خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ستيتاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي تَوَاضُعِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب انهن حديثن تي مشتمل آهي

جيڪي رسول الله جي نوڙت جي بيان ۾ آيل آهن

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ حضور ڪريم جن جي گهڻي خشوع ۽ نرميءَ جي باري ۾ حديثون آهن. البيجوري  لکيو آهي ته : حضرت نبي ڪريم جن گهڻي تواضع ڪندا هئا بعض عارفن فرمايو آهي ته ٻانهو تواضع جي حقيقت کي تڏهن پهچي ٿو جڏهن ان جي قلب ۾ شهود جي تجلي دائم رهي ڇوته اها تجلي نفس کي ڳاري ان کي تڪبر ۽ خودپسنديءَ کان صاف ڪري ٿي پوءِ انهن جي دل نرم ۽ مطمئن ٿئي ٿي ۽ پاڻ کي ڪجهه نه ٿي سمجهي. (المواهب ص 540) علامه نبهاني  لکيو آهي ته نبي ڪريم جن تواضع ۽ انڪساري ۾ سڀني کان وڌيڪ هيا تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا پر اهو تڪبر جي ڪري نه هو جڏهن ڳالهه ڪندا هئا ته مختصر ڪندا هئا نهايت سهڻا هئا دنيا جي ڪنهن وڏي کان وڏي ڪم ۾ گهٻرائيندا نه هئا ۽ پاڻ اهڙي تواضع ۽ انڪساري به نه ڪندا هئا جو کين حقير سمجهيو وڃي. مدينه منوره جون ٻانهيون يا عام ٻارڙن مان ڪو ٻار پنهنجي ضرورت جي لاءِ سندن هٿ مبارڪ مان وٺي کين ڪيڏانهن هلڻ جي لاءِ چوندو هو ته پاڻ ان سان هليا ويندا هئا ۽ ان جي اها ضرورت پوري ڪري ايندا هئا. سندن عادت مبارڪه هئي جو ڪو آزاد يا غلام يا ٻانهي يا ڪو فقير يا مسڪين کين ملندو هو ته پاڻ ان سان بيهي رهندا هئا ۽ ان کان پڇندا هئا ته توکي ڪا تڪليف يا ضرورت ته ناهي. سندن طريقو هو ته مجلس ۾ اچڻ کان پوءِ صحابه ڪرام عليهم الرضوان سان ملي ويندا هئا. ممتاز جاءِ تي نه ويهندا هئا، بيمارن کان پڇڻ ويندا هئا. جنازي ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا. جيڪڏهن ڪو مسڪين کان مسڪين ماڻهو کين کاڌي جي دعوت ڏيندو هو ته پاڻ قبول فرمائيندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن کي حقير يا ڪمتر نه سمجهندا هئا. ڪمزور، لاچار ۽ ضرورت مندن جون حاجتون سندن گهر وڃي پوريون ڪري ايندا هئا. گهر جو ڪم ڪار پاڻ ڪندا هئا ۽ ان کي عيب نه سمجهندا هئا. مهمانن جي مهمان نوازي پاڻ ڪندا هئا. (انوارِ غوثيھ ص 426، 427) علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جي تواضع اختيار ڪرڻ جي لاءِ اهو ئي شاهد ڪافي آهي جو الله کين اختيار ڏنو ته نبي بادشاهه ٿي رهندؤ يا نبي عبد ٿي رهندؤ ته پاڻ نبي عبد ٿي رهڻ پسند فرمايائون ۽ ان جي ڪري ان کان پوءِ ڪڏهن به ٽيڪ ڏئي کاڌو نه کاڌائون تانجو دنيا کان ظاهري طرح جدا ٿي ويا ۽ ڪڏهن به (ڪنهن ڪم تي جيڪو سندن خادم حضرت انس d سندن مزاج مبارڪ جي خلاف ڪيو هوندو) کيس اف به نه چيائون. پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان ڪڏهن به ڪنهن کي مار نه ڏنائون۽ هي اهڙو امر آهي جنهن لاءِ بشري طبيعت الاهي عنايت کان سواءِ وسعت نه ٿي رکي ۽ مسلم شريف ۾ آهي مَارَئَيۡتُ اَحۡدًا اَرۡحَمَ بِالۡعِيَالِ مِن رَّسُوۡلِ اللهِ (مون ڪنهن هڪ کي به رسول الله کان وڌيڪ عيال سان رحم ڪندڙ نه ڏٺو. ام المؤمنين عائشه g کان روايت آهي ته پاڻ پنهنجي گهر ۾ گهڻا نرم ۽ مُرڪندڙ رهندا هئا ڪڏهن به پنهنجن اصحابن ۾ پير ڊگها ڪري نه ويهندا هئا. ۽ پاڻ سهڻي خُلق وارا هئا ڪنهن به کين سڏ ڪيو هوندو ته ان کي جيء چوندا هئا. گڏهه تي سواري ڪندا هئا پنهنجي پٺيان ٻئي کي ٻيلهه به ويهاريندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ هڪ سفر ۾ هئا پوءِ پنهنجن اصحابن عليهم الرضوان کي هڪ ٻڪري (ڪُهي) ان جي ٺاهڻ جي لاءِ امر ڪيائون. هڪ عرض ڪيو ته ”مون کي ان جي ڪُهڻ جو حڪم آهي“ ٻئي چيو ته ”مون تي ان جي کل لاهڻ ۽ وڍڻ، ٽڪڻ جو ڪم آهي“ ٽئين عرض ڪيو ته مون تي ان جي رڌڻ جو ڪم آهي. پاڻ ڪريمن جن ارشاد فرمايو ته ”مون تي ڪاٺيون ڪرڻ آهن“ انهن عرض ڪيو ته : اوهان واري ان ڪم جي لاءِ به اسين ڪافي آهيون. اوهان کي ڪا تڪليف نه ڏينداسون. پاڻ فرمايائون ته ”مون کي خبر آهي ته اوهان مون کي ان کان ڪفايت ڪندؤ پر مان پسند نه ٿو ڪيان ته اوهان کان ممتاز رهان ۽ الله پنهنجي ٻانهي کان ان ڳالهه کي پسند نه ٿو ڪري ته اهو پنهنجن ساٿين ۾ ممتاز رهي.“    (اشرف الوسائل ص 470)

{331} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ ، وَسَعِيدُ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الْمَخْزُومِيُّ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ قَالُوا : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُبَيْدِ اللَّهِ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لاَ تُطْرُونِي كَمَا أَطْرَتِ النَّصَارَى ابْنَ مَرْيَمَ إِنَّمَا أَنَا عَبْدٌ فَقُولُوا : عَبْدُ اللَّهِ وَرَسُولُهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عمر بن خطاب d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: مون کي حد کان وڌيڪ اهڙي طرح نه وڌايو، جيئن عيسائين (حضرت عيسى) بن مريم کي حد کان وڌايو( يعني عيسى کي الله جو پٽ سڏيو) بيشڪ آءُ الله جو ٻانهو آهيان، ان ڪري مون کي الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول چئو.

مفردات جو شرح: ”لاَ تُطْرُونِي الاطراء کان ورتل آهي ان جي معنى آهي مدح ۾ حد کان  تجاوز ڪرڻ، ”کَمَا“ جيئن، جهڙي طرح.

سمجهاڻي: هن ارشاد مبارڪ ۾ حضور ڪريم جن سندن مدح ۾ مبالغي کان منع ڪندي نصارن سان تشبيه کان جهليو آهي. نصارن مان هڪڙن حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي الله سڏيو ته هڪڙن الله جو پٽ، الله جي توراة ۾ ارشاد ” نَبِيُّي“ (منهنجو نبي) ۾ نون کي با جي جاءِ تي با کي نون جي جاءِ تي آڻي بُنِيَّيۡ (منهنجو پٽ) ڪري ڇڏيائون. الله جي ڪلام ۾ تحريف ڪيائون. عيسىٰ بَنِيَّي وَاَنَا وَلَدۡتُه(لام جي شد سان) مِنۡ مَرۡيَمَ ڪري لکيائون عيسى منهنجو پٽ آهي مون ان کي مريم مان ڄڻيو آهي. معاذ الله ۽ ان ڳالهه ڏانهن ئي قصيده برده ۾ اشارو ڪيل آهي.

دَعَ مَـــا ادَّعَتۡهُ النَّصَارٰي فِيۡ نَبِيِّهِمٖ

وَاحۡکُمۡ بِمَا شِئۡتَ مَدۡحًا فِيۡهِ وَاحۡتَکمٖ

يعني جيڪي نصارن پنهنجي نبي حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي باري ۾ الله يا الله جي پٽ هجڻ جي دعوى ڪئي آهي اها ڇڏي باقي سندن شان ۾ جيڪو مدح ڪندي حڪم ڪرين ڀلي ڪر)

مدح ۾ مبالغي کان منع: محبوب ڪريم ارشاد فرمايو ته مان ته ٻانهو آهيان ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته مان الله جو ٻانهو آهيان. مون ۾ اهڙو ڪوبه عقيدو نه رکو جيڪو عبوديت جي خلاف هجي مون کي الله جو عبد ۽ ان جو رسول سڏيو. مون کي وجوبيت ۽ الوهيت جي صفتن کان ڌار رکو. (المواهب ص 441) علامه علي القاري  لکيو آهي ته حضور ڪريم جن عيسى بن مريم لاءِ فرمايو. مريم جو پٽ عيسى (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) ۽ المسيح جو لفظ نه آندو. ڇوته هن ۾ حضرت عيسى  علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي الٰـھ هجڻ کان پري رکڻو آهي. معنى آهي ته نصارن ڪوڙ هڻڻ ۾ مبالغو ڪيترو ڪيو جو جيڪو عورتن جي جنس مان آيو ان کي الٰــھ بنائي ويهي رهيا . علامه ابن الجوزي  فرمايو ته : حضور ڪريم جن جو نهي ڪرڻ ان جي لاءِ نه هو جو ڪنهن کين حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام وانگر نسبت ڪئي هئي ڇوته اهڙي ڪابه روايت ثابت ناهي پر نهي جو ظاهر ۾ سبب اهو هو جو حضور ڪريم جن کان کين تعظيم جي سجدي ڪرڻ جي اجازت گهري وئي ته ان کان روڪيندي کين اهو خوف محسوس ٿيو ته متان منهنجا امتي به مون لاءِ نصارن وارو عقيدو رکي ويهن. ۽ هن ۾ الله جي قول يٰااَہَلَ الْکِتٰبِ لَا تَغْلُوۡا فِیۡ دِیۡنِكُمْ وَلَا تَقُوۡلُوۡا عَلَی اللھ  اِلَّا الْحَقَّؕ اِنَّمَا الْمَسِیۡحُ عِیۡسیَ ابْنُ مَرْیَمَ رَسُوۡلُ اللھ وَکَلِمَتُہٗۚ(سورة النساء آيت 171)  (اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ غلو نه ڪيو ۽ الله تي حق کان سواءِ ڪجهه نه چئو، مسيح عيسى بن مريم(علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام ) ته الله جو رسول ۽ ان جو فرمان آهي. ۽ هن ۾ اهو به اشارو آهي ته الوهيت جي نعت ۽ ربوبيت جي وصف کان سواءِ باقي حضرت حبيب پاڪ جي وصف ۾ جيڪو چيو وڃي جائز آهي  سندن فرمان ”اِنَّمَا اَنَا عَبۡدُاللهِ“ مان مراد آهي ته نصارن جيڪو حضرت عيسى (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جي لاءِ چيو مان ان مان ڪجهه ناهيان. اهو سندن فرمان الوهيت ۽ ربوبيت جي صفتن کان سواءِ باقي سندن اوصاف کي بيان ڪرڻ جي خلاف ناهي. سندن اوصاف مان اهو به آهي ته پاڻ اولاد آدم جا سردار آهن. ابن الفارض جو قول ڪهڙو نه سهڻو آهي.

اَرَيٰ کُلَّ مَدَحِِ فِيۡ النَّبِيِّ مُقَصِّرًا

وَاِنۡ بَالَغَ الۡمُثۡنِيۡ عَلَيۡهِ وَاَکۡثَرَا

(يعني نبي ڪريم جي شان ۾ هر مدح اڻ پوري ٿو ڏسان جيتوڻيڪ ثنا ڪندڙ ان ۾ مبالغو ڪيو هجي ۽ گهڻي ثنا ڪئي هجي.)

اِذَا اللهُ اَثۡنٰي بِالَّـــــذِيۡ هُـــوَ اَهۡلُهٗ

عَلَيۡهِ فَمَا مِقۡدَارُ مَا يَمۡدَحُ الۡوَرٰي

(جڏهن الله ان جي اها ثنا ڪئي آهي جنهن جو اهو لائق آهي ته پوءِ ان جو مقدار ڪهڙو هوندو جيڪا مخلوق سندس ثناء ڪري رهي آهي) ۽ ارباب حال مان ان ڪهڙو نه سهڻو چيوجنهن جو قول آهي.

مَا اِن مَّدَحۡتُ مُحَمَّدًا بِمَدِيۡحَتِيۡ

بَلۡ قَدۡ مَدَحۡتُ مَدِيۡحَتِيۡ بِمُحَمَّدٍ

(مون حضرت محمد جي پنهنجي مدح چوڻ سان مدح نه ڪئي آهي پر مون حضرت محمد جي مدح سان پنهنجي مدح ڪئي آهي) مان (علامه علي القاري ) چوان ٿو ته حضرت حبيب ڪريم جي مدح ۾ اجمالي طور هي ڪافي آهي جو پاڻ محمد آهن جنهن جي پويان ۽ پهريان ثنا ڪيل آهي ۽ جن الله جو حمد گهڻو ڪيو انهن ۾ گهڻو حمد ڪندڙ آهي ۽ ان دلبر جي لاءِ ئي مقام محمود ۽ حمد جو جهنڊو ۽ حوض مورود ۽ يومِ مشهود ۾ شفاعت عظمى آهي ۽ حضرت آدم ۽ ان کان سواءِ ٻيا به سڀ قيامت جي ڏينهن ان جي جهنڊي جي هيٺان هوندا پوءِ ڪير به ان جي ثنا ۽ تعريف ڪرڻ کان لا پرواهه نه ٿو رهي سگهي ۽ هي حديث سندن تواضع ۽ انڪساري جي باب کان آهي جنهن ۾ پاڻ صرف رسالت ۽ عبوديت تي اڪتفا ڪئي اٿن ۽ ربوبيت ۽ الوهيت جي صفتن جي پاڻ کان نفي بيان ڪئي اٿن. (جمع الوسائل ج 2 ص 13) سندن ارشاد جو مقصد اهو آهي ته نه اهڙي تعريف ڪيو جيڪا الله جي ٻانهي هجڻ جي خلاف هجي ۽ نه اهڙي جو ان ۾ شرڪ جي بوءِ هجي ڇوته ٻانهو نيٺ ٻانهو آهي۽ اهڙي به ڪا ڳالهه نه ڪيو جيڪا شان رسالت ۽ نبوت جي منافي هجي ۽ حضرت حبيب ڪريم جن کان جڏهن ڪنهن موڪل گهري ته کين سجدو ڪري ته پاڻ ان کي منع ڪندي فرمايائون لَوۡ کُنۡتُ اٰمِرًا اَحۡدًا اَنۡ يَّسۡجُدَ لِاَحۡدٍ لَاَمۡرتُ الۡمَرۡءَةَ اَنۡ تَسۡجُدَ لِزَوۡجِهَا (جيڪڏهن مان ڪنهن کي امر ڪندڙ هجان ها ته ڪنهن کي سجدو ڪري ته زال کي امر ڪيان ها ته مڙس کي سجدو ڪري.) پاڻ فرمايائون ته  مان ”عبدالله“ (الله جو ٻانهو) آهيان ٻين ٻانهن وانگر عبوديت جي دائري کان ٻاهر ناهيان. علامه بدر زرڪشي  فرمايو ته ”ان جي ڪري وڏن، وڏن شاعرن ابي تمام ۽ بختري جهڙن حضرت حبيب ڪريم جي شان ۾ شاعري ڪندي وڏو احتياط ڪيو آهي ڇوته انهن جيڪو ڪجهه پنهنجي خيالات ۾ آندو آهي اهو حضرت نبي ڪريم جي ڪمال کان گهڻو هيٺ آهي. (اشرف الوسائل ص 472)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب احاديث الانبياء باب 48 قول الله وَاذْكُرْ فِی الْکِتٰبِ مَرْیَمَۘ اِذِ انۡتَبَذَتْ مِنْ اَہۡلِہَا مَکَانًا شَرْقِیًّا ﴿ۙ۱۶ (سورة مريم آيت 15) رقم الحديث 3445 ج 6 ص 478 {2} احمد في المسند ج 1 ص 23 ، 24 {3} الدارمي في کتاب الرقاق باب 68 في قول النبي ”لاتطروني“ رقم الحديث 2784 ج 2 ص 422. {4} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 25 ص 6 {5} الحميدي في مسنده رقم الحديث 27 ج 1 ص 16 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3681 ج 13 ص 246.

{332} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا سُوَيْدُ بْنُ عَبْدِ الْعَزِيزِ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ امْرَأَةً جَاءَتْ إِلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَتْ لَهُ : إِنَّ لِي إِلَيْكَ حَاجَةً ، فَقَالَ : اجْلِسِي فِي أَيِّ طَرِيقِ الْمَدِينَةِ شِئْتِ أَجْلِسْ إِلَيْكِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته هڪ عورت نبي ڪريم جن وٽ آئي ۽ چيائين ته منهنجو توهان ۾ ڪم آهي. پاڻ ڪريمن فرمايو ته مديني جي جنهن گهٽيءَ ۾ گهرين هلي ويهه ته آءُ به تو وٽ اچي ويهان ٿو. (يعني جتي گهرين مون کي پنهنجي ضرورت ٻڌاءِ)

مفردات جو شرح: ”حَاجَةً ڪم، ضرورت. طَرِيقِ واٽ، گهٽي، رستو. اَلْمَدِينَةِ شهر. شِئْتِ تون گهرين، پسند ڪرين.

سمجهاڻي: هن روايت مان به حضرت حبيب ڪريم جن جي تواضع جو ڪمال ظاهر آهي جو هڪ عورت جنهن جو نالو ته مذڪور ڪونه آهي غالبًا انصاريه هئي. کين عرض ڪيو ته منهنجو اوهان ۾ ڪم آهي“ ته پاڻ ان کي فرمايائون ”شهر جي ڪنهن به رستي تي ويهه ته مان ويهي تنهنجو عرض ٻڌان ۽ اهو عرض ڪيل ڪم پورو ڪيان. علماء ڪرام فرمايو ته ان کي رستي تي ويهڻ جو فرمايائون ڪنهن جاءِ ۾ نه فرمايائون ڇوته ڪنهن ڌارين عورت سان ائين ويهڻ شرعي اصول جي خلاف هو. بدمزاج ۽ شرير الطبع فردن کي ڪنهن شرارت جي سوچڻ جو موقعو نه ملي ۽ واٽ تي ويهي هڪ سادي عورت جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ان جي عرض کي قبول ڪرڻ حبيب ڪريم جي نهايت انڪساري ۽ تواضع آهي. علامه يوسف نبهاني  لکيو آهي ته :ابو الطفيل چيو ته مان ننڍو هوس مون ڏٺو ته نبي ڪريم وٽ هڪ عورت کين قريب آئي پاڻ ان جي ويهڻ جي لاءِ پنهنجي چادر وڇايائون. سندن طرفان ان عورت جو ايترو ادب ۽ احترام ڏسي مون پڇا ڪئي ته هيءَ عورت ڪير آهي؟ ٻڌايائون ته اها سندن کير پيارڻ واري (حليمه سعديه) آهي . (انوار غوثيه ص 430) علامه البيجوري  لکيو آهي ته ”الشفاء“ جي بعض حاشين ۾ لکيل آهي ته ان عورت جو نالو ”ام زفر“ هو. سيده خديجه g جي وارن مبارڪن کي ڦڻي ڏيندي هئي عقل جي لحاظ سان سادي هئي. ان پنهنجي حاجت کين لڪ ۾ ٿي پيش ڪئي ته ٻيو ڪونه ٻڌي. پوءِ اها ڪنهن رستي تي ويٺي ۽ حضور ڪريم جن ان جو عرض ٻڌي ان جي حاجت پوري ڪئي. هن ۾ سندن بردباري ۽ تڪبر کان پاڪ هجڻ جو ڪمال آهي.

فائدو: هن مان هي ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون. (1) ته ڌارين عورت سان اڪيلو نه ويهڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ان جي ڪا اهڙي ضرورت آهي ته اهڙي جاءِ تي ويهجي جتي تهمت جو شبهو نه رهي. (2) ته حاڪم کي گهرجي ته حاجتمندن جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ سستي نه ڪري (3) ضرورت جي ڪري واٽ يا رستي ۾ ويهڻ جائز آهي ۽ اهو ويهڻ ان وقت منع آهي جڏهن اتاهين لنگهندڙن جي لاءِ ايذاء جو سبب بنجي. ابو نعيم ”دلائل نبوة“ ۾ حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ماڻهن کان وڌيڪ لطف ڪندڙ هئا. سخت سردي جي موسم ۾ ڪو ٻانهو يا ٻانهي ٿڌو پاڻي کڻي ايندو هو ته ان سان منهن مبارڪ ۽ ٻانهو پاڪ ڌوئن ته انهن کي نه موٽائيندا هئا. ۽ ڪوبه ماڻهو کانئن ڪا ڳالهه پڇندو هو ته ڪن ڏئي ان جي ڳالهه ٻڌندا هئا ۽ ان کان پاڻ منهن نه ڦيرائيندا هئا تانجو اهو پاڻ منهن ڦيرائي ۽ ڪنهن به ڪڏهن سندن هٿ ورتو هوندو ته جيستائين اهو پاڻ هٿ نه ڪڍندو هو پاڻ هٿ نه ڪڍندا هئا. (المواهب  ص 542) علامه عسقلاني  مهلب کان نقل ڪيو آهي ته حضور ڪريم جن ان سادي عورت سان اهڙي جاءِ تي نه ويٺا هئا جو ماڻهو ان کي نه ڏسن پر اهڙي جاءِ تي ويٺا هئا جتي ماڻهو ان جي ڳالهه ٻڌي نه سگهن. علامه علي القاري  لکيو آهي ته ان عورت جو نالو ام زفر چوڻ سهوَ آهي. ام زفر g انصاري عورتن مان آهي ئي ڪانه حالانڪه بخاري جي روايتن ۾ صراحت آهي ته اها عورت انصاريه هئي ۽ بخاري جي هڪ روايت ۾ حضرت انس d کان آيو آهي ته اها عورت مدينه منوره جي ٻانهين مان هڪ ٻانهي هئي جيڪا حضور ڪريم کي عرض ڪري پاڻ سان وٺي هلندي هئي ۽ عرض ڪندي ويندي هئي ۽ نسائي جي روايت ۾ آهي ته نبي ڪريم جن بيوه ۽ڪراڙي عورتن سان گڏ هلڻ ۽ انهن جا ڪم ڪاريون پورا ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهندا هئا ۽ هن حديث ۾ اهو به دليل آهي ته مسلمانن جي مصلحت جي لاءِ تڪليف ڪرڻ ۽ انهن جي ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ اهتمام ڪرڻ گهرجي. حبيب پاڪ جن محتاج جي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ سندن سڏ کي جيءُ چوندا هئا. انهن سان گڏجي هلندا هئا انهن سان کُلي ملندا هئا تانت حاجتمند ۽ حق وارا پنهنجو حق حاصل ڪن ۽ ماڻهو سندن اقوال ، افعال ۽ احڪام سان هدايت حاصل ڪن ان ۾ سندن امت جي حاڪمن لاءِ هدايت  به هئي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 131) بعض علماء لکيو آهي ته جڏهن ته ان عورت جي عقل ۾ نقصان هو ان جي ڪري اها گهٽين ۾ هلندي هوندي ان جي ڪري حضور ڪريم جن اتي تشريف فرما ٿي ان جي ڳالهين کي ٻڌڻ لاءِ ارشاد فرمايو هوندو ۽ بعض شارحن جو قول آهي ته اهڙين عورتن کي گهر ۾ سڏڻ سان گهروارين لاءِ دقتون ۽ مشڪلاتون پيش اينديون آهن جيئن گهڻا وقت ڏٺو ويو آهي ان جي ڪري حضور ڪريم جن اهو حڪم فرمايو هوندو. (خصائل نبوي ص 282) ۽ علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته ”مدينه منوره جي رهاڪن مان ڪو ننڍو ٻار جيڪڏهن کين هٿ مبارڪ مان وٺي هلندو هو ته پاڻ ان کان هٿ نه ڇڏائيندا هئا بلڪه جيڏانهن اهو هلندو هو ته پاڻ به ان سان هلندا هئا تانجو اهو پاڻ هٿ ڪڍندو هو. (اشرف الوسائل ص 473)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الادب باب 13 الجلوس في الطرقات رقم الحديث 4818 ج 4 ص 257 {2} احمد في المسند ج 3 ص 319 {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 374 ج 1 ص 293 {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 30 {5} البخاري في کتاب مناقب الانصار باب 5 قول النبي للانصار انتم احب الناس الي حديث رقم 3876 ص 1147.

{333} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ مُسْهِرٍ ، عَنْ مُسْلِمٍ الأَعْوَرِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَعُودُ الْمَرِيضَ ، وَيَشْهَدُ الْجَنَائِزَ ، وَيَرْكَبُ الْحِمَارَ ، وَيُجِيبُ دَعْوَةَ الْعَبْدِ ، وَكَانَ يَوْمَ بَنِي قُرَيْظَةَ عَلَى حِمَارٍ مَخْطُومٍ بَحَبْلٍ مِنْ لِيفٍ وَعَلَيْهِ إِكَافٌ مِنْ لِيفٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله جن بيمار کان پڇندا هئا. جنازي ۾ شريڪ ٿيندا هئا. گڏهه جي سواري ڪندا هئا ۽ غلام جي دعوت به قبول ڪندا هئا. پاڻ ڪريم بنو قريظه جي لڙائي واري ڏينهن گڏهه تي چڙهيل هئا، ان جي واڳ کاٻر جي هئي ۽ ان جي ٻنيءَ ۾ کجيءَ جا پن پيل هئا.

مفردات جو شرح: ”يَعُودُ پڇڻ ويندا هئا. يَشْهَدُ حاضر ٿيندا هئا. يَرْكَبُ سوار ٿيندا هئا. يُجِيبُ قبول فرمائيندا هئا.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ حضرت انس d محبوب ڪريم جي خلق عظيم جي هڪ جهلڪ بيان ڪئي آهي. (1) ته پاڻ بيمار کان پڇڻ ويندا هئا. پوءِ اهو بيمار آزاد هجي يا غلام، وڏو امير هجي يا غريب مسڪين تانجو هڪ يهودي غلام کان به پڇڻ ويا جيڪو سندن خدمت ۾ ايندو هو ۽ پنهنجي مشرڪ چاچي کان به پڇڻ ويا ٻنهي کي اسلام جي دعوت ڏنائون ، پوءِ ان يهودي غلام اسلام قبول ڪيو ۽ حبيب ڪريم جن مريض کي ويجها ٿي سندس مٿي کان ويهندا هئا سندس طبيعت جو حال پڇندا هئا ۽ ان کي فرمائيندا هئا ته پاڻ کي ڪيئن ٿو سمجهين يا صبح جو ڪهڙي حال ۾ آهين ۽ شام جو ڪيئن آهين ۽ پرپُٺ به پڇندا هئا ته فلاڻو ڪيئن آهي؟ ۽ مريض کي دعا ڪندي فرمائيندا هئا ”توتي ڪو به ڊپ ناهي اهو مرض انشاءَ الله تنهنجا گناهه ڇاڻي توکي پاڪ ڪندو“ ۽ ڪڏهن ان جي سور واري جاءِ تي هٿ مبارڪ رکي فرمائيندا هئا.  ”بِسۡمِ اللهِ اَرۡقِيۡکَ مِنۡ کُلِّ دَاءِ يُّوذِيۡکَ اَللهُ يَشۡفِيۡکَ الله جي نالي سان توکي ڦيڻو ٿو رکان، هر ان مرض کان جيڪو توکي ايذائي ٿو، الله توکي شفا ڏيندو“ ۽ بخاري ۽ مسلم ۾ حضرت جابر d کان روايت آهي ته ”مان بيمار ٿي پيس ته رسول الله جن ۽ ابو بڪر مون کان طبع پرسي جي لاءِ آيا ۽ مون کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا هئا. پوءِ حضرت نبي ڪريم جن وضو ڪري اهو پاڻي مون تي ڇنڊا ڪري هنيو ته مون کي هوش اچي ويو ۽ مون سندن زيارت ڪئي (جو منهنجي مٿي کان ويٺا هئا) ۽ ابو داؤد جي روايت ۾ آهي ته ”مون تي ڦيڻو رکيائون ته مان هوش ۾ اچي ويس“ ۽ ان روايت ۾ هيئن به آهي ته پاڻ فرمايائون ” اي جابر مان هن مرض ۾ توکي مرندڙ نه ٿو ڏسان “ مطلب ته تون مايوس نه ٿي هن بيماريءَ ۾ تون وفات نه ڪندين. ۽ صحيح مسلم ۾ حديث آهي ته : مسلمان جا مسلمان تي ڇهه حق آهن انهن مان هڪ هي آهي ته مريض کان پڇڻ وڃجي ۽ اهو فرض ڪفايه آهي ۽ بعض علماء فرمايو ته سنت مؤڪده آهي ۽ صحيح حديث ۾ آهي ته : ”اَطِيۡعُو الۡجَائعَ وَعُوۡدُوۡا وَالۡمَرِيۡضَ (بکايل کي کارايو ۽ مريض کان طبع پرسي ڪيو) ۽ حضرت زيد بن ارقم d کان صحيح روايت ۾ آهي ته مون کي اک ۾ سور هو ته نبي ڪريم جن مون کان پڇڻ آيا هئا ۽  مريض کان پڇڻ عبادت کان به ڀلو آهي ۽ نبي ڪريم جو مريض کان پڇڻ عبادت سان گڏ تواضع آهي ڇوته تواضع جي معنى آهي انسان جو پنهنجي مرتبي جي تقاضا کان نڪري هيٺ لهڻ. (جمع الوسائل ج 2 ص 131)

علامه البيجوري  لکيو آهي ته : رسول الله جن جڏهن يهودي غلام کان پڇڻ ويا هئا  جيڪو سندن خدمت ڪندو هو ته ان جي مٿي وٽ ويهي فرمايائون ته ”اسلام قبول ڪر“ ته ان پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو جيڪو ان وقت اتي موجود هو پيءُ چيس ته اَطِعَ اَبَا الۡقَاسِمِ ابو القاسم (يعني حضور ڪريم ) جي اطاعت ڪر. چوڻ مڃ. يعني اسلام قبول ڪر. ته ان اسلام قبول ڪيو ۽ حضور ڪريم جن اتاهين نڪري فرمايو.اَلۡحَمۡدُللهِ الَّذِيۡ اَنۡقَذهُ مِنَ النَّارِ (سڀ ساراهه ان الله جي لاءِ ثابت آهي جنهن ان کي باهه کان ڇڏايو) (المواهب ص 543)

مريض کان پڇڻ جي ڀلائي متعلق حديثون: (1) مَنۡ عَادَ مَرِيۡضًا نَادَاهُ مُنَادِ مِّنَ السَّمَآءِ طِبۡتَ وَطَابَ مَمۡشَاکَ وَ تَبَّوَاتَ مِنَ الۡجَنَّةِ مَنۡزِلًا (جنهن بيمار کان پڇيو ان کي آسمان کان سڏيندڙ سڏي چوي ٿو ڀلو ٿئين تون ۽ تنهنجو (اهو) پنڌ به ڀلو آهي ۽ تو جنت ۾ جاءِ بنائي) (2) ابو داؤد ۾ روايت آهي ته مَنۡ تَوَضَّا فَاَحۡسَنَ الۡوضُو ء وَعَاد اَخَاهُ الۡمُسۡلِمَ مُحۡتَسِبًا بُوۡعِدَ مِّنۡ جَهَنَّمَ سَبۡعِيۡنَ خَرِيۡفًا ( جنهن سهڻي نموني وضوڪيو ۽ پنهنجي مسلمان ڀاءُ کان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان پڇڻ ويو ته ستر سال جي پنڌ جيترو جهنم کان پري ڪيو ويندو) (3) امام احمد روايت آندي آهي تهمَنۡ عَادَ مَرِيۡضًا فَاَمِنَ فِي الرَّحۡمَةِ فَاِذَا جَلَسَ عِنۡدَهٗ اسۡتَقَعَ فِيۡهًا (جنهن بيمار کان پڇيو ته اهو رحمت ڏانهن اچڻ لڳو ۽ جڏهن مريض وٽ ويٺو ته ان رحمت ۾ داخل ٿيو) طبراني وڌيڪ آندو آهي ته ”جڏهن مريض وٽان اٿيو ته به اهو رحمت ۾ آهي تانجو اتي موٽي پهچي جتان نڪتو هو“)

اعتراض: مريض کان پڇڻ جڏهن عبادت آهي جنهن سان الله جي رضا طلب ڪئي وئي ۽ ثواب حاصل ڪيو ويو ته پوءِ ان ۾ تواضع ڪهڙي آهي جو هن کي تواضع جي باب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي؟

جواب: مريض کان پڇڻ ۾ ثواب حاصل ڪرڻ ۽ عبادت هجڻ سان گڏ تواضع به آهي ڇوته تواضع جي معنى آهي پنهنجي مرتبي جي تقاضا کان هيٺ لهي اچڻ سو ان لحاظ سان مريض کان پڇڻ تواضع ۾ داخل آهي.“

سوال: ڇا ڇنڇر جي ڏينهن ڪنهن مريض کان پڇڻ منع آهي؟

جواب: نه بلڪل نه. منع ناهي. هر ڏينهن ۾ مريض کان پڇڻ جائز آهي. اهو هڪ يهودي جو ٺاهيل قول آهي ۽ حسن سند سان حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله جن جڏهن ڪنهن مريض کان پڇڻ جي لاءِ ويندا هئا. ته ان جي جسم جي جنهن جاءِ تي سور هوندو هو اتي هٿ مبارڪ رکي فرمائيندا هئا. ”بسم الله“ (اشرف الوسائل ص 476) مطلب ته محبوب ڪريم جن هر قسم جي بيمار کان طبيعت پڇڻ جي لاءِ ويندا هئا پوءِ اهو مريض ڀلي ڪيترو غريب هجي بلڪه پاڻ غير مسلمانن کان به پڇڻ ويندا هئا. منافقن جو وڏو عبدالله بن ابي جنهن کان کين ڪيتريون تڪليفون ۽ ايذاء پهتا هئا اهو بيمار ٿيو ته پاڻ ان کان به طبع پرسي ڪرڻ ويا هئا. (خصائل نبوي ص 283) ۽ پاڻ ڪريم جن”جنازه نماز ۾ ويندا هئا“ ان جي تدفين ۾ به شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهو فرض ڪفايه آهي ۽ شافعين وٽ سنت آهي ۽ هن ۾ به حضور ڪريم جن جي تواضع جو اظهار آهي ۽ امت کي گهرجي ته اهي به ان تي سندن اقتداء ۾ عمل ڪن. علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : هڪڙن ماڻهن گوشي نشيني اختيار ڪئي آهي پوءِ ان جي ڪري کين ڪجهه فائدو ته ٿئي ٿو پر ڪيترين ڀلاين کان محروم به رهجي وڃن ٿا ڇوته برائي کان گوشه نشيني ڪجي ۽ برائي کان سختيءَ سان بچندي نيڪيءَ جي ڪمن ۾ شريڪ ٿجي ۽ اهو ئي علماء عادلين ۽ ائمه وارثين  مان ڪاملن جو حال هوندو آهي پوءِ جيڪڏهن ڪو انسان ضعيف الحال آهي جيڪو ماڻهن سان  ميل ، جول جي صورت ۾ برائي کان بچي نه ٿو سگهي ته ان جي لاءِ ان حال ۾ گوشه نشيني ڀلي آهي ۽ مريض کان پڇڻ ۽ جنازه ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ شروط ۽ آداب آهن جيڪي فقه جي ڪتابن ۾ لکيل آهن اتي ڏسڻ گهرجن ”۽ پاڻ گڏهه تي به سواري ڪندا هئا“ عربن ۾ گڏهه جو هڪ خاص قسم اهڙو به هوندو هو جيڪي جسم ۾ ٿلهن خچرن کان به وڏا هوندا هئا ۽ عام گهوڙن کان به رفتار ۾ تيز هوندا هئا ٻه ٻه، ٽي ٽي ماڻهو انهن  تي سوار ٿيندا هئا ممڪن آهي ته حضور ڪريم جي دور ۾ به اهي هجن پر گهوڙن جي مقابلي ۾ اهي ادنى درجي ۾ شمار ڪيا ويندا هئا. حضور ڪريم جن ان عزت ۽ رفعت جي باوجود جو پاڻ ٻنهي جهانن جا سردار هئا.گڏهه تي سواريءَ کي عيب نه سمجهندا هئا ۽ ان سلسلي ۾ سلف صالحن مان وڏن بزرگن به سندن اقتداء ڪري ڏيکاري هئي. حضرت عبدالله ابنِ عمر f جي پٽ حضرت سالم d وٽ هڪ وڏي عمر وارو گڏهه هوندو هو پاڻ ان تي سواري ڪندو هو کين سندس پُٽن روڪيو ته ان تي سواري نه ڪيو پر پاڻ نه مڙيو. پوءِ انهن سندس گڏهه جو هڪ ڪن وڍي ڇڏيو ته به پاڻ ان تي سواري ڪندو هو. وري انهن ان جو ٻيو ڪن وڍي ڇڏيو ته به پاڻ ان تي سواري ڪندو هو. وري انهن ان جو پچ وڍي ڇڏيو ته به پاڻ نه مڙيو ان تي سواري ڪندو رهيو.“ ۽ اڳئين دور جا اڪابر علماء به گڏهه تي سواري ڪندا هئا ان کي عيب نه سمجهندا هئا ان ۾ انهن جي نيت حضور ڪريم جي اقتداء ڪرڻ هئي.“ ۽ حضرت نبي ڪريم جن وٽ ڏاچي، اٺ ۽ گهوڙا به هوندا هئا ان هوندي به پاڻ جن گڏهه تي سواري ڪندا هئا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان تي  پنهنجي پٺيان ڪنهن کي ٻيلهه به ويهاريندا هئا. ”۽ ٻانهي (غلام) جي به دعوت قبول ڪندا هئا“ ۽ هڪ روايت ۾ ”العبد“ جي جاءِ تي ”المملوڪ“ جو لفظ آيو آهي. يعني خريد ڪيل غلام ڪنهن جو به هوندو هو حضور ڪريم کي ڪنهن به ڪم لاءِ عرض ڪندو هو ته پاڻ ان جو عرض قبول ڪندا هئا پوءِ ان جي جاءِ ويجهي هجي يا پري ۽ هيءَ ڳالهه به پري ناهي ته اهو ٻانهو ماذون مالڪ جي طرفان اجازت ڏنل هجي. يا مراد آهي ته جيڪڏهن ڪو سردار کين دعوت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ٻانهي کي موڪليندو هو ته به پاڻ ان جي دعوت قبول ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ٻانهو کين جوَن جي ماني ڏيندو هو ته به قبول ڪري کائيندا هئا. (جمع الوسائل ص 132) علامه مناوي  لکيو آهي ته پاڻ بيمار کان پڇڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن پيرين اگهاڙا هوندا هئا ته به ويندا هئا“ ۽ بني قريظه واري ڏينهن گڏهه تي سوار هئا جنهن کي خاٻر جو لغام ڏنل هو. ۽ ان تي خاٻر جي ٻني (گهوڙي جي هني وانگر) رکيل هئي. بني قريظه قبيلي سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ ان تي سوار ٿي ويا هئا. ۽ اهڙي ميدان ۾ به گڏهه تي سوار ٿيڻ کي عيب نه سمجهيائون . هن مان ثابت ٿيو ته وڏي مرتبي ۽ منصب واري کي گڏهه تي سوار ٿيڻ ۾ عيب ناهي ۽ نه ان جي ماڻپي ۽ مانَ جي خلاف آهي.                     (المواهب ص 544)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب التجارات باب 66 ما للعبد ان يعطي و يتصدق رقم الحديث 2418 {2} الحاکم في المستدرک ج 2 ص 466 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 57 {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 371 {5} الطيالسي رقم الحديث 2148 ص 285 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3673 ج 13 ص 241 وفي الشمائل رقم الحديث 385 ج 1 ص 298.

{334}  حَدَّثَنَا وَاصِلُ بْنُ عَبْدِ الأَعْلَى الْكُوفِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ فُضَيْلٍ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُدْعَى إِلَى خُبْزِ الشَّعِيرِ وَالإِهَالَةِ السَّنِخَةِ فَيُجِيبُ. وَلَقَدْ كَانَ لَهُ دِرْعٌ عِنْدَ يَهُودِيٍّ فَمَا وَجَدَ مَا يَفُكُّهَا حَتَّى مَاتَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله کي جوَن جي ماني ۽ تمام پراڻي رکيل گيهه جي دعوت ڏني ويندي هئي ته به پاڻ قبول ڪندا هئا.   ۽ پاڻ سڳورن جي زرهه هڪ يهوديءَ وٽ گروي رکيل هئي. وٽن ايترو (پيسو بچت) نه هو جو اها زرهه ڇڏائي سگهن. نيٺ وصال ڪري ويا. (هي سندن مسڪيني اختياري هئي. پاڻ گهرن ها ته سندن لاءِ جبل به سون ۽ چاندي جا ٿي پون ها)

مفردات جو شرح: ”يُدْعَى سڏيو ويندو هو. دعوت ڏنو ويندو هو. الشَّعِيرِ جَوَ. اَلإِهَالَةِ هر اهو تيل جيڪو ڀاڄيءَ جي بجاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. اَلسَّنِخَةِ جنهن  جي گهڻي وقت گذرڻ جي ڪري بوءِ ڦري وئي هجي. ان کي اَلزَّنخَةِ به چيو ويندو آهي. سين جي بجاءِ زا.

سمجهاڻي: هن روايت مان به حبيب ڪريم جي طبيعت مبارڪه جو انڪسار ۽ تواضع معلوم ٿي رهيو آهي کين جيڪڏهن جوَن جي ماني ڏانهن يا گهڻي رکڻ جي ڪري بوءِ ڪري ويل تيل ڏانهن جيڪو ڀاڄيءَ جي جاءِ تي استعمال ڪيو ويندو آهي دعوت ڏني ويندي هئي ته به قبول فرمائيندا هئا رد نه ڪندا هئا  تانت ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي. ۽ پاڻ پئسو گڏ نه ڪرڻ جي ڪري ظاهري طرح (حقيقت ۾ جيڪڏهن پاڻ گهرن ها ته جبل به سندن سِرَ لاءِ سونا بنجي حاضري ڏين ها) ايتري مسڪيني حال ۾ هوندا هئا جو سندن هڪ زرهه هڪ يهودي وٽ گروي (يعني ڳهه) رکيل هئي ان کان آزاد نه ڪرايائون. علامه البيجوري  لکيو آهي ته ان يهودي جو نالو ابو الشحم هو ان وٽ حضرت حبيب ڪريم جن ان جي ٽويي جي بدلي ۾ زرهه ڳهه رکي هئي. ۽ ابن حبان جي روايت ۾ آهي ته ان طعام جي قيمت هڪ دينار هئي ۽ حضور ڪريم جن يهودي وٽ اها زرهه ڳهه رکي ڪنهن صحابي وٽ نه رکي ان جو سبب هي آهي ته ماڻهن کي اهو مسئلو ذهن ۾ ويهي ته يهودي سان به معاملات رکڻ جائز آهن ۽ اهو به معلوم ٿئي ته جيڪو ماڻهو سفر ۾ ناهي اهو به ڪا شيءِ ڳهه رکي سگهي ٿو جيتوڻيڪ قرآن ڪريم ڳهه رکڻ جو ذڪر مسافر جي لاءِ ڪيو آهي ۽ ان جي ڪري به جو صحابه ڪرام عليهم الرضوان سندن جي ڪابه شيءِ ڳهه نه رکندا ۽ نه ان جي بدلي ۾ ڪجهه گهرندا. تڏهن يهودي وٽ زرهه مبارڪ ڳهه رکي هيائون ۽ پاڻ جيستائين ظاهري زندگي ۾ هئا اها آزاد نه ڪرايائون. ۽ سندن رحلت کان پوءِ اها حضرت ابو بڪر صديق d آزاد ڪرائي هئي.

اعتراض: حديث شريف ۾ آيو آهي ته نَفۡسُ الۡمُؤمِنِ مُعلَّقَةٗ بِدَيۡنِهٖ حَتّٰي يُقۡضٰي عَنۡهُ مومن جو ساهه ان تي رهيل قرض جي ڪري ٽنگيل هوندو آهي جيستائين اهو ادا نه ڪيو ويندو. پوءِ حضرت حبيب ڪريم جن اهو قرض ڪيئن رهايو؟

جواب: ان جا ٻه جواب آهن. (1) ته اهو حڪم تڏهن آهي جڏهن قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ پوئتي ڪجهه رهايل نه هجي. ۽ هتي زرهه رهايل هئي. (2) ته مذڪوره حڪم ۾ انبياء ڪرام عليهم السلام داخل ناهن ۽ هن حديث ۾ حضور ڪريم جو زهد، سندن دربار ۾ دنيا جو گهڻو نه هجڻ ۽ سندن ڪرم جو ايترو وسيع هجڻ آهي جنهن جي ڪري اها صورت پيدا ٿي.                         (المواهب ص 545)

علامه علي القاري  لکيو آهي ته : ابو الشحم ان يهودي جو نالو ۽ ڪنيت گڏ هو. اوس قبيلي جو هو. ۽ هن حديث ۾ اهو به اشارو آهي ته پنهنجن جي بجاءِ پراون کان قرض کڻڻ بهتر ۽ اولى آهي ۽ ايتري مسڪيني جو زرهه به آزاد نه ڪن . پاڻ الله کان گهري ورتي هيائون. ۽ هن ۾ اهو به اشارو آهي ته : مسڪين صبر ڪندڙ غني شڪر ڪندڙ کان افضل آهي. بعض علماء فرمايو ته محدث ترمذي  هيءَ روايت حديث کي پوري ڪرڻ جي لاءِ قَصَدًا آندي آهي تواضع جي بيان جي لاءِ ناهي. پر اهو قول رد ڪيل آهي ڇوته هن حديث ۾ جيڪو بيان ٿيو آهي ان ۾ تواضع ئي تواضع آهي ڇوته رسول الله جن جيڪڏهن اهڙي ڳالهه جو پنهنجن اصحابن سڳورن رضي الله عنهم سان اظهار ڪن ها ته اهي ان ۾ وڌيڪ خدمت ڪن ها جو اهي هر وقت سندن رضا جا طالب هئا. پر پاڻ انهن کي ڪجهه نه چوندي هڪ يهودي وٽ زرهه ڳهه رکيائون حالانڪه سندن نبوت ۽ رسالت جو منصب ان کان مٿي هو. سو ان ۾ تواضع ۽ انڪساري جو اظهار آهي  هن حديث مان هي فائدا حاصل ٿين ٿا.

فائدا:  (1) هن ۾ يهودين تي حجت قائم ڪرڻ آهي ته پاڻ آخرت کي اختيار  ڪيائون دنيا کي توجهه جي قابل نه سمجهيائون (2) هن مان اهو به ثابت ٿيو ته پاڻ ديني پيغام پهچائڻ ۽ ماڻهن کي مسلمان بنائڻ ۾ ڪا طمع ۽ لالچ نه رکندا هئا ۽ نه انهن کان ڪو معاوضو وٺڻ جو سوچيندا هئا تانجو قرض لاهڻ جيڪو فرض آهي ان جي لاءِ به ڪنهن کان ڪجهه نه گهريائون ۽ امام اعظم d سندن ئي اتباع ڪندي ان شخص جي ڀت جي پاڇي ۾ نه ويٺو جنهن ڏانهن سندس قرض هو. پاڻ هن کان بچيا جو قرض واري کان ڪو مزيد فائدو وٺن ۽ اسحاق بن راهويه پنهنجي مسند ۾ شعبي d کان مرسل روايت آندي آهي ته : حضرت ابو بڪر d ان يهودي کان اها زرهه آزاد ڪرائي حضرت علي d کي ڏني هئي.

(3) مسئلا : هن حديث مان هي مسئلا واضح ٿيا هڪ ته جنهن ماڻهو جي اڪثر ملڪيت حرام مان آهي ان سان به ڪاروهنوار ڪرڻ جائز آهي. ڇوته يهودين جي لاءِ الله قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو: ”اَکَّالُوۡنَ لِلسُّحۡتِِ حرام گهڻو کائيندڙ آهن (2) ته جنگ ۾ ڪم اچڻ واريون شيون به ڪافرن کي وڪڻي ڏيڻ يا انهن وٽ گروي رکڻ جائز آهن. بشرطيڪه اهو ڪافر حربي نه هجي (3) ته ذمي ڪافر جي هٿ ۾ مال جو هجڻ ۽ ان کان  رکت تي ڪا شيءِ وٺن منع ناهي (4) ته حضور ڪريم، رؤف رحيم جن جو تواضع ۽ دنيا تي قادر هجڻ جي باوجود ان کان بي رغبتي  امت جي لاءِ رهبري آهي. (5) ته سندن ظاهري غربت هوندي به ايترو ڪرم وسيع هو جو زرهه گروي رکي به حاجتمندن جي حاجت پوري ڪندا هئا. (6) ته سندن آل ۽ ازواج مطهرات رضي الله عنهم و عنهن وڏا صابر هئا جو ايتري تنگدستي ۽ مسڪيني تي صبر ڪندا هئا. (7) ته حضور ڪريم، رؤف رحيم جن صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي ڪجهه نه چيو سو يا ته ان جي ڪري جو انهن وٽ سندن ضرورت  کان مٿي ڪجهه نه هو. يا ان جي ڪري ته جيڪڏهن پاڻ انهن کان ڪجهه وٺندا ته اهي کانئن ان جو ملهه يا عيوض نه وٺندا پوءِ انهن کي تنگي ۾ رهڻ کان بچايائون يا ته وســـعت وارن کي ان جي خبر نه پئي هوندي.  (جمع الوسائل ج 2 ص 134)

علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : اها زرهه اَنَ جي ٽيهن ٽوين جي بدلي ۾ ڳهه رکي هيائون. (رواهه الشيخان) ۽ ترمذي آندو آهي ” ويهن ٽوين ۾“ ۽ انهن روايتن ۾ جمع هن طريقي سان ڪري سگهجي ٿو پهريان ويهه ٽويا ۽ پوءِ ڏهه ٽويا ورتا ويا هجن. پوءِ جنهن ويهه روايت ڪيا ان کي پويان ڏهه ذهن ۾ نه آيا هوندا ۽ جنهن ٽيهه روايت ڪيا ان کي اهي به ذهن ۾ هوندا. (اشرف الوسائل ص 478)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : اها زرهه گروي رکڻ به سندن تواضع جي ڪري هو ۽ مسڪيني جون سڀ حالتون تواضع جي ڪري هيون نه ته الله کين اختيار ڏنو هو ته نبي بادشاهه ٿي رهو يا غريب هجڻ سان گڏ نبوت هلائڻ پسند ٿا ڪيو. حضور ڪريم جن پاڻ ئي غريبت سان گڏ نبوت کي هلائڻ پسند فرمايو. (خصائل نبوي ص 284) ۽ حضرت نبي ڪريم جن اها زرهه مخفي طور ڳهه رکي هئي نه ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان هر شيءِ سندن قدمن تان قربان ڪري ڇڏين ها.

 (فضائل النبي ص 187)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 102 {2} البغوي في الشمائل رقم الحديث 386 ج 1 ص 299 {3} النسائي في کتاب البيوع باب 57 الرهن في الحضر رقم الحديث 7 ص 288 {4} ابنِ ماجھ في کتاب الرهون باب 11 رقم الحديث 2566 {5} البيهقي في سننھ ج 6 ص 36، 37.

{335}  حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ الْحَفَرِيُّ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنِ الرَّبِيعِ بْنِ صَبِيحٍ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبَانَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : حَجَّ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَى رَحْلٍ رَثٍّ وَعَلَيْهِ قَطِيفَةٌ لاَ تُسَاوِي أَرْبَعَةَ دَرَاهِمَ فَقَالَ : اللَّهُمَّ اجْعَلْهُ حَجًّا لاَ رِيَاءَ فِيهِ وَلاَ سُمْعَةَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله   جن پراڻي پاکڙي تي حج ڪيو ان تي اهڙو کٿو پيل هو جو چئن درهمن جو به نه هو. پوءِ پاڻ دعا گهريائون ته : اي الله ! هن حج کي اهڙو (قبول)  ڪر جنهن ۾ ڏيکاءُ ۽ شهرت نه هجي.!“

مفردات جو شرح: ”رَحْلٍ“ اٺ جو پلڻ. رَثٍّ ڦاٽل، پراڻو. قَطِيفَةٌ چادر. اها چادر جنهن جي ڪناري ٺهيل هجي. رِيَاءَ جيڪو ڪم ماڻهن جي ڏيکاء لاءِ ڪيو وڃي. سُمْعَةَ جيڪو ڪم ماڻهن ۾ شهرت جي لاءِ ڪيو وڃي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ به الله جي حبيب جي تواضع جو بيان آهي ته پاڻ حج جي لاءِ اٺ تي سوار ٿيا هئا ان جو پلڻ پراڻو ڦاٽل هو جنهن تي هڪ سادي ڪناري سان ٺهيل چادر پيل هئي جنهن جي قيمت چار درهم به نه هئي. ان ۾ ڪابه نرمي ۽ سهولت ميسر نه هئي. ۽ پاڻ هي دعا جا الفاظ چيا  هيائون. اي الله هن ( منهنجي حج کي ، اهڙو (مقبول) حج بناءِ جنهن ۾ نه رياء هجي  نه ماڻهن ۾ شهرت جو ارادو يا نيت هجي. ۽ هي به سندن عظيم تواضع آهي ڇوته شهرت ان ۾ هوندي آهي جنهن ۾ ڀليون سواريون ۽ اعلى لباس هجن. ۽ رياء ان عمل کي چئبو آهي جنهن ۾ ماڻهن کي ڏيکارڻ جي نيت هوندي آهي ۽ ”السمعة“ هي آهي جو ان نيت سان عمل ڪجي ته ماڻهو  ٻڌن ۽ ان جي عزت ۽ اڪرام ۽ احترام ڪن ان جي مدح ۽ تعريف ڪئي وڃي سندس جي لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ تعظيم ۽ مرتبو پيدا ٿئي. ۽ انهن مان هر هڪ فاسق هجڻ  جو موجب ۽ عمل جي ثواب کي ڪيرائيندڙ آهي پوءِ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي سبب جي لاءِ ڪو عمل ڪيو مثال طور وضو ڪري ان مان سندس نيت ٿڌڪار حاصل ڪرڻ آهي ته محدث عبدالسلام  فرمايو ان کي ثواب نه ملندو“ الله قدسي حديث ۾ فرمايو آهي :اَنَا اَغۡنَي الشُّرکاءِ عَنِ الشِّرکِ مَنۡ عَمَلَ عَمَلًا اَشَرَکَ فِيۡهِ غَيۡرِي فَاَنَا مِنۡهُ بَرِيٌ هُوَ للِّذِيۡ اَشۡرَکَ (مان شرڪ وارن شريڪن کان وڌيڪ غني آهيان جنهن به ڪو عمل ڪيو ۽ ان ۾ منهنجي غير کي شريڪ ڪيو ته مان ان کان بيزار آهيان. ڇوته اهو عمل ان جي لاءِ آهي جنهن کي مون سان شريڪ ڪيائين) (اشرف الوسائل ص 479) حديث شريف ۾ آيو آهي ته ” جنهن رياء ڪيو الله ان جي رياء کي قيامت جي ڏينهن ظاهر ڪندو.“ ۽ رياء ۽ سمعة ٻنهي مان مراد اهو عمل آهي جيڪو الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو وڃي.

علامه مناوي  لکيو آهي ته حج ۾ احرام هوندو آهي ۽ ان ۾ ڪيتريون حلال شيون به پاڻ تي حرام ڪيون وينديون آهن. ان ۾ مجاهدن سان مشابهت ۽ قيامت جي ميدان ۾ بيهڻ جو منظر سامهون هوندو آهي. ۽ حضرت حبيب ڪريم جن ته هونئن به رياء ۽ سمعة کان پاڪ هئا. پوءِ به اها دعا گهرڻ سندن تواضع جو ڪمال ۽  امت ۽ علماء امت جي لاءِ اخلاص جي تلقين ۽ تعليم هئي ۽ ان جي هوندي به حضور ڪريم جن  حج ۾ هڪ سؤ اٺ قربانيءَ لاءِ ڏنا هئا ۽ پنهنجن اصحابن عليهم الرضوان کي ايتري عنايت سان نوازيو هيائون جنهن جهڙي عنايت ڪير به ڪري نه ٿو سگهي.                     

(شرح المناوي علي حاشيھ جمع الوسائل ج 2 ص 134)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن ماجھ في کتاب المناسک باب 4 الحج علي الرحل رقم الحديث 2890 {2} ابو الشيخ ص 140 {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 402 ج 1 ص 308 {4} البخاري في کتاب الحج باب 3 الحج رقم الحديث 1517 ج 3 ص 380.

{336}   حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَفَّانُ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : لَمْ يَكُنْ شَخْصٌ أَحَبَّ إِلَيْهِمْ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : وَكَانُوا إِذَا رَأَوْهُ لَمْ يَقُومُوا ، لِمَا يَعْلَمُونَ مِنْ كَرَاهَتِهِ لِذَلِكَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته اصحابن سڳورن عليهم الرضوان وٽ رسول الله کان وڌيڪ ڪوبه شخص محبوب ۽ پيارو نه هو. (حضرت انس d چوي ٿو ته) جڏهن اصحاب سڳورا پاڻ ڪريم کي ايندي ڏسندا هئا ته نه اٿندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته پاڻ ڪريم ان ڳالهه کي پسند نه ڪندا آهن.

مفردات جو شرح: ”لَمْ يَكُنْ نه هو. أَحَبَّ اي اڪثر محبوبية، وڌيڪ محبوب. إِذَا رَأَوْهُ جڏهن ان کي ڏسندا هئا. لَمْ يَقُومُوا ته نه اٿي بيهندا هئا.

سمجهاڻي: سيدنا رسول الله جن صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي سڀني کان وڌيڪ محبوب هئا ۽ ڪيئن محبوب نه هجن؟ صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي جيڪو ڪجهه مقام مليو اهو سڀ حضور ڪريم جن جو صدقو ۽ سندن ذريعي ۽ وسيلي سان هو. حضرت حبيب ڪريم جن جي صدقي انهن کي توحيد جي دولت ملي. گمراهي جي عميق کڏن ۾ نڪري سعادت ۽ نيڪ بختيءَ جي بلندي تي پهتا جهنم جي عذاب کان بچي جنت جي نعمتن سان مالا مال ٿيا عرب جي جاهليت وارين گندين رسمن ۽ عادتن کان نڪري سهڻن اخلاقن جا صاحب بڻيا ۽ حضرت حبيب ڪريم جي ذات ، عالي صفات جي عشق ۾ فاني رهيا.

صحابه جي محبت جو مثال نه ٿو ملي: آقاءِ نامدار سان سندن محبت جو مثال: اهو ئي سبب هو جو صحابه ڪرام عليهم الرضوان والدين، ڀائرن، ڀينرن، اولاد ۽ اموال بلڪه هر شيءِ کان وڌيڪ حضرت حبيب محبوب ڪريم سان محبت رکندا هئا. ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جو پيءُ يا پُٽ نبي ڪريم جي مقابلي ۾ جنگ جي ميدان ۾ آيو ته پُٽ پنهنجي پيءُ کي ۽ پيءُ پنهنجي پُٽ کي به نه بخشيو بلڪه ان کي تلوار جو شڪار بنايو. حضرت ابو عبيده d جي پيءُ رسول الله کي ايذايو ته ابو عبيده d ان کي قتل ڪري ڇڏيو. ۽ حضرت ابو بڪر بدر جي جنگ ۾ پنهنجي پُٽ عبدالرحمان جي تاڙ ۾ رهيو ته جيڪڏهن موقعو ملي ته قتل ڪري ڇڏيانس ڇوته اهو ان وقت اڃان مسلمان نه ٿيو هو. ڪافرن سان گڏجي آيو هو. محبت ڪڏهن تعظيم جي هوندي آهي  ته ڪڏهن شفقت جي حضرت انس بن مالڪ d فرمايو. ته اصحاب سڳورا عليهم الرضوان حضور پاڪ جن سان سڀ کان وڌيڪ محبت رکندي به جڏهن کين ايندي ڏسندا هئا ته سندن جي لاءِ اٿي نه بيهندا هئا. ڇوته کين خبر هئي ته حضور ڪريم جن ان اٿڻ کي پسند نه ڪندا هئا.۽ بعض روايات ۾ حضور ڪريم جي لاءِ صحابه ڪرام جو اٿي بيهڻ ثابت آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته : جيڪڏهن حضور ڪريم جن ڪنهن ٻئي پاسي ويندي صحابه ڪرام عليهم الرضوان کان لنگهندا هئا ته اٿي نه بيهندا هئا ۽ جيڪڏهن صحابه ڪرام عليهم الرضوان ڏانهن ايندا هئا ته اٿي بيهندا هئا يا مجلس مان اٿندا هئا ته جيستائين پنهنجي گهرن مان ڪنهن گهر ۾ داخل نه ٿيندا هئا تيستائين صحابه ڪرام عليهم الرضوان بيٺا هوندا هئا. ۽ علامه مناوي  لکيو آهي ته شرف ۽ فضل وارن جي لاءِ اٿي بيهڻ مستحب آهي ۽ جڏهن عڪرمة بن ابي جهل حضور ڪريم جي خدمت ۾ آيو ته پاڻ ان جي لاءِ اٿي بيٺا ۽ عدي بن حاتم d جڏهن به سندن خدمت ۾ ايندو هو ته پاڻ ان جي لاءِ اٿي بيهندا هئا جيئن حديث ۾ آيو آهي ۽ اهي حديثون جيتوڻيڪ ضعيف آهن پر فضائل اعمال ۾ انهن تي عمل ڪيو ويندو آهي ۽ حضور ڪريم جن کي اهو خوف هو ته هر هر اٿڻ ۾ افراط نه ڪن ان جي ڪري ان کي ناپسند به ڪيو هيائون پر ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن ٿورا ٿورا صحابي اٿي بيٺا ته پاڻ ان کي نا پسند نه ڪيائون. امام احمد  حسن کان روايت آندي آهي ته : رسول الله جن جا نه ملاقات جا دروازا بند هئا نه انهن تي پردا لٽڪيل هئا نه کين صرف پري کان نظرون ڏسنديون هيون پر پاڻ کليل هوندا هئا جيڪو کين ملڻ چاهيندو هو اهو ملي سگهندو هو مٽيءَ تي ويهندا هئا ۽ مٽيءَ تي ويٺي کاڌو کائيندا هئا. ٿلهو ڪپڙو پائيندا هئا، گڏهه تي سواري ڪندا هئا پاڻ سان ٻيلهه به سواري کڻندا هئا ۽ الله جو قسم! ته کاڌي کان پوءِ پنهنجو هٿ مبارڪ چٽيندا هئا.   (شرح المناوي على حاشيھ جمع الوسائل ج 2 ص 137)

ڪنهن جي لاءِ اٿي بيهڻ: علماء ڪرام لکيو آهي ته ڪنهن جي لاءِ اٿي بيهڻ پنج قسم آهي. (1) ناجائز : اهو ان جي لاءِ اٿي بيهڻ آهي جيڪو تڪبر جي ڪري چاهي ٿو ته ماڻهو ان جي لاءِ اٿي بيهن. (2) مڪروهه : ان ماڻهو جي لاءِ اٿي بيهڻ آهي جيڪو تڪبر ڪري ته ڪونه ٿو پر شڪ آهي ته متان تڪبر ڪري. (3) جائز : ان ماڻهو جي لاءِ اٿي بيهڻ آهي جنهن ۾ تڪبر جو انديشو ئي ناهي. (4) ثواب : ان ماڻهوءَ جي لاءِ اٿڻ جيڪو سفر تان موٽيو آهي ان کان اٿي سامان وٺڻ، ان کي آرام پهچائڻ يا ان جي سلامتي سان موٽي اچڻ جي خوشي ۾ اٿي بيهڻ. (5) لاچار کان اٿي بيهڻ : ڪنهن ظالم جي ڊپ کان اٿي بيهڻ ته متان نه اٿڻ جي ڪري نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري.         

(خصائل نبوي ص 285، 286)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في الادب المفرد رقم الحديث 946 ص 326 {2} ابو الشيخ ص 58 {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 392 ج 1 ص 302 {4} في شرح السنة رقم الحديث  3329 ج 12 ص 294.

{337}  حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا جُمَيْعُ بْنُ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ الْعِجْلِيُّ قَالَ : أَنْبَأَنَا رَجُلٌ مِنْ بَنِي تَمِيمٍ مِنْ وَلَدِ أَبِي هَالَةَ زَوْجِ خَدِيجَةَ يُكْنّٰى أَبَا عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ ابْنٍ لِأَبِي هَالَةَ ، عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ قَالَ : سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا عَنْ حِلْيَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، وَأَنَا أَشْتَهِي أَنْ يَصِفَ لِي مِنْهَا شَيْئًا ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَخْمًا مُفَخَّمًا ، يَتَلَأْلَأُ وَجْهُهُ تَلَأْلُؤَ الْقَمَرِ لَيْلَةَ الْبَدْرِ فَذَكَرَ الْحَدِيثَ بِطُولِهِ قَالَ الْحَسَنُ : فَكَتَمْتُهَا الْحُسَيْنَ زَمَانًا ، ثُمَّ حَدَّثْتُهُ فَوَجَدْتُّهُ قَدْ سَبَقَنِي إِلَيْهِ . فَسَأَلَهُ عَمَّا سَأَلْتُهُ عَنْهُ وَوَجَدْتُّهُ قَدْ سَأَلَ أَبَاهُ  عَنْ مَدْخَلِهِ وَمَخْرَجِهِ وَشَكْلِهِ فَلَمْ يَدَعْ مِنْهُ شَيْئًا.

قَالَ الْحُسَيْنُ : فَسَأَلْتُ أَبِي ، عَنْ دُخُولِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَ : كَانَ إِذَا أَوَى إِلَى مَنْزلِهِ جَزَّأَ دُخُولَهُ ثَلاَثَةَ أَجْزَاءٍ ، جُزْءًا لِلَّهِ ، وَجُزْءًا لِأَهْلِهِ ، وَجُزْءًا لِنَفْسِهِ ، ثُمَّ جَزَّأَ جُزْأَهُ بَيْنَهُ وَبَيْنَ النَّاسِ ، فَيَرُدُّ ذَلِكَ بِالْخَاصَّةِ عَلَى الْعَامَّةِ ، وَلاَ يَدَّخِرُ عَنْهُمْ شَيْئًا ، وَكَانَ مِنْ سِيرَتِهِ فِي جُزْءِ الْأُمَّةِ إِيثَارُ أَهْلِ الْفَضْلِ بِإِذْنِهِ وَقَسْمِهِ عَلَى قَدْرِ فَضْلِهِمْ فِي الدِّينِ ، فَمِنْهُمْ ذُو الْحَاجَةِ ، وَمِنْهُمْ ذُو الْحَاجَتَيْنِ ، وَمِنْهُمْ ذُو الْحَوَائِجِ ، فَيَتَشَاغَلُ بِهِمْ وَيَشْغَلُهُمْ فِيمَا يُصْلِحُهُمْ وَالْأُمَّةَ مِنْ مُسَاءَلَتِهِمْ عَنْهُ وَإِخْبَارِهِمْ بِالَّذِي يَنْبَغِي لَهُمْ وَيَقُولُ : لِيُبَلِّغِ الشَّاهِدُ مِنْكُمُ الْغَائِبَ ، وَأَبْلِغُونِي حَاجَةَ مَنْ لاَ يَسْتَطِيعُ إِبْلاَغَهَا ، فَإِنَّهُ مَنْ أَبْلَغَ سُلطَانًا حَاجَةَ مَنْ لاَ يَسْتَطِيعُ إِبْلاَغَهَا ثَبَّتَ اللَّهُ قَدَمَيْهِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ، لاَ يُذْكَرُ عِنْدَهُ إِلاَ ذَلِكَ ، وَلاَ يُقْبَلُ مِنْ أَحَدٍ غَيْرِهِ ، يَدْخُلُونَ رُوَّادًا وَلاَ يَفْتَرِقُونَ إِلاَ عَنْ ذَوَاقٍ ، وَيُخْرِجُونَ أَدِلَّةً يَعْنِي عَلَى الْخَيْرِ.

قَالَ : فَسَأَلْتُهُ عَنْ مَخْرَجِهِ كَيْفَ يَصْنَعُ فِيهِ ؟ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَخْزِنُ لِسَانَهُ إِلاَ فِيمَا يَعْنِيهِ ، وَيُؤَلِّفُهُمْ وَلاَ يُنَفِّرُهُمْ ، وَيُكْرِمُ كَرَيمَ كُلِّ قَوْمٍ وَيُوَلِّيهِ عَلَيْهِمْ ، وَيُحَذِّرُ النَّاسَ وَيَحْتَرِسُ مِنْهُمْ مِنْ غَيْرِ أَنْ يَطْوِيَ عَنْ أَحَدٍ مِنْهُمْ بِشْرَهُ وَخُلُقَهُ ، وَيَتَفَقَّدُ أَصْحَابَهُ ، وَيَسْأَلُ النَّاسَ عَمَّا فِي النَّاسِ ، وَيُحَسِّنُ الْحَسَنَ وَيُقَوِّيهِ ، وَيُقَبِّحُ الْقَبِيحَ وَيُوَهِّيهِ ، مُعْتَدِلُ الأَمْرِ غَيْرُ مُخْتَلِفٍ ، لاَ يَغْفُلُ مَخَافَةَ أَنْ يَغْفُلُوا أَوْ يَمِيلُوا ، لِكُلِّ حَالٍ عِنْدَهُ عَتَادٌ ، لاَ يُقَصِّرُ عَنِ الْحَقِّ وَلاَ يُجَاوِزُهُ . الَّذِينَ يَلُونَهُ مِنَ النَّاسِ خِيَارُهُمْ ، أَفْضَلُهُمْ عِنْدَهُ أَعَمُّهُمْ نَصِيحَةً ، وَأَعْظَمُهُمْ عِنْدَهُ مَنْزِلَةً أَحْسَنُهُمْ مُوَاسَاةً وَمُؤَازَرَةً.

قَالَ : فَسَأَلْتُهُ عَنْ مَجْلِسِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لاَ يَقُومُ وَلاَ يَجَلِسُ إِلاَ عَلَى ذِكْرٍ ، وَإِذَا انْتَهَى إِلَى قَوْمٍ جَلَسَ حَيْثُ يَنْتَهِي بِهِ الْمَجْلِسُ وَيَأْمُرُ بِذَلِكَ ، يُعْطِي كُلَّ جُلَسَائِهِ بِنَصِيبِهِ ، لاَ يَحْسَبُ جَلِيسُهُ أَنَّ أَحَدًا أَكْرَمُ عَلَيْهِ مِنْهُ ، مَنْ جَالَسَهُ أَوْ فَاوَضَهُ فِي حَاجَةٍ صَابَرَهُ حَتَّى يَكُونَ هُوَ الْمُنْصَرِفُ عَنْهُ ، وَمَنْ سَأَلَهُ حَاجَةً لَمْ يَرُدَّهُ إِلاَ بِهَا أَوْ بِمَيْسُورٍ مِنَ الْقَوْلِ ، قَدْ وَسِعَ النَّاسَ بَسْطُهُ وَخُلُقُهُ ، فَصَارَ لَهُمْ أَبًا وَصَارُوا عِنْدَهُ فِي الْحَقِّ سَوَاءً ، مَجْلِسُهُ مَجْلِسُ عِلْمٍ وَحِلْمٍ وَحَيَاءٍ وَأَمَانَةٍ وَصَبْرٍ ، لاَ تُرْفَعُ فِيهِ الأَصْوَاتُ وَلاَ تُؤْبَنُ فِيهِ الْحُرَمُ ، وَلاَ تُثَنَّى فَلَتَاتُهُ مُتَعَادِلِينَ ، بَلْ كَانُوا يَتَفَاضَلُونَ فِيهِ بِالتَّقْوَى ، مُتَوَاضِعِينَ يُوقِّرُونَ فِيهِ الْكَبِيرَ وَيَرْحَمُونَ فِيهِ الصَّغِيرَ ، وَيُؤْثِرُونَ ذَا الْحَاجَةِ وَيَحْفَظُونَ الْغَرِيبَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت حسن بن علي f کان روايت آهي ته مون پنهنجي مامي هند بن ابي هالهd کان نبي ڪريم جن جي سهڻي صورت ۽ سهڻي سيرت جي باري ۾ پڇيو؟ ڇاڪاڻ ته هند بن ابي هاله d حضور ڪريم جن جي حليي مبارڪ کان گهڻو واقف هو ان ڪري مون گهريو ٿي ته اهو مون کي پاڻ ڪريم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي.

 هند بن ابي هاله d ٻڌايو ته رسول الله جن ذات ۽ صفات ۾ شان ۽ عزت وارا هئا. سندن منهن مبارڪ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندو هو. پوءِ ان سڄي حديث ٻڌائي.

حضرت امام حسن d چيو ته ڳچ وقت تائين حضرت امام حسين d کان لڪائڻ بعد (هڪ ڀيري) مون ان کي هيءَ حديث ٻڌائي ته مون کي  خبر پئي ته پاڻ (امام حسين d ) اڳ ۾ ئي (پنهنجي مامي هند d) کان حضور ڪريم جن جو حليو پڇي چڪو هو، جو ڪجهه مون کي  معلوم ٿيو ان کان هو به آگاهه ٿي چڪو هو.

مون کي اها به خبر پئي ته ان (منهنجي ڀاءُ امام حسين d ) پنهنجي والد سڳوري (حضرت علي d ) کان به نبي ڪريم جن جي گهر ۾ رهڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ ۽ مجلس جي طور طريقن بابت به پڇيو آهي ۽ ڪابه ڳالهه نه ڇڏي آهي.

حضرت امام حسين d چيو ته مون پنهنجي والد سڳوري d کان پاڻ سڳورن جن جو گهر ۾ اچڻ جي باري ۾ پڇيو ته ان چيو : جڏهن نبي پاڪ جن گهر ويندا هئا ته گهر ۾ رهڻ واري وقت کي ٽن حصن ۾ ورهائيندا هئا. هڪ حصو الله جي عبادت جي لاءِ. ٻيو حصو گهر وارن جي حقن ۽ ڪم ڪارين جي ادائيگي جي لاءِ ۽ ٽيون حصو پنهنجي وجود لاءِ هوندو هو. پوءِ پنهنجي وقت جي حصي کي پاڻ ۽ ماڻهن جي وچ ۾ فائدي لاءِ ورهائيندا هئا. پنهنجو فيض ۽ برڪت خاص اصحابن سڳورن عليهم الرضوان جي ذريعي عام ماڻهن تائين پهچائيندا هئا ۽ ڪابه شيءِ اصحابن کان نه جهليندا هئا. امت جي حصي يا وقت ۾ سندن عادت مبارڪه هئي ته علم ۽ عمل وارن جي اندر اچڻ جي اجازت ۽ ورهاست ۾ سندن ديني فضيلت ۽ لياقت آهر اختيار ۽ عزت ڏيندا هئا. انهن مان ڪنهن جي هڪ ضرورت ڪنهن جون ٻه ضرورتون ۽ ڪنهن جون گهڻيون ضرورتون هونديون هيون.

پاڻ سڳورا انهن جي ضرورتن ۾ مشغول رهندا هئا. پوءِ انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ باقي امت جي اصلاح بابت ڪمن ڪارين بابــت مشغول رکندا هئا.

پاڻ سڳورا فرمائيندا هئا. ته اوهان مان جيڪي حاضر آهن سي غير موجود يا غائب کي (ٻڌل ديني ڳالهيون) پهچائين ۽ جيڪي پنهنجون ضرورتون مون وٽ پهچائي نه ٿا سگهن انهن جون ضرورتون مون تائين پهچائي بيان ڪندا ڪريو. ڇوته جيڪو ماڻهو ڪنهن حاڪم وٽ پهچ وارو آهي سو ڪنهن اڻ پهچ واري مسڪين جي حاجت پهچائيندو ته الله قيامت جي ڏينهن ان جا قدم (پلصراط تي) ثابت رکندو ۽ وٽن اهڙن ڪمن کان سواءِ ذڪر نه ٿيندو هو ۽ نه وري ان جي برخلاف پاڻ سڳورا ڪو ڪم قبول ڪندا هئا.

پاڻ سڳورن وٽ ماڻهو (علم دين ۽ ڀلائي جو) شوق ۽ طلب کڻي ايندا هئا ۽ جنهن مهل واپس موٽندا هئا ته (علم دين ۽ ڀلائي سان گڏ) کاڌو به کائي پي ويندا هئا. مطلب ته خير ۽ ڀلائي جا رهبر ٿي موٽندا هئا.

حضرت امام حسين d چيو ته مون پنهنجي والد سڳوري d کان نبي ڪريم جن جي ٻاهر نڪرڻ جي باري ۾ پڇيو، ان چيو ته:  نبي ڪريم بي فائدين ڳالهين کان زبان بند رکندا هئا ۽ رڳو ديني ڳالهيون بيان فرمائيندا هئا.

اصحابن کي پاڻ ۾ محبت سيکاريندا هئا ۽ جدا ٿيڻ نه ڏيندا هئا. پاڻ هر قوم جي معزز ماڻهن جي عزت ڪندا هئا ۽ کين انهن تي حاڪم مقرر ڪندا هئا. پر ان جي باوجود هر هڪ سان کِل ۽ سهڻي اخلاق سان پيش ايندا هئا. پنهنجن اصحابن عليهم الرضوان جي سار سنڀال ۽ خبر چار لهندا هئا ۽ ماڻهن کان جنهن حال ۾ به هوندا هئا پڇا ڪندا هئا.

پاڻ چڱي کي چڱو سمجهندا ۽ ان جي مدد ڪندا هئا ۽ خراب کي خراب سمجهي ان جي مذمت ڪندا هئا. پاڻ هميشه هر ڪم ۾ وچٿرا هلندا هئا ۽ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان کان بي خبر نه رهندا هئا ته ڪٿي اهي غافل يا سست نه ٿي وڃن.

 پاڻ سڳورن وٽ هر حالت ۾ سامان پورو تيار هوندو هو. حق ۾ ڪوتاهي نه ڪندا هئا ۽ حد کان ٻاهر نه ويندا هئا. ماڻهن مان سندن سنگت ساٿ وارا ڀلارا فرد هئا. وٽن ڀلا اهي ماڻهو هئا. جن جي خير خواهي عام هجي ۽ اهو وٽن مانَ وارو هوندو هو، جنهن جي ماڻهن سان غمخواريءَ ۽ ٻين ڪمن سان مددگاري سٺي هجي.

حضرت امام حسين d چيو ته مون پنهنجي والد سڳوري d کان پاڻ ڪريم جن جي مجلس جي باري ۾ اٿڻ ويهڻ بابت پڇيو؟ ان چيو ته نبي ڪريم اٿئي ويٺي الله جو ذڪر ڪندا هئا. پاڻ ڪنهن جي ڪچهري ۾ ويندا هئا ته جتي جاءِ هوندي هئي، اتي ويهندا هئا ۽ ٻين کي به ائين ڪرڻ جو چوندا هئا ، پنهنجي هر مجلس واري کي ان جو حصو ۽ حق ڏيندا هئا يعني سڀني کي هڪجهڙو ڀائيندا هئا. سندن گڏ ويهندڙ سمجهندو هو، ته مون کان وڌيڪ ڪو ان کي پيارو ڪونهي.

 جڏهن ڪو ماڻهو وٽن اچي ويهندو يا پنهنجي ضرورت جي ڳالهه ڪندو هو ته انهيءَ سان تيستائين صبر ڪري ويهندا هئا جيسيتائين اهو پاڻ وڃڻ جي نه ڪري، وٽن ڪو ڪم کڻي ايندو هو ته پورو ڪندا هئا يا نرميءَ سان جواب ڏيندا هئا. سندن شفقت ۽ خُلق ماڻهن تي عام هو. ڄڻ پاڻ همدردي ۽ شفقت ۾ ماڻهن لاءِ پيءُ وانگر هئا. سڀني ماڻهن جا حق وٽن برابر هڪجهڙا هئا. پاڻ سڳورن جي ڪچهري بردباري، حيا، صبر ۽ امانت واري مجلس هوندي هئي، ان مجلس ۾ وڏو آواز نه هوندو هو ۽ نه وري ڪنهن جي عزت تي عيب يا تهمت لڳندي هئي، ڪنهن جون غلطيون ظاهر نه ڪيون وينديون هيون. مجلس وارا پاڻ ۾ موافق ۽ برابر هوندا هئا يعني هڪٻئي تي فخر ۽ وڏائي نه ڪندا هئا اتي پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي کان فضيلت رکندا هئا. مجلس وارا سڀئي نياز نوڙت وارا ۽ وڏن جي عزت ڪندا هئا ۽ ننڍن تي رحم ۽ شفقت ڪندا هئا. گهرج وارن جي گهرج پوري ڪندا هئا ۽ ننڍن تي رحم ۽ شفقت ڪندا هئا. ۽ مسافرن جي حقن جي سار سنڀال لهندا ۽ خدمت ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”وَصَّافًا گهڻو بيان ڪندڙ. حِلْيَةِ صورت. ” الشکل“ مشابهه، مثل، نظير، صورت.جَزَّأَ حصا ڪندا، تقسيم ڪندا هئا. يَدَّخِرُ پوشيده، لڪل نه رکندو هو. سِيرَتِ عادت، طريقو، روشن، زندگي گذارڻ جو طريقو، هيئت.حَاجَةَ هن جو جمع  حوائج ۽ حاجات ايندو آهي،يعني  ضرورت.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ حضرت امام حسن d پنهنجي مامي کان حضرت حبيب ڪريمن جو حليو مبارڪ روايت ڪيو آهي پر جڏهن ته ان ۾ حضرت رسول اڪرم جي تواضع ۽ انڪساري جو به بيان آهي تڏهن هن کي تواضع جي باب ۾ ذڪر ڪيو اٿس. علامه البيجوري  لکيو آهي ته : حضرت امام حسن d حضرت امام حسين d کان تقريبًا هڪ سال وڏو هو. حضرت امام حسن سن ٽي هجري رمضان مهيني ۾ ڄائو هو ته حضرت حسين d سن 4 هه شعبان مهيني ۾ ڄائو هو ۽ حضرت امام حسين امام حسن f جي وفات کان ڏهه سال پوءِ به زندهه رهيو. حضرت امام حسن d جو مامو ابن ابي هاله d جو پٽ هو جيڪو حضرت امام حسن جي امان سيده فاطمه زهرا g جو مائيتو ڀاءُ هو جيڪو سيده خديجة الڪبرى کي ان جي اڳئين مڙس ابي هاله مان هو. اهو حضرت نبي ڪريم جي ذات کي ننڍي عمر ۾ ويجهو رهيو ۽ سندن هر صفت کي سوچي ڏٺو هيائين جيئن حضرت علي d ڇوته اهي ٻئي حضرت حبيب ڪريم جن پاليا هئا. ۽ ننڍو ويجهو رهي وڏي کان وڌيڪ سوچي سگهي ٿو وڏو ادب، حياء جي ڪري هيبت ۾ رهندو، ان جي ڪري بعض علماء فرمايو ته : شمائل جون عمده حديثون هند ابن ابي هاله ۽ علي بن ابي طالب d تي ڦرن ٿيون. حضرت امام حسن d فرمايو ته منهنجو شوق هوندو هو ته اهو مون کي حضور ڪريم جون شاندار، عظيم ڳالهيون ٻڌائي ابن ابي هاله d فرمايو ته : رسول الله جن ذاتي لحاظ سان به عظيم هئا ۽ مخلوق ۾ به معظم هئا. جيڪڏهن ڪو چاهيندو هو ته سندن تعظيم نه ڪري ته به بيوس بنجي سندن تعظيم ڪندو هو هڪ قول آهي ته ”فخمًا“ جي معنى آهي الله وٽ عزت وارو ۽ ”مفخمًا“ جي معنى آهي خلق ۾ عزت وارو.يَتَلا لَؤُ وَجۡهُهٗ تَلَالُؤَ الۡقَمَرِ لَيۡلَةَ الۡبَدَرِ (سندن چهرو مبارڪ ائين چمڪندو هو جيئن چوڏهين جي رات جو چنڊ چمڪندو آهي ۽ ان چوڏهين جي رات کي ”البدر“ ان جي ڪري سڏيو ويو آهي جو ان ۾ چنڊ جلد ظاهر ٿيندو آهي. حضرت امام حسن d فرمايو ته : مون هيءَ حديث ڪو وقت حضرت حسين d کان لڪائي رکي ۽ اهو ان جي ڪري ته ان جي علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشش کي ڏسان يا ان جي لاءِ ته اهو پڇي ته پوءِ ان کي ٻڌايان. ۽ پڇڻ کان پوءِ جيڪا شيءِ ٻڌائي ويندي آهي.  ان جو قدر هوندو آهي ۽ اها وڌيڪ ذهن ۾ ويهندي آهي پر جڏهن حضرت امام حسن d حضرت امام حسين d کي ٻڌائي ته خبر پيس ته ان وٽ اها حديث اڳئي پهتل هئي. ۽ حضرت حسين پنهنجي والد حضرت علي d کان حضرت رسول الله جي گهر ۾ اچڻ، گهر مان نڪرڻ ۽ سندن مجلس ۾ هيئت ۽ طريقي جي متعلق به پڇي ڇڏيو هو. حضرت امام حسين d پنهنجي پيءُ حضرت علي d کان روايت ڪئي ان فرمايو ته رسول الله جن گهر ۾ ايندا هئا ته اتي واري پنهنجي وقت کي ٽن حصن ۾ ورهائيندا هئا. (1) هڪ حصي ۾ الله جي عبادت ۽ ان جي قدرتي مصنوعات ۾ فڪر ڪندا هئا. (2) ٻيو حصو پنهنجي اهل، عيال جي دل وندرائڻ، معاشرتي امور جي حوالي ڪندا هئا ڇوته پاڻ ان معاملي ۾ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ سهڻو رويو رکندا هئا. (3) ٽيون حصو پنهنجي ذات پاڪ جي لاءِ رکندا هئا جنهن ۾ اخروي ۽ دنياوي امور جي تڪميل لاءِ غور ڪندا هئا. ۽ ان حصي کي به پاڻ لاءِ ۽  ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪندا هئا پوءِ اهي ماڻهو ان وقت موجود هئا يا قيامت تائين اچڻ وارا هوندا هئا. سڀني تائين پنهنجي پيغام پهچائڻ جو فڪر ڪندا هئا ۽ ان وقت ۾ خاص صحابه ڪرام جيئن خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم سان ملاقاتون ڪري انهن جي ذريعي عوام تائين دين جو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ ڪا نصيحت انهن کان مخفي نه رکندا هئا ۽ جيڪو حصو امت جي لاءِ رکيل هوندو هو ان ۾ حسب جي لحاظ سان، نسب جي لحاظ سان اسلام ۾ اڳرائي جي لحاظ سان صلاحيت جي لحاظ سان، اهل فضل کي اهميت ڏيندا هئا. ۽ جيڪو جيترو دين ۾ مقدم هوندو هو ان تي ايتري مهرباني ڪندا هئا. جيئن الله قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهياِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَاللهِ اَتۡقَاکُمۡ (بيشڪ اوهان مان الله وٽ وڌيڪ عزت وارو وڌيڪ پرهيزگار هوندو آهي) ۽ سندن خدمت ۾ اچڻ وارن مان ڪنهن جي هڪ حاجت هوندي هئي ته ڪنهن جون ٻه حاجتون ته ڪنهن جون گهڻيون حاجتون هونديون هيون. هتي حاجتن مان مراد انهن جون ديني ضرورتون ۽ ڄاڻ آهي پاڻ انهن کي ديني ڄاڻ ڏيندا هئا. جنهن کي جنهن مسئلي جي ضرورت هوندي هئي ان کي ان جي متعلق هدايت ڏيندا هئا. غير ضروري ڳالهين کان انهن کي روڪيندا هئا. جنهن لاءِ جيڪا ڳالهه مناسب هوندي هئي ان کي اها فرمائيندا هئا هڪ شخص کين عرض ڪيو ته ”مون کي هدايت ڪيو“ ته پاڻ ان کي فرمايائون. الله کان ائين حياء رک جيئن پنهنجي قوم جي صالح شخص کان حياء ڪرين ٿو.“ ٻئي عرض  ڪيو ته ”مون کي هدايت ڪيو ته پاڻ ان کي فرمايائون ته ”ڪاوڙ نه ڪندو ڪر“ ۽ پاڻ فرمائيندا هئا ته هي منهنجو پيغام هتي موجود هوندڙ ان کي پهچائي جيڪو موجود ناهي“ ۽ اهو به فرمائيندا هئا ته ”جيڪو پنهنجو عرض مون تائين نه ٿو پهچائي سگهي ان جو عرض پهچائي سگهڻ وارو پهچائي.“ جيئن عورتن، ضعيفن، ٻانهن، مريضن جي ضرورت واري ڳالهه وغيره جيڪو به محتاج جي ڳالهه سلطان (يعني بادشاهه) تائين پهچائيندو ته الله ان جا قدم قيامت جي ڏينهن (پلصراط تي) ثابت رکندو. سندن دربار ۾ اهڙين ڳالهين کان سواءِ ڪجهه ذڪر نه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کان ٻيو ڪجهه قبول ڪيو ويندو هو. فضول ڳالهيون نه ڪيون وينديون هيون. سندن خدمت ۾ اچڻ وارا اڪابر صحابي رضي الله عنهم به اهي نصيحتون وٺي موٽندا هئا جنهن ۾ امت جو اصلاح هجي. علم ۽ ادب جي چاشني چکڻ کان سواءِ نه موٽندا هئا. ۽ سندن درٻار مان امت جا هادي ۽ رهبر ٿي نڪرندا هئا. نهايت نوڙت ۽ نياز واري ڪيفيت سان ڀرجي ورندا هئا. جيئن ديلمي مسند الفردوس ۾ حضرت علي d کان روايت آندي آهي تهمَنۡ ازۡدَادَ عِلۡمًا وَلَمۡ يَزۡدَدۡ فِي الدُّنۡيَا زُهۡدًا لَمۡ يَزۡدَدۡ مِنَ اللهِ اِلَّا بُعۡدًا (جيڪو علم ۾ وڌيو ۽ دنيا ڏانهن بي رغبتي ۾ نه وڌيو ته اهو الله کان پري رهڻ ۾ وڌيو“ هڪ عرب شاعر جو شعر آهي.

اَذَا لَمۡ يَزِدۡ عِلۡمُ الۡفَتَي قَلۡبَهٗ هُدًي

وَسِيۡرَتَهٗ عَدۡلًا وَاَخۡلَاقَهٗ حُسۡنًا

فَبِشَّرۡهُ اِنَّ اللهَ اَوۡلَاهُ نَقۡـــمَةً

تُغَشِّيۡهِ حِرۡمَانًا وَتُوۡرِّثُهٗ حُزۡنًا

(يعني جڏهن انهن کي ان جي علم قلب ۾ هدايت ۽ سيرت ۾ عدل ۽ اخلاق ۾ حسن نه ڏنو ته ان کي بشارت ڏي ته بلاشڪ الله ان  کي سزا ڏني آهي جيڪا ان کي محرومي سان ڍڪي ٿي ۽ ورثي ۾ ڏک ڏي ٿي.) 

پوءِ وري حضرت حسين d پنهنجي والد سيدنا علي d کان حضرت نبي ڪريم جن جي گهر مان ٻاهر نڪري اچڻ کان بعد جو احوال ورتو ته ٻاهر سندن سيرت ۽ طريقو ڇا هو. ۽ پاڻ ڇا ڪندا هئا. ته حضرت علي d فرمايو : پنهنجي پاڪ زبان تي ڪنٽرول رکندا هئا. مقصد کان سواءِ نه ڳالهائيندا هئا. بي مقصد ڳالهيون نه ڪندا هئا. گهڻو ماٺ ۾ رهندا هئا. (سندن فرمان آهي ته مَنۡ کَانَ يُؤۡمِنُ بِا للهِ وَالۡيَوۡمِ اۡلاٰخِرَ فَلۡيَقُلۡ خَيۡرًا اَوۡ لِيَصۡمُتۡ (جيڪو الله ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو اهو ڀلي ڳالهه ڪري يا چپ رهي) ۽ حبيب ڪريم جن سندن جي خدمت ۾ اچڻ وارن کي لطف، الفت ۽ پيار سان نوازيندا هئا. انهن ۾ نفرت پيدا نه ڪندا هئا ڇوته سندن ذات ۾ عفو ۽ درگذر جو مادو هوندو هو ۽ پاڻ رحمت ۽ رافت جا صاحب هئا۽ هر قوم جي عزت واري جي عزت ۽ اڪرام ڪندا هئا ۽ ان کي سندن مٿان والي رکندا هئا. ڇوته هر قوم پنهنجي وڏي ، سردار جي اطاعت ڪندڙ هوندي آهي ۽ ان ۾ ڪرم به آهي جيڪو انهن سان نرميءَ جو موجب آهي ۽ ان ۾ انهن جي امر جي لاءِ اعتدال به هوندو هو ماڻهن کي الله جو خوف ڏياريندا ۽ ڊيڄاريندا هئا ۽ انهن کي الله جي اطاعت ۽ عبادت جو حرص ڏياريندا هئا ماڻهن جي شرارت کان بي توجهه نه هوندا هئا. انهن جي شر کان محفوظ رهڻ جو انتظام ڪندا هئا پر ان هوندي انهن سان سهڻي نموني ملندا هئا انهن کي محسوس ڪرڻ نه ڏيندا هئا  ته پاڻ انهن جي متعلق ڪهڙو ذهن رکن ٿا اصحاب ڪرام عليهم الرضوان جي خبر چار پڇندا هئا ۽ جيڪو بيمار هوندو هو ان جي طبع پرسي ڪرڻ ويندا هئا جيڪو مسافر هوندو هو ان جي سلامتيءَ سان موٽي اچڻ جي دعا فرمائيندا هئا جيڪڏهن ڪو وفات ڪري ويندو هو ته ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا هئا. ۽ خاص اصحاب ڪرام عليهم الرضوان کان عام ماڻهن جو حال احوال وٺندا هئا تانت ظالم جو ظلم دفع ڪيو وڃي مظلوم جي حق رسائي ڪئي وڃي ۽ ضعيف جي پاسي کي قوت ڏني وڃي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته پاڻ انهن جي عيب جوئي ڪندا ۽ انهن جا گناهه پڇندا ۽ جاچيندا هئا ۽ هن حديث مان هي حڪم ملي ٿو ته ”حاڪمن کي رعيت جو حال احوال معلوم ڪرڻ ضروري آهي اهڙي طرح فقيہ، صالح ۽ اڪابر کي به اها ڄاڻ رکڻ گهرجي ڇوته ماڻهو سندن اتباع ڪندا آهن ان جي ڪري اهي انهن جي احوال کان غافل نه رهن متان ڍر ڏيڻ جي ڪري اهڙا نقصان ٿين جن جو رفع ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي. پاڻ سهڻي شيءِ جو حسن بيان ڪندا هئا. ان جي پسنديدگي بيان فرمائيندا هئا. ۽ جيڪڏهن اها شيءِ ڪنهن ماڻهوءَ جي ٺهيل هوندي هئي ته ان جي لاءِ به عنايت جو اظهار فرمائيندا هئا ۽ معقول ۽ منقول طريقي سان ان ۾ قوت پيدا ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ قبيح هوندي هئي ته ان کي قبيح سڏيندا ۽ ان جي قباحت بيان ڪندا هئا ان جي ضعف کي واضح ڪندا هئا. سندن احوال ۽ اقوال ۾ اعتدال هوندو هو ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ کان بي توجهه نه رهندا هئا. ان جي خوف کان ته احوال ۽ افعال مان فائدي وٺڻ کان غافل نه رهن يا راحت ۽ سستيءَ جو شڪار نه ٿين. جيئن سلوڪ جي صاحبن ، عارفن ٻانهن جو طريقو آهي ته پنهنجن شاگردن ۽ مريدن کان بي توجهه نه رهندا آهن ته متان سست ٿي فيض ۽ علم حاصل ڪرڻ کان رهجي وڃن. سندن ذات عالي صفات وٽ هر حال جي لاءِ تياري هوندي هئي. جنگين جي لاءِ هٿيار به تيار رکندا هئا حق بيان ڪرڻ يا مظلوم کي سندس حق وٺي ڏيارڻ ۾ ڍر نه ڪندا هئا ۽ حق کان تجاوز به نه ڪندا هئا جيڪي سندن قريب هوندا هئا اهي فائدن حاصل ڪرڻ، علم پڙهڻ ۾ ڀلا هوندا هئا. انهن ۾ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ صلاحيت  هوندي هئي. ان جي ڪري سندن فرمان عاليشان آهي: لِيليَنَي مِنۡکُمۡ اُوۡلُوا الۡاَحۡلَامِ وَالنُّهٰي ثُمَّ الَّذِيۡنَ يَلُوۡنَهُمَّ ثُمَّ الَّذِيۡنَ يَلُوۡنَهُمۡ ( مون سان قريب عقل ۽ فهم ۾ وڌيڪ هجڻ وارا ويهن ان کان پوءِ جيڪي انهن  سان (عقل ۽ فهم) ۾ ملن ٿا ان کان پوءِ اهي جيڪي انهن سان ملن ٿا.)

علامه بيجوري  هي روايت آڻي لکيو آهي ته : عالم جي لاءِ مناسب آهي ته پنهنجي ويجهو ڀلن (يعني ذهين) شاگردن کي ويهاري ڇوته اهي ئي علم ۽ فهم جي لحاظ سان اعتماد جي قابل آهن. سندن دربار ۾ اهو ڀلو هوندو هو جيڪو انهن مان نصيحت جي لحاظ سان وڌيڪ عام هوندو هو ۽ انهن مان وڌيڪ مرتبي جي لحاظ سان اهو هوندو هو جيڪو ماڻهن سان همدردي ۽ غمخواري ۾ وڌيڪ هوندو هو. محتاجن جون حاجتون پوريون ڪندا هئا. پنهنجي احتياجيءَ جي باوجود ٻين کي اهميت ڏئي انهن کي انهن جون حاجتون ۽ ضرورتون عطا ڪندا هئا. جيئن قرآن ڪريم ۾ الله جو فرمانِ عاليشان آهي : وَيُؤثِرُوۡنَ عَلٰي اَنۡفُسِهِمَ وَلَوۡ کَانَ بِهِمۡ خَصَاصَةُ (القرآن ) (۽ پنهنجن سرن تي انهن کي اختيار ڪن ٿا ڀلي کين احتياجي هجي) اهي پنهنجن مسلمان ڀائرن جي اهم امور ۾ ضرورت پوري ڪن ٿا. نيڪي ۽ تقوى جي ڪمن ۾ سندن مددگار رهن ٿا جيئن رب جو ارشاد آهي :” وَتَعَاوَنُوۡعَليَ البِرِّ وَالتَّقۡوٰي ( ۽ نيڪي ۽ تقوى جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪيو)

حضرت امام حسين d ارشاد فرمايو ته : مون پنهنجي پيءُ سيدنا علي d کان نبي ڪريم جن جي مجلس  جي متعلق عرض ڪري پڇيو ته : ان فرمايو : پاڻ اٿندا ۽ ويهندا ذڪر سان هئا. يعني هر حال ۾ ذڪر سان هوندا هئا ( ۽ هن مان معلوم ٿيو ته مسلمان هر حال ۾ ذڪر تي هجي جيئن الله جو فرمان عاليشان آهي : اَلَّذِيۡنَ يَذۡکُرُوۡنَ اللهَ قِيَامًا وَّ قُعُوۡدًا وَّعَلٰي جُنُوبِهِمۡ (جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجن پاسن تي  ليٽيندي الله جو ذڪر ڪن ٿا) ۽ هن مان مقصود هر حال ۾ ذڪر ڪرڻ آهي. الغرض ته ذڪر عبادات ۾ اعظم آهي. جيئن رب العزت جل مجده جو فرمان آهي :” وَلَذِکۡرُ اللهِ اَکۡبَرُ (۽ البت الله جو ذڪر وڏي شيءِ آهي) حبيب ڪريم جن  جو ويهڻ ۾ معمول هيئن هوندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن مجلس ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ته جتي ماڻهو ويٺل هوندا هئا اتي ئي ويهي رهندا هئا. ماڻهن کي لتاڙي اڳتي نه ايندا هئا اهو سندن تواضع ۽ مڪارم اخلاق جو ڪمال هو. پر ان هوندي پاڻ جتي به ويهندا هئا ته مجلس جا صدر پاڻ هوندا هئا. ۽ ٻين کي اهو ئي امر ڪندا هئا. ته جتي جاءِ ملي اتي ويهي رهو. نفس کي اڀارڻ ۽ تڪبر پيدا ڪرڻ کان بچو ۽ ان امر جي متعلق گهڻيون حديثون آيل آهن. انهن مان هڪ هيءَ حديث به آهي جيڪا بيهقي وغيره آندي آهي ته : اِذَا انۡتَهٰي اَحَدُکُمۡ اِلٰي مَجۡلِسٍ فَاِنۡ وُسِعَ لَهٗ فَلۡيَجۡلِسۡ وَاِلَّا فَلۡيَنۡظُرۡ اِلٰي اَوۡسَعِ مَکانٍ يرٰهُ فَلۡيَجۡلِسۡ فِيۡهِ (جڏهن اوهان مان ڪو هڪ مجلس ۾ پهچي پوءِ جيڪڏهن ان جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪئي وڃي ته ويهي رهي ۽ جيڪڏهن نه ته جيڪا ڪشادي جاءِ ڏسي ان ۾ وڃي ويهي، الغرض ته اهو طريقو فعلًا ۽ امرًا ثابت آهي  پاڻ پنهنجي مجلس ۾ هر  اچڻ واري کي سٺي نموني پيش اچڻ سان ان جو حصو ڏيندا هئا. هر ڪو مطمئن ۽ خوش ٿي ويندو هو ۽ جيڪو جيترو اهل هوندو هو ان کي اوتري تعليم ۽ تفهيم سان نوازيندا هئا مجلس ۾ اچي ويهڻ وارو محسوس نه ڪندو هو ته ٻئي تي ان کان وڌيڪ ڪرم نوازي ٿي رهي آهي ۽ کين گهٽ سمجهيو وڃي پيو. اهو سندن خلق جو ڪمال ۽ معاشرتي حسن هو جو هر هڪ صحابي d سمجهندو هو ته اهو کين وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ پيارو آهي ان ذريعي هڪ ٻئي سان حسد ۽ بغض ڪرڻ کان امت کي بچائيندا هئا. جيئن سندن ارشاد پاڪ آهي : لَا تُبَاغِضُوا وَلَا تُحَاسِدُوا وَکُوۡنُوۡا عِبَادَاللهِ اِخۡوَانًا ( نه هڪ ٻئي سان بغض رکو ۽ نه حسد رکو ۽ الله جا ٻانها ڀائر ٿي رهو.) سندن ذات پاڪ ۾ اها به خوبي هئي ته جيڪو ساڻن مجلس ۾ ويٺو يا ڳالهه ٻولهه شروع ڪيائين ته پاڻ ان سان صبر ڪري ويهندا ۽ ان جي ڳالهه ٻڌندا هئا نه گفتگو ڪٽيندا هئا. نه تنگ ٿي اٿي ويندا هئا. تانجو اهو پاڻ ڳالهه ختم ڪندو هو. يا اٿڻ جي لاءِ اجازت وٺندو هو. ۽ کانئن ڪير به ڪهڙي به حاجت هجي سائل ڪير به هوندو هو ته ان جي حاجت پوري ڪندا هئا يا ان سان اهڙو سٺو ڪلام فرمائيندا هئا جو اهو گهڻو خوش ٿي موٽندو هو ڪنهن به سائل کي سخت ڪلام سان جواب نه ڏيندا هئا. اهو سندن حياء، مروت ۽ سخا جو ڪمال هو ۽ هي مراد قرآن ڪريم جي آيت فَقُلُ لَّهُمۡ قَولًا مَّيۡسُوۡرًا (القرآن) (پوءِ انهن سان آسان گفتگو فرمايو) مان ورتل آهي ۽ ان آسانيءَ مان هي به آهي ته سائل سان وعدو ڪيو وڃي ته جڏهن ڪا شيءِ ايندي، ميسر ٿيندي ته توکي ڏني ويندي. جيئن پاڻ ڪريمن جن گهڻن ماڻهن سان اها مهرباني ڪئي هئي. ۽ ان جي ڪري حضرت ابو بڪر صديق d وٽ جڏهن سندن خليفي ٿيڻ کان پوءِ مال آيو ته فرمايو هيائين : مَنۡ کَانَ لَهٗ عِنۡدَ رَسُوۡلِ اللهِ عِدَةُ فَلۡيَاتِنَا (جنهن سان رسول الله جو ڪو وعدو ڪيل هجي (۽ اهو رهجي ويو هجي ته اهو اسان وٽ اچي. پوءِ ان وٽ ماڻهو آيا ته پاڻ انهن سان وعدو وفا ڪيائين.) حضرت حبيب ڪريم جن جي خوش خلقي، مهرباني واري انداز سان پيش اچڻ سڀني ماڻهن تانجو منافقين لاءِ به وسيع هيو. ڇوته پاڻ هر ڪنهن کي ان جي حال جي مناسب لطف و ڪرم سان نوازيندا هئا پاڻ انهن جي لاءِ شفقت ۽ پيار ڏيڻ ۾ پيءُ وانگر هوندا هئا بلڪه ان کان به وڌيڪ شفيق هوندا هئا ڇوته پيءُ وڌ ۾ وڌ ظاهري امور ۾ پٽ جي ڀلائي چاهيندو ۽ حضرت رسول الله جن ظاهري ۽ باطني ٻئي ڀلايون فرمائيندا هئا ۽ سندن دربار دُربار ۾ حق جي معاملي ۾ سڀ ماڻهو برابر هوندا هئا هر هڪ کي ان جو حق پلئه پوندو هو ۽ جيتري جو اهو اهل ۽ لائق هوندو هو ان تي اوتري نوازش ٿيندي هئي ۽ ڪوبه اها لالچ ۽ طمع نه رکندو هو ته اهو ٻين کان حق جي معاملي ۾ ممتاز آهي ڇوته سندن ذات وٽ عدل جو ڪمال ۽ نفساني اغراض کان سلامتي هوندي هئي. سندن مجلس حلم، حياء، علم امانت ۽ صبر واري هوندي هئي سندن مجلس ۾ ويهڻ وارا ادب جي انتها سان اهڙي انداز ۾ ويهندا هئا ڄڻ سندن مٿي تي پکي ويٺا آهن. سندن صبر جو به ڪمال هو جو مخالفن جي جفا تي صابر رهندا هئا ۽ سندن مجلس اسرار ۽ رموز سان ڀرپور هوندي هئي. سندن مجلس ۾ تذڪير، ترغيب ۽ ترهيب جو بيان ٿيندو رهندو هو. پوءِ اتي ويٺلن جا قلب نرم ٿيندا هئا اهي دنيا کان بي رغبت ۽ آخرت ڏانهن رغبت ڪندڙ هوندا هئا سندن دربار ۾ بلند آواز سان نه ڳالهايو ويندو هو. ها جيڪڏهن ڪو معاند سرڪشي ڪندڙ سندن دربار ۾ عناد ۽ سرڪشي ڪندو هو ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان ان کي ڌمڪائي خاموش ڪندا هئا. يا دشمن تي رعب ۽ دبدبو طاري ڪرڻ، ڊپ ڏيڻ جي ضرورت پوندي هوندي هئي ته پوءِ حبيب ڪريم ۽ رب العزت جل وعلا جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سندن خيال مبارڪ کي سمجهندي وڏي آواز سان ڳالهائيندا هئا. نه ته :”ياۤ اَیُّہَا  الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَرْفَعُوۡۤا اَصْوَاتَكُمْ  فَوْقَ صَوْتِ النَّبِیِّ “ ( اي ايمان وارا! پنهنجا آواز نبي جي آواز کان بلند نه ڪيو.) جي حڪم تي عمل ڪندا هئا. سندن مجلس ۾ ڪنهن عزت واري جي عزت گهٽ نه ڪئي ويندي هئي ۽ نه ڪنهن جي گلا ڪئي ويندي هئي. سندن مجلس هر قباحت کان پاڪ هئي. سندن مجلس مبارڪ ۾ ڪابه واهيات ڳالهه نه ٿيندي هئي جيڪڏهن ڪنهن کان عادت ۽ طبيعت جي خلاف ڪا اهڙي ڳالهه ٿي ويندي هئي. ته اها اتي ئي بند ڪئي ويندي هئي. ان کي مشهور نه ڪيو ويندو هو، نه اها ڳالهه ٻاهر بيان ڪئي ويندي هئي. ۽ سندن مجلس ۾ ويهڻ وارا برابر هوندا هئا هڪٻئي کان تڪبر ۽ وڏائي نه ڪندا هئا ۽ نه هڪ ٻئي تي حسب ۽ نسب ۾ فخر ڪندا هئا. سندن خدمت ۾ فضل ۽ شان تقوى جي بنياد تي هوندو هو. هڪ ٻئي تي شفقت ۽ لطف ڪندا هئا ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. علم ۽ عمل جا طالب هوندا هئا ڪنهن ۾ وڏائي ۽ غرور نه هوندو هو تواضع ۽ انڪساري جا مالڪ هوندا هئا. حبيب ڪريم جي مجلس ۾ وڏي جي عزت ڪندا هئا ننڍي تي رحم ڪندا هئا. جيئن حديث مبارڪ ۾ آيو آهي :لَيۡسَ مِنَّا مَنۡ لَّمۡ يَرۡحَم صَغِيۡرنا وَلَمۡ يُوَقِّرَ کَبِيۡرَنَا“ (جنهن اسان جي ننڍي تي رحم نه ڪيو ۽ اسان جي وڏي جي عزت نه ڪئي  اهو اسان مان ناهي) ۽ سندن مجلس ۾ حاجت مند کي ايثار ڪري حبيب پاڪ جن ڏي ويجهو وڃڻ يا ويهڻ ڏيندا هئا تانجو اهو سندن خدمت ۾ حاجت پيش ڪري سگهي. ۽ غريب جي حق جي حفاظت ڪندا هئا ان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا هئا يا مراد آهي ته غريب مسئلا ۽ نادر ڳالهيون چڱيءَ طرح ياد ڪندا ۽ ذهن ۾ ويهاريندا هئا تانت اهي ذهن مان نڪري يا وسري نه وڃن. (المواهب ص 548، 565) ۽ علامه علي القاري  هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته : حضور ڪريم جن عظيم هستي، ماڻهن جي دلين ۽ اکين ۾ به معظم هئا ۽ سندن منهن مبارڪ مان  نور جون تجليون نڪرنديون هيون جيئن چوڏهين جي رات واري چنڊ جون تجليون هونديون آهن ۽ هيءَ روايت اهڙي آهي جيڪا ننڍي کان وڏي آندي آهي. ڇوته ان ۾ امام حسن d حضرت امام حسين d کان رواي آهي. ۽ وڌيڪ صحيح قول هي آهي ته هي هڪ دور وارن جي هڪٻئي کان روايت آهي جيئن اهو علوم حديث ۾ مقرر آهي. ۽ انهن ٻنهي پيارن امامن جي عمر ۾ ته هڪ سال کان به گهٽ فرق هو ۽ حضرت حبيب ڪريم جن پنهنجي وقت جو جيڪو حصو گهر وارن جي لاءِ رکندا هئا ان جي تشريح ڪندي علامه علي قاري  لکيو آهي ته : پاڻ ان ۾ گهر وارن جي احوال جي معرفت ، اقوال جو سماع ۽ افعال کي ڏسڻ فرمائيندي انهن سان سهڻي نموني وقت گذاريندا، گڏ رهندا، ڳالهه ٻولهه ڪندا، نرمي رکندا، انهن جي دل وندرائيندا ۽ سٺي انداز سان صحبت سان نوازيندا هئا. ۽ صحيح روايت ۾ آهي ته پاڻ انصارن سڳورن جي نياڻين کي ام المومنين سيده عائشه صديقه g ڏانهن موڪليندا هئا جيڪي ان وٽ اچي ڪري ان جي دل وندرائينديون هيون ۽ ام المومنين g جيڪڏهن پاڻي پيئندي هئي ته پاڻ ان ٿانوَ ۾ ام المومنين جي چپن لڳڻ واري جاءِ تي پنهنجا چپ مبارڪ رکي پاڻي پيئندا هئا ڪڏهن ڪڏهن ام المومنين سيده عائشه صديقه g حضور ڪريم جي ٻين گهروارين سان ريس ڪندي انهن کي برداشت نه ڪندي ڪو عمل ڪندي هئي جيڪو نا مناسب هوندو هو ته به حبيب ڪريم جن برداشت ڪندا هئا. جيئن خود ام المومنين عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته : مون (ام المومنين بيبي صفيھ g) جهڙي طعام ٺاهيندڙ ڪابه ٻي عورت نه ڏٺي“ مطلب ته طعام ڀلو ٺاهيندي هئي.) هڪ ڀيري ان هڪ ٿانوَ ۾ کاڌو وجهي حضرت حبيب ڪريم جي خدمت ۾ موڪليو مان برداشت ڪري نه سگهيس ۽ مون اهو ٿانءُ ئي ڀڃي ڇڏيو پوءِ حضرت نبي پاڪ جي خدمت ۾ عرض ڪيم، ته ان جي ڪفارت ڪهڙي آهي؟ ته پاڻ ارشاد فرمايائو ته : ”ٿانوَ جهڙو ٿانءُ ۽ طعام جهڙو طعام“ ۽ هي سندن خلق عظيم ۽ حلم ڪريم هو. ۽ پنهنجي ذات جي لاءِ جيڪو وقت رکيو هيائون.“ ان جي تشريح ڪندي علامه موصوف  لکيو آهي ته ! ان ۾ دنياوي ۽ اخروي امور جي تڪميل فرمائيندا هئا. ان ۾ واجب الوجود مالڪ الڪرم والجود جي جمال جو مشاهدو فرمائيندا ۽ جمع الجمع ۽ البقاء بعد الفنا جي مرتبي جا مزا ماڻيندا هئا. وقت جو پهريون حصو ان فنا جي حال جي مناسب هو جيڪا تضرع ۽ ثنا جي مقام سان لائق هئي. ۽ ٻئي حصي ۾ جسماني حقوق جي حفاظت ۽ ٽئي حصي ۾ جمع اڪمل جي مقام تي رهندا هئا. ۽ (سندن صدقي) اصفياء ڪاملين تي به اها مهرباني ٿيندي آهي جيئن تڪميل جي مقام تي مقرر ڪيا ويندا آهن. ۽ پنهنجي ان مخصوص حصي ۾ سندن خدمت ۾ ايندڙن، التجائون ڪندڙن تي به نوازشون ڪندا هئا. خاصن جي ذريعي عام تائين علوم و فيوضات پهچائيندا هئا. ۽ ڪابه اهڙي ڳالهه جنهن ۾ خواص ۽ عوام جو فائدو هجي مخفي نه رکندا هئا سڀني تي رحمت ۽ ڪرم جا ڪڪر وسائيندا هئا ۽ حسب يا نسب يا اسلام ۾ اڳي هجڻ يا صلاحيت ۽ اهليت وارن کي اچڻ، توجهه ۾ سامهون رکڻ، فائدي ڏيڻ ۽ عام جي حال احوال پهچائڻ ۾ اڳي رکندا هئا تان ته اهي دين جي خدمت وڌيڪ ڪن جيئن هن حديث ۾ وارد آهي ته خِيَارُهُمۡ فِي الۡجَاهِلِيَّةِ خِيَارُهُمۡ فِي الۡاِسۡلَامِ اِذَا فَقَهُوًا (انهن مان جاهليت ۾ ڀلا  اسلام ۾ به ڀلا آهن جڏهن فقيھ ٿيندا (دين جو علم رکندا. ۽ جيڪي سندن حضور ۾ ايندا هئا. انهن کي سندن ۽ امت جي فائدي واري ڪم ۾ مشغول رکندا هئا. ۽ سندن خدمت ۾ اچڻ وارا دين جا رهنما ٿي نڪرندا هئا. جيئن حديث مبارڪ آهي : اَصۡحَابِي کَا النَّجُوۡمِ  بِاَيِّهِمُ اقۡتَدَيۡتُمۡ اِهۡتَدَيۡتُمۡ (منهنجا اصحابي ستارن وانگر آهن انهن مان جنهن جي به اقتدا ڪندؤ ته هدايت وارا ٿيندؤ) ٻاهر نڪرندا هئا ته سندن گفتگو حڪمت ۽ محبت واري هوندي هئي. نفرت واري نه هوندي هئي. جيئن سندن ارشاد مبارڪ آهي ته بَشِّرُوۡا وَلَا تُنۡفِّرُوۡا وَيَسِّرُواۡ وَلَا تُعَسِّرُوۡا (خوشخبري ڏيو ۽ نفرت نه ڏياريو ۽ آساني ڪيو ۽ تنگي نه ڪيو) هر قوم مان عزت واري جي عزت ڪندا هئا. جيئن سندن ارشاد عالي آهي. جيڪو ايترين مختلف سنَدَن سان آيل آهي. جو تواتر جي حد کي ويجهو آهي اِذَا اَتٰکُمۡ کَرِيۡمُ قَوۡمٍ فَاکۡرِمُوۡهُ  وَهُوَ اَفۡضَلۡهُمۡ دِيۡنًا وَّ نَسۡبًا وَّ حَسۡبًا (جنهن وقت اوهان وٽ ڪنهن قوم جو عزت وارو ماڻهو اچي ته ان جي عزت ڪيو ۽ اهو انهن ۾ دين ۽ نسب ۽ حسب جي لحاظ سان افضل هجي) پاڻ قومن ۽ ان جي وڏن جي وچ ۾ نفرت جي بجاءِ الفت ۽ بغض جي بجاءِ پيار ۽ محبت پيدا ڪندا هئا. جيئن الله پنهنجو احسان بيان ڪندي فرمايو وَاَلَّفَ بَيۡنَ قُلُوۡبِکُمۡ ( ۽ اوهان جي دلين ۾ (هڪٻئي جي لاءِ) الفت پيدا ڪيائين. پاڻ ڪن نون مسلمان ٿيندڙن کي مال ڏيڻ سان نوازي انهن جي دلجوئي ڪري انهن کي اسلام تي مضبوط رکندا هئا. جيئن سندن فرمانِ عاليشان آهي : ”اِنِّي لَاُعۡطِي الرَّجُلَ وَغِيۡرُهٗ اَحَبُّ اِلَيَّ مَخَافَةَ اَنۡ يُّکِبَّهُ اللهُ عَلٰي وَجۡههٖ فِي النَّارِ( بلاشڪ مان ڪنهن مرد کي (ڪجهه مال وغيره) ڏيندو آهيان حالانڪه ٻيو مون کي ان کان وڌيڪ پيارو هوندو آهي (سو ان جي ڪري ته جنهن کي مال ڏيان ٿو) الله ان کي (جهنم جي ) باهه ۾ اونڌو ڪري نه سٽي) ۽ مطلب ته مسلمان رهي. ماڻهن جو حال احوال معلوم ڪري سهڻي ڳالهه کي سهڻو غلط ۽ واهيات اقوال کي غلط چوندا هئا. سندن هر ادا معتدل ۽ مناسب هوندي هئي. سندن خدمت ۾ اچڻ وارن مان جيڪو وڌيڪ ماڻهن جي خيرخواهي ڪندو هو ان کي اهميت هوندي هئي. پاڻ ٽي ڀيرا ورائي ورائي فرمايو هيائون: ”اَلَا اِنَّ الدِّيۡنَ النَّصيۡحَةُ (خبردار! دين هڪ (ٻئي جي خيرخواهي ڪرڻ) آهي. اڳتي حديث جا الفاظ ”فَصَارَ لَهُمۡ اَبًا“ (پوءِ انهن جي لاءِ پيءُ هئا) جي تشريح ڪندي علامه موصوف  لکيو آهي ته شفقت ۾  (امت جي لاءِ) پيءُ وانگر هوندا هئا. سندن مجلس علم جي مجلس هوندي هئي. (گپوڙن، سپوڙن، ڪوڙ، چرچن گندگار کان پاڪ هوندي هئي) (جمع الوسائل ج 2 ص 137، 146) الغرض ته حبيب ڪريم جن جو هر امر ۽ هر ڳالهه شريفانه اخلاق جي چوٽيءَ کان مٿي هئي. ۽ ڪيئن نه هوندي جڏهن ته سندن بعثت ئي اخلاقِ حسنه جي تڪميل جي لاءِ هئي. جيئن سندن فرمان آهي بُعِثۡتُ لِاُتَمِّمۡ مَکَارِمَ الۡاَخۡلَاقِ (مان موڪليل ئي اخلاقِ حسنه جي تڪميل جي لاءِ آهيان) ان جي باوجود محبوب ڪريم جن دعا گهرندا هئا ته يا الله! جيئن تو مون کي سهڻي صورت عطا ڪئي آهي تيئن تون مون کي (اڃان وڌيڪ) سهڻا اخلاق عطا ڪرڻ فرماءِ. حالانڪه سندن اخلاق جي عظمت قرآن ڪريم بيان ڪئي آهي ۽ ڪيترن قسمن جي تاڪيد سان ذڪر ڪيل آهي. محبوب ڪريم جو ارشاد آهي ته ”الله نرم مزاجي کي پسند ڪري ٿو ۽ نرميءَ تي ايترو ٿو عطا ڪري جو ٻئي ڪنهن شيءِ تي عطا نه ٿو ڪري“ هڪ اصحابي d حضور ڪريم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته انسان کي جيڪا ڀلي شيءِ عطا ٿي آهي اها ڪهڙي آهي؟ پاڻ ڪريم ارشاد فرمايو ته ”سهڻا اخلاق“ هڪ حديث ۾ ارشاد آهي ته ”انسان سهڻن اخلاقن جي ذريعي رات جو جاڳندڙ، روزا رکندڙ جي درجي کي پهچي سگهي ٿو.“ حضرت معاذ d فرمايو ته ”جڏهن مون کي يمن ڏانهن موڪليو ويو ۽ مون پنهنجي سواريءَ تي سوار ٿي رڪيب ۾ پير رکيو ته حضور اڪرم جن جيڪا آخري هدايت فرمائي اها هيءَ هئي ته ”ماڻهن سان سهڻي اخلاق سان پيش اچجان.“

سروَرِ ڪونين جو ارشاد آهي ته ”مؤمنن ۾ زياده ڪامل ايمان وارا اهي آهن  جن جا اخلاق بهتر هوندا.“ هنن کان سواءِ ٻين به ڪيترين روايتن ۾ حسنِ اخلاق جو تاڪيد فرمايل آهي ۽ هن شمائل واري روايت ۾ ان جو نمونو ذڪر ڪيل آهي.      (خصائل نبوي ص 292)

هدايتون: شمائل ترمذي جي هن روايت ڪيل حديث ۾ هي هدايتون آيل آهن. (1) ٻاهر مجلس ۾ ويهڻ جو نمونو. (2) عبادت سان گڏ اچڻ وڃڻ وارن جي لاءِ وقت کي تقسيم ڪرڻ. (3) ديندارن ۽ دين جي ڪم لاءِ مصروف رهندڙن کي اهميت ڏيڻ (4) گهروارن سان ڳالهه ٻولهه، خوش طبعي ڪرڻ. (5) آرام جي لاءِ وقت ڪڍڻ. (6) جيڪي ديندار اچي دين جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪن اهي انهن کي ٻين تائين پهچائڻ جي لاءِ چوڻ ۽ وس آهر پابند ڪرڻ.  تانت ٻين تائين اهو فيض پهچي. (7) ملاقات ۾ ديندار کي وڌيڪ وقت ڏئي وڌيڪ ديني مواد ڄاڻائڻ (8) معمولي ڳالهين پڇڻ وارن کي ديني ڳالهيون سمجهائڻ (9) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ پنهنجي حاجت يا ضرورت نه ٿو پهچائي سگهي ته پهچڻ وارن کي چئي ڇڏڻ ته اهي حاجتمندن کي پهچائن يا انهن جون ضرورتون ٻڌائن ته اهي وس آهر پوريون ڪجن. (10) اچڻ وارن کي کاڌي ، پيتي جي خدمت سان به نوازڻ. (11) فضول ڪچهرين کان پاڻ کي بچائڻ. (12) وس آهر زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ. هڪ صحابي d حضور ڪريم کي عرض ڪيو ته مَا النَّجاةُ يَا رَسُوۡلَ اللهِ! يا رسول الله! ڇوٽڪارو ڇا ۾ آهي؟ پاڻ ان کي جواب ۾ فرمايائون ته اَمۡلِکۡ عَلَيۡکَ لِسَانَکَ وَلِيَسَعَکَ بَيۡتُکۡ وَابۡکِ عَلٰي خَطِيۡئَتِکَ (پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪر، ۽ پنهنجي گهر ۾ رهندو ڪر هروڀرو ٻاهر نه وڃ) ۽ پنهنجي خطائن تي روئندو رهه) ته ڇوٽڪارو حاصل ڪندين. (12) دنيا ۾ ڌوڪي کائڻ ۽ آخرت جي عذاب کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ. (13) ڪنهن تي تهمت هڻڻ يا پاڻ کي تهمت لڳائڻ کان حفاظت ۾ رهڻ جيئن محبوب پاڪ جو پاڪ فرمان آهي. اِتَّقُوۡا مَوَاضِعَ التُّهَمِ تهمت لڳڻ جي جاين کان بچو. (14) عوام سان اجائي ميل جول کان بچڻ ڇوته ان ۾ معزز شخصيت جي اهميت نه رهندي. رعب کي نقصان پهچندو ۽ هروڀرو شومي به نه ڪجي جو ماڻهن ۾ ڏک يا نفرت پيدا ٿئي هر ڪنهن سان ان جي مقام ۽ منصب آهر مناسب نموني پيش اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ (15) ٻانهي کي جيڪي تعلق رکڻا آهن اهي ٽي قسم آهن جن مان ٻن جو حق ادا ڪرڻ آسان آهي ۽ هڪڙو مشڪل آهي. (1) هڪ الله سان تعلق قائم ڪرڻ (2) ٻيو ان جي دشمنن سان سان تعلق ڇنڻ (3) الله جي دوستن، مومنن سان تعلق. ان جي ڪري به ان سان تعلق ضروري آهي ٻيو ته اهو مومن ته آهي پر الله ناهي ان جي ڪري ان سان تعلق نه رکڻ گهرجي. اهي ٻئي شيون متضاد آهن. ڏکيائي اها آهي ته اهي ٻئي حدون ڪهڙي طرح محفوظ رهن جن سان تعلق رهي به ۽ الله واري تعلق سان برابري به نه رهي. الله پنهنجي حبيب ڪريم کي به فرمايووَشَاوِرۡهُمۡ فِي الۡاَمۡرِ فَاِذَا عَزَمۡتَ فَتَوَکَّلۡ عَلَي اللهِ (۽ انهن (صحابن) سان امر (ڪم ڪارن) ۾ مشورو ڪرڻ فرماءِ پوءِ جڏهن پڪو ارادو ڪرين ته پوءِ الله تي توڪل ڪر) هن آيت ۾ کين امر ٿيل آهي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان سان تعلق جون حدون محفوظ رکو. صلاح مصلحت ۾ اهي شريڪ هجن ان ۾ انهن جي تربيت ۽ دلجوئي آهي. ساڳئي وقت رب العزت جل شانه سان تعلق مضبوط رکندي ان تي توڪل رکو ڪم ۾ هٿ وجهو. حضور ڪريم جو اهو ڪمال هو جو پاڻ سڀني حدن جي پوري پوري حفاظت ڪندا رهيا ٻئي ڪنهن کان اهڙي طرح حدن جي حفاظت ڪرڻ مشڪل آهي. (16) قول ۽ فعل ۾ ڪو اختلاف نه هجي وعدو نڀائڻ ضروري آهي ان تي عمل ڪيو وڃي. (17) مجلس ۾ اچڻ دوران ماڻهن کي لتاڙي، ڪلها اورانگهي اڳتي نه وڃجي. (17) مجلس دوران ڪنهن سان اهڙو برتاء نه ڪجي جو ان کي پنهنجي ڪمتريءَ جو احساس ٿئي. (18) مسافر ۽ محتاج کي پاڻ نه کائي به کارائجي ۽ سنڀالجي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 8 جي تخريج ۾ لکي آيا آهيون. اتي ڏسڻ گهرجي.

{338}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ بَزِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ الْمُفَضَّلِ قَالَ : حَدَّثَنَا سَعِيدٌ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لوْ أُهْدِيَ إِلَيَّ كُرَاعٌ لَقَبِلتُ ، وَلوْ دُعِيتُ عَلَيْهِ لَأَجَبْتُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو : جيڪڏهن مون کي ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگ سوکڙي ڏني وڃي ته آءُ قبول ڪندس ۽ جي ان جي دعوت ڏني وڃي ته به قبول ڪندس.

مفردات جو شرح:”كُرَاعٌ ٻڪري يا ڳائي مال جي اڳين ٽنگ. بعض علماء جي قول مطابق ڀيڏي هيٺئين حصي کي چوندا آهن. هن جو جمع اڪراع ۽ اکارع ايندو آهي.وَلوْ دُعِيتُ ۽ جيڪڏهن  مون کي ان جي لاءِ دعوت ڏني وڃي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ الفاظ آهن ”جيڪڏهن مون کي ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگ هديي ۾ ڏني وڃي ته قبول ڪندس“ يعني تحفه جيڪڏهن ٿوري کان ٿورو گهٽ کان گهٽ هوندو ته به قبول ڪندس ڇوته ان ۾ نفساني حظ نه هوندو آهي بلڪه موڪلڻ واري جي دلجوئي هوندي آهي لهاذا ٿورو يا گهڻو برابر آهي جيڪڏهن مون کي ان جي دعوت ڏني ويندي ته اها دعوت به قبول ڪندس“ تانت دعوت ڏيندڙ ملول ۽ محزون نه رهي ۽ منهنجي جي وڃڻ جي ڪري اهو خوش ٿئي. ان کي راحت نصيب ٿئي ۽ منهنجي نه وڃڻ جي ڪري اهو ڪمتري جي احساس ۾ نه رهي ۽ هي به سندن حسنِ اخلاق ۽ تواضع جو ڪمال آهي.

دعوت قبول ڪرڻ: شارحن  لکيو آهي ته فَيَنۡدُبُ اِجَابَةُ الدَّعۡوَةِ وَلَوۡ لِشيءٍ قَلِيۡلٍ يعني هن حديث مان معلوم ٿيو ته ٿورڙي شيءِ جي لاءِ به جيڪڏهن دعوت ملي ته ان جو قبول ڪرڻ مستحب آهي ۽اهو محبوب ڪريم جي حسن خلق ۽ تواضع جي ڪمال مان هو.

علامه علي قاري  لکيو آهي ته ان هديي قبول ڪرڻ ۾ الله   جي نعمت جي تعظيم آهي الله جي مخلوق سان محبت واري تواضع ۽ الله جي اخلاق سان موصوف ٿيڻ آهي جو اهو قليل قبول ڪري جزيل جزا ڏيندو آهي ۽ هن ۾حضور ڪريم جن جو دعوت ۽ صاحب دعوت جي عرض کي قبول ڪرڻ جو ذڪر آهي نه دعوت ڏيندڙ جي اڳيان تڪبر جو اظهار ٿيندو ۽ نه جنهن شيءِ جي کائڻ جي لاءِ عرض ڪيو ويو ان کي حقير ۽ گهٽ نه سمجهيو ويندو. شرح السنة ۾ حضرت انس d کان روايت آهي ته : مون رسول الله جن کي پٺي اگهاڙي گڏهه تي سواري ڪندي ڏٺو ۽ پاڻ ٻانهي جي به دعوت  قبول ڪندا هئا زمين تي ننڊ ڪرڻ ۽ ويهڻ فرمائيندا هئا. ان تي ويٺي کاڌو کائيندا هئا. علامه مناوي  لکيو آهي ته : هن ۾ سندن تواضع ۽ سهڻي اخلاق جو ڪمال هو ۽ ان اخلاق سان پاڻ ماڻهن جون دليون ڇڪي وٺندا هئا.                               (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 146، 147)

دعوت قبول ڪرڻ جا فائدا: ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته دعوت قبول ڪرڻ ۾ هروڀرو کائڻ سان مطلب نه هوندو آهي پر ان سان گڏ ٻيا هي فائدا به هوندا آهن. (1) ماڻهن سان ملاقات انهن کي چڱيون ڳالهيون چوڻ. (2) دعوت ڏيندڙ جي دل کي خوش ڪرڻ . (3) الله جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪو کاڌي لاءِ ملي اهو کائي الله جو شڪر ڪرڻ (4) دعوت ڪندڙ کي دعائون ڏيڻ وغيره.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} خود محدث ترمذي جامع ترمذي جي کتاب الاحڪام باب 10 ماجاء في قبول الهدية واجابة الدعوة رقم الحديث 1338 ج 3 ص 623 {2} احمد في المسند ج 3 ص 209.

{339}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ الْمُنْكَدِرِ ، عَنْ جَابِرٍ قَالَ : جَاءَنِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَيْسَ برَاكِبِ بَغْلٍ وَلاَ بِرْذَوْنٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر d کان روايت آهي ته رسول الله جن (هڪ دفعي) مون وٽ آيا. پاڻ خچر يا ترڪي گهوڙي تي چڙهي ڪونه آيا. (پر پيرين پنڌ آيا هئا. هي سندن نهٺائي ۽ نوڙت جو چٽو مثال آهي)

مفردات جو شرح: ”بَغْلٍ خچر. بِرْذَوْنٍ عجمي گهوڙو ۽ لغت جي ڪتاب ”المغرب“ ۾ آهي. بِرْذَوْنٍ ترڪي گهوڙي کي چوندا آهن.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ مان واضح ٿيو ته حضرت نبي ڪريم جن سواريءَ کان سواءِ پيادل به صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي نوازڻ ويندا هئا. جيئن امام بخاري  جي روايت ۾ صراحت سان آيل آهي. (1) حضرت جابر d کان روايت آهي ته : مون وٽ رسول الله ۽ (حضرت) ابو بڪر d طبع پرسي جي لاءِ پيادل آيا“ اهو ته حبيب ڪريم جن جي انڪساري ۽ تواضع هئي جو صحابه ڪرام عليهم ا الرضوان وٽ پيادل ايندا رهندا هئا. ۽ سواريءَ تي اچڻ وڃڻ سندن هميشه واري عادت نه هئي. ڪڏهن سوار ٿي به ڪنهن وٽ تشريف  فرما ٿيندا هئا. ۽ حبيب ڪريم جن پنڌ رب العزة جل جلالھ کان وڌيڪ ثواب جي طلب، الله جي اڳيان تواضع ۽ صحابه ڪرام سان خلوص واري محبت جي ڪري ايندا هئا. بخاري عبدالله بن سفيان d کان روايت آندي آهي ته مان بيمار ٿي پيس پوءِ مون کان رسول الله جن ۽ (حضرت) ابو بڪر صديق d  پيادل پڇڻ آيا ۽ مون کي ڏٺائون ته مون تي بيهوشي طاري هئي ته حضرت رسول الله جن وضو ڪري ان پاڻيءَ جا مون کي ڇنڊا هنيا ته مان هوش ۾ اچي ويس. الحديث.

هن روايت ۾ به صراحت آهي ته ”پاڻ پيادل آيا هئا.“ (المواهب  ص 566 جمع الوسائل ج 2 ص 147) المقصد ته حضرت حبيب ڪريم جن اميرن ۽ بادشاهن وانگر هروڀرو سواريءَ جا عادي نه هئا. بلڪه گهڻو ڪري پيادل به هلندا هئا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن روايت ڪئي آهي: {1} البخاري في کتاب المرضى باب 15 عيادة المريض راکبا و ما شيا وردفاعلي الحمار رقم الحديث 5664 ج 10 ص 122 {2} مسلم في کتاب الفرائض باب 2 ميراث الکلالة رقم الحديث 1616 حديث الکتاب 7 ج 3 ص 1235 {3} ابو داؤد في کتاب الجنائز باب 6 المشي في العيادة رقم الحديث 3096 ج 3 ص 185 {4} النسائي في کتاب الطب من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 2 ص 360 {5} احمد في المسند ج 3 ص 373 {6} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 2140 ج 4 ص 107 {7} الحميدي في مسنده رقم الحديث 1229 ج 2 ص 516.

{340}  حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو نُعَيْمٍ قَالَ : أَنْبَأَنَا يَحْيَى بْنُ أَبِي الْهَيْثَمِ الْعَطَّارُ قَالَ : سَمِعْتُ يُوسُفَ بْنَ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سَلَامٍ قَالَ : سَمَّانِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُوسُفَ وَأَقْعَدَنِي فِي حِجْرِهِ وَمَسَحَ عَلَى رَأْسِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن سلام d جي پٽ يوسف d کان روايت آهي. (ان چيو آءُ ننڍو هيس ته) رسول الله منهنجو نالو يوسف رکيو ۽ مون کي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاري منهنجي مٿي تي (دعا جو) هٿ گهمايو“.

مفردات جو شرح: ”سَمَّانِي منهنجو نالو رکيائين. حَجْرِهِ پنهنجي هنج ۾. حجر (حا جي زبر ۽ زير ٻنهي سان آيو آهي)

سمجهاڻي: هن حديث ۾ جهڙي طرح حضور ڪريم جي پيار ، شفقت ۽ محبت جو ذڪر جيئن يوسف بن عبدالله بن سلام f ڪيو آهي اهڙي طرح پاڻ ڪريم جن سڀني صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي اولاد سان پيار ڪندا هئا. علامه يوسف نبهاني  لکيو آهي ته ”حضرت نبي ڪريم جن کي جڏهن واٽ ويندي به ننڍا ٻار ملندا هئا ته پاڻ انهن کي سلام چوندا هئا ۽ انتهائي محبت ۽ پيار سان پيش ايندا هئا. جڏهن سفر کان واپس ٿيندا هئا سڀ کان اول گهر جي ننڍن ٻارن سان ملندا هئا  ٻارن ۽ گهروارن سان نهايت گهڻي شفقت ۽ پيار ڪندا هئا جڏهن ڪو شخص ڪنهن ٻار کي سندن خدمت ۾ کڻي ايندو هو ته پاڻ کاڌي جي ڪا شيءِ پنهنجي وات مبارڪ ۾ وجهي چٻاڙي ان ٻار جي وات ۾ وجهندا هئا ان جي لاءِ خير ۽ برڪت جي دعا ڪندا هئا. انصارن جي گهرن ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ته ننڍن ٻارن کي سلام ڪري انهن سان پيار ۽ شفقت ڪندا هئا.

ننڍن ٻارن سان پيار ڪرڻ: هن جاءِ تي آندل حديث مان معلوم ٿيو ته هي سندن خُلق جو ڪمال ۽ ننڍن ٻارن تي شفقت ۽ رحمت جو اظهار هو جو صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي ٻچڙن کي هنج ۾ کڻندا ۽ انهن جا نالا رکندا ۽ انهن کي محبت ڏيندا هئا. ۽ هي به معلوم ٿيو ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي سندن ذات عالي صفات سان ڪيتري محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. جو سندن گهر ۾ جڏهن ڪو ٻار ڄمندو هو ته ان کي سندن خدمت ۾ کڻي ايندا هئا ۽ انهن کي حضرت حبيب ڪريم جي هنج ۾ ويهارڻ ۽ سندن لعاب دهن مبارڪ جي تبرڪات سان ڀرپور ڪري واپس کڻي ويندا هئا. پاڻ انهن جي مٿي تي برڪت جو هٿ گهمائيندا هئا انهن کي ظاهري ۽ باطني، روحاني ۽ جسماني مهربانين سان مالا مال ڪري موٽائيندا هئا ۽ کارڪ چٻاڙي ان جو مٺاڻ ٻار جي تارؤ کي هٿ مبارڪ سان لڳائيندا هئا. شمائل جي شارح علامه محمد عاقل لاهوري  لکيو آهي ته : هي حديث هن ڳالهه تي دلالت ڪري ٿي ته ”نئين ڄاول ٻار جو نالو ان وقت جي ڪنهن صالح، بزرگ ٻانهي کان رکرائجي اهو مستحب آهي ۽ اهو نالو الله جي نبين عليهم الصلواة والسلام جي نالن مان رکجي ته ڀلو آهي ۽ قوم جي بزرگ کي به گهرجي ته پنهنجي قوم جي ننڍڙن ٻارن سان لطف ۽ ڪرم ڪري انهن کي هنج ۾ کڻي ويهاري انهن سان شفقت ۽ پيار جو اظهار ڪري.

طبراني جي روايت ۾ آهي ته هن حديث جي روايت ڪندڙ يوسف بن عبدالله بن سلام f چيو ته دَعَالِيۡ بِالۡبَرَکَةِ (حضرت حبيب ڪريم جن مون لاءِ برڪت جي دعا به فرمائي) (انوار غوثيھ ص 457) ۽ حبيب ڪريم جي هن طريقي ۾ سندن اعلى خلق عظيم رحمت، تواضع ۽ لطف جو اظهار آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 4 ص 35 {2} البخاري في الادب المفرد ص 337، 338 {3} الحميدي ص 869 {4} الطبراني في الکبير ج 22 ص 729، 730 {5} البيهقي في الآداب ص 46 .

{341}   حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ الطَّيَالِسِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا الرَّبِيعُ وَهُوَ ابْنُ صَبِيحٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَزِيدُ الرَّقَاشِيُّ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَجَّ عَلَى رَحْلٍ رَثٍّ وَقَطِيفَةٍ ، كُنَّا نَرَى ثَمَنَهَا أَرْبَعَةَ دَرَاهِمَ ، فَلَمَّا اسْتَوَتْ بِهِ رَاحِلَتُهُ قَالَ : لَبَّيْكَ بِحَجَّةٍ لاَ سُمْعَةَ فِيهَا وَلاَ رِيَاءَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم جن هڪ پراڻي پلاڻ تي (جو ڏاچيءَ تي رکيل هو) حج ڪيو ۽ هڪ کٿي سان (جو اهو پلاڻ مٿان پيل هو) جنهن جي قيمت اسان جي خيال ۾ چار درهم هــئي. پـوءِ جڏهن سندن ڏاچي اٿي بيٺي ته پاڻ فرمايائون: آءُ اهڙي حج لاءِ حاضر ٿيو آهيان  جنهن ۾ شهرت ۽ رياءُ نه هجي.

مفردات جو شرح: ”رَحْلٍ (راء جي زير ۽ حا جي جزم سان) پلڻ، روانو ٿيڻ، ڪوچ ڪرڻ، زين لڳائڻ.رَثٍّ پراڻو، خراب، ڦاٽل ڇنل. قَطِيفَةٍ اهو ڪمبل جنهن کي ڪناري لڳل هجي. مٿان وجهڻ وارو ڪپڙو. سُمْعَةَ ماڻهن کي ٻڌائڻ، شهرت حاصل ڪرڻ. رِيَاءَ ڏيکارڻ، ڪو ڪم ماڻهن جي ڏيکاء جي لاءِ ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن حديث پاڪ ۾ سرڪارِ مدينھ جي تواضع ۽ انڪساري جو ذڪر آهي ته پاڻ حج جو وڏو سفر ان جي مٿان رکيل هڪ پراڻي پلڻ ۽ ان تي پيل سادي ڪمبل جي ٽڪري تي ويهي ڪيائون جنهن جي قيمت اندازن چار درهم هئي. جڏهن سندن ويهڻ کان پوءِ سندن سواري اٿي سڌي ٿي هلي ته پاڻ فرمايائون لَبَّيْكَ بِحَجَّةٍ لاَ سُمْعَةَ فِيهَا وَلاَ رِيَاءَ البيجوري  لکيو آهي ته ”راحلة“ سفر ۽ بار کڻڻ جي لاءِ قوت واري اٺ کي سڏيو ويندو آهي. مذڪر ۽ مونث اٺ ۽ ڏاچي ٻنهي جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي هن ۾ ”ة “ مبالغھ جي آهي تانيث جي ناهي لَبَّيْكَ جي معنى آهي تو لاءِ ٻه ڀيرا جيءُ آهي ۽ هن مان مراد وري وري جيءُ چوڻ آهي تعداد مراد ناهي. مقصد ته : مان تنهنجي حڪم تي هميشگي ڪندڙ  هڪ کان پوءِ ٻيو ڀيرو صحيح نيت سان جنهن ۾ نه رياء آهي نه ماڻهن کي ٻڌائڻ جو ارادو آهي جيءُ چوندڙ آهيان. خالص تنهنجي رضا لاءِ آهي ۽ رياء ۽ ماڻهن کي ٻڌائڻ جي نفي  امت جي تعليم جي لاءِ ڪيائون نه ته پاڻ معصوم آهن سندن ذات ۾ ان جو وجود ناممڪن آهي. (المواهب ص 568) عَلٰي قَطِيۡفَةِِ مان واضح ٿيو ته اهو ڪمبل جو ٽڪرو پلڻ جي مٿان رکيل هو ۽ هي حديث ظاهر ۾ دلالت ڪري ٿي ته ان ٽڪري جي قيمت چار درهم هئي. ۽ هن کان اڳ ۾ به هيءَ حديث ”شمائل“ ۾ آيل آهي ان ۾ مذڪور آهي ته اها چئن درهمن جي قيمت کان به گهٽ هئي. ممڪن آهي ته اهو واقعو متعدد ڀيرا ٿيو هجي ته پوءِ معنى ۽ مراد ۾ ڪو مشڪل نه رهندو.

علامه مناوي  لکيو آهي ته تحقيق اهو آهي ته اهو ڪمبل جو ٽڪرو چئن درهمن جي برابر نه هو (هن روايت ۾ صحابي اندازو ٻڌايو آهي.) (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 148)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث رقم 135 ۾ لکي چڪا آهيون.

{342}  حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْمَرٌ ، عَنْ ثَابِتٍ الْبُنَانِيِّ ، وَعَاصِمٍ الأَحْوَلِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَجُلاً خَيَّاطًا دَعَا رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَرَّبَ مِنْهُ ثَرِيدًا عَلَيْهِ دُبَّاءُ قَالَ : فَكَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْخُذُ الدُّبَّاءَ وَكَانَ يُحِبُّ الدُّبَّاءَ. قَالَ ثَابِتٌ : فَسَمِعْتُ أَنَسًا يَقُولُ : فَمَا صُنِعَ لِي طَعَامٌ أَقْدِرُ عَلَى أَنْ يُصْنَعَ فِيهِ دُبَّاءُ إِلاَ صُنِعَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته هڪ درزي رسول الله جن جي دعوت ڪئي. پوءِ اهو پاڻ سڳورن لاءِ ثريد (ماني گوشت جي ٻوڙ ۾ ڪُٽي ٺهيل) کڻي آيو ۽ ان ۾ ڪدو به پيل هو. پاڻ ڪريم ان مان ڪدو جا ڳترا چونڊي ڪڍي کائن پيا. ڇاڪاڻ ته کين ڪدو گهڻو وڻندو هو. حضرت ثابت d چوي ٿو ته مون حضرت انس صحابي d کي چوندي ٻڌو ته هن کان پوءِ منهنجي لاءِ کاڌو نه رڌو ويندو هو پر ان ۾ وس پڄندي ڪدو ضرور پوندو هو.

مفردات جو شرح: ”خَيَّاطًا“ درزي. هڪ قول جي مطابق هـي حضرت حبيب ڪريم جو غلام هو.

سمجهاڻي: هي حديث ”باب ماجاء في ادام رسول الله “ ۾ لکجي آئي آهي پر هتي ان جي ڪري وري آندي وئي آهي جو اها تواضع ۽ انڪساري تي دلالت ڪري ٿي. سيدنا انس d فرمايو ته ”جڏهن کان حبيب ڪريم جن کي ڪدو پسند ڪندي ڏٺو اٿم، ان کان پوءِ منهنجي جي لاءِ وس آهر هر ڀاڄي ۾ ڪدو ضرور هوندو آهي. سبحان الله ! هن مان حضرات صحابه ڪرام رضي الله عنهم جو حضرت نبي ڪريم ۽ سندن اتباع ۾“ محبت جو اظهار ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ڏسي ڪري اسان مسلمانن تي به لازم آهي  ته ”صحابه ڪرام  عليهم الرضوان جي نقش قدم تي هلندي محبوب ڪريم جي پسند ڪيل شين سان پيار رکون ۽ سندن ناپسند ڪيل شين کي ناپسند ڪيون.

علامه ابنِ حجر مڪي  لکيو آهي ته : هن روايت مان معلوم، ٿيو ته ”ڪدو کائڻ ۽ کاڌي ۾ ان جي تلاش ڪرڻ مستحب آهي“.                                                                (اشرف الوسائل ص 494)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر هن کان اڳ ۾ مذڪور حديث 161 ۾ لکي آيا آهيون. اتي ڏسڻ گهرجي.

{343}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ صَالِحٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ صَالِحٍ ، عَنْ يَحْيٰى بْنِ سَعِيدٍ ، عَنْ عَمْرَةَ ، قَالَتْ : قِيلَ لِعَائِشَةَ : مَاذَا كَانَ يَعْمَلُ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي بَيْتِهِ ؟ قَالَتْ : كَانَ بَشَرًا مِنَ الْبَشَرِ ، يَفْلِي ثَوْبَهُ ، وَيَحْلُبُ شَاتَهُ ، وَيَخْدِمُ نَفْسَهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت بيبي عمره g کان روايت آهي ته حضرت بيبي عائشھ صديقھ g کان پڇيو ويو ته رسول الله جن پنهنجي گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪندا هئا؟ (مومنن جي ماءُ عائشھ صديقھ g) ٻڌايو ته پاڻ سڳورا انسانن مان هڪ انسان هئا. پنهنجي ڪپڙن مان جون تلاش ڪندا هئا. پنهنجي ٻڪري پاڻ ڏهندا هئا ۽ پنهنجو ڪم ڪار پاڻ ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”يَفْلِي“ فلا يفلي فليا“ هي لفظ مختلف معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيڪڏهن الامر سان گڏ ايندو ته ان جي معنى هوندي ڪنهن معاملي جي اسباب ۽ وجوه تـــــي غور ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ”السيف“ سان استعمال ٿيندو ته ان جي معنى ٿيندي تلوار سان مارڻ. جڏهن عقل سان ايندو ته ان جي معنى ٿيندي آزمائش ڪرڻ. جڏهن راس يا ثوب سان ايندو ته ان جـــي معنى ٿيندي ان ۾ جـــون ڳولــــڻ. يَحْلُبُ حلب يا ”حلب“ يا ”حلاب“ مصدر کان ورتل آهي. جنهن جي معنى آهي کير ڏهڻ.يَخْدُمُ خدمة يا ”خَدمة“ کان ورتل آهي هن جي معنى آهي تابعداري ڪرڻ اطاعت ڪرڻ ، خدمت ڪرڻ.

سمجهاڻي: ”کان بشرا من البشر“ انسانن مان هڪ انسان هو. (هن مان مراد ظاهري بشريت آهي نه ته پاڻ حقيقت ۾ خالص نور هئا. جنهن جو مزيد تحقيق اهل السنة والجماعت جي علماء جدا جدا ڪتابن ۾ لکيو آهي ) ۽ هتي هنن لفظن مان مقصد آهي ته پاڻ ٻين ماڻهن وانگر گهر جو ڪم ڪار سنڀاليندا هئا گهرو زندگي خوش اسلوبي سان گذاريندا هئا. پنهنجي گهر جا ڪم ڪار پاڻ ڪرڻ کي عيب نه سمجهندا هئا تانت امتي به سندن نقشِ قدم تي هلي گهر کي سنڀالين. کين الله   بي حساب عنايات سان نوازيو هو. وحي الاهي ۽ نبوت سان سرفراز فرمايو هو کين ڪئين معجزا به عطا ڪيا هئا. پنهنجي ديدار سان مشرف ڪيو هو پر ان سڀ جي هوندي پاڻ گهرو ڪم ڪار کي عيب نه سمجهندا هئا.

سوال: ڇا حضور ڪريم جي وجود مسعود ۾ جون هونديون هيون جو پاڻ ڪپڙڻ ۾ ڳوليندا ۽ صفائي ڪندا هئا؟

جواب: ديوبندي فڪر جي مشهور ۽ معروف محدث محمد زڪريا سهارنپوري شمائل جي اردو شرح ۾ لکيو آهي ته ” علماء جي تحقيق هي آهي ته سندن بدن مبارڪ ۽ ڪپڙن ۾ جون نه پونديون هيون ۽  ان جو وجه ظاهر آهي ته جون بدن جي ميرنهه مان پيدا ٿيندي آهي پگهر سان وڌندي آهي ۽ حضور ڪريم سراسر نور هئا اتي ميرنهه وغيره ڪٿي هئي اهڙي طرح سندن پگهر مبارڪ به سراسر گلاب هو جيڪو خوشبوء ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. ڀلا گلاب جي عرق مان جون جو گذر ڪٿان ٿي سگهي ٿو؟ ان جي ڪري سندن ڪپڙن جي تلاش مان هي مراد آهي ته متان ڪنهن ٻئي جي جونءَ اچي وئي هجي. بلڪه بعض علماء فرمايو ته ”جون تلاش ڪرڻ امت جي تعليم لاءِ هو جو جڏهن حضرت حبيب ڪريم کي ان جي تلاش ڪندي ڏسندا ته پاڻ به ان جو اهتمام ڪندا. (خصائل نبوي ص 296)

علامه نبهاني  لکيو آهي ته ”نبي ڪريم جن انتهائي بلند حوصلي وارا هئا جڏهن گهر ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا. ته (سست رهڻ جي بجاءِ) ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويندا هئا اڪثر ڪپڙا وغيره پاڻ سبندا هئا گهر جون شيون پاڻ ئي کڻي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي رکندا هئا. گوشت وڍيندا ۽ خادم جي مدد ڪندا هئا. (ان کي عيب نه سمجهندا هئا) پنهنجي جتي (مبارڪ جيڪڏهن ڇڄي پوندي هئي ته) پاڻ ڳنڍيندا هئا قميص مبارڪ کي چتيون هڻندا هئا. چادر مبارڪ ڪٿان ڦاٽندي هئي ته ان کي پاڻ ٽوپو ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته ”جيڪو منهنجي طريقي کان منهن موڙيندو اهو مون (منهنجي امت) مان ناهي پنهنجا اٺ پاڻ چاريندا هئا. خادم سان گڏ ويهي کاڌو کائيندا هئا. اٽو پاڻ ڳوهيندا هئا بازار مان سودو سلف پاڻ کڻي گهر ايندا هئا. (وسائل  الوصول الي شمائل الرسول ص 13) سندن انتهائي تواضع جو دليل هيءَ حديث به آهي“ حضرت ابو قتاده d فرمايو ته ”نجاشي بادشاهه جي طرفان هڪ وفد حضرت رسول الله جي خدمت اقدس ۾ آيو ته پاڻ ڪريم جن پنهنجي سر پاڻ انهن جو آڌر ڀاءُ ڪيو، خاطر تواضع ۾ مصروف رهيا. صحابه ڪرام عليهم الرضوان کين عرض ڪيو ته يا رسول الله ! اسان کي ارشاد فرمايو ڇا ڪرڻو آهي ته اسين ڪيون. اسين ان خدمت جي لاءِ ڪافي آهيون. جواب ۾ فرمايائون ته ”انهن اسان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي هئي مان پسند ڪيان ٿو ته انهن جي مهمانداري ۽ خاطر تواضع مان پاڻ ڪيان.“                       (انوارِ غوثيھ ص 461، 462)

     علامه بيجوري  لکيو آهي ته  ”ابن سبع ۽ الشفاء جي بعض شارحن لکيو آهي ته : رسول الله جن ۾ جونءَ نه هونديون هيون. ڇوته پاڻ نور آهن ۽ جنهن چيو ته حبيب ڪريم ۾ جونءَ هونديون هيون اهو انهن وانگر آهي جنهن سندن تنقيص ڪئي.) اڳتي لکيو اٿس ته : مرد جي لاءِ سنت آهي ته اهو پنهنجي ۽ پنهنجي عيال جي خدمت ڪري ڇوته ان ۾ تڪبر ڇڏڻ ۽ تواضع اختيار ڪرڻ آهي. (المواهب ص 570، 571) علامه مناوي  لکيو آهي ته حضرت علي حضرت عمر f کي فرمايو ته ”جيڪڏهن توکي هيءَ ڳالهه پسند آهي ته : تون پنهنجن ٻن ساٿين (حضور ڪريم ۽ حضرت ابو بڪر صديق d ) سان مزار ۾ شامل رهين ته قميص کي چتيون هڻ، گوڏ کي سادو رک، جتيءَ کي چتيون هڻ ، ڊگهيون اميدون نه رک، پيٽ ڀري، ڍؤ ڪري کاڌو نه کاءُ ته انهن سان شامل هوندين.“                                  

(شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 2 ص 149)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في الادب المفرد رقم الحديث 541 ص 190      {2} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 4873 ج 8 ص 286 {3} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5675 ج 12 ص 488 {4} ابو نعيم في الحلية ج 8 ص 331 {5} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 328 {6} البغوي في شرح السنة  رقم الحديث 3676 ج 13 ص  242 {7} الذهبي في السير ج 7 ص 158.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting