جن ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ پاڻ فرمايو هيائون ته”الله ابو بڪر کان سواءِ ٻئي جي لاءِ انڪار ٿو ڪري ۽ مومن به ٻئي جي لاءِ انڪار ڪندا “ حضرت ابوبڪر صديق d حضرت نبي ڪريم جي رضا تي راضي رهي صبر کي برقرار رکندي سترهن نمازون جمعي جي رات کان وٺي سومر جي صبح واري نماز فجر تائين پڙهايون ۽ سومر جي منجهند ڌاري سندن دنيا تان رحلت ٿي.                                                                                            فضائل النبي ص 236. 237)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : جڏهن ته حضور ڪريم جن جي رحلت جي خبر ٻڌي مخالفن، منافقن ۽ ڪافرن جي حملن ۽ فتنن جو سخت خطرو هو ۽ حضور ڪريم جن جي ٽيويهه سال لڳايل ۽ سنڀاليل باغ کي مڪمل طور سنڀالڻ جي ضرورت هئي ۽ انهن اهم امور سميت حضرت حبيب ڪريم جن جهڙي دلبر جي جدائي جنهن جي مٿان اهي پنهنجا سر،، ٻچا، گهر، مال گهور ڪري چڪا هئا ان جو برداشت ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي. ۽ حضرت ابوبڪر صديق d جي شخصيت ئي هئي جنهن کان هر ڳالهه صحابي پڇي ان تي عمل ڪري رهيا هئا. اڳتي لکيو اٿس ته حضرت ابوبڪر صديق d جي بيعت جي ابتداء انصارن  سڳورن وٽ ٿي هئي. ۽ ان کان پوءِ عام بيعت نبوي مسجد ۾ ٿي هئي. (خصائل نبوي ص 369، 370)

علامه البيجوري  لکيو آهي ته : نبي ڪريم جن تي سٺ هزار ملائڪن ۽ ٽيهن هزارن اصحابن رضي الله عنهم نماز پڙهي هئي ۽ سڀني جدا جدا ٿي پڙهي ۽ جڏهن حضرت ابوبڪر صديق d انصارن جي قول ” اسان مان به  امير ۽ اوهان مان به امير هجي“ ٻڌو ته ان کي عقلي دليل سان ته ٻن اميرن جي ڪري تناقض ۽ راءِ جو اختلاف ٿي سگهي ٿو) رد نه ڪيو بلڪه انهن کي نبوي حديث ٻڌايائين جيڪا ٻين به چاليهن اصحابن روايت ڪئي هئي ته اَلۡاَئِمَّةُ مِنۡ قُرَيۡشِ (ملڪي سربراهه) اڳواڻ قريشين مان هوندا.

سوال: روايت ۾ اچي ٿو ته حضرت عليd ۽ حضرت عباسd حضرت ابوبڪر صديق d جي ان بيعت ۾ راضي نه هئا؟

جواب: حضرت علي d ۽ حضرت عباس d جڏهن بيعت ڪئي هئي ته ان جي وضاحت ڪندي فرمايو هيائون ته : اسان کي اٿنديئي مشوري ۾ نه رکيو ويو اهو اسان کي ڏک ٿي پيو هو نه ته اسين به ڏسون ٿا ته خلافت جو وڌ ۾ وڌ حقدار حضرت ابوبڪر صديق d آهي. اهو ئي رسول الله جن جو غار جو صاحب، ساٿي آهي ۽ ان جــي شرف ۽ ڀلـي هـجڻ کي اسين سمجهون ۽ سڃاڻون ٿا.

سوال: کين مشوري ۾ ڇونه رکيو ويو؟

جواب: ان جي ڪري جو حضرت ابوبڪر صديق d ۽ حضرت عمر فاروق d کي انهن تي اعتماد هو ته اهي هن ڳالهه کي سمجهن ٿا حضرات انصار سڳورا متان هيءَ ڳالهه نه سمجهن ۽ ڪو قدم کڻي وهن ته پوءِ انتشار ٿي ويندو. اول انهن وٽ آيا ۽ انهن کي سمجهائي اتفاق ۽ اتحاد پيدا ڪري وڌائون.                                                                 (المواهب ص 658، 668)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الوفاة من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 3 ص 254 {2} ابن ماجھ في کتاب امامة الصلواة والسنة فيها باب 142 {3} ابن خزيمة في صحيحھ رقم الحديث 1624 ج 3 ص 59، 60.

{397} حَدَّثَنَا نَصْرُ بْنُ عَلِيٍّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الزُّبَيْرِ ، شَيْخٌ بَاهِلِيٌّ قَدِيمٌ بَصْرِيٌّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا ثَابِتٌ الْبُنَانِيُّ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : لَمَّا وَجَدَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ كُرَبِ الْمَوْتِ مَا وَجَدَ ، قَالَتْ فَاطِمَةُ : وَاكَرْبَاهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لاَ كَرْبَ عَلَى أَبِيكِ بَعْدَ الْيَوْمِ ، إِنَّهُ قَدْ حَضَرَ مِنْ أَبِيكِ مَا لَيْسَ بِتَارِكٍ مِنْهُ أَحَدًا الْمُوافَاةُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ.

بامحاوره ترجمو: انس بن مالڪ کان روايت آهي ته جڏهن رسول الله جن وفات جي وقت اها تڪليف محسوس ڪئي جيڪا محسوس ڪيائون ته فاطمه d فرمايو : افسوس تڪليف! ته پاڻ فرمايائون اڄ کان پوءِ تنهنجي پيءُ تي ڪا تڪليف نه ايندي اڄ تنهنجي پيءُ وٽ اهو حاضر ٿيو آهي جنهن کان ڪوبه ڇٽندڙ ناهي، ملاقات قيامت جي ڏينهن آهي.

مفردات جو شرح: ”كَرۡبَ ڏکيائي، سختي، تنگي. تڪليف.

سمجهاڻي: سيده فاطمھ g حضور ڪريم جن جي تڪليف کي ڏسي فرمايو ”هاءِ منهنجي بابي ڪريم جي تڪليف، مطلب اهي الفاظ سيده جي زبان مبارڪ مان بي اختيار نڪتا هئا ۽ سيده کي پنهنجي دلبر بابا جي تڪليف جو وڏو صدمو پهتو هو جنهن جو اظهار پاڻ ڪريم جن کي مزار مبارڪ ۾ رکڻ کان پوءِ حضرت انس d سان هن طرح ڪيو هيائين. يَا اَنَسُ اَطَابَتۡ نَفۡسُکَ اَنۡ تَحۡثُوَ عَلٰي رَسُوۡلُ اللهِ التُّرَابَ اي انس! ڇا تنهنجي دل کي اها ڳالهه وڻي جو الله جي رسول تي مٽي ورايَو؟ ۽ سيده سڳوريءَ حضرت نبي ڪريم جن جي مزار مبارڪ جي مٽي کڻي پنهنجي اکين مبارڪن تي رکي شعر چيا هئا جيڪي مٿي لکي آيا آهيون. (انوار غوثيه ص 578) علامه البيجوري  لکيو آهي ته حبيب ڪريم جن کي اها تڪليف سندن مراتب کي اڃان وڌيڪ ترقي ڏيارڻ جي لاءِ هئي ۽ جڏهن سيده فاطمه g فرمايو : هاءِ منهنجي پيءُ جي تڪليف“ ته پاڻ فرمايائون ”اڄوڪي ڏينهن کان پوءِ تنهنجي پيءُ تي ڪابه تڪليف نه رهندي“ ڇوته اها تڪليف جسماني تعلقات جي ڪري هئي ۽ اڄ  کان پوءِ اهي ڏسڻ ۾ اچڻ وارا تعلقات قائم نه رهندا ڇوته پاڻ قدسيه حضور ڏانهن منتقل ٿي رهيا هئا پوءِ سندن اها تڪليف جلد ختم ٿيڻ واري هئي ان کان پوءِ پاڻ انهن سهڻين نعمتن ڏانهن منتقل ٿي رهيا هئا جيڪي نه ڪنهن اک ڏٺيون ۽ نه ڪنهن ڪن ٻڌيون ۽ نه ڪنهن انسان جي دل تي چڀڪيون هونديون، دنيا جون تڪليفون ختم ٿيڻ واريون آهن ۽ آخرت جون مهربانيون باقي آهن ۽ سيده کي اهو فرمايائون ته ”تنهنجي پيءُ وٽ اهو آيو آهي جيڪو ڪنهن کي به ڇڏيندو ناهي. يعني دنيا تان انتقال هڪ اهڙو الاهي امر آهي جنهن کان ڪوبه بچي نه سگهيو آهي. ۽ ”موافاة“ يعني ملاقات قيامت جي ڏينهن ٿيندي. (المواهب ص 668، 669) علامه علي القاري  لکيو آهي ته : بعض جو قول آهي ته حضور ڪريم جن کي تڪليف امت جو غم هو ته سندن انتقال کان پوءِ انهن ۾ فتنا ۽ فساد پيدا ٿيندا. پر علامه موصوف لکيو آهي ته : هي قول ڪابه حيثيت نه ٿو رکي ڇوته ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن رحلت ڪرڻ سان سندن امت تي شفقت ختم ٿي ويندي پر ائين ناهي  حقيقت هيءَ آهي ته سندن شفقت امت تي قيامت تائين قائم آهي ڇوته پاڻ سندن رحلت کان پوءِ اچڻ وارن لاءِ به نبي آهن ۽ انهن جا اعمال سندن خدمت ۾ پيش ڪيا ويندا آهن.         (جمع الوسائل ج 2 ص 222، 223)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب الجنائز باب 65 ذکر وفاتھ و دفنھ رقم الحديث 1229 {2} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6579 ج 8 ص 210 {3} الدارمي في المقدمة باب 14 رقم الحديث 87 ج 1 ص 54 {4} النسائي في کتاب الجنائز باب 13 في البکاء علي الميت ج 4 ص 12 ، 13 {5} الحاکم ج 1 ص 381، 382.

{398} حَدَّثَنَا أَبُو الْخَطَّابِ زِيَادُ بْنُ يَحْيَى الْبَصْرِيُّ ، وَنَصْرُ بْنُ عَلِيٍّ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ رَبِّهِ بْنُ بَارِقٍ الْحَنَفِيُّ قَالَ : سَمِعْتُ جَدِّي أَبَا أُمِّي سِمَاكَ بْنَ الْوَلِيدِ ، يُحَدِّثُ أَنَّهُ سَمِعَ ابْنَ عَبَّاسٍ ، يُحَدِّثُ أَنَّهُ سَمِعَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : مَنْ كَانَ لَهُ فَرَطَانِ مِنْ أُمَّتِي أَدْخَلَهُ اللَّهُ تَعَالَى بِهِمَا الْجَنَّةَ ، فَقَالَتْ عَائِشَةُ : فَمَنْ كَانَ لَهُ فَرَطٌ مِنْ أُمَّتِكَ ؟ قَالَ : وَمَنْ كَانَ لَهُ فَرَطٌ يَا مُوَفَّقَةُ قَالَتْ : فَمَنْ لَمْ يَكُنْ لَهُ فَرَطٌ مِنْ أُمَّتِكَ ؟ قَالَ : فَأَنَا فَرَطٌ لِأُمَّتِي ، لَنْ يُصَابُوا بِمِثْلِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته : منهنجي امت مان جنهن جا ٻه نابالغ ٻار گذاري وڃن (۽ پيءُ ماءُ صبر ڪن) ته انهن جي ڪري الله (معصوم ٻارن جي) پيءُ ماءُ کي بهشت ۾ داخل ڪندو. تنهن تي سيده عائشھ صديقھ g عرض ڪيو ته اوهان جي امت مان اهو شخص جنهن جو هڪ نابالغ ٻار مري ويو هجي ته ان لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟ ”پاڻ ڪريمن فرمايو ته هائو جنهن جو هڪ نا بالغ ٻار مري ويو هجي اي توفيق ڏنل! ته اهو به جنتي آهي. عرض ڪيائين پوءِ جنهن لاءِ اوهان جي امت مان نا بالغ ٻار نه هجي ته پاڻ فرمايائون پوءِ پنهنجي امت جو اڳواڻ آهيان جنهن منهنجي مثال ڪا تڪليف نه ڏنا ويندا.

مفردات جو شرح: ”فَرَطٌ ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويل ٻار. قافلي جي پهچڻ کان پهريان هڪ شخص جو مقرر مقام تي پهچي پاڻيءَ ۽ گاهه وغيره جو انتظام ڪرڻ.

سمجهاڻي: فرمان مبارڪ آهي ”جنهن شخص جا منهنجي امت مان ٻه ننڍڙا ٻار فوت ٿي وڃن الخ“ مطلب ته سندن امت مان جيڪڏهن ڪنهن جا ٻه ٻار ننڍي عمر ۾ فوت ٿي وڃن ته اهي ان جي لاءِ آخرت جو ذخيرو آهن اهي ان جي الله وٽ سفارش ڪندا ۽ ان کي بخشش ڏياري جنت ۾ وٺي ويندا انهن جي ذريعي اهو جنت ۾ ويندو. گويا ان جي لاءِ جنت ۾ وڃڻ جا هي وسيلو بنجندا ۽ جن جو ڪو ننڍو ٻار وفات نه ڪري ويو آهي ته ان جي لاءِ پاڻ فرمايائون”مان آهيان“ ۽ جڏهن ته سندن امت امتِ اجابت آهي ان جي ڪري پاڻ سندن شفاعت ڪندا. حديث شريف ۾ آهي اَنَا فَرَطُکُمۡ عَلَي الۡحَوۡضِ (مان اوهان جو حوض (ڪوثر) تي اڳواڻ (انتظام ڪندڙ) هوندس) اول وڃي اوهان جي لاءِ سهوليت ۽ آرام جو انتظام ڪندس ۽ پاڻ ننڍي ٻار جي نمازِ جنازه ۾ دعا جا جيڪي الفاظ سيکاريائون انهن ۾ هي به آهياَللّٰهُمَّ اجۡعَلۡهُ لَنَا فَرَطًا ( اي الله ! ان کي اسان جو اڳواڻ بناءِ) جيڪو اسان جي شفاعت جو ذريعو بنجي. اڳتي ارشاد آيو ”منهنجي مثال ڪا تڪليف نه ڏنا ويندا“ مطلب ته منهنجي ظاهري جدائي جهڙو صدمو ٻيو ڪوبه نه پهچندن. هي ناقابل برداشت صدمو اٿن پر ان تي به صبر کان سواءِ ڪو چارو ناهي. (انوار غوثيه ص 580، 581) ۽ هن حديث ۾ حضور ڪريم جن سيده عائشھ صديقھ g کي فرمايويَا مَوَفَّقَةُ اي توفيق ڏنل. يعني ديني مسائل جي سمجهڻ جي لاءِ توفيق ڏنل. هن پيار واري لفظ ۾ کيس شرعي مسائل جي پڇڻ جي لاءِ حرص ڏياريل آهي ۽ ان جي ڪري سيده وڌيڪ سوال به ڪيو هو ته ”جنهنجي لاءِ اڳ ۾ وفات ڪيل هڪ ٻار به نه هجي؟ ته پاڻ جواب ۾ ارشاد فرمايائون. ”پوءِمان پنهنجي امت جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪندڙ آهيان“ ۽ هن امت مان مراد سندن سڏ کي قبول ڪرڻ واري امت (امت اجابت) آهي ۽ پاڻ اهو به فرمايائون ته ”منهنجي جدائي جهڙي مصيبت نه ڏنا ويندا“ ڇوته پاڻ امت کي پيءُ ماءُ ۽ اولاد کان وڌيڪ پيارا آهن ان جي ڪري سندن جدائي انهن جي لاءِ سڀني ڏکن کان وڏو ڏک آهي ۽ ان جي ڪري پاڻ پنهنجي رحلت واري بيماري ۾ فرمايو هيائون جيئن سنن ابنِ ماجھ ۾ روايت آهي ”اي انسانو! جيڪڏهن ماڻهن مان يا الفاظ آهن ته ”مومنن مان ڪو تڪليف ڏنو وڃي ته اهو مون کي ڏنل تڪليف سان سبق حاصل ڪري بلاشڪ منهنجي امت مان ڪو هڪ امتي به منهنجي تڪليف کان پوءِ مون کان وڌيڪ تڪليف نه ڏنو ويندو ۽ مدينه منوره ۾ جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن مصيبت سان تڪليف ڏنو ويندو هو ته ان وٽ ٻيو مسلمان اچي ان کي هٿ ملائي چوندو هو ته ”اي الله جا ٻانها! الله کان ڊڄ ( بي صبري نه ڪر) بلاشڪ رسول الله جي ذات ۾ سهڻي اڳواڻي آهي“ ۽ مسلم شريف جي روايت آهي ته جڏهن الله ڪنهن  امت سان ڀلائي جو ارادو ڪندو آهي ته انهن کان اڳي انهن جي نبي (عليه الصلٰوة والسلام) کي رحلت ڪرائيندو آهي ۽ ان کي سندن جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪندڙ ۽ اڳواڻ  ڪندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن امت جي هلاڪ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته انهن جو نبي زندهه هوندو آهي ان کي ڏيکاريندو آهي ته ان جي بي فرمانن کي عذاب ٿي رهيو آهي تانت پنهنجي دشمنن کي هلاڪ ٿيندي ڏسي ۽ ان جون اکيون ٺرن جو ان کي ڪوڙو چئي ان جي بي فرماني ڪئي هيائون.

            (المواهب ص 669، 670. جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 223) اشرف الوسائل ص 588)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 1 ص 334 {2} البيهقي في سننھ ج 4 ص 68 {3} الخطيب في تاريخ بغداد ج 12 ص 208 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1550 ج 5 ص 456، 457.

 

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting