خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب پنجونجاهون

 

بَابُ : مَا جَاءَ فِي مِيرَاثِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب رسول الله جي ورثي جي باري ۾ آهي

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ آيل حديثن مان واضح آهي ته رسول الله جن جيڪو ڪجهه ڇڏي ويا هئا اهو عام ٻين ماڻهن وانگر وارثن ۾ ورهائڻ ناجائز هو. جيئن قرآن ڪريم ۾ سندن گهروارين کي مومنن جون مائرون سڏي انهن سان ڪنهن ٻئي کي نڪاح جي اجازت نه ڏني وئي آهي ۽ هڪ ٻي حديث ۾ آيو آهي ته خَيۡرُ مَالِ الۡمَرۡءِ الزَّوۡجَةُ الصَّالِحَةُ مڙس جو ڀلو مال ان جي صالح گهرواري آهي) هن مان معلوم ٿيو ته عورت به مڙس جي هڪ قسم جي ملڪيت آهي ۽ جنهن جي گهرواري ٻيو مڙس ڪري سگهي ٿي ان جو ٻيو ڪجهه رهيل سامان وغيره به وارثن ۾ ورهائي سگهجي ٿو پر جنهن جي عورت سان ٻئي جو نڪاح حرام آهي ان جو ورثو نه ورهايو ويندو. ان حڪم تي قرآن ڪريم ۽ حديث جو اتفاق نظر اچي ٿو.

انبياء عليهم الصلواة والسلام جو ورثو ڇونه ورهايو ويو؟ ان ۾ حڪمتون: انبياءِ ڪرام علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي الله پنهنجو نائب ۽ خليفو ڪري موڪليو ان جي ڪري انهن وٽ جيڪو ڪجهه هو ان کي پنهنجي نه پر الله جي ملڪيت سمجهندا هئا انهن ٻين وانگر ذاتي ملڪيت نه ٺاهي جيڪڏهن ائين ڪن ها ته ماڻهن کي بدگماني جو موقعو ملي ها ۽ اهي به مال ڪمائڻ جي لاءِ نبوت جي دعوى ڪن ها، پر نبين عليهم الصلٰوة والسلام  پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ ضرورت پوري ڪندي باقي ملڪيت کي امت جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو ۽ رکيو ۽ ان ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪو حق نه رهيو. هي اهل السنة والجماعت جي امت جي علماء جو اجماعي فيصلو آهي۽ ان ۾ ڪوبه اختلاف ناهي. ها ان ۾ اختلاف رهيو ته اهو حڪم حضور ڪريم سان خاص هو يا سمورن نبين عليهما الصلٰوة والسلام  جي لاءِ هو : جمهور علماء جي هيءَ راءِ آهي ته سڀني نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي لاءِ هو ۽ ان حڪم جا سبب ڪهڙا آهن انهن مان ڪجهه هتي لکجن ٿا . {1} هڪ ته انبياءِ عليهم الصلواة والسلام پنهنجين قبرن ۾ زندهه آهن تنهنڪري انهن جي شيءِ انهن جي ئي ملڪيت ۾ رهندي ان زندهه هجڻ جي ڪري ئي سندن ازواج مطهرات سان ٻين کي نڪاح ڪرڻ حرام هو. {2} ٻيو ته انبياءِ ڪرام عليهم الصلٰوة والسلام پنهنجي ظاهري زندگي ۾ الله جي محبت ۾ ايترا فنا هئا جو ڪابه شيءِ پنهنجي ملڪيت ڪري نه رکندا هئا جو وارثن ۾ ورهائي وڃي صحيح ۽ حقيقي تصوف جا صاحب صوفي به فرمائيندا آهن ته الصوفي لا يملک صوفي ڪنهن شيءِ جو مالڪ نه هوندو آهي پر ان جو مطلب هي نه آهي ته اهو شرعي طور ڪنهن شيءِ جو مالڪ ناهي بلڪه ان جو مطلب هي آهي ته اهو هن فنا ٿيندڙ شين کي پنهنجو نه ٿو سمجهي. {3} ٽيون ته دنيا جي هر شيءِ الله جي ملڪيت آهي ۽ ان ۾ الله جو نبي الله جي خليفي هجڻ جي حيثيت سان تصرف ڪندو آهي. {4} چوٿون ته جيڪڏهن نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي ٿوري گهڻي ڇڏيل شين ۾ ميراث جاري ٿئي ها ته احتمال هو ته ڪو بد نصيب وارث مال جي طمع ۾ نبي جي ظاهري زندگي جو مخالف ٿئي ها يا ان جي ظاهري زندگي جي پوري ٿيڻ جي تقاضا ڪري ها ۽ اهي ٻئي ان جي ٻنهي جهانن ۾ برباد ٿيڻ جو ذريعو بنجن ها. {5} پنجون ته ماڻهن ۾ هي وهم پيدا نه ٿئي ته نبوت جي دعوى شايد مال گڏ ڪرڻ ۽ پنهنجي اهل ۽ عيال کي مالدار ڪري ڇڏڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي . {6} ڇهون ته انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام  جي قدسيھ ذات کي مال جي ميراث ۽ ڪچري کان پاڪ صاف رکيو ويو آهي . {7} ستون ته نبي عليه الصلٰوة والسلام سڄي امت جي لاءِ پيءُ جي برابر آهي ان جي ڪري ان جو ٿورو گهڻو ڇڏيل مال سڄي امت جي مفاد ۾ استعمال ڪيو ويندو. وغيره وغيره. الله جي احڪام جون حڪمتون بي نهايت هونديون آهن هر انسان پنهنجي پنهنجي سمجهه جي موافــــــق حڪمتون بيان ڪندو آهـــــي. ان کان سواءِ به معلوم ناهـي ته ڪيتريون حڪمتون هونديون جيڪي الله کي ئي معلوم آهن.                                           (خصائل نبوي ص 372)

حضرت نبي ڪريم جن هٿيار ۽ هڪ سفيد خچر ۽ ڪجهه زمين ڇڏي هئي اها به صدقو ڪري ويا هئا هٿيارن ۾ مٿي تي رکڻ وارو لوهه جو ٽوپلو (خود) نيزو، تلوار ۽ زرهه هئي. الاتحافات الربانية جي مصنف علامه عبدالجواد الداومي ص 405 تي لکيو آهي ته ”هن باب ۾ ست حديثون آهن جن مان اسين سمجهون ٿا ته هن وڏي شان واري رسول هن فاني دنيا کي ان حال ۾ ڇڏيو جنهن حالت ۾ پاڻ دنيا تي آيا هئا. نه خزانن جا ڍير ڇڏيائون ۽ نه پاڻ کان پوءِ پوئتي محلات ڇڏيائون ۽ هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندن هٿن پاڪن ۽ زبان مبارڪ مان عفت ۽ پاڪيزگي ظاهر ٿي رهي هئي. ۽ سندن وجود پاڪ دنيا جي بادشاهن جي وجود کان اعلى هو ۽ سندن شاگرد اصحابي ڀلارا جهانن جا استاد هئا ۽ پاڻ الرفيق الاعلى ڏانهن ان حال ۾ ويا جو پوئتي دنيا فاني جي شين مان ڪجهه به نه ڇڏيائون ۽ اسان جي لاءِ اهو ڇڏي ويا جو جيڪڏهن اسان ان کي مضبوطي سان ورتو ته ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندا سون. الله جو ڪتاب ۽ سندن سنت. اي مسلمان امت ! اوهان جي نبي عليه الصلواة والسلام جو ورثو الله جو ڪتاب ۽ هدايت ڪندڙ سنت آهي پوءِ ان جي  حفاظت ڪيو ته هدايت وارا رهندؤ.

                                                                             (انوار غوثيھ ص 583)

{399} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا حُسَيْنُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْرَائِيلُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ الْحَارِثِ ، أَخِي جُوَيْرِيَةَ لَهُ صُحْبَةٌ قَالَ : مَا تَرَكَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَّا سِلاَحَهُ وَبَغْلَتَهُ وَأَرْضًا جَعَلَهَا صَدَقَةً.

بامحاوره ترجمو: اصحابي حضرت عمرو بن حارث d (جيڪو مومنن جي ماءُ حضرت عائشھ صديقھ g جي آزاد ڪيل ٻانهيءَ) جويريه g جو ڀاءُ هو. ان کان روايت آهي ته رسول الله (وصال وقت) رڳو پنهنجا هٿيار ۽ خچر ۽ ڪجهه (فدڪ جي) زمين ڇڏيا هئا ۽ پاڻ اها زمين به (خدا جي راهه ۾) صدقو يا خيرات ڪئي هيائون.

مفردات جو شرح: ”مَا تَرَكَ نه ڇڏيائون. سِلاَحَهُ پنهنجا هٿيار. بَغْلَتَهُ پنهنجو خچر. أَرْضًا زمين.  

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سرڪار دو عالم جن جي رحلت کان پوءِ سندن پوئتي رهايل ۽ ڇڏيل سامان جو ذڪر آهي ته پاڻ پنهنجا هٿيار، هڪ سواري وارو خچر ۽ زمين ڇڏي هيائون جيڪا به صدقو ڪري ڇڏي هيائون. علامه ابن حجر مڪي هيتمي  فرمايو ته : اهو حصر اضافي آهي ڇوته حضور ڪريم جن ان کان سواءِ به ڪجهه بدن پاڪ جا ڪپڙا ۽ ڪجهه گهر جو سامان ڇڏيو هو يا راويءَ انهن شين جو ذڪر ان جي لاءِ نه ڪيو آهي جو تمام ٿوريون  هيون.  حضور ڪريم جو خچر، نيزو، تلوار ۽ هڪ زرهه هئي.           (انوار غوثيھ ص 584)

علامه علي القاري  لکيو آهي ته : اها زمين فدڪ جي علائقي جي اڌ زمين هئي ۽ وادي القرى جي زمين مان هڪ قلعو ۽ راوي جيئن هٿيار ۽ خچر جي نسبت حضور ڪريم جن ڏانهن ڪندي ”سلاحھ وبغلتہ“ ۾ ”ه“ ضمير آندو آهي تيئن ”ارضہ“ نه چيائين ان کي ”ارضا“ ڪري بيان ڪيائين ڇوته هٿيار ۽ خچر حضور ڪريم جن پنهنجي لاءِ مخصوص فرمايا هئا ۽ زمين جي پيدائش ضرورت آهر پاڻ کڻندا هئا پنهنجي عيال کي ان مان ڏيندا هئا ۽  مسڪينن مسلمانن کي به ان سان نوازيندا هئا ۽ جڏهن زمين جي پيداوار پاڻ صدقو ڪندا هئا ته ان جو حڪم وقف وارو ٿي ويو ۽ پاڻ پنهنجا خريد ڪيل ٻانها ۽ ٻانهيون پنهنجي ظاهري زندگي ۾ آزاد ڪري ڇڏيا هيائون. ۽ گهر جو ٿورو گهڻو سامان امهات المومنين جي حوالي ڪيل هو. ڪپڙا گهڻا نه هئا جو انهن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي ها ۽ بعض سيرت نگارن لکيو آهي ته رسول الله جن جا اٺ به گهڻا هئا ۽ سندن ڏاچيون هيون جيڪي مدينه منوره جي پسگردائيءَ ۾ چرنديون هيون. ۽ هر رات انهن جو کير سندن خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو هو (جيڪو غالبًا غريبن کي ڏنو ويندو هوندو) ۽ سندن ست رڍون هيون. انهن جو کير  سڀ غريب هر رات پيئندا هئا ۽ ظاهر آهي ته اهي اٺ صدقي جا هئا ۽ ڏاچيون ۽ رڍون کين تحفي طور مليون هيون. جيئن انهن جي باري ۾ صريح روايتون آيل آهن ۽ هن ڪتاب ۾ به اهڙي روايت اڳيان اچي رهي آهي ته : رسول الله جن اها زمين ان جي ڪري صدقو ڪئي هئي جو ان جو اجر قيامت تائين کين ملندو رهندو الله حضور ڪريم جن جي لاءِ فنا جا اعلى اقسام ۽ فقر جا وڏي شرف وارا انواع گڏ ڪيا هئا پاڻ ڪمال جي مراتب ۾ ڪامل ۽ سندن صبر سڀني صابرن کان وڌيڪ ۽ خوشحالي ۾ پاڻ سڀني کان وڏا شاڪر ۽ دل جا غني هئا ۽ ان کان وڌيڪ دل جو غني ڪير آهي جنهن جي اڳيان زمين جي خزانن جون ڪنجيون پيش ڪيون وڃن ۽ اهو قبول نه ڪري ۽ سندن خدمت ۾ مال، ملڪيتون رکيا وڃن. ته اهي سمورا في سبيل الله خيرات ڪري پوءِ اٿي ۽ پنهنجي لاءِ ڪابه شيءِ نه رکي. پوءِ الله سندن قدر کي ان کان بلند ڪيو جو انهن مسڪينن فقيرن مان هجن جو مال سندن پوين جي لاءِ ورثو نه بنجي الله سندن دل کي مڪمل غني بنايو ۽ سندن قلب ۾ وسعت پيدا ڪئي. پاڻ نه مال گڏ ڪيائون۽ نه زمينداري ڪيائون. ۽ نه ٻڪريون يا ڏاچيون رکيائون ۽ نه ٻانهو ۽ ٻانهي ڇڏيائون ۽ نه دينار ۽ درهم رهايائون. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 224) البيجوري  لکيو آهي ته حضور ڪريم جن هن حديث ۾ مذڪور ٽن شين کي صدقو ڪري ڇڏيو هو ڇوته سندن فرمان آهي :نَحۡنُ مَعَاشِرُ الۡاَنۡبيَاءِ لَانُوۡرَثُ مَا تَرَکۡنَاهُ صَدَقَةُ اسين نبين (عليهم الصلٰوة والسلام) جي جماعت ( دنيا جي سامان جا) وارث نه ڇڏيندا آهيون. اسان (دنيا تان رحلت ڪرڻ وقت)جيڪو ڪجهه ڇڏيو اهو صدقو آهي) پوءِ ”جعلها“ ۾ ”ها“ ضمير ٽنهي ذڪر ڪيلن ڏانهن وري ٿو. مراد هي آهي ته حضور ڪريم جن سندن حوالي ڪيل زمين ظاهري زندگي ۾ ئي پنهنجي اهل، گهروارين ، خادمن ۽ مسڪينن مسلمانن ۾ صدقو ڪري ڇڏي هئي ته ان جي پيدائش انهن ۾ ورهائي وڃي اها مراد ناهي ته سندن دنيا تان انتقال کان پوءِ صدقو ڪئي وئي. جيئن سندن باقي رهيل ٿوريون گهڻيون شيون مسلمانن تي صدقو هيون.                (المواهب ص 682، اشرف الوسائل ص 589)

حضور جا خچر: بخاري شريف جي شرح عيني لکيو آهي ته : سيدنا رسول الله جن کي ڇهه خچر مليا هئا. {1} هڪ جو نالو شهبا هو. ان ۾ ڪاري رنگ تي اڇو رنگ غالب هو. ان کي ئي ”دلدل“ چوندا هئا. اهو خچر سندن خدمت ۾ مقوقس بادشاهه موڪليو هو. ان جي عمر وڏي ٿي هئي. هتي ان جو ذڪر آهي. اهو حضور ڪريم جن جي دنيا تان رحلت کان پوءِ حضرت علي d  جي حوالي رهيو هو. ان کان پوءِ سندس ڀائٽئي حضرت عبدالله بن جعفر d جي حوالي هو. ۽ جڏهن اهو خچر ڪراڙو ٿي ويو هو ته حضرت عبدالله بن جعفر d ان کي جوَ رڌي پوءِ کارائيندو هو. {2} ٻيو سندن خچر ”فروه“ جذامي موڪليو هو ان کي ”فضہ“ سڏيندا هئا. اهو پاڻ حضرت ابو بڪر صديق d کي ڏنو هيائون. {3} ٽيون اهو خچر هو جيڪو ”دومة الجندل“ واري حاڪم موڪليو هو. {4} چوٿون            ”ايلہ“ جي بادشاهه موڪليو هو جنهن کي ايليھ سڏيندا هئا. {5} پنجون نجاشي بادشاهه موڪليو هو.  {6} ڇهون ڪسرى بادشاهه لاءِ چوندا آهن پر ان جي طرفان موڪلڻ جو ثبوت ڪونه ٿو ملي. حضرت نبي ڪريم جن جي رحلت ڪرڻ کان پوءِ صرف ”دلدل“ رهيو هو.           (فضائل النبي ص 340، 241)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه البخاري في کتاب الوصايا باب 1 الوصايا رقم الحديث 2739 ج 5 ص 356 {2} النسائي في کتاب الاحباس في ترجمتھ ج 6 ص 229 {3} احمد في المسند ج 4 ص 279 {4} الدار قطني في سننھ ج 4 ص 85 {5} البيهقي في سننھ ج 6 ص 160.

{400} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الْوَلِيدِ ، قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ عَمْرٍو ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : جَاءَتْ فَاطِمَةُ إِلَى أَبِي بَكْرٍ فَقَالَتْ : مَنْ يَرِثُكَ ؟ فَقَالَ : أَهْلِي وَوَلَدِي ، فَقَالَتْ : مَا لِي لاَ أَرِثُ أَبِي ؟ فَقَالَ أَبُو بَكْرٍ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : لاَ نُورَثُ ، وَلَكِنِّي أَعُولُ مَنْ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَعُولُهُ ، وَأُنْفِقُ عَلَى مَنْ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُنْفِقُ عَلَيْهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته (خاتون  جنت) حضرت فاطمه g حضرت ابو بڪر صديق d وٽ آئي ۽ کيس چيائين ته تنهنجو وارث ڪير ٿيندو؟ ان چيو ته منهنجا گهروارا ۽ منهنجو اولاد وارث ٿيندا. تنهن تي بيبي صاحبه چيو ته پوءِ آءُ پنهنجي پيءُ جي وارث ڇونه آهيان؟ حضرت ابو بڪر صديق d چيو ته مون رسول الله کي فرمائيندي ٻڌو ته ”اسان نبين (جي مال) جو ڪو وارث ڪونه ٿيندو آهي.“ مان انهن جي سار سنڀال لهندس، جن جي رسول الله جن سار سنڀال لهندا هئا ۽ انهن تي خرچ ڪندس، جن تي رسول الله جن خرچ ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”أَعُولُ مان ماني ۽ ڪپڙا ڏيندو رهندس، عيال وانگر سنڀاليندس. ”عول“ مصدر کان ورتل آهي ان جي معنى آهي خبر وٺڻ، سنڀالڻ، پرورش ڪرڻ، ماني، ڪپڙو ڏيڻ.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سيده فاطمھ g جو حضرت ابو بڪر صديق d کان سوال جو ذڪر آهي ته ”تنهنجو وارث ڪير ٿيندو؟ “ ۽ پاڻ کيس جواب ۾ عرض ڪيائين ته ”منهنجو اهل ۽  منهنجو اولاد“ يعني اهي منهنجا وارث ٿيندا. ته وري سيده خاتون جنت کيس چيو ته ”مان پنهنجي بابا جي وارث ڇونه ٿي ٿيان؟ حضرت ابو بڪر صديق d کيس عرض ڪيو ته ”مون رسول الله جن کان ٻڌو هو پاڻ فرمايو هيائون ته لَانُوۡرَثُ اسان جو ورثو نه ورهايو ويندو“ پر مان (حضرت ابو بڪر صديق d ) انهن کي ماني ۽ ڪپڙا ڏئي سنڀاليندس جن کي حضرت نبي ڪريم جن ماني ۽ ڪپڙا ڏئي سنڀاليندا هئا. ۽ انهن تي خرچ ڪندس. جن تي پاڻ خرچ ڪندا هئا. علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته حضرت سيده فاطمه g ان طريقي سان سوال ڪرڻ سان معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته حضور ڪريم جن جو ورثو ڇو نه ٿو ورهايو وڃي؟ ۽ حضرت ابو بڪر صديق d کيس حقيقت بيان ڪري ٻڌائي ته اوهان جي بابي ڪريم جو اهو حڪم آهي ان تي ئي عمل ڪيو ويندو. اوهان کي ڪپڙا کاڌو، خرچ ملندو ۽ جن ٻين تي حضور ڪريم جن جهڙي نموني مهرباني ڪندا هئا انهن تي به اها سندن جاري ڪيل مهرباني ڪپڙي ۽ کاڌي ڏيڻ واري جاري رهندي. باقي رسول الله جن ڪا اهڙي وڏي ملڪيت نه ڇڏي جيڪا ورهائڻ يا تقسيم جي قابل هجي. حضرت عمرو بن الحارث d کان روايت آهي ته : رسول الله جن دنيا تان رحلت ڪرڻ وقت دينار، درهم ، ٻانهو ، ٻانهي ۽ ٻي ڪا به شيءِ نه ڇڏي هئي صرف سفيد خچر ۽ هٿيار ۽ ٿوري زمين هئي جيڪا صدقو ڪري ڇڏي هيائون.                         (انوارِ غوثيھ ص 585)

سوال: قرآن ڪريم  ۾ آهي ته وَرِثَ سُلَيۡمَانُ دَاوٗدَ (حضرت) سليمان (حضرت) داود جو وارث ٿيو) پوءِ ڪيئن ٿا چئو ته نبي جو ڪير وارث نه ٿيندو آهي؟

جواب: ورثي مان مراد نبوت ۽ علم جو ورثو آهي ڇوته جيڪڏهن ملڪيت جو ورثو مراد هجي ها ته حضرت داؤد علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جا ته ٻيا پٽ به هئا صرف حضرت سليمان علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو وارث هجڻ بيان نه ڪيو وڃي ها اهڙي طرح الله جو فرمان يَرِثۡنِيۡ وَيَرِثُ مِنۡ اٰلِ يَعۡقُوۡبَ“ (منهنجو ۽ (حضرت) يعقوب جي اولاد جو وارث ٿيندو) ۾ نبوت ۽ علم جو ورثو مراد آهي. حضور ڪريم جن ان جي ڪري فرمايو: اَلۡعُلَمَاءُ وَرَثَةُ الۡاَنۡبِيَاءَ اِنَّ الۡاَنۡبِيَاءَکمۡ يُوَرِّثُوۡا دِيۡنَارًا وَلَا دِرۡهَمًا وَاِنَّمَا وَرَّثُوۡا الۡعِلۡمَ فَمَنۡ اَخَذَهٗ اَخَذَبِحَظِّ وَافِر (علماء انبياء جا وارث آهن ۽ بلاشڪ انبياء (عليهم الصلٰوة والسلام) دينار ۽ درهم جو ڪو وارث نه بنايو انهن علم جو ورثو ڇڏيو جنهن علم حاصل ڪيو ان پورو پورو ڀاڱو حاصل ڪيو .

(اشرف الوسائل ص 590)

وارث نه ڪرڻ ۾ حڪمتون

علامه البيجوري  لکيو آهي ته: نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي وارث نه ٿيڻ ۾ هي حڪمتون هيون.      {1} هڪ هيءَ حڪمت هئي ته ڪو سندن وفات جي تمنا نه ڪري ته نبي عليه الصلٰوة والسلام وفات ڪري ته سندن ملڪيت مان کڻان. {2} ٻي هيءَ حڪمت هئي ته متان ماڻهو (مخالف) چون ته انهن نبوت جي دعوى ئي مال ميڙڻ جي لاءِ ڪئي هئي. (المواهب ص 673) علامه علي القاري  لکيو آهي ته : نبين عليهم الصلٰوة والسلام جو ڪنهن کي وارث نه ڪرڻ ۾ {3} ٽين هيءَ به حڪمت هئي ته ماڻهو ملڪيت گڏ ڪرڻ ۾ نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي ملڪيت گڏ ڪرڻ سان دليل نه وٺن. (جمع الوسائل ج 2 ص 226) شمائل جي شرح ۾ محدث ڪانڌلوي صاحب لکيو آهي ته : حضرت ابو بڪر صديق d جو چوڻ ته ”منهنجا وارث منهنجو اهل ۽ اولاد ٿيندا. مسئلي جي وضاحت لاءِ هو ورنه ته : پاڻ وصيت فرمائي هيائين ته : منهنجو ڇڏيل سامان بيت المال ۾ جمع ڪيو وڃي ۽ سندس انتقال کان پوءِ اهوٿورو ئي ٿورو بيت المال ۾ جمع ڪيو ويو. وارثن کي ڪا ملڪيت ورثي ۾ نه آئي. شاهه ولي الله محدث دهلوي  پنهنجي ڪتاب ”مسوّٰي“ ۾ لکيو آهي ته نبين عليهم الصلٰوة والسلام جو ورثو نه ورهايو ويندو. واري مضمون جي حديث ڏهن اصحابن سڳورن رضي الله عنهم کان روايت ڪيل آهي. (خصائل نبوي 37) هڪ روايت ۾ آهي ته ” ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g به ورثي جي گهر ڪئي هئي ته حضرت ابو بڪر صديق d ان کي به اها ئي حديث ٻڌائي ورثو نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. حالانڪه اها ته سندس نياڻي هئي.

                                                               (فضائل النبي ص 241)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند {2} النسائي في کتاب قسم الفيء 7 ص 132 {3} البيهقي ج 6 ص 300.

{401} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ كَثِيرٍ الْعَنْبَرِيُّ أَبُو غَسَّانَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ مُرَّةَ ، عَنْ أَبِي الْبَخْتَرِيِّ ، أَنَّ الْعَبَّاسَ ، وَعَلِيًّا ، جَاءَا إِلَى عُمَرَ يَخْتَصِمَانِ يَقُولُ كُلُّ وَاحِدٍ مِنْهُمَا لِصَاحِبِهِ : أَنْتَ كَذَا ، أَنْتَ كَذَا ، فَقَالَ عُمَرُ ، لِطَلْحَةَ ، وَالزُّبَيْرِ ، وَعَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ عَوْفٍ ، وَسَعْدٍ : أَنْشُدُكُمْ بِاللَّهِ أَسَمِعْتُمْ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : كُلُّ مَالِ نَبِيٍّ صَدَقَةٌ ، إِلَّا مَا أَطْعَمَهُ ، إِنَّا لاَ نُورَثُ ؟ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو البختري d کان روايت آهي ته حضرت عباس ۽ حضرت علي f ٻئي حضرت عمر فاروق d وٽ اهو فيصلو کڻي آيا. ۽ هر هڪ ٻئي کي چوي پيو ته تون ههڙو آهين تون ههڙو آهين.  پوءِ حضرت عمر فاروق d حضرت طلحه، حضرت زبير، ، حضرت عبدالرحمان بن عوف ۽ حضرت سعد  رضي الله عنهم کي چيو : توهان کي الله جو قسم ڏئي ٿو پڇان ته توهان رسول الله کان هيءُ چوندي نه ٻڌو آهي ته نبين جو سڀ مال الله جي لاءِ صدقو يا خيرات آهي مگر اهو جو ان کارايو پياريو. بيشڪ اسان نبين جو ڪو وارث نه بنايو ويو آهي.“ هن حديث ۾ ٻيو قصو به آهي.

مفردات جو شرح: ”يَخْتَصِمَانِ هڪٻئي سان (زباني) جهيڙو ڪري رهيا هئا. أَنْتَ كَذَا ، أَنْتَ كَذَا تون ههڙو آهين، تون ههڙو آهين. (هڪٻئي کي چئي رهيا هئا)أَنْشُدُكُمْ مان اوهان کي الله جو قسم ٿو وجهان. نشد کان ورتل آهي ان جي معنى آهي قسم ڏيڻ يا الله جو نالو ياد ڏياري ڪا ڳالهه پڇڻ.

سمجهاڻي: هن حديث جي راوي ابو البختري  چيو ته : حضرت عباس ۽ حضرت علي f حضرت عمر d وٽ ان حال ۾ آيا جو هڪٻئي کي چون پيا ته تون ههڙو آهين تون ههڙو آهين چب ڪري رهيا هئا. البيجوري  لکيو آهي ته : جيڪا زمين بني النضير کان رسول الله جن کي هٿ آئي هئي. حضرت عمر d کين خرچ پکي لاءِ ڏني هئي. ۽ سندن هڪٻئي سان چَبَ به ان متعلق هئي هڪڙو ٻئي کي چوي پيو ته تنهنجو ان ۾ ڪجهه ناهي. ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي هڪٻئي کي گاريون ڏئي رهيا هئا ڇوته اهو سندن مقام جي مناسب نه هو. حضرت عمر d انهن کي ڪجهه چوڻ کان پهريان سندس خدمت ۾ موجود حضرت طلحة، حضرت زبير، حضرت عبدالرحمان ۽ حضرت سعد رضي الله عنهم کي الله جو قسم وجهندي فرمايو ته ”ڇا اوهان رسول الله جن کان ٻڌو هو ته نبي جو هر مال صدقو آهي مگر جيڪو پاڻ کارائي ويو. اسين وارث نه ڪيا ويندا آهيون.“ مطلب ته هر نبي جو مال صدقو آهي. علامه موصوف لکيو آهي ”نبي“ لفظ نڪره اثبات جي سياق ۾ آيو آهي ان جي ڪري عام ٿي ويندو. معنى ڪجي هر نبي سڳورو (عليه الصلٰوة والسلام) ”مگر جيڪو کارايائين“ جو مطلب آهي جيڪو پاڻ پنهنجي اهل کي کارايائين. اهو صدقو نه ٿي سگهيو. محدث ترمذي  لکيو ته وفي الحديث قصة ۽ حديث ۾ قصو آهي ۽ اهو اڳيان هن ڪتاب شمائل ۾ اچي رهيو آهي هتي ايترو سمجهڻ گهرجي ته : حضرت عباس ۽ حضرت علي (چاچو ۽ ڀائيٽيو ٻئي) حضرت عمر d وٽ آيا ۽ حضرت عباس d حضرت عمر d کي چيو ته ”اي امير المومنين! منهنجو ۽ هن جو فيصلو ڪر“ ۽ سندن اختلاف بني النضير قبيلي جي ان زمين تي هو جيڪا الله جي پاڪ ذات حضرت رسول الله جن کي مال فيء طور (جنگ کان سواءِ حاصل ٿيل) عطا ڪئي هئي. پوءِ حضرت عمر فاروق d اتي موجود صحابن کان مذڪور سوال ڪيو هو ۽ اتي موجود صحابن چيو ته : رسول الله جن واقعي فرمايو هو ته : نبي جو ورثو نه ورهايو ويندو. نبي جيڪو ڪجهه ڇڏيو. اهو صدقو آهي. انهن صحابن کان حضرت عمر فاروق d حضرت عباس ۽ حضرت علي f ٻنهي سان مخاطب ٿي فرمايو ته ”مان اوهان کي الله جو قسم ٿو ڏيان ته ڇا اوهان کي خبر آهي ته رسول الله جن ائين فرمايو هو. ٻنهي ڄڻن چيو ته ”هائو“ رسول الله جن ائين فرمايو هو.“ حضرت عمر فاروق  d فرمايو ته : مان اوهان کي هن امر جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ٿو ته الله هن فيء جي مال سان پنهنجي نبي کي مخصوص فرمايو ۽ ان کان سواءِ ڪنهن کي به اهو عطا نه ڪيو هيائين. ان کان پوءِ قرآن ڪريم جي هيءَ آيت پڙهيائين. وَمَآ اَفَاءَ اللهُ عَلٰي رَسُوۡلِهٖ مِنۡهُمۡ (۽ انهن مان جيڪو الله پنهنجي رسول ( ) کي مال فيء عطا فرمايو) پوءِ هيءَ زمين خاص رسول الله جن جي لاءِ هئي ۽ الله جو قسم آهي ته  اوهان کان سواءِ نه ٻين کي ڏنائون نه ٻئي کي ان جي لاءِ اختيار ڪيائون بلڪه اوهان کي ڏئي اوهان جي (خرچ وغيره) لاءِ حوالي ڪيائون ۽ پاڻ ان مان پنهنجي اهل عيال تي سڄو خرچ ڪندا هئا ۽ جيڪو بچيو اهو ٻين ديني مصلحتن ۾ لڳائيندا هئا ۽ پاڻ ساري ظاهري زندگي ان تي عمل ڪندا رهيا. (پوءِ اتي موجود ٻين صحابن رضي الله عنهم کي فرمايائون ته ”مان اوهان کي الله جو قسم ڏئي پڇان ٿو ڇا اوهان کي اها خبر آهي؟ انهن عرض ڪيو ته ”هائو“ حضرت عمر فاروق  d فرمايو ته : ان کان پوءِ جڏهن الله پنهنجي نبي کي دنيا تان رحلت ڪرائي. ته حضرت ابو بڪر صديق d به فرمايو ته : مان رسول الله جن جو (ديني خدمات ۾) وارث آهيان. (ڇوته حضور ڪريم جن فرمايو هوته علماء انبياء جا وارث آهن“ پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d ان بني نضير واري زمين ۾ اهڙي طرح عمل ڪيو جيئن خود رسول الله جن ڪيو هو. ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اهو هن معاملي ۾ سچو، نيڪ، راشد ۽ حق جو تابع هو. وري جڏهن الله حضرت ابوبڪر صديق d کي وفات ڪرائي ته مان (ديني خدمات ۾) ان جو وارث ٿيو آهيان مون ٻه سال اها سنڀالي ان ۾ اهڙي طرح عمل ڪيو جيئن رسول الله ۽ حضرت ابو بڪر صديق d ڪيو هو ۽ الله ڄاڻي ٿو ته مان ان ۾ سچو، نيڪ نيت، هدايت وارو، حق جو تابع آهيان. ان کان پوءِ اوهان ٻئي مون وٽ آيا ۽ اوهان ٻنهي جي گفتگو ۽ امر هڪ هو اي عباس! تون مون وٽ آئين ۽ مون کان پنهنجي ڀائيٽيي (حضور ڪريم ) جي ورثي مان حصو گهريئي ۽ هيءَ (حضرت علي d) به پنهنجي گهرواريءَ جو حصو گهرڻ آيو ۽ مون اوهان ٻنهي کي چيو هو ته : رسول الله جن فرمايو آهي :”لَا نُوۡرَثُ مَا تَرَکۡنَاهُ صَدَقَةٌ (جيڪو اسان ڇڏيو اهو صدقو آهي اسان جا وارث نه بنايا ويندا) پر جڏهن مون کي هيءَ ڳالهه سٺي لڳي ته ان جي سنڀال اوهان جي حوالي ڪيان ته اوهان کي اها زمين ان شرط تي ڏنيم ته اوهان به ان ۾ سيدنا رسول الله ۽ ابو بڪر صديق d ۽ منهنجي طريقي تي عمل ڪندؤ ان کان پوءِ اتي موجود ماڻهن کي فرمايائين ته ”مان اوهان کي الله جو قسم ٿو ڏيان ته : مون اها هنن کي انهيءَ شرط تي ڏني هئي؟ چيائون ته هائو. ان کان پوءِ حضرت علي ۽ حضرت عباس f کي سامهون ٿي چيائين ”مان اوهان کي به الله جو قسم ڏئي ٿو پڇان ته مون اها اوهان کي انهيءَ شرط تي ڏني هئي؟ ٻنهي چيو ته ” هائو“ فرمايائين ته ”هاڻي اوهان مون کان ان کان  سواءِ ٻيو فيصلو طلب ڪيو ٿا؟ مون کي ان الله جو قسم آهي  جنهن جي اذن سان آسمان ۽ زمين قائم آهن ته مان قيامت تائين (بفرض محال جيڪڏهن جيئرو رهان ته به) ٻيو فيصلو نه ڪندس، پر جيڪڏهن اوهان اها سنڀالي نه ٿا سگهو ته پوءِ اها مون کي واپس ڪيو مان پاڻ ان کي سنڀالڻ جي لاءِ اوهان جي بجاءِ ڪافي آهيان“ ان کان پوءِ حضرت علي d حضرت عباس d کان غالب ٿي اها اڪيلي پاڻ سنڀالي ان کان پوءِ حضرت حسن d جي هٿ ۾ هئي ان کان پوءِ حضرت حسين d جي هٿ ۾ ان کان پوءِ حضرت علي بن الحسين f (زين العابدين d) ۽ حسن (مثني) بن امام حسن f جي هٿ ۾ ان کان پوءِ زيد بن الحسن f ان کان پوءِ عبيدالله بن الحسن f جي هٿ ۾ هئي۽ جڏهن بنو عباس والي ٿيا ته انهن کانئن کسي پنهنجي قبضي ۾ رکي ۽ انهن مان جيڪي به ملڪ جا والي ٿيا ٿي انهن اها پنهنجي هٿ ۾ رکي ٿي پر ان جي پيدائش اهل مدينه ۾ ورهائيندا هئا. (المواهب ص 675، 676) علامه علي القاري  لکيو ته : هڪ روايت ۾ هيئن آيو آهي : حضرت عمر فاروق d فرمايو : رسول الله جن کي ٽي ٽڪرا زمين جا مليا هئا. هڪ بني نضير جي، ٻي خيبر جي. ٽين فدڪ واري. بني نضير واري ته اتي ڪم ڪندڙن سندن نائبن جي حوالي هئي ۽ فدڪ. مسافرن جي خدمت لاءِ مخصوص هئي. ۽ خيبر جي زمين کي حضرت نبي ڪريم جن ٽن حصن ۾ ورهايو هو، ان مان ٻه حصا مسلمانن جي بهتري جي لاءِ ۽ هڪ حصو پنهنجي خرچ جي لاءِ ۽ ان مان به جيڪو بچندو هو اهو مڪه مڪرمه کان هجرت ڪري ايندڙ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان کي ورهائي ڏيندا هئا. ۽ ظاهر ڳالهه هي آهي ته اهو حڪم سڀني نبين عليهم الصلواة والسلام جي لاءِ هو ڇوته صحيح حديث ۾ آهينَحۡنُ مَعَاشِرُ الۡاَنۡبِيَاءِ لَانُوۡرَثَ مَا تَرۡکَنَاهُ صَدَقَة (اسين انبياء عليهم الصلٰوة والسلام جي جماعت وارث نه ڪيا ويندا آهيون اسان جيڪو ڪجهه ڇڏيو اهو صدقو آهي) ۽ مذڪوره روايت ۾ صَدَقَة جو لفظ نڪره. به ان جي ڪري آندو ويو آهي. علامه مناوي  هن حديث جي شرح  جي آخر ۾ لکيو آهي ته حافظ ابن حجر مڪي  چيو ته حضرت نبي ڪريم جن پاڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه پوئتي ڇڏيو اهو اوقاف جي جنس مان هو جيڪو به ان جو محتاج هجي ان مان نفعو وٺي ۽ ان جي هٿ ۾ رهي جيڪو امانتدار هجي ۽ ان جي ڪري سندن پاڻي پيئڻ جو پيالو هڪ حضرت سهل وٽ هو ٻيو حضرت انس d وٽ هو ۽ ٽيون حضرت عبدالله بن سلام d وٽ هو. ۽ ماڻهو انهن ۾ پاڻي وجهي برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيئندا هئا ۽ حضرت نبي ڪريم جن جو جبو مبارڪ حضرت بيبي اسماء بنت ابي بڪر g وٽ هو. اهڙي طرح ٻيون برڪت واريون شيون.            

(شرح المناوي مع جمع الوسائل ج 2 ص 226،227)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الخراج والامارة والفيء باب 19 في صفا يا رسول الله من الاموال رقم الحديث 2968 ج 3 ص 132 {2} النسائي في کتاب قسم الفيء ج 7 ص 132 {3} احمد في المسند ج 1 ص 4 {4} البيهقي في سننھ ج 6 ص 300.

{402} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا صَفْوَانُ بْنُ عِيسٰى ، عَنِ أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ،  عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لاَ نُورَثُ مَا تَرَكْنَا فَهُوَ صَدَقَةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو : ”اسان نبين جو ڪوبه وارث نه بڻايو ويندو آهي ، جيڪي به ڇڏيندا آهيون، سو صدقو هوندو آهي.“

مفردات جو شرح: ڪو نئون ناهي.

سمجهاڻي: ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g جيڪا حضور نبي ڪريم جي گهرواري آهي اها به پنهنجي حصي جي گهر ڪري چڪي هئي پر حضرت ابو بڪر صديق d کيس به ورثو نه ڏنو هو. پاڻ به روايت ڪري ٿي ته سيدنا  رسول الله جن ارشاد فرمايو :” اسان جو ورثو نه ورهايو ويندو اسان جيڪو ڪجهه ڇڏيو اهو صدقو آهي.“ علامه علي القاري  لکيو آهي. هن جو مطلب آهي ته اسان جو ڇڏيل سامان فقيرن ۽ مسڪينن جي حاجتن پوري ڪرڻ ۾ صرف ڪيو ويندو جيئن ٻي حديث ۾ آيو آهي : اِنَّ النَّبِيَّ لَايُوۡرَثُ اِنَّمَا مِيۡرَاثُهٗ فِي فُقَراءِ الۡمُسۡلِمِيۡنَ وَالۡمَسَاکِيۡنَ.“

(يعني نبي جو وارث نه بنايو ويندو ان جو ورثو فقيرن ۽ مسڪينن مسلمانن ۾ ورهايو ويندو.) هنن حديثن مان اهو به واضح ٿيو ته پاڻ دنياوي ظاهري حياتي ۽ رحلت کان پوءِ حياتي ۾ به رحمة للعالمين هئا ۽ آهن. (جمع الوسائل ج 2 ص 227) ۽ ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي تهمَا تَرَکۡنَاهُ صَدَقَة هڪ مقدر سوال جو جواب آهي. ڄڻ ته کين عرض ڪيو ويو ته ڀلا اوهان جيڪو ڇڏيو ان کي ڪيڏانهن ڪيو ويندو؟ ته پاڻ فرمايائون اهو (الله جي راهه ۾) صدقو آهي.                 (اشرف الوسائل ص 592)

هيءَ حديث ٻين انهن محدثن آندي آهي: جيڪي هن کان اڳئين حديث جي تخريج ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

{403} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنِ الأَعْرَجِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لاَ يَقْسِمُ وَرَثَتِي دِينَارًا وَلاَ دِرْهَمًا ، مَا تَرَكْتُ بَعْدَ نَفَقَةِ نِسَائِي وَمُؤْنَةِ عَامِلِي فَهُوَ صَدَقَةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم جن فرمايو : ”منهنجي وراثت دينار ۽ درهم نه ٿيندا. آءُ جيڪي ڪجهه ڇڏي ويندس سو منهنجي گهروارين تي خرچ ٿيڻ ۽ منهنجي ڪم ڪار ڪندڙن جي ضروري خرچ کان سواءِ صدقو آهي.“

مفردات جو شرح: ”لاَ يَقْسِمُ نه ورهائيندا هي لا نفي جي آهي ڇوته نهي اتي ايندو آهي جتي امڪان هوندو آهي هتي رسول الله جن جو وارث ممڪن ئي نه آهي ته نهي ڇا کان ان جي ڪري هتي صرف خبر ڪرڻ مقصد آهي ته منهنجا وارث ڪجهه به نه ورهائيندا. وَرَثَتِي منهنجا وارث. وَرَثَةُ وارث جو جمع آهي. نِسَائِي منهنجون گهرواريون. مُؤْنَةِ فعولة جي وزن تي. ان جي معنى بار. (الثقل)  

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضرت ابو هريره d حبيب ڪريم جن جو فرمان بيان ڪيو آهي ته پاڻ فرمايائون (امڪاني صورت ۾) منهنجا وارث بڻجندڙ نه ڪو دينار ورهائيندا نه درهم ڇوته اهي ڇڏيل ئي نه هوندا ”جيڪو ڪجهه منهنجي گهروارين تي خرچ ڪرڻ ۽ منهنجي عامل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ کان پوءِ بچندو اهو صدقو آهي. علامه البيجوري  لکيو آهي ته :”هتي درهم ۽ دينار جو ذڪر تمثيل طور آهي تقييد طور ناهي. درهم دينار يا انهن کان هيٺ، مٿي سڀ ان ۾ داخل آهي ۽ حضور ڪريم جن جي گهروارين جو انهن جي سڄي زندگي خرچ به ان مان ادا ڪيو ويندو ڇوته اهي ساري زندگي ڄڻ عدت ۾ ويٺل آهن ان جي ڪري انهن سان نڪاح ڪرڻ حرام هو ۽ سڄي زندگي انهن جو گهرن ۾ رهڻ به انهن لاءِ (شرعي عذر کان سواءِ) ضروري هو. ۽ ”عاملي“ منهنجو عامل. ان مان مراد سندن خليفو هو. جيئن حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق f اهي به سڄي خلافت واري زندگي ان مان کائيندا هئا ۽ حضرت عثمان غني d به انهيءَ طريقي تي عمل ڪيو پر جڏهن ته ملڪيت ۽ مال هجڻ جي ڪري کيس ضرورت نه هئي ته پاڻ کڻڻ جي بجاءِ ان مان اچڻ وارو سندس حصو پنهنجن مائٽن کي ڏياريندو هو ۽ سندس مائٽن وٽ ئي رهيو پر حضرت عمر بن عبدالعزيز d انهن کان واپس ورتو.

فائدو: هن مان هي دليل ملي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي ڪم ۾ آهي جنهن جو نفعو عام مسلمانن کي پهچي ٿو جيئن قاضي، بانگا، علماء ۽ امير ته انهن کي ضرورت آهر بيت المال مان خرچ کڻڻ جائز آهي. (المواهب ص 678)

علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته : هڪ قول مطابق حضور ڪريم جون گهرواريون عدت جي حڪم ۾ ناهن ڇوته نبي ڪريم جن قبر شريف ۾ زندهه آهن ۽ اهڙي طرح ٻيا انبياء عليهم الصلٰوة والسلام به زندهه آهن. ۽ هن جي تائيد ان قول سان به ٿئي ٿي جيڪو تلخيص جي صاحب فرمايو آهي جيئن اڳ ۾ گذري چڪو آهي ۽ علامه امام الحرمين  به ان کان نقل ڪيو آهي ته : حضور ڪريم جن جي طريقي تي حضرت ابو بڪر صديق d پنهنجي خلافت دوران عمل ڪيو ۽ اهو به سمجهندو هو ته پاڻ سڳورا جن جو ڪجهه ڇڏي ويا آهن اهو اڄ به سندن ملڪيت ۾ آهي ڇوته انبياء ڪرام عليهم الصلٰوة والسلام پنهنجين پاڪ قبرن ۾ زندهه آهن ۽ انهن جي حياتي شهيدن جي حياتي کان به وڌيڪ قوت واري آهي ڇوته نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي ان حياتيءَ تي ڪي ڪي احڪام دنيوي حياتيءَ وارا جاري ڪيا ويندا آهن ۽ صحيح حديثن مان ثابت آهي ته انبياء علي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام حج ڪندا آهن ۽ لبيڪ به پڙهندا آهن پوءِ انهن جا اعمال تڪليفي نه آهن بلڪه انهن سان لذت حاصل ڪندا آهن ۽ ان ئي لذت وٺڻ واري عبادت مان حضور ڪريم جن جو (قيامت جي ڏينهن) شفاعت ڪرڻ وارو سجدو هوندو ۽ اها زندگي سندن جي لاءِ قرآن سنت ۽ اجماع ۾ آيل ”موت“ جي لفظ جي خلاف ناهي ڇوته ان کان بعد وري اها ئي (دنيوي، حسي) زندگي ڏني وئي ۽ ملڪيت ان جي ٻين جي حوالي (ملڪيت طور) ڪئي ويندي آهي جن جو موت مستمر هوندو آهي ۽ اها ڳالهه به صحيح حديثن مان ثابت آهي ته انبياءِ عظام عليهم الصلٰوة والسلام جاجسم ڳرندا ناهن ۽ بلاشڪ روح ته سڀني مري ويلن جي جسم ۾ موٽي ٿو  اصل نظر هن ڳالهه تي آهي ته ان جي جسم ۾ موٽڻ کان سواءِ بدن زندهه هجي ۽ روح جتي الله گهري اتي هجي. روح سان حياتيءَ جو هجڻ عادي امر آهي عقل ته ان جي خلاف هجڻ کي به جائز قرار ڏي ٿو. پوءِ جيڪڏهن ان جي لاءِ سماعي صحيح دليل مليو ته ان جي اتباع ڪئي ويندي ۽ هيءَ ڳالهه علماء جي هڪ جماعت ذڪر ڪئي آهي ان جو شاهد حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي قبر مبارڪ ۾ نماز پڙهڻ آهي ڇوته نماز جي لاءِ حياتي وارو جسم هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙي طرح معراج واري رات حضور ڪريم جي پويان نماز پڙهندڙن نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي زندگي به شاهد آهي ۽ ان جي لاءِ ڪا منع آيل ناهي ته ”انهن جي حياتي حقيقي نه هئي. جيتوڻيڪ اهي طعام جا محتاج نه هئا باقي قبر ۾ ٻڌڻ ۽ علم رکڻ اهو ته انهن جي لاءِ ثابت آهي بلڪه سمورن وفات ڪري ويلن جي لاءِ به ثابت آهي. (اشرف الوسائل ص 594) ڄاڻڻ گهرجي ته هن حديث ۾ آيل لفظ ”عاملي“ مان مراد ۾ هڪ قول مطابق زمين جي پيداوار گڏ ڪري آڻيندڙ به آهي يعني زمين جو منتظم ۽ نگران. ان جي لاءِ خدمت جو عيوض وٺڻ جائز آهي. حديث ۾ مذڪور دينار ۽ درهم جي لفظ مان تخصيص ناهي پر اهو تمثيل طور مذڪور آهي جيئن محاوره ۾ چيو ويندو آهي روپيه ۽ پيسا تقسيم نه ڪيا وڃن ته ٻيون شيون ان ۾ بطريق اولى داخل ٿي وينديون. يا هي چيو وڃي ته : ملڪيت جي تقسيم هميشه قيمت لڳائي ڪئي ويندي آهي.

سوال: اوهان لکيو آهي ته : حضرت عباس ۽ حضرت علي f هڪٻئي کي تون ههڙو آهين تون ههڙو آهين چوندا آيا. ته حضرت عباس d حضرت علي d کي ائين ڇو چيو؟

جواب: حضرت عباس d حضرت علي d جو چاچو هو. جيڪڏهن وڏو ننڍي کي ڪجهه چوي ته تون مان ڪير آهيون جو اعتراض ڪيون. حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو حضرت هارون علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام سان وڙهڻ قرآن ڪريم ۾ مذڪور آهي حالانڪه ٻئي نبي سڳورا هئا، اسين ڪنهن کي به ڪجهه نه چئي سگهنداسون ٻنهي جي ادب م رهنداسون.

سوال: جڏهن حضرت عباس ۽ حضرت علي f ٻنهي کي سهڻي حبيب ڪريم جن جو فرمان (اسين نبي ڪنهن کي وارث نه بنائيندا آهيون اسان جيڪو ڇڏيو اهو صدقو آهي) معلوم هو ته پوءِ حضرت ابو بڪر صديق  وٽ ڇو آيا ۽ حضرت ابوبڪر صديق d کان اها حديث ٻڌي وري حضرت عمر فاروقِ اعظم d وٽ ڇو آيا هئا؟

جواب: اها حديث مبارڪ ٻنهي کي معلوم هئي پر سندن اجتهادي خيال اهو هو ته شايد اهو فرمان متحرڪ ملڪيت، دينار ۽ درهم وغيره جي لاءِ هو. غير متحرڪ ملڪيت (يعني زمين) ان ۾ داخل ناهي. ان جي ڪري اهي ٻنهي خليفن حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق f وٽ ويا پر انهن کين سمجهايو ته ان حديث ۾ متحرڪ ۽ غير متحرڪ سڀ شيءِ داخل آهي ۽ اجتهادي سوچ ۾ اختلاف برو ناهي.

ضروري وضاحت: صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي اختلاف کي پاڻ تي قياس ڪرڻ  نه گهرجي ۽ نه انهن ۾ بدگماني ڪجي ڇوته رسول الله جن جي فرمان مطابق انهن ۾ للّٰهيت ۽ خلوص هو. انهن سان محبت حضور ڪريم سان محبت آهي ۽ انهن سان بغض حضور ڪريم جن سان بغض آهي. صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور ڪريم جن جا محبوب شاگرد آهن ان جي ڪري انهن سان سٺو عقيدو رکڻ  ۽ محبت رکڻ ايمان ڪامل جي نشاني آهي باقي رهيا انهن جا هڪٻئي سان جنگ ڪرڻ جي نوبت تائين پهچڻ وارا اختلاف سو اهڙين ڳالهين کي انڌي عقيدت، تعصب ۽ تنگ نظري ڇڏي هوشياري سان پڙهڻ گهرجي ۽ جڏهن اهو ذهن رکي هن ميدان ۾ قدم رکبو ته ڪافي بدگمانين کان بچي پئبو. الله قرآن ڪريم ۾ فرمايو: ”اِنَّ بَعۡضَ الظَّنِّ اِثۡمُٗ (بعض گمان گناهه آهن) ۽ اهڙين بدگمانين جي ڪري ڪيتريون قومون گمراهه ٿي ويون. ۽ اهي اسلام جي پٺي ۾ ”ٻلي ڳڙ“ وانگر اڀري هميشه ان تي پنهنجو ناسور وارو روڳ اڇلائڻ لڳن ٿيون. اهڙن ناسور وارن ماڻهن تي الله جو هي فرمان کَاَنَّهُمۡ حُمُرۡ مُّسۡتَنۡفِرَةُ فَرَّتۡ مِنۡ قَسۡوَرَةٍ (اهي ڄڻ ٽهندڙ گڏهه آهن جيڪي شينهن کان ٽهي ڀڄن ٿا) سچ پڇو ته صحابن سڳورن عليهم الرضوان جي انهيءَ اختلاف کي ڏسبو ته سندن معاملو بلڪل صاف نظر ايندو هڪ طرف حضرت ابو بڪر صديق d ۽ حضرت عمر فاروق d حضرت حبيب ڪريم جي حديث تي عمل ڪندي ورثي ورهائڻ کان معذور ۽ مجبور نظر اچن ٿا ۽ سندن متحرڪ يا غير متحرڪ ڇڏيل ورثي کي سندن فرمان”لانورث“ ۾ داخل سمجهن ٿا انهيءَ ۾ اهي بلاشڪ حق تي هئا ته ٻئي طرف حضرت عباس ۽ حضرت علي f هر هر گهرڻ ۽ مطالبي ڪرڻ جي ڪري لالچي نه چيا ويندا، ڇوته اهي ٻئي ڀلارا ۽ پيارا مذڪور حديث کي متحرڪ ملڪيت جي لاءِ سمجهيو ويٺا هئا ۽ زمين کي گهرڻ پنهنجو حق سمجهيو ويٺا هئا ان جي ڪري (خارجي گمراهه ٽولي وانگر) انهن ڏانهن به (معاذالله ثم معاذالله)  بدگماني نه ڪئي ويندي .

صبا  میں بلبلوں  کا مشهد  مقدس   ہے

قدم سنبھال کے رکھیو  يه تيرا باغ نهيں

مطلب ته خبردار ! اهي حضور ڪريم جي پوکيل باغ جا گل آهن جتي باد صبا کي پڻ بي ترتيب جهٽڪو ڏيڻ منع آهي. سو اتي بي ادب کي بي ادبي ڪرڻ جي اجازت ڪٿي ملندي؟

سوال: جڏهن حضرت عمر d کين ان وقف جو متولي ڪيو هو ته پوءِ اختلاف ڇو ڪيائون؟

جواب: اهو اختلاف سندن ان جو مستقل متولي هجڻ تي هو، حضرت عباس d نهايت سمجهدار، ذهين ۽ ذڪي هو ان جي ڪري اهو ان کي انتهائي هوشياري سان مناسب موقعي تي صرف معلوم ڪرڻ پيو چاهي. ۽ حضرت علي d ذهن، ذڪا ۽ قابليت هوندي حد درجي جو متوڪل، دنيا کان بي پرواهه ۽ زاهد هو ان کي جيڪو ملندو هو ورهائي ختم ڪري ڇڏيندو هو. اصل انهن ٻنهي جي اختلاف جو سبب اهو هو. ابو داؤد شريف ۾ روايت آهي ته اصل انهن ٻنهي جو مقصد هو ته وقف کي ٻه حصا ڪري هر هڪ کي جدا جدا حصو ڏنو وڃي. مگر خليفة المسلمين ائين ڪرڻ کان به پاسو ڪيو ته متان ايندڙ نسل ۾ وقف جو متولي هجڻ ذاتي ملڪيت سمجهيو وڃي ۽ محبوب ڪريم جن جو ڇڏيل وقف (صدقو) عوام جي فائدن جي بجاءِ خاص ماڻهن جو ورثو ٿي وڃي. ان جي ڪري انهن کي ائين فرمايائين: سمجهڻ گهرجي ته : پهريائين اهلبيت سڳورن  جو اهو اجتهادي خيال هو ته حضور ڪريم جن جو ميراث ورهايو وڃي پر جڏهن صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي تصديق ڪرڻ سان حديث مذڪور ٻڌائڻ کان پوءِ پاڻ به ان حديث جي تصديق ڪيائون ڇوته جيڪڏهن حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق f جو فيصلو غلط هجي ها ته ان ۾ تبديلي ڪري ها. ۽ ان کان پوءِ حضرت عباس d حضرت عثمان جي خلافت ۾ پنهنجو متولي هجڻ جو حق ڇڏي اها زمين متوليانه طور حضرت علي d جي حوالي ڪئي هئي. ان کان پوءِ اهو وقف حضرت امام حسن d ۽ حضرت امام حسين d جي هٿ ۾ رهيو.

                                                         (فضائل النبي ص 243، 247)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6575 ج 8 ص 208 {2} البخاري من طريق مالڪ عن ابي الزناد عن الاعرج عن ابي هريرة في کتاب الوصايا باب 32 نفقة القيم باب 32 نفقة قيم الوقف رقم الحديث 2776 ج 5 ص 406 {3} مسلم في کتاب الجهاد باب 16 قول النبي ”لا نورث ما ترکنا صدقة“ رقم الحديث 6729 ج 12 ص 6 {4} مالڪ في الموطا کتاب الکلام باب 12 ماجاء في ترکة النبي {5} البيهقي في سننھ ج 6 ص 302 {6} احمد في المسند ج 2 ص 242.

{404} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ عَلِيٍّ الْخَلَّالُ ، قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ عُمَرَ قَالَ : سَمِعْتُ مَالِكَ بْنَ أَنَسٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَوْسِ بْنِ الْحَدَثَانِ قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى عُمَرَ فَدَخَلَ عَلَيْهِ عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ عَوْفٍ ، وَطَلْحَةُ ، وَسَعْدٌ ، وَجَاءَ عَلِيٌّ ، وَالْعَبَّاسُ ، يَخْتَصِمَانِ ، فَقَالَ لَهُمْ عُمَرُ : أَنْشُدُكُمْ بِالَّذِي بِإِذْنِهِ تَقُومُ السَّمَاءُ وَالأَرْضُ ، أَتَعْلَمُونَ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لاَ نُورَثُ ، مَا تَرَكْنَاهُ صَدَقَةٌ فَقَالُوا : اللَّهُمَّ نَعَمْ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ طَوِيلَةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت مالڪ بن اوس بن حدثان d کان روايت آهي ته آءُ حضرت عمر فاروق d وٽ ويس. ته اتي عبدالرحمان بن عوف d، حضرت طلحة d ۽ حضرت سعد d به اچي ويا. پوءِ حضرت علي ۽ حضرت عباس f به پاڻ ۾ جهيڙو ڪندا آيا. ان تي حضرت عمر d (موجود اصحابن سونهارن کي) چيو ته آءُ توهان کي الله جو قسم ٿو ڏيان، جنهن جي حڪم سان آسمان ۽ زمين بيٺا آهن توهان ڄاڻو ٿا ته رسول الله فرمايو هو ته :” اسان جي وراثت نه ورهائبي آهي اسان جيڪي ڪجهه ڇڏي ويندا آهيون اهو صدقو آهي.“ سڀني موجود اصحابن چيو ته الله حاضر آهي. هائو. هن حديث ۾ ڊگهو قصو آهي.

مفردات جو شرح: هن حديث جي مفرد لفظن ۾ ڪو نئون لفظ ناهي.

سمجهاڻي: هن جي سمجهاڻي هن باب ۾ نمبر 3 واري ساڳي آهي صرف سند مختلف هجڻ جي ڪري وري ذڪر ڪئي وئي آهي. (انوار غوثيھ ص 590) ۽ علامه البيجوري  هن روايت جي آخري لفظناَللَّهُمَّ نَعَمْ“ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: ان جو مطلب آهي ته اسين ڄاڻون ٿا ته رسول الله جن ائين فرمايو هو ۽ هن جي شروع ۾ اَللَّهُمَّ اسم ڀلارو شاهديءَ جي مقام تي آندو ويو آهي جيڪو سندن ذمي بيان ڪرڻ حق هو ان تي الله کي شاهد ڪيائون ۽ حڪم جو تاڪيد به ڪيو ويو. غلطيءَ ۾ واقع ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ احتياط به ڪيو ويو ۽ هتي الله جي نداء مان مقصود ان جو احسان طلب ڪرڻ آهي، حقيقي ندا مراد ناهي ڇوته الله پري ناهي جو ان کي سڏيو وڃي بلڪه اهو ٻانهن کي سندن ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي. (المواهب ص 678)

محدث ترمذي  جو قول ته حديث ۾ ڊگهو قصو آهي ان جو ڪجهه حصو ته اڳ ۾ لکي آيا آهيون ۽ هتي به ڪجهه لکجي ٿو. محدث ڪانڌلوي هن جو شرح ڪندي لکيو آهي ته ”حضرت مالڪ بن اوس d فرمايو ته مان پنهنجي گهر ۾ هوس ته حضرت عمر فاروق d جو قاصد مون کي وٺڻ آيو. مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ته ڏٺم ته پاڻ هڪ تڏي تي ويٺو هو جنهن تي ٻيو ڪپڙو به وڇايل نه هو مان سلام ڪري ويهي رهيس ته پاڻ مون کي فرمايائين : تنهنجي قوم جا ڪجهه ضرورتمند ماڻهو آيا هئا مون انهن کي ڪجهه ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڏنو آهي. تون اهو وٺي انهن ۾ وڃي تقسيم ڪر. مون کيس عرض ڪيو ته تقسيم لاءِ ڪنهن ٻئي کي حڪم ڪيو ها ته ڀلو هو. پاڻ فرمايائين ته نه. تون ئي تقسيم ڪر. اهي ڳالهيون اڃان ٿي رهيون هيون ته سندس خادم جنهن جو نالو يرقا هو. حاضر ٿيو ۽ کيس عرض ڪيائين ته حضرت عثمان حضرت عبدالرحمان بن عوف، حضرت زبير ۽ حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله عنهم حاضري جي اجازت گهرن ٿا ۽ بعض روايتن ۾ حضرت طلحة d جو ذڪر آهي. حضرت عمر d اجازت ڏني. هي حضرات آيا ۽ حضرت عمر d کي سلام چئي ويهي رهيا ٿوري دير کان پوءِ ساڳيو خادم يرفا ٻيو ڀيرو آيو ۽ اچي عرض ڪيائين ته حضرت عباس d ۽ حضرت علي d حاضريءَ جي اجازت گهرن ٿا. حضرت عمر d اجازت ڏني  اهي ٻئي اندر اچي سلام ڪري ويٺا ۽ حضرت عباس d چيو ته : منهنجو ۽ هن (حضرت علي) ظالم (نَعُوۡذُ بِاللهِ مِنۡ ذَالِکَ) جو فيصلو ڪريو. حضرت عباس d حضرت علي d کي ظالم چوڻ کان سواءِ ٻيو به ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ٻنهي حضرتن جي هڪٻئي ۾ سخت ڪلامي ٿي. حضرت عثمان d وغيره  حضرات جيڪي اتي ويٺا هئا انهن به حضرت عمر d کي چيو ته اوهان هنن جو فيصلو ضرور ڪيو ۽ هڪٻئي کان هنن کي آزاد ڪيو. مسلم شريف جي روايت ۾ هي آهي ته مالڪ بن اوس d فرمايو ته : مون کي انهن جي سفارش ۽ تاڪيد ڪرڻ مان محسوس ٿيو ته انهن ٻنهي حضراتن هنن کي پنهنجي تائيد جي لاءِ موڪليو هو. حضرت عمر فاروق d ڪجهه.دير کان پوءِ انهن اڳ ۾ آيلن ڏانهن متوجهه ٿي انهن کان حديثن ۾ مذڪور سوال ڪيا ۽ فرمايائين ته الله هي فيء جو مال (باغ وغيره) مخصوص طور حضور ڪريم کي عطا فرمايو هو ڪنهن ٻئي جي ان ۾ ڪا شرڪت نه هئي. پر ان هوندي به حضور ڪريم جن ان کي پنهنجي لاءِ مخصوص نه فرمايو پر اوهان تي تقسيم ڪيائون ۽ ان زمين جو تمام ٿورو حصو پاڻ ۽ پنهنجي عيال جي گذران جي لاءِ رکيائون. ۽ ان مان ٿورو پنهنجين گهروارين کي ڏئي باقي الله جي واٽ ۾ خير ڪندا هئا. مان اوهان کي الله جو قسم ڏئي پڇان ٿو ته ڇا ائين ئي هو يا نه؟. اول سندس خدمت ۾ آيلن پنجن مذڪور صحابن کان تصديق ڪرائي پوءِ حضرت عباس d ۽ حضرت علي d کان به تصديق ڪرايائين ۽ پوءِ حضرت عمر d وري فرمايو ته ”ان کان پوءِ حضور ڪريم جن وصال فرمايو ۽ حضرت ابو بڪر صديق d خليفو ٿيو ته ان به ان زمين جي پيداوار ۾ ان ئي طريقي کي جاري رکيو جيڪو حضور ڪريم جو معمول هو. ۽ الله جو قسم! ابو بڪر صديق d پنهنجي هن رويي ۾ ڀلائيءَ تي هو سچ جي رستي تي هو. حق جي اتباع ڪندڙ هو پر اوهان ماڻهن ان کي هيئن هونءَ سمجهيو. حضرت عباس d پنهنجي ڀائيٽيي حضور ڪريم جو ورثو گهرڻ آيو ۽ حضرت علي d پنهنجي گهرواريءَ جي طرفان ان جي پيءُ جي ورثي مان حصو گهرڻ آيو. حضرت ابوبڪر صديق d حضور ڪريم جي حديث پيش ڪري چيو ته حضور نبي ڪريم جو ورثو نه ورهايو ويندو پر اوهان ان جي ڳالهه کي صحيح نه سمجهيو . ان کان پوءِ حضرت ابوبڪر وفات ڪئي ۽ مون کي خليفو بنايو ويو ۽ پنهنجي خلافت جي شروعات وارن ٻن سالن ۾ حضرت نبي ڪريم ۽ حضرت ابوبڪر صديق d وارو طريقو جاري رکيم ۽ الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته مان پنهنجي ان طرز عمل ۾ سچو آهيان نيڪي جو عمل ڪندڙ ، حق جو تابعدار آهيان. ان کان پوءِ اوهان ٻئي وري مون وٽ آيئو ۽ ساڳيو مطالبو ڪيُوَ مون اوهان کي حضرت ابو بڪر صديق وارو ساڳيو جواب ڏنو. ان کان پوءِ مون مناسب سمجهيو ته ان وقف ڪيل زمين جو اوهان کي متولي بنايان ۽ مون اوهان کان وعده ۽ انجام ورتو ته اوهان به ان ۾ اهڙو عمل ڪندؤ جيئن حضور ڪريم ۽ حضرت ابوبڪر صديق d ۽ ٻه سال مون ڪيو آهي اوهان به اهو قبول ڪيو ۽ ان شرط تي اها مون اوهان جي حوالي ڪئي. هاڻي مان اوهان کي قسم ڏئي پڇان ٿو ته ڇا مون اها اوهان جي حوالي نه ڪئي آهي؟ اتي موجود ٻين صحابن به ان جو اقرار ڪيو ته حضرت عباس ۽ حضرت علي f به ان جو اقرار ڪيو. پوءِ حضرت عمر فاروق d کين فرمايو ته هاڻي اوهان مون کان ان جي خلاف فيصلو وٺڻ گهرو ٿا مون کي ان ذات جو قسم جنهن جي حڪم سان آسمان ۽ زمين بيٺا آهن ته ان جي خلاف هرگز فيصلو نه ڪندس جيڪڏهن اوهان ان وقف جي انتظام سنڀالڻ کان عاجز آهيو ته مون کي واپس ڪيو مان پاڻ سنڀاليندس.“ هي آهي اهو طويل قصو جنهن ڏانهن محدث ترمذي  اشارو ڪيو آهي. (خصائل نبوي ص 384)

هيءَ حديث اڳين حديث، ذڪر ڪندڙن ساڳين محدثن آندي آهي.

{405} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَاصِمِ ابْنِ بَهْدَلَةَ ، عَنْ زِرِّ بْنِ حُبَيْشٍ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا تَرَكَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دِينَارًا وَلاَ دِرْهَمًا وَلاَ شَاةً وَلاَ بَعِيرًا قَالَ : وَأَشُكُّ فِي الْعَبْدِ وَالأَمَةِ.

مفردات جو شرح ڪوبه ناهي.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته حضور ڪريم (وراثت يا ملڪيت ۾) نه ڪو دينار ڇڏيو، نه درهم ڇڏيو ۽ نه ڪا ٻڪري نه اٺ ڇڏيا. راوي چيو ته مون کي شڪ آهي (شايد بيبي سڳوري g ٻانهو ۽ ٻانهي به چيو)

سمجهاڻي: هن حديث ۾ به حضرت سيده عائشه صديقه g جو فرمان آهي ته حضور ڪريم جن نه دينار ڇڏيو نه درهم ڇڏيو نه ٻڪري ڇڏي نه اٺ ڇڏيو. هن روايت جو راوي زربن حبيش فرمايو ته مون کي شڪ ٿو پوي ته شايد عائشه g هيئن فرمايو ته ”نه ٻانهو ڇڏيائين ۽ نه ٻانهي.“ مطلب ته ٻانهي هجڻ جي ڪيفيت ۾ نه ڇڏيائين ورنه ته سندن آزاد ڪيل ٻانها ته گهڻا موجود هئا ۽ هن روايت ۾ راوي شڪ بيان ڪيو آهي نه ته بخاري شريف ۾ جويريه g  کان روايت آهي.وَلَا عَبۡدًا وَّلَا اَمَّةً ۽ نه ٻانهو ڇڏيائون ۽ نه ٻانهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 6 ص 185 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي 5 ص 225 {3} ابن حبان في صحيحھ رقم الحديث 6572  ج 8 ص 205 {4} مسلم في کتاب الوصية باب 5 ترک الوصية لمن ليس لھ شيءِ يوصي فيه رقم الحديث 1635 ج 3 ص 1256. {5} ابو داؤد في کتاب الوصايا باب 1 ماجاء في ما يومر به من الوصية رقم الحديث 1635 ج 3 ص 1256 {6} البيهقي في سننھ ج 6 ص 266 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3836 ج 14 ص 51.

 

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting