خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ڇائيتاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي فِرَاشِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب انهن حديثن تي مشتمل آهي

جيڪي حضور ڪريم جي بستري جي بيان ۾ آيل آهن

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ سروَرِ ڪائنات، فخرِ موجودات جي بستري مبارڪ جو بيان آهي ته اهو ڪهڙو ۽ ڪيترن قسمن جو هو. روايتن مان واضح ٿئي ٿو ته پاڻ چمڙي ۽ تڏي ۽ ٽاٽ ڪپڙي تي آرام ڪندا هئا. اهي سندن بسترا هوندا هئا. علامه نبهاني  لکيو آهي ته نبي ڪريم جو بسترو چمڙي جو هو جنهن ۾ اندر کجيءَ جا پن ڀريل هوندا هئا ان جي ڊيگهه ڪم و بيش ٻه گز ۽ ويڪر هڪ گز ۽ هڪ هٿ هوندي هئي. پاڻ دنياوي ساز ۽ سامان کان بلڪل جدا هوندا هئا ان جي باوجود جو الله دنيا جي سڀني خزانن جون ڪنجيون کين ڏنيون ته به اخروي نعمتن ڏانهن توجهه ڏياريندا هئا ۽ اخروي عطائن کي پسند ڪندا هئا. کين هڪ تڏو هوندو هو جنهن کي سفر ۾ پاڻ سان رکندا هئا ۽ ڪڏهن ان تي سمهندا به هئا. ڪڏهن ان کي ٻيڻو ڪري وڇائيندا هئا. سيده عائشه صديقه g فرمايو ته ”نبي ڪريم جن  وٽ کجيءَ جي ڪاٺين جي هڪ کٽ به هوندي هئي جنهن تي ڪاري چادر وڇايل هوندي هئي. پاڻ ڪڏهن ڪنهن هنڌ يا کٽ مان عيب نه ڪڍندا هئا صحابه ڪرام رضي الله عنهم جو قول آهي ته : جيڪڏهن سندن جي لاءِ ڪو بسترو وڇايو ويندو هو ته ان تي آرام ڪندا هئا نه ته زمين تي به سمهي رهندا هئا. سندن وهاڻو چمڙي جو هو ان ۾ کجيءَ جا پن ڀريل هوندا هئا. (انوار غوثيھ ص 421) ” الفراش“ (الفاء جي زير سان) مفروش جي معنى ۾ آهي جيئن الڪتاب مڪتوب جي معنى ۾ هوندو آهي ۽ اَلفرش جو جمع آهي جيئن ڪتاب جو جمع ڪتب آهي ۽ فرش به چيو ويندو آهي جيڪو مصدر سان نالي رکڻ جي باب مان هوندو آهي ۽ صحيح مسلم ۾ چئن بسترن جو ذڪر آيل آهي (1) مرد جو بسترو (2) عورت جو بسترو (3) مهمان جو بسترو (4) شيطان جو بسترو. ۽ ان کي شيطان جو بسترو ان جي ڪري سڏيو ويو آهي جو اهو ضرورت کان سواءِ آهي اهو مذمت ڪيل آهي ۽ هڪ قول آهي ته اهو جڏهن حاجت کان وڌيڪ آهي ته ان کي رات ۽ منجهند جي آرام لاءِ شيطان استعمال ڪندو. (المواهب ص 537) علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : فراش فعال جي وزن تي آهي جيئن لباس ۽ هتي ان جي ذڪر مان مقصد ان جي نرمي ۽ سختي بيان ڪرڻ آهي تانت ان ۾ به سندن اقتداء ڪئي وڃي. هتي هڪ راز آهي ۽ اهو هي آهي ته اهو بسترو به پاڻ پنهنجي ذات جي لاءِ نه رکيو هيائون پر ان تي پنهنجي گهروارين جي رعايت لاءِ آرام ڪندا هئا ان جو شاهد هيءَ روايت به آهي جو جڏهن پاڻ حضرت علي d کي مٽيءَ تي ستل ڏٺو هيائون ان نسبت سان ان جي تعريف ڪندي کيس ”ابو تراب“ سڏيو هيائون ۽ ان جي معنى صرف اها ناهي جيڪا عام طور سمجهي وڃي ٿي ته سندس بدن کي مٽي لڳل هئي. ان مان تربيت به مراد ٿي سگهي ٿي. پوءِ حضور ڪريم ان کي ان جي عمل جي لحاظ سان سڏيو مطلب ته اي مٽيءَ جي تربيت ڪندڙ يعني جيڪا رياضت تو اختيار ڪئي آهي زمين تنهنجي تربيت جي حفاظت ۾ آهي ۽ جيڪا رياضت تو اختيار ڪئي آهي. تنهنجي رب وٽ مقبوليت جي مقام تي فائز آهي پاڻ مٽيءَ تي آرام ڪندا هئا. علامه موصوف اڳتي لکيو آهي ته مذڪور سبب سان گڏ اها ڳالهه به آهي ته حضرت علي d جي جسم مبارڪ تي مٽي لڳل هئي. جنهن کي حضور ڪريم   جن ڇنڊيندي فرمايو هو: ”قُمۡ اَبَا تُرابِ“ (اي مٽيءَ جا ابا اٿ.“                                                                      (اشرف الوسائل ص 466)

{329} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ مُسْهِرٍ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ : إِنَّمَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الَّذِي يَنَامُ عَلَيْهِ مِنْ أَدَمٍ حَشْوُهُ لِيفٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ g کان روايت آهي ته رسول الله جو هنڌ جنهن تي سمهندا هئا، چمڙي جو هو ۽ ان ۾ کجيءَ جا پن ڀريل هئا.

مفردات جو شرح: ”أَدَمٍ چمڙو. هن جو جمع ادم يا ادام ايندو. حَشْوُهُ ڀراء . لِيفٌ ڪاٻاڙ جو پور.

سمجهاڻي: محبوب ڪريم جن نرم بستري کي پسند نه ڪندا هئا جڏهن ته رسول الله جن پنهنجي امت کي عبادت ، زهد، رياضت، محنت، اسلام جي تبليغ ۾ مسلسل مشقت ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ ۽ هر وقت خلق جي خدمت ڪرڻ جي تعليم ڏئي رهيا هئا ان جي ڪري پاڻ به عيش، آرام ۽ گهڻي سک واري زندگي ترڪ فرمائي هيائون. ايتري قدر جو ننڊ به سخت بستري تي ڪندا هئا ۽ آرام ڏيندڙ گاديلا پسند نه ڪندا هئا. بيهقي ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته : مون وٽ انصار جي هڪ عورت آئي جنهن حضرت حبيب ڪريم جو بسترو مبارڪ ڏٺو هو جيڪو چمڙو هو ته ان سندن خدمت ۾ هڪ نرم بسترو موڪليو جيڪو کجيءَ جي پنن سان ڀريل هو. جڏهن حضرت نبي ڪريم جن آيا ۽ اهو ڏٺائون ته فرمايائون ”اي عائشه! هي ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو ته انصار جي هڪ عورت اوهان جو بسترو ڏٺو پوءِ ان وڃي اوهان جي لاءِ هي بسترو موڪليو آهي. پاڻ فرمايائون ته : اي عائشہ! هي ان ڏانهن واپس موڪلي ڇڏ.” وَاللهِ لَوۡشِئۡتُ لَاَجۡرَيَ اللهُ مَعِيَ جِبَالَ الذَّهَبِ وَالۡفِضَّةِ (الله جو قسم آهي ته جيڪڏهن مان گهران ها ته الله مون سان سون ۽ چانديءَ جا جبل هلائي ها.) يعني گهڻي عيش واري زندگي گذاريان ها پر مان ته آرام ۽ عيش واري زندگيءَ کي ڪجهه نه ٿو سمجهان. حقيقت ۾ آرام ۽ راحت ته آخرت واري زندگيءَ جي آهي. امام احمد  ۽ ابو داؤد الطيالسي  حضرت عبدالله بن مسعود d کان روايت آندي آهي ته حضرت نبي ڪريم جن هڪ تڏي تي ليٽيل هئا ۽ سندن جسم مبارڪ تي ان جا نشان ٺهي پيا. کين عرض ڪيو ويو ڇا اوهان جي لاءِ نرم بسترو نه آڻيون ته فرمايائون :”مَالِي وللدُّنۡيَا اِنَّمَا اَنَا والدُّنۡيَا کَرَاکِب اسۡتَظلّ تَحۡتَ شَجَرَةِثُمَّ رَاحَ وَتَرَکَهَا (منهنجو ۽ دنيا جو (هڪ ٻئي سان ڪهڙو تعلق؟)  ۽ مان ۽ دنيا هڪ سوار وانگر آهيون جنهن وڻ جي پاڇي مان ڇانوَ حاصل ڪئي ان کان پوءِ ان کي ڇڏي هليو ويو. ”وسائل الوصول“ ۾ علامه نبهاني  حضرت عمر فاروق d کان روايت آندي آهي ته مون نبي ڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڏٺو ته پاڻ تڏي تي ليٽيل هئا سندن جسم مباڪ تي تڏي جا نشان نظر اچي رهيا هئا. سندن حجري شريف جي اها حالت هئي ته هڪ طرف ٿورا جوَ پيل هئا ڀت تي کل لٽڪيل هئي (جنهن تي پاڻ نماز پڙهندا هئا.) مون اهو حال ڏٺو ته مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. پاڻ فرمايائون ته اي عمر! ڇو ٿو روئين؟ مون عرض ڪيو ته : اي الله جا نبي! مان اڃان به نه روئان؟ هن تڏي اوهان جي جسم مبارڪ تي نشان ڪري وڌا آهن فتح ڪيل علائقن مان جيڪو پيسو اچي ٿو ڇا اوهان جو ان ۾ حق ناهي؟ ٻئي طرف قيصر ۽ ڪسرى آهن  جيڪي دنيا جي بي انداز نعمتن سان کيڏي رهيا آهن ۽ اوهان الله جا نبي ، محبوب آهيو پوءِ به اهڙي تنگدستيءَ سان زندگي گذاري رهيا آهيو. پاڻ فرمايائون ته: اي ابن خطاب! ڇا تون هن ڳالهه تي راضي ناهين ته آخرت جون ابدي نعمتون اسان جي لاءِ هجن ۽ دنيا جي ٻٽن ڏينهن جو عيش انهن جي لاءِ هجي؟ هي اهي ماڻهو آهن جن کي دنيا جي زينت ۽ زيب، عيش ۽ آرام ڏنو ويو آهي ۽ هي ان تي ڀلجي الله کان غافل ٿي ويا آهن ۽ هنن جي مهلت واري هيءَ زندگي ٿوري ۽ عارضي آهي ۽ اسين اهي آهيون جيڪي آخرت ۾ اهڙين نعمتن سان نوازيا وينداسون جيڪي فنا نه ٿينديون. ”شرح السنة“ ۾ حضرت انس d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي ڏٺو:يَرۡکَبُ الۡحِمَارَ الۡعُري وَيُجِيۡبُ دَعۡوَةَ الۡمَمۡلُوۡکِ وَيَنَامُ عَلَي الۡاَرۡضِ وَيۡجِلسُ عَلَي الۡاَرۡضِ وَيَاکُلُ عَلَي الۡاَرۡضِ (خالي پٺي گڏهه تي سوار ٿيندا هئا، غلام جي دعوت قبول ڪندا هئا، زمين تي ننڊ ڪندا هئا، زمين تي ويهندا هئا ۽ زمين تي ويٺي کاڌو کائيندا هئا.) يعني زمين تي ڪجهه وڇايل به نه هوندو هو. هڪ اردو زبان واري شاعر فرمايو:

شہنشاہ عالم کا بستر تو دیکھو

چٹائی کھجوروں کی کالی کملیا     (انوار غوثیہ ص ۴۲۳)

انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام عزيمت جا مالڪ هوندا آهن ان جي ڪري اهي جفا ڪش محنتي ۽ تڪليف ڪرڻ وارا هوندا آهن حد اندر عيش ۽ آرام واري زندگي گذارڻ به جائز آهي پر همٿ ان ۾ صرف ڪرڻ نه گهرجي اولياء ڪرام ۽ دين جي بزرگن مان جن جو ذوق عزيمت وارين خصلتن م انبياءِ ڪرام عليهما الصلواة والسلام سان سندن سنت جي موافق آهي انهن جو درجو انهن کان مٿي آهي جيڪي رخصت تي عمل ڪندي آرام سان مستفيد ٿيندا آهن.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب اللباس والزينة باب 6 التواضع في اللباس رقم الحديث 2082 حديث الکتاب 38 ج 3 ص 1650 {2} البيهقي في سننھ ج 7 ص 47 {3} البغوي في شرح السنة حديث 3122 ج 12 ص 52 {4} ابو داؤد في کتاب اللباس باب 44 في الفرش رقم الحديث 4146 ج 3 ص 71 {5}  احمد في المسند ج 6 ص 48 {6} ابو الشيخ في اخلاق النبي 5 ص 136.

{330} حَدَّثَنَا أَبُو الْخَطَّابِ زِيَادُ بْنُ يَحْيٰى الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ مَيْمُونٍ قَالَ : حَدَّثَنَا جَعْفَرُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : سُئِلَتْ عَائِشَةُ ، مَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي بَيْتِكِ ؟ قَالَتْ : مِنْ أَدَمٍ حَشْوُهُ مِنْ لِيفٍ. وَسُئِلَتْ حَفْصَةُ ، مَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي بَيْتِكِ ؟ قَالَتْ : مِسْحًا نَثْنِيهِ ثَنِيَّتَيْنِ فَيَنَامُ عَلَيْهِ ، فَلَمَّا كَانَ ذَاتَ لَيْلَةٍ قُلْتُ : لَوْ ثَنَيْتَهٗ أَرْبَعَ ثَنْيَاتٍ لَكَانَ أَوْطَأَ لَهُ فَثَنَيْنَاهُ لَهُ بِأَرْبَعِ ثَنْيَاتٍ ، فَلَمَّا أَصْبَحَ قَالَ : مَا فَرَشْتُمْ لِيَ اللَّيْلَةَ قَالَتْ : قُلْنَا : هُوَ فِرَاشُكَ إِلَّا أَنَّا ثَنَيْنَاهُ بِأَرْبَعِ ثَنْيَاتٍ ، قُلْنَا : هُوَ أَوْطَأُ لَكَ قَالَ : رُدُّوهُ لِحَالَتِهِ الْأُولَى ، فَإِنَّهُ مَنَعَتْنِي وَطَاءَتُهُ صَلاَتيَ اللَّيْلَةَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جعفر بن محمد d پنهنجي پيءُ (امام محمد باقر ) کان روايت ٿو ڪري ته حضرت عائشھ g کان پڇيو ويو ته تنهنجي گهر ۾ رسول الله جو هنڌ ڪهڙو هو؟ بيبي سڳوري g چيو ته اهو هنڌ چمڙي جو هو، ان ۾ کجيءَ جو کاٻر ڀريل هو. حضرت حفصھ g کان به پاڻ سڳورن جي بستري بابت پڇيو ويو ته رسول الله جو بسترو تنهنجي گهر ۾ ڇا جو هو؟ بيبي سڳوري g چيو ته، سندن هنڌ کٿو هو، جو ٻيڻو ڪري وڇائيندا هئاسون، پوءِ پاڻ سڳورا ان تي آرام ڪندا هئا. هڪ رات دل ۾ آيو ته هن کٿي کي چوڻو ڪيان ته نرم ٿئي. پوءِ ان کي چوڻو ڪيم. صبح جي وقت پاڻ سڳورن فرمايو : اڄ رات (تو) مون لاءِ ڪهڙو هنڌ وڇايو هو؟ بيبي سڳوري g چيو، عرض ڪيم ته اوهان جو هنڌ ساڳيو هو، مگر اسان ان کي چؤڻو ڪيو هو ته اوهان لاءِ نرم ٿئي. پاڻ سڳورن فرمايو ته”ان کي اڳئين حالت تي (ٻيڻو ئي) رکو، جو ان جي نرمائي، مون کي اڄ رات جي نماز (يعني تهجد) کان روڪيو آهي.“

مفردات جو شرح: ”مِسْحًا ڪمبل، اوني لباس جيڪو زاهد شخص پائيندا آهن. أَوْطَأَ وڌيڪ نرم، اوطا جي مصدر وطا آهي جنهن جي معنى آهي نرم ڪرڻ.

سمجهاڻي: محبوب آقا جن پنهنجي امت کي عملي طور سمجهايو ته : اهي نرم بسترن تي آرام ڪري  آسائش دنياوي تنعم سان الله جي ياد، نماز خصوصًا تهجد کان غافل نه رهن صرف ان جي ڪري ٿورو نرم بسترو استعمال ڪرڻ کان به احتراز فرمايائون، اسان کي به الله جي طرفان مهرباني ۽ ان جي مشيت سان محبوب ڪريم جي ان سنت تي عمل ۽ ان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. حضرت جابر بن سمره d فرمايو ته : مون نبي ڪريم جن کي وهاڻي تي ٽيڪ ڏئي ويٺل ڏٺو ۽ پاڻ تڏي تي نماز پڙهندا هئا ۽ هن ڳالهه کي پسند ڪندا هئا ته رنڱيل کل هجي ته پاڻ ان تي نماز پڙهن. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : هن روايت جي سند منقطع آهي ڇوته حضرت امام باقر d ام المؤمنين عائشھ g سان ملاقات نه ڪئي آهي ۽ نه سيده ام المؤمنين حفصھ سان. حضرت امام باقر سهڻي جي ولادت سن ستونجاه (57) هه ۾ ٿي هئي. ۽ ام المؤمنين عائشھ صديقھ g جي وفات به ان سال ۾ ٿي ۽ ام المؤمنين بيبي حفصه جي وفات سن 45 هه ۾ ٿي هئي. ۽ ابن همام جي تحقيق آهي ته ثبات جي طريقي ۾ سند جو انقطاع نقصان ڏيندڙ  ناهي ان جي ڪري هيءَ حديث حجت آهي ۽ مطلب آهي ته ڪنهن سائل ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کان پڇيو ته تنهنجي گهر ۾ حضرت نبي ڪريم جن جو بسترو ڪهڙو هو؟ ۽ خصوصي طور سندس گهرجي بستري پڇڻ جو مقصد هي هو جو سيده عائشھ ۽ سيده حفصھ f جا گهر سائل وٽ اهم هئا ۽ اهي پنهنجن والدين حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق f جي لحاظ سان به اهم هيون. سيده عائشھ صديقھ g ٻڌايو ته سندس گهر ۾ حضور ڪريم جن جو بسترو چمڙي جو هو جنهن ۾ کجيءَ جي پنن جو ڀراء ٿيل هو. ۽ ام المؤمنين سيده حفصھ g ٻڌايو ته سندس گهر ۾ حضور ڪريم جن جو بسترو ڪمبل هو. جنهن کي پاڻ ڪريم جن جي لاءِ ٻيڻو ڪري رکندي هئي ته جيئن وڌيڪ نرم رهي ۽ پاڻ ان تي آرام ڪن. هڪ رات ام المؤمنين خيال ڪيو ته ان کي چؤڻو ڪري وڇائي ته وڌيڪ نرم ٿيندو ۽ ان تي ننڊ به سٺي ايندي. پاڻ ان کي چؤڻو ڪري وڇايائين. حضور ڪريم جن رات جو آرامي ٿيا صبح جو ام المؤمنين کان پڇيائون ته ”رات مون لاءِ ڇا وڇايو هيوَ؟ ام المؤمنين عرض ڪيو ته ساڳيو اوهان جو بسترو هو پر اسان ان کي چؤڻو ڪري وڇايو هو ته پاڻ فرمايائون ته ”اهو هميشه جي مطابق وڇائيندا ڪريو. ان جي گهڻي نرم هجڻ اڄ مون کي رات واري نماز کان بي خيال ڪري ڇڏيو“ ۽ مڙس ۽ زال جي لاءِ جدا جدا بستري جو هجڻ منع ناهي. حالانڪه سنت آهي ته مڙس ۽ زال گڏ هڪ بستري تي سمهن ڇوته عذر جي ڪري ماڻهو جدا به سمهي سگهي ٿو. (جمع الوسائل ج 2 ص 128) حضور ڪريم جن جو ام المؤمنين حفصھ g سان مَا فَرشتُمولي الَّليۡلَةَ ۾ جمع مذڪر جي صيغي سان خطاب تعظيم جي لاءِ يا بعض خادمن جي تغليب طور هو.                            (المواهب ص 539)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البغوي في الشمائل رقم الحديث 835 ج 2 ص 554، 555، علامه ابو عبدالله السيد بن احمد حموده  شمائل جي حاشيه ۾ لکيو آهي ته هن حديث جي سند ضعيف آهي هن جا شاهد آهن پر اهي به مقال کان خالي ناهن. اهي شواهد هي آهن. {1} رواه ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 360 {2} ابو الشيخ في اخلاقه ص 482 {3} احمد في الزهد ص 86.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting