خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ٽيونجاهون

 

بَابُ : مَا جَاءَ فِي سِنِّ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن

 جيڪي رسول الله جي عمر جي متعلق آهن

 

سمجهاڻي: رسول الله جن جي عمر مبارڪ ۾ ٽي قول آهن (1) هڪ سٺ سال (2) ٻيو پنجهٺ سال   (3) ٽيون ٽيهٺ سال. مشهور ۽ صحيح قول ٽيون آهي علماء جو ان تي اتفاق آهي ته اهو ئي اصح الاقوال آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 200) محدث ترمذي  هن باب ۾ ڇهه (6) حديثون آنديون آهن.

{379} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا رَوْحُ بْنُ عُبَادَةَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا زَكَرِيَا بْنُ إِسْحَاقَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ دِينَارٍ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : مَكَثَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِمَكَّةَ ثَلاَثَ عَشْرَةَ سَنَةً يُوحَى إِلَيْهِ ، وَبِالْمَدِينَةِ عَشْرًا ، وَتُوُفِّيَ وَهُوَ ابْنُ ثَلاَثٍ وَسِتِّينَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته نبي ڪريم (نبوت جي اعلان ڪرڻ کان پوءِ) مڪي شريف ۾ تيرهن سال ۽ مديني شريف ۾ ڏهه سال رهيا. جن سالن ۾ پاڻ ڪريم ڏانهن وحي ايندو هو .۽  پاڻ سڳورن ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وصال ڪرڻ فرمايو.

مفردات جو شرح: ”مَكَثَ رهيو، اقامت اختيار ڪئي. هن جي مصدر مکث آهي جنهن جي معنى، رهڻ، ٽڪڻ آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضور ڪريم جي پياري سوٽ ۽ صحابي حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته ”رسول الله جن (نبوت جي اظهار کان پوءِ) تيرهن سال مڪه مڪرمه ۾ رهيا ان دوران سندن مٿان وحي نازل ٿيندو رهيو. ۽ ڏهه سال مدينه منوره ۾ رهيا ۽ سندن ظاهري وفات ٽيهٺ (63) سالن جي عمر ۾ ٿي“ جمهور محدثن ۽ اهل تاريخ وٽ هي قول وڌيڪ صحيح ۽ معتمد عليه آهي. علامه البيجوري  لکيو آهي ته : واتفق العلماء علي ان هٰذه الروايات الثلاثة الواردة في قدر عمره . (المواهب ص 641)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه البخاري في کتاب مناقب الانصار باب 45 هجرة النبي الي المدينة رقم الحديث  3903 ج 7 ص 227 {2} مسلم في کتاب الفضائل باب 33 کم اقام النبي بمکة والمدينة رقم الحديث 2351 ج 4 ص 1826 {3} احمد في المسند ج 1 ص 370 {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 2 ص 309 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3840 ج 14 ص 54.

{380} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ ، عَنْ شُعْبَةَ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ عَامِرِ بْنِ سَعْدٍ ، عَنْ جَرِيرٍ ، عَنْ مُعَاوِيَةَ ، أَنَّهُ سَمِعَهُ يَخْطُبُ قَالَ : مَاتَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَهُوَ ابْنُ ثَلاَثٍ وَسِتِّينَ وَأَبُو بَكْرٍ وَعُمَرُ ، وَأَنَا ابْنُ ثَلاَثٍ وَسِتِّينَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جرير d حضرت امير معاويه d کان خطبي ۾ چوندي ٻڌو ته رسول الله ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وصال فرمايو. حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر f به ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ آءُ به ٽيهٺ سالن جو آهيان.

مفردات جو شرح: ڪو نئون لفظ ناهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضور ڪريم جي صحابي حضرت امير معاويه d کان به سندن عمر مبارڪ 63 سال بيان ٿي آهي ۽ ان سان گڏ اهو به بيان ڪيو اٿس ته حضرت ابو بڪر صديق d ۽ حضرت عمر فاروق d به 63 سال جي عمر ۾ رحلت فرمائي ۽ هن ڳالهه ڪرڻ وقت سندس عمر به 63 سال هئي پر وفات وقت سندس عمر اسي (80) سال هئي. (انوارِ عوثيھ ص 547) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : سهڻي عمر 63 سال آهي جيڪا رسول الله ۽ حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر f جي هئي. (۽ حضرت علي d به صحيح روايت موجب 63 سال جي عمر م شهيد ڪيو ويو هو)            (المواهب ص 642)

علامه علي القاري  لکيو آهي ته : حضرت معاويه d هن ڳالهه ڪرڻ سان اميد ڏيکاري ته ”مان به هن عمر ۾ وفات ڪيان پر ائين ٿيو ڪونه کيس ان عمر ۾ وفات ڪرڻ جو شوق ڏيکارڻ تي ثواب ملندو ڇوته ”مومن جي نيت ان جي عمل کان به ڀلي آهي“ حضرت محدث ترمذي  جو هن روايت آڻڻ مان غرض پهرين روايت جي تائيد ۽ تقويت آهي ته حضور ڪريم جي عمر مبارڪ ٽيهٺ 63 سال هئي. ۽ ان باري ۾ سندن طبعي اتباع حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق f کي حاصل ٿي هئي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الفضائل باب 33 رقم الحديث 2352 ج 4 ص 1826 {2} النسائي في کتاب الوفاة من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 8 ص 45 {3} احمد في المسند ج 4 ص 96 {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 2 ص 309.

{381} حَدَّثَنَا حُسَيْنُ بْنُ مَهْدِيٍّ الْبَصْرِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ ، عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَاتَ وَهُوَ ابْنُ ثَلاَثٍ وَسِتِّينَ سَنَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن جو ٽيهٺ سالن جي عمر ۾ وصال ٿيو.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي سيده عائشه صديقه g کان به حضور ڪريم جن جي عمر 63 سال روايت ٿي آهي. هن سان اڳين ٻن حديثن جي تائيد ٿي آهي. بعض عارفن، صالحن کان نقل ڪيل آهي ته جڏهن ان جي عمر 63 سال ٿي ته مرڻ جي لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. ۽ اشارو ڏنائين ته باقي عمر ۾ ان کي  مزو نه ايندو. (جمع الوسائل ج 2 ص 200)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الفضائل باب 32 رقم الحديث 2349 ج 4 ص 1825 {2} احمد في المسند ج 6 ص 93 {3} ابنِ سعد في الطبقات ج 2 ص 309 {4} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6354 ج 8 ص 101.

{382} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ ، وَيَعْقُوبُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ الدَّوْرَقِيُّ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ عُلَيَّةَ ، عَنْ خَالِدٍ الْحَذَّاءِ ، قَالَ : أَنْبَأَنَا عَمَّارٌ مَوْلَى بَنِي هَاشِمٍ قَالَ : سَمِعْتُ ابْنَ عَبَّاسٍ يَقُولُ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَهُوَ ابْنُ خَمْسٍ وَسِتِّينَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f چيو ته رسول الله جن جو وصال پنجهٺ سالن جي عمر ٿيو.

مفردات جو شرح نئون ناهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضور ڪريم   جي عمر مبارڪ 65 سال آئي آهي پر اصح قول جيئن اڳي لکي آيا آهيون. 63 سال وارو آهي. البيجوري  لکيو آهي ته 65 سال چوڻ وارن سندن ولادت جي سڄي سال ۽ وفات جي سڄي سال کي شمار ڪيو آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الفضائل باب 33 رقم الحديث 2353 حديث الکتاب 122 ج 4 ص 1827 {2} البيهقي ج 6 ص 207 {3} ابنِ سعد في الطبقات ج 2 ص 310.

{383} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، وَمُحَمَّدُ بْنُ أَبَانَ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا مُعَاذُ بْنُ هِشَامٍ ، قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنِ الْحَسَنِ ، عَنْ دَغْفَلِ بْنِ حَنْظَلَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قُبِضَ وَهُوَ ابْنُ خَمْسٍ وَسِتِّينَ. قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَدَغْفَلُ لاَ نَعْرِفُ لَهُ سَمَاعًا مِنَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَكَانَ فِي زَمَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَجُلاً

بامحاوره ترجمو: حضرت دغفل بن حنظله d کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن جي وصال جي وقت عمر مبارڪ پنجهٺ سال هئي.

مفردات جو شرح:  ”قُبِضَ وفات ڪرايا ويا. خَمْسٍ وَسِتِّينَ پنجهٺ سال.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حبيب ڪريم جن جي عمر مبارڪ 65 سال آئي آهي پر هن ۾ دغفل نالي راوي لاءِ شمائل جي مصنف محدث ترمذي خود فيصلو ڏنو آهي ته : اهو رسول الله جي زماني مبارڪ ۾ هو پر ان جي رسول الله جن سان ملاقات ثابت ناهي ۽ ان جي کانئن حديث ٻڌڻ به ثابت ناهي. علامه مناوي  به لکيو آهي ته لم يثبت انه اجتمع به هن جو رسول الله جن سان گڏ ٿيڻ، ملڻ ثابت ناهي، ان جي ڪري سندس قول اعتقاد جي قابل ناهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في التاريخ الکبير ج 2 ص 255 شمائل جي محشي علامه زمزلي لکيو آهي ته هن روايت جي سند ضعيف آهي. هن جي راوي حسن جي دغفل کان حديث ٻڌڻ ثابت ناهي ۽ بخاري التاريخ الڪبير ۾ آندو آهي ته : دغفل بن حنظلھ رسول الله جن کي پهتو ئي نه هو. امام احمد  کان پڇيو ويو ته دغفل حضرت نبي ڪريم جي صحبت ڪئي هئي ته ان فرمايو : ڪٿان صحبت ڪئي هوندائين؟ اهو ته نسب جي علم جو ڄاڻو هو. ابنِ سعد به فرمايو ته ”نبي ڪريم جن کان نه ٻڌو هيائين. ابن ابي خيثمه به ائين فرمايو آهي.     (حاشية زمزلي ص 472 حاشيھ 384.)

{384} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسَى الأَنْصَارِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ ، حَدَّثَنَا مَالِكُ بْنُ أَنَسٍ ، عَنْ رَبِيعَةَ بْنِ أَبِي عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّهُ سَمِعَهُ يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَيْسَ بِالطَّوِيلِ الْبَائِنِ ، وَلاَ بِالْقَصِيرِ ، وَلاَ بِالأَبْيَضِ الأَمْهَقِ ، وَلاَ بِالآدَمِ ، وَلاَ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلاَ بِالسَّبْطِ ، بَعَثَهُ اللَّهُ تَعَالَى عَلَى رَأْسِ أَرْبَعِينَ سَنَةً ، فَأَقَامَ بِمَكَّةَ عَشْرَ سِنِينَ ، وَبِالْمَدِينَةِ عَشْرَ سِنِينَ ، وَتَوَفَّاهُ اللَّهُ عَلَى رَأْسِ سِتِّينَ سَنَةً وَلَيْسَ فِي رَأْسِهِ وَلِحْيَتِهِ عِشْرُونَ شَعْرَةً بَيْضَاءَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ربيعة بن ابو عبدالرحمان d چيو ته مون حضرت انس بن مالڪ d کي چوندي ٻڌو ته رسول الله جن جو قد مبارڪ نه تمام ڊگهو هو ۽ نه بندرو پر وچولي قد وارا  ڊگها هئا. پاڻ سڳورا نه صفا اڇا سفيد  هئا ۽ نه ڪڻڪ رنگا پر وڻندڙ اڇاڻ ۾ ڳاڙهاڻ مليل رنگ جا تمام حسين هئا. سندن وار مبارڪ نه تمام گهنڊيدار هئا ۽ نه تمام بلڪل سڌا، پر ڪجهه سهڻا گهنڊيدار هئا. الله پاڻ سڳورن کي چاليهن سالن جي ڄمار ۾ نبوت جي اعلان ڪرڻ جو امر فرمايو ان کان پوءِ پاڻ ڏهه سال مڪي شريف ۾ ڏهه سال مديني منوره ۾ رهيا. سٺ سالن جي ڄمار ۾ سندن وصال ٿيو. ان وقت سندن مٿي ۽ سونهاري مبارڪ ۾ ويهه وار به اڇا ڪونه هئا.

سمجهاڻي: هن حديث جي مفردات جو شرح ، سمجهاڻي ۽ ڪهڙن محدثن آندي آهي سڀ ڪجهه هن ڪتاب جي حديث نمبر 1 ۾ لکي آيا آهيون. محدث ترمذي  هن کي هتي وري صرف ان لاءِ آندو آهي جو هن ۾ حضور ڪريم جي عمر مبارڪ سٺ سال مذڪور آهي.

{385} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، عَنْ رَبِيعَةَ بْنِ أَبِي عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، نَحْوَهُ.

سمجهاڻي: هيءَ روايت به مذڪور روايت وانگر آهي جنهن کي محدث ترمذي تائيد طور آندو آهي.

 

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting