خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ايڪيتاليهون

 

بَابُ صَلاَةِ الضُّحٰي

هي باب ڪچي منجهند واري نماز جي باري ۾ آهي

 

سمجهاڻي: جيڪا نماز ڪچي منجهند جي وقت پڙهي ويندي آهي ان کي ”ضحى“ جي نماز سڏيندا آهن ۽ ان جو افضل وقت سج جي هڪ نيزي جي ماپ کان مٿي چڙهڻ کان وٺي ڏينهن جي چوٿين حصي تائين آهي ۽ بعض علماء لکيو آهي ته : ان جو وقت ڏينهن جي چوٿين حصي گذرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ٽاڪ منجهند تي سج جي پهچڻ کان پهريان ختم ٿئي ٿو. هيءَ نماز چئن رڪعتن کان ٻارهن رڪعتن تائين پڙهي ويندي آهي ۽ حنفين وٽ هيءَ نماز استحبابي سنت آهي هن نماز پڙهڻ سان گناهن جي مغفرت ٿيندي آهي. امام احمد  روايت آندي آهي ته مَنۡ حَافَظَ عَلٰي صَلٰوةِ الضُّحٰي غُفِرَتۡ لَهٗ ذُنُوۡبُهٗ وَ اِنۡ کَانَتۡ مِثۡلَ زَبَدِ الۡبَحۡرِ (جنهن ضحى  نماز جي حفاظت ڪئي ان جا سمنڊ جي گجيءَ جيترا گناهه هوندا ته به بخش ڪيا ويندا) (انوارِ غوثيھ ص 372) اولياء ڪرام ان وقت کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. (1) پهرئين حصي کي اشراق ۽ ٻئي حصي واري کي ضحى جي نماز سڏين ٿا. انهن حضرت علي d جي اڳئين ذڪر ڪيل روايت مان ائين سمجهيو آهي. هن جي ڀلائي گهڻي آهي. حضرت رسول الله جن ارشاد فرمايو آهي ته ” انسان ۾ ٽي سؤ سٺ 360 سنڌَ آهن هر هڪ جي لاءِ شڪر ڪرڻ واجب ۽ صدقو ڏيڻ حق آهي، پر جيڪو ضحى جون ٻه رڪعتون پڙهندو ته ان ڄڻ سڀني سنڌن جو صدقو ادا ڪيو.“ هن نماز جي فضيلت ۾ تمام گهڻيون حديثون آيون آهن. پنجويهه صحابن سڳورن عليهم الرضوان کان هن نماز جي ڀلائي جي لاءِ حديثون آيل آهن. (خصائل نبوي ص 241) ۽ علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”تحقيق هي آهي ته سج اڀرڻ کان پوءِ ان جي ڦڪي رهڻ تائين ڪراهت واري وقت ختم ٿيڻ کان ضحى جو وقت شروع ٿئي ٿو، ۽ زوال کان اڳ تائين رهي ٿو. ۽ شروعات واري نفل کي اشراق  ۽ وچ واري کي ضحى ۽ آخري وقت ۾ پڙهيل نماز کي زوال جي نماز سڏيو ويندو آهي ۽ هن باب ۾ اٺ حديثون آهن. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 85)

{289} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ الطَّيَالِسِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ يَزِيدَ الرَّشْكِ قَالَ : سَمِعْتُ مُعَاذَةَ ، قَالَتْ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ : أَكَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي الضُّحَى ؟ قَالَتْ : نَعَمْ ، أَرْبَعَ رَكَعَاتٍ وَيَزِيۡدُ مَا شَاءَ اللَّهُ عَزَّ وَجَلَّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت يزيد  رشڪ d کان روايت آهي ته مون حضرت معاذ d کان ٻڌو ۽ ان عائشھ صديقھ g کان پڇيو ته نبي پاڪ جن ڪچي منجهند واري نماز پڙهندا هئا؟ بيبي سڳوري g فرمايو ته هائو چار رڪعتون پڙهندا هئا ۽ ان کان زياده جيڪي الله گهريو ته پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ”نَعَمْ هائو. أَرْبَعَ چار. ”يَزِيۡدُ زياده ڪندا هئا.

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کان معاذه نالي عورت عرض ڪري پڇيو ته : رسول الله جن ضحيٰ نماز پڙهندا هئا؟ ته پاڻ جواب ۾ فرمايائين. هائو چار پڙهندا هئا ۽ جيڪي الله گهريو ته وڌائي به پڙهندا هئا.

صلواة الضحيٰ جي رڪعتن جو تعداد: علامه علي القاري  لکيو آهي ته : ٻارهن رڪعتن کان وڌيڪ روايت ڪيل ناهي ۽ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کان هڪ روايت ۾ جيڪو آيو آهي ته : مون حضور ڪريم جن کي چئن کان وڌيڪ پڙهندي نه ڏٺو“ اهو اڪثر ڪري هوندو هو. ۽ غالب احوال تي حمل ڪيل آهي ۽ هن ۾ اهو به دليل آهي ته : افضل چار رڪعتون آهن.. جو پاڻ اڪثر چار رڪعتون پڙهندا هئا ۽ هن جي تائيد حاڪم جي ڪتاب ”المفرد في صلواة الضحٰي“ ۾ نقل ڪيل عبارت سان به ٿئي ٿي ته ”محدثن جي جماعت کان نقل ڪيل آهي ته اهي ضحى جون چار رڪعتون پڙهندا هئا ۽ هن باري ۾ وارد ٿيل اڪثر حديثون به ان تي دلالت ڪن ٿيون. جيئن ابو درداء ۽ ابو ذر f کان ترمذي ۾ روايت آهي ته الله فرمايو : اي ابنِ آدم ! منهنجي لاءِ ڏينهن جي پهرئين حصي ۾ چار رڪعتون پڙهه ته مان تولاءِ ان جي آخري حصي کان ڪافي آهيان“ ۽ جمهور علماء وٽ ضحى جي نماز مستحب آهي ۽ اها گهٽ ۾ گهٽ ٻه رڪعتون آهي. ۽ ان جو دليل اها حديث آهي جيڪا ترمذي پنهنجي جامع ۾ ۽ احمد ۽ ابن ماجه حضرت ابو هريره d کان روايت ڪئي آهي ته : رسول الله جن ارشاد فرمايو :مَنۡ حَافَظَ عَلٰي شَفَعَةِ الضُّحٰي غُفِرَتۡ لَهٗ ذُنُوۡبُهٗ وَاِنۡ کَانَتۡ مِثۡلَ زَبَدِ الۡبَحۡرِ جنهن ضحى جي ٻن  رڪعتن جي حفاظت ڪئي ته ان جا گناهه سمنڊ جي گجيءَ جيترا هوندا ته به بخش ڪيا ويندا.“ علامه مناوي  لکيو آهي ته ”کان يصلي“ جمله استمراريو غالبي آهي ضحى نماز جا راوي گهڻا آهن محدثن مسلم وغيره آندو آهي ته اڻويهه صحابن فرمايو ته : انهن پاڻ ڪريم جن کي ضحى جي نماز پڙهندي ڏٺو هو. تانجو ابن جرير  وغيره فرمايو ته ”ضحى نماز جي متعلق روايتون تواتر جي درجي کي پهتل آهن. ۽ ابن ابي شيبه جي مصنف ۾ آهي ته ”اها نماز قرآن ڪريم ۾ آيل آهي پر ان بحر مان ڪي ٽوٻا ٽٻي هڻي ان کي هٿ ڪندا. ۽ هن جي مستحب هجڻ تي اجماع آهي ۽ ابنِ عربي  فرمايو ته اها نبي ڪريم کان اڳ ۾ آيلن نبين (علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام) جي به نماز هئي.         

(شرح المناوي على حاشيه جمع الوسائل ج 2 ص 86)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي{1} مسلم فـي کتاب المسافرين وقصرها باب 13 استحباب صلواة الضحى رقم الحديث 719 ج 1 ص 497 {2} النسائي في کتاب الصلواة من سننھ الڪبرى باب 59 عدد صلواة الضحى في الحضر {3} ابنِ ماجھ في کتاب اقامة الصلواة باب 187 ماجاء في صلواة الضحى رقم الحديث 1465 {4} احمد في المسند ج 6 ص 95 {5} عبدالرزاق في المصنف رقم  الحديث 4853 ج 3 ص 74، 75 {6} البيهقي في سننھ ج 3 ص 47

{290} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنِي حَكِيمُ بْنُ مُعَاوِيَةَ الزِّيَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا زِيَادُ بْنُ عُبَيْدِ اللَّهِ بْنِ الرَّبِيعِ الزِّيَادِيُّ ، عَنْ حُمَيْدٍ الطَّوِيلِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُصَلِّي الضُّحَى سِتَّ رَكَعَاتٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن ڪچڙي منجهند جي وقت ڇهه رڪعتون پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ڪوخاص ناهي .

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ضحى نماز جي ڇهن رڪعتن جو ذڪر آهي جڏهن ته حضرت نبي ڪريم جن کان مختلف اوقات ۾ ضحى  نماز جون رڪعتون مختلف روايت ڪيل آهن ان جي ڪري علماء فرمايو ته روايتن ۾ ڪو تعارض ناهي. (المواهب ص 493) علامه علي القاري  هڪ حديث آندي آهي ته : رسول الله جن ارشاد فرمايو ته : مَنۡ صَلَّي الضُّحٰي ثِنَتَيۡ عَشَرَةَ رَکَعَةً بَنَيۡ اللهُ لَهٗ قَصَرًا فِيۡ الۡجَنَّةِ (جنهن ضحى جي نماز ٻارهن رڪعتون پڙهي الله ان جي لاءِ جنت ۾ محل ٺاهيندو.)

                                                                   (جمع الوسائل ج 2 ص 87)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} المزي في تهذيب الکمال ج 7 ص 205 {2} الهيتمي في مجمع الزوائد ج 2 ص 238.

{291 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ مُرَّةَ ، عَنْ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ أَبِي لَيْلَى قَالَ : مَا أَخْبَرَنِي أَحَدٌ ، أَنَّهُ رَأَى النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي الضُّحَى إِلَّا أُمُّ هَانِئٍ ، فَإِنَّهَا حَدَّثَتْ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دَخَلَ بَيْتَهَا يَوْمَ فَتْحِ مَكَّةَ فَاغْتَسَلَ فَسَبَّحَ ثَمَانِيَ رَكَعَاتٍ مَا رَأَيْتُهُ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ صَلَّى صَلاَةً قَطُّ أَخَفَّ مِنْهَا ، غَيْرَ أَنَّهُ كَانَ يُتِمُّ الرُّكُوعَ وَالسُّجُودَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالرحمان ابن ابي ليلى d کان روايت آهي ته مون کي حضرت ام هاني g کان سواءِ ڪنهن نه ٻڌايو آهي ته ان رسول الله کي ضحى نماز پڙهندي ڏٺو آهي. بيبي سڳوري g بيان ڪيو ته رسول الله جن فتح مڪي جي ڏينهن منهنجي گهر آيا. غسل ڪيائون ۽ اٺ رڪعتون تمام مختصر نماز پڙهيائون. مون ڪڏهن به پاڻ ڪريمن کي اهڙي هلڪي نماز پڙهندي نه ڏٺو. پر رڪوع ۽ سجدو پورو ادا ٿي ڪيائون.

مفردات جو شرح: ”قَطّ صرف. أَخَفَّ هلڪي ، ڦلڪي. يُتِمُّ پورو پورو ادا ڪندا هئا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ عبدالرحمان بن ابي ليلى d جو چوڻ آهي ته ”ام هاني g کان سواءِ ان کي ڪنهن به حضور ڪريم جن  جي ضحى جي نماز جي خبر ڪانه ڏني.“ مان لازم نه ٿو اچي ته هن نماز جو علم سيده ام هاني g کان سواءِ ٻين صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي نه هو. البيجوري  لکيو آهي ته ”ام هاني g کان سواءِ اڻويهه وڏن صحابن رضي الله عنهم جو بيان آهي ته انهن رسول الله جن کي ضحى  جي نماز پڙهندي ڏٺو هو. (جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون) ابو زرعة  فرمايو ته”ضحى جي متعلق گهڻيون حديثون صحيح ۽ مشهور آيل آهن. تانجو ابنِ جرير  فرمايو ته ”هي تواتر جي درجي کي پهتيون آهن“ (المواهب ص 493) هن روايت ۾ آهي ته ”حضور ڪريم جن مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن پنهنجي رهائشگاهه تي غسل ڪري اٺ رڪعتون ضحى جون نهايت هلڪيون (ٿوري قراءت واريون) پڙهيون. جو پاڻ ان ڏينهن اهم ۽ مشڪل ڪمن کي حل ڪرڻ ۾ مصروف هئا. علامه هيتمي مڪي  لکيو آهي ته ”مسلم شريف جي روايت ۾ آهي ته ”حضرت رسول الله جن سيده ام هاني g جي گهر ۾ فتح واري سال هڪ ڪپڙي ۾ جنهن جا پلاند ڪلهن تي ابتا ورايل هئا اٺ رڪعتون ضحى جي نماز جون پڙهيون هيون. ۽ نسائي جي روايت آهي ته سيده ام هاني g پاڻ فتح واري سال حضرت نبي ڪريم جن ڏانهن وئي هئي. اتي ڏٺائين ته حضور ڪريم سيده فاطمھ g جي طرفان اوٽ ۽ پردي ڏنل ڪپڙي جي پويان غسل ڪري رهيا هئا. پوءِ سيده ام هاني g سلام ورايو ته حضور ڪريم جن پڇيو ته ڪير آهي؟ سيده ام هاني g عرض ڪيو ته : ام هاني آهيان. پوءِ جڏهن غسل کان فارغ ٿيا ته هڪ ئي ڪپڙي ۾ ويڙهجي اٺ رڪعتون (ضحى نماز جون) پڙهيائون. روايتن جي هن اختلاف جو جواب ڏيندي علامه هيتمي مڪي  لکيو آهي ته ”اهو واقعو متعدد ڀيرا ٿيو هوندو. پوءِ هڪ ڀيري حضور ڪريم جن سندس گهر ۾ هئا ته ٻئي ڀيري اها سندن رهائش گاهه تي آئي هوندي. ۽ اهو به احتمال آهي ته : حضور پاڪ جن سندس ئي گهر جي ڪنهن پاسي ۾ سيده فاطمھ g جي طرفان پردي لاءِ ڏنل ڪپڙي جي اوٽ ۾ غسل فرمائي رهيا هئا پوءِ سيده ام هاني g اتي آئي ۽ اهو سندس اچڻ پنهنجي ڀاءُ سيدنا علي d جي خلاف شڪايت ڪرڻ جي لاءِ هو. ڇوته جنهن کي سيده ام هاني g پناهه ڏني هئي حضرت علي d ان کي قتل ٿي ڪيو. پوءِ حضرت رسول الله جن فرمايو تهقَدۡ اَجَرۡنَا مَنۡ اَجَرَتِ يَا اُمَّ هَانِيۡ اي ام هاني! جنهن کي تو پناهه ڏني اسان به ان کي پناهه ڏني.“ ۽ ابو داؤد جي روايت ۾ آهي ته ”رسول الله جن انهن اٺن رڪعتن ۾ ٻن رڪعتن تي سلام ورايو هو. ۽ انهن جو قول جن چيو ته  ضحى جي نماز مڪه مڪرمه جي فتح سبب پڙهي هيائون. مذڪوره احاديث جي ڪري باطل آهي ۽ حضرت ابو هريره d کان صحيح روايت ۾ آهي ته اَوۡصَانِي خَلِيۡليۡ بِثَلَاثِ لَا اَدَعُهُنَّ حَتّٰي اَمُوۡتَ وَذَکَرَ مِنۡهُنَّ الضُّحٰي مون کي منهنجي دوست ٽن ڪمن جو حڪم ڪيو آهي مان مرڻ تائين اهي نه ڇڏيندس. ۽ انهن مان ضحى نماز به آهي“ علامه موصوف لکيو آهي ته هن روايت جي لفظ ”فَاغۡتَسَلَ“ مان علماء اهو دليل ورتو آهي ته مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيڻ واري جي لاءِ سنت آهي ته پهرين ڏينهن ضحى نماز جي لاءِ حضور ڪريم جي اقتداء ڪندي غسل ڪري. (اشرف الوسائل ص 410، 411) علامه علي القاري  لکيو آهي ته ممڪن آهي ته سيده ام هاني g جا ٻه گهر هجن هڪ ۾ حضور ڪريم جن رهيا هئا ۽ هڪ ۾ پاڻ رهيل هئي. ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته : کين غسل وقت حضرت ابو ذر d ڪپڙي جي اوٽ ڏني هئي۽ ابن عبدالبر d جي روايت ۾ آهي ته سيده ام هاني g حضور ڪريم جن کان عرض ڪري پڇيو هو ته : هيءَ ڪهڙي نماز آهي؟ ته پاڻ فرمايو هيائون ”ضحى جي نماز آهي“ ۽ حضرت انس کان مرفوع روايت ۾ آيو آهي تهمَنۡ صَلّٰي الضُّحٰي رَکَعَتَيۡنِ لَمۡ يُکۡتَبۡ مِنَ الۡغَافِلِيۡنَ وَمَنۡ صَلّٰي اَرۡبَعَ رَکۡعَاتِ کُتِبَ مِنۡ الۡقَانِطيۡنَ وَمَنۡ صَلّٰي سِتَّا کُفِي ذَالِکَ الۡيَوۡمَ وَمَنۡ صَلّٰي ثَمَانِيًّا کُتِبَ مِنَ الۡعَابِدِيۡنَ وَمَنۡ صَلّٰي ثِنَتَي عَشَرَةَ رَکۡعَةً بَنَي اللهُ لَهٗ بَيۡتًٺٺٺٺٺا فِي الۡجَنَّةِ (جنهن ضحى نماز جون ٻه رڪعتون پڙهيون اهو غافلن مان نه ليکيو ويندو ۽ جنهن چار رڪعتون پڙهيون اهو فرمانبردارن مان ليکيو ويندو ۽ جنهن ڇهه رڪعتون پڙهيون ان جي لاءِ ان ڏينهن ۾ ڪفايت ڪئي ويندي ۽ جنهن اٺ رڪعتون پڙهيون اهو عابدن مان ليکيو ويندو ۽ جنهن ٻارهن رڪعتون پڙهيون ان جي لاءِ الله جنت ۾ گهر ٺاهيندو. (جمع الوسائل ج 2 ص 89)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب تقصير الصلواة باب 12 من تطوع في السفر في غير دبر الصلواة و قبلها رقم الحديث 1103 ج 2 ص 578 {2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 13 استحباب صلواة الضحى رقم الحديث 336 حديث الکتاب 80 ج 1 ص 497 (3) {3} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 302 صلواة الضحى رقم الحديث 1291 ج 2 ص 28 {4}  النسائي في کتاب الصلواة من سننھ الکبرى باب 61 کيف صلواة الضحى  {5}  احمد في المسند ج 6 ص 342.

{292} حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا كَهْمَسُ بْنُ الْحَسَنِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ شَقِيقٍ قَالَ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ : أَكَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي الضُّحَى؟ قَالَتْ : لاَ إِلاَ أَنْ يَجِيءَ مِنْ مَّغِيبِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن شقيق d کان روايت آهي ته مون حضرت عائشھ صديقه g کان پڇيو ته نبي پاڪ ضحى نماز پڙهندا هئا؟ بيبي سڳوري g چيو ته (هميشه) نه، پر جڏهن سفر تان ايندا هئا ته پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ”أَكَانَ ڇا هئا. استفهام آهي. إِلاَ أَنْ يَجِيءَ مگر هي جو اچن. مَغِيبِهِ پنهنجي سفر کانمَغِيبِ غائب ٿيڻ. هتي مراد سفر آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان ضحى پڙهڻ جي سفر کان موٽڻ کان سواءِ نفي آئي آهي. شارحن لکيو آهي ته اها مداومت هميشگي ڪرڻ جي نفي آهي. علامه بيجوري  لکيو آهي ته : اي لم يکن ادۡوَمَ علي صلٰوتها فقولها هنا لا نفي للمداومة وماروي عنها من انه ما صَلي سبحة الضحٰي قط فلا ينا في قولها في الحديث السابق .“ (مواهب ص 494، 495) يعني هتي ۽ سندس ٻي روايت ته پاڻ ڪڏهن به ضحى جو نفل نه پڙهيو هيائون ان مان مراد هميشگي جي نفي آهي ان جي ڪري اهو قول ثبوت وارين روايتن جي خلاف ناهي. ”مگر سفر کان واپس ايندا هئا ته پڙهندا هئا“ ۽ حضرت ڪعب بن مالڪ d کان روايت آهي ته انه کان لا يقدم من سفره الا نهارا من الضحي فاذا قدم بدءَ بالمسجد اول قدومه فصلي فيه رکعتين ثم جلس فيه پاڻ ڪريم سفر کان ڏينهن جو ضحى جي وقت موٽندا هئا پوءِ اول مسجد ۾ اچي ٻه رڪعتون (نفل) نماز پڙهندا هئا ان کان پوءِ اتي ويهندا هئا. (مواهب ص 494، 495) علامه علي قاري  لکيو آهي ته ” سيده جي نفي جو مطلب آهي ته مسجد ۾ ضحى جا نفل سفر ۾ موٽڻ کان سواءِ نه پڙهندا هئا. (جمع الوسائل ج 2 ص 90)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 13 استحباب صلواة الضحى رقم الحديث 717 حديث الکتاب 76 ج 1 ص 497 {2} النسائي في کتاب الصوم باب 34 ذکر اختلاف الناقلين لخبر عائشھ فيھ ج 4 ص 152 {3} احمد في المسند ج 6 ص 204    {4} ابنِ ابي شيبھ في المصنف رقم الحديث 7776 ج 2 ص 173 {5} ابن خزيمه في صحيحھ رقم الحديث 1230 ج 2 231 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 2526 ج 6 ص 268 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1003 ج 4 ص 137.

{293} حَدَّثَنَا زِيَادُ بْنُ أَيُّوبَ الْبَغْدَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ رَبِيعَةَ ، عَنْ فُضَيْلِ بْنِ مَرْزُوقٍ ، عَنْ عَطِيَّةَ ، عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي الضُّحَى حَتَّى نَقُولَ : لاَ يَدَعُهَا ، وَيَدَعُهَا حَتَّى نَقُولَ : لاَ يُصَلِّيهَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري d کان روايت آهي ته نبي ڪريم   جن ڪڏهن ضحى نماز لاڳيتو پيا پڙهندا هئا. جو اسان چوندا هئاسون ته ان کي نه ڇڏيندا. ڪڏهن ان کي ڇڏي ڏيندا هئا ته اسان ڀائيندا هئاسون، ته هاڻي شايد ان کي نه پڙهندا.

مفردات جو شرح: ”حَتّٰى نَقُولَ تانجو اسين چئون پيا. سمجهون  پيا. لَا يَدَعُهَا ان کي نه پيا ڇڏين. لاڳيتو پڙهندا پيا رهن.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ضحى نماز جو پڙهڻ ۽ نه پڙهڻ ٻئي معلوم ٿي رهيا آهن. علماء ڪرام فرمايو ته اهو ان جي ڪري هو ته رسول الله جا پروانا ان کي فرض نه سمجهي ويهن. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g جو فرمان آهي ته : ڪي اهڙيون عبادتون هيون جن جي ڪرڻ جي لاءِ رسول الله جن جي دل مبارڪ چاهيندي هئي پر ان خيال سان انهن تي هميشگي نه ڪندا هئا ته مبادا اهي امت تي فرض ٿي وڃن.. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : ضحى نماز جون ڀلايون گهڻيون آهن. (جيڪي ڪجهه اڳ ۾ لکي آيا آهيون)

ضحيٰ نماز ۾ ڪهڙيون سورتون پڙهجن: حاڪم عقبة بن عامر d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن اسان کي امر فرمايو هو ته”ضحى نماز کي ضحى لفظ وارين سورتن ”والشمس وضحها“ ۽ ”والضحى“ سان پڙهون“ علامه موصوف لکيو آهي ته : مناسب هي آهي ته جيڪڏهن ڪو ضحى جون چار رڪعتون پڙهي ته انهن ۾ ”والشمس واليل“ والضحى ۽ ”الم نشرح“ سورتون پڙهي.

عجيب ڳالهه: علامه الزين العراقي  فرمايو آهي ته : ماڻهن ۾ هيءَ ڳالهه مشهور ٿي وئي آهي ته : جنهن ضحى نماز پڙهي وري ڇڏي ڏني ته اهو انڌو ٿي ويندو، ان جي ڪري ماڻهو مرڳي پڙهن ئي ڪونه ٿا ته متان ڪڏهن نه پڙهڻ جي ڪري انڌا ٿي وڃون. پر ان ڳالهه جو ڪوبه ثبوت يا اصل ناهي بلڪه اهو شيطاني وسوسو آهي جيڪو ماڻهن ۾ وڌو ويو آهي تان ته انهن کي ان خير ڪثير کان محروم ڪيو وڃي. علامه علي القاري  لکيو آهي ته اهو وهم عورتن ۾ گهڻو آهي ۽ اهي سوچين ٿيون هونءَ نه پر حيض نفاس جي حالت ۾ ته نه پڙهي سگهنديون پوءِ جو انڌيون ٿي پون تنهن کان اصل نه پڙهن ته ڀلو آهي. (معاذ الله ثم معاذالله) ۽ چون ٿيون ته اها عورت ضحى پڙهي جيڪا حيض، نفاس جي مدت کان چڙهيل هجي. (جمع الوسائل ج 2 ص 90، اشرف الوسائل ص 412)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن  آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 21، 36 {2}  البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1002 ج 4 ص 136 {3}  ابو نعيم  في تاريخ اصبهان ج 1 ص 244.

{294} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ ، عَنْ هُشَيْمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدَةُ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ سَهْمِ بْنِ مِنْجَابٍ ، عَنْ قَرْثَعٍ الضَّبِّيِّ ، أَوْ عَنْ قَزَعَةَ ، عَنْ قَرْثَعٍ ، عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُدْمِنُ أَرْبَعَ رَكَعَاتٍ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، إِنَّكَ تُدْمِنُ هَذِهِ الأَرْبَعَ رَكَعَاتٍ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ فَقَالَ : إِنَّ أَبْوَابَ السَّمَاءِ تُفْتَحُ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ فَلاَ تُرْتَجُ حَتَّى تُصَلَّى الظُّهْرُ ، فَأُحِبُّ أَنْ يَصْعَدَ لِي فِي تِلْكَ السَّاعَةِ خَيْرٌ قُلْتُ : أَفِي كُلِّهِنَّ قِرَاءَةٌ؟ قَالَ : نَعَمْ . قُلْتُ : هَلْ فِيهِنَّ تَسْلِيمٌ فَاصِلٌ ؟ قَالَ : لاَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو ايوب انصاري d کان روايت آهي ته نبي ڪريم هميشه سج لڙڻ وقت چار رڪعتون پڙهندا هئا. مون عرض ڪيو ته يا رسول الله ! اوهان هميشه سج لڙڻ مهل چار رڪعتون نماز پڙهندا آهيو. (ان جو ڪهڙو سبب آهي؟)

پاڻ سڳورن جن ارشاد فرمايو: سج لڙڻ وقت آسمان جا دروازا کلن ٿا (يعني قبوليت جو وقت آهي) تيسين دروازا بند نه ٿا ٿين، جيسين ٻيپهري نماز پڙهجي، ان جي ڪري آءُ چاهيان ٿو ته ان وقت منهنجي وڏي نيڪي مٿي چڙهي وڃي يعني ڌڻيءَ جي حضور ۾ وڃي پهچي. مون عرض ڪيو ته”هر رڪعت ۾ قراءت آهي؟ پاڻ سڳورن فرمايو: هائو. وري عرض ڪيم ته ٻن ٻن رڪعتن تي سلام سان فاصلو آهي؟ فرمايائون ته نه.

مفردات جو شرح: ”يُدْمِنُ هميشه پڙهندا هئا. ادمانُ مصدر کان ورتل آهي. لازم ڪري وٺڻ، هميشگي ڪرڻ. لَا تُرْتَجُ بند نه ڪيا ويندا آهن. ”يَصْعَدَ مٿي چڙهي. هن جي مصدر صعد يا ”صعود“ آهي. فَاصِلٌ جدا ڪرڻ وارو. سنڌو ڪندڙ. هن جي مصدر فصل آهي، جدا ڪرڻ ، ڌار ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ آهي ته رسول الله جن سج جي زوال (لڙڻ) کان پوءِ چار رڪعتون هميشه پڙهندا هئا. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : راوي عند زوال الشمس آندو آهي بعد زوال الشمس نه آندو آهي سو ان جي ڪري ته اهو سمجهه ۾ اچي ته اهو نفل پاڻ سج جي لڙڻ کان پوءِ تڪڙو پڙهندا هئا، گهڻي دير نه ڪندا هئا. ۽ بعض علماء فرمايو ته : ان مان مراد ظهر جي فرض کان اڳيون چار رڪعتون سنت آهن

سج لڙڻ وقت زوال جا نفل: بزار حضرت ثوبان d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ٽاڪ منجهند (سج لڙڻ) کان پوءِ نفل کي پسند ڪندا هئا پوءِ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کين عرض ڪيو ته يا رسول الله ! مان اوهان کي ڏسان ٿي ته اوهان نماز سان محبت رکو ٿا؟ ته پاڻ فرمايائون : هن گهڙي ۾ آسمان جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ الله پنهنجي مخلوق ڏانهن رحمت جي نظر سان نهاري ٿو ۽ اها اها نماز آهي جنهن جي، (حضرت) آدم، (حضرت) نوح، (حضرت) ابراهيم، (حضرت) موسى، (حضرت) عيسى (عليهم الصلواة والسلام) حفاظت ڪندا هئا.“ يعني گهڻو ڪري پڙهندا هئا. اڳتي ارشاد آهي ته ”ان وقت آسمان جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ جيستائين ظهر نماز نه ٿي پڙهي وڃي تيستائين اهي بند نه ٿا ڪيا وڃن. مان به چاهيان ٿو ته ان گهڙيءَ ۾ منهنجو به ڀلو عمل مٿي چڙهي وڃي.“ اهو فرض کان سواءِ هجي جيڪو عبوديت جي ڪمال ۽ رباني عنايت جي نهايت تي دلالت ڪري. مون عرض ڪيو ته ” ڇا انهن چئني رڪعتن ۾ قراءت آهي؟ (يعني فاتحه کان پوءِ قراءت واجب آهي؟ جيئن اسان حنفين جو مذهب آهي ته ننڍي سورة يا ان جو مقدار قرآن ڪريم جي ڪنهن به سورت مان) پاڻ فرمايائون ته ”هائو“ . مون عرض ڪيو ته ”ڇا انهن جي وچ ۾ سلام سنڌو ڪندڙ به آهي؟) جو ٻه رڪعتون ٿي وڃن. باقي التحيات جي وچ وارو سلام،اَلسَّلَامُ عَلَيۡکَ اَيُّهَا النَّبِيُّ مراد ناهي. (پاڻ فرمايائون ته ”نه“ انهن جي وچ ۾ سنڌو ڪندڙ سلام ناهي.) (هن ۾ دليل آهي ته ڏينهن جو به چار رڪعتون گڏي هڪ نفل پڙهڻ افضل آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 91، 92)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 297 الاربع قبل الظهر رقم الحديث 1270 ج 2 ص 23 {2} احمد في المسند ج 5 ص 416 {3} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 597 ص 81.

{295} أَخْبَرَنِي أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو مُعَاوِيَةَ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدَةُ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ سَهْمِ بْنِ مِنْجَابٍ ، عَنْ قَزَعَةَ ، عَنْ قَرْثَعٍ ، عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَحْوَهُ.

ترجمو، سمجهاڻي ۽ تخريج ساڳي آهي.

{296} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ مُسْلِمِ بْنِ أَبِي الْوَضَّاحِ ، عَنْ عَبْدِ الْكَرِيمِ الْجَزَرِيِّ ، عَنْ مُجَاهِدٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ السَّائِبِ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُصَلِّي أَرْبَعًا بَعْدَ أَنْ تَزُولَ الشَّمْسُ قَبْلَ الظُّهْرِ وَقَالَ : إِنَّهَا سَاعَةٌ تُفْتَحُ فِيهَا أَبْوَابُ السَّمَاءِ ، فَأُحِبُّ أَنْ يَصْعَدَ لِي فِيهَا عَمَلٌ صَالِحٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن سائب d کان روايت آهي ته رسول الله جن ٻيپهريءَ کان اڳ، سج لڙڻ کان پوءِ چار رڪعتون نماز پڙهندا هئا ۽ فرمايائون ته انهيءَ ساعت آسمان جا دروازا کلن ٿا. پوءِ منهنجي دل گهري ٿي ته منهنجو ڪو نيڪ عمل ان ساعت ۾ منهنجي لاءِ چڙهي، (ڌڻيءَ جي درٻار ۾ وڃي پهچي.)

مفردات جو شرح: ”كَانَ يُصَلِّي پڙهندا هئا. بَعْدَ أَنْ ان کان پوءِ. إِنَّهَا بلاشڪ اها. 

سمجهاڻي: اهي چار رڪعتون سج لڙڻ کان پوءِ ظهر جي فرض کان پهريان پڙهندا هئا ۽ ان جو سبب اهو ٻڌايائون ته ”اها اهڙي برڪت واري گهڙي آهي جو الله ان ۾ آسمان جا دروازا کولائي ٿو ڇڏي. مان ان ۾ ان جي ڪري نماز پڙهان ٿو ته ان ۾ منهنجو صالح عمل مٿي چڙهي وڃي (۽ قبوليت جي شرف سان مشرف ٿئي.“) حضرت ثوبان d فرمايو ته ”رسول الله جن زوال کان پوءِ واريون سنتون گهڻيون پسند ڪندا هئا. (انوارِ غوثيه ص 378) علامه علي القاري  لکيو آهي ته : انهن چئن رڪعتن جو ثواب، رات جي پوئين حصي واري نماز جهڙو آهي ۽ انهن گهڙين ۾ الله جو حرڪت ۽ انتقال کان پاڪ نزول ٿيندو آهي ڇوته هنن ٻنهي وقتن مان هر هڪ وقت سندس قرب ۽ رحمت جو آهي ۽ پاڻ ڪريم جن ان تي مواظبت، مداومت ۽ هميشگي ڪندا هئا.“ علامه مناوي  لکيو آهي ته : بيضاوي  فرمايو. اها ظهر جي فرض کان پهرين سنت آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 92)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: (1) النسائي في کتاب الصلواة کما في تحفة الاشراف ج 4 ص 348 (2) احمد في المسند ج 3 ص 411.

{297 حَدَّثَنَا أَبُو سَلَمَةَ يَحْيٰى بْنُ خَلَفٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عُمَرُ بْنُ عَلِيٍّ الْمُقَدَّمِيُّ ، عَنْ مِسْعَرِ بْنِ كِدَامٍ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ عَاصِمِ بْنِ ضَمْرَةَ ، عَنْ عَلِيٍّ ، أَنَّهُ صَلّٰي قَبْلَ الظُّهْرِ أَرْبَعًا ، وَذَكَرَ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُصَلِّيهَا عِنْدَ الزَّوَالِ وَيَمُدُّ فِيهَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت علي d کان روايت آهي ته هو پاڻ چار رڪعتون ٻيپهريءَ کان اڳ پڙهندو هو. ۽ ٻڌايائين ته نبي ڪريم زوال جي وقت اها نماز پڙهندا هئا ۽ ان نماز کي ڊگهو ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”كَانَ يُصَلِّي ماضي استمراري جو صيغو آهي نماز پڙهندا هئا، ”يمد“ ڊگهي قراءت ڪندا هئا.

سمجهاڻي: مطلب ته محبوب ڪريم جن قبل الظهر چار رڪعتون پڙهندا هئا پر ان ۾ قراءت ڊگهي ڪندا هئا. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : فجر جي ٻن رڪعتن ۾ هلڪي، ٿوري قراءت ڪندا هئا ۽ هن ۾ گهڻي ڪندا هئا. ۽ هن مان واضح ٿيو ته ان نماز ۾ قراءت ڊگهي ڪرڻ مستحب آهي. (اشرف الوسائل ص 415) امام غزالي  ”احياءُ العلوم“ ۾ لکيو آهي ته : بهتر آهي ته انهن چئن رڪعتن ۾ سورة بقرة پڙهي وڃي نه ته ٻي ڪا اهڙي سورة جنهن ۾ سوَ کان وڌيڪ آيتون هجن. تانت ڊگهي قراءت ڪرڻ ۾ به حضور ڪريم جي اتباع ٿي وڃي. (خصائل نبوي ص 246)

هيءَ حديث ٻين جن محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 287 جي تخريج ۾ ٿي چڪو آهي.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting