خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب اوڻيتاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي نَوْمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اُهي حديثون آيل آهن جيڪي

 حضرت رسول الله جي ننڊ ڪرڻ جي صفت ۾ آهي

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ اشرف الرسل، هاديء کُلُّ، حضور پُرنور جي ننڊ ڪرڻ جي طريقي ۽ انهن دعائن جو ذڪر آهي جيڪي ننڊ کان اڳي يا پوءِ پڙهندا هئا. يا ننڊ مان اٿي پڙهي هٿن تي ڦوڪي هٿ مبارڪ بدن تي گهمائيندا هئا . هن ۾ سندن کونگهرن هڻڻ ۽ ننڊ مان اٿي وضو ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙهڻ جو به ذڪر آهي ۽ اها حضرت نبي ڪريم جي خصوصيت آهي. ٻيو ڪير به ائين ڪري ڪونه ٿو سگهي ننڊ جي آداب مان هي به آهي ته وضو ڪري سمهجي بخاري ۽ مسلم ۾ آهي ته اِذَا اَخَذۡتَ مَضۡجَعَکَ فَتَوَضَّا وُضوءَکَ لِلصَّلٰوة جڏهن تون پنهنجي بستري تي (ننڊ ڪرڻ جي لاءِ) اچين ته نماز جي وضو وانگر وضو ڪر.“ (انوارِ غوثيھ ص 338)

علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته جڏهن ته ننڊ رات جــــي ڳالهه ٻولهه، ڪچهريءَ کان پوءِ ڪئي ويندي آهي ان جي ڪري مناسب هو ته ان کان پوءِ هتي ننڊ جو باب آندو وڃي.

ننڊ ڇا آهي ؟ : هيءَ هڪ قسم جي ڳري غشي آهي جيڪا قلب تي حاوي ٿيندي آهي ۽ ان کي شين جي سڃاڻڻ کان ڪٽي ڇڏيندي آهي. ان لحاظ سان اها هڪ مصيبت آهي ۽ ان جي ڪري چيو ويو آهي ته : ننڊ موت جي ڀيڻ آهي ۽ اوجهراڻي جو مٿي ۾ اثر هوندو آهي ۽ اوٻاسي جو اکين ۾ اثر هوندو آهي ۽ ڪن جو قول آهي ته اوجهراڻي ننڊ جي هوا آهي جيڪا منهن کان شروع ٿي قلب ڏانهن ويندي آهي. اول اوجهراڻي ايندي آهي پوءِ ننڊ وٺندي آهي. هن باب ۾ ڇهه حديثون آهن. 

{254} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنّٰى قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْرَائِيلُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ يَزِيدَ ، عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِذَا أَخَذَ مَضْجَعَهُ وَضَعَ كَفَّهُ الْيُمْنَى تَحْتَ خَدِّهِ الأَيْمَنِ ، وَقَالَ : رَبِّ قِنِي عَذَابَكَ يَوْمَ تَبْعَثُ عِبَادَكَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت براء بن عازب d کان روايت آهي ته جنهن وقت رسول الله جن پنهنجي بستري تي آرام ڪندا هئا ته پنهنجو ساڄو هٿ مبارڪ ساڄي ڳل مبارڪ هيٺان رکي، (ڪعبي شريف ڏانهن منهن ڪري) سمهندا هئا۽ هيءَ دعا پڙهندا هئا :

(ترجمو : اي منهنجا پالڻهار! مون کي (قيامت جي) عذاب کان بچاءِ جنهن ڏينهن تون پنهنجن ٻانهن کي (حساب ڪتاب لاءِ، اٿاريندين!!

مفردات جو شرح: ”مَضْجَعَهُ (جيم جي زبر ۽ زير سان) ننڊ ڪرڻ وارو بسترو يا ننڊ ڪرڻ واري جاءِكَفَّهُ الْيُمْنٰى پنهنجي سڄي هٿ جي تري. ”اَلکَفَّ“ آڱرين سميت تريءَ کي سڏيو ويندو آهي. تري ان نالي سان ان جي ڪري سڏي وئي جو اها گندگي کي بدن کان پري رکي ٿي.خَدِّهِ ڳل کي خد سڏيو ويندو آهي. 

سمجهاڻي: هن حديث مان معلوم ٿيو ته سڄي پاسي تي ليٽي سڄو هٿ ساڄي ڳل جي هيٺان رکي سمهڻ سنت آهي ڇوته حضرت نبي ڪريم جن  ان طريقي سان آرام ڪندا هئا. ان ۾ اها به حڪمت آهي ته سڄ پاسو کٻي کان وڌيڪ شرف ۽ شان وارو آهي ۽ کاٻي پاسي تي سمهڻ ۾ ننڊ گهاٽي اچي ٿي اهو دل لاءِ نقصانڪار آهي پر اهو اسان جي حق ۾ آهي حضور ڪريم جي حق ۾ ناهي. رسول الله جن جو ساڄي پاسي تي سمهي ننڊ ڪرڻ ان جي شرف واري هجڻ جي ڪري ۽ امت جي تعليم لاءِ ۽ شريعت بنائڻ جي لاءِ هو۽ انسان جڏهن ساڄي پاسي تي سمهڻ کي عادت بنائيندو ته پوءِ کاٻي پاسي تي سمهڻ سان گهاٽي ننڊ نه اينديس. جنهن مان معلوم ٿيو ته گهاٽي ننڊ اچڻ يا نه اچڻ جو دارومدار عادت تي آهي ان جي ڪري محقق ابو زرعة ߋ فرمايو آهي ته مون سڄي پاسي تي سمهڻ کي عادت بنايو ته پوءِ جڏهن کاٻي پاسي تي سمهندو هوس ته بي چيني ۽ اضطراب ٿيندو هو ۽ گهاٽي ننڊ نه ايندي هئي ان جي ڪري وڌيڪ بهتر آهي ته ساڄي پاسي تي سمهڻ جي عادت بنائي وڃي ته اهو تشريف ۽ تڪريم جي ڪري مشرف ۽ مڪرم آهي ۽ علامه مناوي ߋ فرمايو ته ”مون کي کاٻي پاسي تي سمهڻ کان سواءِ گهاٽي ننڊ نه ايندي هئي. ابو زرعة ߋ محقق جي ڳالهه ٻڌڻ کان پهريان مان ان تي عجب کائيندو هوس. جڏهن اها ڳالهه پڙهيم ته ڏاڍو خوش ٿيس ۽ الله جو ان تي حمد ڪيم. دعا جا الفاظ رَبِّ قِنِي عَذَابَکَ يَوۡمَ تَبۡعَثُ عِبَادَکَ“ جو مطلب ته يا الله ! جڏهن پنهنجن ٻانهن کي حشر ۾ حساب ڪتاب جي لاءِ اٿاريندين ته مون کي پنهنجي عذاب کان بچائجان ۽ ”حِصنَ حَصينَ“ دعا جي ڪتاب ۾ آهي ته ”پاڻ اها دعا ٽي ڀيرا گهرندا هئا.

اعتراض: حضور ڪريم جن ته هر قسم جي گناهه کان معصوم آهن ۽ سندن مرتبو ته مٿي آهي پوءِ دعا ۾ مون کي پنهنجي عذاب کان بچائجان الفاظ ڇو آندائون؟

جواب: ان ۾ سندن تواضع ۽ انڪساري جو اظهار آهي ۽ الله جي اڳيان ان جي ربوبيت واري حق جو اقرار آهي . امت جي لاءِ به تعليم آهي ته اهي سندن اقتداء ڪري الله کان پناهه گهرندا رهن. ۽ ننڊ جي وقت اها دعا گهرڻ ۾ اها به حڪمت آهي ته ممڪن آهي اها عمر جي آخري گهڙي هجي. ۽ سندس آخري عمل الله جو ذڪر ۽ ان جي بارگاهه ۾ التجا هجي ۽ هن دعا ۾ بعث (قبر مان اٿڻ) جو ذڪر به اهو ٻڌائڻ جي لاءِ آهي ته ننڊ موت جي ڀيڻ آهي ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ قبر  مان اٿڻ جي برابر آهي ۽ ان جي ڪري ئي حضور ڪريم جن ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ هي دعا پڙهندا هئا. اَلۡحَمۡدُلِلّٰهِ الَّذِي اَحۡيَانَا بَعۡدَ مَا اَمَاتَنَا وَاِلَيۡهِ الۡبَعۡثُ وَالنُشُوۡرُ (سڀ ساراهه ان الله جي لاءِ ثابت آهي جنهن اسان کي موت واري حالت ۾ هجڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ ان ڏانهن ئي اٿڻ ۽ پيش ٿيڻ آهي. (جيئن اڳتي ايندو) (المواهب شرح الشمائل ص 446)

   علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته : هن روايت ۾ دليل آهي ته سڄي پاسي سمهڻ مستحب آهي ڇوته اهو سجاڳ ٿيڻ ۾ جلدي ڪرائيندو آهي ۽ دل جيڪا کاٻي پاسي لٽڪيل آهي اها گهاٽي ننڊ ۾ پوڻ کان بچي پوي ٿي ۽ ساڄي پاسي تي سمهڻ ئي اهڙي هيئت آهي جنهن تي قبر ۾ مسلمان کي ليٽايو ويندو آهي باقي منهن ڀر اونڌو ٿي سمهڻ کان حضور ڪريم جن منع فرمائيندا هئا. ابنِ ماجه روايت آندي آهي ته رسول الله جن مسجد  مان لنگهندي منهن ڀر اونڌي ستل کي پير مبارڪ سان جاڳائيندي فرمايو ته ”اٿ يا ويهي رهه اها جهنم وارن جي ننڊ آهي“ مطلب ته اهي اونڌا ٿيا ڪريا پيا هوندا. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 60)

محبوب جو محبوب طريقو: علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته ” رسول الله جن رات جي شروعات ۾ (نمازِ عشاء کان پوءِ) ننڊ ڪندا هئا ۽ رات جي ٻئي اڌ اچڻ مهل سجاڳ ٿيندا هئا پوءِ ڏندڻ ڏيندا ۽ وضو ڪندا هئا ۽ پوءِ نماز (تهجد) پڙهندا هئا تان جو رات جو ڇهون حصو بچندو هو ته پوءِ پنهنجي اهل سان آرامي ٿيندا هئا، نه ضرورت کان وڌيڪ ننڊ ڪندا هئا نه هروڀرو ٿوري ننڊ ڪندا هئا. ۽ الله جو ذڪر ڪندي سڄي پاسي تي سمهندا هئا. ڪڏهن کجيءَ جي پنن سان ڀريل چمڙي تي آرام ڪندا هئا. ڪڏهن وارن سان ڀريل کَل تي، ڪڏهن تڏي تي ته ڪڏهن زمين تي به آرام فرمائيندا هئا. (اشرف الوسائل شرح الشمائل ص 365) بعضي طبيبن کاٻي پاسي تي سمهڻ کي بهتر قرار ڏنو آهي ڇوته ان سان گهاٽي ننڊ اچي ٿي. جنهن سان هاضمه بهتر ٿئي ٿو. ۽ اهو طبي لحاظ سان ڀلي صحيح هجي پر ان ۾ وڏو نقصان به آهي جنهن ڏانهن انهن جو ذهن نه ويو آهي، اهو هي آهي ته جڏهن دل هيٺان هوندي ته سڄي بدن جو زور ان تي پوندو . دل رئيس عضوو آهي ان تي باقي جسم جو ٿورو وزن پوڻ به ڪيترين بيمارين پيدا ٿيڻ جو سبب هوندو آهي ان جي ڪري ان ٿوري مصلحت کي ڏسي وڏي نقصان ۾ نه پئجي ۽ سڄي پاسي تي سمهڻ ڀلو آهي ۽ سڄي پاسي تي سمهڻ مرڻ کان پوءِ قبر ۾ سمهڻ جي ياد ڏياري ٿو ۽ موت کي ياد ڪرڻ جو حڪم به آهي ۽ موت کي ياد ڪرڻ ۾ ڪيترا ديني ۽ دنياوي فائدا حاصل ٿيندا آهن. انسان کي گهرجي ته هنن لذتن کي ختم ڪرڻ واري شيءِ کي گهڻو ياد ڪري ۽ حق هي آهي ته ماڻهو اهڙي شيءِ کي ڪيئن وساري جيڪا ضرور اچڻي آهي پر خبر ناهي ته ڪڏهن ايندي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في عمل اليوم والليلة باب ما يقول اذا آوى الى فراشه رقم الحديث 755 ص 450 {2} احمد في المسند ج 4 ص 300 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1310 ج 5 97 {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي 5 ص 145 {5} البخاري في الادب المفرد رقم الحديث 1220 ص 403 {6} الطبراني في الدعاء رقم الحديث 250 ج 2 ص 907 {7} ابنِ حبان في صحيحة رقم الحديث 5497 ج 7 ص 421.

{255} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْرَائِيلُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ أَبِي عُبَيْدَةَ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ ، مِثْلَهُ وَقَالَ : يَوْمَ تَجْمَعُ عِبَادَكَ.

سمجهاڻي: هن روايت جي معنى مفهوم سموري هن کان اڳئين حديث واري آهي ۽ هتي لفظ يَوۡمَ تبعَثُ عبادکَ جي بجاءِ يَوۡمَ تَجمَعُ عِبَاکَ آهي يعني جنهن ڏينهن پنهنجن ٻانهن کي حساب لاءِ گڏ ڪندين ان ڏينهن مون کي عذاب کان بچائجانءِ ۽ اهي قيامت ۾ اٿارڻ کان پوءِ گڏ ٿيندا. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ آندي وئي آهي. (المواهب ص 446)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في عمل اليوم و الليلة حديث رقم 756 ص 450 {2} ابنِ ماجھ في کتاب الدعاء باب 15 حديث رقم 3877 {3} احمد في المسند ج 1 ص 394 {4} الطبراني في الکبير حديث رقم 10084 ج 10 ص 123

{256} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَبْدِ الْمَلِكِ بْنِ عُمَيْرٍ ، عَنْ رِبْعِيِّ بْنِ حِرَاشٍ ، عَنْ حُذَيْفَةَ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ قَالَ : اَللَّهُمَّ بِاسْمِكَ أَمُوتُ وَأَحْيَا ، وَإِذَا اسْتَيْقَظَ قَالَ : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَحْيَانًا بَعْدَمَا أَمَاتَنَا وَإِلَيْهِ النُّشُورُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت حذيفه d چيو ته جنهن وقت نبي ڪريم پنهنجي هنڌ تي آرام ڪندا هئا ته هيءَ دعا گهرندا هئا :” اَللَّهُمَّ بِاسْمِكَ أَمُوتُ وَأَحْيَا (ترجمو : اي الله ! تنهنجي نالي جي برڪت سان منهنجو مرڻ ۽ جيئڻ آهي.) ۽ جڏهن پاڻ سڳورا ننڊ مان سجاڳ ٿيندا هئا ته هيءَ دعا چوندا هئا :  (ترجمو : سڀ تعريف الله جي لاءِ آهي جنهن موت کان پوءِ حياتي بخشي ۽ ان ڏانهن موٽڻو آهي.)

مفردات جو شرح: ”أَوَى متوجهه ٿيا، ارادو ڪيائون فِرَاشِهِ پنهنجي هنڌ، بستري ، وڇائڻ واري شيءِ ڏانهناِسْتَيْقَظَ ننڊ مان اٿيا، سجاڳ ٿيا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ رسول الله جي ان دعا جو ذڪر آهي جيڪا پاڻ بستري تي سمهڻ وقت پڙهندا هئا.اَللّٰهُمَّ  بِاسۡمِکَ اَمُوۡتُ وَ اَحۡيٰي (اي منهنجا الله! تنهنجي نالي سان ئي مران ٿو ۽ جيئرو ٿيان ٿو.) مطلب ته اي منهنجا الله ! تون ئي وفات ڪرائڻ وارو ۽ زندگي بخشڻ وارو آهين. ڄاڻڻ گهرجي ته ننڊ به هڪ قسم جو موت آهي، ان جي ڪري ئي چيو ويو آهي ته ننڊ ننڍو موت آهي. ”النوم هو الموت الاصغر“ ”اَللّٰهُمَّ“ لفظ جي معنى آهي يا الله! هن ۾ ميم نداء واري يا جو عوض آهي ان جي ڪري يا اللهم نه چيو ويندو آهي. اتفاقًا چوڻ ٻي شيءِ آهي ۽ ”بِاسۡمِکَ“ يعني يا الله ! مان تنهنجي نالي سان ئي سمهان ٿو ۽ اٿندس ۽ هتي ”الموت“ مان مراد ننڊ آهي جنهن سان هر حرڪت ۾ ادراڪ ڍڪجي ويندو آهي ۽ حياتيءَ مان مراد شعور  ۽ ادراڪ جو حاصل ٿيڻ آهي

دعا ۾ حڪمت سجاڳ ٿيڻ وقت دعا ۾ حڪمت هيءَ آهي ته مسلمان جو ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ پهريون عمل الله جي ذڪر، حمد ۽ شڪر تي مشتمل هجي. محدث الطيبي ߋ فرمايو ته : ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته انسان جي حياتي الله جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ ان جي ڪاوڙ ۽ عذاب کان بچڻ جي لاءِ هوندي آهي پوءِ جنهن ننڊ ڪئي ان کان اهو ننڊ وارو وقت الله جي رضا حاصل ڪرڻ کان رهجي ويو ان جي ڪري اهو اها گهڙي ميت وانگر آهي ۽ جڏهن ننڊ مان اٿيو ته ان ڏينهن اهو نفعو حاصل ڪرڻ موٽي آيو ان جي ڪري هن نعمت تي مٿين دعا پڙهي الله جو شڪر ۽ حمد ادا ڪيو وڃي ٿو. (المواهب شرح الشمائل ص 448) ۽ القرطبي ߋ فرمايو ته بِاسۡمِکَ اَمُوۡتُ هن ڳالهه تي دلالت ڪري ٿو ته اسم مان مراد مسمى آهي. يعني  تون ئي مون کي جيئرو رکين ٿو ۽ تون ئي مون کي ماريندين، ۽ اهو الله جي قول وانگر آهي ته سَبِّحَ اسۡمَ رَبِّکَ الۡاَعۡلٰي پنهنجي رب جي پاڪائي بيان ڪر ۽ مراد هي آهي ته : انسان هميشه ننڊ ۾ يا سجاڳيءَ ۾ زندگي ۾ يا مرڻ وقت الله جي ذڪر ۾ رهي. ۽اِلَيۡهِ النُّشُوۡرُ ان ڏانهن ئي اٿڻ آهي. جو مطلب ته قبرن مان اٿڻ به الله جي امر سان هوندو ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪو دخل ناهي، بعض علماء فرمايو ته : نفس (ساهه) ٻه قسم آهي هڪ جيڪو ننڊ وقت جدا ٿي وڃي ٿو اهوئي آهي جنهن سان فرق ۽ تميز ڪئي ويندي آهي. ٻيو جيڪو مرڻ وقت انسان کان جدا ٿيندو آهي ۽ انسان جي حياتي ختم ٿيندي آهي ۽ ننڊ کي موت سڏيو ويو ڇوته ان سان چرپر بند ٿي ويندي آهي. ۽ حضور ڪريم جن جي ننڊ مان اٿي ان دعا پڙهڻ مان قيامت جي ڏينهن لاءِ اٿڻ ڏانهن اشارو آهي ته جيڪو الله ننڊ مان سجاڳ ڪرڻ تي قادر آهي اهو جيئرو ڪري قبرن مان اٿارڻ تي به قادر آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 61) جڏهن ته ننڊ موت جي مشابه هئي ان جي ڪري سجاڳ ٿيڻ کي ٻيو ڀيرو زندهه هجڻ سان  تعبير ڪيو ويو آهي. علماء لکيو آهي ته : سمهي اٿڻ کان پوءِ هيءَ به سوچڻ جي شيءِ آهي ته اهڙي طرح مرڻ کان پوءِ قيامت ۾ ٻيو ڀيرو زندهه ٿي اٿڻو آهي. حقيقت ۾ الله هن دنيا کي آخرت جو مثال بنايو آهي ۽ هر قسم جون شيون غور ۽ فڪر جي لاءِ پيدا ڪيون اٿس. دنيا جي ساري زندگي هڪ خواب کان مٿي ناهي. هڪ ماڻهو نهايت خوشحال مالدار آهي هر قسم جي راحت جو سامان ان وٽ موجود آهي ۽ ان کي ڪنهن قسم جي ڪابه تڪليف ناهي جيڪڏهن اهو خواب ۾ ڏسي ته ان کي ڏنڊا هنيا وڃن ٿا. پاڻ کي هر قسم جي مصيبت ۾ گرفتار ڏسي ۽ اهو نه ٿو سمجهي ته هي خواب آهي اهو ان کان پريشان به هجي روئندو به رهي پر اوچتو ان جي اک کُلي وڃي ۽ ان کي سڀ آرام ۽ راحت حاصل ٿي وڃي ته  خواب جي تڪليف جو ان کي ذرو به احساس نه رهندو. اهڙي طرح هڪ ديندار جو حال سمجهو اهو هن دنيا ۾ جيتريون به تڪليفون برداشت ڪندو. اهي خواب آهن ۽ مرڻ کان پوءِ خواب مان جاڳڻ واري وانگر ان کي سڀ راحتون ميسر ٿينديون ۽ ان خواب وانگر ان کي تڪليف جو ڪوبه اثر محسوس نه ٿيندو. پر ان جي برعڪس ان هٿن خالي رکندڙ جو حال آهي جيڪو خواب ۾ هر قسم جوآرام محسوس ڪري پر اک کلڻ کان پوءِ اهو جيل ۾ هجي ان تي ڏنڊن جي وسڪار هجي ته ڇا ان خواب کي اهو ياد ڪندو. نه هرگز نه. هڪ سخت سزا لڳل قيدي پاڻ کي خواب ۾ ستن ولايتن جو بادشاهه ڏسي پر خواب مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ اهو پاڻ کي موت جي ڪاري ڪوٺڙيءَ ۾ ڏسي ته ان خواب واري حالت کان ان کي ڪهڙو فائدو؟ هن راز کي صحابه ڪرام عليهم الرضوان سمجهيو هو ، ان جي ڪري اهي دنيا ۾ هر مشقت ۽ تڪليف کي برداشت ڪندا هئا ۽ اهي سمجهندا هئا ته هي خواب آهي. شال الله پنهنجي لطف سان اسان کي به هن سوچ ۽ سمجهه سان نوازي. (آمين) حضرت علي d فرمايو ته : اَلنَّاسُ نِيَامُ اِذَا مَاتُوۡا اِنۡتَبُهوا ماڻهو ننڊ ۾ آهن جڏهن مرندا ته سجاڳ ٿيندا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب السنة باب 107 ما يقال عند النوم رقم الحديث 5049 ج 4 ص 311 {2} النسائي في عمل اليوم و الليلة باب ما يقول اذا اراد ان ينام رقم الحديث 747 ص 447 {3} ابنِ ماجھ في ڪتاب الدعاء باب 16 ما يدعوبه اذا انتبھ من الليل رقم الحديث 3880 {4} احمد في المسند ج 5 ص 385 {5} الدارمي فــــي ڪتاب الاستئذان باب 53 ما يقول اذا انتبه من نومه رقم الحديث 2686 ج 2 ص 377.

{257 حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا الْمُفَضَّلُ بْنُ فَضَالَةَ ، عَنْ عُقَيْلٍ ، أُرَاهُ عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ كُلَّ لَيْلَةٍ جَمَعَ كَفَّيْهِ فَنَفَثَ فِيهِمَا ، وَقَرَأَ فِيهِمَا قُلْ هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ وَقُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ وَقُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ النَّاسِ ثُمَّ مَسَحَ بِهِمَا مَا اسْتَطَاعَ مِنْ جَسَدِهِ ، يَبْدَأُ بِهِمَا رَأْسَهُ وَوَجْهَهُ وَمَا أَقْبَلَ مِنْ جَسَدِهِ يَصْنَعُ ذَلِكَ ثَلاَثَ مَرَّاتٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g چيو، پاڻ سڳورن جو معمول هو ته جنهن وقت جن رات جي وقت هنڌ مبارڪ تي آرام ڪندا هئا ته دعا وانگر ٻئي هٿ گڏائي انهن ۾ هي سورتون پڙهي دم ڪندا هئا : سورة ” قل هو الله احد“ ٻه سورتون ”قل اعوذ برب الفلق“ ۽ ” قل اعوذ برب الناس“ پڙهي ٻنهي هٿن جي ٻنهي ترين تي ڦوڪ ڏئي مٿي کان شروع ڪري سڄي منهن تي گهمائي جيستائين ٿي سگهيو سڄي بدن تي ڦيرائيندا هئا.پهريان مٿي، منهن ۽ جسم جي سامهون حصي کان شروع ڪندا هئا. پاڻ سڳورا ٽي ڀيرا ائين ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”نَفَثَ ڦوڪ ڏنائون. وات مبارڪ جي لعاب کان سواءِ هلڪي ڦوڪ ڏيڻ قَرَأَ پڙهيائون. ”يَبْدَأُ شروع ڪندا، ابتداء ڪندا هئا. اِسْتَطَاعَ ڪري سگهيا.

سمجهاڻي: هن روايت مان واضح ٿيو ته رسول الله جن ٻنهي هٿن کي دعا گهرڻ وانگر گڏي سورة ”قل هو الله احد“ ٻه سورتون ”قل اعوذ برب الفلق“ ۽ ”قل اعوذ برب الناس“ پڙهي ٻنهي هٿن جي ٻنهي ترين تي ڦوڪ ڏئي مٿي کان شروع ڪري سڄي منهن تي گهمائي جيستائين ٿي سگهيو سڄي بدن تي ڦيرائيندا هئا. هن حديث ۾ ”نَفَثَ“ پهريان ۽ ”قرءَ“ پوءِ آيو آهي. اها لفظي تقديم ۽ تاخير آهي. هن مان مراد آهي ته اول پڙهندا هئا پوءِ ترين تي ڦوڪ ڏئي ۽ بعد ۾ سڄي بدن تي هٿ هلائيندا هئا. علماءِ ڪرام فرمايو ته ” هن حديث مان صوفياءِ ڪرام جي دم ڦيڻي رکڻ جو ثبوت ملي ٿو. (انوارِ غوثيه ص 342) ۽ کُلَّ لَيۡلَةِ مان ثابت ٿيو ته اهو عمل هر رات ڪندا هئا ۽ اها ڳالهه مخفي ناهي ته اهو هٿ ڪپڙن جي مٿان گهمائيندا هئا.

فائدو نمبر (1) : هن حديث مان ڦيڻي رکڻ جو ثبوت ملي ٿو.

فائدو نمبر (2) : جسد ۽ جسم ۾ فرق آهي. جسد جسم کان وڌيڪ خاص آهي. جسد انسانن، ملائڪن ۽ جنن جي لاءِ ايندو آهي ۽ جسم جو لفظ باقي حيوانات ۽ جمادات سڀني جي لاءِ ايندو آهي.

اعتراض: قرآن ڪريم ۾ جسد غير ساهه واري شيءِ جي لاءِ آيو آهي. جيئن ارشاد آهي ته : فَاَخۡرَجَ لَهُمَ عِجۡلًا جَسَدًا لَهٗ خُوَارُٗ پوءِ انهن جي لاءِ گابو ڪڍيائين اهڙو جسم جنهن ۾ رنڀڻ جو آواز هو)

جواب: هتي  جسد لفظ جو اطلاق مجازًا آهي. غير عقل واري سان تشبيه ڏني وئي آهي ۽ پاڻ ڪريم جن اهو عمل ٽي ڀيرا ڪندا هئا. ۽ ڪامل سنت به اها آهي پر هڪ ڀيرو ڪرڻ سان به اصل سنت حاصل ٿي ويندي. جيئن ٻين لفظن جي تقاضا آهي. (المواهب ص 405) حديثن ۾ اچي ٿو ته حضرت نبي ڪريم جن ٻيون به ڪيتريون ئي دعائون ۽ سورتون پڙهندا هئا. ۽ پاڻ ڪريم جن ارشاد فرمايو آهي ته : جيڪو ماڻهو قرآن شريف جي ڪابه سورة پڙهي سمهندو ته ان جي حفاظت جي لاءِ الله هڪڙو ملائڪ موڪلي ڇڏي ٿو جيڪو ان جي جاڳڻ تائين مٿس پهرو ڏي ٿو. آية ڪرسي ، سورة بقرة جون پويون ٻه آيتون. سورة الملڪ (تبارڪ) ۽ سَبَّحَ يُسَبِّحُ واريون سورتون به پڙهندا هئا. هڪ صحابي d  کي پاڻ ”قل يا ايها الکافرون“، پڙهڻ جي هدايت ڪيائون ۽ فرمايائون ته اها شرڪ کان بچاء آهي. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته ٽي ڀيرا هٿ گهمائڻ ٽي ڀيرا دعا گهرڻ سان مشابه آهي ۽ اها ٽن صورتن سان به مطابقت آهي ۽ چيو ويو ته يهودي پڙهندا هئا پر ڦوڪ ڏئي دم نه ڪندا هئا. حضور ڪريم جن انهن جي خلاف عمل ڪري ڦوڪ به ڏني ۽ هٿ مبارڪ به جسم مبارڪ تي گهمايا. (جمع الوسائل ج 2 ص 62)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب فضائل القرآن باب 14 فضل المعوذات رقم الحديث 5017 ج 9 ص 62 {2} ابو داؤد في ڪتاب الادب باب 107 ما يقال عند النوم رقم الحديث 5056 ج 4 ص 313 {3} النسائي في ڪتاب التفسير من سننھ الڪبرى کما في التحفة ج 12 ص 61 {4} ابن ماجه في ڪتاب الدعوات باب 15 رقم الحديث 3875 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 173.

{258} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ سَلَمَةَ بْنِ كُهَيلٍ ، عَنْ كُرَيْبٍ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَامَ حَتَّى نَفَخَ ، وَكَانَ إِذَا نَامَ نَفَخَ فَأَتَاهُ بِلاَلٌ فَآذَنَهُ بِالصَّلاَةِ ، فَقَامَ وَصَلَّى وَلَمْ يَتَوَضَّأْ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن هڪ ڀيري ننڊ ڪئي ۽ گوگهرو هڻڻ لڳا. پاڻ سڳورا ننڊ ڪندا هئا ته وڏو ساهه کڻندا هئا پوءِ حضرت بلال d اچي نماز جي تياري ۽ وقت جي خبر ڏني. پاڻ سڳورا اٿيا ۽ نماز پڙهيائون. ان وقت نماز لاءِ وضو ڪونه ڪيائون، حديث ۾ ٻيو قصو به آهي.

مفردات جو شرح: ”نَامَ ننڊ ڪرڻ فرمايائون. نَفَخَ گوگهرا هنيائون. فَآذَنَهُ پوءِ حضور ڪريم کي اطلاع ڏنائين، آگاهه ڪيائين. آذان مد سان ايندو ته ”اِيذَانُ“ کان ورتل هوندو جنهن جي معنى ڄاڻائڻ ۽ آگاهه ڪرڻ آهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ آهي ته ”نماز پڙهيائون ۽ وضو نه ڪيائون“ يعني حضور ڪريم جن گهاٽي ننڊ ۾ هئا ته حضرت بلال d کين اچي نماز جي لاءِ عرض ڪيو پاڻ اٿي وضو ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙهيائون.

نبي جي ننڊ وضو نه ڀڃندي آهي: ننڊ ڪرڻ سان وضو ڀَڄي پوندو آهي پر پاڻ وضو ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙهيائون ڇو جو سندن وضو ننڊ ڪرڻ سان نه ڀڄندو هو ۽ اهو سندن خصائص مان هو ڇوته سندن اکيون مبارڪ ننڊ ڪنديون هيون دل مبارڪ ننڊ نه ڪندي هئي جيڪا وُضو ڀڄڻ يا نه ڀڄڻ کان باخبر هئي. جيئن حضرت حبيب ڪريم جا عُضوا پاڪ، احوال، ڪيفيتون ۽ مُشاهدات ٻين فردن وانگر نه هئا تيئن سندن ننڊ به ٻين فردن وانگر نه هئي.

محمد سِر قدرت ہے کوئی رمز اس کی کیا جانے

شریعت میں تو بندھ ہے حقیقت میں خدا جانے

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته ان سبب جي ڪري انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام  جو خواب به وحي هوندو آهي ڇوته اهي شيطان جي اثر کان محفوظ هوندا آهن. (خصائل نبوي ص 209) اها نماز جنهن جي لاءِ حضرت بلال d کين عرض ڪيو هو صبح جي يا ظهر جي نماز هئي. ۽ سندن قلب جي سجاڳي سندن بي وضُو هجڻ کان مانع هئي. ”وفي الحديث قصة“ ۽ حديث ۾ قصو آهي. ابن حجر مڪي ߋ فرمايو ته اهو جلد اڳيان بيان ٿيندو ۽ مشڪواة المصابيح جي باب صلواة الليل ۾ به مذڪور آهي. جيڪو ڏسڻ گهري اتي ڏسي سگهي ٿو. حديث مبارڪ ۾ آهي نَحۡنُ مَعاشِرُالۡاَنۡبِيَاءِ تَنَامُ اَعۡيُنَنَا وَلَا تَنَامُ قُلُوۡبُنَا (اسين نبين  عليهم الصلواة والسلام جي جماعت، اسان جون اکيون ننڊ ڪنديون آهن ۽ اسان جون دليون ننڊ نه ڪنديون آهن) اها حضور ڪريم جن جي امت جي لحاظ سان خصوصيت آهي. باقي ٻين نبين عليهم الصلواة والسلام جي ننڊ به وُضو نه ڀَڃندي هئي. ۽ هن حديث ۾ جيڪو قصو آهي اهو حضرت حبيب ڪريم جي عبادت واري باب جي پنجين حديث ۾ اچي ٿو جنهن ۾ حضرت ابن عباس f جو پنهنجي ماسي ميمونه g  وٽ ننڊ ڪرڻ ۽ نبي ڪريم سان رات جي نماز پڙهڻ جو بيان آهي. (المواهب ص 451)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو بيان حديث نمبر 265 جي تخريج ۾ ايندو. انشاء الله العزيز.

{259} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَفَّانُ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ ثَابِتٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ قَالَ : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَكَفَانَا وَآوَانَا ، فَكَمْ مِمَّنْ لاَ كَافِيَ لَهُ وَلاَ مُؤْوِيَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته جڏهن رسول الله جن پنهنجي بستري تي آرام يا ننڊ ڪندا هئا ته هيءَ دعا پڙهندا هئا.

(ترجمو : سڀ تعريف ان ذات لاءِ آهي جنهن اسان کي کارايو پياريو ۽ اسان جي پورت ڪئي. اسان کي آرام جي جاءِ ڏني. ڇوته ڪيترا اهڙا ماڻهو به آهن جن جي ڪو ضرورت پوري نه ٿو ڪري ۽ نه انهن کي ڪو جاءِ ڏئي ٿو.)

مفردات جو شرح: ”كَفَانَا اسان کي ڪافي ٿيو. اسان جي مهمات لاءِ ڪافي ٿيوآوَانَا ۽ اسان کي جاءِ ڏنائين. اسان کي پنهنجي جاءِ تي واپس آندائين. فَكَمْ پوءِ ڪيترا. مُؤْوِي جاءِ ڏيندڙ. جاءِ تي واپس آڻيندڙ.

سمجهاڻي: جيئن سمهڻ وقـــت قرآن ڪريم جون آيتون ۽ ٻيون دعائون آيل آهن تيئن هيءَ دعا به آيل آهي. اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا (الى آخره) (هر حمد ان الله جي لاءِ ثابت آهي جنهن اسان کي کارايو ۽ اسان کي پياريو آهي) کائڻ ۽ پيئڻ جو ذڪر ان جي ڪري ڪيو ويو آهي جو انهن کان سواءِ حياتي پوري نه ٿيندي آهي. ننڊ به ضروري آهي ۽ هي ٽئي ڳالهيون هڪ وادي کان آهن پوءِ ننڊ جو ذڪر کائڻ ۽ پيئڻ جي ذڪر جي تقاضا ڪري ٿو. ڇوته ننڊ پيٽ ڀرڻ ۽ ڍؤ ڪرڻ جو فرع آهي. ”وَکَفَانَا“ ۽ اسان لاءِ اسان جي اهم امرن ۾ ڪافي ٿيو ۽ هر ايذاء اسان کان دفع ڪيائين. ”وآوَانَا“ ۽ اسان کي پنهنجي جاءِ ڏانهن واپس آندائين. اسان کي چوپاين وانگر منتشر نه ڪيائين جيڪي اسان جي ميدانن ۾ هلندا وتندا آهن.فَكَمْ مِمَّنْ لاَ كَافِيَ لَهُ وَلاَ مُؤْوِيَ (ڪيترا اهڙا آهن جن لاءِ نه ڪو ڪفايت ڪندڙ آهي ۽ نه ڪو جاءِ ڏيندڙ آهي) هتي ”وآوانا“ جي معنى اسان کي جاءِ ڏنائين. درحقيقت ڪافي ۽ جاءِ ڏيندڙ الله ئي آهي جيڪو خلق مان هڪڙن جي شر کان ٻين لاءِ ڪافي آهي ۽ انهن جي لاءِ سڪونت ۽ آرام واري جاءِ جو انتظام ڪندڙ آهي. پوءِ هر حمد الله جي لاءِ آهي جنهن اسان کي اها ڪافي هجڻ ۽ پناهه ڏيڻ واري نعمت عطا ڪئي آهي ڪيترا ماڻهو ائين ئي بي يارومددگار پيا آهن جن جو ڪير به ڪونه آهي جو انهن کان  دشمنن جي شر کي دفع ڪري اهي دشمنن جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترن جي لاءِ مسڪن ۽ ماوا ناهي جنهن ۾ گرمي ۽ سردي کان محفوظ رهن بلڪه بيابان جي گرمي ۽ سردي سان هلاڪ ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن الله جو دستور هي رهيو آهي ته جيڪو شخص پنهنجا ڪم الله تي توڪل ڪري ان تي ڇڏي ٿو ته حق تعالي شانه به ان جي ڪمن کي غيب کان پورو ڪري ٿو. وَمَنۡ يَّتَوَکَّلۡ عَلَي اللهِ فَهُوَ حَسۡبُة (جيڪو الله تي توڪل ڪري ٿو الله ان جي لاءِ ڪافي آهي) ۽ جتي حضرت حبيب ڪريم ۾ اها حقيقت عَلَي الۡوَجۡھ الۡاُتَمِ هئي ۽ هجڻ به گهرجي  اتي الله جي طرفان ڪفايت به عَلَي الۡوَجۡھ الۡاَکۡمَلِ هئي. مطلب ته جيڪو شخص جيترو الله تي ڀروسو ڪري ٿو. اوترو ئي الله جي طرفان ان جي مدد ٿيندي آهي . هي مضمون متعدد حديثن ۾ مختلف عنوانات سان وارد آهي. هڪ حديث ۾ آيو آهي ته ”جنهن شخص کي بک لڳي ۽ اهو ان جي ازالي جي لاءِ ماڻهن کي درخواست ڪري ته ان جي حاجت پوري نه ٿيندي پر جيڪڏهن ان  کي الله جي بارگاهه ۾ پيش ڪندو ته جلد ڪنهن نه ڪنهن طرح اها حاجت پوري ڪئي وڃي ٿي. هڪ حديث شريف ۾ الله جو ارشاد آهي ته ”اي انسان جا ٻچڙا! جيڪڏهن تون منهنجي عبادت جي لاءِ فارغ ٿيندين ته مان تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندس ۽ تنهنجي دل کي غني بنائيندس نه ته تنهنجي دل کي فڪرن سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجون ضرورتون پوريون ٿيڻ نه ڏيندس.“ جيڪي ماڻهو ديني ڪمن ۾ مشغول هجڻ جي لاءِ پنهنجين ضرورتن کان فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن ته واندا ٿي پوءِ دين جو ڪم ڪنداسون. اهي هن مان سبق حاصل ڪن ته ضرورتن کان فارغ ٿيڻ جو رستو به الله ڏانهن متوجهه ٿيڻ ۽ ان جي ڪم ۾ مشغول هجڻ آهي. مذڪور حديث ۾ جيڪا دعا آهي ان ۾ حضور ڪريم جن شڪر ڏانهن توجهه ڏياريو آهي ته هر شخص کي پنهنجي حال تي شڪر ڪرڻ گهرجي. جو ان سان انعام ۾ زيادتي ٿيندي. الله جو ارشاد آهي تهلَئِنۡ شَکَرۡتُمۡ لَازِيۡدَنَّکُمۡ (البت جيڪڏهن اوهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي ضرور وڌائيندس) ۽ هن طرف به متوجهه ڪيو ويو آهي ته پاڻ کان هيٺ درجي واري ماڻهو ڏانهن به نهاريو تانت دل مان شڪر نڪري، ڪيترا ماڻهو دنيا ۾ آهن جن ويچارن کي کائڻ جي لاءِ کاڌو به نه آهي بک تي آهن. ڪيترا ماڻهو بي گهر آهن اهڙي طرح انهن جو ڪوبه حامي ۽ مددگار نه هوندو آهي پر ان ماڻهو تي الله جا ڪيترا احسان آهن جنهن کي هي سڀ سهولتون ميسر آهن. ڪنهن الله جي ٻانهي فرمايو آهي ته

کارساز کار مادر کارما        فکر مادر کارما آزار ما

(مطلب ته جڏهن اسان جا ڪم ٺاهيندڙ الله اسان جي ڪم ٺاهڻ ۾ آهي ته پوءِ اسان جو ان ڪم جي لاءِ فڪر ڪرڻ اسان جي لاءِ آزار آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الذڪر و الدعاء والتوبة والاستغفار باب 17 ما يقول عندالنوم واخذ المضجع رقم الحديث 2715 ج 4 ص 2085 {2} ابو داؤد في ڪتاب الادب باب 107 ما يقال عندالنوم رقم الحديث 5053 ج 4 ص 312 {3} النسائي في (عمل اليوم و الليلة) باب ما يقول من يفزع من منامه رقم الحديث 799 ص 467 {4} عبد بن حميد في المنتخب من مسنده رقم الحديث 1335 ص 396

{260 حَدَّثَنَا الْحُسَيْنُ بْنُ مُحَمَّدٍ الْجُرَيْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُلَيْمَانُ بْنُ حَرْبٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ بَكْرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ الْمُزَنِيِّ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ رَبَاحٍ ، عَنْ أَبِي قَتَادَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِذَا عَرَّسَ بِلَيْلٍ اضْطَجَعَ عَلَى شَقِّهِ الأَيْمَنِ ، وَإِذَا عَرَّسَ قُبَيْلَ الصُّبْحِ نَصَبَ ذِرَاعَهُ ، وَوَضَعَ رَأْسَهُ عَلَى كَفِّهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت قتاده d کان روايت آهي ته جڏهن نبي ڪريم جن سفر ۾ رات جو لهي ڪٿي ٽڪندا هئا ته پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽي سمهندا هئا ۽ جڏهن پرهه ڦٽيءَ کان ڪجهه وقت اڳ ۾ لهي ترسندا هئا ته پنهنجي ٻانهن مبارڪ اڀي ڪري، هٿ جي تري مبارڪ تي مٿو رکي آرام ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”عَرَّسَ سفر دوران رات جي پوئين پهر ۾ آرام جي لاءِ لٿا. هن جي مصدر تعريس آهي. ”نَصَبَ“ کڙو ڪيائين.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آهي ته حضرت رسول الله جن جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ آرام جي لاءِ لهندا هئا ته پنهنجي سڄي پاسي تي سمهندا هئا. يعني آرام ۽ سڪون سان سمهندا هئا. ۽ جڏهن ته سڄي پاسي سمهڻ سندن معمول هوندو هو ته ابي قتاده d ان ئي طريقي تي آرام ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن صبح جووقت ويجهو هوندو هو ته ٺونٺ کوڙي تريءَ تي مٿو رکي آرام ڪندا هئا. علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته : هڪ روايت موجب سِرَ تي مٿو رکي  ننڊ ڪرڻ فرمائيندا هئا ۽ ٺونٺ تي ٽيڪ ڏئي ان تي تري رکي آرام ڪرڻ مان مقصد امت کي تعليم ڏيڻ هئي تانت ننڊ جي ڪري صبح واري نماز نه رهجي وڃي. ۽ ان نماز جي ٽائيم جي جاچ ۾ رهڻ مسافر جي لاءِ سنت آهي ۽ ان ۾ حضور ڪريم جي اقتداء ۽ اتباع آهي ۽ صبح جي نماز اول وقت ۾ پڙهڻ جي فضيلت حاصل ڪرڻ آهي. البيجوري ߋ لکيو آهي ته سر تي مٿو رکي ننڊ ڪرڻ جي ڪيفيت جيتوڻيڪ ننڊ ۾ استغراق ۽ محو رهڻ جي تقاضا ڪري ٿي پر جڏهن ته وقت ڪشادو هوندو هو ته حضرت نبي ڪريم جن سجاڳ ٿيڻ تي ۽ نماز فوت نه ٿيڻ  تي اعتماد ڪري مزي سان آرام ڪرڻ فرمائيندا هئا. ۽ جيڪڏهن صبح ويجهي هوندي هئي ته ٺونٺ مبارڪ زمين تي کوڙي ان جي مٿان هٿ جي تري رکي ان تي مٿو مبارڪ رکي ٿورڙو آرام ڪري وٺندا هئا ڇوته اهو سجاڳ ٿيڻ جي لاءِ آسان آهي ۽ وڌيڪ ويجهو آهي اهو ننڊ ۾ محو رهڻ واري ڪيفيت کان آزاد هوندو آهي ان جي ڪري جيڪو صبح واري نماز جي وقت کي ويجهي ٽائيم ۾ ننڊ ڪرڻ گهري ته اهو اهڙو طريقو اختيار ڪري جيڪو سجاڳ ٿيڻ کي ويجهو هجي. ۽ حضور ڪريم جن جو سر تي مٿو رکي سمهڻ شايد ڪنهن ڳوٺ ۾ ٿيو هجي ڇوته ميدانن ۾ سرن جو لڀڻ  گهٽ هوندو آهي. (المواهب ص 454)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب المساجد مواضع الصلواة باب 55 رقم الحديث 683 ج 1 ص 476 {2} احمد في المسند ج 5 ص 298 {3} الحاڪم في المستدرڪ ج 1 ص 445 {4} البيهقي في سننھ  ج 5 ص 256 {5} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6404 ج 8 ص 118.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting