خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب چوئيتاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي قِرَاءَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ رسول الله جي قراءت جي باري ۾ آيل حديثون آهن

 

سمجهاڻي: قراءت جي معنى آهي پڙهڻ. هن باب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سندن قراءت ڪهڙي طرح هئي ۽ ان مان مراد ترتيل، مد، وقف، اسرار، اعلان ۽ ترجيع وغيره سان درست ڪري پڙهڻ آهي جنهن ۾ نه افراط هجي نه تفريط وچٿرائي هجي، سرور عالم نورِ مجسم جن انتهائي ٺاهي، ٺاهي اطمينان ۽ وقار سان پڙهندا هئاهر هڪ حرف اهڙو واضح ڪري پڙهندا هئا جو ٻڌڻ وارو سٺي نموني سمجهي ياد ڪري. ياد رکڻ گهرجي ته قرآن ڪريم جي تلاوت عبادت آهي ۽ الله جي قرب حاصل ڪرڻ جو اعظم ۽ افضل ذريعو آهي قرآن ڪريم پنهنجي  تلاوت ڪندڙ جي شفاعت ڪندو. قرآن ڪريم جي هڪ هڪ حرف پڙهڻ جي بدلي ۾ ڏهن ڏهن نيڪين جو ثواب ملندو. محبوب ڪريم   جن آهستي به تلاوت ڪندا هئا ته وڏي آواز سان به تلاوت ڪندا هئا. (انوارِ غوثيھ ص 401) هن باب ۾ اٺ حديثون آهن.

{315} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا اللَّيْثُ ، عَنِ ابْنِ أَبِي مُلَيْكَةَ ، عَنْ يَعَلَى بْنِ مَمْلَكٍ أَنَّهُ سَأَلَ أُمَّ سَلَمَةَ ، عَنْ قِرَاءَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَإِذَا هِيَ تَنْعَتُ قِرَاءَةً مُفَسَّرَةً حَرْفًا حَرْفًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت يعلى بن مملڪ   کان روايت آهي ته ان رسول الله جي قراءت جي باري ۾ حضرت ام سلمھ g کان پڇيو؟ مؤمنن جي ماءُ چيو ته پاڻ سڳورا قرآن پاڪ صاف صاف ۽ جدا جدا حرف حرف ڪري عجيب سهڻي نموني سان پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ”تَنْعَتُ نعت کان ورتل آهي وصف بيان ڪرڻ، تعريف بيان ڪرڻ، قراءت ڪري ڏيکارڻ. مُفَسَّرَةً واضح، روشن. حَرْفًا حَرْفًا هڪ هڪ حرف ڪري.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سيده ام المؤمنين ام سلمھ g حضرت نبي ڪريم جن جي قراءت جو طريقو سائل کي پڙهي سمجهايو هو. ته پاڻ نهايت عمده نموني انتهائي واضح ۽ حرف حرف جدا جدا ڪري پڙهندا هئا. ۽ جيئن ان محبوب ڪريم کان ٻڌو هو تيئن ٻڌايائين. البيجوري  لکيو آهي ته ”فاذا“ ۾ الفاء عطف جي لاءِ آهي ۽ ”اذا“ مفاجاة جي لاءِ آهي ۽ انهن لفظن آڻڻ جو مقصد آهي ته امان سائڻ سائل کي فورن جواب ڏنو ڇوته کيس حضور ڪريم جي قراءت ڪامل طرح مضبوط ۽ ذهن ۾ ويٺل هئي. (المواهب ص 519) هن حديث جي شارحن هن ۾ ٻه احتمال لکيا آهن. (1) ته ام المؤمنين صرف ائين بيان ڪيو. (2) ته ان طرح قراءت ڪري ڏيکاري پر وڌيڪ ٻيو احتمال آهي ته ان طرح قراءت ڪري ڏيکاري ڇوته ام المؤمنين کان اهڙي طرح جي ٻي هڪ حديث نمبر 3 اڳيان اچي رهي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 356 استحباب الترتيل في القراءة رقم الحديث 1466 ج 2 ص 73، 74 {2} النسائي في کتاب الافتتاح باب 82 تزيين القرآن بالصوت ج 2 ص 181 {3} احمد في المسند ج 6 ص 294 {4} البيهقي في سننه ج 3 ص 13 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 157.   

{316}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا وَهْبُ بْنُ جَرِيرِ بْنِ حَازِمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لِأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : كَيْفَ كَانَتْ قِرَاءَةُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ فَقَالَ : مَدًّا.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ ابي قتاده جي سوال جي جواب ۾ فرمايو ته حضور ڪريم جن ”مد“ سان پڙهندا هئا علت جي حرفن کي افراط کان سواءِ مناسب نموني ڇڪي پڙهندا هئا. هڪ ٻي حديث ۾ آيو آهي تهکان يَمُدُّ بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ بسم الله کي ڇڪي پڙهندا هئا يعني الله جي الف ۽ رحمٰن جي ميم کي ڊگهو ڪري پڙهندا هئا. اهڙي طرح ”رَحِیۡمِ“ جي ياء کي به ڊگهو ڪري پڙهندا هئا. علامه بيجوري  لکيو آهي ته ”مدا“ مان مراد آهي ته جيڪو حرف جيترو ڊگهو ڪري پڙهڻ جو حقدار هو ان کي اوترو ڊگهو ڪري پڙهندا هئا ڪي گهڻو ڊگهو ڪري ڪي وچٿرو ڪي ٿورو ڊگهو ڪري پڙهندا هئا ۽ هتي ڊگهي ڪرڻ مان مراد مبالغو ڪرڻ ناهي جنهن جو ڪو موجب نه هجي جيئن اسان جي زماني جا قاري ڪن ٿا تانجو اسان جي مسجدن جا پيش امام(الله نه انهن جون عمريون ڊگهيون ڪري ۽ نه انهن جي حياتيءَ جي مُدي ۾ وسعت ڪري.) به صحيح قراءت ڪونه ٿا ڪن. (المواهب ص 520) علامه علي القاري  لکيو آهي ته المعنى حرفن کي جيئن انهن جي اشباع جو حق آهي ڏيندا هئا خاص ڪري ان وقف ۾ جتي ٻه ساڪن گڏ ٿيندا هئا. پوءِ اتي مد واجب آهي ۽ بعض علماء فرمايو ته مد مان مراد وقت ڊگهو ڏيڻ آهي ڇوته جڏهن تجويد، ترتيل سان ڇڪي پڙهيو ويندو ۽ حرفن کي قوت ۽ صحيح حرڪات سان ادا ڪيو ويندو ته وقت ڊگهو وٺندو ۽ امام بخاري حضرت انسd کان روايت آندي آهي ته بِسْمِ اللہِ کي مد سان الرَّحۡمٰنِ کي مد سان الرَّحِیۡمِ کي مد سان پڙهندا هئا  پوءِ هيءَ روايت مد جي محل کي بيان ڪندڙ آهي پر مخفي نه رهي ته سڀني اسماء شريف ۾ اهو مد هڪ ڳانڍاپو آهي جيڪو الف جي قدر کان مٿي نه هجي ۽ اصلي ، ذاتي ۽ طبعي ان جو نالو آهي ۽ متوسط وقف به آهي جنهن ۾ ٻن الفن يا ٽن الفن جيتري ڊيگهه ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي عارض مد سڏيندا آهن. (وعلى هذا القياس) مد جي قسمن جي تفصيل جي جاءِ قراءت جا ڪتاب آهن.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه بنحوه البخاري في کتاب فضائل القرآن باب 29 مد القراة رقم الحديث 5045 ج 9 ص 90، 91 {2} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 356 استحباب الترتيل في القراءة رقم الحديث 1465 ج 2 ص 73 {3} النسائي في کتاب الافتتاح باب 81 مدالصوت بالقراءة ج 2 ص 179 {4} ابن ماجھ في کتاب اقامة الصلواة والسنة فيها باب 179 ماجاء في القراءة في صلواة الليل رقم الحديث 1353 {1} الحاڪم في المستدرک ج 1 ص 233 {5} احمد في المسند ج 3 ص 127 {6} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 159.

{317} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيَى بْنُ سَعِيدٍ الْأُمَوِيُّ ، عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ ، عَنِ ابْنِ أَبِي مُلَيْكَةَ ، عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقَطِّعُ قِرَاءَتَهُ يَقُولُ : { اَلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعٰلَمِيۡنَ } [الفاتحة : ] ثُمَّ يَقِفُ ، ثُمَّ يَقُولُ : { الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ } [الفاتحة : ] ثُمَّ يَقِفُ ، وَكَانَ يَقْرَأُ ( مٰلِكِ يَوْمِ الدِّينِ )

بامحاوره ترجمو: حضرت ام سلمه g کان روايت آهي ته نبي ڪريم قرآن مجيد جون آيتون جدا جدا ڪري پڙهندا هئا. پهريان اَلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعٰلَمِيۡنَ پڙهي چُپ ڪندا هئا. پوءِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ چئي وري چپ ڪندا هئا ۽ پوءِ مٰلِكِ يَوْمِ الدِّينِ پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ”قَالَتْ فرمايائين. يُقَطِّعُ ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ٿورو ٿورو ڪري پڙهندا هئا. تَقْطَيۡعُ کان ورتل آهي.

سمجهاڻي: محبوب ڪريم جن جي تلاوت نهايت اطمينان ۽ سڪون سان هوندي هئي. هر حرف ان جي مخرج مان نهايت عمدگي ۽ درستگي سان ادا فرمائيندا هئا سندن زندگي مبارڪ جو جيئن هر پهلو امت جي تعليم لاءِ بهترين عمل جو نمونو هو تيئن قرآن ڪريم جي تلاوت به امت جي لاءِ نمونو هئي. قرآن مجيد جي تلاوت سوين برڪتن ۽ عظيم انعام جي حامل آهي. ان سان گناهه بخش ٿين ٿا نيڪين ۾ واڌارو اچي ٿو. تلاوت جي وقت رحمت جي ملائڪن جو نزول ٿئي ٿو. الاهي تجليات جو ظهور ٿئي ٿو. قيامت جي ڏينهن قرآن ڪريم پنهنجي تلاوت ڪندڙ جي شفاعت ڪندو ۽ جڏهن قرآن جي تلاوت ۾ ايتري ڀلائي آهي ته الله قبول ڪرڻ فرمائيندو. وغيره وغيره. پر ان جي تلاوت به حضور ڪريم جي تعليم جي مطابق ڪرڻ گهرجي، ٺاهي ٺاهي سڪون ۽ اطمينان، عمدگي ۽ درستيءَ سان تلاوت ڪجي ترتيل ۽ تجويد سان پڙهجي تانت قرب جا درجا حاصل ٿين ۽ سنت جي اتباع کان محروم نه رهجي. البيجوري  لکيو آهي ته ”يقطع“ جو مطلب آهي ته آيتن جي پڇاڙيءَ تي بيهندا هئا ڀلي ان جو معنوي تعلق اڳئين آيت سان هجي. ان جي ڪري آيتن جي پڇاڙي تي وقف ڪرڻ سنت آهي ڀلي اها ما بعد سان متعلق هجي. جيئن بيهقي وغيره ان جي صراحت ڪئي آهي۽ بعض قاري صاحبن جو چوڻ ته ڀلو آهي ته جتي ڪلام ختم ٿئي اتي وقف ڪجي، بيهجي سو ان ۾ حضور ڪريم جن جو بيهڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي. اصل ڀلائي، فضل ۽ ڪمال هر حال ۾ حضور نبي ڪريم جي اتباع ۾ آهي پاڻاَلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعٰلَمِيۡنَ پڙهي بيهندا هئا ٿورو وقت بيهڻ کان پوءِ اڳتي آيت پڙهندا هئا الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ چئي وري چپ ڪندا هئا ۽ پوءِ مٰلِكِ يَوْمِ الدِّينِ پڙهي بيهندا هئا. (المواهب ص520) علامه علي قاري  لکيو آهي ته ” آيتن جي اختمام تي بيهڻ سنت آهي ڀلي انهن جو تعلق ما بعد وارين آيتن سان هجي اتباع سنت کي اهميت آهي ۽ هن حديث ۾ اسان حنفين جي ان ڳالهه جي تائيد آهي ته بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ سورة فاتحه جي آيت ناهي. امام مالڪ جو به اهو مذهب آهي ۽ حضور ڪريم جن اڳتي مٰلِكِ يَوْمِ الدِّينِ پڙهيو آهي(جيئن اسان جي ملڪ ۾ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ۽ ڪن بزرگن مَلِكِ يَوْمِ الدِّينِ کي جمهور جو قول ۽ مٰلِكِ يَوْمِ الدِّينِ کي ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ تي محمول ڪيو آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 212) ۽ بعض شارحن جو قول آهي ته ”حضرت جن هڪ هڪ آيت جدا جدا ڪري آرام سان پڙهندا هئا جيتوڻيڪ ساهه کڻڻ ۽ بيهڻ کان سواءِ به قراءت ڪرڻ جائز آهي. ڇا لاءِ ته ساري قرآن ۾ ڪٿي به وقف ڪرڻ واجب ڪونه آهي. (فضائل النبي شرح شمائل ترمذي ص 177) مان عرض ڪيان ٿو ته واجب نه هجڻ جي باوجود اتباع سنت کي اهميت ڏيڻ گهرجي. (الفقير محمد ادريس عفي عنہھ)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الحروف والقراءت رقم الحديث 4001 ج 4 ص 37 {2} احمد في المسند ج 6 ص 322 {3} الحاکم في المستدرک ج 2 ص 231.

{318} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا اللَّيْثُ ، عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ صَالِحٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ أَبِي قَيْسٍ قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ قِرَاءَةِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَكَانَ يُسِرُّ بِالْقِرَاءَةِ أَمْ يَجْهَرُ ؟ قَالَتْ : كُلُّ ذَلِكَ قَدْ كَانَ يَفْعَلُ قَدْ كَانَ رُبَّمَا أَسَرَّ وَرُبَّمَا جَهَرَ . فَقُلْتُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي جَعَلَ فِي الأَمْرِ سَعَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن قيس d کان روايت آهي ته مون حضرت بيبي عائشھ صديقھg کان پڇيو ته نبي پاڪ جن قراءت آهستي پڙهندا هئا يا ڏاڍيان؟ مؤمنن جي ماءُ (عائشه) g چيو ته هر طرح قراءت ڪندا يعني آهستي به پڙهندا هئا ۽ ڏاڍيان به. پوءِ چيم ته الله جو شڪر ۽ حمد آهي جنهن دين جو معاملو آسان ڪيو يعني ان  ڪم ۾ تنگي نه ڪئي.

مفردات جو شرح: ”يُسِرُّ آهستي تلاوت ڪندا هئا، يَجْهَرُ وڏي آواز سان تلاوت ڪندا هئا. رُبَمَا ڪڏهن، ڪڏهن. اَلأَمْرِ دين. سَعَةً ڪشادگي، گنجائش ، وسعت.

سمجهاڻي: هن حديث مان معلوم ٿيو ته تلاوت ٻنهي طريقن سان آهستي يا وڏي آواز سان ڪرڻ جائز آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته محبوب ڪريم جن جو معمول به ٻئي طريقا هو. ”مون چيو ته ” هر قسم جي تعريف ان الله جي لاءِ آهي جنهن دين ۾ ڪشادگي ڪئي آهي “ تنگي نه ڪئي آهي ان مان معلوم ٿيو ته ”ديني امور ۾ طاقت کان مٿي تڪليف نه آهي بلڪه وسعت آهر ڪرڻ گهرجي ڄاڻڻ گهرجي ته هي سوال جيئن جو جامع ترمذي شريف ۾ صراحت آهي تهجد جي نماز جي باري ۾ هو ۽ ان جي جواب ۾ ام المؤمنين جو چوڻ ته ٻنهي طرح معمول هو. يعني آواز سان به ته آهستي به. ان جا ٻه مطلب آهن هڪ ته  هر هڪ رات ۾ ٻنهي طرح معمول هو ٻيو ته ڪنهن رات ۾ آهستي پڙهندا هئا ته ڪنهن رات ۾ وڏي آواز سان. معلوم ٿيو ته هي ٻئي طريقا صحيح آهن تهجد ۾ ٻنهي طريقن سان پڙهڻ ۾ ڪابه تنگي ناهي وقت جي مناسبت سان ڪڏهن بلند آواز سان پڙهڻ افضل آهي. خاص ڪري جتي ٻين کي رغبت ڏيارڻ جو سبب بنجي يا خوشي پيدا ٿيندي هجي ۽ جتي ڪنهن کي تڪليف جو سبب بنجي يا رياء ۽ ڏيکاءُ جو احتمال هجي اتي آهستي پڙهڻ افضل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت ٻئي طريقا برابر هجن ته ٿورو وڏي آواز سان پڙهڻ افضل آهي. حضرت ابو بڪر صديق d جو معمول تهجد م آهستي پڙهڻ هو ۽ حضرت عمر f وڏي آواز سان پڙهندو هو. هڪ ڀيري حضرت نبي ڪريم جن جو ٻنهي وٽان لنگهڻ ٿيو ۽ ٻنهي جو طريقو ڏٺائون. صبح جو جڏهن ٻئي حضرات سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ انهن سان اهو ذڪر ڪندي فرمايائون ته”ابو بڪر مان تو وٽان لنگهيس ته تون آهستي پڙهي رهيو هئين؟“ ان عرض ڪيو ته ”مان جنهن پاڪ ذات سان عرض ڪري رهيو هوس، اهو ٻڌي رهيو هو“ پوءِ حضرت عمر d کي فرمايائون ته ”تون بلند آواز سان پڙهي رهيو هئين؟ ان عرض ڪيو ته ”منهنجو مقصد غفلت ۾ ستلن کي جاڳائڻ ۽ شيطان کي ڀڄائڻ هو.“ حضرت حبيب ڪريم جن ٻنهي جي راءِ کي صحيح قرار ڏنو ۽ حضرت ابو بڪر d کي فرمايائون ته ”تون پنهنجي آواز کي ٿورو مٿي ڪر“ ۽ حضرت عمر d کي فرمايائون ته ”تون ٿورو آواز گهٽ ڪر“ (خصائل نبوي ص 266، 267) علامه ابنِ حجر مڪي  لکيو آهي ته : نماز کان ٻاهر آهستي پڙهڻ ڀلو آهي يا بلند آواز سان؟ ان ۾ اختلاف آهي پر مختار قول هي آهي ته جنهن طريقي سان پڙهڻ ۾ خشوع هجي ۽ رياء کان پري هجي اهو افضل آهي راوي جو چوڻ ته ”الله جو حمد آهي جو دين ۾ وسعت ڪيائين“ سو ان جي ڪري آهي جو جيڪڏهن هڪ طريقي تي سختي ڪئي وڃي ها ته وڏي خير کان محروم ٿي وڃجي ها. (اشرف الوسائل ص 447) شارحن ڀلارن لکيو آهي ته هيءَ حديث هتي وقت مقرر ڪرڻ کان سواءِ آندي وئي آهي، پر شمائل جي مصنف اها روايت پنهنجي جامع ترمذي ۾ رات جي نماز (تهجد) جي باب ۾ آندي آهي رات جي قراءت واري باب ۾ صحيح قول هي آهي ته ”قراءت مان مراد اعوذ بالله ۽ بسم الله پڙهڻ کان سواءِ آهي ڇوته انهن کي آهستي پڙهڻ تي اجماع آهي.                                                                     (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 113)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 344 في وقت الوتر رقم الحديث 1437 ج 2 ص 66 {2} النسائي في کتاب قيام الليل وتطوع النهار باب 23 کيف القراءة بالليل ج 3 ص 224 {3} احمد في المسند ج 6 ص 73، 74. {4} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 1081 ج 2 ص 144 بقصة الوتر {5} البيهقي في سننھ ج 3 ص 35 {6} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 158.

{319} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مِسْعَرٌ ، عَنْ أَبِي الْعَلاَءِ الْعَبْدِيِّ ، عَنْ يَحْيٰى بْنِ جَعْدَةَ ، عَنْ أُمِّ هَانِئٍ ، قَالَتْ : كُنْتُ أَسْمَعُ قِرَاءَةَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِاللَّيْلِ وَأَنَا عَلَى عَرِيشِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت ام هاني g کان روايت آهي ته آءُ پنهنجي گهر جي ڇت تي رات جي وقت نبي پاڪ جي قراءت ٻڌندي هيس.

مفردات جو شرح: ”كُنْتُ أَسْمَعُ مان ٻڌندي هيس. وَأَنَا حالانڪه مان عَرِيشِي پنهنجي بستري تي هوندي هيس. عريش. لغت ۾ ڇت ۽ جنهن سان به ڇانوَ حاصل ڪئي وڃي ان کي چئبو آهي. جيئن ڇپر، وغيره البيجوري ߋ لکيو آهي ته عريشي جي معنى آهي ”سريري“ پنهنجي کٽ تي هوندي هيس.

سمجهاڻي: سيده ام هاني g جو گهر بيت الله شريف جي سامهون رڪن يماني وٽ هو. جڏهن محبوب ڪريم بيت الله شريف ۾ عبادت ڪندا هئا ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا هئا. ته سيده ام هاني g پنهنجي گهر ۾ پنهنجي بستري تي ستي ٻڌندي هئي. علامه علي القاري  ”عريش“ مان مراد سمهي ننڊ ڪرڻ واري کٽ ورتي آهي جيئن بيجوري  جو بيان لکي آيا آهيون. گويا حضرت نبي ڪريم جن ايتري وڏي آواز سان پڙهندا هئا ۽ هي به ممڪن آهي ته حضور ڪريم جن ان جي ڪري بلند آواز سان تلاوت ڪندا هجن ته اهي قريشي جيڪي هونءَ نه ٻڌي سگهندا هئا اهي ٻڌن ۽ رات جو تلاوت ۾ خشوع ۽ وڌيڪ مزو ۽ لذت محسوس ٿيندي آهي باقي رياء ته حضور ڪريم جن ۾ ممڪن ئي ناهي. بلڪه اهڙو گمان ڪندڙ جو ايمان ئي نه رهندو. سندن وڏي آواز سان تلاوت ڪيترين عظيم حڪمتن تي بناڪيل آهي. البيجوري  لکيو آهي ته ”حضرت حبيب ڪريم جن جي اها تلاوت رات جو ڪعبه شريف وٽ هوندي هئي. جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي پوءِ هيءَ تلاوت هجرت کان پهريان هئي. ۽ هن حديث مان هي مسئلو ورتو وڃي ٿو ته رات جو نفل ۾ وڏي آواز سان تلاوت ڪرڻ سنت آهي، پر شافعين وٽ نمازيءَ جي لاءِ افضل آهي ته تلاوت ۾ هڪ رات متوسط، وچٿري طريقي تي هجي ٻي رات وڏي آواز سان ۽ هي مطلق نفل ۾ آهي ۽ پر غير نفل ۾ پوءِ آهستي پڙهڻ سنت آهي مگر رمضان جي وتر ۾ سنت آهي ته وڏي آواز سان تلاوت ڪجي.         (المواهب ص 522)

وضاحت: حضرت ام هاني g سيدنا علي d جي ڀيڻ هئي. (کمامر) ۽ ابنِ ماجھ جي هڪ روايت ۾ ام هاني g کان روايت آهي ته ”اسين آڌيءَ رات بيت الله شريف ۾ ڪيل حضرت حبيب ڪريم جي قراءت پنهنجي کٽ تي ستي پنهنجي گهر ۾ ٻڌندا هئاسون. (جمع الوسائل ج 2 ص 114) الغرض ته حضرت رسول الله جن نهايت سهڻي صاف ۽ بلند آواز سان رات جو بيت الله شريف ۾ تلاوت ڪندا هئا جيڪا رات جو پري پري ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. رات جو هونءَ به آواز پري ويندو آهي. ۽ گهر جي ڇت تي مٿي سمهندڙ ته نهايت آسانيءَ سان ٻڌي محظوظ ٿيندو آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الافتتاح باب 80 رفع الصوت بالقرآن ج 2 ص 178، 179 {2} ابنِ ماجھ في کتاب اقامة الصلواة والسنة فيها باب 179 ماجاء في القراءة في صلواة الليل رقم الحديث 1430 {3} احمد في المسند ج 6 ص 341، 342. {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 158.

{320} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ قُرَّةَ قَالَ : سَمِعْتُ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ مُغَفَّلٍ يَقُولُ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَى نَاقَتِهِ يَوْمَ الْفَتْحِ وَهُوَ يَقْرَأُ : } إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُبِينًا لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ } [الفتح : ]. قَالَ : فَقَرَأَ وَرَجَّعَ.قَالَ : وَقَالَ مُعَاوِيَةُ بْنُ قُرَّةَ : لَوْلاَ أَنْ يَجْتَمِعَ النَّاسُ عَلَيَّ لَأَخَذْتُ لَكُمْ فِي ذَلِكَ الصَّوْتِ أَوْ قَالَ : اللَّحْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن مغفل d کان روايت آهي ته مون فتح مڪي جي ڏينهن نبي ڪريم جن کي سندن ڏاچيءَ تي سوار ڏٺو. پاڻ سڳورا سورة الفتح پڙهي رهيا هئا :

(ترجمو : بيشڪ اسان اوهان جي لاءِ (اي نبي) روشن فتح فرمائي اوهان جي سببان تانت الله اوهان جي ڪري اوهان جي امت جا اڳيان ۽ پويان گناهه بخشي.)

پاڻ سڳورا هي سڄي سورت سهڻي آواز ۾ پڙهي رهيا هئا. راوي ٿو چوي ته منهنجي استاد معاويه بن قرة d چيو ته جي مون کي ماڻهن جي گڏجي انبوهه ٿيڻ جو خوف نه ٿئي ها ته توهان کي انهيءَ سُر يا لهجي ۾ به پڙهي ٻڌايان.

مفردات جو شرح: ”نَاقَتِهِ ڏاچي. يَوْمَ الْفَتْحِ فتح مڪي واري ڏينهن. رَجَّعَ ترجيح کان ورتل. معنى سهڻي آواز سان ورائي ورائي پڙهڻ. لغات الحديث جي صاحب لکيو آهي ته ان جي معنى آهي ته هڪ هڪ آيت کي ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيرا پڙهندا هئا. ”مصباح اللغات“ جي صاحب لکيو آهي ته رَجَّعَ  في صَوۡتهٖ جي معنى آهي. نڙيءَ  ۾ آواز کي گهمائڻ، هلائڻ.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ مڪه مڪرمه جي فتح واري ڏينهن تلاوت ڪرڻ جو بيان آهي جڏهن ته اهو ڏينهن انتهائي خوشيءَ ۽ سرور جو ڏينهن هو. نبي ڪريم جن به ان ڏينهن دشمنن کان بحمدلله محفوظ هئا. ڏاچي مبارڪ تي سوار هئا، جنهن جو نالو ”العضباء“ يا ٻيو ڪو هو. پاڻ خوشي جي جهان ۾ سورت الفتح انتهائي خوش آواز سان تلاوت فرمائي رهيا هئا. صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي خوشي جو به هي عالم هو. محبوب ڪريم جن جي تلاوت ٻڌي اسلام جو غلبو ڏسي گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا هئا

الاهي انعام تي خوشي ڪرڻ: هن حديث مان ثابت ٿيو ته خوشي جي موقعي تي جيڪو الله جي انعام ملڻ جو موقعو آهي. رب العزت جلاجلالھ جو حمد ۽ شڪر ڪندي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ گهرجي. البيجوري  لکيو آهي ته : هن مان معلوم ٿيو ته محبوب ڪريم جن هر حال ۾ الله جي عبادت ۾ مشغول هوندا هئا تانجو سواري ۽ سفر جي حالت ۾ به ۽ سندن وڏي آواز سان تلاوت ڪرڻ ۾ هن ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته بعض مقامات ۾ آهستي پڙهڻ کان بلند آواز سان پڙهڻ افضل آهي ۽ اهو تعظيم لاءِ ۽ غافل کي بيدار ڪرڻ وغيره جي لاءِ ڀلو آهي پاڻ سورت الفتح جون آيتون پڙهي رهيا هئا. علامه بيجوري  لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته تانت تنهنجي لاءِ هي چار نعمتون (1) مغفرت (2) نعمت جو تمام (3) صراط المستقيم ڏانهن هدايت (4) غلبي واري مدد. گڏ ٿين گويا که چيو ويو ته” اسان اوهان جي لاءِ فتح آسان ڪئي تانت اوهان جي لاءِ ٻنهي جهانن جي عزت ۽ دنيا ۽ آخرت جا اغراض حاصل ٿين. ۽ ”المغفرة“ مان مراد عصمت آهي يعني اسان اوهان کي آيت جي نزول کان اڳي ۽ پوءِ گناهن کان معصوم رکيو آهي. (المواهب ص 523) علامه ابنِ حجر مڪي  قرآن ڪريم جي سهڻي آواز سان تلاوت ڪرڻ جي لاءِ هي حديثون آنديون آهن. (1) زَيّنُوا الۡقُرآن بِاَصۡوَاتِکُمۡ قرآن ڪريم کي پنهنجن آوازن سان سينگاريو. (2) لَيۡسَ مِنَّا مَن لَّمۡ يَتَغنَّ بِالۡقُرآنِ اسان مان اهو ناهي جيڪو قرآن ڪريم سهڻي آواز سان نه ٿو پڙهي (3) مَا اَذِنَ اللهُ لِنَبِيٍّ کَاِذۡنِهٖ لِنَبِيٍّ يَتَغَنّٰي بِالۡقُرآنِ“ الله ڪنهن به نبي کي اهڙو اذن نه ڏنو آهي جهڙو ان کي قرآن کي سُرَ سان پڙهڻ جو اذن ڏنو آهي ۽ ان جي تائيد ان حديث سان به ٿي رهي آهي جنهن ۾ آيو آهي ته پاڻ حضرت ابي موسى الاشعري d  جي تلاوت (ان کي خبر نه هجڻ جي صورت ۾) ٻڌائون. پوءِ جڏهن ان کي ٻڌايائون ته ان عرض ڪيو.“ جيڪڏهن مون کي اها خبر هجي ها ته اوهان ٻڌي رهيا آهيو ته مان وڌيڪ سهڻي آواز سان ٺاهي ٺاهي پڙهان ها.“ (4) لِکُلِّ شَيءِ حُلۡيَةُ وَحُلۡيَةُ الۡقُرآنِ حُسۡنُ الۡصَّوۡتِ ( هر شيءِ جو زيور هوندو آهي ۽ قرآن جو زيور سهڻو آواز آهي) (5) ابنِ ابي شيبھ روايت آندي آهي ته عِلّمُوا الۡقُرآن وَغَنَواتِهِ وَاکۡتُبُوۡهُ (قرآن ۽ ان جا سُرَ پڙهايو ۽ لکو) (6) صحيح حديث ۾ آهي ته حضرت نبي ڪريم جن جڏهن حضرت ابو موسى d جي تلاوت ٻڌي ته فرمايائون ”هي آل داؤد جي سُرن مان سُرُ ڏنو ويو آهي.“ علامه موصوف هي به لکيو آهي ته ”علم جي اشاعت ۽ پڙهڻ جي لاءِ جيڪڏهن ماڻهو گڏ ٿين ته ڀلو آهي پر جيڪڏهن ان اجتماع ۾ فتنو آهي جيئن مردن ۽ عورتن جو گڏ ٿيڻ وغيره ته پوءِ ان ۾ شرڪت نه ڪبي. (اشرف الوسائل ص 449، 450) حضرت ابو بڪر صديق d الله جي قول وَلَقَدۡ اٰتَيۡنَاکَ سَبۡعًا مِنَ الۡمَثَانِي وَاۡلقُرۡاٰنَ الۡعَظِيۡمَ، وَلَا تَمُدَّنَ عَيۡنَيۡکَ اِلٰي مَا مَتَّعۡنَا بِهٖ اَزۡوَاجًا مِّنۡهُمۡ (القرآن.) (۽ البت تحقيق  اسان توکي ست ورائي ورائي پڙهيل آيتون ۽ عظيم قرآن ڏنو آهي ۽ پنهنجي (مبارڪ) اکين سان ان ڏانهن غور ڪري نه ڏسوجيڪو اسان انهن ڪافرن کي قسمين قسمين سامانن سان نفعو ڏنو آهي) کي ٻڌي فرمايو تهمَنۡ اُعۡطِيَ الۡقُراٰنَ وَظَنَّ اَنَّھ اُعۡطِيَ اَحَدُٗ اَفۡضَلَ مِنۡهُ فَقَدۡ حَقَّرَ عَظِيۡمًا وَعَظَّمَ حَقِيۡرًا (جنهن کي قرآن عطا ڪيو ويو ۽ گمان ڪيائين ته ٻيو ان کان افضل ڏنو ويو آهي ته ان عظيم کي حقير ڪيو ۽ حقير کي عظيم سمجهيو) معاويه بن قرة d فرمايو ته ”جيڪڏهن اهو ڊپ نه هجي ته ماڻهو گڏ ٿي ويندا ته مان اوهان کي اهو آواز ڪري ٻڌايان ها“ هن مان علماء دليل ورتو آهي ته اهڙو عمل جنهن جي ڪري ماڻهو گڏ ٿين تڏهن مڪروه آهي جڏهن اهو ڇڏڻ جهڙو هجي ۽ ان سان فتني ۽ گناهه جو انديشو هجي (کمامر) ۽ حديث شريف ۾ آيو آهي ته اِقۡرَوۡأُ الۡقُرآنَ بِلُحُوۡنِ الۡعَرَبِ (قرآن عربن جي سُرَ ۾ پڙهندا ڪيو.) پر هروڀرو تڪلف ڪرڻ ، تصنع ڪرڻ، راڳ وارا سُرَ سيکارڻ ۽ مخصوص لهجا ڪرڻ. ان کي سلف صالحن ناپسند ڪيو ۽ مڪروه قرار ڏنو آهي.           (جمع الوسائل ج 2 ص 115)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب المغازي باب 49 اين رکز النبي الراية يوم الفتح رقم الحديث 4281 ج 8 ص 13 بنحوه {2} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 356 استحباب الترتيل في القراءة رقم الحديث 1467 ج 2 ص 74 {3} النسائي في فضائل القرآن من سننھ الڪبرى باب 40 الترجيع رقم الحديث 79، 80 ص 96، {4} البيهقي في سننھ ج 10 ص 229 (5) البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1215 ج 4 482.

{321} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا نُوحُ بْنُ قَيْسٍ الْحُدَّانِيُّ ، عَنْ حُسَامِ بْنِ مِصَكٍّ ، عَنْ قَتَادَةَ قَالَ : مَا بَعَثَ اللَّهُ نَبِيًّا إِلَّا حَسَنَ الْوَجْهِ ، حَسَنَ الصَّوْتِ ، وَكَانَ نَبِيُّكُمْ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَسَنَ الْوَجْهِ ، حَسَنَ الصَّوْتِ ، وَكَانَ لاَ يُرَجِّعُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت قتاده d چيو ته الله هر نبي کي سهڻو خوبصورت ۽ سٺي آواز وارو ڪري موڪليو ۽ توهان جو نبي به سهڻو ۽ سٺي آواز وارو هو. پاڻ قراءت ۾ هميشه خوش الحاني نه ڪندا هئا. (يعني خوش الحاني سان پڙهڻ سندن عادت مبارڪ ڪانه هئي پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ائين پڙهندا هئا.)

مفردات جو شرح: ”حَسَنَ الْوَجْهِ سهڻي منهن وارو. حَسَنَ الصَّوْتِ سهڻي آواز وارو.

سمجهاڻي: يعني الله جا انبياء ڪرام عليهم الصلواة والسلام  منهن مبارڪ جا سهڻا ۽ آواز جا مٺا هوندا هئا پر حضرت حبيب ڪريم جن سڀني پيغمبرن عليهم الصلواة والسلام کان وڌيڪ حسن وارا ۽ وڌيڪ سهڻي آواز وارا هيا. ۽ سهڻي آواز هوندي به قرآن ڪريم ۾ ترجيع نه ڪندا هئا. مطلب ته راڳ رنگ جي انداز ۾ نه پڙهندا هئا. الله جيڪو کين سهڻو آواز ۽ انداز عطا ڪيو هو ان خوش آواز واري لهجي ۾ پڙهندا هئا ۽ هي حديث جڏهن ته روايت ۾ قتاده d تي ختم ٿئي ٿي ان جي ڪري ” مرسل“ آهي. علامه البيجوري  ”وَكَانَ نَبِيُّكُمْ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَسَنَ الْوَجْهِ، حَسَنَ الصَّوْتِ “ (۽ اوهان جو نبي منهن مبارڪ جو سهڻو هو. سندن آواز مبارڪ به سهڻو هوندو هو) جي شرح ۾ لکيو آهي ته هيءَ روايت بيهقي واري روايت جي خلاف ناهي جنهن م آيو آهي ته ”رسول الله جن معراج واري رات حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي لاءِ فرمايو :” اوچتو مان هڪ شخص سان مليس جيڪو خلق الله ۾ گهڻو سهڻو هو. ماڻهن کان حسن ۾ فضيلت ڏنل هو جيئن چوڏهينءَ جي چنڊ جي تارن تي فضيلت آهي “ ڇوته حديثن ۾ تطبيق ڏيڻ جي لاءِ ان مان مراد سيدنا رسول الله جن کان بعد ٻي خلق ۾ سهڻو آهي. (المواهب ص 524) علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته مسلم جي روايت اِنَّهٗ اُعۡطِيَ شَطۡرَ الۡحُسۡنِ (حضرت) يوسف (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) حسن جو اڌ ڏنو ويو. مان مراد آهي ته ان حسن جو اڌ جيڪو حضور ڪريم جن کي عطا ڪيو ويو. (اشرف الوسائل ص 452، جمع الوسائل ج 2 ص 115) بعض شارحن ”کان لايرجع“ جي معنى لکي آهي نڙي ڏڪائي نه پڙهندا هئا. نڙي ڏڪائي اجايا سُر ۽ آواز ڪرڻ اجايون بناوٽون آهن محبوب ڪريم کي الله فرمايو ته” اوهان ماڻهن کي ٻڌايو ته وَمَا اَنَا مِنَ الۡمُتَکَلفين يعني مان ڪنهن به قسم جي بناوٽ ۽ تڪلف ڪندڙن مان ناهيان.) الغرض ته راڳ جي نموني قرآن ڪريم پڙهڻ نه گهرجي.

هن جي متعلق محدثن جو فيصلو: محدثن هن روايت جي متعلق لکيو آهي ته هن جي سنَد ٻن سببن جي ڪري ضعيف ۽ منڪر آهي. (1) هڪ ته هي مرسل روايت آهي قتاده d صحابي جو نالو نه لکيو آهي جنهن کان روايت ڪئي اٿس پر مزي (محدث)  التحفة ج 3 ص 340 ۾ فرمايو ته”هيءَ حديث عباس بن يزيد البحراني نوح بن قيس کان ان حسام بن مصڪ کان ان قتاده d کان ان انس d کان روايت آندي آهي. (2) ٻيو ته حسام بن مصڪ ضعيف ۽ ڇڏي ڏيڻ جهڙو راوي آهي جيئن التقريب ج 1 ص 161 ۾ لکيل آهي ابنِ معين  فرمايو ته ”اهو ڪا شيءِ ناهي“ ۽ امام احمد  فرمايو ته ان جي روايت اڇلايل آهي ۽ بخاري  فرمايو ته ” محدثن وٽ قوي ناهي. الدار قطني  چيو ته متروڪ آهي ۽ نسائي  چيو ته ”ضعيف آهي. ذهبي  لکيو آهي ته حسام جون روايتون منڪر آهن پوءِ هيءَ حديث ذڪر ڪيائين ۽ هن کي منڪر روايتن ۾ آندائين.

{322} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ حَسَّانَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ أَبِي عَمْرٍو ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَتْ قِرَاءَةُ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رُبَّمَا يَسْمَعُهَا مَنْ فِي الْحُجْرَةِ وَهُوَ فِي الْبَيْتِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته نبي ڪريم جي قراءت (ڪڏهن ايتري بلند هوندي هئي) جو پاڻ اندر ڪمري ۾ پڙهندا هئا ته ٻاهر گهروارا به ٻڌندا هئا.

مفردات جو شرح: ”رُبَمَا گهڻو ڪري. من في الحجرة حجري وارا.

سمجهاڻي: هن حديث مان معلوم ٿيو ته محبوب ڪائنات جن پنهنجي پاڪ حجره مبارڪ ۾ رهندي جڏهن قرآن ڪريم تلاوت ڪندا هئا ته صحن ۾ موجود هوندڙ ٻڌندا هئا نه ته گهڻي وڏي آواز سان تلاوت ڪندا هئا ۽ نه گهڻي هيٺانهين آواز سان وچٿري آواز سان پڙهندا هئا. علامه يوسف نبهاني  پنهنجي ڪتاب وسائل الوصول ۾ لکيو آهي ته : ام المؤمنين سيده عائشه g فرمايو ”حضور ڪريم جن ٽن ڏينهن کان ٿوري عرصي ۾ قرآن ڪريم ختم نه ڪندا هئا ۽ جڏهن قرآن ڪريم جو ختم پڙهي بس ڪندا هئا ته سڄي اهل، عيال کي گڏ ڪري دعا گهرندا هئا. جڏهن ختم ڪندا هئا ته قرآن ڪريم جون ابتدائي پنج آيتون به پڙهندا هئا ان کان پوءِ دعا گهرندا هئا. (انوارِ غوثيه ص 408) ۽ ربما“ سان هن ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ايترو آهستي پڙهندا هئا جو صحن ۾ موجود هوندڙ به نه ٻڌندا هئا. المقصد ته قرآن ڪريم جو آهستي يا وڏي آواز سان پڙهڻ موقعي جي مناسبت سان افضل آهي جيڪڏهن ڀلي ڪم ڏانهن رغبت ڏيارڻ يا وڏي آواز سان پڙهڻ جي لاءِ ڪو ٻيو سبب هجي ته وڏي آواز سان پڙهجي ۽ جيڪڏهن رياء وغيره جو خوف هجي ته آهستي پڙهجي ان جي ڪري حضرت حبيب ڪريم جو ارشاد آهي ته ”آواز سان قرآن ڪريم پڙهندڙ اهڙو آهي جهڙو اعلان سان صدقي ڪرڻ وارو ۽ آهستي قرآن پڙهڻ وارو اهڙو آهي  جهڙو لڪ ۾ صدقي ڪرڻ وارو.“ ۽ جيئن صدقي کي ظاهر ڪرڻ يا لڪائڻ موقعي جي لحاظ سان بدلجندو رهي ٿو تيئن قرآن ڪريم جي تلاوت جو به حڪم آهي. (خصائل نبوي ص 269)  علامه علي القاري  لکيو آهي ته المقصود ته سندن قراءت وچٿري هئي نه گهڻي وڏي آواز سان نه آهستي. (جمع الوسائل ص 116)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب التطوع باب 25 في رفع الصوت بالقراءة في صلواة الليل رقم الحديث 1327 ج 2 ص 37 بنحوه {2} احمد في المسند ج 21 ص 271 {3} البيهقي في سننھ ج 3 ص 10، 11 {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 158 {1} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 1157 ج 1 ص 187.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting