خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ايڪونجاهون

 

بَابُ  مَا جَاءَ فِي أَسْمَاءِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن

جيڪي رسول الله جي نالن (پاڪن) جو بيان۾ آهن

 

سمجهاڻي: هتي اسماء مان مراد اهي الفاظ آهن جيڪي رسول الله جي لاءِ ڳالهايا وڃن ٿا پوءِ اهي نالا هجن يا وصفون هجن ۽ بعض علماء جو قول آهي ته الله جا هزار نالا مبارڪ آهن ۽ نبي ڪريم جا به هزار نالا مبارڪ آهن. ۽ علامه سيوطي  هڪ رسالو لکيو آهي ان جو نالوالبهجة السنية في الاسماء النبوية رکيو اٿس جنهن ۾ پنج سؤ جي قريب نالا آندا اٿس ۽ هي قاعدو آهي ته : نالن جي ڪثرت نالي رکيل جي شرف تي دلالت ڪندي آهي ۽ ”اسماء“ اسم جو جمع آهي ”مصباح اللغات“ واري صفحي 374 تي لکيو آهي ته : اسم اهو لفظ آهي جو ڪنهن جو هر يا عرض جي تعيين ۽ تميز جي لاءِ وضع ڪيو ويو آهي ۽ هن ۾ همزه وصل جو آهي هن باب ۾ محبوب ڪريم جي ٻٽن نالن ۽ لقبن جو ذڪر آهي.

حضور جن جا مقامات جي لحاظ سان نالا: شارحن ڀلارن لکيو آهي ته : جنت وارن وٽ حضور ڪريم جو نالو مبارڪ ”عبدالڪريم“ آهي جهنم وارن وٽ ”عبدالجبار“ آهي. عرش برين وارن وٽ ” عبدالمجيد“ آهي. ملائڪن وٽ ”عبدالحميد“ آهي. انبياء ڪرام عليهم السلام وٽ ”عبدالوهاب“ شيطانن وٽ” عبدالقهار“ جنن وٽ ”عبدالرحيم“ جبلن ۾ ”عبدالخالق“ ميدانن ۾ ”عبدالقادر“ سمنڊن ۾ ”عبدالمهيمن“، جيئرن وٽ ”عبدالقدوس“ زمين جي جيتن وٽ ”عبدالغياث“، جهنگلي جانورن وٽ ”عبدالرزاق“، درندن وٽ ”عبدالسلام“ چوپاين ۾ ” عبدالمومن“ پکين ۾ ”عبدالغفار“ توراة ۾ ”موذ موذ“ انجيل ۾ ”طاب، طاب“ صحيفن ۾ ”جعاقب“ زبور ۾ ”فاروق“، الله وٽ طٰـھ ۽ ياسين ، مومنن وٽ ”محمد“ ۽ سندن ڪنيت ابو القاسم آهي ان جي ڪري جنت وارن کي به پاڻ جنت ورهائي ڏيندا. علامه يوسف النبهاني  لکيو آهي ته محبوب ڪريم جي اسماء مبارڪه ۾ سڀني کان ڀلو نالو ” محمد“ آهي، حضرت انس بن مالڪ d کان هڪ روايت ۾ آهي ته ”الله ڪائنات جي تخليق کان ٻه هزار سال جيترو عرصو اڳي سندن نالو مبارڪ ”محمد“ رکيو هو . قاضي ابوبڪر بن عربي مالڪي ترمذي جي شرح الاحوذي ۾ لکيو آهي ته : بعض صوفياءِ ڪرام فرمايو آهي ته الله جا هزار نالا آهن ۽ حضور ڪريم جا به هزار نالا آهن، وري لکيو اٿس ته الله جا نالا هزار جي تعداد ۾ بند ناهن ۽ حضور ڪريم جن جا نالا به هزار ۾ بند ناهن. (المواهب ص 609، الانوار الغوثيھ ص 519، 520) محدث ترمذي  هن باب ۾ صرف ٻه حديثون آنديون آهن جن ۾ نوَ نالا مذڪور آهن.

{367} حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الْمَخْزُومِيُّ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ قَالُوا : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ جُبَيْرِ بْنِ مُطْعِمٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ لِي أَسْمَاءً أَنَا مُحَمَّدٌ ، وَأَنَا أَحْمَدُ ، وَأَنَا الْمَاحِي الَّذِي يَمْحُو اللَّهُ بِيَ الْكُفْرَ ، وَأَنَا الْحَاشِرُ الَّذِي يُحْشَرُ النَّاسُ عَلَى قَدَمِي ، وَأَنَا الْعَاقِبُ وَالْعَاقِبُ الَّذِي لَيْسَ بَعْدَهُ نَبِيٌّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت محمد بن جبير d پنهنجي پيءُ جبير بن مطعم d کان روايت ڪئي آهي ته پاڻ ڪريمن ارشاد فرمايو: بيشڪ منهنجا گهڻا نالا آهن آءُ محمد آهيان، آءُ احمد آهيان، آءُ ماحي آهيان جو منهنجي هٿان الله ڪفر ميٽي ڇڏيندو، آءُ حاشر آهيان جو قيامت جي ڏينهن ماڻهو منهنجي قدمن ۾ مون کان پوءِ گڏ ٿي اٿندا. آءُ عاقب آهيان. (عاقب ان کي چئبو آهي، جنهن کان بعد ڪو نبي نه هجي)

مفردات جو شرح: ”مُحَمَّدٌ گهڻي تعريف ڪيل، گهڻين ڀلين خصلتن وارو. مَاحِي هن جي مصدر محو آهي معنى ميٽي ڇڏڻ، نشان باقي نه رهائڻ، نيست ۽ نابود ڪري ڇڏڻ، حَاشِرُ هن جي مصدر حشر آهي، ان جي معنى جمع ڪرڻ، ڪڍي ڪري رکڻ ۽ دربدر ڪرڻ وغيره به آهي ۽ جڏهنالناسُ سان گڏ ذڪر ڪيو ويندو آهي ته پوءِ ان جي معنى آهي ڪٺي ڪرڻ . عَاقِبُ“  پويان ايندڙ. عقب کان ورتل، پوئتي مُڙي ڏسڻ، قائم مقام هجڻ.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ حضور ڪريم جو ارشاد آهي ته منهنجا گهڻا نالا آهن. حافظ ابو القاسم دمشقي  جيڪو ابنِ عساڪر جي نالي سان مشهور آهي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ دمشق“ ۾ باقاعدي هڪ باب رکيو آهي جنهن ۾ حضور ڪريم جا گهڻا نالا مبارڪ آندا اٿس جن مان ڪجهه نالا ته بخاري ۽ مسلم ۾ بيان ٿي چڪا آهن، ۽ ٻيا ڪيترائي نالا حديث جي ٻين ڪتابن ۾ مذڪور آهن انهن مان ڪجهه هي آهن. محمد، احمد، حاشر، عاقب ، مقفي، ماحي، خاتم النبيين، نبي الرحمة، نبي الملحمة، نبي القرية، الفاتح، طٰــہٰ، ياسين، عبدالله، ( ) محدث بيهقي  فرمايو ته : بعض علماء هنن نالن سان گڏ اهي نالا مبارڪ به گڏ ڪيا آهن جيڪي الله قرآن ڪريم ۾ رکيا آهن. مثال طور، رسول، امي، نبي، شاهد، مبشر، نذير، داعيا الي الله باذنہ، سراج، منير، رؤف، رحيم ، مذکر، رحمة، نعمة، هادي محدث قسطلاني  لکيو آهي ته حضور ڪريم جي هڪ هزار نالن مان مراد سندن سهڻيون ۽ ساراهيل صفتون آهن. سندن نالا مبارڪ سندن مدحيھ صفتون آهن اهڙي طرح سندن هر صفت جي لاءِ هڪ نالو هوندو آهي جيئن ته سندن صفتون بيشمار آهن تيئن سندن نالا به بيشمار آهن. سندن هن حديث پاڪ ۾ ارشاد آهي” مان محمد“ آهيان. هي سندن پاڪ نالو تحميد مان اسم مفعول آهي جنهن جي معنى گهڻو ۽ بار بار ساراهيل، جڏهن الله ۽ اڳين نبين عليهم الصلواة والسلام، ملائڪه معصومين ۽ اولياءِ ڪرام محبوب آقا جي ڪمال درجي جي ثناء ۽ ساراهه ڪئي آهي ان جي ڪري سندن اسم گرامي”محمد“ رکيو ويو آهي. سليمان منصور پوري پنهنجي ڪتاب ”رحمة للعالمين“ جي صفحي 41 حاشيه نمبر 1 تي لکيو آهي ته : محمد، لفظ حمد کان ورتل اسم مفعول آهي يعني مضاعف کان مبالغي جي لاءِ آيل آهي ۽ احمد به حمد کان علي المفعول ورتل آهي، محمد اسم مان حمد جي ڪثرت ۽ ڪنيت ۽ احمد اسم مان حمد جي صفت ۽ ڪيفيت ظاهر ٿيندي آهي. حضرت حسان بن ثابت d جو شعر آهي.

وَشَـــــــقَّ لَهٗ مِنۡ اِسۡمَهٖ لِــــيُجِلَّهٗ

فَذُوا الۡعَرۡشِ مَحۡمُوۡدُ وَهٰذا مُحَمَّدُ

(الله سندن عظمت ظاهر ڪرڻ جي لاءِ سندن نالو مبارڪ پنهنجي نالي پاڪ مان ڪڍيو آهي پوءِ عرش جو رب محمود آهي ۽ هــــي محمد آهــي )

حمد سان نسبت: واضح هجي ته نبي ڪريم کي حمد سان خاص نسبت آهي سندن اسم گرامي محمد ۽ احمد آهي ۽ سندن شفاعت جي مقام جو نالو مقام محمود آهي سندن امت کي ”حمادون“ حمد ڪندڙ سڏيو ويو آهي ۽ سندن جهنڊي جو نالو لواءِ الحمد آهي. لغات الحديث ڪتاب جي لکندڙ مشهور غير مقلد عالم لکيو آهي ته : هڪ عجيب امر هي آهي ته : حضرت نبي ڪريم جن کان پهريان عرب ۾ ڪنهن جو به نالو ”محمد“ نه هو ان ۾ الله جي هيءَ حڪمت هئي ته ماڻهن کي ”وعدي ڏنل پيغمبر“ ۾ ڪو شبهو نه هجي. سندن اسم مبارڪ ”محمد“ الله جي طرفان الهام سان رکيو ويو ان مدار تي ته سندن ثنا گهڻي ڪئي ويندي ۽ ان جي ڪري سندن ڏاڏي حضرت عبدالمطلب d کان جڏهن پڇيو ويو ته : اوهان پنهنجي هن پٽ جو نالو محمد ڇو رکيو؟ حالانڪه نه اوهان جن ڏاڏن ۾ اهو نالو هو ۽ نه اوهان جي قوم ۾ اهو نالو هو؟ ته پاڻ فرمايائون ته : اها اميد رکي اٿم ته ان جي آسمان ۽ زمين ۾ ساراهه ڪئي وڃي ۽ الله سندن اميد پوري ڪري ڏيکاري، الله به محبوب ڪريم جي ڪمال جي غايت کي پهچڻ واري گهڻي ثنا ڪئي. ۽ انبياءَ عليهم السلام ۽ ملائڪن ۽ اولياء به هر حال ۾ سندن تعريف ڪئي ۽ قيامت جي ڏينهن به اولين ۽ آخرين سندن ثنا ڪندا ۽ اهي سڀ قيامت جي ڏينهن سندن جهنڊي جي هيٺان هوندا جڏهن سندن شفاعتِ عظمى ظاهر ٿيندي ۽ ڪعب الاحبار d کان روايت آهي ته : سندن نالو مبارڪ، عرش جي ڪنگرن تي، ستن آسمانن ۾ جنت جي محلاتن ۾، ڪمرن ۾، وڏن اکين وارين حورن جي ڳچين تي بهشتي وڻ طوبى جي پنن تي، سدرة المنتهى ۽ نور وارن حجابن جي ڪنارن  تي ۽ ملائڪن جي اکين ۾ لکيل آهي الله سندن اهل کي اسم مبارڪ الهام ڪيو هو ۽ ان ۾ اهو به اشارو آهي ته : نالا مٿان آسمان کان لهندا آهن . علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو ته : هڪ روايت ۾ آيو آهي ته ”منهنجا پنج نالا آهن ۽ اهي خصوصي طور ان جي ڪري ذڪر ڪيا ويا آهن جو اهي ٻئي ڪنهن جا نالا نه هئا يا ان جي ڪري جو اهي اڳين امتن ۾ مشهور هئا پوءِ هتي ”لي“ کي اڳ ۾ آڻڻ جي ڪري پيدا ٿيل حصر اضافي آهي، حقيقي ناهي ڇوته ان تعداد کان وڌيڪ نالن جو ذڪر  به روايات ۾ آيل آهي ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته رسول الله جن فرمايو : ”لِيۡ في الۡقُرآنِ سَبۡعَةُ اَسۡمَاءَ مُحَمَّدُ وَّ اَحۡمَدُ وَ يٰس،  وَ طٰھ وَالمُزَّمِّلُ والمُدَّثِّرُ وَ عَبۡدُاللهِ ( منهنجا قرآن ڪريم ۾ ست نالا آهن ، محمد ۽ احمد ۽ ياسين ۽ طھ ۽ المُزَّمِّلُ ۽ المُدَّثِّرُ  ۽ عبدالله) هنن پاڪن نالن جي تحقيق ڪندي ڪن عالمن انهن جو تعداد اسماء الله الحسنى جي مطابق 99 ڪيو آهي جيڪي اسماء حسنى حديث ۾ وارد آهن.

نالن پاڪن جو تعداد: قاضي عياض  فرمايو ته : الله پنهنجي محبوب کي پنهنجن سهڻن نالن مان تقريبًا ٽيهن 30 نالن سان مخصوص ڪيو آهي۽ ابنِ دحيھ جو قول آهي ته ”اڳين ڪتابن، قرآن ڪريم احاديث مان جاچ ڪرڻ سان اهي ٽي سؤ نالا ملن ٿا ۽ بعضي ڀلارن انهن جو تعداد هزارين نالن تائين پهچايو آهي ۽ انهن مان مراد سندن صفات حسنھ مان ورتل اسماء آهن جڏهن اهي نالا سندن مخصوص صفات مان هڪ هڪ مٿان غالب صفت آهي ان مان يا جيڪا سندن ذات ۽ ٻين نبين جي وچ ۾ مشترڪ صفت آهي ته ان عدد کان به وڌي ويندا ۽ محدثن جي هڪ جماعت قاضي عياض ۽ ابن العربي  ۽ ابنِ سيد الناس جهڙن انهن جو تعداد چار سؤ تائين پهچايو آهي ”محمد“ سندن الهامي نالو آهي جيڪو مٿن سندن ڏاڏي عبدالمطلب d رکيو هو. الهام سان گڏ ان خواب به ڏٺو هو ته سندس پٺيءَ مان چانديءَ جي هڪ زنجير نڪتي آهي جنهن جو هڪ حصو آسمان سان ملي ٿو ۽ هڪ اوڀر ۾ ته هڪ اولهه ۾ پهتو آهي، ان کان پوءِ اها زنجير هڪ وڻ ٿي وئي جنهن جي هر هڪ پن تي نور هو ۽  اوڀر ۽ اولهه وارا ان سان چنبڙيا پيا آهن پوءِ ان جو تعبير اهو ڪيو ويو ته سندس پٺيءَ مان هڪ ٻچو ايندو جنهن جي ماڻهو تابعداري ڪندا ۽ آسمان ۽ زمين وارا ان جي ثنا ڪندا ۽ پنهنجي اولاد جو نالو سندن نالن مان هڪ نالي سان رکڻ گهرجي.

محبوب جي نالي وارو باهه ۾ نه ويندو: ابو نعيم روايت آندي آهي ته الله فرمايو : وَعِزَّتِيِ وَجَلَالِي لَاعَذِّبُ اَحَدًا يُسَمّٰي بِاسۡمِکَ فِي النَّارِ ( مون کي منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم آهي ته مان ڪنهن هڪ کي به باهه جو عذاب نه ڪندس جنهن تي تنهنجو نالو رکيل هوندو.) ۽ هيءَ به حديث آيل آهي ته الله فرمايو :”اِنِّي آلَيۡتُ عَلٰي نَفۡسِي اَن لَّايَدۡخُلَ النَّارَ مَنِ اسۡمُهٗ اَحۡمَدُ وَلَا مُحَمَّدُ (مون پنهنجي ذات تي عهد رکي  ڇڏيو آهي ته جنهن جو نالو احمد ۽ محمد آهي اهو باهه ۾ داخل نه ٿيندو) ۽ ديلمي حضرت علي d کان روايت آندي آهي ته مَامِنۡ مَائِدَةِ وُضِعَتۡ فَحَضَرَ عَلَيۡهَا مِنۡ اسۡمَهٗ اَحۡمَدُاَوۡ مُحَمَّدُ اِلَّا قَدَّسَ اللهُ ذَالِکَ الۡمَنۡزِلَ کُلَّ يَوۡمَ مَرَّتَيۡنِ (ڪوبه دسترخوان رکيو ويو ۽ ان تي احمد يا محمد نالي ڪو کائڻ جي لاءِ حاضر ٿيو ته الله ان گهر کي هر روز ٻه ڀيرا پاڪ ڪندو آهي) وَاَنَا اَحۡمَدُ (۽ مان احمد آهيان) يعني حمد ڪندڙن کان وڌيڪ حمد ڪندڙ يا ساراهه ڪيلن ۾ وڌيڪ. ساراهيل آهيان احمد افعل جي وزن تي فاعل جي معنى ۾ آهي جيئن اعلم يا مفعول جي معنى ۾ آهي جيئن اشهر مشهور جي معنى ۾ ايندو آهي ۽ افعل التفضيل جي معنى ۾ گهڻو آيل آهي ۽ هتي به اها معنى مناسب آهي تانت تڪرار واقع نه ٿئي ۽ السهيلي ۽ الشفا واري قاضي  عياض وغيره به ان جي اتباع ڪئي آهي ته احمد جي معنى پنهنجي رب جي حمد ڪندڙن ۾ وڌيڪ حمد ڪندڙ.جيئن صحيح حديث ۾ آيو آهي ته ”قيامت جي ڏينهن سندن لاءِ اهڙا حمد جا دروازا کوليا ويندا جو اهڙا انهن کان اڳيان ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ نه کوليا ويا هئا پوءِ پاڻ ان ڏينهن پنهنجي رب جو حمد ڪندا ۽ سندن جي لاءِ ئي حمد جو جهنڊو کوليو ويندو ۽ مقام محمود سان خاص ڪيا ويندا جيئن سورة ”الحمد“ سان خاص ڪيا ويا ۽ پاڻ محمد به ان جي ڪري آهن جو پنهنجي رب جو وڌيڪ حمد ڪندڙ آهن ان جي ڪري کين نبوت جي شرف سان گڏ ان مبارڪ نالي سان گڏ به نوازيو ويو آهي ان جي ڪري ئي حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام دعا گهري هئي. ته اَللّٰهُمَّ اجۡعَلۡنِي مِنۡ اُمَّةِ اَحۡمَدَ يا الله ! مون کي احمد جي امت ۾ داخل فرماءِ ۽ حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي قول کي قرآن ڪريم ۾ بيان ڪيو ويو آهي وَ مُبَشِّرًۢا بِرَسُوۡلٍ یَّاۡتِیۡ مِنۡۢ  بَعْدِی اسْمُھ اَحْمَدُؕ(سورة صف آيت 5) (۽ مان ان جي بشارت ڏيندڙ ٿي آيو آهيان جيڪو مون کان پوءِ ايندو ۽ ان جو نالو مبارڪ احمد هوندو.)

اڳ ۾ پيدا ٿيل: ”لان حمده لربه کان قبل حمد الناس له ڇوته سندن پنهنجي رب جي لاءِ حمد ٻين ماڻهن جي حمد کان اڳي هو (هن مان ثابت ٿيو ته پاڻ ٻين کان اڳي پيدا ڪيل هئا.) ۽ سندن محمد جي نالي سان ذڪر ڪيو ويو هو ۽ اهڙي طرح شفاعت وقت به اول پنهنجي رب جو ان حمدن سان حمد ڪندو جيڪي هن کان اڳي ڪنهن جي لاءِ نه کوليا ويا هئا. ان جي ڪري پاڻ حمد ڪندڙن کان وڌيڪ حمد ڪندڙ آهن جڏهن سندن شفاعت ٿيندي ۽ سڀ سندن تعريف ۽ ثنا ڪندا ته پوءِ پاڻ احمد المحمودين هوندا ان جي ڪري سندن اسم مبارڪ” احمد“ ذڪر ۾ ۽ وجود ۾، دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ ٻين نالن پاڪن کان اڳي آهي ۽ احمد لفظ ۾ ”حماد“ لفظ کان به وڌيڪ مبالغو آهي. علامه ابن القيم لکيو آهي ته ”حماد“ ڪڏهن مبالغي کان سواءِ به ايندو آهي. بلڪه حماد جو جمع ”حمادون“ ته سندن امت جي لاءِ آيل آهي، ۽ هن روايت ۾ ”محمد“ احمد کان ان جي ڪري اڳي آندو ويو آهي جو اهو وڌيڪ مشهور ۽ وڌيڪ ظاهر آهي ۽ ابو نعيم جي روايت ۾ آيو آهي ته الله سندن اسم مبارڪ” احمد“ ٻي خلق کان ٻه هزار سال اڳي رکيو هو. الغرض ته هنن ٻنهي ڀلارن نالن جي سندن ٻين نالن کان وڌيڪ اهميت آهي ان جي ڪري ڪوشش ڪندي پنهنجي اولاد جا نالا به انهن مان رکجن، ابن قتيبھ  فرمايو ته : سندن نبوت جي نشانين مان هي به آهي جو سندن اهو نالو سندن کان اڳي ڪنهن به نه رکيو هو جيئن الله حضرت يحيى (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جي لاءِ فرمايو آهي لَمۡ نَجۡعَلۡ لَهٗ مِنۡ قَبۡلُ سَمِيَّا اسان ان کان اڳي ڪنهن کي به سندس نالي وارو نه بنايو، مگر جڏهن سندن زمانو ويجهو ٿيو ۽ اهل ڪتاب سندن آمد جون بشارتون ٻڌايون تڏهن ڪن ماڻهن پنهنجي اولاد تي اهو نالو ان اميد تي رکيو ته متان سندن اولاد مان ڪو ان نالي جو مصداق ٿئي. پر الله جي مرضي آهي جنهن کي نوازي. علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : هندستان ۾ حضور ڪريم جو نالو مبارڪ گلابي گل جي پن تي ۽ مڇي جي پاسي ۽ ڪن تي لکيل ڏٺو ويو هو.

ميٽيندڙ مان مراد ڇا آهي؟ : ”وَاَنَا الۡمَاحِي الَّذِي يَمۡحۡو اللهُ بِيَ الۡکُفۡرَ“ (۽ مان ميٽيندڙ آهيان جو الله مون سان ڪفر ميٽيندو.) مطلب ته سندن ذريعي  مڪه مڪرمه مدينه منوره ۽ عرب جي سمورن شهرن تان ڪفر ميٽيو ويندو ۽ هن ۾ حضور ڪريم جن جي وساطت سان دين اسلام جي ظهور ۽ ٻين دينن تي غلبي وڏن، وڏن شهرن جي فتح ٿيڻ ڏانهن اشارو آهي ، پاڻ ڪفر ۽ شرڪ کي ميٽڻ وارا، ڪذابن ۽ ڪوڙن کي دلائل ۽ براهين سان شڪست ڏيڻ وارا آهن ۽ پنهنجي امت جا شفاعت سان گناهه به ميٽڻ وارا آهن. جيئن الله جو فرمان آهي قُلۡ لِّلَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اِنۡ یَّنۡتَہُوۡا یُغۡفَرْ لَہُمۡ مَّا قَدْ سَلَفَۚ(سورة الانفال آيت 38) اوهان ڪافرن کي چئو ته : جيڪڏهن (ڪفر کان)  رڪجندا ته انهن کي اڳيان سندن ڪيل گناهه بخش ڪيا ويندا ۽ حضور ڪريم، رؤف رحيم جن ارشاد فرمايو آهي ته اَلۡاِسۡلَامُ يَهۡدِمُ مَا قَبۡلَہٗ (اسلام ان کان اڳيان ڪيل گناهه ميٽيندو آهي) ۽ حضور ڪريم جن کي هن لقب سان ان جي ڪري مخصوص ڪيو ويو آهي جو ڪنهن سان به ڪفر ائين ميٽيو نه ويو آهي جيئن سندن ذات، عالي صفات سان، جڏهن پاڻ مبعوث فرمايا ويا ته اڪثر زمين ڪفر سان ڀريل هئي ۽ گهڻا انسان الله کي نه سڃاڻندا هئا ته اهو ڪو سندن سچو معبود آهي ۽ نه انهن کي قيامت جي خبر هئي بلڪه انهن مان ڪي پٿر جي عبادت ڪندا هئا ته ڪي تارن جي ته ڪي باهه جي پوءِ ڪفر ۽ شرڪ جا اهي سڀئي قِسم سندن آمد سان ميٽجي ويا ۽ سندن دين سڀني دينن تي غالب ٿي ويو.وَاَنَا الۡحَاشِرُ الَّذِيۡ يُحۡشَرُ النَّاسُ عَلٰي قَدَمِيۡ (۽ مان حاشر آهيان جو ماڻهو منهنجي قدم تي اٿاريا ويندا. مطلب ته پاڻ پنهنجي مزار پرانوار مان اول اٿندا پوءِ سندن پويان ٻي مخلوق اٿاري ويندي ۽ حديث ۾ آيو آهي ته”اول سندن مزار واري زمين کلندي ۽ ٻيا ماڻهو سندن پويان هوندا“ دنيا ۾ سندن هوندي يا سندن ظاهري رحلت کان پوءِ ڪوبه ٻيو نبي نه ٿيو نه ٿيندو نه هو نه هوندو وَاَنَا الۡعَاقِبُ مان عاقب آهيان. يعني آخري نبي آهيان جنهن کان پوءِ ڪو نبي نه ٿيندو. (1) حضور ڪريم جن کان پوءِ جيڪو نبوت جي دعوى ڪندو اهو دجال ڪذاب آهي.

(انوار غوثيھ ص 524، جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 183، المواهب ص 611، اشرف الوسائل ص 532)

فائدو: حضرت حبيب ڪريم جي اسم ”احمد“ سان شفاعت جو تعلق گهڻو آهي. سندن فرمان آهي ته : عرش وٽ هڪ جاءِ آهي جنهن کي ”الوسيلة“ ۽  مقام محمود ڪوٺيو وڃي ٿو اميد آهي ته قيامت ۾ مون کي الله اتي بيهاريندو ۽ سجدي جو حڪم ڪندو.“ کين اهو سجدي جو حڪم تڏهن ٿيندو جڏهن سموريون امتون اتي پريشان ٿي پنهنجي شفاعت جي لاءِ  حضرت آدم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کان ٿيندا، سڀني نبين وٽ ايندا ۽ انهن  سڀني کان نا اميد ٿي آخر ۾ حضرت حبيب ڪريم وٽ ايندا ته پاڻ ڪريم جن الله جي اذن سان سجدو ڪندا ۽ پاڻ فرمايو اٿن ته ”جيترو وقت منهنجو رب چاهيندو اوترو وقت سجدي  ۾ هوندس ۽ پاڻ الله جيترو حمد ۽ ثنا سيکاريندو اها ڪندس.“ ۽ اتي احمد (گهڻي ساراهه ڪندڙ) اسم مبارڪ جو ظهور ٿئي ٿو: پاڻ فرمايو اٿن ته پوءِ الله راضي ٿيندو ۽ فرمائيندو ته اِرۡفَعۡ رَاسَکَ، سُلۡ تَعۡطَھ وَاشۡفَعۡ تُشَفَّعۡ (مٿو مبارڪ مٿي کڻو گهرو ته عطا ڪيا وڃو ۽ شفاعت ڪيو ته اوهان جي شفاعت قبول ڪئي وڃي؟ پوءِ پاڻ ڪريم جن سجدي مان اٿي پنهنجي مالڪ جي دربار ۾ عرض ڪندا ته ”ساري مخلوق پريشان آهي، انهن جو حساب ٿيڻ گهرجي“ اها پهرين شفاعت آهي ان کي شفاعت ڪبرى سڏيو ويو آهي، ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي عملن، چڱن، خواهه برن جو بدلو ڏنو ويندو، ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترا سجدا ۽ سفارشون ٿينديون. جن جو مڃڻ ضروري آهي.

فائدو: شفاعت ضرور ٿيندي ۽ اها شفاعت بالاذن آهي مطلب ته مالڪ جي اجازت سان ٿيندي. الله وٽ زور، زبردستي ڪانه هلندي پوءِ شفاعت شاهديءَ وانگر ٿيندي.

فائدو: شفاعت جي لاءِ حضور ڪريم جي تخصيص ڇو آئي آهي؟ هن اعتراض جي جواب کان اڳ ۾ ٻن حديثن جا مضمون خيال ۾ رکجن. (1) بخاري شريف جي روايت آهي ته : حضور ڪريم جن حڪم فرمايو : ”جيڪڏهن ڪوبه مون سان اتفاق نه ڪري تڏهن به آءُ الله جي ڪلمي بلند ڪرڻ جي لاءِ اڪيلي سر ساري دنيا سان جهاد ڪندس.“ ۽ ٻي روايت ترمذي جي آهي ته : هڪ دفعي حضور ڪريم جن اضحيھ جي لاءِ ٻه دنبا ذبح ڪيا ۽ فرمايائون ته : هڪ پنهنجي لاءِ ٻيو ان امتيءَ جي لاءِ جنهن اضحيھ نه ڪئي هوندي.“ هيءَ ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته الله انسان کي پنهنجي عبادت جي لاءِ پيدا فرمايو آهي انهن کان ٿيندڙ قصور ۽ ڪوتاهيون معاف ڪرڻ جي لاءِ قيامت جي ڏينهن الله حضور ڪريم جن کي اتي سجدي ڪرڻ جو ارشاد ڪندو ۽ کين اهڙي ثنا، حمد ۽ تعريف ڪرڻ سيکاريندو جنهن جهڙي ثناء ۽ حمد ٻئي ڪنهن کان به نه ٿي هوندي. ۽ اهو سجدو اهو محبوب ڪندو جنهن جو عزم راسخ ۽ ارادو مضبوط هوندو ۽ جنهن جي شخصيت دنيا سان اڪيلي سر جهاد جي لاءِ ڪافي هوندي ۽ جنهن جي قرباني ساري امت جي قربانين تي شامل هوندي ۽ جنهن جي عبديت بلڪل مڪمل هوندي اتي کانئن الله پنهنجي تعريف ڪرائيندو ۽ سجدي ۾ ان کي اهڙي ثنا ۽ حمد سيکاريندو جو اهڙو حمد ۽ ثنا ڪنهن به نه ڪئي هوندي. الله سندن ان خلوص واري سجدي ۽ بيمثال حمد ۽ ثنا ڪرڻ جي ڪري سندن شفاعت منظور فرمائي کين حمد جو جهنڊو هٿ ۾ ڏيندو جنهن جي هيٺان الله جا شڪر گذار ۽ فرمانبردار ٻانها هوندا. اها آهي ”احمد“ جي معنى جيڪا آسمانن ۽ عرش عظيم تي مشهور آهي. اَللّٰهُمَّ اٰتِ سَيِّدنَا مُحَمَّدِ ن الۡوَسِيۡلَةَ وَارۡزُقۡنَا شَفَاعَتُہٗ اٰمِيۡن

سوال: حضور ڪريم جا ڪمالات قيامت تائين وڌندا رهندا يا ترقي ڪري بند ٿي ويا؟

جواب: سندن درجا قيامت تائين وڌندا رهندا جيئن سندن فرمان آهي ” الله مون کي مقام محمود ۾ بيهاريندو ۽ سجدي ۾ پنهنجو حمد ۽ ثنا سيکاريندو“ سندن اهو فرمان ثابت ڪري رهيو آهي ته سندن درجا قيامت تائين بلند ٿيندا رهندا، امت مان جيڪي صلواتون ۽ سلام پڙهيا وڃن ٿا انهن سان به سندن درجات ۾ ترقي ٿئي ٿي ۽ ساڳي طرح پڙهندڙن جي لاءِ به رحمت ۽ مغفرت جو باعث آهن. اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ وَّ آلِهٖ وَاَصۡحَابِهٖ عَدَدَ کُلِّ مَّعۡلُوۡمِ لَّکَ دَائمًا اَبَدًا

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري کتاب المناقب باب 17 ماجاء في اسماء رسول الله رقم الحديث 3532 ج 6 ص 544 {2} مسلم في کتاب الفضائل باب 34 في اسمائه 5 رقم الحديث 2354 حديث الکتاب رقم 124 ج 4 ص 1828 {3} النسائي في کتاب التفسير من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 2 ص 413 {4} احمد في المسند ج 4 ص 80 {5} مالڪ في الموطا کتاب اسماء النبي باب  اسماء النبي رقم الحديث 1 ج 2 ص 1004 {6} الدارمي في کتاب الرقاق باب 59 في اسماء النبي رقم الحديث 2775 ج 2 ص 409 {7} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 105 {8} الحميدي في مسنده رقم الحديث 555 ج 1 ص 253، 254.

{368} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ طَرِيفٍ الْكُوفِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو بَكْرِ بْنُ عَيَّاشٍ ، عَنْ عَاصِمٍ ، عَنْ أَبِي وَائِلٍ ، عَنْ حُذَيْفَةَ قَالَ : لَقِيتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي بَعْضِ طُرُقِ الْمَدِينَةِ فَقَالَ : أَنَا مُحَمَّدٌ ، وَأَنَا أَحْمَدُ ، وَأَنَا نَبِيُّ الرَّحْمَةِ ، وَنَبِيُّ التَّوْبَةِ ، وَأَنَا الْمُقَفَّى ، وَأَنَا الْحَاشِرُ ، وَنَبِيُّ الْمَلاَحِمِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت حذيفھ d کان روايت آهي ته آءُ پاڻ سڳورن سان مدينه منوره جي ڪنهن رستي ۾ مليس پوءِ فرمايائون ته (اي حذيفہ) آءُ محمد () آهيان، آءُ احمد ( ) آهيان، آءُ رحمت جو نبي آهيان ۽ توبهه جو نبي به آهيان آءُ اڳين نبين کان پوءِ آيو آهيان ۽ آءُ قومن کي گڏ ڪندڙ آهيان ۽ آءُ الله جي راهه ۾ جنگيون ڪرڻ وارو نبي آهيان.

مفردات جو شرح: ”لَقِيتُ مون ملاقات ڪئي، مليس.طُرُقِ واٽون، رستا،. الرَّحْمَةِ نرم دلي، مهرباني، جنهن جو نتيجو مغفرت ۽ احسان آهي همدردي ظاهر ڪرڻ. التَّوْبَةِ موٽڻ، گناهن تي پشيمان ۽ شرمنده ٿيڻ، مُقَفَّى تقفية کان ورتل اسم مفعول جو صيغو آهي جنهن جي معنى پويان لڳائڻ. پوئتي رهڻ، آخري هجڻ آهي. مَلاَحِمِ ملحمة جي معنى وڏو حادثو، وڏي جنگ، گهمسان لڙائي جو موقعو، جهاد.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ مذڪوره حديث وارن پاڪن نالن کان سواءِ چار نالا ٻيا مذڪوره آهن. (1) مان رحمت جو نبي آهيان“ مطلب ته مان الله جي طرفان مخلوق جي لاءِ رحمت وارو نبي آهيان جيئن الله جو فرمانِ عاليشان آهي: وَمَا اَرۡسَلۡنَاکَ اِلَّا رَحۡمَةَ لِّلۡعٰلَمِيۡنَ (۽ اسان اوهان کي جهانن جي لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي) جهانن ۾ مسلمان ۽ ڪافر  سڀ داخل آهن ڇوته پاڻ جنهن مقام سان موڪليا ويا آهن اهو سڀني جي سعادتمند بنائڻ ۽ کين ڪامياب بنائڻ وارو آهي ۽ سندن معاش ۽ معاد جي اصلاح وارو آهي

سندن رحمت هجڻ جو مطلب: بعض مفسرن علامه بيضاوي  وغيرهم فرمايو ته ”پاڻ ڪافرن جي لاءِ ائين رحمت آهن جو سندن صدقي اهي امن ۾ آهن غرق ٿيڻ شڪلين جي مٽجڻ ۽ عام عذاب کان بچي ويا. علامه مناوي  لکيو آهي ته : نَبِيُّ الرَّحۡمَةِ مان مراد آهي ته : منهنجي ذريعي امت ۾ هڪٻئي تي رحم پيدا ٿيو. مان الله جي رحمت جي خبر ڏيندڙ آهيان مان رحمت سان گڏ آهيان جو منهنجي امت اڳين امتن وانگر عذاب نه ڪئي ويندي يا رحمت مان مراد دين آهي يعني اهڙو دين کڻي آيو آهيان جيڪو رحمت ئي رحمت آهي يا سندن ذات، وجود رحمت آهي جن سان الله مومن منافق ۽ ڪافر سڀني تي رحم ڪيو آهي. پاڻ رحم جي تلقين ڪندي فرمايائون اِنَّ اللهُ يُحِبُّ مِنۡ عِبَادِهٖ الرُّحۡمَآءَ (الله پنهنجي ٻانهن مان رحم ڪندڙن سان محبت رکندو آهي. ٻيو سندن فرمان آهي اَلرَّاحِمُوۡنَ يَرۡحَمُهُمۡ الرَّحۡمَانِ ارۡحَمُوا مَنۡ فِي الۡاَرۡضِ يَرۡحَمُکُمۡ مَّن فِي السَّمَاءِ (رحم ڪندڙن تي رحمٰن رحم ڪندو آهي اوهان زمين وارن تي رحم ڪيو ته اوهان تي آسمان وارو (رب ) رحم ڪندو) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : الله سندن ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ الفت پيدا ڪئي.فَالَّفَ بَيۡنَ قُلُوۡبِکُمۡ اوهان جي دلين ۾ الفت پيدا ڪيائين. رُحَمَآءُ بَيۡنَهُمُ هڪٻئي ۾ رحم ڪندڙ آهن) پاڻ فرمايو اٿن ته مان رَحۡمَةُ مُهۡدَاةُ هديو ڏنل رحمت آهيان. اها روايت بيهقي هنن لفظن سان آندي آهي. اِنَّمَا اَنَا رَحۡمَةُ مُهۡدَاةُ (پوءِ الله سندن ذريعي خلق تي رحم ڪيو آهي ۽ هي سندن نالا اڳين ڪتابن ۾ به اڳئي بيان ٿيل هئا اهل ڪتاب انهن نالن ۽ صفتن سان کين سڃاڻندا هئا. پاڻ مسلمانن جي لاءِ رحمت آهن اها ڳالهه ته ظاهر آهي جو دنيا ۽ آخرت ۾ انهن جو پاڻ ئي وسيلو آهن ڪافرن جي لاءِ ان جي ڪري جو قرآن ڪريم ۾ وعدو ڪيل آهي ته : سندن هوندي ڪافرن کي عذاب نه ٿيندو ۽ جيترو سندن دين جو بقاء هوندو اوترو سڄي جهان جو نظام باقي رهندو جڏهن دنيا ۾ هڪ به الله جي نالي وٺڻ وارو نه رهندو ته جهان جو نظام درهم، برهم ٿي ويندو ۽ قيامت قائم ٿيندي ۽ سندن بعثت به سڄي جهان جي لاءِ آهي ڪنهن محدود امت يا جماعت جي لاءِ ناهي ان جي ڪري به پاڻ سڄي جهان جي لاءِ رحمت آهن جو جنهن جي دل گهري اهو ان ۾ داخل ٿئي ۽ الله جي رحمت جا دروازا به سندن صدقي کليا آهن ۽ الله جي رحمت جي خبر ۽ بشارت ڏيندڙ آهن، سندن دين به سراپا رحمت آهي.وَاَنَا نَبِيُّ التَّوۡبَةِ (۽ مان توبهه جو نبي آهيان) (جو سندن امت جي لاءِ صرف زبان سان توبهه ڪجهه شرطن سان گڏ گناهن جي معافيءَ لاءِ ڪافي آهي ان جي برخلاف اڳين امتن جي توبهه قبول ٿيڻ جي لاءِ سرن جو قتل ڪرڻ وغيره مشروط هو ۽ پاڻ امت کي توبهه جي لاءِ ڪثرت سان حڪم ڪندڙ آهن ۽ پاڻ بذات خود به گهڻي توبهه ڪندڙ ۽ استغفار پڙهندڙ هئا. انهن سببن جي ڪري پاڻ نَبِيُّ التَّوۡبَةِ آهن. سندن ئي برڪت سان هن امت جي توبهه قبول ٿيندي آهي. حديث پاڪ ۾ آيوآهي ته ”پاڻ هر روز ستر يا سؤ ڀيرا استغفار پڙهندا هئا.“ علامه علي القاري  لکيو اهي ته سندن امت ۾ هي ٻئي رحمت ۽ توبهه واريون صفتون ٻين امتن کان وڌيڪ هونديون. پاڻ جن ارشاد فرمايو آهي ته :” اَلتَّوۡبَةُ النَّصُوۡحُ النَّدۡمُ عَلي الذَّنۡبِ حِيۡنَ يَفۡرُطُ مِنۡکَ فَاسۡتَغۡفِرِاللهِ ثُمَّ لَاتَعُوۡدُ اِلَيۡهِ اَبَدَا سچي توبهه گناهه تي پشيمان ٿيڻ آهي جڏهن توکان ظاهر ٿئي پوءِ اهو الله کان مغفرت گهري وري اهو ڪڏهن  به نه ڪجان.“ ۽ علماء فرمايو آهي ته

توبهه جا ارڪان: ”توبهه جا ارڪان ٽي آهن. (1) پشيمان ٿيڻ (2) گناهه کي پاڙان پٽي ڪڍي ڇڏڻ (3) وري گناهه نه ڪرڻ جو پڪو عزم ۽ ارادو ڪرڻ، ۽ ڪنهن به زباني استغفار کي توبهه جي لاءِ شرط نه ڪيو ويو آهي. هائو. توبهه جا ٻانهن ۽ الله   سان متعلق حقوق ۽ شروط آهن جن جي تفصيل جي هيءَ جاءِ ناهي. علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  جو قول ته مذڪور شرطن سان توبهه قبول ٿيڻ هن امت جي خصائص مان آهي صحيح ناهي ڇوته : هن کان اڳي الله حضرت آدم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي توبهه قبول ڪئي هئي ۽ سؤ ماڻهن کي قتل ڪندڙ جي توبهه به الله قبول فرمائي هئي جيئن صحيح روايات ۾ معروف ۽ مشهور آهي. ها. حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي قوم تي توبهه قبول ٿيڻ جي لاءِ انهن جو هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ وارو سخت شرط رکيو ويو هو. جڏهن انهن گابي جي پوڄا ڪئي هئي. ۽ هي هن امت سان توبهه مخصوص هجڻ تي دلالت نه ٿو ڪري. ائين چوڻ امت جي سڀني قولن جي خلاف آهي.وَاَنَّا الۡمُقَفّٰي ۽ مان آخر ۾ موڪليل آهيان، يعني اهو جنهن اڳين نبين جي آثار ۽ اطوار جي اصول ۾ تابعداري ڪئي ۽ ڪرائي آهي. الله جو فرمان آهياُولٰئِکَ الَّذِيۡنَ هَدَي اللهُ فَبِهُدٰهُمۡ اقۡتدِهٖ (اِهي اُهي آهن جن کي الله هدايت ڏني پوءِ اوهان به انهن سان هدايت وارين ڳالهين ۾ اقتداء ڪيو.) ۽ مقصد هي آهي ته پاڻ اصل توحيد ۽ مکارم الاخلاق ۾ انهن وانگر آهن جيتوڻيڪ انهن مان ڪن سان بعض فروعي مسائل ۾ بالاتفاق اختلاف اٿن ۽ صاحب النهاية ان جي معنى ڪئي آهي ته پاڻ نبين ۾ آخري نبي آهن“اَلۡمُوَلَّي الذَّاهِبُ جڏهن پاڻ ويا ته کانئن پوءِ ڪو نبي ناهي، ۽ ان معنى سان عاقب به آهي ۽ ”المقفى“ جي معنى هيءَ به آهي ته مان اهو آهيان جنهن کي نبين عليهم السلام کان پوءِ موڪليو ويو آهي ۽ مون سان رسالت ۽ نبوت ختم ڪئي  وئي آهي. الله جو فرمان آهي تهثُمَّ قَفَّيۡنَا عَلٰي اٰثَارِهِمۡ بِرُسُلِنَا ان کان پوءِ انهن جي آثار تي اسان پنهنجا رسول موڪليا.“

علامه البيجوري  لکيو آهي ته المقفى فاء جي زير سان به صحيح آهي ته زبر سان به صحيح آهي. پهرين اعراب تي هن جو مطلب ته بيان ڪري آيا آهيون ۽ فا جي شد ۽ زير جي لحاظ سان هن جي مراد آهي جيڪو نبين کان پوءِ موڪليو ويو ۽ ان سان رسالت ختم ڪئي وئي آهي.نَبِيُّ الۡمَلَاحِمِ ملاحم، ملحمة جو جمع آهي، ملحمة جي معنى آهي جنگ ڪرڻ ۽ ڪنهن به نبي ۽ ان جي امت ڪڏهن به ايترو جهاد نه ڪيو جيترو حضور ڪريم جن ۽ سندن امت جهاد ڪيو آهي ۽ ڪيئن نه حالانڪه اهي روءِ زمين تي مسلسل جهاد ڪندا رهن ٿا. تانجو ڪاڻي دجال سان ۽ جيڪي يهودي ان جا تابع ٿيندا انهن سان به جهاد ڪندا ۽ القاموس ۾ آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن کي نَبِيُّ الۡمُلَاحِمِ ان جي ڪري سڏيو ويو آهي جو پاڻ ماڻهن کي هڪ دين تي گڏ ڪرڻ جو سبب آهن. ۽ هن روايت ۾ هنن نالن تي اقتصار ڪيو ويو آهي حالانڪه سندن ٻيا به نالا مبارڪ آهن ڇوته هي نالا اڳين امتن کي معلوم هئا جو انهن جي ڪتابن ۾ مذڪور هئا.

                 (اشرف الوسائل ص 534، جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 184، المواهب ص 612)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه احمد ج 5 ص 405 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3631 ج 12 ص 212 {3} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 104 {4} ابنِ حبان في صحيحه رقم الحديث 6315 ج 14 ص 221.

{369} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا النَّضْرُ بْنُ شُمَيْلٍ قَالَ : أَنْبَأَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ عَاصِمٍ ، عَنْ زِرٍّ،  عَنْ حُذَيْفَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَحْوَهُ بِمَعْنَاهُ ، هَكَذَا.قَالَ حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ عَاصِمٍ ، عَنْ زِرٍّ ، عَنْ حُذَيْفَةَ.

ضروري وضاحت: هن حديث ۾ ٻن راوين  جي روايتن، ٻن اسنادن جي اختلاف جو ذڪر آهي جيڪو روايت جي مختلف طريقن کي بيان ڪري ٿو.

 

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting