خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ٻائيتاليهون

 

بَابُ صَلاَةِ التَّطَوُّعِ فِي الْبَيْتِ

هي باب (آقا جن جي) گهر ۾ نفل پڙهڻ جي بيان ۾ آهي

 

سمجهاڻي: يعني فرض کان زياده جيڪا نماز گهر ۾ پڙهندا هئا پوءِ هي سنت مؤڪده ۽ غير موڪده کي شامل آهي. نوافل گهر ۾ پڙهڻ افضل آهن. محبوب ڪريم جن کان قولًا ۽ فعلًا روايتن ۾ هي مضمون وارد آهي.

گهرن ۾ نفل پڙهڻ جون مصلحتون: هن ۾ گهڻيون مصلحتون ملحوظ آهن انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته گهر ۾ برڪت ۽ نورانيت وڌي ٿي. گهر جا ماڻهو نماز سکن ٿا ۽ انهن ۾ به شوق پيدا ٿئي ٿو. بعض احاديث ۾ رسول الله جن جو حڪم آيو آهي ته ”نماز جو ڪجهه حصو گهر ۾ ادا ڪيو ۽ گهرن کي قبرستان نه بنايو“ يعني جيئن قبرستان ۾ نماز نه پڙهي ويندي آهي يا جيئن مرده نماز نه پڙهندا آهن اوهان پنهنجن گهرن کي قبرستان جي مشابه نه بنايو. (خصائل نبوي ص 246) سيد امير گيلاني صاحب  لکيو آهي ته : التطوع جي معنى آهي نفل نماز پڙهڻ يا ڪوئي به نفل ڪم ڪرڻ جيڪو واجب نه هجي مثال طور صدقو ڏيڻ، احسان ڪرڻ، زياده ڪرڻ، هن باب ۾ حديث پاڪ آڻي محدث ترمذي  واضح ڪيو آهي ته نفلي نماز گهر ۾ پڙهڻ حضور ڪريم جن کي پسند هئي. مسجدون فرضن جي ادا ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيون ويون آهن ان جي ڪري فرض مسجدن ۾ پڙهيا وڃن. باقي نفل گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهن. تانت نفلي نماز جي ڪري گهر ۾ به رحمت جي ملائڪن جو نزول ٿئي ۽ فرائض جي ادا ڪرڻ ۾ رياء نه هوندو آهي پر نفلن ۾ رياء جو امڪان هوندو آهي ان جي ڪري اهي گهر ۾ مخفي طور پڙهڻ گهرجن تان ته عبادت ۾ ڏيکاءُ ۽ ماڻهن کي ٻڌائڻ وارو ذهن ۽ غرور پيدا نه ٿئي. ان لحاظ سان نفلي عبادت گهر ۾ بهتر آهي. (انوارِ غوثيه ص 380) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته نفل گهر ۾ پڙهڻ مسجد ۾ پڙهڻ کان افضل آهي پوءِ اها ڳالهه برابر آهي ته مسجد ۾ ماڻهو هجن يا نه هجن گهر ۾ برڪت ۽ رحمت طلب ڪرڻ جي لاءِ گهر ۾ نفل پڙهڻ ڀلو آهي ها گهر ۾ نفل پڙهڻ کان ضحى جي نماز ۽ طواف جي سنت وارو نفل مستثنى آهي اها مسجد حرام ۾ ۽ پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ پڙهڻ افضل آهي. (اشرف الوسائل ص 416) هن باب ۾ مصنف هڪ حديث آندي آهي.

{298} حَدَّثَنَا عَبَّاسٌ الْعَنْبَرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ ، عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ صَالِحٍ ، عَنِ الْعَلاَءِ بْنِ الْحَارِثِ ، عَنْ حَرَامِ بْنِ مُعَاوِيَةَ ، عَنْ عَمِّهِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سَعْدٍ قَالَ : سَأَلْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَنِ الصَّلاَةِ فِي بَيْتِي وَالصَّلاَةِ فِي الْمَسْجِدِ قَالَ : قَدْ تَرَى مَا أَقْرَبَ بَيْتِي مِنَ الْمَسْجِدِ ، فَلَأَنْ أُصَلِّيَ فِي بَيْتِي أَحَبُّ إِلَيَّ مِنْ أَنْ أُصَلِّيَ فِي الْمَسْجِدِ إِلاَ أَنْ تَكُونَ صَلاَةً مَكْتُوبَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن سعد d کان روايت آهي ته مون رسول الله کان (پنهنجي باري ۾) گهر ۽ مسجد ۾ نماز پڙهڻ بابت پڇيو (يعني گهر ۾ نماز پڙهڻ بهتر آهي يا مسجد ۾؟)

پاڻ ڪريمن جن ارشاد فرمايو : ڏسين ٿو ته منهنجو گهر مسجد کي ڪيترو ته ويجهو آهي. تڏهن به فرضي نماز کان سواءِ ٻي نفل نماز مون کي  پنهنجي گهر ۾ پڙهڻ مسجد کان وڌيڪ پسند آهي. (يعني فرض نماز مسجد ۾ پڙهڻ بهتر آهي، باقي نفل نماز ڀلي گهر ۾ پڙهجي.)

مفردات جو شرح: ” كَانَ يُصَلِّي تحقيق، يقينًا. بيشڪ. صَلاَةً مَكْتُوبَةً فرض نماز.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضرت عبدالله بن سعد d جو حضور ڪريم جن کان پڇڻ جو ذڪر آهي ته ” نفلي نماز گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهي يا مسجد ۾؟ ۽ ان پڇڻ جي جواب ۾ کيس حضرت نبي ڪريم جن سهڻي نموني سمجهائيندي جواب ڏنو ته : اي سعد! تون ڏسين پيو ته منهنجو گهر هن ( نبوي) مسجد کي ڪيترو ويجهو آهي جو مان ان ۾ آسانيءَ سان نفل پڙهي سگهان ٿو پر ان جي باوجود مون کي هي پسند آهي ته فرضن کان سواءِ باقي نماز گهر ۾ پڙهان. علامه المناوي المتوفي سن 1003 هه لکيو آهي  ”فمعني الحديث انه مع کمال قرب بيتي من المسجد صلواتي في بيتي احب اليَّ من صلواتي في المسجد الا المکتوبة(شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 2 ص 93) يعني ان جي باوجود جو منهنجو گهر پاڪ مسجد کي گهڻو ويجهو آهي مون کي پسند هي آهي ته فرض نماز کان سواءِ نوافل پنهنجي گهر ۾ ئي پڙهان“ علامه مذڪور هيءَ حديث به ذڪر ڪئي آهي ته : صحيحين ۾ آهي ته اَفۡضَلَ الصَّلٰوة صَلٰوةُ الۡمَرۡءِ فِي بَيۡتِهٖ اِلَّا الۡمَکۡتُوۡبَةَ (يعني فرض نماز کان سواءِ باقي مرد جي لاءِ نماز گهر ۾ ڀلي آهي. (انوار غوثيه ص 381، 382) علامه علي القاري  لکيو آهي ته ان ۾ عُجب ۽ رياءُ کان بچاء، ايمان جي تصديق جو تحقيق، منافقن جي مخالفت، گهر ۽ گهروارن ۾ برڪت ۽ ڀلائيءَ جو وصول ۽ رحمت جي ملائڪن جو نزول ۽ شيطان کي تڙي ڪڍڻ جهڙي نعمت ملندي آهي جيئن روايات ۾ وارد آهي، مگر فرض نماز مسجد ۾ پڙهڻ ڀلي آهي ڇوته اسلام جي شعائر مان آهي. ۽ اهڙي طرح ٻيون عبادتون زڪواة ڏيڻ، فرضي روزا ظاهر ظهور رکڻ آهن. فرضي ظاهر ڪيا ويندا ۽ نفلي لڪايا ويندا پر ان حڪم ۾ تحية المسجد واري نماز داخل ناهي ڇوته حضرت قتاده d کان روايت آهي ته ”رسول الله جن ارشاد فرمايو ته اِذَا دَخَلَ اَحَدُکُمۡ فِي الۡمَسۡجِدِ فَلۡيَرۡکَعۡ رَکَعَتَيۡنِ قَبۡلَ اَنۡ يَّجۡلِسَ (يعني جڏهن اوهان مان ڪو مسجد ۾ داخل ٿئي ته ويهڻ کان پهريان ٻه رڪعتون نماز پڙهي“(متفق عليه) ۽ اهڙي طرح طواف واري نماز به مسجد ۾ بالاجماع افضل آهي برابر جو ان کي واجب چيو وڃي جيئن اسان حنفين جو قول آهي يا سنت سڏيو وڃي جيئن امام شافعي جو قول آهي ۽ اهڙي طرح تراويح سنت به بالاتفاق مسجد ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. (جمع الوسائل ج 2 ص 94) الغرض ته نفلن ۾ لڪ ڪرڻ بهتر آهي ان جي ڪري اهي گهر ۾ ادا ڪجن البت فرائض ۽ جن نمازن کي لڪائڻ مناسب ناهي اهي مسجد ۾ افضل آهن. جيئن طواف ڪعبه جون رڪعتون ۽ صلواة التراويح وغيره. صلواة التراويح جيتوڻيڪ فرائض مان ناهي پر اها رمضان شريف جو خصوصي امتياز آهي ۽ ان ۾ جماعت ڪرڻ مسنون آهي ۽ اهڙي طرح هر اها نماز جيڪا جماعت سان ادا ڪئي ويندي آهي. سج يا چنڊ جي وٺجڻ کان پوءِ انهن جي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ نماز ڪسوف يا خسوف پڙهي ويندي آهي. جو انهن نمازن جو اظهار مقصود آهي ان جي ڪري انهن جو مسجدن ۾ پڙهڻ اولى آهي. (خصائل نبوي ص 247) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : احرام جو نفل، استخاره جو نفل وغيره به ظاهر ڪري پڙهڻ گهرجي. (المواهب ص 501)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب اقامة الصلواة والسنة فيها باب 186 ماجاء في التطوع في البيت رقم الحديث 1462 {2} احمد في المسند ج 4 ص 342 {3} الطحاوي ج 1 ص 200 {4} مالڪ في الموطا في کتاب صلواة الجماعة باب 1 فضل صلواة الجماعة على صلواة الفرد رقم الحديث 4 ج 1 ص 130. {5} البيهقي في سننھ ج 2 ص 494.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting