خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ٻاونجاهون

 

بَابُ : مَا جَاءَ فِي عَيْشِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن

جيڪي حضور ڪريم جن جي گذران جي باري ۾ آهن

 

سمجهاڻي: هن عنوان سان پهريان به هڪ باب ذڪر ٿي چڪو آهي ان ۾ ٻه حديثون هيون. ۽ هتي هن باب ۾ حضور ڪريم جن ۽ سندن گهراڻي وارن ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي گذران جو بيان آهي ته ڪهڙي طرح اهي صبر ۽ استقامت سان غريبي ۽ مسڪيني حال ۾ زندگي گذاريندا هئا. هي باب ٻيو ڀيرو ڇو قائم ڪيو ويو؟ ان جي جواب ۾ شارحن ڀلارن فرمايو آهي ته هن باب ۾ اهي اهي امر آيل آهن جيڪي اڳئين باب ۾ مذڪور نه هئا. ان جي ڪري هي باب خالص تڪرار  ڪيل ناهي غور سان هن جون متفرق مصلحتون سمجهه ۾ اچن ٿيون. ممڪن آهي ته امام ترمذي  هڪ لطيف اشارو هن طرف ڪيو هجي جو حضور ڪريم جن جو هيءَ فقر ۽ تنگي اختيار ڪرڻ ابتداء کان وٺي اخير زماني تائين رهيو ان جي ڪري ابتدا ئي زماني جي طرف اول اشارو ڪيائين ۽ وفات جي قريب هن باب کي آڻي اشارو ڪيائين ته : خيبر ۽ حُنين مان آيل غنيمت جي مال جي باوجود سندن ظاهري حال اهو ئي فقر ۽ فاقي وارو هو ۽ حق هي آهي ته : جنهن کان الله حرص ۽ طمع پري ڪيا ان کي فقر ۽ فاقي ۾ به لذت محسوس ٿيندي آهي حضرت حبيب ڪريم جو ارشاد آهي ته : الله مون کي مون لاءِ مڪه مڪرمه جي زمين کي سونو بنائڻ لاءِ فرمايو پر، مون عرض ڪيو ته ”يا الله! اهو هرگز نه گهرجي بلڪه هڪ ڏينهن پيٽ مبارڪ ڀري کاوان تانت تنهنجو شڪر ڪيان ۽ هڪ ڏينهن بغير کاڌي جي رهان تانت تنهنجي اڳيان عاجزي ڪيان.“ حضرت رسول الله جو ارشاد آهي ته : مون کي اوهان تي فقر ۽ فاقي جو ڊپ ناهي بلڪه اهو ڊپ آهي ته : اوهان تي دنيا اهڙي طرح غالب ٿي ويندي جيئن اوهان کان اڳين ماڻهن تي غالب ٿي وئي هئي. ۽ اوهان ان ۾ اهڙي دل لڳائي ويهندؤ جهڙي انهن لڳائي هئي ۽ اها اوهان کي به اهڙي طرح هلاڪ  ڪري ڇڏي جيئن اڳين کي هلاڪ ڪيو هيائين.“ ۽ ان جي ڪري حضرت حبيب ڪريم جن دعا گهري هئي ته ”يا الله ! (مون) محمد () جي اولاد کي روزي ضرورت آهر ڏي. “ (مشڪواة)  

         محدث ترمذي  هن باب ۾ نوَ (9) حديثون ذڪر ڪيون آهن جن مان ڪجهه ورائي آندل آهن ۽ اهي اڳين بابن ۾ ذڪر ٿي چڪيون آهن. علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : هي باب مصنف اڳي به ذڪر ڪري چڪو آهي ان کي هتي ڪجهه وڌيڪ ڳالهين جي ڪري ذڪر ڪيو اٿس هي خالص تڪرار ناهي. ۽ هن ۾ هيءَ حڪمت به آهي ته : حضرت حبيب ڪريم جن جو گذران سندن خلقت جي مناسب هو ڇوته کائڻ ۾ اعتدال ۽ وقت تي کائڻ جيترو مناسب آهي ان ۾ ڪثرت نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڊگهو عرصو کاڌي نه کائڻ تي صبر ڪرڻ چئن طبيعتن ، بادي، خاڪي، آبي ۽ آتشي جي اعتدال تي دليل آهي ۽ انهن جو معتدل هجڻ باقي ذاتي صفتن جي معتدل هجڻ تي دليل آهي ۽ اها صورت ۽ خلقت جي حسن جي غايت آهي ۽ اهو ئي سندن خلق عظيم سان مناسب آهي ان جي ڪري محدث ترمذي  هي باب  وري آندو آهي ۽ جڏهن ان جو سندن خلق سان ڪامل رابطو آهي ته ان ۾ طويل باب رکيو اٿس ڇوته فقر ۽ سخت بک ان مان محسوس ٿيندڙ مشقتن تي صبر ڪرڻ جو موجب سندن مڪارم اخلاق آهي ۽ هي قول به صحيح آهي ته تڪرار جو موجب اهو آهي ته گذران جا ٽي اطلاق آهن. (1) حياتي ۽ اها ئي هتي مراد آهي ان کان پوءِ اهو به واضح ٿيو آهي ته اها ڪيفيت سندن ساري زندگي ۾ رهي (2) طعام ۽ اهو ئي هتي مراد آهي ان حيثيت سان ته حضرت حبيب ڪريم ان مان تناول فرمائيندا هئا لذيذ هجي يا سخت ڪڏهن ڍؤ ڪري کائيندا هئا ته ڪڏهن ڍؤ نه ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ته طعام هوندو ئي نه هو پاڪ پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا ڄاڻڻ گهرجي ته طعام جو تناول گهڻي علوم تي مشتمل هوندو آهي زماني جي لحاظ سان وصف وغيرهما جي لحاظ سان ڇوته اهو ديني ۽ دنياوي مصلحتن تي مشتمل آهي يا انهن سان قلب ۽ جسم جو قائم ٿيڻ هوندو آهي ۽ انهن سان دنيا ۽ آخرت جي آبادي آهي ڇوته بدن اڪيلو حيوان جي طبع تي هوندو آهي جنهن سان دنيا جي آبادي آهي ۽ قلب ملائڪن جي طبع آهي پوءِ ان سان آخرت آباد ڪرڻ تي مدد ورتي ويندي آهي ۽ ٻنهي جي گڏجڻ  سان ٻئي جهان آباد ٿيندا ۽ انهن تي مواظبة بدن جي سلامتيءَ کان سواءِ نه ٿيندي ۽ بدن جي سلامتي حاجت آهر مختلف وقتن ۾ کاڌو استعمال ڪرڻ کان سواءِ نه ٿيندي. ۽ ان جي ڪري بعض اڳين بزرگن فرمايو آهي ته طعام کائڻ دين آهي“ ۽ الله به ان تي پنهنجي فرمان سان متنبھ ڪيو آهي كُلُوۡا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعْمَلُوۡا صَالِحًاؕ(سورة المومنون آيت 51) (پاڪ شين مان کائو ۽ صالح اعمال ڪيو) پوءِ جنهن ان نيت سان کاڌو ته ان کاڌي سان الله جي اطاعت ۽ عبادت تي قوت حاصل ڪري ان لاءِ مناسب آهي ته ائين نه کائي جيئن چوپايو جانور گاهه واري زمين ۾ چرندو آهي. طعام کائڻ ته دين ڏانهن ترقي جي لاءِ ذريعو آهي مناسب آهي ته مسلمان تي ان جا انوار ظاهر ٿين ۽ اهي تڏهن ظاهر ٿيندا (جڏهن شريعت جي ميزان سان کاڌي جي حيثيت توري ويندي ته ڪيترو کاڌو ويو ۽ ان جو وزن ڪيترو هو ۽ پيٽ ڀري کائڻ بدعت آهي جيڪا پهرين دور کان شروع ٿي ۽ صحيح حديث م آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو مَا مَلَاَ ابۡنُ آدَمَ وَعَاءً شَرًّا مِنۡ بَطۡنِهٖ“  (انسان ڪوبه ٿانءُ کاڌي سان نه ڀريو جيڪو ان جي پيٽ ڀرڻ کان وڌيڪ بڇڙو هجي) انسان جي لاءِ ايترا گرهه کائڻ ڪافي آهن جن سان نفس درست رهي مطلب ته پيٽ جو هڪ حصو طعام جي لاءِ رکي، هڪ حصو پاڻيءَ جي لاءِ رکي ۽ هڪ حصو ساهه کڻڻ جي لاءِ هجي.“ (هيءَ حديث ترمذي ڪتاب الزهد ۾ 2380 ۽ ابنِ ماجھ الاطعمة ۾ 3349 ۾ ۽ البغوي في شرح السنة ۾ 4048 ۽ احمد مسند ۾ ج 4 ص 132 ۽ ابنِ حبان پنهنجي صحيح ۾ 674، 5263، الطبراني في الڪبير ج 20 ص 644 ابن المبارڪ في الزهد ص 603 ۾ آندي آهي) ۽ علماء پيٽ جا ٽي حصا ذڪر ڪيا آهن ڇوته اهي حياتيءَ جا اسباب آهن ۽ اندر ۾ انهن کان سواءِ ڪجهه داخل نه ٿيندو آهي ۽ حديث جا ظاهري الفاظ ٽن حصن کي بيان ڪن ٿا ۽ هي به احتمال آهي ته اهي قريب قريب هجن ۽ صحيح حديث ۾ آيو آهي تهاِنَّ الۡمُوۡمِنَ يَاکُلۡ فِي مِعَاءِ وَاحِدِ (بلاشڪ مومن هڪ آنڊي ۾ کائيندو آهي. (رواه البخاري في الاطعمة و احمد في المسند ُ عبدالرزاق في مصنفه والخطيب البغدادي في تاريخ بغداد، حاشية اشرف الوسائل ج 2 ص 536) ۽ ڪافر ستن آنڊن ۾ کائيندو آهي ۽ هن مان مراد تعداد ناهي پر گهڻي کائڻ جي ڳالهه آهي ۽ اها شريعت وارن جي لاءِ حقيقت آهي ڇوته انسان جا ست آنڊا آهن ۽ ڪافر ست  ئي آنڊا ڀريندو آهي ۽ هن مان مراد مومن جي جنس آهي نه ته ڪي مومن ڪافرن کان به گهڻو کائيندا آهن ۽ هڪ قول آهي ته ”مومن مان مراد ڪامل مومن آهي جو اهي فڪر جي ڪثرت، قيامت جي ڏينهن واري حساب کان تانجو مباح ۾ به گهٽتائي سان کائيندو آهي ۽ حديث ۾ آيو آهي ته مَنۡ کَثُرًتَفَکُّرُه قُلَّ مَطۡعَمُھ وَمَنۡ قُلَّ تَفَکُّرُھ کَثُرَمَطۡعَمُھَ وقَسَي قَلۡبَهٗ (ذکره الحافظ ابن حجر في فتح الباري  ص 450) جنهن جو فڪر گهڻو ٿيو ان جو کاڌو گهٽ  ٿيندو ۽ جنهن جو فڪر گهٽ ٿيندو ان جو کاڌو گهڻو ٿيندو ۽ ان جو قلب ڪٽيل رهندو گهڻن بزرگن فرمايو ته ”حڪمت ان معدي ۾ داخل نه ٿيندي آهي جيڪو کاڌي سان ڀريل هوندو آهي ۽ جنهن جو کاڌو گهٽ ٿيندو اهو پاڻي گهٽ پيئندو ان جي ننڊ گهٽ ٿيندي ان جي عمر ۾ برڪت ظاهر ٿيندي ۽ گهڻي کائيندڙ جو حال هن جي ابتڙ هوندو ۽ طبراني روايت آندي آهي ته اِنَّ اَهۡلَ الشَّبۡعِ فِي الدُّنۡيَا هُمۡ اَهۡلُ الۡجُوۡعِ فِي الۡآخِرَةِ (بلاشڪ دنيا ۾ ڍؤ ڪرڻ وارا اهي آخرت ۾ بکايل هوندا“ ۽ ان جي ڪري ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g فرمايو ته : رسول الله جن ڪڏهن به ڍؤ ڪري نه کاڌو ۽ پنهنجي گهر وارن کان ڪڏهن نه کاڌو گهريائون ۽ نه اشتها رکيائون جيڪڏهن گهروارن کاڌو کارايو ته کائيندا هئا ۽ جيڪڏهن کين پياريندا هئا ته پيئندا هئا ۽ هن مان مراد اهڙي ڍؤ جي نفي آهي جيڪو گهڻو ۽ بدن کي ڳرو ڪندڙ، عبادت کان سست ڪندڙ هجي. مطلق ڍؤ جي نفي ناهي جنهن ۾ اهي ڳالهيون نه هجن.

(اشرف الوسائل ص 536)

{370} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الأَحْوَصِ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ قَالَ : سَمِعْتُ النُّعْمَانَ بْنَ بَشِيرٍ يَقُولُ : أَلَسْتُمْ فِي طَعَامٍ وَشَرَابٍ مَا شِئِتُمْ ؟ لَقَدْ رَأَيْتُ نَبِيَّكُمْ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَمَا يَجِدُ مِنَ الدَّقَلِ مَا يَمْلَأُ بَطْنَهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سماڪ بن حرب d کان روايت آهي ته مون نعمان بن بشير d کي چوندي ٻڌو ته ڇا توهان پنهنجي کاڌي پيتي جون وڻندڙ شيون نه ٿا کائو؟ بيشڪ مون (پنهنجي) توهان جي نبي ڪريم جن کي ڏٺو، جو پاڻ ڪريم وٽ ايتري سڪل کارڪ ڪانه هئي جنهن سان پاڻ ڍؤ ڪري کائن.

مفردات جو شرح: ”دَّقَلِ سادي کجور. ردي گفتگو.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ حضرت نعمان بن بشير صحابي d پنهنجن سامعين کي فرمايو ته : ڇا اوهان کائڻ ۽ پيئڻ جي شين ۾ ايترا وڌيل ناهيو جو جيڪو گهرو اهو کائو ۽ پيئو. مطلب ته اوهان ايترا خوشحال ۽ دولت جي ڪثرت وارا ٿي ويا آهيو هر قسم جون لذتون اوهان لاءِ ميسر آهن”مون اوهان جي نبي ڪريم کي ان حال ۾ ڏٺو جو سادي کجور کائي به پنهنجو پيٽ مبارڪ نه ڀريندا هئا. سندس مراد هئي ته اوهان به سرڪار    جن وانگر قناعت ۽ سادگي اختيار ڪيو ان ۾ ڀلائي ۽ بهتري آهي. گهڻي کائڻ پيئڻ وارن کي تنبيه ڪئي وئي آهي هڪ  حديث ۾ آيو آهي ته :”اَشۡبَعُکُمۡ فِي الدُّنۡيَا اَجۡوَعُکُمۡ فِي اۡلآخِرَة (اوهان مان دنيا ۾ گهڻو ڍؤ ڪندڙ آخرت ۾ گهڻو بکايل هوندو ۽ الله جي بعض عارفن جو قول آهي ته پنهنجن نفسن کي جنت جي وليمي (شاديءَ) جي لاءِ بک ۾ رکو“ اتي هلي ڍؤ ڪري کائجو ۽ جيڪو کاڌو عبادت ۾ قوت ڏيڻ جي لاءِ کاڌو وڃي اهو برو ناهي. الله قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو: يٰا يُّهَا الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا كُلُوۡا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعْمَلُوۡا صَالِحًاؕ(سورة المومنون آيت 51) (اي ايمان وارؤ! پاڪ شيون کائو ۽ صالح عمل ڪيو) ۽ ”نبيکم“ ۾ مخاطبين ڏانهن نسبت ڪندي فرمايائين ته اوهان جي نبي . حالانڪه نبي ته سندس به هو. سو انهن کي حضور ڪريم جن جي اطاعت ڏانهن شوق ڏيارڻ جي لاءِ فرمايو هيائين. تانت سندن امتي هجڻ جي نسبت کي ذهن ۾ رکي دنيا جي سينگارن ڏانهن گهٽ متوجهه رهن ۽ قناعت کي پسند ڪن ۽ مسند الحارث ۾ حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته : حضرت سيده فاطمه g مانيءَ جو هڪ ٽڪر کڻي حضور ڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿي پاڻ ان کي فرمايائون ته هي ڇا آهي؟ ان عرض ڪيو ته ”مانيءَ جو ٽڪر آهي، جيڪو مون پچايو پوءِ دل گهريو ته اوهان کي کارايان“ پاڻ فرمايائون ته ”ٽن ڏينهن کان پوءِ هي پهريون ٽڪر آهي جيڪو تنهنجي بابا جي وات (مبارڪ) ۾ پيو آهي“ ۽ هي سڀ ڪجهه سندن مقامِ شريف جي رفعت ۽ قدر منيف جي بلنديءَ ۾ زيادتي ۽ کانئن بعد ۾ اچڻ وارن خليفن ۽ بادشاهن جي لاءِ عبرت هئي ۽ سندن ظاهري رحلت کان پوءِ ماڻهو چئن قسمن ۾ ورهائجي ويا. (1) هڪ قسم اهي جن نه پاڻ دنيا جو ارادو ڪيو ۽ نه دنيا کين ويجهي آئي جيئن حضرت ابوبڪر صديق d (2) ٻيو قسم جن پاڻ دنيا جو ارادو نه ڪيو پر دنيا کين ويجهي آئي. جيئن فاروقِ اعظم d (3) ٽيون قسم جن پاڻ دنيا جو ارادو ڪيو ۽ دنيا به کين چاهيو جيئن بني اميه ۽ عباسي خليفا حضرت عمر بن عبدالعزيز d کان سواءِ (4) چوٿون قسم اهي جن پاڻ ته دنيا جو ارادو ڪيو پر دنيا انهن کي ويجهو نه آئي جيئن اهي ماڻهو جن کي الله محتاج رکيو ۽ ان جي گڏ ڪرڻ جي لاءِ تڙپندا رهيا. (المواهب ص 615) ۽ علامه علي القاري  لکيو آهي ته : هيءَ ڪيفيت حضرت رسول الله جن جي اختياري هئي مجبوري واري نه هئي ۽ پاڻ دنيا مان ظاهري رحلت ڪرڻ تائين ان ڪيفيت ۾ رهيا تانجو سندن زرهه هڪ يهودي وٽ گروي رکيل هئي(جيڪا پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d آزاد ڪرائي هئي)

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 185)

هيءَ حديث حضرت نبي ڪريم جي باب ادام (ڀاڄيءَ واري) ۾ ذڪر ٿي چڪي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن به آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الزهد والرقائق في ترجمة حديث الکتاب رقم 34 ج 4 ص 2284 {2} ابن حبان في صحيحھ رقم الحديث 6306 ج 8 ص 86 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4071 ج 14 ص 272 {4} احمد في المسند ج 4 ص 268 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 230

{371} حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : إِنْ كُنَّا آلَ مُحَمَّدٍ نَمكُثُ شَهْرًا مَا نَسْتَوْقِدُ بِنَارٍ ، إِنْ هُوَ إِلاَ التَّمْرُ وَالْمَاءُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشه صديقه g کان روايت آهي ته اسان محمد جي آل (گهر وارا اهل بيت ڪنهن وقت) مهينو چلهه ۾ باهه نه ٻاريندا هئاسون کجور ۽ پاڻيءَ تي گذارو ڪندا هئاسون.

مفردات جو شرح: ”نَمكُثُ مکث کان ورتل آهي معنى لنگهڻ، رهڻ.”نَسْتَوْقِدُ استَيۡقادًا کان ورتل آهي معنى باهه ٻارڻ.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ ام المومنين سيده عائشھ صديقھ g پنهنجي گهر جي حالت بيان ڪئي آهي ته: مهينو مهينو اسان (حضرت) محمد جي آل تي گذري ويندو هو ته اسان جي گهر جي چلهه ۾ باهه نه ٻرندي هئي. صرف پاڻي ۽ کارڪ تي گذارو ٿيندو هو. علامه نبهاني  لکيو آهي ته : ام المومنين سيده عائشه صديقه g جڏهن عروه کي فرمايو ته اي ڀائٽيا! الله جو قسم! اسين هڪ چنڊ ڏسون ٿا اهو مهينو ختم ٿي وڃي ٿو ته وري ٻيو چنڊ ڏسون ٿا اهو مهينو ختم ٿي وڃي ٿو ته وري ٽيون چنڊ ڏسون ٿا پر نبي ڪريم جي ازواج مطهرات وٽ کاڌي پچائڻ جي لاءِ باهه نه ٿي ٻري. عروه d عرض ڪيو  ته پوءِ اوهان جو گذر ڪيئن ٿيندو هو. ته فرمائين کجور ۽ پاڻيءَ تي.  ها. اسان جا پاڙيسري ٻه انصار هئا جيڪي وسعت جا صاحب هئا اهي ڪڏهن ڪڏهن کير وغيره موڪليندا هئا ته اسين حضور ڪريم کي پيش ڪنديون هيوسين.“ حضرت انس d فرمايو ته حضور ڪريم جن ڪڏهن به اچڻ وارن ڏينهن جي لاءِ کاڌو ذخيرو ڪري نه رکندا هئا. پاڻ جيڪڏهن رات جو کاڌو کائيندا هئا ته صبح جي لاءِ ڪجهه نه هوندو هو اهڙي طرح جيڪڏهن صبح جو کائيندا هئا ته رات جي لاءِ ڪجهه نه هوندو هو حضرت امام حسن d کان روايت آهي ته رات جي لاءِ ڪجهه نه هوندو هو گهر ۾  ان جي هڪ ٽويي کي به ڪڏهن رات نه پئي. هن حديث مان ثابت ٿيو ته حضور ڪريم جن جون گهرواريون حضرت محمد جي آل آهن انهن کي آل ۽ اهل چوڻ ثابت آهي ۽ هيءَ حديث انهن بزرگن جو دليل آهي جيڪي چون ٿا فقر (مسڪيني) غنا (شاهوڪاريءَ) کان ڀلي آهي بلاشڪ رسول الله جن پنهنجي سر ۽ پنهنجي اهل لاءِ دنيا گڏ ڪرڻ کي پسند نه فرمايو حالانڪه کين خزانن جون ڪنجيون پيش ڪيون ويون پر جيڪڏهن اهي وٺن ها ته به سموري خلق کان وڌيڪ شڪر گذار رهن ها. هڪ حديث ۾ آيو آهي ته هڪ ڀيري حضرت ابو بڪر صديق d ٻڪريءَ جي هڪ ٽنگ موڪلي رات جو وقت هو سيده عائشھ صديقھ g اوندهه ۾ ان جا ٽڪرا ڪرڻ لڳي ڪنهن عرض ڪيو ته گهر ۾ ڏيئو ناهي ڇا؟ پاڻ فرمايائين ته : جيڪڏهن ڏيي ۾ وجهڻ جي لاءِ تيل هجي ها ته اهو کاڌي ۾ ڪونه استعمال ڪيون ها؟ عمران بن حصين d کان روايت آهي ته سيده فاطمھ زهراء g حضرت حبيب ڪريم جن وٽ ان حال ۾ آئي جو بک جي شدت جي ڪري سندس چهري مبارڪ تي ڦڪاڻ غالب هئي رت نظر نه ٿي آيو پاڻ ان ڏانهن نهاري فرمايائون ته : فاطمه! ويجهي آ پوءِ ٽي وکون اڳتي وڌي کين ويجهي ٿي ته رسول الله جن سندس ڳچيءَ ۾ هار پائڻ واري جاءِ تي هٿ مبارڪ رکي آڱريون ڪشاديون ڪري فرمايائون ”اي منهنجا الله ! اي بکايلن کي ڍؤ ڪرائيندڙ ! فاطمھ کي بک نه ڏي“ ته هڪدم سندس چهري مبارڪ تي رت جا آثار نظر آيا ۽ ڦڪاڻ ختم ٿي وئي. سيده g فرمايو ته : ان کان پوءِ مون کي بک نه لڳي.

            (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 186، 187، المواهب ص 616، خصائل النبوي ص 334)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الزهد والرقائق في ترجمتھ رقم الحديث 2972 ج 4 ص 2282 {2} ابنِ ماجھ في کتاب الزهد باب 10 معيشة آل محمد رقم الحديث 4144 {3} احمد في المسند ج 6 ص 50 {4} ابو صالح الشيخ في اخلاق النبي ص 229 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4174 ج 14 ص 273.

{372} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ أَبِي زِيَادٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا سَيَّارٌ ، قَالَ : حَدَّثَنَا سَهْلُ بْنُ أَسْلَمَ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبِي مَنْصُورٍ ، عَنْ أَنَسٍ ، عَنْ أَبِي طَلْحَةَ قَالَ : شَكَوْنَا إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الْجُوعَ وَرَفَعْنَا عَنْ بُطُونِنَا عَنْ حَجَرٍ حَجَرٍ ، فَرَفَعَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَنْ بَطْنِهِ عَنْ حَجَرَيْنِ.  قَالَ أَبُو عِيسٰى : هَذَا حَدِيثٌ غَرِيبٌ مِنْ حَدِيثِ أَبِي طَلْحَةَ لاَ نَعْرِفُهُ إِلاَ مِنْ هَذَا الْوَجْهِ ، وَمَعْنَيٰ قَوْلِهِ : وَرَفَعْنَا عَنْ بُطُونِنَا عَنْ حَجَرٍ حَجَرٍ ، كَانَ أَحَدُهُمْ يَشُدُّ فِي بَطْنِهِ الْحَجَرَ مِنَ الْجُهْدِ وَالضَّعْفِ الَّذِي بِهِ مِنَ الْجُوعِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d حضرت ابو طلحھ d کان روايت ڪئي آهي ابو طلحھ d چيو ته اسان رسول الله جن وٽ بک جي دانهن کڻي وياسون ۽ پنهنجن پيٽن تان ڪپڙو لاهي هڪ هڪ پٿر جيڪو پيٽ تي ٻڌل هو سو ڏيکاريوسون. ان تي رسول الله جن پنهنجي پيٽ تي ٻه پٿر ٻڌل ڏيکاريا يعني پاڻ سڳورن پنهنجي پيٽ مبارڪ تان ڪپڙو کنيو ته کين ٻه پٿر ٻڌل هئا.

مفردات جو شرح: شَكَوْنَا اسان شڪايت ڪئي. شکو يا شکوي يا شکاة کان ورتل آهي. جنهن جي معنى آهي دردمند هجڻ، تڪليف ڏيڻ، شڪايت ڪرڻ، اَلْجُوعِ بُک.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ حضرت ابو طلحة d پنهنجي بک جي حالت بيان ڪرڻ سان گڏ سرورِ ڪونين جي پاڪ ذات جي ڪيفيت به بيان ڪري ذڪر ڪيو آهي ته : اسان سندن خدمت ۾ بک جي شڪايت ڪندي پنهنجن پيٽن تي پٿر ٻڌل حبيب ڪريم جن کي ڏيکاريا ته پاڻ پنهنجي پاڪ پيٽ تي هڪ جي بجاءِ ٻه پٿر ٻڌل ڏيکاريائون. شمائل جي شارحن لکيو آهي ته: عربن يا اهلِ مدينھ جي عادت هئي ته جڏهن انهن جا پيٽ کاڌي کان خالي هوندا هئا ته پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا تانت خالي آنڊن ۾ گيس وغيره نه ڀرجي وڃي. ۽ سندن هلڻ ڦرڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. ۽ جڏهن بک گهڻي لڳندي هئي ته ٻه پٿر ٻڌندا هئا تانت ڇڪيل ۽ مستحڪم رهي ۽ هلڻ ڦرڻ گهڻو آسان لڳي.        (انوارِ غوثيھ ص 530)

سوال: رسول الله جن جڏهن صوم الوصال (رات ڏينهن روزي) ۾ رهيا تڏهن ته پٿر ڪونه ٻڌائون بلڪه فرمايائون ته : ”مان رات جو پنهنجي رب وٽ هوندو آهيان اهو مون کي کارائيندو ۽ پياريندو آهي“ پوءِ صحابن کي پٿر ٻڌل ڪيئن ڏيکاريائون؟

جواب: ابنِ حبان ان صوم الوصال واري حديث سان پيٽ مبارڪ تي پٿرن ٻڌڻ وارين روايتن کي باطل چيو آهي ۽ ان جو قول آهي ته جتي ”يشد الحجر“ (پٿر ٻڌندا هئا) آيو آهي ان ۾ حجر جي بجاءِ الحجز  آهي مطلب ته پنهنجي گوڏ مبارڪ جي چادر کي ڇڪي ٻڌندا هئا. پر جمهور محدثن فرمايو آهي ته. ٻه ٻه مهينا نه کائڻ ۽ پٿر نه ٻڌڻ حضور ڪريم جن جي صوم الوصال واري وقت ڪيفيت هئي. پر جڏهن اها ڪيفيت نه هوندي هئي ته مروج طريقي تي پٿر به ٻڌندا هئا. ابنِ ابي الدنيا  روايت آندي آهي ته رسول الله جن فرمايو :” هڪ ڀيري نبي ڪريم جن کي بک لڳي ته پاڻ پنهنجي پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌائون ان کان پوءِ فرمايائون ته : اَلَا رُبَّ  نَفۡسِ طَاعِمَةِ نَاعَمَةُ فِي الدُّنۡيَا جَائِعةُ يَوۡمَ الۡقِيَامَةِ اَلَا رُبَّ مُکۡرِمِ لَّنَفۡسِھ وَهُوَ لَهَامُهِيۡنُ اَلَا رُبَّ مُهِيۡنِ لِنَفۡسِهٖ وَهُوَ لَهَا مُکۡرِمُ.“ خبردار ڪيترا نفس طعام کائيندڙ، دنيا تي نعمتن سان رهندڙ قيامت جي ڏينهن بکيا ۽ اگهاڙا هوندا، خبردار ڪيترا ماڻهو پنهنجي نفس کي عزت ڏيندڙ ان کي خراب ڪندڙ آهن ۽ ڪيترا ماڻهو نفس کي خوار ڪندڙ ان کي عزت ڏيندڙ آهن ۽ صحيح بخاري ۾ حضرت جابر d کان روايت آهي ته اسين خندق جي جنگ واري ڏينهن خندق کوٽي رهيا هئاسون ته اڳيان هڪ سخت پٿر آيو ۽ حضور ڪريم جن کي عرض ڪيوسون ته هي سخت پٿر اڳيان اچي ويو آهي جيڪو خندق کوٽڻ ۾ رڪاوٽ آهي پوءِ پاڻ ڪريم جن ان حال ۾ اٿيا جو سندن پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌل هو ۽ اسان ٽي ڏينهن اهڙي حال ۾ رهياسين جو ڪابه شيءِ چکڻ لاءِ ميسر نه هئي. پوءِ پاڻ ڪريم جن ڪوڏر هٿ مبارڪ ۾ وٺي ان پٿر کي هنيائون ته واريءَ جو وهندڙ ڍير ٿي ويو ۽ احمد ۽ نسائي حسن سند سان آندو آهي ته ان پٿر تي ٻين جي ڪوڏرين اثر نه ٿي ڪيو ۽ نبي ڪريم جن اها ڪوڏر وٺي بسم الله چئي ان پٿر کي هنئين ته ان جو ٽيون حصو ڀُري ويو ۽ حضرت نبي ڪريم جن فرمايو:اَللهُ اَکۡبَرُ اُعۡطِيۡتُ مَفَاتِيۡحَ الشَّامِ  وَاللهُ اِنِّيۡ لاَ بۡصُرُ قُصُوۡرَهَا الۡحُمۡرَ السَّاعَةَ“ (الله سڀ کان وڏو آهي مان شام ملڪ جي فتح جون ڪنجيون ڏنو ويو آهيان. الله جو قسم آهي ته مان هينئر شام ملڪ جون ڳاڙهيون ماڙيون ڏسان پيو. ان کان پوءِ ڪوڏر جو ٻيو ڌڪ هنيائون ته ان جي ٻئي حصي کي ڪٽي ڇڏيائون ۽ فرمايائون:اَللهُ اَکۡبَرُ اُعۡطِيۡتُ مَفَاتِيۡحَ الفَارسِ وَاِنِّيۡ  وَاللهِ لاَ بۡصُرُ قُصُوۡرَ الۡمَدائِنِ الابِيۡضَ “ (الله سڀ کان وڏو آهي مان فارس (ايران) جي فتح جون ڪنجيون ڏنو ويو آهيان ۽ الله جو قسم آهي بلاشڪ مان مدائن جون سفيد محلاتون ڏسان پيو.) ان کان پوءِ ٻيو دفعو ان پٿر کي ڪوڏر هنيائون ۽ فرمايائون ته اَللهُ اَکۡبَرُ اُعۡطِيۡتُ مَفَاتِيۡحَ اليَمَنِ وَ اِنِّيۡ لاَ بۡصُرُ  اَبوابَ صُنۡعَاءَ من مَکَانِيۡ هٰذا السَّاعَةَ (الله سڀ کان وڏو آهي مان يمن (جي فتح ڪرڻ) جون ڪنجيون ڏنو ويو آهيان ۽ الله جو قسم آهي مان هينئر پنهنجي هن جاءِ کان (يمن جي گادي واري هنڌ) صُنعاء (شهر) جا دروازا ڏسي رهيو آهيان) ثابت ٿيو ته پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌڻ واريون حديثون صحيح آهن ۽ حضرت نبي ڪريم جن پٿر ان جي لاءِ نه ٻڌا هئا ته سندن ذات وٽ ڪجهه نه هو جيڪو صحابن کي کارائن ۽ انهن جو احساس محرومي ختم ٿئي پر پاڻ اهو سڀ ڪجهه آخرت ۾ اجر حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو هيائون ۽ پٿر ٻڌڻ ۾ اها حڪمت هئي جو ان سان بُک جي تڪليف گهٽجي ٿي ڇوته معدي جي طبعي حرارت جيستائين ان ۾ کاڌو آهي ته ان سان مشغول آهي ۽ جڏهن معدي ۾ کاڌو ناهي ته جسم جي رطوبت ۽ جواهر سان مشغول رهي ٿي پوءِ ان وقت بک جو درد وڌي ٿو. جيستائين ان سان آنڊا ۽ کل ڳنڍجي نه ٿي ۽ پٿر ٻڌڻ سان آنڊا ۽ کل معده سان ڳنڍجن ٿا۽ بک جي تڪليف گهٽجي ٿي ۽ بعض علماء جو قول آهي ته انسان جو جڏهن پيٽ طعام کان خالي رهي ٿو ته انسان اٿڻ ۾ ڪمزور ٿئي ٿو. ۽ ان جي پُٺي ڪُٻڙي ٿئي ٿي پوءِ پٿر ٻڌڻ جي ڪري پٺي سڌي ٿئي ٿي ۽ اٿڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ الله پنهنجي نبي ڪريم کي عزت عطا ڪئي هئي ۽ بک جي برداشت ڪرڻ جي ڪري سندن اجر جي ٻيڻي ٿيڻ سان سندن قوت جي حفاظت به ٿي ۽ سندن جسم جي نزاڪت به برقرار رهي، تانجو کين ڏسڻ وارو محسوس نه ڪندو هو ته کين ڪا بک لڳي آهي، بلڪه سندن جسم ان هوندي به دنياوي نعمتن کان وڌيڪ تازو، لطيف سهڻو ۽ رونقدار لڳندو هو. (اشرف الوسائل ص 541، 542)

سوال: اوهان مٿي لکي آيا آهيون ته : حضرت نبي ڪريم جن رات ڏينهن روزي ۾ رهندا هئا ۽ کاڌو نه کائيندا هئا ته بنا کاڌي جي ڪيئن رهيا سندن غذا ڪهڙي هئي؟

جواب: ان جي متعلق علماء جا ٻه قول آهن: {1} قول هي آهي ته ان وقت سندن غذا جنت جو کاڌو هو جيڪو الله سندن خدمت ۾ موڪليندو هو جنهن جي استعال ڪرڻ سان روزو نه ڀڄندو هو جيئن بخاري شريف ۾ آهي ته سندن صحابي حضرت خبيب d جي لاءِ جڏهن اهو مڪه مڪرمه ۾ ڪافرن وٽ قيد هو بهشت جا انگور بنا موسم جي پهچندا هئا. {2} ٻيو قول هي آهي ته الله کين صوم الوصال رکڻ وقت اهڙي روحاني غذا عطا ڪندو هو جنهن جي برڪت سان سندن جسماني خواهشون پلجي ۽ مغلوب ٿي وينديون هيون ان جي ڪري پاڻ ڪريم جسماني ۽ ظاهري خوراڪ کائڻ ۽ پائڻ کان سواءِ رهندا هئا. (فضائل النبي ص 216)

علامه بيجوري  لکيو آهي ته : حضرت حبيب ڪريم جن پنهنجي پاڪ پيٽ تي ٻه پٿر ان جي ڪري ٻڌا هئا جو کين بک جي تڪليف گهڻي محسوس ٿي رهي هئي ۽ اها ڳالهه نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي شان ۾ نقص ناهي ڇوته بک به هڪ قسم جي بيماري آهي انبياء عظام عليهم الصلٰوة والسلام جي جسمن پاڪن جو بيمار ٿيڻ سندن قلبن جي سلامتي جي باوجود منع ناهي ۽ بعض علماء فرمايو ته : نبي ڪريم جن کي بک نه لڳندي هئي جيئن صوم الوصال ۾ بيان ٿي چڪو آهي  اهي پٿر صرف صحابن عليهم الرضوان جي تسليءَ لاءِ ٻڌندا هئا نه ته سندن جسم سهڻو ، گهڻي وڏي قوت وارو هوندو هو. (المواهب ص 617) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : ظاهري طرح کاڌي پيتي جي ڇڏڻ جو حضور ڪريم تي اثر نه پوندو هو ان صورت م پيٽ پاڪ تي پٿر ٻڌڻ جي ضرورت باقي نه رهندي هئي ۽ جڏهن ته صوم الوصال واريون روايتون گهڻيون آهن ان جي ڪري بعض علماء محدثين جي قانون تحت پٿر ٻڌڻ وارين روايتن کي ضعيف چيو آهي پر اڪثر محدثن جي تحقيق هيءَ آهي ته پٿر ٻڌڻ واري مضمون جون روايتون به ڪئين آهن ۽ صوم الوصال وارين روايتن سان ڪا اهڙي مخالفت به نه اٿن جو ٻنهي جو مختلف حالات تي حمل به نه ٿي. سگهي ان جي ڪري انهن روايتن کي ضعيف قرار ڏيڻ جي ضرورت ناهي ۽ انهن ٻنهي قسمن جي روايتن جي متعلق  به مختلف قول آيل آهن. {1} پٿرن واريون روايتون ابتداء زماني جون آهن ۽ يقينن حضور ڪريم جن جي مقامات ۾ ترقي ايندي رهندي هئي. ان جي ڪري الله جي طرفان کارائڻ ۽ پيارڻ جو انتظام بعد ۾ ڪيو ويو هجي. {2} قدرتي طرح کارائڻ، پيارڻ روزي جي نيت جي حالات ۾ هجي.  عام مومنن ۾ روزي جي حالت ۾ هيءَ ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي  ته انهن کي به بک جو اثر گهٽ محسوس ٿيندو آهي. حضرت نبي ڪريم جن جو ته مقام ئي نرالو آهي جتي روزو حقيقي ڪمال کي پهچندو آهي. {3} مختلف حالات جي اعتبار سان ٻنهي قسمن جون ڪيفيتون حضور ڪريم جن تي طاري ٿينديون هيون جيئن سندن اتباع ۾ سلوڪ جي مشائخ جا مختلف احوال هوندا آهن. هن قول تي پٿر ٻڌڻ وارين روايتن کي ابتداء زماني جي حالات تي محمول ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. آخري دور ۾ به مختلف اوقات جي اعتبار سان مختلف احوال هوندا آهن. {4} حضور ڪريم جن تي بک جو اثر يقينًا نه ٿيندو هو. ان جي هوندي به پٿرن جو ٻڌڻ، فقيرن ۽ مسڪينن سان عمل ۾ اشتراڪ جي غرض سان هوندو هو ۽ عام دستور آهي ته جنهن مشقت جي تڪليف ۾ پنهنجا وڏا مبتلا هوندا آهن ان ۾ سعادتمند ننڍن جي لاءِ انهن جي مقابلي ۾ پنهنجي تڪليف ڏانهن توجهه نه رهندو آهي . صحابه ڪرام عليهم الرضوان جهڙن عاشقن جي لاءِ ته ڪا ڳالهه ئي نه هئي. حضور ڪريم جن کي الله جي طرفان کارائڻ ۽ پيئارڻ سندن اعزاز ۽ اڪرام ئي هو. وجوبي امر نه هو ته جڏهن صحابه ڪرام عليهم الرضوان تي تنگي ۽ مسڪيني حالت جو ايترو غلبو ٿيندو هو جو پٿرن ٻڌڻ جي حالت تي پهچندا هئا. ته حضور ڪريم جن انهن سان همدردي جو اظهار ڪري پاڻ به پٿر ٻڌندا هئا. ٻچو جيڪڏهن بک ۾ تڙپندو رهي ته ماءُ جي نڙيءَ مان گرهه هيٺ نه لهندو. آهي ته پوءِ حضور ڪريم جي شفقت جو ڇا بيان ڪجي. اتي ته هزارين مائرون قربان آهن.           (خصائل نبوي ص 335، 337)

فائدو: العلامه فواز احمد زمزلي شمائل ترمذي حاشيھ 455 تي لکيو آهي ته حضور نبي ڪريم جن لاءِ صوم وصال ۾ جنت کان حقيقي کاڌو ايندو هو. جنهن سان سندن روزي جي وصال ۾ فرق نه پوندو هو. ۽ اها سندن خصوصيت هئي پوءِ جڏهن کين چيو ويو ته اوهان  وصال جو روزو رکو ٿا ته پاڻ ارشاد فرمايائون ”مان اوهان جي حيثيت تي ناهيان“ مطلب ته مان اوهان  جي صفت تي ناهيان اوهان مان جنهن کاڌو ان جو صوم نه رهندو پر مون کي منهجو رب اهڙو کارائي ۽ پياري ٿو جنهن سان منهنجي صوم وصال ۾ ڪو فرق نه ٿو پوي منهنجو اهو کائڻ ۽ پيئڻ اوهان جي کائڻ پيئڻ وانگر ناهي نه قوت ۾ نه معنى ۾ ۽ الزين بن المنير  فرمايو آهي ته: ان حالت ۾ اهو سندن کائڻ ۽ پيئڻ ننڊ ڪندڙ جي حال وانگر آهي جيئن جيئن ننڊ ۾ کائي پي ڍؤ ڪندو آهي ۽ ان ڪيفيت ۽ حال ۾ ننڊ مان اٿڻ تائين رهندو آهي. حضور ڪريم جن جو ان کائڻ ۽ پيئڻ سان نه روزو ختم ٿيندو هو نه سندن اجر گهٽجندو هو. الحاصل ته اهو سندن استغراقي حالت ۾ هوندو هو تانجو ان ۾ سندن بشري حالت اثر نه ڪندي هئي ۽ جمهور جو قول آهي ته سندن فرمان يُطۡعِمُنِي وَ يَسۡقِيۡنِي مان مجازًا مراد کاڌي پيتي مان حاصل  ٿيندڙ قوت آهي پوءِ سندن فرمان جو مطلب آهي ته الله مون کي کاڌي کائيندڙ ۽ پاڻي پيئندڙ  جي قوت عطا ڪري ٿو ۽ مون تي اهڙو فيض جو القاء ڪيو وڃي ٿو جو کاڌي ۽ پيتي جو  پورائو  ڪري ٿو نه منهنجي قوت ۾ ڪمي اچي ٿي نه احساس ۾  سستي پيدا ٿئي ٿي.

علامه ابنِ حجر عسقلاني  فرمايو ته : هي به احتمال آهي ته سندن مراد هي آهي ته: الله مون کي پنهنجي عظمت ۾ تفڪر ۽ پنهنجي مشاهدي ۾ ڀرجڻ ۽ پنهنجي معارف سان غذا حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي محبت ۾ اکين ٺارڻ ۽ پنهنجي مناجات ۾ مستغرق رکڻ ۽ ان ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۾ کاڌي ۽ پيتي کان مشغول ۽ محو رکيو آهي. علامه ابن القيم  به هن قول کي ترجيح ڏيندي فرمايو آهي ته ”ڪڏهن اها غذا جسمن جي غذائن  کان وڏي ٿي ويندي آهي ۽ جنهن کي ٿورو به ذوق ۽ تجربو هوندو اهو ڄاڻندو آهي ته ”قلب ۽ روح جي غذا سان جسم گهڻين غذائن کان لا پرواهه رهندو آهي خاص ڪري ان سان جيڪا خوشي ۽ سرور حاصل ٿيندو آهي، اهو مطلوب سان ملاقات ۽ محبوب جي ديدار سان دل کي قرار ڏيڻ آهي. علامه زمزلي لکيو آهي ته : ابن القيم  جو قول تدبر ۽ تامل ڪندڙ جي لاءِ تمام سهڻو آهي ۽ ان جي تائيد ان صحيح حديث سان ٿي رهي آهي جنهن ۾ آيو آهي ته ”آخري زماني ۾ مومنن جي لاءِ کاڌي پيتي جي جاءِ تي تهليل ۽ تسبيح ڪافي هوندي“.

هيءَ حديث ٻين هنن ٻين محدثن آندي آهي: {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 223 {2} الطبري في تهذيب الآثار ج 1 ص 413 {3} البغوي في شرح السنة الحديث رقم الحديث 479، ج 14 ص 276 .

{373} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا اٰدَمُ بْنُ أَبِي إِيَاسٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا شَيْبَانُ أَبُو مُعَاوِيَةَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْمَلِكِ بْنُ عُمَيْرٍ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي سَاعَةٍ لاَ يَخْرُجُ فِيهَا وَلاَ يَلْقَاهُ فِيهَا أَحَدٌ ، فَأَتَاهُ أَبُو بَكْرٍ ، فَقَالَ : مَا جَاءَ بِكَ يَا أَبَا بَكْرٍ ؟ قَالَ : خَرَجْتُ أَلْقَى رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنْظُرُ فِي وَجْهِهِ ، وَالتَّسْلِيمَ عَلَيْهِ ، فَلَمْ يَلْبَثْ أَنْ جَاءَ عُمَرُ فَقَالَ : مَا جَاءَ بِكَ يَا عُمَرُ ؟ قَالَ : الْجُوعُ يَا رَسُولَ اللَّهِ ، قَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : وَأَنَا قَدْ وَجَدْتُ بَعْضَ ذَلِكَ فَانْطَلَقُوا إِلَى مَنْزِلِ أَبِي الْهَيْثَمِ بْنِ التَّيْهَانِ الأَنْصَارِيِّ وَكَانَ رَجُلاً كَثِيرَ النَّخْلِ وَالشَّاءِ ، وَلَمْ يَكُنْ لَهُ خَدَمٌ ، فَلَمْ يَجِدُوهُ ، فَقَالُوا لِامْرَأَتِهِ : أَيْنَ صَاحِبُكِ ؟ فَقَالَتِ : انْطَلَقَ يَسْتَعْذِبُ لَنَا الْمَاءَ ،فَلَمْ يَلْبَثُوا أَنْ جَاءَ أَبُو الْهَيْثَمِ بِقِرْبَةٍ يَزْعَبُهَا ، فَوَضَعَهَا ثُمَّ جَاءَ يَلْتَزِمُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَيُفَدِّيهِ بِأَبِيهِ وَأُمِّهِ ، ثُمَّ انْطَلَقَ بِهِمْ إِلَى حَدِيقَتِهِ فَبَسَطَ لَهُمْ بِسَاطًا ، ثُمَّ انْطَلَقَ إِلَى نَخْلَةٍ فَجَاءَ بِقِنْوٍ فَوَضَعَهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَفَلاَ تَنَقَّيْتَ لَنَا مِنْ رُطَبِهِ ؟ فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، إِنِّي أَرَدْتُ أَنْ تَخْتَارُوا ، أَوْ تَخَيَّرُوا مِنْ رُطَبِهِ وَبُسْرِهِ ، فَأَكَلُوا وَشَرِبُوا مِنْ ذَلِكَ الْمَاءِ . فَقَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : هَذَا وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ مِنِ النَّعِيمِ الَّذِي تُسْأَلُونَ عَنْهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ظِلٌّ بَارِدٌ ، وَرُطَبٌ طَيِّبٌ ، وَمَاءٌ بَارِدٌ . فَانْطَلَقَ أَبُو الْهَيْثَمِ لِيَصْنَعَ لَهُمْ طَعَامًا . فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لاَ تَذْبَحَنَّ ذَاتَ دَرٍّ ، فَذَبَحَ لَهُمْ عَنَاقًا أَوْ جَدْيًا ، فَأَتَاهُمْ بِهَا فَأَكَلُوا ، فَقَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : هَلْ لَكَ خَادِمٌ ؟ قَالَ : لاَ. قَالَ : فَإِذَا أَتَانَا سَبْيٌ فَأْتِنَا . فَأُتِيَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِرَأْسَيْنِ لَيْسَ مَعَهُمَا ثَالِثٌ ، فَأَتَاهُ أَبُو الْهَيْثَمِ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : اخْتَرْ مِنْهُمَا فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، اخْتَرْ لِي . فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ الْمُسْتَشَارَ مُؤْتَمَنٌ ، خُذْ هَذَا فَإِنِّي رَأَيْتُهُ يُصَلِّي ، وَاسْتَوْصِ بِهِ مَعْرُوفًا . فَانْطَلَقَ أَبُو الْهَيْثَمِ إِلَى امْرَأَتِهِ ، فَأَخْبَرَهَا بِقَوْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَقَالَتِ امْرَأَتُهُ : مَا أَنْتَ بِبَالِغٍ حَقَّ مَا قَالَ فِيهِ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَّا بِأَنْ تَعْتِقَهُ قَالَ : فَهُوَ عَتِيقٌ ، فَقَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ اللَّهَ لَمْ يَبْعَثْ نَبِيًّا وَلاَ خَلِيفَةً إِلَّا وَلَهُ بِطَانَتَانِ : بِطَانَةٌ تَأْمُرُهُ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَاهُ عَنِ الْمُنْكَرِ ، وَبِطَانَةٌ لاَ تَأْلُوهُ خَبَالاً ، وَمَنْ يُوقَ بِطَانَةَ السُّوءِ فَقَدْ وُقِيَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته هڪ دفعي پاڻ ڪريم اهڙي وقت گهر مان ٻاهر نڪتا جو انهيءَ وقت ٻاهر نه نڪرندا هئا ۽ نه ڪي ان مهل ساڻن ڪو ملندو هو. (سندن معمول نه هو) ائين ڪندي حضرت ابو بڪر صديق d ان وقت پاڻ ڪريم جن وٽ آيو. پاڻ سڳورن فرمايو ته”تون ڪيئن آيو آهين؟ ان عرض ڪيو ته ( اي الله جا رسول !) آءُ اوهان جي ملاقات ڪرڻ آيو آهيان ۽ هن لاءِ ته اوهان جو چهرو مبارڪ ڏسي ديدار ڪريان ۽ سلام عرض ڪيان.“ ٿوري دير کان پوءِ حضرت عمر d آيو. پاڻ ڪريمن ان کي به فرمايو ته اي عمر! d تون ڪيئن آيو آهين؟ ان عرض ڪيو ته” يا رسول الله! بک لڳي آهي، ان ڪري آيو آهيان.“ ان تي پاڻ سڳورن به فرمايو ته”آءُ پاڻ به ڪجهه بک محسوس ڪري رهيو آهيان. پوءِ ٽئي ڄڻا گڏجي حضرت ابو الهيثم بن تيهان  انصاري d جي گهر ڏانهن ويا، اهو صحابي (ابو الهيثم) گهڻين کجين، وڻن ۽ ٻڪرين وارو سکيو ستابو هو پر ان وٽ ڪم ڪار لاءِ خدمتگار ڪونه هئا. ان وقت ابو الهيثم گهر ۾ موجود ڪونه هو پوءِ ان جي گهر واريءَ کان پڇيائون ته تنهنجو مڙس ڪٿي آهي؟ ان بيبي سڳوريءَ چيو ته اهو اسان لاءِ مٺو پاڻي ڀرڻ ويو آهي ٿوري دير نه گذري ته ابو الهيثم به کلي ڇلڪائيندو اچي نڪتو، ان کي رکي خوشيءَ مان نبي ڪريم کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجا پيءُ ماءُ اوهان تان قربان ٿين.“ پوءِ انهن سڀني ڀلارن کي پنهنجي باغ ڏانهن وٺي آيو، انهن جي ويهڻ لاءِ ڪپڙو وغيره وڇائي کين ويهاريائين ۽ پاڻ هڪ کجي ڏانهن ويو ۽ کجور جو سڄو ڇُڳو ڪپي کڻي آيو ۽ اچي پاڻ سڳورن جي اڳيان کائڻ لاءِ رکيائين. ابو الهيثم کي پاڻ ڪريمن فرمايو ته”اسان لاءِ رڳو  پڪل کجور چونڊي ڇونه کڻي آئين؟ ان عرض ڪيو ته يا رسول الله ! مون گهريو ته اوهان پاڻ پنهنجي پسند تي پڪل يا ڪچي پٽي کائو پوءِ پاڻ کارڪ کاڌائون ۽ ان ڀري آندل پاڻيءَ مان پاڻي به پيتائون.  بعد ۾ نبي ڪريم جن فرمايو : مون کي ان ذات جو قسم آهي جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي ته هي ٿڌي ڇانوَ، سٺي ۽ تازي کارڪ ۽ مٺو پاڻي انهن نعمتن مان آهن جن  جي باري ۾ قيامت جي ڏينهن پڇاڻو ٿيندو.“ ان کان پوءِ ابو الهيثم پاڻ سڳورن لاءِ ماني ۽ ٻوڙ تيار ڪرائڻ خاطر گهر ڏي وڃڻ لڳو ته پاڻ سڳورن فرمايو : ”اسان لاءِ کير واري ٻڪري نه ڪهجانءِ.“

ابو الهيثم گهر وڃي ڀلارن مهمانن جي لاءِ ڇيلو ڪُٺو. ماني ٻوڙ تيار ڪرائي پاڻ سڳورن وٽ کائڻ لاءِ کڻي آيو، سڀني ماني ٻوڙ کاڌو، ان کان پوءِ نبي ڪريم کانئس پڇيو ته تو وٽ ڪم ڪار لاءِ ڪو خادم يا نوڪر آهي” ابو الهيثم عرض ڪيو ته نه. ان تي حضور ڪريم چيو ته ”جڏهن اسان وٽ قيدي اچن، ته تون به اچجانءِ.“ پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ حضور ڪريم جن وٽ رڳو ٻه غلام آندا ويا، ٽيون انهن سان ڪونه هو. اهو ٻڌي ابو الهيثم پاڻ سڳورن وٽ آيو ته نبي ڪريم جن فرمايو ”هنن ٻنهي مان هڪ چونڊي پسند ڪر.“ ان عرض ڪيو ته اي الله جا نبي ! توهان ئي منهنجي لاءِ چونڊيو.

پاڻ سڳورن   فرمايو ته ”جنهن کان صلاح مشورو پڇبو آهي اهو امانتدار هوندو آهي تنهنڪري تون هيءُ غلام وٺ، جو مون هن کي نماز پڙهندي ڏٺو آهي، آءُ توکي هن سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جي نصيحت ۽ پارت ڪيان ٿو.“ جڏهن ابو الهيثم موٽي پنهنجي گهر پنهنجي زال وٽ ويو ۽ ان کي حضور ڪريم جن جي نصيحت ۽ پارت جي ڳالهه ٻڌايائين. ته سندس زال چيو حضور ڪريم جن تو کي جيڪا نصيحت  ۽ پارت ڪئي  آهي سا پوري ڪري نه سگهندين مگر جي ان کي آزاد ڪرين ته ٻي ڳالهه آهي. اها ڳالهه ٻڌي ابو الهيثم به چيو ته چڱو اهو غلام آزاد آهي. اها خبر ٻڌي نبي ڪريم فرمايو : ”الله هر نبي ۽ خليفي لاءِ ٻه باطني يا مخفي صلاحڪار مقرر ڪندو آهي هڪ مخفي صلاحڪار ان کي چڱي صلاح ڏيندو آهي هڪڙو برائيءَ کان روڪيندو آهي  ٻيو صلاحڪار ان سان کوٽ ۽ تباهي ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندو آهي.“ پوءِ جيڪو انهيءَ مخفي صلاحڪار کان بچيو سو هر تباهي ۽ برائيءَ کان بچي ويو.“

مفردات جو شرح: ”انْطَلَقُوۡا انطلاق کان ورتل جمع غائب جو صيغو آهي. هليو وڃڻ. ”منزل“ مڪان، جاءِ. يَسْتَعْذِبُ استعذاب  کان ورتل جنهن جي معنى آهي پاڻي پيارڻ، مٺو پاڻي آڻڻ، پيئڻ جو پاڻي آڻڻ،قِرْبَةٍ کَلي، مَشڪَ. هن جو جمع قربات، قرب آهي. يَزۡغَبُ زغب کان ورتل آهي ان جي معنى آهي ڀريل کلي کڻڻ، ڪَٽڻ، ڀرڻ، آواز ڪرڻ وغيره، وغيره . يَلْتَزِمُ التزام کان ورتل آهي ان جي معنى آهي ڳلي سان لڳائڻ گهڻي محبت سان چنبڙڻ، ”بِسَاطًا “ وڇاڻو، هنڌ. هن جو جمع بُسطُ آهي. ”قنوا“ سنگ. ”تَنَقَّيۡتَ توصاف ڪيو. انقاء کان ورتل آهي هن جي معنى آهي صاف ڪرڻ، ڪچرو ڪڍي ڇڏڻ. ”رَطبُ“ پڪي کارڪ. ”بسر“ بسور به ايندو آهي عَنَاقًا ٻڪريءَ جو اهو ڦر جيڪو چئن مهينن جو هجي. اَلۡجَدي ٻڪري جو نر ٻچو، ڇيلو. علامه ابنِ حجر  جي قول مطابق ٻڪريءَ جو اهو نر ٻچو جيڪو هڪ سال جو نه ٿيو هجي. ”سَبۡيُ قيد ڪرڻ، لٽڻ، ٻانهي کي غلام بنائڻ. ”مؤتمَنُ“ اسم مفعول جو صيغو جنهن جي معنى ”امين“ آهي. اِسۡتَوۡصِاستيصاء کان ورتل امر جو صيغو. هن جي معنى وصيت قبول ڪرڻ آهي. تَعْتِقَهُ تون ان کي آزاد ڪرين ”عتق“ کان ورتل. آزاد ڪرڻبِطَانَةٌ راز، ڳجهي ڳالهه، دلي دوستي، مشير. الخَبَال فساد، نقصان، هلاڪت، بربادي، زهر، قاتل.وُقِيَ بچايو ويو ”الوقي، الوقاية بچائڻ، نگهداشت ڪرڻ.

سمجهاڻي: هي هڪ وڏي حديث آهي جيڪا حضرت ابو هريره d روايت ڪئي آهي ته : رسول الله   جن هڪ اهڙي وقت ۾ ٻاهر نڪتا جنهن ۾ سندن نڪرڻ جو معمول نه هو. ۽ ان وقت سندن خدمت عاليه ۾ حضرت ابو بڪر صديق d به حاضر ٿيو. پاڻ ان کان پڇيائون ته ”اي ابو بڪر! توکي هن وقت ڪهڙي ضرورت هتي آندو آهي؟ ۽ ممڪن آهي ته اهو سندن ٻاهر نڪرڻ رات جو ٿيو هجي جيئن مسلم شريف ۾ روايت آهي ته : نبي ڪريم جن هڪ ڀيري رات جو نڪتا ته سندن سامهون حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر f آيا پاڻ ٻنهي کان پڇيائون ته : هن گهڙي ۾ اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪنهن ٻاهر ڪڍيو؟ عرض ڪيائون ته يا رسول الله ! بک“ پاڻ فرمايائون  ته ”مون کي به ان الله جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته ان ئي ٻاهر آندو آهي جنهن اوهان کي ٻاهر آندو آهي: اٿو ته هلون“ پوءِ اهي به ساڻن گڏ اٿي هليا. انصارن مان هڪ شخص ابو الهيثم d وٽ آيا. )الحديث(. ۽ علامه قاري جي شرح ۾ آهي حضرت جابر d کان روايت آهي ته رسول الله جن سان اهو واقعو  هڪ ڏينهن صبح جو ٿيو هو ۽ حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر f به صبح جو نڪري آيا هئا. ۽ شايد اهو واقعو ٻه ٽي ڀيرا ٿيو هو. هڪ ڀيرو رات جو ته هڪ ڀيرو ڏينهن جو. حضرت ابو بڪر d پڇڻ تي جيڪو جواب ڏنو اهو انتهائي توجهه جي قابل ۽ عاشقن ۽ سچن شيدائين ۽ پروانن جي لاءِ رهنما ۽ رهبر آهي. پاڻ فرمايائون ته : منهنجي  ٻاهر اچڻ جا ٽي مقصد  آهن. (1) هڪ ته اوهان جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيان (2) ٻيو ته اوهان جي پاڪ چهري جو ديدار ڪيان (3) ٽيون ته اوهان کي سلام پيش ڪيان.“

شمائل ترمذي جي شارح علامه محمد عاقل  لکيو آهي ته ”عين ان وقت حضور ڪريم جن جو ۽ حضرت ابو بڪر صديق d جو ٻاهر اچڻ ان جي ڪري هو جو نبي ڪريم   جن نبوت جي نور سان ڄاتو ته ابو بڪر ملاقات  جي لاءِ اچي پيو ۽ حضرت ابو بڪر ولايت جي نور سان ڏٺو ته نبي ڪريم جن هاڻي ديدار ڪرائڻ جي لاءِ ٻاهر تشريف فرما ٿي رهيا آهن. (انوار غوثيھ ص 535) ۽ هن مان ثابت ٿيو ته هڪ  فعل ۾ ٻن ٽن نيتن جي ڪري ٻه ٽي ثواب ملندا. حضرت ابو بڪر صديق d کي نڪرڻ ۾ ملاقات ۽ چهري مبارڪ ڏسڻ ۽ سائين تي سلام ڪرڻ جي نيت هجڻ جي ڪري متعدد درجا مليا. علامه ابنِ حجر مڪي  لکيو آهي ته : اهي ٻه واقعا هئا. ۽ جيڪڏهن هڪڙو واقعو چيو ويندو ته پوءِ مسلم شريف جي روايت وڌيڪ اهم آهي ۽ جيڪڏهن فرض طور چئجي ته ٻئي روايتون برابر آهن ته : پوءِ هي احتمال آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d  جو جواب جيڪو ترمذي روايت ڪيو آهي حضرت عمر فاروق d جي اچڻ کان اڳي هوندو. ۽ حضرت حبيب ڪريم ۽ حضرت ابو بڪر صديق f جو گڏجي حضرت ابو الهيثم d وٽ وڃڻ مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن ڪو ضرورتمند ڪنهن حيثيت جي صاحب وٽ پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ وڃي ته جائز آهي ان ۾ ڪا به قباحت نه آهي.حضرت ابو بڪر صديق d کان پوءِ حضرت عمر فاروق d نڪري آيو ۽ ان حضور ڪريم جن جي پڇڻ تي عرض ڪيو ته ”بک جي ڪري نڪتو آهيان. ته اوهان جي ديدار سان اها تڪليف دور ڪيان.“ حضرت نبي ڪريم جن به ٻاهر تشريف فرما ٿيڻ جو ساڳيو سبب بيان فرمايو ۽ هن مان واضح ٿيو ته نبي ڪريم جن ۽ وڏن وڏن صحابن رضي الله عنهم وڏين فتوحات کان پوءِ به دنيا ۾ غريبي حال ۾ رهڻ پسند فرمايو. پاڻ ڪريم جن ڪڏهن الله جي انعام جي شڪر ڪرڻ جي لاءِ ظاهري خوشحالي ظاهر ڪندا هئا ته ڪڏهن مسڪيني به ظاهر ڪندا هئا ۽ جيڪو ڪجهه سندن خدمت ۾  ايندو هو اهو پاڻ محتاجن ۽ مجاهدن جي خرچ ۾ لڳائيندا هئا ان جي ڪري صحيح روايتن ۾ آيو آهي ته :  پاڻ دنيا تان (ظاهري) انتقال ڪرڻ تائين ڪڏهن جوَن جي ماني کائي به ڍؤ نه ڪيو هيائون. ۽ دنيا تان انتقال وقت سندن زرهه ڪجهه جوَن جي ٽوين  جي بدلي  ابو الشحم يهودي وٽ گروي رکيل هئي جيڪا پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d  آزاد ڪرائي هئي. ۽ هن سان اهو اعتراض به ختم ٿي ويو ته پاڻ سال جو قوت پنهنجي اهل عيال جي لاءِ رکندا هئا ۽ پنهنجن چئن اصحابن ۾ هزار اٺ ورهايا هيائون ڇوته جيئن ته سخاوت جا صاحب هئا تيئن سندن اتباع ۾ صحابه رضي الله عنهم به سخي ۽ ايثار ڪندڙ هئا. حضور ڪريم جن عمره مبارڪ تي آيا ته سؤ اٺ به ڪاهي آيا  ۽ اهي ڪهي انهن جو گوشت مسڪينن ۾ ورهايو هيائون. ۽ هڪ اعرابي جي لاءِ ٻڪرين جي ڌڻ ڏيڻ جو امر فرمايو هيائون. ۽ سندن صحابي حضرت ابو بڪر، حضرت عمر ، حضرت عثمان ، حضرت حنظلھ رضي الله عنهم به ائين سخاوت ڪري ڏيکاريندا هئا. ۽ جڏهن پاڻ جنگ جي فنڊ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ حڪم ڪيائون ته حضرت ابوبڪر سموري ملڪيت کڻي آيو.

پروانے کو چراغ  تو بلبل کو  پھول  بس

صديق کے لئے هے خدا کا  رسول بس

۽ حضرت عمر d  اڌ ملڪيت جو کڻي آيو. پاڻ جيش العسرة (جنگ تبوڪ) ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ حرص ڏياريائون ته : حضرت عثمان d هڪ هزار اٺ ۽ ستر گهوڙن سان گڏ ٻه سؤ سون جون اوقيون موڪليون. طبري الرياض النضره ۾ آندو آهي ته : حضرت عثمان d ڏهه هزار دينار موڪليا جيڪي رسول الله   جن جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا ته پاڻ انهن کي هٿن مبارڪن سان ڦيرائيندي فرمائي رهيا هئا. غَفَرَاللهُ لَکَ يَا عُثۡمَانُ مَا اَسۡرَرۡتَ وَمَا اَعۡلَنۡتَ وَمَا هُوَ کَائِنۡ اِلي يَوم  الۡقِيٰمَةِ ما يُبَالِي مَا عَمِلَ بَعۡدَ هَذَا(ڪنز العمال  32847، حلية الاولياء ابو نعيم ج 11 ص 594، ابنِ عساڪر في تاريخ دمشق 36245) اي عثمان ! الله   توکي بخشي ڇڏيو جيڪي لڪل گناهه ڪيئي يا کليل ڪيئي ۽ جيڪي قيامت تائين ٿيندڙ آهن  (عثمان) هن کان پوءِ جيڪو  ڪجهه ڪيو ان جي پرواهه نه ڪري.

حضرت حبيب ڪريم جن جي اها سادگي واري زندگي اختياري هئي. محدث ترمذي  روايت آندي آهي ته رسول الله جن فرمايو :عَرَضَ عَلَيَّ رَبِّي لِيَجۡعَلَ لِي بَطۡحَاء  مَکَّة ذَهَبًا قُلۡتُ لَا يَا رَبِّ ! اَشۡبَعُ يَوۡمًا وَاَجُوۡعُ يَوۡمًا فِاِذَا جِعۡتُ نَظَرۡتُ اِلَيۡکَ وَذَکَرۡتُکَ وَاِذَا شَبِعۡتُ شَکَرۡتُکَ وَحَمِدتُّکَ.“ الله مون کي پيش ڪش ڪئي ته مون لاءِ مڪي جي بطحاء کي سونو ڪري مون عرض ڪيو ته نه! اي منهنجا رب! مان هڪ ڏينهن ڍؤ ڪيان ۽ هڪ ڏينهن بک تي رهان. جنهن ڏينهن بک تي رهان ته تو ڏانهن نهاريان ۽ توکي ياد ڪيان ۽ جنهن ڏينهن ڍؤ ڪيان ته تنهنجو شڪر ڪيان ۽ تنهنجو حمد ڪيان.“ ۽ طبراني حسن سند سان روايت آندي آهي ته هڪ ڏينهن حضرت نبي ڪريم جن ۽ جبريل عليه السلام  صفا جبل تي هئا ته : نبي ڪريم جن فرمايو :  اي جبريل! مون کي ان الله جو قسم آهي جنهن توکي حق سان موڪليو آهي ته محمد جي گهراڻي لاءِ نه اٽي جو ڦَڪُ آهي نه ستن جي لپ آهي پوءِ سندن گفتگو ختم ٿيڻ کان اڳي آسمان کان وڏو ڪڙڪو ٿيو  ڄڻ قيامت قائم ٿي رهي آهي ، پاڻ فرمايائون  ته ”اي جبريل ! ڇا الله قيامت قائم ڪرڻ جو امر ڪيو آهي ؟ جبريل عرض ڪيو ته ”نه پر اوهان جو گفتگو ٻڌي اسرافيل هيٺ لٿو آهي، پوءِ اسرافيل سندن خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”جيڪو اوهان بيان ڪيو الله اهو ٻڌي مون کي زمين جي خزانن جون ڪنجيون ڏئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي ته مان اوهان کي پيش ڪيان اهي هي آهن ته مان اوهان سان تهامه (مڪه مڪرمه جي ايريا) جا جبل زمرد، ياقوت، سون ۽ چاندي ڪري هلايان. جيڪڏهن اوهان گهرو ته نبوت سان گڏ بادشاهه رهو ۽ جيڪڏهن گهرو ته بادشاهي جي بجا نبي، عبد ٿي رهو. جبريل کين اشارو ڪيو ته نبي، عبد ٿي رهڻ پسند ڪيو پوءِ پاڻ اسرافيل سڳوري کي ٽي ڀيرا فرمايائون ته ”مون کي نبي، عبد ٿي رهڻ پسند آهي“ (ذڪره المنذري في الترغيب والترهيب ج 4 ص 196)

تنبيهه: ”شعب الايمان“ ۾ حليمي لکيو آهي ته ”رسول الله جي تعظيم مان هي به آهي ته سندن جي لاءِ ڪِريل صفت بيان نه ڪئي وڃي. پوءِ ائين نه چئبو ته پاڻ فقير، محتاج هئا ۽ ان جي ڪري بعض علماء سندن جي لاءِ زهد جي ذڪر کي به منع ڪيو آهي. محمد بن واسع بزرگ کي چيو ويو ته ”فلاڻو زاهد آهي“ ته ان فرمايو ته ”دنيا ڪهڙي شيءِ آهي جو ان ۾ زهد جو ذڪر ڪيو وڃي.“

گستاخ جي سزا: علامه سبڪي ڪتاب الشفاء (للقاضي عياض) کان نقل ڪيو ۽ ان کي ثابت رکيو آهي ته ”اندلس جي فقيهن ان شخص جي قتل جي فتوى ڏني آهي جنهن حضور ڪريم جي حق ۾ هلڪڙائي ڏيکاري ۽ ان مناظري جي دوران حضور ڪريم   جن کي (عام يتيمن وانگر) يتيم چيو ۽ گمان ٿو رکي ته پاڻ قصد ۽ اختيار سان دنيا کان بي رغبت نه رهيا هئا. ۽ جيڪڏهن ڀلن کاڌن کائڻ جي طاقت رکن ها ته ڀلا کاڌا کائن ها (پر ان تنگدستي ۽ غريبي حال تي معاذالله ثم معاذالله  مجبور هئا) ۽ علامه البدر الزرکشي بعض متاخرين فقهاء کان ذڪر ڪيو آهي ته : بلاشڪ حضرت نبي ڪريم جن مال جي لحاظ سان نه فقير هئا نه سندن  حال مال جي لحاظ سان فقيرن وارو هو. الله پاڪ جي فضل سان سڀني  ماڻهن کان وڌيڪ (دل جا) غني هئا. الله دنياوي  امور ۾ سندن سر ۽ عيال جي لاءِ ڪافي هو. پر پاڻ  دعا گهرندا هئا  تهاَللّٰهُمَّ اَحۡبِّينِيۡ مِسۡکِيۡنًا(رواه البخاري في التاريخ ج 7 ص 194والحاکم في المستدرک ج 4 ص 322 والبغدادي في تاريخ بغداد ج 4 ص 111) (يا الله مون کي مسڪيني حال ۾ زندهه رک) ۽ هن مان مراد قلب ۾ مسڪيني آهي شرعي اصطلاحي مسڪيني ناهي ۽ جيڪو ان جي خلاف عقيدو رکندو هو ان تي سختي ڪندا هئا ۽ اَلۡفَقۡرُ فَخۡرِيۡ يَوۡمَ اَفۡتَخِرُ (فقيري منهنجو ان ڏينهن فخر جو سبب آهي جنهن ڏينهن مان فخر ڪندس) روايت باطل آهي ۽ هن روايت ۾ ابي الهيثم d جو ذڪر آهي ۽ ٻي روايت ۾ حضرت ابو ايوب انصاري d  جو ذڪر آهي جيئن طبراني ۽ ابنِ حبان پنهنجي الصحيح ۾ آندو آهي ۽ مسلم ۾ آهي ته انصارن مان هڪ شخص آيو آهي ۽ ٻنهي جو احتمال آهي ۽ هن ۾ انهن ٻنهي جي وڏي فضيلت ۽ منقبت آهي ۽ ابو الهيثم جو پيءُ التيهان هڪ قول مطابق قضاعي هو ۽ انصارن جو حليف  هو ان جي ڪري انهن ڏانهن نسبت ڪيو ويو آهي. حضرت نبي ڪريم جي هن پياري صحابي d وٽ خدمت جي لاءِ ڪو خادم نه هو. حبيب ڪريم جن ۽ ٻئي صحابي d جڏهن ابو الهيثم جي گهر آيا ته پاڻ موجود نه هو. سندس گهرواري موجود هئي. مسلم شريف جي روايت موجب ان جڏهن حضرت حبيب ڪريم جن کي ڏٺو ته کين مَرۡحَبًا وَاَهۡلاً سان خوش آمديد چيائين.

فائدو: هن روايت مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن فتني جو امڪان ناهي ته : ڌارين عورت جو گفتگو ٻڌڻ ۽ ان سان گفتگو ڪرڻ جائز آهي. جيتوڻيڪ ان گهر ۾ وري ٻيو ڀيرو ان گهر جي مالڪ جي اجازت سان موٽي اچڻو پوي، ۽ حضرت حبيب ڪريم جن هر هڪ عورت، (سندن نڪاح ۾ اچڻ واري کان سواءِ) جي لاءِ محرم آهن ۽ جيڪڏهن عورت کي خبر آهي ته : منهنجو مڙس ڪنهن کي گهر ۾ وهارڻ تي ناراض نه ٿيندو ته اها ان کي وهاري  سگهي ٿي. حضرت ابو الهيثم d جو مٺي پاڻي جي لاءِ نڪري وڃڻ ۽ ڳولي کڻي اچڻ سان منقول آهي ان فرمايو ته : ٿڌي پاڻيءَ جو پيئڻ الله جي لاءِ حمد کي خالص ٿو بنائي“ ۽ هن مان اهو به معلوم ٿيو ته ”غني شخص جي طرفان پنهنجي اهل جي خدمت ڪرڻ انهن جون ضرورتون پوريون  ڪرڻ ماڻپي جي خلاف ناهن. بلڪه اهو تواضع ۽ خُلق جو ڪمال آهي ۽ مسلم شريف جي روايت آهي ته :

عزت وارا مهمان: ابوالهيثم d حضور ڪريم   ۽ سندن ٻن صحابن حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر f ڏي نهاري چيو ته : الحمدلله اڄ مون وٽ ڪيڏي عزت وارا مهمان آيا آهن“ ۽ هن مان معلوم ٿيو ته : مهمانن جي عزت  ڪرڻ، سندن روبرو سندن اچڻ تي فرح، سرور ۽ خوشي جو اظهار ڪرڻ ڀلي شيءِ  آهي ان جي ڪري رسول الله جن ارشاد فرمايو : مَنۡ کَانَ يُؤمِنُ بِاللهِ وَالۡيَوۡمِ الۡآخِرِ فَلۡيُکۡرِمۡ ضَيۡفَه

(رواه البخاري في الايمان ج 12 ص 28  ومسلم في الايمان ص 37، 75، 76 و ابنِ حبان في صحيحھ ص 506، احمد في مسنده ج 2 ص 433 و ابن ابي شيبھ في مصنفھ  ج 8 ص 546 و ابن منده في مسنده  ص 301 والبزار في مسنده ص 2031)

(جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو مناسب آهي ته اهو پنهنجي مهمان جي عزت ڪري“ حضرت ابو الهيثم d نبي ڪريم جن کي ڀاڪر پائي برڪتون حاصل ڪيون ۽ عرض ڪرڻ  لڳو تهفِدَاکَ اَبِي وَ اُمِيَّ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ اوهان تان قربان . ۽ صحابي سڳوري طعام کان پهريان کجور پيش ڪئي. ان مان ثابت ٿيو ته مستحب آهي ته کاڌي کان اول ميوو کائجي ڇوته اهو هضم ٿيڻ ۾ جلد آهي ۽ مهمان کي جيڪو ميسر هجي اهو جلد پيش ڪجي خاص ڪري ان وقت جو مهمان کي ڪجهه نه ڪجهه تڪڙو کائڻ جي اشتها محسوس ٿئي. ڇوته ڪڏهن ڪڏهن مهمان کي انتظار ڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي ۽ بعض سلف علماء مهمان جي لاءِ تڪليف کي مڪروه سمجهيو آهي پر اهو ان وقت جڏهن مهماني ڪندڙ کي مشقت محسوس ٿئي. ڇوته اهو ان کي اخلاص ۽ مهمان جي اچڻ تي خوشي ۾ رڪاوٽ بنجندو، بلڪه ڪڏهن ان کان اهڙي ڳالهه ظاهر ٿيندي آهي جيڪا مهمان جي دل آزاري ڪندي آهي ۽ مهمان کي ڪجهه کائڻ پيئڻ ڏکيو لڳندو آهي ان جي ڪري مهمان جي وسعت آهر خدمت ڪئي وڃي. ۽ حضرت ابو الهيثم d جي طرفان ٻڪري ڪهڻ، تڪليف ۾ داخل ناهي ڇوته اها خدمت ان دل جي خوشي سان ڪئي هئي. ۽ حضور ڪريم جن وٽ جڏهن کجور جو ڇُڳو پيش ڪيو ويو ته پاڻ ان کي فرمايائون ”پڪي ڪتل ڇونه آنديئي“ مطلب ته ڪچا ڏوڏا ڀلي بيٺا هجن ها، ان عرض ڪيو ته : اوهان جيڪي پسند ڪيو اهو کائو. ۽ جڏهن ابو الهيثم d ٻڪريءَ جي ڪهڻ جو ارادو ڪيو ته پاڻ ان کي کيرواري ٻڪري ڪهڻ کان روڪيو هيائون پاڻ ان کان پوءِ ابو الهيثم d  کان پڇيائون  ته : تو وٽ ڪو خادم ناهي ته جڏهن مون وٽ غلام اچن اچجان ته توکي هڪ غلام ڏيان.“ جڏهن غلام آيا ۽ ان کي غلام ڏنائون ته : ان غلام سان سٺي سلوڪ جي لاءِ کيس هدايت به ڪيائون ۽ جڏهن غلام گهر ۾ آڻي ابو الهيثم گهرواريءَ کي ٻڌايو ته ”هن سان سهڻي سلوڪ جي لاءِ به حضور ڪريم هدايت ڪئي آهي ته سندس گهرواريءَ چيو ته حضرت نبي ڪريم جي ان ارشاد تي صحيح عمل متان اسان کان نه ٿي سگهي ان جي ڪري بهتر آهي ته هن غلام کي آزاد ڪري ڇڏيون پوءِ ابو الهيثم d ان کي آزاد ڪري حضرت نبي ڪريم جن کي پنهنجي گهرواريءَ جي ڳالهه به عرض ڪئي  پاڻ فرمايائون ته”الله جيڪو نبي ۽ خليفو موڪليندو آهي ان جا ٻه مخفي صلاحڪار هوندا آهن. (1) هڪڙو ان کي نيڪي جو امر ڪندو آهي ۽ ناپسند ڪم کان روڪيندو آهي. (2) ٻيو ان کي نقصان ڏيڻ کان نه گهٽائيندو پوءِ جيڪو ان نقصان ڏيڻ واري جي برائي کان بچيو اهو بچي ويو“ ۽ هن حديث ۾ صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي بک ۾ هجڻ جو ذڪر سندن نيڪي ليکي وئي آهي ڇوته اهي حضور ڪريم جن کي نهايت پيارا هئا ۽ سندن هر سنت تي عامل ڪامل هئا. علامه علي القاري لکيو آهي ته اها ڪيفيت سندن اختياري هئي اضطراري نه هئي. ۽ ابو الهيثم d  جو نالو مالڪ ۽ التيهان سندس پيءُ جو لقب هو ان جو نال عامر بن الحارث هو ڪن عتيڪ بن عمرو چيو آهي ۽ صحابي جي مٺي پاڻي لاءِ وڃڻ مان ثابت ٿيو ته مٺي پاڻي جي طلب ڪرڻ دنيا ۾ زهد جي خلاف ناهي ۽ نه ڪو ان نعمت جي باب مان آهي جنهن سان آخرت ۾ مقام ۽ مرتبو ناقص ٿئي. ۽ حضرت ابو الهيثم d جي پاران حبيب ڪريم جن کي باغ ۾ وٺي ويهاري کجور پڪل ۽ ڏوڏا پيش ڪرڻ مان ثابت ٿيو ته مهمان جي اڳيان في الفور جيڪو موجود هجي رکجي جيئن سيدنا ابراهيم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام وٽ ملائڪ سڳورا انساني شڪل ۾ آيا هئا ته پاڻ دير ئي نه ڪيائين گابي جو ڀڳل گوشت کڻي انهن جي اڳيان رکيائين ۽ هن مان اهو به ثابت ٿيو ته کاڌي کان اڳ ۾ ميوات کارائجي جو اها جلد هضم ٿيندڙ آهي ۽ قرآن ڪريم ۾ الله جو ارشاد آهيوَ فَاکِہَۃٍ  مِّمَّا یَتَخَیَّرُوۡنَ ﴿ۙ۲۰﴾  وَ لَحْمِ طَیۡرٍ مِّمَّا یَشْتَہُوۡنَ ﴿ؕ۲۱ (سورة  الواقعة آيت (20، 21) (۽ سندن پسند جا ميوا ۽ خواهش ڪيل پکين جو گوشت) ته هتي به اول ميوا پوءِ گوشت بيان ڪيل آهي حبيبن ڪريمن جن اهي تناول ڪري فرمايو ته ”مون کي ان الله جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته هي انهن نعمتن مان آهي جن (جي شڪر ڪرڻ جي لاءِ) اوهان کان سوال ڪيو ويندو.

ڍؤ ڪري کائڻ: هن حديث مان ڍؤ ڪري کائڻ جو جواز ثابت ٿئي ٿو. ۽ ڍؤ ڪري کائڻ جي جتي منع آيل آهي ان مان مراد اهڙو ڍؤ ڪرڻ آهي جيڪو معده جي لاءِ نقصانڪار هجي يا عبادت ۾ سست ڪري يا روزانو ڍؤ ڪري کائڻ آهي ۽ گهڻي ڍؤ ڪرڻ جي ڪري قلب تي ڪٽ چڙهندي آهي ۽ محتاج ۽ بکايل وسري ويندا آهن انهن نعمتن سان گڏ ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهڻ ٿڌي پاڻي پيئڻ جي شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ به پڇا ڪئي ويندي. حضور ڪريم جن حضرت ابو الهيثم d کي کير پيئندڙ اولاد ۽ خود جڏهن ابو الهيثم d جي خدمت ۾ خادم نه ڏسي کانئس پڇيو ته : تو وٽ خادم ناهي؟ ان عرض ڪيو ته ”ناهي“ پاڻ کيس فرمايائون ته : جڏهن غلام اچن  ته تون اچجان. سندن خدمت ۾ ٻه غلام آيا ۽ ابو الهيثم به حاضر ٿي عرض ڪيو ته ”کيس فرمايائون هنن ٻنهي مان هڪڙو پسند ڪر، ان عرض ڪيو ته مون لاءِ اوهان پسند ڪيو. حضور ڪريم جن فرمايو: اَلۡمُسۡتَشَارُ مُؤتَمَنُ صلاح پڇيل امين آهي) هيءَ غلام وٺي وڃ مون  ان کي نماز پڙهندي ڏٺو آهي“ ۽ نماز برائي ۽ بيحيائي کان روڪي ٿي ان جي ڪري هي اوهان لاءِ ڀلو آهي ۽ ان سان چڱائي ڪندو رهجان. (جمع الوسائل ص 190، 191، 192 ج 2 اشرف الوسائل ص 542، 549) ۽ حضرت ابو بڪر صديق d حضور ڪريم جي ديدار سان ائين بک لاٿي  جيئن حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلواة والسلام جي ديدار سان مصر  وارن جي بک لهندي هئي. (انوارِ غوثيھ ص 535) حضرت ابو الهيثم d جي گهرواري ان جي لاءِ بهترين صلاحڪار ۽ اعلى مشير هئي جنهن کيس مشورو ڏئي هڪ خير جو ڪم ڪرايو جو هڪ نمازي غلام کي آزاد ڪرايائين ۽ پنهنجي ضرورتن جي ذرا ڀر به پرواهه نه ڪيائين ۽ نه اهو سوچيائين ته مس مس غلام مليو آهي ڪجهه ڏينهن ته ان کان خدمت وٺون پوءِ ان کي آزاد ڪري ڇڏينداسون.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الادب باب 123 في المشورة رقم الحديث 5128 ج 4 ص 333 {2} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 10 ص 467 {3} ابنِ ماجھ في کتاب الادب باب 37 المستشار مؤتمن رقم الحديث 3745 {4{ الحاکم في المستدرک ج 4 ص 131 {5} ابو الشيخ في الامثال ص 19 {6} البخاري في الادب المفرد رقم الحديث 256 ص 99 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3612 ج 13 ص 189، 190.

{374}  حَدَّثَنَا عُمَرُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ بْنِ مُجَالِدِ بْنِ سَعِيدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ بَيَانِ بْنِ بِشْرٍ ، عَنْ قَيْسِ بْنِ أَبِي حَازِمٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ سَعْدَ بْنَ أَبِي وَقَّاصٍ يَقُولُ : إِنِّي لَأَوَّلُ رَجُلٍ أَهْرَاقَ دَمًا فِي سَبِيلِ اللَّهِ عَزَّ وَجَلَّ ، وَإِنِّي لَأَوَّلُ رَجُلٍ رَمَى بِسَهْمٍ فِي سَبِيلِ اللَّهِ ، لَقَدْ رَأَيْتُنِي أَغْزُو فِي الْعِصَابَةِ مِنْ أَصْحَابِ مُحَمَّدٍ عَلَيْهِ الصَّلاَةُ وَالسَّلاَمِ مَا نَأْكُلُ إِلَّا وَرَقَ الشَّجَرِ وَالْحُبْلَةَ حَتَّى تَقَرَّحَتْ أَشْدَاقُنَا ، وَإِنَّ أَحَدَنَا لَيَضَعُ كَمَا تَضَعُ الشَّاةُ وَالْبَعِيرُ ، وَأَصْبَحَتْ بَنُو أَسَدٍ يَعْزُرُونِي فِي الدِّينِ . لَقَدْ خِبْتُ وَخَسِرْتُ إِذًا وَضَلَّ عَمَلِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت قيس بن ابو حازم d کان روايت آهي چيائين ته حضرت سعد بن ابي وقاص d کان ٻڌم جو چوي پيو ته آءُ ئي پهريون ماڻهو آهيان جنهن الله جي راهه ۾ رت وهايو ۽ آءُ ئي پهريون ماڻهو آهيان جنهن الله جي واٽ ۾ تير هنيو. بيشڪ مون پاڻ کي حضرت محمد جي اصحابن سڳورن عليهم الرضوان جي فوج ۾ لڙائي ڪندي ان حال ۾ ڏٺو آهي جو اتي اسان وڻن جي پنن ۽ ڪنڊين جي سنڱرين کان سواءِ ڪجهه نه کائيندا هئاسون . نيٺ اسان جي وات جون مهارون ۽ واڇون ڦٽجي پيون. (انهيءَ کاڌي جي ڪري) اسان مان هر هڪ ٻڪريءَ وانگر ڦولڙيون ۽ اٺ وانگر ليڏوڻا لاهيندو هو. (ايترين تڪليفن سهندي) هاڻي وري بنو اسد قبيلي وارا مون کي دين ۾ مهڻا ڏين يا ملامت ڪن ٿا. پوءِ ته آءُ ناڪام يا نقصان ۾ ٿيس ۽ منهنجا عمل اجايا ويا! (حالانڪه ائين ناهي)

مفردات جو شرح: ”أَهْرَاقَ رت وهايائين۔ سَهْمٍ تـــير . ”عِصَابَةِ ماڻهــن يا جانورن جو ٽولو. ڏهن کان وٺي چاليهن ماڻهن جي جماعت کي چوندا آهن. اَلْحُبْلَةِ ڪنڊين جون سڱريون. تَقَرَّحَتْ زخمي ٿي پيون. اَلۡقَرحُ زخم، ڦرڙي، ڦٽ. اَشۡدَاق واڇون. يَعۡزُرُوۡنِي ملامت پيا ڪن مون کي  خِبْتُ الخبة کان ورتل آهي. معنى نا اميد ٿيڻ، حصو حاصل نه ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص d جو بيان آهي ته يقينًا پهريون شخص مان ئي آهيان جنهن الله جي راهه ۾ رت وهايو. علامه ابن حجر ابن اسحاق  کان روايت آندي آهي ته ”اسلام جي ابتدائي دور ۾ اصحاب سڳورا انتهائي رازداريءَ سان عبادت ڪندا هئا. جبلن ۽ چُرن ۾ ويهي الله کي ياد ڪندا هئا. هڪ ڀيري مڪه مڪرمه جي جبلن ۾ صحابي سڳورا عليهم الرضوان الله جي عبادت ۾ مشغول هئا ته اوچتو مشرڪن جي هڪ جماعت ظاهر ٿي. ۽ مسلمانن کي گهٽ وڌ ڳالهائي مٿن حملو ڪيائون. حضرت سعد بن ابي وقاص d جي ويجهو اٺ جو هڪ هڏو  پيو هو اهو کڻي ان مشرڪن تي جوابي حملو  ڪري ان هڏي سان ستن مشرڪن جا مٿا ڦاڙي وڌا هيائين. هن ارشاد ۾ پاڻ ان واقعي ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. (2) ٻيو سندس فرمان آهي ته ”يقينًا پهريون شخص مان ئي آهيان جنهن الله جي واٽ ۾ تير هنيو. مواهب جي بقول ابو سفيان d جي زير سرپرستي مشرڪن جي لشڪر مدينه منوره تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته حضور ڪريم جن انهن جي دفاع جي لاءِ حضرت عبيده بن حارث جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ مختصر لشڪر موڪليو ۽ رابغ جي مقام وٽ مسلمانن جو لشڪر ۽ ڪافرن جو لشڪر هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هن جهاد ۾ مسلمانن جو جهنڊو سفيد هو ۽ هن جهاد ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص d سڀني کان پهريان تير هلائڻ وارو هو ۽ ان ڏانهن ئي پاڻ هتي اشارو ڪيو اٿس. سندس ٽيون ارشاد آهي ته ”بلاشڪ مان رسول الله جي هڪ اهڙي لشڪر سان به گڏ هوس جتي اسان کي کائڻ جي لاءِ صرف وڻن جا پن ۽ ڪنڊين جون سڱريون ميسر هيون. ۽ انهن جي کائڻ جي ڪري اسان جون واڇون ڦٽجي پيون هيون ۽ اسان پيٽان ٻڪرين جي ڦولڙين ۽ اٺن جي ليڏوڻن وانگر ويهندا هياسون“ يعني جڏهن سن اٺ هجري ۾ رسول الله ٽي سؤ مهاجرن ۽ انصارن جي قيادت حضرت ابو عبيده بن الجراح d جي حوالي ڪئي ۽ مدينه منوره کان پنجن ڏينهن جي منزل تي سمنڊ جي ڪناري تي جُهينه قبيلي جي مقابلي لاءِ روانو فرمايو. ان لشڪر ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص d به هو ۽ هي لشڪر نهايت سخت هو ۽ مسلمانن انتهائي مشقتن، مصيبتن، صعوبتن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪيو هو، کاڌي ميسر نه ٿيڻ جي ڪري وڻن جا پن ۽ سنڱريون کائيندا هئا، ان جي ڪري هن لشڪر کي ”سرية الخبط“ چوندا آهن خبط جي معنى پن ڇاڻڻ. حضرت سعد بن ابي وقاص d هتي ان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هن حديث جو هي ٽڪرو باب جي مناسب آهي. اڳتي سندس ارشاد آهي ته انهن سڀني حقيقتن جي هوندي بنو اسد قبيلي وارا مون کي دين ۾ ملامت ڪن ٿا. جيڪڏهن دين کان منهنجي ناواقيت جو هي جهان رهيو ته پوءِ مان ناڪام ٿيس ۽ منهنجا عمل چَٽ ٿي ويا.“ هي تڏهن فرمايو هيائون  جڏهن حضرت امير المومنين عمر الفاروق جي خلافت جي دور ۾ کيس ڪوفه جو گورنر مقرر ڪيو ويو ته ڪوفين پنهنجي عادت جي موافق سندس خلاف سازشون شروع ڪيون ۽ انهن سازشن مان هڪ هيءَ به هئي جو حضرت عمر d کي چيائون ته : ڪوفي جو امير نماز صحيح نه ٿو پڙهائي.“ حضرت عمر فاروق d ان کي مدينه منوره ڏانهن گهرايو ۽ ان کي اها شڪايت ٻڌائي جنهن جي جواب ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص d پنهنجي مذڪوره ڳالهه ڪري صفائي پيش ڪئي ۽ هي به چيائين ته : مان ته اهڙي طرح نماز پڙهايان ٿو جهڙي طرح مون رسول الله جن کي نماز پڙهائيندي ڏٺو“ (انوارِ غوثيھ ص 540) علامه البيجوري  لکيو آهي ته حضرت سعد بن ابي وقاص d الله جي واٽ ۾ جن ڪافرن کي تير هنيو هو اهي ٻه سؤ هئا ۽ اهو واقعو هجرت کان اٺ مهينا پوءِ شوال مهيني ۾ ٿيو هو. حضرت سعد بن ابي وقاص d  سان سٺ مهاجر اصحابي گڏ هئا ۽ حضرت سعد بن ابي وقاص d جيڪا وڻن جي پنن کائڻ ۽ ڪنڊين جي سڱرين کائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي اها سن اٺ هجري رجب جي مهيني ۾ ٿي هئي، اصحاب سڳورا عليهم الرضوان ٽي سؤ 300 ڄڻا هئا. حضرت ابو عبيدة  بن الجراح جي اڳواڻي هئي. نبي ڪريم جن  انهن کي کجور جي هڪ وڏي ٻوري کائڻ جي لاءِ ڏني هئي. حضرت ابو عبيدة بن جراح d ان مان کين هڪ هڪ مٺ ڀري ڏيندو رهيو جڏهن ٿوريون ٿيون ته پوءِ هڪ هڪ کارڪ کين ڏيندو رهيو. جڏهن کپي ويون ته پوءِ ڪنڊين جون سڱريون کائڻ لڳا هئا.

عنبر نالي مڇي: جڏهن ته هي سڀ دشمنن ڪافرن جي انتظار ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ويٺل هئا ته : سمنڊ هنن ڏانهن هڪ مڇي اڇلائي جيڪا تمام وڏي هئي ان جو نالو عنبر هو ڇوته ان جي پيٽ ۾ عنبر هو، پوءِ اصحابن ڀلارن ان مان پورو مهينو پي کاڌو ۽ ان جي هڪ پاسري ايڏي وڏي هئي جو اٺ جو سوار اٺ سوڌو ان جي هيٺان لنگهي ويو ۽ هڪ قول آهي ته : حضرت سعد بن ابي وقاص d جنهن واقعي ڏانهن اشارو ڪيو آهي اهو ان جنگ  ۾ پيش آيو هو جنهن ۾ رسول الله   جن پاڻ شريڪ ٿيا هئا . (کما في الصحيحين) ۽ البيجوري  هي به لکيو آهي ته : حضرت عمر d حضرت سعد بن ابي وقاص d کي بصره جو امير مقرر ڪيو هو ۽ پاڻ جڏهن عدل وارو ۽ حق وارو امير هو ۽ عادل حاڪم کي ماڻهو پسند نه ڪندا آهن تڏهن اتي جي ماڻهن ڪوڙ هڻي حضرت عمر فاروق d  کي چيو ته نماز سهڻي نموني  نه ٿو پڙهائي، حالانڪه هي حضرت انهن کان تمام گهڻو وقت اڳي مسلمان ٿي حضور ڪريم جي صحبت مان گهڻو ڪجهه سکي ۽ پرائي چڪو هو ۽ پاڻ فرمايو هيائين ته : بنو اسد وارا مون کي دين (نماز) جي متعلق ملامت ٿا ڪن. جيڪڏهن مان سهڻي نموني نماز به ادا ڪري نه ٿو سگهان ته پوءِ ته مان نقصان ۾ آهيان ۽ منهنجا عمل برباد ٿي ويا. حضرت سعد بن ابي وقاص d نماز کي دين سڏيوآهي ڇوته اها دين جو ٿنڀ آهي. (المواهب ص 630، 631) ۽ هن حديث مان صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي معاش جي تنگي معلوم ٿئي ٿي جنهن مان حضور ڪريم جي به معاشي حالت معلوم ٿي رهي آهي. (اشرف الوسائل ص 552) خصائل نبوي واري لکيو آهي ته : حضرت عمر فاروق d حضرت سعد بن ابي وقاص d سان گڏ ٻه ماڻهو موڪليا جن اتي پهچي شهر ۾ گشت ڪري ان جي متعلق شڪايتن جي تحقيق ڪئي ۽ انهن ڪوفي ۾ ڪابه اهڙي مسجد نه ڇڏي جنهن ۾ نمازين جي حالات جي تحقيق نه ڪئي وئي. سڀني حضرت سعد بن ابي وقاص d جي تعريف ڪئي مگر هڪ شخص چيو ته : جڏهن قسم ڏئي پڇو ٿا ته سچ ٻڌايان ٿو ته ”حضرت سعد بن ابي وقاص d جهاد جي لاءِ ڪونه ٿو نڪري کيس پنهنجي جان پياري آهي ٻيو ته مال جي ورهائڻ ۾ برابري  ڪونه ٿو ڪري ٽيون ته فيصلي ۾ انصاف نه ٿو ڪري.“ حضرت سعد بن ابي وقاص d اهو ٻڌي فرمايو ته : هن ٽي شڪايتون ڪيون آهن ان جي لاءِ ٽي بد دعائون ڪيان ٿو. هر بد دعا هر شڪايت جي مناسب هوندي. (1) يا الله ! جيڪڏهن هي شخص ڪوڙو آهي محض شهرت ۽ دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ اٿي بيٺو آهي جو وڏي ماڻهو تي تنقيد ڪرڻ سان شهرت  ٿيندي آهي ته هن جي عمر وڌاءِ ۽ هن جي سڃي هجڻ ۾ اضافو ڪر ۽ هن کي فتنن ۾ مبتلا ڪر ان کان پوءِ ان شخص جي ڏسڻ واري جو بيان آهي ته : مون ان شخص کي ڏٺو ته ان جون پنبڻيون اکين تي ڪري پيون هيون سُڃو ٿي ويو هو ، گهٽين ۾ ڇوڪرين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو وتندو هو ۽ ڪير پڇندو هوس ته ڇا حال ٿي ويو اٿئي ته چوندو هو : حضرت سعد بن ابي وقاص dجي بد دعا لڳي آهي. (خصائل نبوي ص 344)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب فضائل الصحابة باب 15 مناقب حضرت سعد بن ابي وقاص d رقم الحديث 3728 ج 7 ص 83 {2} مسلم في کتاب الزهد والرقائق في ترجمتھ رقم الحديث 2966 ج 4 ص 2277 {3} النسائي في کتاب المناقب و في کتاب الرقائق من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 3 ص 309 {4} ابنِ ماجھ في المقدمة باب 11 وفي فضائل اصحاب رسول الله رقم الحديث 131 {5} احمد في المسند ج 1 ص 174، 176 {6} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 212 ص 29 {7} البيهقي في سننھ الکبرى  ج 1 ص 106 {8} الحميدي في مسنده  رقم الحديث 78 ج 1 ص 42.

{375} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا صَفْوَانُ بْنُ عِيسَى ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ عِيسٰى أَبُو نَعَامَةَ الْعَدَوِيُّ قَالَ : سَمِعْتُ خَالِدَ بْنَ عُمَيْرٍ ، وَشُوَيْسًا أَبَا الرَّقَادِ ، قَالاَ : بَعَثَ عُمَرُ بْنُ الْخَطَّابِ عُتْبَةَ بْنَ غَزْوَانَ وَقَالَ : انْطَلِقْ أَنْتَ وَمَنْ مَعَكَ ، حَتَّى إِذَا كُنْتُمْ فِي أَقْصَى بِلاَدِ الْعَرَبِ ، وَأَدْنَى بِلاَدِ الْعَجَمِ فَأَقْبِلُوا ، حَتَّى إِذَا كَانُوا بِالْمِرْبَدِ وَجَدُوا هَذَا ، فَقَالُوا : مَا هَذِهِ ؟ قَالُوا : هَذِهِ الْبَصْرَةُ فَسَارُوا حَتَّى إِذَا بَلَغُوا حِيَالَ الْجَسْرِ الصَّغِيرِ ، فَقَالُوا : هَهُنَا أُمِرْتُمْ ، فَنَزَلُوا - فَذَكَرُوا الْحَدِيثَ بِطُولِهِ - قَالَ : فَقَالَ عُتْبَةُ بْنُ غَزْوَانَ : لَقَدْ رَأَيْتُنِي وَإِنِّي لَسَابِعُ سَبْعَةٍ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَا لَنَا طَعَامٌ إِلاَ وَرَقَ الشَّجَرِ حَتَّى تَقَرَّحَتْ أَشْدَاقُنَا ، فَالْتَقَطْتُ بُرْدَةً قَسَمْتُهَا بَيْنِي وَبَيْنَ سَعْدٍ ، فَمَا مِنَّا مِنْ أَولَئِكَ السَّبْعَةِ أَحَدٌ إِلَّا وَهُوَ أَمِيرُ مِصْرٍ مِنَ الأَمْصَارِ وَسَتُجَرِّبُونَ الْأُمَرَاءَ بَعْدَنَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت خالد بن عمر ۽ شويس ابو الرقاد f کان روايت آهي ته حضرت عمر بن خطاب d حضرت عتبه بن غزوان d کي لشڪر جو سردار ڪري موڪليو ۽ چيائينس ته تون ۽ تنهنجا ساٿي روانا ٿي وڃو ۽ جڏهن سر زمين عرب جي پڄاڻي ٿئي ۽ عجم جي شهرن کي ويجهو پهچو(ته اتي رهو ۽ دين اسلام جو پيغام پهچايو) ان تي اهي سڀ روانا ٿي ويا ۽ جڏهن مربد“ جي جاءِ تي پهتا (جتي هينئر بصري شهر جي بيروني آبادي آهي) ته اتي نرم ۽ اڇو پٿر ڏٺائون اتي جي ماڻهن کان پڇيائون ته هي ڇا آهي؟ انهن ٻڌايو ته هن پٿر جو نالو ”بصرة“ آهي پوءِ اڳتي هلندا ويا، نيٺ جڏهن (دجلي جي) ننڍي پل جي سامهون پهتا اتي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته هتي رهڻ جو حڪم آهي پوءِ اتي لهي پيا ان کان پوءِ سڄي ڳالهه ٻڌايائون.  (پوءِ راوي سڄو قصو بيان ڪيو) راوي چوي ٿو ته عتبه بن غزوان d ٻڌايو ته مون پاڻ کي ڏٺو ته آءُ رسول الله جن سان پهرين ستن (مسلمانن) مان هڪڙو هوس. اسان کي وڻن جي پنن کان سواءِ کائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هو. نيٺ اسان جون واڇون پچي پيون، پوءِ مون هڪ چادر لڌي. اڌ پاڻ ۽ اڌ حضرت سعد d کي ڦاڙي ڏنم هينئر اسان ستن مان هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن وڏي شهر جو حاڪم آهي اجهو اسان کان پوءِ اوهان ٻين ايندڙ حاڪمن کي آزمائي ڏسندؤ.

مفردات جو شرح: ”مِرْبَدِ ان جاءِ کي چوندا آهن جتي اٺ يا ٻڪريون رات جو ويهن. وٿاڻ. اَلْمِربدُ نرم ۽ سفيد پٿر. ”البصره“ شهر جو نالو آهي  دجله ۽ فرات جي ٻنهي پاڻين جي ملڻ واري هنڌ تي اولهه واري ڪناري تي واقع آهي. ”لقط“ زمين تان کڻڻ. سَتُجَرِّبُونَ جلد تجربو ڪندؤ. تجريب کان ورتل آهي. آزمائڻ، تجربو ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ به حضرت حبيب ڪريم جي اصحابي عتبة بن غزوان جي بک جو حال بيان ڪيل آهي جو پاڻ وڻن جا پن کاڌا هيائون. ۽ سندن واڇون ڦٽجي پيون هيون ۽ هيءَ ڳالهه حضرت عتبه بن غزوان ان وقت ڪئي جڏهن حضرت عمر فاروق d کي اطلاع مليو ته ايران جو بادشاهه يزد جرد عربن سان لڙائي لاءِ عجم مان امدادي فوج گهرائي آهي جنهن جو دجلي درياء تان رستو هو ۽ دجلي درياء تي ان وقت ٻه پليون هيون. (1) هڪ وڏي پل بغداد وٽ ۽ ٻي ننڍي ڪاٺ جي پل بصري ۽ ڪوفي جي ڀرسان ۽ ان پل تان ان امدادي فوج جي لنگهڻ جو امڪان هو تنهنڪري حضرت عمر بن خطاب d حضرت عتبه کي ٽي سؤ سوار ڏئي ان پل جي ناڪابندي جي لاءِ موڪليو هو. ۽ ” البصرة“ اڇي نرم پٿر کي چوندا آهن ۽ اتي انهن جي هجڻ جي ڪري ان شهر جو نالو ”البصره“ پئجي ويو. حضرت عتبة d جي پنهنجي هن حالت کي  بيان ڪرڻ مان ٻه اهم مقصد هئا. (1) هڪ ته دين جي باري ۾ تڪليف برداشت  ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو گهڻو ڪري دنيا ۾ فائدو ملندو آهي. (2) ٻيو ته هن وقت جي اميرن کان جيڪڏهن اوهان کي ڪا ناگوارا ڳالهه پيش اچي ته اها برداشت  ڪيو، اها گهڻي غنيمت آهي ان حالات جي اعتبار سان جيڪي عنقريب اچڻ واريون آهن. حضرت عبدة بن عدوان d فرمايو ته : انهن بکن ۽ ڏکن ۾ رهڻ وارا اڄ ڪنهن  نه ڪنهن شهر جا امير آهن پر اسان کان پوءِ جيڪي امير ايندا اهي به آزمائي ڏسجو يعني انهن کان اوهان کي وڌيڪ شڪايتون هونديون. علامه قاضي محمد عاقل لاهوري  لکيو آهي ته : هن جو مطلب آهي ته : بعد ۾ اچڻ وارا امير عدالت، امانت ۽ دنيا کان منهن موڙڻ ۾ هنن جهڙا نه هوندا ۽ تجربي ٻڌايو ته واقعي ائين ٿيو. (انوارِ غوثيھ 541) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : بصره جو شهر اڳ ۾  نه هو ان جو بنياد به حضرت عتبھ رکيو هو ۽ جڏهن ته اتي سفيد ۽ نرم پٿر هئا انهن جي ڪري شهر جو اهو نالو رکيو ويو هو. البصره اڇن ۽ نرم پٿرن کي سڏيندا آهن. حضرت عتبھ اهو شهر سن سترهن هجري ۾ ٺاهيو ۽ سن ارڙهن هجري ۾ ماڻهو اتي آباد ٿيڻ لڳا. ۽ هن شهر ۾ ڪڏهن به بتن جي عبادت نه ٿي ان جي ڪري ان کي ”قبة الاسلام“ (يعني اسلام جو قبو) ۽ ”خزانة العرب“ (يعني عربن جو خزانو) سڏيو ويو آهي” ۽ اهي ڀلارا ننڍي پل وٽ پهتا“ هن پل مان مراد اها دجلي تي ٺاهيل وڏي پل آهي جيڪا بغداد وٽ هئي ان ۽ هن ننڍي پل جي وچ ۾ ڏهن ڏينهن جي پنڌ جو فاصلو هو ۽ حضرت عتبه وارا جڏهن اتي منزل انداز ٿيا ته خراسان وارن ڏانهن مسلمان ٿيڻ جي لاءِ ماڻهو موڪليائين پر اهي وري ويڙهه جي لاءِ وڏو لشڪر وٺي آيا ۽ حضرت عتبة جو ٿورو لشڪر ڏسي انهن کي هلڪو ۽ ڪمزور سمجهيائون. پر جڏهن جنگ لڳي ته حضرت عتبهd کي الله مدد ڪري انهن تي فتح عطا ڪئي. پوءِ اتي رهڻ جي لاءِ بصره شهر ٺاهڻ شروع ڪيو هيائين. حضرت عتبة ان دور جو غريبي حال بيان ڪندي فرمايو ته : مون اتي هڪ چادر لڌي (جيڪا ڪاري هئي ۽ وچ ۾ ليڪا هيس) اها ڦاڙي اڌ مون رکي ته اڌ سعد بن مالڪ کي ڏنم. ان اڌ سان مون گوڏ ٻڌي ۽ اڌ سان سعد گوڏ ٻڌي. (المواهب ص 634) ۽ اسان کان پوءِ اچڻ وارن اميرن کي به جلد آزمائيندؤ“ جي مراد آهي ته : اسان رسول الله جن جي صحبت ۾ رهي دنيا جي محبت کان خالي ۽ رياضت جا صاحب بڻياسون اسان کان پوءِ اچڻ وارن مان اها خوشبوءِ  اوهان کي نه ملندي ۽ علامه علي القاري  لکيو آهي ته لڌل چادر جو اڌ جنهن کي حضرت عتبه d ڏنو هو اهو حضرت سعد بن ابي وقاص d  هو. ۽ علامه موصوف لکيو آهي ته : حضرت عتبه d جو چوڻ ته : اسان کان پوءِ اچڻ وارن اميرن کي جلد آزمائي ڏسندؤ ۽ جيئن فرمايائين تيئن  ٿيو اهو غيبي امور جي خبر ڏيڻ واري ڪرامات مان آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته : هڪ لڌل چادر کي ڦاڙي ٻه اڌ ڪري ورهائڻ، صحابه ڪرام عليهم الرضوان ۽ حضور ڪريم جي معاش جي مسڪيني جو دليل آهي ۽ اهو ان جي ڪري جو مدينه منوره ۾ رهڻ وارن اصحابن، انصارن ڀلارن وٽ مڪه مڪرمه مان اچڻ وارا مهاجر دين بچائي اهڙي ڪيفيت ۾ پهتا هئا جو پاڻ سان گڏ ڪجهه به نه آندو هيائون. انتهائي غربت ۽ شديد مسڪيني جي حال ۾ آيا هئا. انصارن سڳورن سندن هر ممڪن مدد ڪئي تانجو پاڻ مسڪيني حال ۾ اچي ويا ۽ ان ڪيفيت تي تيستائين رهيا جيستائين خيبر وغيره کان فتوحات آئي ۽ ان فتوحات کي به في سبيل الله تقسيم ڪرڻ جي ڪري شديد معاشي بحران ۾ رهيا ۽ صبر ڪندي الله سان  وڃي مليا.                                                                                           (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 197)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب الزهد باب 12 معيشة اصحاب النبي رقم الحديث 4156 {2} مسلم في کتاب الزهد والرقائق في ترجمة رقم الحديث 2967 ج 4 ص 2278 {3} النسائي في کتاب الرقائق من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 7 ص 234 {4} احمد في المسند ج 4 ص 174 {5} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 1276 ص 180 {6} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 20891 ج 11 ص 421 {7} عبدالله بن المبارڪ في الزهد ص 188.

{376} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، قَالَ : حَدَّثَنَا رَوْحُ بْنُ أَسْلَمَ أَبُو حَاتِمٍ الْبَصْرِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا ثَابِتٌ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لَقَدْ أُخِفْتُ فِي اللَّهِ وَمَا يَخَافُ أَحَدٌ ، وَلَقَدْ أُوذِيتُ فِي اللَّهِ وَمَا يُؤْذَى أَحَدٌ ، وَلَقَدْ أَتَتْ عَلَيَّ ثَلاَثُونَ مِنْ بَيْنِ لَيْلَةٍ وَيَوْمٍ وَمَا لِي وَلِبِلاَلٍ طَعَامٌ يَأْكُلُهُ ذُو كَبِدٍ إِلَّا شَيْءٌ يُوَارَيِهِ إِبِطُ بِلاَلٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله فرمايو :” بيشڪ آءُ الله جي راهه ۾ ايترو ڊيڄاريو ويو آهيان جو ايترو ڪوبه نه ڊيڄاريو ويو. بيشڪ آءُ الله جي راهه ۾ ايترو ايذايو ويو آهيان جو ايترو ڪوبه نه ايذايو ويو آهي ۽ بيشڪ مون  تي اهڙيون ٽيهه راتيون ۽ ڏينهن گذريا جو منهنجي ۽ بلال d جي کائڻ لاءِ ڪابه اهڙي شيءِ نه هئي. جنهن کي ڪو جاندار کائي ڍؤ ڪري، مگر بلال جيڪا ٿوري گهڻي شيءِ بغل يا پاسي ۾ لڪائي رکندو هو (ان تي گذر ٿيندو هو).“

مفردات جو شرح: ”أُخِفْتُ اخافة کان ورتل، خوف ڏيارڻ، ڌمڪائڻ، ڊپ ڏيارڻ. ذُو كَبِدٍ جگر جو صاحب، جاندار. إِبِطُ بغل.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ حضور ڪريم جن ٽي ڳالهيون بيان ڪيون آهن. (1) الله جو قسم جيترو مان الله جي واٽ ۾ ڊيڄاريو ويو آهيان ايترو ڪوبه نه ڊيڄاريو ويو آهي“ مطلب ته جڏهن پاڻ ڪريم جن توحيد جي ڪلمي جو اعلان فرمايو ۽ اسلام ڏانهن سڏڻ شروع ڪيو ته کين هر ممڪن طريقي سان ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو تانت پاڻ اسلام ڏانهن سڏڻ ۽ حق جو پيغام پهچائڻ بند ڪن ۽ سندن ذات جهڙو ڪنهن کي به خوف نه ڏياريو ويو ڇوته پاڻ الله جي دين جي اظهار ۽ اعلان ۾ اڪيلا هئا. (2) ۽ الله جي واٽ ۾ جيترو مان ايذايو ويو آهيان ايترو ڪير به نه ايذايو ويو“ اها حقيقت ان جي اڳيان واضح آهي جنهن  سندن احوال ۽ سيرت کي مطالعه ڪيو هوندو. (3) ۽ منهنجي مٿان ٽيهه راتيون ۽ ڏينهن اهڙا گذريا جو مون لاءِ ۽ بلال جي لاءِ اهڙو طعام نه هو جو جگر جو صاحب کائي مگر ڪا ٿوري شيءِ جيڪا بلال بغل جي هيٺان لڪائي رکي هئي. ، بغل جي هيٺان رکڻ جو مطلب ته تمام ٿوري هئي. ڪنهن ٿانوَ يا رومال جي اندر رکڻ جيتري نه هئي. شارحن لکيو آهي ته هي قصو جيئن محدث ترمذي جامع ترمذي ۾ آندو آهي . مڪه مڪرمه کان ٻاهر نڪرڻ جي دور جو آهي. هجرت جي دور جو ناهي ڇوته : هجرت جي وقت حضرت بلال d حضور ڪريم جن سان سفر ۾ گڏ نه هو بلڪه ان کان علاوه ڪنهن ٻئي موقعي تي اهو قصو پيش آيو هو. (خصائل نبوي ص 348) ۽ بعض علماء لکيو آهي ته : اهو شايد ابتداء واري زماني ۾ مڪه کان طائف  جي سفر وارين تڪليفن جو بيان آهي، انهيءَ وقت حضرت بلال d سندن خدمت ۾ هو جنهن وٽ بغل جي هيٺان ڪجهه کاڌي جي شيءِ هئي جيڪا ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي. (فضائل النبي ص 223)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في المقدمة باب 11 فضائل اصحاب النبي رقم الحديث 151 {2} احمد في المسند ج 3 ص 120 {3} عبد بن حميد في المنتخب من المسند رقم الحديث 317 ص 392 {4} ابنِ حبان رقم الحديث 2528 ص 226 موارد الظمآن {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4080 ج 14 ص 276.

{377} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَفَّانُ بْنُ مُسْلِمٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا أَبَانُ بْنُ يَزِيدَ الْعَطَّارُ ، قَالَ : حَدَّثَنَا قَتَادَةُ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَمْ يَجْتَمِعْ عِنْدَهُ غَدَاءٌ وَلاَ عَشَاءٌ مِنْ خُبْزٍ وَلَحْمٍ إِلَّا عَلَى ضَفَفٍ.قَالَ عَبْدُ اللَّهِ : قَالَ بَعْضُهُمْ : هُوَ كَثْرَةُ الأَيْدِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته حضور ڪريم جي کاڌي ۾ صبح ۽ شام ڪڏهن به ماني ۽ گوشت گڏ نه هوندو هو مگر جڏهن مهمانن جي گهڻائي ٿيندي هئي. حضرت عبدالله d چيو ته (لغت يا ٻولي جي ماهرن) وٽ”ضفف“ مان مراد هٿن جي گهڻائي آهي يعني گهڻن ماڻهن جو گڏجي کائڻ.

مفردات جو شرح: ”غَداء صبح جو کاڌو. عَشَاءُ رات جو کاڌو. ضَفَفِ مال جي قلت. حاجت، ڪمزوري، جلد بازي، اهل ۽ عيال جي ڪثرت.

سمجهاڻي: شمائل ترمذي جي شارحن هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته : حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ مهمانن جي ڪثرت هوندي هئي. ته ماني ۽ گوشت مهيا ڪيو ويندو هو نه ته نه : جيئن به وقت گذرندو هو گذاريندا هئا. لغت جي مشهور  عالم ابو يزيد وٽ ”ضفف“ جي معنى ”شدت“ آهي ۽ فراء وٽ ”حاجت“ آهي ۽ ان لحاظ سان هتي معنى ٿيندي ”بک جي سختيءَ کان سواءِ کاڌو مهيا نه ٿيندو هو“ (انوارِ غوثيھ ص 543)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 270 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص {3} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6325 ج 8 ص 92، 93 {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 404.

{378} حَدَّثَنَا عَبْدُ بْنُ حُمَيْدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ بْنِ أَبِي فُدَيْكٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي ذِئْبٍ ، عَنْ مُسْلِمِ بْنِ جُنْدُبٍ ، عَنْ نَوْفَلِ بْنِ إِيَاسٍ الْهُذَلِيِّ قَالَ : كَانَ عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ عَوْفٍ لَنَا جَلِيسًا ، وَكَانَ نِعْمَ الْجَلِيسُ ، وَإِنَّهُ انْقَلَبَ بِنَا ذَاتَ يَوْمٍ حَتَّى إِذَا دَخَلْنَا بَيْتَهُ وَدَخَلَ فَاغْتَسَلَ ، ثُمَّ خَرَجَ وَأَتَيْنَا بِصَحْفَةٍ فِيهَا خُبْزٌ وَلَحْمٌ ، فَلَمَّا وُضِعَتْ بَكَى عَبْدُ الرَّحْمٰنِ فَقُلْتُ لَهُ : يَا أَبَا مُحَمَّدٍ ، مَا يُبْكِيكَ ؟ فَقَالَ : هَلكَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَلَمْ يَشْبَعْ هُوَ وَأَهْلُ بَيْتِهِ مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ فَلاَ أُرَانَا أُخِّرْنَا لِمَا هُوَ خَيْرٌ لَنَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت نوفل بن اياس هزلي d کان روايت آهي ته حضرت عبدالرحمان بن عوفd اسان جو همنشين هو ۽ ڀلي ڪچهري ڪندڙ هو، اهو اسان کي هڪڙي ڏينهن پاڻ وٽ لاڙي وٺي ويو. جڏهن سندس گهر آياسون، ته اهو اندر ويو ۽ وهنجي پوءِ ٻاهر اسان وٽ نڪري آيو هڪ ٿالهه جنهن ۾ ماني ۽ گوشت رکيل هو کڻي آيو. جڏهن اهو ٿانءُ رکيو ويو ته عبدالرحمان d روئڻ لڳو. تنهن تي مون ان کي چيو: اي ابو محمد ! ڇو ٿو روئين؟ ان چيو ته رسول الله هن حالت ۾ وصال ڪري ويا جو پاڻ ۽ سندن اهل بيت گهر وارن جوَن جي ماني به ڍؤ ڪري نه کاڌائون . ان کان پوءِ آءُ خيال نه ٿو ڪريان، ته اسان جنهن خوش حاليءَ ۾ پوئتي ڇڏيل آهيون. سو اسان جي لاءِ بهتر آهي يعني هينئر حضور ڪريم جن کان پوءِ اسان اهڙي ڪشادگي کي ڀلو نه ٿا ڀانيون.

مفردات جو شرح: ” اَلْجَلِيسُ همنشين، گڏ ويهندڙ. اُتِيۡنَا اسان وٽ آندو ويو. ”اتيان“ کان ورتل . حاضر ڪرڻ.بِصَحْفَةٍ وڏو ويڪرو پيالو جنهن مان پنج ماڻهو ڍؤ ڪن. ”ارانا“ مجهول جو صيغو آهي. رايا، رؤية، رئيانا هن جون مصدرون اينديون آهن. بصارت يا بصيرت سان ڏسڻ، يري جو اصل يراي آهي ۽ اصل جي معنى ۾ به گهٽ استعمال ٿيندو آهي ۽ اهو گمان جي معنى ۾ گهٽ استعمال ٿيندو آهي. ”ارانا“ جي معنى آهي ”منهنجي خيال ۾ آهي، ”اُخِّرنَا“ تاخير کان ورتل آهي. هن جي معنى آهي پوئتي ڪرڻ، مهلت ڏيڻ. اُخّرنَا جي معنى آهي اسان مهلت ڏنا وياسون. اسين پوئتي رکيا وياسون.

سمجهاڻي: نوفل بن الهذلي چيو ته : عبدالرحمان بن عوف d اسان جو همنشين هو. مجلس ۾ گڏ ويهندو هو. حضرت عبدالرحمان بن عوف جي ڪنيت ابو محمد آهي. زهري، قريشي آهي ڏهن (عشره مبشره) جنت جي بشارت ڏنلن مان هڪ هو اسلام آڻڻ ۾ قديم هو. حبشه ۽ مدينه منوره جي هجرت ڪئي هيائين. حضرت نبي ڪريم جن سان سڀني جهادن ۾ شريڪ هو. احد جي جنگ ۾ نهايت همٿ ۽ جوان مردي جو ثبوت ڏنو هيائين. کيس احد جي جنگ ۾ ويهه زخم پهتا هئا. ۽ ان جنگ ۾ سندس هڪ ٽنگ ختم ٿي وئي هئي. . عام الفيل (هاٿين جي لشڪر سان ابره جي طرفان ڪعبه شريف تي حملي واري) سال کان ڏهه سال پهريان پيدا ٿيو هو. ۽ سن 32 هه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي هيائين. جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو سندس عمر 72 سال هئي. علامه البيجوري  لکيو آهي ته حضرت عبدالرحمان بن عوف d جي حق ۾ مقولو هوندو هو ”نعمَ الجَليسُ عبدالرحمٰن (عبدالرحمان ڀلو مجلسي آهي) نوفل بن الهذلي ٻڌايو ته اسين هڪ ڀيري ان سان گڏ سندس گهر آياسين پاڻ گهر ۾ غسل خاني ۾ وڃي غسل ڪري فارغ ٿي آيو ته اسان جي اڳيان گوشت ۽ مانيءَ سان ڀريل وڏو ٿانُ رکيو ويو اهو رکڻ کان پوءِ حضرت عبدالرحمان بن عوف d روئڻ لڳو. اسان ان کان روئڻ جو سبب پڇيو ته ان فرمايو : رسول الله جن دنيا کان جدائي فرمائي ويا پر پاڻ ۽ سندن اهل ڪڏهن جوَن جي ماني کائي به ڍؤ نه ڪيو هيائون. مان نه ٿو سمجهان ته اسان کي ڪنهن ڀلائيءَ جي لاءِ پوئتي ڪيو ويو آهي“ مطلب ته اسان جي لاءِ جيڪا رزق جي وسعت ڪئي وئي آهي ڊپ ٿو ٿئي ته اهو ڪٿي اسان جي ڪيل نيڪين جو هتي ئي بدلو نه ٿي وڃي. علامه بيجوري  لکيو آهي تهواعلم ان ضيق عيشه لم يکن اضطرار يابل کان اختياريا قد عرض عليه بطحاء مکة ان تکون ذهبا فاباها (۽ ڄاڻ ته رسول الله جن جي مسڪيني اختيار ڪيل هئي اضطراري نه هئي سندن خدمت ۾ مڪه جا جبل سونا ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي وئي پر پاڻ انڪار ڪيائون. (المواهب ص 640 شرح المناوي ج 2 ص 119) علامه علي القاري  لکيو آهي ته هن ۾ اهو دليل آهي ته فقير، صابر، غني، شاڪر کان افضل آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 199) الغرض ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي اهڙين حالتن ۾ خوف ٿيندو هو ته خدانخواسته ان  وعيد ۾ نه داخل ٿيون ته اوهان پنهنجين نيڪين جو بدلو دنيا ۾ حاصل ڪري چڪا آهيو، جيئن قرآن ڪريم جي آيتاَذۡهَبۡتُمۡ طَيِّبٰتِکُمۡ فِيۡ حَيۡوَاتِکُمُ الدُّنۡيَا (اوهان پنهنجون نيڪيون پنهنجي دنيا واري حياتيءَ ۾ وڃائي چڪا آهيو.)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 223 {2} ابو نعيم في الحلية ج 1 ص 99 {3} البزار رقم الحديث 3684 {4} کشف الاستار ج 4 ص 366 {1} الهيتمي في مجمع الزوائد ج 10 ص 212.

 

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting