خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ڇاونجاهون

 

بَابُ : مَا جَاءَ فِي رُؤْيَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي الْمَنَامِ.

هي باب رسول الله جي خواب ۾ ڏسڻ جي بيان ۾ آهي

 

سمجهاڻي: المنام مان مراد ننڊ آهي ۽ رسول الله جن جي ننڊ ۾ ڏسڻ جو باب سندن ظاهري صفات ۽ معنوي اخلاق کان پوءِ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ آڻڻ ۾ هن طرف اشارو آهي ته مناسب آهي ته اول سندن اوصاف منيفه ۽ اخلاق شريفه ملاحظه ۽ مطالعه ڪجن تانت ننڊ ۾ ڏسڻ سان ان سان مطابقت ۽ موافقت آسان رهي ۽ هن ۾ هي به شعور ڏيارڻ آهي ته سندن صوري صفتون ۽ عجيب سري نعتون سندن تازگي بخشيندڙ ديدار جي برابر آهن ۽ تاء سان رؤية اک سان ڏسڻ کي چيو ويندو آهي ۽ الرويا ننڊ ۾ دل سان ديدار کي چيو ويندو آهي ان جي ڪري مصنف ”في المنام“ جي قيد سان ڏسڻ کي مقيد بنايو آهي الرؤية همزه سان ننڊ ۾ قلبي ديدار سان خاص آهي ۽ ڪڏهن اک سان ڏسڻ جي لاءِ به ڳالهايو ويندو آهي ۽ اهل السنة جو مذهب هي آهي ته، خواب جي حقيقت اعتقادات آهن جن کي الله ننڊ ڪندڙ جي دل ۾ پيدا ڪندو آهي جيئن سجاڳ جي دل ۾ پيدا ڪندو آهي جيڪو گهري سو ڪري ان کي نه ننڊ روڪيندي آهي نه سجاڳي. (المواهب ص 680) ۽ هن باب ۾ اهو بيان آهي ته جنهن شخص حضور ڪريم جن کي ننڊ ۾ ڏٺو ان کين ئي ڏٺو ڇوته سندن صورت ۾ شيطان اچي نه سگهندو آهي. علماء اهل السنة والجماعة هن امر کي به وضاحت سان بيان فرمايو آهي ته : صالح ٻانهن کي حضرت حبيب ڪريم جن جو ديدار سجاڳيءَ ۾ به ٿيو آهي شافعي  مذهب جي اڳواڻن غزالي ، رازي، ابن السبکي ۽ يافع رحمهم الله جهڙن حضراتن فرمايو آهي ته شريعت جي اڳواڻن، علماء  هن ڳالهه تي نص ڪيو آهي ته ولي جي ڪرامتن مان هي به آهي ته اهو نبي ڪريم جن کي ڏسندو آهي ۽ محبوب ڪريم سان سجاڳيءَ ۾ ملاقات ڪري ان جي لاءِ جيڪي معارف ۽ مواهب قسمت ۾ هوندا آهن اهي وٺندو آهي. مالڪي فقھ جي اڳواڻن امام قرطبي، حافظ ابن ابي جمره، امام ابن الحاج وغيره حضرات بعض اولياء جي حالات ۾ اهڙا واقعا آندا آهن. المدخل نالي ڪتاب ۾ آهي ته هڪ ولي هڪ فقيھ جي مجلس ۾ ويو ته اهو فقيھ هڪ حديث بيان ڪري رهيو هو. ولي ان فقيھ کي چيو ته ”هيءَ حديث صحيح ناهي باطل آهي. فقيھ پڇيس ته ائين ڪهڙي دليل سان چئي رهيو آهين؟ ولي فرمايو ته ”هي نبي ڪريم جن تنهنجي مٿان بيٺا آهن ۽ فرمائن پيا ته مون هي حديث نه فرمائي آهي ۽ فقيھ کي به ڪشف ذريعي رسول الله جو ديدار ٿيو. (الحاوي للفتاوى ج 2 ص 163 و ترجمان السنة ج 3 ص 381) شيخ ابو الحسن شاذلي  فرمايو ته ”جيڪڏهن اک ڇنب جيترو وقت به مون کان رسول الله جن پردو ڪري ڇڏين ته مان پاڻ کي مسلمان نه سمجهان.“ حضرت شيخ سراج الدين بن الملقن طبقات الاولياء ۾ نقل ڪيو آهي ته حضرت سيدنا غوث اعظم الشيخ عبدالقادر جيلاني  فرمايو ته ”مون رسول الله جي زيارت ڪئي آهي“ ۽ غوث اعظم عبدالقادر هڪ بزرگ جي لاءِ فرمايو ته : اهو هر گهڙي حضور ڪريم جو ديدار ڪندو رهندو هو. علامه عبدالوهاب شعراني  اليواقيت والجواهر“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته : حضرت جلال الدين سيوطي  فرمايو ته : مون رسول الله جن کي سجاڳيءَ ۾ ستر ڀيرن کان وڌيڪ ڏٺو ۽ مون کين هڪ ڀيرو عرض ڪيو ”يا رسول الله ! مان جنت وارن مان آهيان؟ فرمايائون ته ”هائو“ مون عرض ڪيو ته ”عذاب کان بچڻ کان سواءِ به ڪجهه؟ فرمايائون ”اهو به تنهنجي لاءِ آهي“                   (انوار غوثيھ ص 591، 593)

هڪ وضاحت: خواب ڇا آهي؟ ان جي جواب ۾ طبيبن، حڪيمن ۽ نجومين ڪيترائي خيالات ظاهر ڪيا آهن مگر صحيح حقيقت هي آهي ته الله پنهنجي قدرت سان ننڊ پيل انسان جي قلب تي ڪي اهڙا تصورات ۽ اثر پيدا ڪري ٿو. جن جي ڄاڻڻ کي خواب چيو وڃي ٿو ۽ خواب ٽي قسم آهي. {1} هڪ رؤيا صالحھ : ڀلو خواب. اهو الله جي طرفان بشارت طور ٿيندو آهي. جنهن سان چڱيون ڳالهيون معلوم ٿينديون آهن. {2} ٻيو شيطاني خواب : اهو ڊپ جهڙو خواب. شيطان جي شرارت کان ماڻهو کي ڏکوئڻ جي لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. {3} ٽيون نفساني خواب : ان ۾ انسان جي نيڪ يا بد خيالن جون تصويرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. يا طبيعت جون خرابيون ننڊ ۾ ڪا صورت وٺي ظاهر ٿين ٿيون.                           (فضائل النبي ص248)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : خواب جي حقيقت ڇا آهي ۽ هيءَ واقعي ڪا شيءِ آهي يا سکڻا خيالات آهن، ان ۾ ڊگها بحث آهن جن جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب ناهي. مثال طور طبيبن جو خيال آهي ته انسان جي مزاج ۾ جنهن خلط جو غلبو هوندو آهي ان جي مناسب خيال ۾ ڳالهيون اچن ٿيون. جيئن ڪنهن جي مزاج بلغمي هوندي ته ان کي پاڻي ۽ ان سان متعلق درياء سمنڊ ۽ پاڻيءَ ۾ ترڻ وغيره ڏسڻ ۾ ايندو ۽ جنهن جي طبيعت صفراوي هوندي ان کي باهه ۽ ان سان تعلق رکندڙ شيون نظر اينديون ۽ خواب ۾ ڏسڻ ته اڏامي رهيو آهي وغيره وغيره. اهڙي طرح ٻين خلطن رت ۽ سوداء وغيره جو حال آهي  فلسفين وٽ جيڪي واقعات جهان ۾ رونما ٿيندا آهن انهن جي مثالي صورت فوٽو وانگر مٿئين جهان ۾ نقش ٺهيل آهي ان جي ڪري نفس جي سامهون ڪا شيءِ اچي ٿي ته ان جو عڪس هوندو آهي وغيره وغيره مختلف اقوال آهن ۽ اهل السنة وٽ هي تصورات آهن جن کي الله ٻانهي جي دل ۾ پيدا ڪندو آهي جيڪي ڪڏهن ملائڪ جي واسطي سان پيدا ڪيا ويندا آهن ۽ ڪڏهن وري شيطان جو انهن ۾ عمل دخل هوندو آهي. علامه مذڪور ٿورو اڳتي لکيو آهي ته خواب جي تعبير ڪندڙن، ماهرن عالمن لکيو آهي ته جيڪو خواب ڏيکارڻ تي ملائڪ مقرر آهي ان جو نالو ”صديقون“ آهي جيڪو مثالن سان انسان کي خواب جي شڪل ۾ سمجهائيندو آهي پر اهو عام خواب جي متعلق آهي پر جيڪڏهن حضور ڪريم جي خواب ۾ زيارت ٿئي ته اها زيارت شيطاني تصرفات کان خالي ۽ پاڪ هوندي آهي. حضرت حبيب ڪريم جا متعدد حديثن ۾ ارشاد آيل آهن ته ”جنهن خواب ۾ مون کي ڏٺو ان حقيقت ۾ مون کي ڏٺوڇوته شيطان کي اها طاقت ناهي جو منهنجي صورت ۾ اچي سگهي“ ان جي هوندي جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته مون حضور ڪريم جن جي زيارت ڪئي آهي پر اهڙي صورت ٻڌائي جيڪا حضور ڪريم جي شان جي مناسب ناهي. مثال طور جيڪو سندن حليو مبارڪ ڪتاب جي شروع ۾ صحابه ڪرام کان روايت ڪيو ويو آهي ان جي ابتڙ ڏسي يا ڪو اهڙي ڳالهه ڏسي جيڪا حبيب ڪريم جي بيمار هجڻ يا پريشان هجڻ کي ظاهر ڪري يا ڪنهن اهڙي ڪم ڪرڻ يا منع ڪرڻ جي ڳالهه ڪري جيڪي شرعًا ناجائز آهن يا نبوي شان جي مناسب نه هجي ته اها ڏسڻ واري جي غلطي، ڪوتاهي ۽ قصور جي بناء تي آهي ان کي نبوي حديثن جا شارح ۽ مشائخ آئيني سان تشبيهه ڏين ٿا ته هڪ شيءِ کي جيڪڏهن ڳاڙهي آئيني ۾ ڏسو ته ڳاڙهي نظر ايندي ۽ جيڪڏهن سائي رنگ واري آئيني ۾ ڏسو ته سائي نظر ايندي اهڙي طرح ڪاري ، سفيد، ڊگهي ۽ ٿلهي. الغرض مختلف قسمن ۾ نظر ايندي آهي پر ان ۾ نظر اچڻ واري شيءِ جي رنگ جو دخل نه هوندو هو. اهڙي طرح جيڪو شخص حضور ڪريم جن جي ڪنهن ٻئي رنگ ۾ زيارت ڪري ٿو ته اهو ان جي عمل ۽ قلب جي قساوت  مڪروهه طبيعت جو عمل آهي محبوب ڪريم جن هر غير شرعي صورت ، سيرت ، ڪردار، گفتار کان پاڪ آهن.        (خصائل نبوي ص 374، 375)

علامه علي القاري  لکيو آهي ته : سچو خواب اهو هوندو آهي جنهن ۾ نفس ملڪوت سان تعلق ان مناسبت جي ڪري رکندو آهي جيڪا ان کي بدن جي تدبير کان فارغ ٿيڻ جي ڪري حاصل ٿيندي آهي پوءِ ان کي ان تعلق جي ڪري اتاهين ڪجهه معنائون حاصل ٿينديون آهن ان جا خيالات ان کي اهڙي صورت ۾ پيش ڪندا آهن جيڪا انهن سان مناسب هوندي آهي ۽ انهن کي مشترڪ حس ڏانهن موڪليو ويندو آهي پوءِ اهو مشاهدو بنجي ويندو آهي ان کان پوءِ جيڪڏهن اهو ان معنى سان شديد مناسبت رکندو آهي اهڙي نموني جو ان ۾ تفاوت نه رهي يا رهي ته ٿورو رهي ته ان خواب جي تعبير پڇڻ جي ضرورت گهٽ پوندي آهي، نه ته پوءِ تعبير پڇڻو پوندو آهي. علامه موصوف ٿورو اڳتي لکيو آهي ته : رسول الله جن جي خواب ۾ ديدار ڪرڻ واري حديث جي مراد هيءَ آهي ته جن سندن زيارت ڪئي ان واقعي سندن زيارت ڪئي ۽ ان کان ڪو منع ڪندڙ دليل ناهي ۽ نه ڪو عقل ان کي محال سمجهي ٿو، جو مجبورًا ان ۾ تاويل ڪرڻو پوي. ۽ اڳتي لکيو اٿس ته ڪوبه دليل سندن جسم مبارڪ جي فنا ٿيڻ لاءِ ناهي بلڪه سندن سلامتي جي لاءِ کوڙ دليل آهن.

                                                                 (جمع الوسائل ج 2 ص 230، 231)

محدث ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته ”قاضي عياض  فرمايو ”حضور ڪريم جو سندن معروف صورت ۾ ڏسڻ ڏسندڙ جي لاءِ عزت جو باعث ۽ ان کي آخرت ۾ خصوصي ديدار نصيب ٿيڻ سندن خصوصي قرب ۽ خصوصي شفاعت جي خوشخبري آهي ۽ اها ڳالهه به پري ناهي جو بعض گناهگارن کي سندن ديدار کان محروم رکڻ سان ڪجهه مدت جي لاءِ عذاب ڏنو وڃي.

                        (اشرف الوسائل ص 596)

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن مسعود d کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو: جنهن مون کي خواب ۾ ڏٺو بيشڪ ان حقيقت ۾ مون کي ئي ڏٺو. ڇاڪاڻ ته شيطان منهنجي صورت نه ٿو وٺي سگهي.

مفردات جو شرح:  ”مَنْ جنهن به. مَنۡ عموم جي لاءِ آهي. لاَ يَتَمَثَّلُ بِي منهنجي مثالي صورت ۾ اچي نه ٿو سگهي ان ۾ اها استطاعت ئي ناهي. 

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ حضور ڪريم جو فرمان مبارڪ ته ”بلاشڪ شيطان منهنجي شڪل ۾ نه ٿو اچي سگهي.“ جو مطلب آهي ته شيطان کي اها طاقت ئي ناهي جو سندن صورت ۾ اچي. ”الاتحافات الربانية“ جي مصنف علامه عبدالجواد الدومي ص 406 تي لکيو آهي تهوهٰذهٖ معجزة له (۽ هي  حضور ڪريم جن جو معجزو آهي) سندن فرمان ”مَنْ رَآنِي  فَقَدْ رَآنِي“  (جنهن مون کي ڏٺو پوءِ يقينن ان کي مون کي ڏٺو) جي تشريح ڪندي علامه البيجوري  لکيو آهي ته ”مطلب آهي ته جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ان پڪ مون کي ڏٺو يا ڄڻ ته مون کي سجاڳيءَ ۾ ڏٺائين.“ ۽ علامه ابن علان  فرمايو آهي ته شيطان نه الله جو مثال ٿي سگهندو نه انبياء عظام عليهم الصلٰوة والسلام جو مثال ٿي سگهندو. جمهور جو اهو قول آهي.

علامه موصوف اڳتي هي به لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جو ديدار (ڪڏهن ڪڏهن) گناهگارن کي به ٿيندو آهي ۽ بعض عارفن حضرت ابو الحسن شازلي  ۽ سيدي علي وفا  کان حضور ڪريم جن جو سجاڳيءَ ۾ ديدار ڪرڻ به نقل ڪيل آهي ۽ ان کان ڪو مانع ناهي. انهن جي لاءِ سندن قبر مبارڪ ۾ هوندي به ديدار جي دولت کولي ويندي آهي اهي بصيرت جي اک سان سندن ديدار ڪندا آهن. ۽ ان ۾ پري يا ويجهي هجڻ جو دخل ناهي. اولياء الله جي ڪرامات مان پردن جو کڄي وڃڻ آهي ان لاءِ نه عقلًا ڪو مانع آهي نه شرعًا. الله پنهنجي ولي کي عزت ڏيندو آهي جو ان ۽ حضور ڪريم جي ذات شريف جي وچ مان رڪاوٽ يا پردو کنيو ويندو آهي ۽ ان جو ڪن عالمن انڪار ڪيو آهي ڇوته ان صورت ۾ سندن مزار پرانوار مان نڪرڻ ۽ بازار ۾ هلڻ ۽ ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ لازم ٿيندو. پر علامه بيجوري  ان ڳالهه کي رد ڪندي فرمايو ته ”ڀلي مزارن مان نه نڪرن پر مزار ۾ هوندي پردا پري ڪري کين ديدار ڪرايو وڃي ٿو.“

سوال: جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ها ته پوءِ کين ڏسندڙن کي صحابي سڏيو وڃي ها.

جواب: صحابي ان مومن کي سڏبو آهي جنهن کين دنياوي ظاهري حياتي ۾ ڏٺو هجي. ۽ مزار ۾ ديدار خوارق عادات (يعني ڪرامات) مان آهي ۽ خوارق جي ڪري قواعد تي فرق نه پوندو آهي.

سوال: جيڪڏهن ائين ممڪن آهي ته پوءِ فاطمھ زهراء g کان اهڙي ڏسڻ جي روايت ڇونه آيل آهي؟

جواب: ڪنهن ڳالهه جي روايت نه اچڻ مان ان جو نه هجڻ لازم ناهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جيڪا شيءِ ڀلي کي نه ملندي آهي. اها گهٽ کي ملي ويندي آهي. (المواهب ص 680، 682) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : بزرگن جو فرمان آهي ته حضور ڪريم جن جي پاڪ ذات جي بعينها زيارت به ٿيندي آهي. مثالي به ٿيندي آهي. (خصائل نبوي ص 387) علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته ”علم تعبير جي ماهر کي جيڪڏهن ڪو خواب ٻڌائيندو هو ته ان کان ان تصوير متعلق پڇندو هو ته ڪهڙي صورت ۾ ڏٺئي جيڪڏهن صحيح وصفون ٻڌائي ويو ته چوندو هو واقعي تو ڏٺو آهي نه ته چوندو هوس ته تو نه ڏٺو آهي ۽ بعض بزرگن حضور ڪريم جي ديدار ڪندڙ کان سندن ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڇن وارن جو تعداد به پڇيو ته ڪيترا اڇا وار هئا. ۽ محدث حاڪم ابي عاصم بن ڪليب کان روايت آندي آهي ان  چيو ته ”مون حضرت ابنِ عباس f کي چيو ته مون ننڊ ۾ نبي ڪريم جن کي ڏٺو آهي“ ان مون کي فرمايو ته مون کي سندن صفتون ٻڌاءِ ابو عاصم چيو ته مون حضرت حسين بن علي f جو ذڪر ڪري چيو ته ان سان مشابه ڏٺم ته حضرت ابن عباس f فرمايو ”تو واقعي ڏٺو آهي“ ۽ هڪ ئي جماعت جو کين هڪ وقت ۾ پر انهن طرفن ۾ ۽ مختلف صفتن ۾ ڏسڻ جائز آهي ۽ هن جو دليل علامه زرڪشي  هن طرح ڏنو آهي ته حضور ڪريم جن سج آهن. ۽ ان جو نور هن جهان ۾ سمورن جهانن جي نور وانگر آهي پوءِ جيئن سج کي اولهه ۽ اوڀر وارا هڪئي وقت ۾ برابر ڏسندا آهن ۽ مختلف صفتن سان محسوس ڪندا آهن. حبيب ڪريم جن به اهڙي طرح سڀني کي ديدار ڪرائيندا آهن ۽ ابن ابي جمره   المازري ۽ اليافعي وغيرهم صالحن جي جماعت کان آيل آهي ته انهن نبي ڪريم جن جو سجاڳيءَ ۾ ديدار ڪيو هو ۽ محدث ابنِ ابي جمرة (صالحن جي) جماعت کان هي به ذڪر ڪيو آهي تهانهن فَسَيَرانِي فِي الۡيَقۡظَةِ جي مطابق پهريان حضور ڪريم جن جو ننڊ ۾ ديدار ڪيو ۽ پوءِ سجاڳيءَ ۾ به ديدار ڪيو هيائون ۽ کين ڪن شين جي پريشان ڪرڻ جي حل لاءِ عرض ڪيو ته پاڻ ان لاءِ کين اهڙي رهنمائي فرمايائون جو گهٽ وڌائي کان سواءِ سندن مسئلا حل ٿي ويا. ۽ محدث مذڪور فرمايو ته  : جيڪو اولياء الله جي ڪرامات جو منڪر آهي انهيءَ سان ته بحث ئي ناهي ڇوته اهو ان شيءِ کي ڪوڙو ٿو ڪري جنهن کي سنت ثابت ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن نه ته هيءُ ديدار به انهن جي لاءِ ڪرامت طور کوليو ويندو آهي جيئن انهن جي لاءِ علوي (مٿيان) ۽ سفلي (هيٺيان) جهان کوليا ويندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح سندن ديدار السيد عبدالقادر جيلاني  وغيره کان نقل ڪيل آهي. جيئن ”عوارف المعارف“ ۾ مذڪور آهي. ۽ حضرت ابو الحسن شاذلي  جن کي به ديدار جي دولت نصيب ٿي هئي. جيئن التاج بن عطاءُ الله  ان کان نقل ڪيو ۽ جيئن سندس محبتي ابو العباس المرسي  ۽ الامام علي الوفائي  ۽ القطب القسطلاني  ۽ السيد نور الايجي  (کان به) نقل ڪيو ويو آهي ۽ ان طريقي تي (امام) غزالي  به هليو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ” المنقذ من الضلال“ ۾ لکيو اٿس ته ”اهي روشن قلب صاحب سجاڳي ۾ به ملائڪن ۽ انبياء عليه الصلٰوة والسلام جي ارواح کي مشاهدو ڪندا آهن ۽ انهن کان آواز به ٻڌندا آهن جن سان فائدا حاصل ڪندا آهن. ۽ جيڪي چون ٿا ته سجاڳيءَ ۾ حضور ڪريم جو ديدار نه ٿو ٿي سگهي. ڇوته ائين مڃڻ سان اهو مڃڻو پوندو ته پاڻ قبر مبارڪ مان نڪرن ٿا. بازار ۾ هلن ٿا. ماڻهن سان ڳالهائن ٿا ۽ ماڻهو وري ساڻن ڳالهائن ٿا ۽ پوءِ سندن قبر مبارڪ سندن وجود کان خالي هوندي ۽ سندن وجود مسعود مان اتي ڪابه شيءِ نه رهندي جوان جي زيارت ڪئي وڃي باقي سکڻي قبر جي زيارت ۽ جيڪو آهي ئي ڪونه ان تي سلام پڙهيو ٿو وڃي ۽ (معاذالله ثم معاذالله) اهي جهالتون آهن. هن خيال جو رد ڪندي علامه ابن حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته ”ائين چوڻ عين جهل ۽ عناد آهي. ۽ حقيقت هي آهي ته ، سندن سجاڳي ۾ ڏسڻ ۽ ديدار ڪرڻ سندن قبر (مبارڪ) مان نڪرڻ کي لازم ڪري نه ٿو وٺي ڇوته الله جي ولين جي ڪرامات مان (جيئن مٿي به لکي آيا آهيون) هي به آهي ته انهن جي لاءِ حجاب کنيا وڃن ٿا. نه عقلًا ۽ نه نقلًا، ان جو ڪو مانع آهي ۽ نه عادتًا ڪو روڪيندو. بلاشڪ ولي ڀلارو ڀلي مشرق يا مغرب جي انتها تي هجي الله ان جي لاءِ ڪرامت طور پردا پري ڪرائي. سندس اڳيان حضرت حبيب ڪريم جن جو ديدار آڻيندو آهي ۽ پاڻ ڪريم جن پنهنجي مزار پرانوار ۾ تشريف فرما هوندا آهن. اڳيان ڪو ڍڪيندڙ يا حجاب نه هوندو آهي ۽ اهي حجاب شيشي وانگر هوندا آهن جن مان سندن ذات مبارڪ کليل طرح نظر ايندي آهي ۽ ان وقت ممڪن آهي جو الله جي ٻانهي جي نگاهه سندن ديدار ڪندي رهي ۽ پاڻ پنهنجي قبر مبارڪ ۾ نماز پڙهي رهيا هجن. ۽ جڏهن ڪنهن کي سندن ديدار جي دولت سان مالا مال ڪيو ٿو وڃي ته عين ان وقت سندن ذات کي عرض ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جو شرف حاصل ڪرڻ ۽ ڪي ڳالهيون پڇڻ کان به ڪو مانع ناهي. ۽ پاڻ جواب به ڏين ٿا ۽ هي سڀ ڪجهه نه شرع جي منافي آهي ۽ نه عقل جي خلاف آهي ۽ جڏهن اهي ڳالهيون ۽ انهن جو نتيجو عقلًا ۽ شرعًا انڪار ڪيل ناهن ته صرف هڪ جو انڪار ڪرڻ به توجهه جي قابل ناهي ۽ نه ان تي اعتماد آهي.                      ( اشرف الوسائل ص 597، 600)

حقيقت هي آهي ته نبي ڪريم جن کي ننڊ ۾ ڏسڻ وڏي سعادت آهي جنهن سان خواب ۾ اهڙي ڀلائي ٿي ان ڄڻ ته سجاڳيءَ ۾ سندن زيارت ڪئي، ها فرق آهي ته ان زيارت ڪندڙ کي صحابي نه چئبو. محبوب ڪريم جن جنهن به رنگ ۾ ديدار ڪرائن ان رنگ ۾ شيطان اچي نه سگهندو. ان جي وس ۾ اها ڳالهه ناهي ۽ جيڪڏهن هن ڪتاب جي منڍ ۾ بيان ڪيل سندن حليي مطابق ڪنهن کي سندن پاڪ صورت نظر نه ٿي اچي ته اهو ان جي نظر جو قصور آهي جهڙي طرح ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ جي لاءِ ڪو رنگين چشمو پائي ڏسبو ته جهڙو ان چشمي جو رنگ هوندو اها شيءِ به ان رنگ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. ان شيءِ جي حقيقت ۾ ڪا تبديلي نه هوندي. محبوب ڪريم جن کي مختلف ڪيفيتن ۾ ڏسڻ جو به اهو مطلب آهي.

هڪ خواب ۽ ان جو صحيح تعبير: حضرت شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جي زماني جي ڳالهه آهي ته : ان دور جي هڪ مسلمان پنهنجي بيمار مائٽ جي لاءِ خواب لڌو جيڪو گهڻي عرصي کان بيمار ۽ لا علاج ٿي ويو هو. ان کي ننڊ ۾ هڪ بزرگ جي صورت ۾ اچي ڪنهن چيو ته فلاڻي ديويءَ جي آستاني تي وڃي پڙ چاڙهيو ۽ رت هاريو ته بيمار صحيح ٿي ويندو. ان خواب ڏسندڙ مسلمان پڇيس ته تون ڪير آهين؟ جواب ۾ چيائين ته ”مان رسول الله () آهيان.“ هي جاڳي پيو پر حيران هو ته اسان مسلمانن جو ديوين جي آستانن سان ڪهڙو واسطو؟ ۽ کيس اهڙو حڪم ڏنو ويو جيڪو شرڪ آهي ۽ دين اسلام ۾ حرام آهي وري ٻيهر به اهڙو خواب ڏٺائين. آخر پنهنجي مطلب جي لاءِ مجبور ٿي  انهيءَ ديويءَ جي آستاني تي وڃي ٻڪري ڪُهي آيو ته اهو مريض به چاڪ ٿي ويو پوءِ اهو مسئلو ان وقت جي عالمن کان پڇيائين ته اهي مذڪور حديث (ته شيطان منهنجي صورت نه ٿو وٺي سگهي) جي ڪري منجهي پيا ته هن جو ڇا جواب ڏجي. نيٺ اهو سوال حضرت شاهه عبدالعزيز وٽ آيو. شاهه صاحب  انهن کي سمجهايو ته : حديث شريف ۾ آهي ته ”شيطان منهنجي شڪل نه وٺي سگهندو“ اهو بلڪل ٺيڪ آهي پر پاڻ ائين ڪونه فرمايو اٿن ته خواب ۾ شيطان پنهنجي لاءِ رسول هجڻ جي دعوى به ڪونه ڪري سگهندو. تنهنڪري اهو سمجهو ته اهو شيطان هو جيڪو رسول هجڻ جي دعوى ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪري مشرڪ بنائي رهيو هو. باقي رهيو بيمار جو صحتمند ٿيڻ سو انهيءَ ڏينهن ۾ الله جي تقدير ۾ ان جي تندرستيءَ جو فيصلو ٿيل هو جيڪو اڳئي هن دنيا جي آسمان تي لهي آيو هو. جنهن کي شيطان ملعون چوريءَ ٻڌي هنن کي چئي گمراهه ڪيو، ۽ الله نبين عليهم الصلواة والسلام جي تصويرن پاڪن جي اهڙي حفاظت ڪئي آهي جو شيطان انهن جي شڪل ۾ اچڻ جي طاقت نه ٿو رکي. بلڪه اهو ملائڪن جي شڪل ۾ اچڻ يا سج ۽ چنڊ بنجي بيهڻ يا پاڻ ڪڪر بنجي مينهن وسائڻ کان به بلڪل عاجز آهي. اصل شيءِ انسان جي هدايت آهي ۽ شيطان کي گمراهه ڪرڻ جا محدود اسباب ڏنا ويا اهن. ۽ انهن ۾ به انسانن کي آزمائڻ جي حڪمت رکيل آهي.

                               (فضائل النبي ص 248، 249)

علامه علي القاري  هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته ” احمد ۽ بخاري ۽ مسلم ابي قتاده d کان هي لفظ روايت ڪيا آهن مَن رَّآنِيۡ فَقَدۡ رَاَي الۡحَقَّ (جنهن مون کي ڏٺو ان حق ڏٺو“ مطلب ته جنهن مون کي ڏٺو ان پڪ مون کي ڏٺو على وجھ الکمال ديدار ڪيو جنهن ۾ شڪ ۽ شبهو ناهي. ۽ اڳتي لکيو اٿس ته : جنهن مون کي ڏٺو ان منهنجي ظاهري صورت ۽ واضح سيرت کي ڏٺو. شيطان منهنجي صورت نه ٿو وٺي سگهي. ڄاڻڻ گهرجي ته جيئن الله حضور ڪريم جن کي سندن ظاهري زندگيءَ ۾ شيطان کان محفوظ رکيو تيئن دنيا مان ظاهري رحلت ڪرڻ کان پوءِ به سندن صورت ۾ اچڻ جي به شيطان  کي طاقت ناهي. ان جي ڪري حضور ڪريم جن کي ننڊ ۾ ڏسڻ ڄڻ ته سندن کي سجاڳيءَ ۾ ڏسڻ آهي. ۽ اهو حقيقي ديدار آهي ڇوته شيطان سندن اصلي صورت ۾ اچڻ تي قادر ناهي.

(جمع الوسائل ج 2 ص 232)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي:  {1} ابن ماجھ في کتاب تعبير الرؤيا باب 2 رؤية النبي في المنام رقم الحديث 3900 {2} احمد في المسند ج 1 ص 375 {3} الدارمي في کتاب الرؤيا باب 4 في رؤية النبي في المنام رقم الحديث 3139 ج 2 ص 166 {4} ابو نعيم في الحلية ج 4 ص 438.

{407}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، وَمُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى ، قَالاَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي حُصَينٍ ، عَنْ أَبِي صَالِحٍ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لاَ يَتَصَوَّرُ أَوْ قَالَ : لاَ يَتَشَبَّهُ بِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله فرمايو : جنهن مون کي خواب ۾ ڏٺو بيشڪ تنهن مون کي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته شيطان منهنجي صورت نه ٿو وٺي سگهي يا راوي چيو ته منهنجي مشابهه نه ٿيندو آهي.

مفردات جو شرح: ”لاَ يَتَصَوَّرُ منهنجي صورت ۾ نه ٿو اچي سگهي. التصور کان ورتل آهي. ان جون مختلف معنائون آهن. خيال ۾ آڻڻ، ذهن ۾ رکڻ، صورت ۾ ٿيڻ، صورت ٻڌڻ، تصور ڪرڻ. لَاَ يَتَشَبَّهُ منهنجي مشابه نه ٿو ٿي سگهي. ”التشبہ“ کان ورتل آهي ان جي معنى هم شڪل ٿيڻ، مشابه هجڻ.

سمجهاڻي: هن حديث جو مطلب ۽ ان مان مراد به ساڳي آهي يعني اگرچه شيطان کي هيءَ طاقت ۽ قوت مليل آهي جو اهو ڪنهن به انسان جي صورت ۽ شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو مگر ان هوندي به اهو حضرت حبيب ڪريم جن جي صورت مبارڪ ۾ نه ٿو اچي سگهي. محدثن ڀلارن فرمايو آهي ته : جڏهن شيطان ملعون ننڊ جي حالت ۾ به سندن پاڪ صورت ۾  نه ٿو اچي سگهي ته سجاڳيءَ جي حالت ۾ به سندن پاڪ صورت ۾ ان جو ٿيڻ ممڪن ناهي، ان جي ڪري جن بزرگن سجاڳيءَ جي حالت ۾ سندن ديدار ڪيو آهي انهن يقينًا سندن ئي ديدار ڪيو آهي. (انوار غوثيه ص 595) شمائل جي شارحن لکيو آهي ته : حبيب ڪريم جن جي صورت مبارڪه خواب ۾ ڏسندڙ ماڻهو جي خيالي قوت ۾ ائين لهي ظاهر ٿئي ٿي جيئن آئيني ۾ ڪنهن جي شڪل ظاهر ٿيندي آهي جيڪڏهن ڀت جي اوٽ ۾ ڪو ماڻهو ويٺل هجي ۽ ٻيو کليل ويٺل هجي پر وچ تي آئينو رکجي ته ان آئيني ۾ ان ڀت جي اوٽ ۾ ويٺل جي صورت نظر ايندي ۽ ان آئيني مان ان کي ڪيترا ڏسي سگهن ٿا اهڙي طرح هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ماڻهن کي حضور ڪريم جي زيارت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو مشڪل ڪم ناهي. علامه علي القاري  هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته : بخاري ۽ مسلم ۽ ابو داؤد حضرت ابو هريره d کان مرفوع روايت آندي آهي تهمَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَسيرَاني في اليقظةِ (جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو اهو جلد مون کي سجاڳيءَ ۾ به ڏسندو) هن ۾ سندن ديدار ڪندڙ جي لاءِ بشارت آهي ته ان جو موت اسلام تي ٿيندو ۽ اهو وفات کان پوءِ سندن ديدار جي مقام تي پهچندو ۽ هن جي تائيد ان روايت سان ٿئي ٿي جيڪا محدثن جي جماعت سان گڏ ترمذي به آندي آهي ۽ ان کي صحيح چيو اٿس ته فَقَدۡ رَآنِي فِي الۡيَقۡظَةِ (بلاشڪ ان مون کي سجاڳيءَ ۾ ڏٺو) ۽ اظهر قول هي آهي ته ان جو مطلب آهي ته (ڄڻ مون کي سجاڳيءَ ۾ ڏٺائين) علامه مناوي  هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته : جيئن حضرت حبيب ڪريم جن جي پاڪ صورت ۾ شيطان نه ٿو اچي سگهي اهڙي طرح ٻين نبين عليهم الصلٰوة والسلام ۽ ملائڪن، سج، چنڊ تارن جي صورت ۾ به نه ٿو اچي سگهي ۽ وسندڙ ڪڪر جي صورت ۾ به نه ٿي سگهندو. ۽ نبين ۽ ملائڪن جو ڏسڻ ڏسندڙن جي لاءِ ان جي مدد ۽ مشڪل مان نڪرڻ جي بشارت آهي ۽ نبين عليهم الصلٰوة والسلام جو ڏسڻ دنيا ۾ ڏسندڙ جي لاءِ شرف آهي ۽ ملائڪن جو ڏسڻ شرف هجڻ سان گڏ ان جي آخرت جي لاءِ شهادت آهي ڇوته انبياءِ عليهم الصلٰوة والسلام ماڻهن سان خطاب ڪندا هئا ته ماڻهو ملائڪن کي نه ڏسندا هئا ڇوته اهي الله وٽ هوندا آهن ۽ الله شهيدن جي باري ۾ فرمايو: لَهُمۡ اَجرُهُمۡ عِندَ رَبِّهِمۡ (انهن جي لاءِ سندن اجر سندن رب وٽ آهي) ۽ جنهن رسول الله جن جا ننڊ ۾ گهڻا ديدار ڪيا اهو ڪنهن جو محتاج نه هوندو پر دنيا گهڻي به نه رهنديس مالي لحاظ سان گهٽ هوندو.

                                                       (شرح المناوي مع جمع الوسائل ج 2 ص 232)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 2 ص 410، 469 {2} ابو داؤد الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2420 ص 317 {2} البخاري في کتاب العلم باب 38 اثم من کذب علي النبي رقم الحديث 110 ج 1 ص 202 والبخاري في کتاب الادب باب 109 من سمى باسم الانبياء رقم الحديث 6197 ج 10 ص 577 {3} مسلم في کتاب الرؤيا باب 1 قول النبي مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي “ رقم الحديث 2266 حديث الکتاب 11 ج 4 ص 1775 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3288 ج 12 ص 227 {5} الحاکم في المستدرک ج 4 ص 393.

{408} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ ، قَالَ : حَدَّثَنَا خَلَفُ بْنُ خَلِيفَةَ ، عَنْ أَبِي مَالِكٍ الأَشْجَعِيِّ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي. قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَأَبُو مَالِكٍ هٰذَا هُوَ : سَعْدُ بْنُ طَارِقِ بْنِ أَشْيَمَ ، وَطَارِقُ بْنُ أَشْيَمَ هُوَ مِنْ أَصْحَابِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ. وَقَدْ رَوَى عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَحَادِيثَ سَمِعْتُ عَلِيَّ بْنَ حَجْرٍ يَقُولُ : قَالَ خَلَفُ بْنُ خَلِيفَةَ : رَأَيْتُ عَمْرَو بْنَ حُرَيْثٍ صَاحِبَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا غُلاَمٌ صَغِيرٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو مالڪ اشجعي d پنهنجي پيءُ (طارق بن اشيم d) کان روايت ٿو ڪري ته رسول الله جن ارشاد فرمايو : جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو، تنهن پڪ مون کي ڏٺو.

مفردات جو شرح: نوان الفاظ ناهن ان جي ڪري شرح نه لکيو ويو.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ اهو ئي ارشاد آهي ته ”جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ان مون کي ئي ڏٺو“ ٻي ڪابه شيءِ منهنجي صورت ۾ نه ٿي ٿي سگهي. حضرت علامه سيوطي  پنهنجي ڪتابن جي بعض مجموعن ۾ لکيو آهي ته : حضرت سيد احمد رفاعي  حج ڪرڻ کان پوءِ مدينه منوره پهتو.حاضري ڏئي ڪجهه دير کان پوءِ حبيب ڪريم جن جي حجره مبارڪ ڏانهن منهن ڪري هي شعر پڙهيائين.

فِي حَالة البُعۡدِ رُوۡحِيۡ کُنۡتُ اُرۡسِلُهَا

تُقَبّلُ الاَرۡضَ عَـــــنِّيۡ وَهِيَ   نَائِبَتِي

يعني پري هجڻ جي حالت ۾ مان پنهنجو روح موڪليندو هوس. (مدينه منوره) جي زمين کي منهنجي نائب جي حيثيت ۾ چمي ويندو.

وَهَذهٖ دَوۡلَةُ الاَشۡبَاحِ قَـــــدۡ حَضۡرَت

فامۡدُد يَمِيۡنَکَ کَي تَحۡظِي بهَا شَفَتِي

(۽ هي ديدار جي دولت حاضر ٿي آهي پوءِ پنهنجو سڄو هٿ مبارڪ ڊگهو فرمايو ته ان جي (چمڻ سان) منهنجا چپ محظوظ ٿين.) ۽ علامه مناوي  لکيو آهي ته ”ٻي ڪابه شيءِ حضور ڪريم جن جي صورت ۾ نه ٿي اچي سگهي ڇوته پاڻ رحمة للعالمين آهن گمراهن کي هدايت ڪندڙ آهن شيطانن جي وسوسن کان محفوظ آهن ۽ جڏهن سندن وجود جي نور سان جهان منور ٿيو ۽ سندن ڄمڻ وقت شيطانن کي اُمڙ هنيا ويا ۽ ڀوپن جا اڏا ڊهي پيا ته شيطان سندن صورت ۾ ڪيئن اچي سگهندو. (انوار غوثيه ص 594 ۽ 596) محدث ترمذي  هن روايت جي آخر ۾ هن جي هڪ راوي ”ابو مالڪ“ جي وضاحت ڪندي فرمايو آهي ته ان جو نالو سعد بن طارق بن اشيم آهي ۽ طارق بن اشيم رسول الله جي اصحابن مان هو جنهن گهڻيون حديثون روايت ڪيون آهن. محدث ترمذي  هي به فرمايو آهي ته : مون علي بن حجر  کان چوندي ٻڌو ته : خلف بن خليفه  چيو ته : مون نبي پاڪ جن کي ان وقت ڏٺو جڏهن مان ننڍو هوس. علامه بيجوري  لکيو آهي ته : مصنف ترمذي  جو هن مان مقصد آهي ته ابو مالڪ تبع تابعين جو به تابع آهي ڇوته ان ۾ ۽ صحابي d جي وچ ۾ ٻه واسطا آهن. (1) علي بن حجر (2) خلفه بن خليفه (المواهب 683) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته ”هن روايت تي هي اعتراض ته نبي ڪريم جن جي هڪ ئي وقت ۾ مختلف ملڪن ۾ مختلف ماڻهو زيارت ڪن ٿا پاڻ هڪ ئي وقت ڪيترن جاين ۾ تشريف فرما ٿيندا ۽ ڪيئن ٿيندا؟ اهو اعتراض ڪا وقعت ڪونه ٿو رکي ڇوته اهو ضروري ناهي ته حضور ڪريم جن هر هڪ جاءِ تي هلي وڃي تشريف فرما ٿين بلڪه پاڻ هڪ ئي جاءِ تي جلوي افروز هجن ته به سڀني کي سندن زيارت ٿي سگهي ٿي جيئن سج پنهنجي جاءِ تي هوندو آهي پر سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهر کان ان کي ڏسن ٿا ۽ وري جهڙي رنگ جي عينڪ پائي سج ڏانهن نهاربو ته اهو ان رنگ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو حالانڪه سج آهي ته هڪڙو.                       

(خصائل نبوي ص 387، 388)

هي حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 472 {2} الخطيب في التاريخ ج 10 ص 35 {3} البخاري في الکبير ج 2 ص 352.

{409} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ هُوَ ابْنُ سَعِيدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْوَاحِدِ بْنُ زِيَادٍ ، عَنْ عَاصِمِ بْنِ كُلَيْبٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، أَنَّهُ سَمِعَ أَبَا هُرَيْرَةَ يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لاَ يَتَمَثَّلُنِي قَالَ أَبِي : فَحَدَّثْتُ بِهِ ابْنَ عَبَّاسٍ ، فَقُلْتُ : قَدْ رَأَيْتُهُ ، فَذَكَرْتُ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ فَقُلْتُ : شَبَّهْتُهُ بِهٖ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : إِنَّهُ كَانَ يُشْبِهُهُ.

بامحاوره ترجمو: ڪليب پنهنجي پيءُ کان حديث بيان ڪئي ان حضرت ابو هريره d کان ٻڌو ته : رسول الله جن ارشاد فرمايو”جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ان مون کي ئي ڏٺو بلاشڪ شيطان منهنجو مثال ٿي نه ٿو سگهي. (عاصم بن ڪليب چيو ته) منهنجي پيءُ چيو ته پوءِ مون اها حديث حضرت ابنِ عباس f کي ٻڌائي ۽ مون ان کي چيو ته مون رسول الله جن کي ڏٺو آهي ۽ سندن شباهت ۾ (حضرت امام) حسن d جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته مون ان سان مشابه ڏٺو. (ابن عباس f) فرمايو ته ان سان مشابهه هو.

مفردات جو شرح: ”فَحَدَّثْتُ مون اها حديث ٻُڌائي، حديث ذڪر ڪئي. فَذَكَرْتُ پوءِ مون ذڪر ڪيو. شَبَّهْتُهُ ان کي ان سان تشبيهه ڏنيم، مشابهه سڏيم.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ به مذڪور حديث آهي پر هن جي راوي ڪليب d جو بيان آهي ته : مون حضرت نبي ڪريم جن کي خواب ۾ ڏٺو ۽ حضرت ابنِ عباس f کي اهو خواب ٻڌايو ته سندن ذات پاڪ حضرت امام حسن d سان مشابهه هئي ته حضرت ابنِ  عباس f تصديق ڪندي فرمايو : واقعي (حضرت) امام حسن d سندن مشابهه (يعني هم شڪل) هو. ۽ سيرت نگارن لکيو آهي ته : حضرت امام حسن d ساڻن منهن مبارڪ کان وٺي سيني تائين ۽ حضرت امام حسين d سيني کان هيٺ سندن مشابهه هئا. حضرت علي d جو ارشاد آهي ته اَلۡحَسۡنُ اَشۡبَهُ بِرَسُوۡلُ الله مَا بَيۡنَ الصَّدۡرِ اِلَي الرَّاسِ وَالۡحُسين اَشۡبَهُ بِالنَّبي مَا کَانَ اَسفَلَ مِن ذٰلِکَ (حسن رسول الله جن سان سيني کان مٿي مبارڪ تائين مشابهه هو ۽ حسين سيني کان هيٺ ( پيرن مبارڪن) تائين ساڻن مشابهه هو. (المواهب ص 484 جمع الوسائل ص 223) علامه علي القاري  ابن عربي  کان نقل ڪندي لکيو آهي ته : حضرت نبي ڪريم جن جو سندن معلوم صفت سان ڏسڻ حقيقت جو ادراڪ آهي ۽ صفات جو ادراڪ مثالي صورت جو ادراڪ آهي ۽ سندن فرمان فَسَيَرَانِيۡ (پوءِ جلد مون کي ڏسندو) جو مطلب آهي ان جو تفسير سمجهندو ته اهو حق ۽ سچ آهي ۽ هن قول جي تائيد ابن ابي جمره جو هي قول به ڪري ٿو ته : حضرت نبي ڪريم جن جو سهڻي صورت ۾ ڏسڻ، ڏسندڙ جي دين ۾ سهڻي هجڻ تي دلالت ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ڏسندڙ کي سندن جسم مبارڪ ۾ ڪو نقص يا خلل نظر آيو ته (پاڻ نقص ۽ خلل کان پاڪ آهن) اهو ان ڏسندڙ جي دين ۾ خلل يا نقص آهي اهو ان جي نشاني آهي ڇوته پاڻ آئيني وانگر آهن ان جي سامهون جيڪو ڪجهه ايندو اهو ئي ان ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. اڳتي لکيو اٿس ته سندن هڪ ئي وقت ۾ پر انهن ملڪن کان مختلف صفتن سان ڏسڻ جائز آهي. جيئن سج کي مشرق ۽ مغرب وارا پري کان ڏسن ٿا ائين پاڻ جن به سج آهن. (جمع الوسائل ص 234)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 2 ص 342 {2} الحاکم في المستدرک ج 4 ص 393.

{410} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عَدِيٍّ ، وَمُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا عَوْفُ بْنُ أَبِي جَمِيلَةَ ، عَنْ يَزِيدَ الْفَارِسِيِّ - وَكَانَ يَكْتُبُ الْمَصَاحِفَ - قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي الْمَنَامِ زَمَنَ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : فَقُلْتُ لِابْنِ عَبَّاسٍ : إِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي النَّوْمِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : إِنَّ رَسُولَ اللَّهِ كَانَ يَقُولُ : إِنَّ الشَّيْطَانَ لاَ يَسْتَطِيعُ أَنْ يَتَشَبَّهَ بِي ، فَمَنْ رَآنِي فِي النَّوْمِ فَقَدْ رَآنِي ، هَلْ تَسْتَطِيعُ أَنْ تَنْعَتَ هَذَا الرَّجُلَ الَّذِي رَأَيْتَهُ فِي النَّوْمِ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، أَنْعَتُ لَكَ رَجُلاً بَيْنَ الرَّجُلَيْنِ ، جِسْمُهُ وَلَحْمُهُ أَسْمَرُ إِلَى الْبَيَاضِ ، أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ ، جَمِيلُ دَوَائِرِ الْوَجْهِ ، مَلَأَتْ لِحْيَتُهُ مَا بَيْنَ هَذِهِ إِلَى هَذِهِ ، قَدْ مَلَأَتْ نَحْرَهُ - قَالَ عَوْفٌ : وَلاَ أَدْرِي مَا كَانَ مَعَ هَذَا النَّعْتِ - فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : لَوْ رَأَيْتَهُ فِي الْيَقَظَةِ مَا اسْتَطَعْتَ أَنْ تَنْعَتَهُ فَوْقَ هَذَا قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَيَزِيدُ الْفَارِسِيُّ هُوَ : يَزِيدُ بْنُ هُرْمُزَ ، وَهُوَ أَقْدَمُ مِنْ يَزِيدَ الرَّقَاشِيِّ ، وَرَوَى يَزِيدُ الْفَارِسِيُّ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ أَحَادِيثَ ، وَيَزِيدُ الرَّقَاشِيُّ لَمْ يُدْرِكِ ابْنَ عَبَّاسٍ ، وَهُوَ يَزِيدُ بْنُ أَبَانَ الرَّقَاشِيُّ ، وَهُوَ يَرْوِي عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، وَيَزِيدُ الْفَارِسِيُّ ، وَيَزِيدُ الرَّقَاشِيُّ كِلاَهُمَا مِنْ أَهْلِ الْبَصْرَةِ ، وَعَوْفُ بْنُ أَبِي جَمِيلَةَ هُوَ : عَوْفٌ الأَعْرَابِيُّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت يزيد فارسي d کان روايت آهي . (اهو قرآن شريف لکندو هو) ته مون حضرت ابنِ عباس f جي زماني ۾ نبي ڪريم کي ننڊ ۾ ڏٺو. پوءِ خواب جو واقعو حضرت ابنِ عباس f کي ٻڌايم ته مون حضور ڪريم جن جو خواب ۾ ديدار ڪيو آهي. ان تي حضرت ابنِ عباس f چيو ته رسول الله فرمائيندا هئا : ”شيطان مون سان مشابهه ٿي نه ٿو سگهي. پوءِ جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو، تنهن بيشڪ مون کي ڏٺو.“ ابنِ عباس f چيو ته ڇا تون ان ماڻهؤ جي وصف بيان ڪري سگهندين؟ جنهن کي تو خواب ۾ ڏٺو آهي. ان چيو هائو. توکي ان جو حليو بيان ڪري ٻڌايان ٿو. اهو شخص پنهنجي جسم ۽ گوشت ۾ وچٿرو هو اڇاڻ تي مائل ڪڻڪ رنگو. سرمي لڳل ڪجلين اکين وارو، سهڻو کلندڙ، خوبصورت گول چهري وارو. منهن ۽ ڪنن جي وچ واري حصي ۽ سيني کي ڀريندڙ ڏاڙهي مبارڪ سان سينگاريل هو.

حضرت عوف d راوي چيو ته مون کي ياد نه آهي ته انهن سهڻين صفتن سان گڏ ٻيو ڇا  بيان ڪيائين، تنهن تي حضرت ابنِ عباس f چيو ته جي تون حضور ڪريم جن جو سجاڳيءَ ۾ ديدار ڪري ڏسين ها ته به انهيءَ کان وڌيڪ صفتون بيان ڪري نه سگهين ها! يعني برابر هي نبي ڪريم جو حليو مبارڪ آهي.

مفردات جو شرح: ”لاَ يَسْتَطِيعُ نه ٿو سگهه رکي، نه ٿو ڪري سگهي. أَنْ تَنْعَتَ صفت بيان ڪرين. أَنْعَتُ صفت بيان ڪيان ٿو مان. أَسْمَرُ إِلَلون ڪڻڪ رنگو سفيدي ڏانهن مائل. أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ سرميليون اکيون مبارڪ. ”حَسَنُ الضَّحِكِ کلڻ جو سهڻو. جَمِيلُ دَوَائِرِ الْوَجْهِ منهن مبارڪ جون گولايون جمال واريون.لِحْيَتُهُ سندن ڏاڙهي مبارڪ. لَوْ رَأَيْتَهُ جيڪڏهن تون سندن ديدار ڪرين ها.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ يزيد الفارسي d حضرت حبيب ڪريم جن جي حليي مبارڪ بيان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. ۽ هن جو نتيجو اهو نڪتو ته جيڪو شخص حضور ڪريم جن جي زيارت پاڪ سان مشرف ٿيو اهو بعينھ اهڙي طرح مشرف ٿيو جيئن حضور ڪريم جن جي وجود کي دنياوي زندگيءَ ۾ ڏٺائين. هي يزيد الفارسي قرآن ڪريم لکندو هو ۽ هن حديث کي روايت ڪرڻ کان پوءِ امام ترمذي  يزيد الفارسي ۽ يزيد الرقاشي ۾ فرق ڪرڻ جي لاءِ وضاحت ڪئي آهي ڇوته ٻئي بصره جا هئا. محدث ترمذي لکيو آهي ته : يزيد فارسي يزيد رقاشي کان اڳي هو يزيد فارسي حضرت ابنِ عباس کان حديثون روايت ڪيون آهن ۽ يزيد رقاشي حضرت ابنِ عباس f کي نه پهتو هو ۽ يزيد رقاشي جو پيءُ ابان هو ۽ اهو انس بن مالڪ d کان روايت ڪري ٿو ۽ عوف بن جميله (راوي) اعرابي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 1 ص 361، 362.

{411}  حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ سُلَيْمَانُ بْنُ سَلْمٍ الْبَلْخِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا النَّضْرُ بْنُ شُمَيْلٍ قَالَ : قَالَ عَوْفٌ الأَعْرَابِيُّ : أَنَا أَكْبَرُ مِنْ قَتَادَةَ.

بامحاوره ترجمو: نضر بن شميل d چيو ته عوف اعرابي چيو ته آءُ قتاده (2) کان وڏو آهيان.

سمجهاڻي: هن روايت آڻڻ سان صرف ٻي اسناد ٻڌائڻ مراد آهي جنهن ۾ حضرت عوف اعرابي  چيو آهي ته : مان قتاده d کان (عمر ۾ ) وڏو آهيان.

{412} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ أَبِي زِيَادٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا يَعْقُوبُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ بْنِ سَعْدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ أَخِي ابْنِ شِهَابٍ الزُّهْرِيُّ ، عَنْ عَمِّهِ قَالَ : قَالَ أَبُو سَلَمَةَ : قَالَ أَبُو قَتَادَةَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ رَآنِي - يَعْنِي فِي النَّوْمِ - فَقَدْ رَأَى الْحَقَّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ شهاب زهري d پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي ته ابو سلمه d چيو ته حضرت ابو قتاده d بيان ڪيو ته رسول الله فرمايو ته : ”جنهن مون کي (خواب ۾) ڏٺو ته بيشڪ ان حق ڏٺو. “

مفردات جو شرح: ”اَلْحَقَّ يقين ڪرڻ، واجب هـجڻ، ثابت هـجڻ. ”الحق“ الله جو اسم پاڪ به آهي ڇوته حقيقتًا موجود اهو ئي آهي، باقي سڀ فنا آهي.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ آهي ته : جنهن مون کي (ننڊ ۾) ڏٺو ان حق ڏٺو.“ حق باطل جو ضد هوندو آهي. مطلب ته ان يقينن پڪ مون کي ڏٺو. اهو خيالي يا وهمي امر ناهي. (المواهب ص 689) علامه علي القاري  لکيو آهي ته : حق مان مراد آهي ته ان جو ڏسڻ صحيح، متحقق آهي جنهن ۾ غلط خواب جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي. اڳتي لکيو اٿس ته هي به صحيح آهي جو حق مان مراد الله وٺجي مطلب ته الله جي قدرت جي مظهر کي ڏٺائين ۽ جنهن حضور ڪريم کي ڏٺو اهو کين سجاڳيءَ ۾ جنت ۾ ڏسندو ۽ اتي الله جو به ديدار ڪندو ۽ هيءَ مراد وٺڻ به بعيد ناهي ته : جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو اهو جلد الله کي به ننڊ ۾ ڏسندو. منهنجو ديدار رب جي ديدار جو مقدمو آهي ۽ ان مقصد ماڻڻ جي خوشخبري ڏيندڙ آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 237)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الرؤيا باب 1 قول النبي مَنْ رَآنِي  في المنام فقد رآني“ رقم الحديث 2267 ج 4 ص 1776 {2} احمد في المسند ج 5 ص 306 {3} الدارمي في کتاب الرؤيا باب 4 في رؤية النبي في المنام رقم الحديث 2140 ج 2 ص 166 {4} البخاري في کتاب التعبير باب 10 من رآي النبي في المنام رقم الحديث 6995 ج 12 ص 383.

{413} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الدَّارِمِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَلَّى بْنُ أَسَدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْعَزِيزِ بْنُ الْمُخْتَارِ ، قَالَ : حَدَّثَنَا ثَابِتٌ ، عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لاَ يَتَخَيَّلُ بِي وَقَالَ : وَرُؤْيَا الْمُؤْمِنِ جُزْءٌ مِنْ سِتَّةٍ وَأَرْبَعِينَ جُزْءًا مِنَ النُّبُوَّةِ.

مفردات جو شرح: ”لاَ يَتَخَيَّلُ بِي اي لايتصوربي يعني منهنجي صورت وٺي نه ٿو سگهي ۽ نه ڪنهن جي لاءِ ان صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو اهو ان جي لاءِ ممڪن ئي ناهي.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله فرمايو :”جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو، تنهن سچ مون کي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته شيطان منهنجي صورت نه وٺي سگهندو آهي.“ ۽ پاڻ ڪريم هي به فرمايو ته : مؤمن جو خواب نبوت جي ڇائيتاليهن حصن مان هڪ حصو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ هڪ ته پهرين حديثن وارو مضمون آهي ٻيو هي بيان آهي ته ”مومن جو خواب نبوت جي ڇائيتاليهه(46) جزن مان هڪ جزو آهي“ هتي مومن مان مراد صالح مومن ۽ صالحھ مومنياڻي آهي. جيڪڏهن هي حضرت انس d جو قول آهي ته پوءِ هيءَ حديث موقوف آهي ۽ هيءَ ڳالهه به پري ناهي ته : اهو رسول الله جو قول هجي ۽ اهو وڌيڪ اظهر آهي. مشهور هي آهي ته هيءَ حديث مرفوع آهي ۽ مومن جا اڪثر خواب سچا هوندا ڪڏهن اجايا به هوندا آهن ۽ نبوت جي ڇائيتاليهن 46 حصن مان ڪيئن آهي؟ ان جو سبب بيان ڪندي علامه بيجوري  لکيو آهي ته حضرت نبي ڪريم جن جي نبوت جي اظهار جو زمانو 23 سال آهي ۽ سندن نبوت جي اظهار جي ابتدا سچن خوابن سان ٿي هئي. جنهن جو وقت ڇهه مهينا هيو ۽ ان جي نسبت باقي مدت مذڪوره جي لحاظ سان ڇائيتاليهون حصو آهي ۽ هن جي ظاهري مراد وٺڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ هن باري ۾ مختلف روايتون آهن جن مان مراد خوابن جي ڪثرت آهي ۽ وڌيڪ ظاهر هي مراد آهي ته نبوت جي جزء مان مراد علم آهي ڇوته سٺي خواب سان بعض غيبي ڳالهين جو علم ٿيندو آهي ۽ ان سان بعض غيبي ڳالهين تي اطلاع ملندو آهي ۽ ان ۾ شڪ ناهي ته غيب جو علم نبوت جي علمن مان آهي ۽ ان جي ڪري امام مالڪ  فرمايو : جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا خواب جو هر ماڻهو تعبير ڪري سگهي ٿو؟ ته پاڻ ان کي فرمايائين ”ته ڇا (علم) نبوت سان راند ٿو ڪرين؟ ان کان پوءِ فرمايائين ته ”خواب (سٺو) نبوت (جي علم) جو جزو آهي . اها مراد ناهي ته خواب باقي نبوت آهن؟                                                            (المواهب ص 690، 691)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : هن جو مختصر مطلب هي آهي ته ”مبارڪ ۽ سٺا خواب هڪ بشارت آهن. باقي اهي نبوت جي ڇائيتاليهن جزن مان هڪ جزو آهن ان جي صحيح مراد حضور ڪريم جن ئي ڄاڻن ٿا.

 

نبي ڪريم جي زيارت حق آهي

دلائل

{1} حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو مَن رَّاٰنِي فِي الۡمَنَامِ فَقَدۡ رَاٰنِي فَاِنَّ الشَّيۡطَانَ لَايَتَمَثُّلُ بِي الحديث (بخاري ڪتاب التعبير باب من راي النبي في المنام حديث 6994، مسلم ڪتاب الرؤيا حديث 5797 ۽ 5810) (ترجمو : جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ته ان بيشڪ مون کي ڏٺويقينن شيطان منهنجو مثال نه ٿو ٿي سگهي.)

{2}  حضرت ابو هريره d کان ٻي روايت آهي جنهن جا الفاظ هي آهن مَن رَّاٰنِي فِي الۡمَنَامِ فَسَيرانِي فِي الۡيَقۡظَةِ وَلَا يَتَمَثُّلُ الشَّيۡطَان بِيۡ(بخاري  حديث 6993، مسلم ڪتاب الرؤيا باب قول النبي حديث 5710)  (ترجمو : جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو اهو جلد مون کي سجاڳيءَ ۾ به ڏسندو ۽ شيطان منهنجو مثال نه ٿيندو.)

{3} علامه سخاوي ابو القاسم ”البستي“ جي ڪتاب ” الدر المعجم في المولد المعظم“ جي حوالي سان هيٺ ڏنل روايت آندي آهي ويروى عنه صَلي الله تعالٰي عليه وسلم  انه قال : مَنۡ صَلَّي عَلَي رُوۡحِ مُحَمَّدِ فِي الۡاَرۡوَاحِ وَعَلٰي جَسَدِهٖ فِي الۡاَجۡسَادِ وَعَلٰي قَبَرِهٖ فِي الۡقُبُوۡرِ رَآنِي فِي مَنَامِهٖ وَ مَن رَّآنِي فِي مَنَامِهٖ رَآنِي يَوۡمَ الۡقِيَامَةِ وَمَن رَّآنِي يَوۡمَ الۡقِيَامَةِ شَفَعۡتُ لَهٗ وَمَنۡ شَفَعۡتُ لَهٗ شَرِبَ مِنۡ حَوۡضِي وَحَرَّمَ اللهُ جَسَدَهٗ عَلَي النَّارِ.(القول البديع ص 67)

(يعني جنهن ارواح ۾ حضرت محمد ( ) جي روح (پاڪ) تي ۽ جسمن ۾ ان جي جسم تي ۽ قبرن ۾ ان جي (پاڪ) قبر تي درود پڙهيو، اهو مون کي ننڊ ۾ ڏسندو ۽ جنهن مون کي ننڊ ۾ ڏٺو اهو مون کي قيامت جي ڏينهن ڏسندو ۽ جنهن مون کي قيامت جي ڏينهن ڏٺو ان جي لاءِ مان شفاعت ڪندس ۽ جنهن لاءِ مون شفاعت ڪئي اهو منهنجي حوض مان پيئندو ۽ الله ان جي جسم کي دوزخ جي باهه تي حرام ڪري ڇڏيندو. علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي  لکيو آهي ته حضور ڪريم جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ جي لاءِ درود شريف جا تحفا موڪلڻ گهڻو مفيد آهن.

 (جذب القلوب فارسي ص 260)

دلبر جي ديدار لاءِ ورد وظيفا

علامه غلام صديق شهدادڪوٽي  جي قلمي بياض ۾ لکيل آهي ته : جيڪو شخص حضور ڪريم جن جو ننڊ ۾ يا سجاڳيءَ ۾ ديدار ڪرڻ جي تمنا رکي اهو هي عمل ڪري.

عمل مبارڪ {1}  : آچر جي رات ڪامل طور بدن پاڪ، ڪپڙا پاڪ ۽ صاف رکي. اڪيلائيءَ ۾ ويهي هزار ڀيرا سورة ”الکوثر“ پڙهي ۽ هزار ڀيرا هي درود شريف پڙهي اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ وَّعَلٰي آلِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ بِعَدَدَ کُلِّ مَعۡلُوم لَکَ ۽ جيڪو پڙهيائين اهو حضور ڪريم عليه الصلٰوة والسلام جن جي روح پر فتوح جي خدمتِ عاليھ ۾ هديو ڪري پيش ڪري. ان کان پوءِ اٿي ٻه رڪعتون نفل پڙهي پهرين رڪعت ۾ الحمد شريف کان پوءِ ست ڀيرا سورة وَالشَّمۡسِ پڙهي ۽ ٻي رڪعت ۾ الحمد شريف کان پوءِاَللّٰهُمَّ رَبَّ الۡحِلِّ وَالۡحَرَمِ وَرَبَّ الۡبَيۡتِ الۡحَرَامِ اَبۡلِغۡ رُوۡحَ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ مِّنِّي الصَّلٰوةَ وَالسَّلَامَ ان کان پوءِ هي نقش لکي پنهنجي مٿي جي هيٺان رکي ۽ سمهڻ وقت سوره ”الحديد“ جون پهريون آيتون عَلِيۡمُ بِذَاتِ الصُّدُوۡرِ ۽ سورة حشر جون آيتون هُوَ اللهُ الَّذِيۡ پڇاڙيءَ تائين پڙهي پوءِ چوي اَللّٰهُمَّ يَا مَنۡ هُوَ کَذَا وَ يَا مَن لَّاۡ َيَزَالُ کَذَايَا مَن لَّيۡسَ اَحَدُٗ غَيۡرُهٗ کَذَا اَسۡئَلُکَ اَنۡ تَرۡزُقَنِي رُؤيَةَ وَجۡهِ حَبِيۡبِکَ مُحَمَّدِِ رُؤيَةً تُقِرُّبِهَا عَيۡنِي وَتَشۡرَحُ بِهَا صَدۡرِيۡ وَتَجۡمَعُ بِهَا شَمۡلِي وَ تُفَرِّجُ بِهَا کُرۡبَتِي وَ تَجۡمَعُ بِهَا بَيۡنِي وَبَيۡنَهٗ  ()  فِي الدَّرَجٰتِ الۡعُلٰي مِنَ الۡجِنَّةِ ثُّمَّ لَاتُفَرِّقۡ بَيۡنِي وَبَيۡنَهٗ اَبَدًا بِرَحۡمَتِکَ يَا اَرۡحَمَ الرَّاحِمِيۡنَ ان کان پوءِ درود شريف پڙهندي سمهي رهي. جمعي جي رات تائين (ان شآءَ الله )مقصد حاصل ڪري ويندو. اهڙي طرح ٻئي ڇنڇر جي رات کان شروع ڪري ۽ جڏهن اربعاء جي رات اچي ته مذڪوره شرطن سان هزار ڀيرا سورة الاخلاص پڙهي ام المؤمنين سيده خديجة الڪبرى g جي روح پرفتوح کي هديه پيش ڪري ۽ انتهائي عاجزيءَ سان عرض ڪري ته : ”يا ام المؤمنين“ اوهان کي حضرت نبي ڪريم جي خدمت ۾ شفاعت ڪندڙ ٿو بنايان تانت پاڻ رب العالمين جي بارگاهه ۾ منهنجي شفاعت ڪن تانت الله مون کي پنهنجي حبيب جي منهن مبارڪ جو ائين ديدار ڪرائي جيئن اوهان ڪيو هو ان کان پوءِ وري ٻيو هزار ڀيرا ”سورة الاخلاص“ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g جي روح مبارڪ کي هديه پيش ڪندي مذڪور عرض ڪري ان کان پوءِ ٽيون دفعو هزار ڀيرا ”سورة الاخلاص“ پڙهي سيده خاتون جنت جي روح پاڪ کي هديه ڪري پيش ڪري ۽ ”يا ام المؤمنين جي بجاءِيَا سَيِّدَةَ نِسَآءِ الۡعَالَمِيۡنَ چوي ۽ درود پڙهندي سمهي رهي ٽي راتيون ائين ڪري پر جمعي جي رات ڪجهه کائڻ کان سواءِ ٽي هزار ڀيرا ”سورة الاخلاص“ پڙهي. هزار ڀيرا اَسۡتَغۡفِرُ اللهَ وَاَتُوۡبُ اِلَيۡهِ پڙهي، استغفار کان پوءِ هيءَ دعا پڙهي اَللّٰهُمَّ اَوۡصِلۡ رُوۡحِي اِلٰي رُوۡحِ رَسُوۡلِ اللهِ مَعَ عَجۡزِيۡ وَقُصُوۡرِيۡ فَاِنَّکَ اَنۡتَ اَرۡحَمُ الرَّاحِمِيۡنَ انشآءَالله جهان کي سينگاريندڙ جمال جي ديدار سان مشرف ٿيندو. وَمَا ذَالِکَ عَلَي اللهِ بِعَزِيۡزِ ٽن مهينن تائين هي عمل ڪرڻ گهرجي يا مهيني جي شروعات ۾ يا آخر ۾ وصَلَّي اللهُ تَعالٰي عَلٰي حَبِيۡبِهٖ سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ وَّعَلٰي آلِهٖ وَاَصۡحَابِهٖ وَسَلَّم

عمل مبارڪ {2}  :  علامه مرحوم حضور عليه الصلواة والسلام جن جي ديدار ڪرڻ لاءِ ٻيو هي طريقو لکيو  آهي ۽ هن کي اڪسير اعظم سڏيو آهي . لکيو اٿس  ته سومر جي رات شروع ڪري اول هڪ سؤ ڀيرا استغفار پڙهي ۽ هي درود شريف هزار ڀيرا پڙهي.  اَللّٰهُمَّ صَلِّ وَسَلِّمۡ وَبَارِکۡ عَلٰي سَيِّدِنَا وَمَوۡلَانَا مُحَمَّدِ الۡفَاتِحَ لِمَا اُغۡلِقَ وَالۡخَاتِمَ لَمَا سَبَقَ وَالنَّاصِرِ لِلۡحَقِّ وَالۡهَادِيِ اِلٰي صِرَاطِکَ الۡمُسۡتَقِيۡمِ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ  وَعَلٰي آلِهٖ وَاَصۡحَابِهٖ حَقِّ قَدۡرِهٖ وَمِقۡدَارِهٖ الۡعَظِيۡمِ.“ جمعه رات تائين اهو ورد ڪري ۽ دعا گهرندو رهي اهڙي طرح ست هفتا سومر کان شروع ڪري جمعه رات تائين جاري رکي ۽ جيڪڏهن چاليهه ڏينهن ائين ڪري ته بهتر آهي انشآءَ الله تعالى منزل مقصود ماڻيندو. درود شريف هي آهي:

عمل مبارڪ {3}  : عشاء جي نماز کان پوءِ مدينه منوره ڏانهن منهن ڪري دل  ۾ حضور ڪريم جو تصور رکي ته سندن روضه اقدس جي سامهون بيٺو آهي ۽ يقين رکي ته حضور ڪريم جن کيس ڏسي رهيا آهن ۽ سندس آواز ٻڌي رهيا آهن ۽ سندس دل جي خطرن کان به مطلع آهن. پوءِ هي درود شريف لکيل هڪ سؤ ايڪيتاليهه ڀيرا پڙهي.: اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ کَمَا اَمَرۡتَنَا اَن نُصَلِّي عَلَيۡهِ ()اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ کَمَا هُوَ اَهۡلُهٗ ()اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ کَمَا تُحِبُّ وَتَرَضٰي لَه

عمل مبارڪ {4} : هي اعلى حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي جو ٻڌايل آهي. مٿين انداز ۾ رهندي هڪ سؤ هڪ ڀيرو هي درود شريف پڙهي: اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي   رُوۡحِ سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ فِي الۡاَرۡواحِ ()  اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي جَسَدِ  سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ فِي الۡاَجۡسَادِ ()  اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي   قَبَرِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ فِي الۡقُبُورِ()

(شمع شبستانِ رضا حصو ٻيو ص 260)

عمل مبارڪ {5} : حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي  زيارت جي شرف سان مشرف ٿيڻ لاءِ صرف هي درود لکيو آهي:اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ وَّ آلِهٖ وَسۡلِّمۡ کَمَا تُحِبُّ وَتَرَضٰي لَه

 (ڪتاب ”صلوا عليه وسلموا تسليما“ ص 292 بحواله جذب القلوب )

عمل مبارڪ {6}  : ڪتاب ”مفاخر الاسلام“ ۾ آهي ته : جيڪڏهن ڪو شخص پنج جمعا يعني هر جمعه تي هزار ڀيرا هي درود شريف پڙهندو ته ان کي انهيءَ وچ ۾ حضور ڪريم جي زيارت نصيب ٿيندي ۽ انشآءَ الله خواب ۾ پنهنجي جاءِ جنت ۾ ڏسندو اهو درود شريف هي آهي:

اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ ن النَّبِيِّ الۡاُمِّيّ

عمل مبارڪ {7} : جيڪو شخص جمعه جي رات پاڪائي سان ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهي هر هڪ رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ 11 ڀيرا آية الکرسي ۽ 11 ڀيرا ”قل هو الله“ شريف پڙهي سلام ڦيرائڻ کان پوءِ هڪ سؤ ڀيرا هي درود شريف پڙهي ته انشآءَ الله ٽن جمعن تائين حضور ڪريم جن جي زيارت نصيب ٿينديس. اهو درود شريف هي آهي: اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا  مُحَمَّدِ ن النَّبِيِّ الۡاُمِّيّ وَآلِهٖ وَبَارِکۡ وَسَلِّمۡ

عمل مبارڪ {8}  : جيڪو شخص جمعه جي رات ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهي هر رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ 25 ڀيرا ”قل هو الله “ شريف پڙهي نفل پورو ڪري ان کان پوءِ هڪ هزار ڀيرا هي درود شريف پڙهي : صَلَّي اللهُ عَلَي النَّبِيِّ الۡاُمِّيّ پنج جمعي جون راتيون ائين عمل ڪرڻ سان محبوب ڪريم جي زيارت نصيب ٿينديس. (برڪات الصلواة ص 131، 132)

عمل مبارڪ {9} : جيڪو شخص جمعي جي نماز کان پوءِ وضو ڪري هڪڙي ڪاغذ تي 35 دفعا اسم مبارڪ مُحَمَّدُ رَّسُوۡلُ اللهِ لکي ۽ ان ڪاغذ کي پاڻ سان رکي ته الله ان کي اطاعت ۽ عبادت جي قوت عطا ڪرڻ فرمائيندو . اهو روزانو سج نڪرڻ وقت درود شريف پڙهي هن ڪاغذ کي غور سان ڏسي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 35 ڀيرا درود شريف پڙهي ان تي عمل ڪندو رهندو ته ان کي ڪثرت سان حضور ڪريم جن جو ديدار نصيب ٿيندو. (ساڳيو حوالو)

عمل مبارڪ {10} : سيدنا حضورِ غوث اعظم   جن جو ارشاد آهي ته جيڪو شخص جمعي جي رات جو عشاء جي نماز کان پوءِ ٻه رڪعتون نماز پڙهي هر رڪعت ۾ ”الحمد“ کان پوءِ 15 ڀيرا آيت ”الکرسي“ ۽ 15 ڀيرا ” قل هو الله“ پڙهي نماز پوري ڪندو ۽ پوءِ ويهي هڪ هزار ڀيرا هي درود شريف پڙهندو ته انشآءَ الله هڪ جمعه کان ٻئي جمعه تائين حضور ڪريم جو ديدار نصيب ٿيندس.

(ساڳيو ص 160، 161)

عمل مبارڪ {11}  : سعيد بن عطار  کان روايت آهي ته جيڪو شخص پاڪ بستري تي پاڪ صاف رهندي سمهي ۽ سمهڻ وقت هيءَ دعا پڙهي ۽ سڄو هٿ ڪنڌ هيٺان ڏئي هيءَ دعا پڙهندو ته ننڊ ۾ حضور ڪريم جن جو ديدار ڪندو. دعا هي آهي: اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَسَئَلُکَ بِجَلالِ وَجۡهِکَ الۡکَرِيۡم اَنۡ تُرِيَنِيۡ فِيۡ مَنَامِيۡ وَجۡهَ نَبِّيِکَ مُحمَّدِ صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَسَلَّمَ رُؤَيَةً تُقۡرُّبِهَا عَيۡنِيۡ وَتُنَوِّرُبِهَا صَدۡرِيۡ وَتَطۡمَئِنُّ بِهَا قَلَبِيۡ وَتَدۡفَعُ بِهَا کُرۡبَتِي وَتَجۡمَعُ بِهَا بَيۡنِيۡ وَ بَيۡنَهٗ يَوۡمُ الۡقِيَّامَةِ فِي الدَّرَجٰتِ الۡعُلٰي ثُمَّ لَا تُفَرِّقٌ بَيۡنِيۡ وَ بَيۡنَهٗ اَبۡدًا يَا اَرۡحَمَ الرَّاحِمِيۡنَ ()

(اي منهنجا الله مان توکان تنهنجي ڪريم چهره جي جلال جي واسطي سان گهران ٿو ته مون پنهنجي نبي (حضرت) محمد جو منهن (مبارڪ) ڏيکار جنهن سان منهنجون اکيون ٺرن ۽ منهنجو سينو روشن ٿي وڃي ۽ منهنجي دل مطمئن بنجي ۽ ان جي ڪري منهنجي پريشاني دور ٿي وڃي ۽ مون کي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن بلند درجات ۾ گڏ رکجان ان کانپوءِ يا ارحم الراحمين مون ۾ ۽ ان ۾ جدائي نه وجهجان.)”قطب الارشاد“ جي مؤلف ڀلاري لکيو آهي ته اول اهي درود شريف جيڪي زيارت لاءِ مخصوص آهن پڙهجن ان کان پوءِ اها دعا پڙهجي ته زياده بهتر ۽ قبوليت کي ويجهو آهي.

                     (ڪتاب ” الصلواة والسلام علي رحمة للعالمين ص 282، 283 ، بحواله قطب الارشاد)

عمل مبارڪ {12} : جيڪو شخص رات جو پاڪ صاف ٿي پاڪ صاف بستري تي سمهڻ کان اڳ ۾ هڪ هزار ڀيرا سورة ”الکوثر“ پڙهي پوءِ سمهندو ته ان کي حضور ڪريم جو ديدار نصيب ٿيندو. (انشآءَ الله ) ”قطب الارشاد“ وڌيڪ هي لکيو آهي ته هي عمل مجرب آهي.                         (قطب الارشاد)

عمل مبارڪ {13} : محبوب ڪريم جي زيارت ڪرڻ لاءِ هي عمل به آهي ته ٻانهو رات جو سمهڻ کان پهريان وضو ڪري، پاڪ ڪپڙا ڍڪي قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهي . سورة وَالشَّمس ِوَضُحٰها ست ڀيرا پڙهي ۽ وَاللَّيل اِذَا يَغۡشَيٰ ست ڀيرا . پوءِ ”قل هو الله احد“ پوءِ نهايت عاجزي ۽ زاريءَ سان نبي ڪريم جي زيارت لاءِ دعا گهري. وڏي اميد آهي ته هي عمل ست راتيون ڪرڻ سان سيد الانبياء عليهم الصلواة والسلام جي زيارت سان مشرف ٿيندو. (ساڳيو حوالو)

 

محبن سان مهربانيون

هتي ٻه واقعا لکڻ مناسب آهن جيڪي مفسرن ڀلارن لکيا آهن.

{1} روايت آهي ته : ابوبڪر مجاهد المقري  وٽ الله جو ٻانهو ابوبڪر شبلي قدس سره آيو ۽ سندس مسجد ۾ داخل ٿيو ته ان سندس اٿي استقبال ڪيو. سندس شاگردن ۽ ساٿين اهو ڏسي کيس عرض ڪيو ته : اوهان وٽ وقت جو وزير علي بن عيسى آيو ته اوهان ان جي لاءِ به نه اٿيا ته شبلي (قدس سره) جي لاءِ ڇو اٿي بيٺا؟ ان جواب ۾ کين چيو ته : ڇا مان ان جي لاءِ اٿي نه بيهان جنهن جي رسول الله عزت ڪري ٿو؟ مون خواب ۾ رسول الله جن کي ڏٺو پاڻ فرمايائون ته ”اي ابوبڪر! سڀاڻي تو وٽ هڪ جنتي شخص ايندو ان جي عزت ۽ احترام ڪجان.“ ( ان جي ڪري مون ان جو اٿي استقبال ڪيو آهي) ابوبڪر بن مجاهد  فرمايو ته پوءِ ٻن راتين جي گذرڻ کان بعد مون وري خواب ۾ حضور ڪريم جن جو ديدار ڪيو ته پاڻ فرمايائون ”اي ابوبڪر! الله تو کي ائين عزت وارو بنائي جيئن تو هڪ جنتي شخص کي عزت ڏني.“ مون کين عرض ڪيو ته : يا رسول الله ! شبلي اوهان وٽ هن مرتبي کي ڪيئن پهتو؟ پاڻ فرمايائون ته ”اهو شخص آهي جيڪو مون کي پنجن ئي نمازن کان پوءِ ياد ڪندو آهي ۽ اسي سالن کان وٺي هر نماز کان پوءِ  لَقَدْ جَآءَكُمْ رَسُوۡلٌ مِّنْ اَنۡفُسِكُمْ عَزِیۡزٌ عَلَیۡھ مَا عَنِتُّمْ حَرِیۡصٌ عَلَیۡكُمۡ بِالْمُؤْمِنِیۡنَ رَءُوۡفٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۲۸  فَاِنۡ تَوَلَّوْا فَقُلْ حَسْبِیَ اللھ ٭ۖ لَاۤ اِلٰھ  اِلَّاہُوَؕ عَلَیۡھ  تَوَکَّلْتُ وَہُوَ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِیۡمِ ﴿۱۲۹﴾٪ (سورة توبه آيت128، 129)  پڙهندو آهي.

{2} بعض صالحن کان روايت آهي ته ان کي (مالي لحاظ سان) تنگي پيش آئي ننڊ ۾ نبي ڪري جو ديدار ڪيائين . پاڻ فريائونس ته ”نه ڏک ڪر ۽ نه غمگين ٿي سڀاڻي علي بن عيسى وزير وٽ وڃجانءِ ۽ ان کي منهنجا سلام چئجان ۽ ان کي هيءَ نشاني ڏجان ته تو منهنجي مزار وٽ چار هزار ڀيرا درود شريف پڙهيو آهي.“ اهو ان پيغام ٻڌڻ شرط توکي هڪ سؤ دينار ڏيندو. صبح جو اهو درويش ٻانهو وزير صاحب وٽ آيو ۽ ان کي پيغام پهچايائين ته ان روئي ڏنو ۽ چيائين ته رسول الله جن سچ فرمايو آهي ۽ تون به سچو آهين ڇوته منهنجي ان عمل کي الله جل شانه ۽ ان جي رسول کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونه ٿو ڄاڻي. ان کان پوءِ وزير صاحب پنهنجي غلام کي سڏ ڪري چيو ته ”پيسن واري ٿيلهي کڻي اچ“ جڏهن غلام اها ٿيلهي کڻي آيو ته ان مان ٽي سؤ دينار ڪڍي درويش کي ڏئي فرمايائين ته : هي ٽي سؤ دينار وٺ هڪڙو سؤ حبيب ڪريم جي حڪم تي ، ٻيو تنهنجي طرفان اها بشارت آڻڻ تي، ٽيون سؤ دينار تنهنجي لاءِ هديو آهي. اهو درويش ٽي سؤ دينار کڻي نڪتو ۽ ان جو غم ۽ ڏک لهي ويو ۽ ان وزير تي الله احسان فرمايو جو وزارت، رياست جو مرتبو ، سلطنت وارو ظلم ۽ جابرن واري وڏائي ڇڏي مڪه مڪرمه ڏانهن ويو ۽ نبي ڪريم جي ذڪر جي برڪت سان بيت الله شريف جو پاڙيسري ٿي رهي واصل الي الله ٿيو.                          (روح البيان ج 3 ص 547)

{414} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَلِيٍّ قَالَ : سَمِعْتُ أَبِي يَقُولُ : قَالَ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ : إِذَا ابْتُلِيتَ بِالْقَضَاءِ فَعَلَيْكَ بِالأَثَرِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت محمد بن علي f چيو ته مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌو ته حضرت عبدالله بن مبارڪ d فرمايو” جڏهن تون قاضي (فيصلو ڪندڙ جج) بنايو وڃين، ته توکي حديث جي تابعداري لازم آهي.“

سمجهاڻي: هي حضرت عبدالله بن مبارڪ d جو ارشاد آهي . (اثر آهي) مطلب هي آهي ته جيڪڏهن تون قاضي (يعني جج) بنايو وڃين ته : ان ۾ رسول الله جن کان نقل ڪيل حديث ۽ خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جي ڪيل فيصلن کي نظر ۾ رکجانءِ صرف پنهنجي عقل تي اعتقاد نه ڪجان. محدث نووي  مسلم شريف جي شرح ۾ چيو آهي ته ”اثر“محدثن جي اصطلاح ۾ مرفوع ۽ موقوف ٻنهي تي ڳالهايو ويندو آهي. جيئن ” خبر“ ۽ ”حديث“ ڳالهايو ويندو آهي، ۽ مختار قول مطابق مطلقًا ڳالهايو ويندو آهي. برابر جو اها روايت نبي ڪريم جن کان هجي يا صحابي کان، ۽ خراسان جي فقهاء صحابي تي موقوف خبر کي ”اثر“ سڏيو آهي ۽  نبي ڪريم جن تائين مرفوع روايت کي ”خبر“ سڏيو آهي.                                                                (المواهب 692)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : هن اثر کي هن باب سان خاص نسبت هيءَ آهي ته : خواب جو تعبير به هڪ فيصلو آهي ان ۾ به پنهنجي راءِ نه هلائجي بلڪه اسلاف جي تعبيرن کي ڏسڻ گهرجي ڇوته نبي ڪريم جن ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان ۽ تابعين رحمهم الله کان خوابن جا تعبير بڪثرت روايت ڪيل آهن. تعبير جي هن فن جي عالمن لکيو آهي ته تعبير ڪرڻ وارو شخص ضروري آهي ته سمجهدار، متقي، پرهيزگار، ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله کان واقف هجي. عرب جي ٻولي ۽ مثالن کي ڄاڻندو هجي وغيره وغيره گهڻا شرائط ۽ آداب  تعبير جي علم جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.                                                           (خصائل نبوي ص 392)

تخريج : هي اثر ابو نعيم حلية الاولياء ج 8 ص 166 ۾ آندو آهي ۽ هن جي اسناد صحيح آهي.

{415} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَلِيٍّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا النَّضْرُ بْنُ شُمَيْلٍ ، قَالَ : أَنْبَأَنَا ابْنُ عَوْفٍ ، عَنِ ابْنِ سِيرِينَ قَالَ : هٰذَا الْحَدِيثُ دِينٌ ، فَانْظُرُوا عَمَّنْ تَأَخُذُونَ دِينَكُمْ.  

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ سيرين  چيو ته هي حديثون دين آهن پوءِ ڏسو ته پنهنجو دين ڪنهن کان ٿا وٺو يعني دين، علم ۽ مذهب ديندار کان سکو.

مفردات جو شرح: ”هٰذَا الْحَدِيثُ هيءُ (حضور ڪريم جي) حديث دين آهي. فَانْظُرُوا پوءِ ڏسو. سوچيو. فڪر ڪيو. عَمَّنْ ڪنهن کان.

سمجهاڻي: هيءَ حضرت ابنِ سيرين  جو فرمان آهي جيڪو روايت ۾ احتياط ڪرڻ جي لاءِ آندل آهي جنهن جو مطلب آهي ته ”دين ان کان سکو جنهن ۾ سيکارڻ جي اهليت ۽ صلاحيت هجي. عادل، ثقہ، متقي هجي، ۽ ديلمي جي روايت ۾ حضرت ابنِ عمر f کان مرفوعًا روايت آهي ته اَلۡعِلۡمُ دِيۡنُ وَالصَّلٰوةُ دِيۡنُ فَانۡظُرُوۡا عَمَّنۡ تَاخُذُوۡنَ هٰذَا الۡعِلۡمَ وَ کَيۡفَ تُصَلُّوۡنَ هٰذِهٖ الصَّلٰوةَ فَاِنَّکُمۡ تُسَالُوۡنَ يَوۡمَ الۡقِيٰمَةِ (علم دين آهي ۽ نماز دين آهي پوءِ ڏسو ته هي علم ڪنهن کان ٿا وٺو ۽ هي نماز ڪيئن ٿا پڙهو پوءِ بلاشڪ اوهان کان قيامت جي ڏينهن (انهن جي باري ۾) سوال ڪيو ويندو.) ۽ الجامع الصغير ۾ آهي ته اِنَّ هٰذَا الۡعِلۡمَ دِيۡنُ فَانۡظُرُوۡا عَمَّنَ تَاخُذُوۡنَ دِيۡنَکُمۡ (بلاشڪ هي علم دين آهي پوءِ ڏسو ته ڪنهن کان پنهنجو دين سکو ٿا) ۽ هن علم مان مراد شرعي علم آهي جنهن کي تفسير، حديث ۽ فقھ سڏيو ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي اصل آهن ان کان سواءِ جيڪو ڪجهه آهي انهن جو تابع آهي ۽ خطيب وغيره حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته لَا تَاخُذُوۡا الۡحَدِيۡثُ اِلَّا عَمَّنَ تُجِيۡزُوۡنَ شَهَادَتَہٗ (حديث نه وٺو مگر ان کان جنهن جي شاهدي جائز ڪيو ٿا) مطلب ته نيڪ صالح متقي هجي) ۽ مصنف  پنهنجي هن ڪتاب کي هنن ٻن اثرن سان ان جي ڪري پورو ڪيو ته حديث کي مضبوط رکڻ تي حرص ڏياري ۽ حديث گهڻي پڙهجي. ان جي حاصل ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪجي ۽ هنن اثرن سان ڪتاب کي ختم ڪرڻ ائين آهي جيئن حديث جي ڪتابن جي ابتداء اِنَّمَا الۡاَعۡمَالُ بِالنِّيِّاتِ (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي) حديث سان ڪيل هوندي آهي.

                            (المواهب ص 692، 693 جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 339، 340)

هيءُ اثر ٻين هنن محدثن آندو آهي: {1} الدارمي في المقدمة من سننھ باب 38 في الحديث عن الثقات رقم الحديث 419 ج 1 ص 124 {2}  مسلم في مقدمة صحيحھ باب 5 بيان ان الاسناد من الدين ج 1 ص 14.

 

 

 

الحمدلله ثم الحمدلله جو مون گنهگار اڄ ساڍي ڏهين بجي جمعي جي ڀلاري رات بمورخه 3 صفر المظفر 1432 هه الموافق جنوري 2011 شمائل ترمذي جو شرح ”الفيوضاتِ المصطفوية“ٻن جلدن ۾ سنڌي زبان ۾ لکي پورو ڪيو. رب العزة جل وعلا جي دربار ۾ انتهائي عجز ۽ انڪساري سان دلي دعا ۽ خواهش آهي ته منهنجو هي شرح لکڻ مقبول ۽ منظور فرمائي ۽ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي هي پڙهي ان مان فيض حاصل ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي.

 

اٰمِيۡن يَا رَبَّ الۡعٰلَمِيۡن بِوَسِيۡلَةِ النَّبِيۡ الۡاَمِيۡن عَلَيۡهِ وَعَلٰي اٰلِهٖ

 وَاَصۡحَابِهٖ وَاَتۡبَاعِهٖ الصَّلوات وَالتَّسۡلِيۡمات اِلٰي يَوۡمِ الدِّيۡنِ.

 

دعا جو طالب ۽ سرڪارِ مدينه

 جو ادنى امتي ۽ غلام

محمد ادريس ڏاهري عفي عنه ما کان او يمکن ان يکون منه

 

 

 

 

 

 

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting