خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب چاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي عِبَادَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي روايتون شامل آهن

جن جو تعلق رسول الله جي عبادت سان آهي

 

سمجهاڻي: عبادت مڃڻ ۽ ٻانهپ ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. انسان جنهن الله جي فرمانبرداريءَ لاءِ پيدا ٿيو آهي. اها ٻه قسم آهي. (1) اقتراب. الله جو قرب حاصل ڪرڻ ۽ اهو نماز ۾ پوري طرح حاصل ٿئي ٿو جيئن حديث شريف ۾ آهي ته لَا يَزَالُ عَبۡدِيۡ يَتَقَّربُ اِليَّ بِالنَّوَافِل منهنجو ٻانهو مون کي هميشه نفلن سان ويجهو ٿيندو آهي.) (2) ٻيو ارتقاق : هڪ ٻئي سان چڱيءَ طرح زندگي گذارڻ ۽ اهو چئن حصن ۾ ورهايل آهي. حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ߋ انهيءَ ارتقاقات اربعه جو چڱيءَ طرح پورو بحث ڪيو آهي. هن باب ۾ اقتراب جو بيان آهي. ائين ته رسول الله جن جو اٿڻ، ويهڻ، کائڻ ، پيئڻ ، ڳالهائڻ يا ماٺ ڪرڻ الغرض ته هر چرپر الله جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ هوندي هئي پر هن باب ۾ ڪن خاص عبادتن جو ذڪر آهي. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته شمائل جي بعض نسخن ۾بَابُ مَا جَاءَ فِي عِبَادَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ آيو آهي  ۽ ننڊ جي باب کان پوءِ عبادت جو باب آندو ويو آهي ڇوته نبي ڪريم جي ننڊ به اجل عبادات ۽ اڪمل الطاعات ۾ هئي. عبادة چئبو آهي انتهائي خضوع ۽ تذلل کي. ۽ شريعت ۾ ان جو تعارف ان جي نشانين نماز، روزي ۽ جهاد سان ڪيوويو آهي ۽ تحقيق اها آهي ته رسول الله جن نبوة جي اظهار کان اڳي به ڪنهن ٻئي نبي جي شريعت مطابق عبادت نه ڪندا هئا ۽ غارِ حراء ۾ سندن عبادت الله جي مصنوعات ۾ فڪر وغيره باطني عبادات سان ۽ سندن خدمت ۾ اچڻ وارن مهمانن جي اڪرام سان هئي. پاڻ غارِ حراء ڏانهن سال ۾ هڪ مهينو نڪرندا هئا ۽ مذڪور طريقي سان عبادت ڪندا هئا. هن باب ۾ 24 حديثون آيل آهن . (المواهب ص 455) علامه ابن حجر ߋ لکيو آهي ته : اصل هن ۾ الله جو فرمان وَاعۡبُدۡ رَبَّکَ حَتّٰي يَاتِيَکَ الۡيَقِيۡنُ (۽ پنهنجي رب جي تيستائين عبادت ڪر تانجو توکي يقين اچي.) آهي هتي يقين مان مراد دنيا تان رحلت ڪرڻ آهي مطلب ته وفات تائين عبادت ڪر ۽ موت کي يقين سڏيو ويو آهي جو اهو يقينن اچڻو آهي ۽ هن جي غايت هي آهي ته حياتي جي هر لمحي ۾ عبادت ڪر ۽ زندگيءَ جي لحظن مان ڪوبه لحظو عبادت کان خالي نه ڪر. بغوي ۽ ابو نعيم روايت آندي آهي ته (رسول الله جن ارشاد فرمايو) مَا اُوۡحِيَ اِلَيَّ اَنۡ اَجۡمَعَ الۡمَالَ وَاَکُوۡنَ مِنَ التَّاجِرِيۡنَ وَلٰکِن اُوۡحِيَ اِلَيَّ اَنۡ سَبِّحَ بِحَمۡدِ رَبِّکَ وَکُنۡ مِنَ السَّاجِدِيۡنَ وَاعۡبُدَ رَبَّکَ حَتّٰي يَاتِيَکَ الۡيَقِيۡنُ (مون ڏانهن اهو وحي نه ڪيو ويو آهي ته مان مال گڏ ڪيان ۽ واپارين مان هجان ۽ پر مون ڏانهن اهو وحي ڪيو ويو آهي ته ”پنهنجي رب جي حمد سان تسبيح پڙهه ۽ سجدي ڪندڙن مان  هج ۽ موت اچڻ تائين پنهنجي رب جي عبادت ڪر) ۽ تسبيح ۽ ان جي ما بعد کي سيني جي تنگي دور ڪرڻ جي لاءِ ترتيب ڏني وئي ڇوته ان سان قلبن جي ڪٽ لهي ٿي پوءِ انسان دنيا کي حقير سمجهي ٿو ۽ ان جي گم ٿيڻ جي ڪري غم نه ٿو ڪري ۽ ان جي حصول تي غرور واري خوشي ٿو ڪري ۽ ان وقت سڀئي هم ۽ غم نه ٿا رهن ۽ الله جو فرمان وَاصۡطِبرۡ لِعِبَادَتِه جو مطلب آهي ته ڪافرن کي الاهي عذاب کان ڊيڄار ۽ حق جي پيغام پهچائڻ تي ملندڙ تڪليفن تي صبر ڪري برداشت ڪر.

حضور جن غار ۾ ڪنهن جي شريعت تي عبادت ڪندا هئا ؟ حضور ڪريم جن جمهور جي قول مطابق ڪنهن ٻئي نبي جي شريعت تي عبادت ڪندڙ نه هئا الله جي قول اَنِ اَتّبعۡ مِلَّةَ اِبۡرَاهِيۡمَ حَنِيۡفًا“ (ابراهيم جي ملت جي اتباع ڪر حق ڏانهن ورندڙ باطن کان منهن موڙيندڙ ٿي) مان مراد اصل توحيد جي عقيده ۾ برابر هجڻ آهي جيئن ٻي آيت ۾ آهي فَبِهُدَاٰهُمۡ اقۡتَدِهٗ (پوءِ انهن جي هدايت جي اقتداء ڪر) حالانڪه انهن جون شريعتون مختلف هيون. اتي به مراد اهو توحيد وارو گڏيل عقيدو آهي ۽ توحيد ۾ انهن جي اتباع جو مطلب آهي ته انهن وانگر نرميءَ سان توحيد جي دعوت ڏيو ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو دليل ڏيندا رهو. جيئن قرآن ڪريم ۾ مذڪور آهي. شيخ الاسلام بلقيني شرح البخاري ۾ آندو آهي ته جن جن حديثن تي اسان واقف ٿيا آهيون پڙهيون اٿئون انهن مان ڪنهن ۾ به اها وضاحت نه آئي آهي ته ”پاڻ غارحراء ۾ ڪهڙي طريقي سان عبادت ڪندا هئا.“ پر ابن اسحاق وغيره (سيرت نگارن) آندو آهي ته پاڻ سال ۾ هڪ مهينو غارِ حرا ۾ ويندا هئا عبادت ڪندا هئا ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئا ۽ جڏهن غار کان واپس ٿيندا هئا ته گهر ۾ وڃڻ کان پهريان ڪعبه جو طواف ڪندا هئا. ۽ هڪ قول مطابق سندن عبادت فڪر ڪرڻ هو. (اشرف الوسائل ص 370) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته هتي عبادت مان مراد واجبات کان مٿي آهي ۽ ترمذي عبادت کي ننڊ کان پوءِ ان جي ڪري ذڪر ڪيو آهي ڇوته حضرت رسول الله جي عبادت جيڪا قرآن ڪريم جي آيت وَمِنَ الَّليۡلِ فَتَهَجَّدۡ بِهٖ نَافِلَةً لَّکَ ۾ بيان ڪيل ۽ سورة المزمل ۾ مقرر ڪيل آهي اها  ننڊ کان پوءِ آهي ۽ ان کان پوءِ باب العبادة ۽ ترڪ العبادة ۾ اصل الله جو ارشاد آهي وَاعۡبُدَ رَبَّکَ حَتّٰي يَاتِيَکَ الۡيَقِيۡنُ يعني موت . مفسرن جو اجماع هن تي آهي پر زنديق ۽ ملحد چوندا آهن ته انسان جڏهن يقين جي منزل تي پهچي ٿو ته ان تان عبادت کڄي، معاف ٿي وڃي ٿي (پر اهو خالص ڪوڙ ۽ گمراهي آهي) ۽ هتي موت کي يقين سڏيو ويو آهي جو اهو يقينن اچڻو آهي ۽ تسبيح تي دوام ڪرڻ سان قلب جي ڪٽ لهي ٿي ۽ دنيا حقير نظر اچي ٿي نه ان جي وڃڻ تي غم ٿو رهي نه ملڻ تي خوشي ٿئي ٿي. اڳتي هلي علامه قاري ߋ لکيو آهي ته : مان چوان ٿو ته ظاهر هي آهي ته حضور ڪريم جن غار حراء ۾ باطني عبادات ، قلبي اذڪار ۽ الاهي صفات،آفاقي ۽ انفسي مصنوعات ۽ سٺن اخلاقن ۽ ڀلين طبيعتن، ضعيفن تي رحمت ۽ فقيرن تي شفقت ۾ فڪر ڪندا هئا. دشمنن جي تڪليفن کي برداشت، مصيبت ۾ صبر ڪرڻ نعمتن تي شڪر ڪرڻ، قضا تي رضا ۽ تسليم. هر امر الله جي  حوالي ڪري زمين ۽ آسمانن جي رب تي توڪل ڪرڻ، فناء جي حال ۽ بقاء جي مقام ۾ متحقق هجڻ جيڪو ڪامل اولياء اصفيا جي منتهى آهي ان تي سوچڻ هو. ان جي ڪري چيو ويو آهي ته نبين عليهم الصلواة والسلام جي بدايت. اولياء جي نهايت هوندي آهي. سالڪ جيستائين حضور ڪريم جي دين ۾ نهايت کي نه پهچندو تيستائين ولايت جي دروازي کان اندر داخل نه ٿيندو ۽ ان جو ان ۾ ڪو حصو به نه هوندو. (جمع الوسائل ج 2 ص 64)

{261} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، وَبِشْرُ بْنُ مُعَاذٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَوَانَةَ ، عَنْ زِيَادِ بْنِ عِلاَقَةَ ، عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ قَالَ : صَلَّى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَتَّى انْتَفَخَتْ قَدَمَاهُ فَقِيلَ لَهُ : أَتَتَكَلَّفُ هَذَا وَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟ قَالَ : أَفَلاَ أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت مغيره بن شعبه d کان روايت آهـي ته رسول الله جن (تهجد) نماز ايتري ڊگهي پڙهندا هئا جو سندن  پير مبارڪ سُڄي پوندا هئا. پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ويو ته اوهان ايتري تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟ هوڏانهن الله اوهان جي ڪري اوهان جي سڀني اڳين  ۽ پونين جا گناهه بخشي ڇڏيا آهن. پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته ڇا  آءُ الله جو شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان؟

مفردات جو شرح: ”اِنْتَفَخَتْ سڄي پيا، سوڄ چڙهي آين قَدَمَا ٻئي پير . أَتَتَكَلَّفُ“ اوهان پنهنجي مٿان محنت ۽ تڪليف ڇو ٿا برداشت ڪيوذَنْبُٗ گناهه شَكُورًا شڪر گذار. 

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آيو آهي ته سندن ٻئي پير مبارڪ سڄي پيا هئا.“ يعني رسول الله جن رات جو نماز ۾ ايترو گهڻو بيهندا هئا جو سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هئا. پوءِ شارحن جي قول مطابق حضرت عمر  d کين عرض ڪيو ته ” اوهان ايتري تڪليف ڇو ٿا ڪيو؟ پنهنجي جسم مبارڪ ۽ بدن پاڪ کي ايڏي تڪليف ڇو ٿا ڏيو؟ اوهان ته معصوم آهيو اوهان گناهن کان پاڪ آهيو. اوهان ڪو گناهه ڪرڻ ته ڇا سوچي به نه ٿا سگهو. بلڪه سموري امت جا سڀ گناهه اوهان جي صدقي بخش ڪيا ويندا. پاڻ فرمايائون ته ”ڇا مان شڪر گذار ٻانهو نه هجان.“ يعني جيڪي انعام ۽ اڪرام الله مون کي عطا ڪيا آهن مان عبادت جي ذريعي ان جو شڪر ٿو ادا ڪيان ۽ امت کي تعليم ٿو ڏيان ته اهي به مون وانگر شڪر گذار رهن ۽ ان سندن ارشاد مان اهو به واضح ٿيو ته عبادت جو صرف اهو غرض ناهي ته گناهن جي معافي وٺڻ جي لاءِ ڪئي وڃي بلڪه ان مان ٻيا اغراض به هوندا آهن، جن مان هڪ هي به آهي ته ان جي انعامات، اڪرامات ۽ ڀلاين جو نهايت عاجزي ۽ انڪساري سان شڪريو به ادا ڪيو وڃي ۽ آيت مبارڪ لِیَغْفِرَ لَکَ اللھ  مَا تَقَدَّمَ مِنۡ ذَنۡۢبِکَ وَ مَا تَاَخَّرَ مان مراد سندن امت جا گناهه آهن جيڪي سندن صدقي بخش ڪيا ويندا

حضور جن معصوم آهن: اڪثر مفسرن ۽ محدثن کان  منقول آهي ته حضور جن بعثت کان پهريان ۽ بعثت کان پوءِ به هر گناهه کان پاڪ آهن. خالص عبادت اها آهي جيڪا ڪنهن لالچ يا ڊپ کان سواءِ ڪئي وڃي. ان جو مقصد صرف ئي صرف الاهي رضا جو حصول هجي. سيدنا علي المرتضى d جو قول آهي ته اِنَّ قَوۡمًا عَبَدُوۡا رَغۡبَةً فَتِلۡکَ عِبَادَةُ التُّجَارِ وَاِنَّ قَوۡمًا عَبَدُوۡا رَهۡبَةً فَتِلۡکَ عِبَادَةُ الۡعَبِيۡدِ وَ اِنَّ قَوۡمًا عَبَدُوۡا شُکۡرًا فَتِلۡکَ عِبَادَةُ الۡاَحۡرَارِ.“ بلاشڪ هڪڙن ماڻهن الله جي عبادت لالچ ۽ طمع ۾ ڪئي اها واپارين جي عبادت آهي ۽ بلاشڪ هڪڙن ماڻهن ڊپ کان عبادت ڪئي اها (خريد ڪيل) غلامن جي عبادت آهي ۽ بلاشڪ هڪڙن ماڻهن الله جي شڪراني طور عبادت ڪئي اها آزاد انسانن جي عبادت آهي.) علامه عبدالجواد الدومي ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو : ”وَلَا تَکُوۡنَنَّ اَحَدُکُمۡ کَا لۡعَبۡدِ السُو ءِ اِنۡ خَافَ عَمِلَ وَلَا کَالۡاَجِيۡرِ السُّو ءِ اِنۡ لَّمۡ يُعۡطَ الۡاَجۡرَلَمۡ يَعۡمَلۡ اوهان مان ڪو هڪڙو به ان بري ٻانهي جهڙو نه هجي جو جيڪڏهن خوف رکي ته  عمل ڪري ۽ نه ان بري مزدور جهڙو هجي جو جيڪڏهن ڪجهه نه ڏنو وڃي ته عمل نه ڪري.) (الانوار الغوثيه ص 348) علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته سيدنا رسول الله جن نماز ۾ وڏي جدوجهد ڪندا هئا ان تي هميشگي ڪرڻ جي ڪري سندن پير مبارڪ سڄي پوندا هئا. پاڻ پنهنجي رب جي عبادت ۾ سڄي مخلوق کان وڏا هئا ان هوندي به امت تي مهرباني ڪندي فرمايائون ته عَلَيۡکُمۡ مِنَ الۡاَعۡمَالِ مَا تَطِيۡقُوۡنَ فَاِنَّ اللهَ لَاَيَملُّ حَتّٰي تَمَلُّوۡا عملن مان انهن کي لازم ڪري وٺو جيڪي ڪري سگهو يقينن الله ملول نه ٿو ٿئي تانجو اوهان ملول ٿيو. مطلب ته اهي عمل ڪيو جن تي هميشگي ڪري سگهو الله جي ملول ٿيڻ مان مراد ثواب نه ڏيڻ آهي ۽ حضور ڪريم جو جواب ۾عَبۡدًا شَکُوۡرًا چوڻ ان وضاحت جي لاءِ آهي ته عبد تي واجب آهي ته هميشه شڪر گذار رهي ۽ ان مقام تي هميشه انبياء عليهم الصلواة والسلام رهيا جن مان وڏي مرتبي وارو اسان جو آقا حضور ڪريم آهي. (المواهب ص 457) ۽ هن مان اهو به معلوم ٿيو ته مستحب آهي ته عبادت گهڻي ڪجي ۽ ان ۾ تڪليف  برداشت ڪجي ۽ سندن فرمان جو مطلب لکندي علامه علي القاري ߋ فرمايو ته مان ڪيئن نه عبادت ڪيان حالانڪه الله مون کي ٻنهي جهانن ۾ ڀلي هجڻ سان نوازيو آهي ۽ حضور ڪريم جن جو عَبۡدًا شَکُوۡرًا چوڻ سندن اعلى مقام ڏانهن اشارو آهي. ان ئي صفت سان سندن اسراء، معراج واري بيان ۾ ذڪر ڪيل آهي ۽ عبوديت نسبت جي صحت جي تقاضا ڪندي آهي ۽ اها عبات سان ئي حاصل ٿيندي آهي ۽ جنهن کين اهو عرض ڪيو هو ته اوهان ڇو ٿا ايتري تڪليف ڪيو حالانڪه اوهان مغفور آهيو ته ان عبادت جو سبب يا خوف آهي يا مغفرت حاصل ڪرڻ آهي. پر پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته وجه اڃان ٻيو آهي ۽ اهو آهي شڪر ڪرڻ. (جمع الوسائل  ص 66 ج 2) حضور ڪريم جي هر حرڪت ۽ سڪون عبادت آهي هر گفتگو ۽ خاموشي ذڪر ۽ فڪر آهي. هتي ته محدث ترمذي چند عبادات جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان اندازو لڳايو وڃي ته نبي ڪريم جن جي معصوم هجڻ جي باوجود، مغفرت ۽ مراتب جي پرواني ملڻ سان گڏ، ان اعلى مرتبي تي فائز رهڻ جنهن کي نه ڪو ولي ۽ نه ڪو نبي پهچي سگهيو يا پهچي سگهندو. ڪيتري قدر نفلي عبادتن ۾ مشغول رهندا هئا ۽ اسان کي سوچڻ کپي ته امتي سڏائڻ جي باوجود اسان سندن اتباع ۾ ڪيترو نفلي عبادات جو اهتمام ڪيو آهي حالانڪه اسين گنهگار بدڪار آهيون  اسين ته انهن کان وڌيڪ عبادات جا محتاج آهيون ۽ وري اسان جون عبادتون به اهڙيون آهن جن جو پورو معاوضو ته درڪنار ٿورو به ملي ته غنيمت آهي. الله وٽ هر عبادت جو وزن ۽ ان جي قيمت اخلاص تي مبني آهي جنهن ۾ جيترو اخلاص هوندو ان عبادت جو ايترو وزن هوندو. رسول الله جن جو ارشاد آهي ته هڪ ماڻهو نماز کان فارغ ٿئي ٿو ۽ ان جي لاءِ ان عبادت جو ڏهون حصو لکيو ويندو آهي. ڪنهن جي لاءِ نائون حصو ته ڪنهن جي لاءِ اٺون . اهڙي طرح ستون، ڇهون، پنجون، چوٿون، ٽيون، اڌ لکيو ويندو آهي. (ابو داؤد) ۽ ڏهون به مثال طور آهي نه ته ان کان گهٽ هوندو آهي. ٻي حديث ۾ ارشاد آهي ته ”قيامت ۾ سڀ کان اول نماز جو حساب ٿيندو الله ملائڪن کي فرمائيندو ته : منهنجي ٻانهي جي نماز کي ڏسو پوري آهي يا ناقص. جيڪڏهن اها پوري آهي ته دفتر ۾ پوري لکي ويندي ۽ جيڪڏهن ناقص آهي ته ارشاد ٿيندو هن جا ڪجهه نوافل به آهن يا نه. جيڪڏهن نوافل هوندا ته انهن مان فرائض جي تڪميل ڪئي ويندي. ان کان پوءِ وري ٻئي عبادات، زڪواة وغيره جو محاسبو ڪيو ويندو. (ابو داؤد) اسان ماڻهن جا فرائض جهڙي نموني ادا ٿين ٿا اهي اسان کي به معلوم آهن ان صورت ۾ ڇا ضروري ناهي ته نفلي عبادات نماز جي به هجي، صدقات ۽ ٻيء قسم جي نهايت ڪثرت ۽ اهتمام سان هجي ڇو ته الله جي عدالت ۾ حاضري نهايت سخت آهي ۽ اسان جي اعمال جا ٻه نگران هر وقت اسان سان گڏ آهن ۽ صرف ان تي اڪتفا ناهي بلڪه انسان جي بدن جو هر جزء ان نيڪ يا بري عمل جي شاهدي ڏيڻ وارو آهي جيڪي ان کان صادر ٿيندا آهن ان جي ڪري رسول الله جو ارشاد آهي ته : آڱرين تي ڪلمه طيبه ۽ تسبيحات کي ڳڻيندا ڪيو ته قيامت جي ڏينهن انهن آڱرين کان جو محاسبو ٿيندو ته پنهنجا پنهنجا اعمال ٻڌايو ۽ انهن کي ڳالهائڻ جي قوت عطا ڪئي ويندي. ٻڌائين ته انهن تي تسبيح ۽ ذڪر پڙهيو ويو هو. رسول الله تان منهنجا ابو امان قربان جو پاڻ هر شيءِ ۾ اسان جي لاءِ نمونو آهن. 

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في کتاب التهجد باب 6 قيام النبي حديث رقم 1130 ج 3 ص 14 {2} مسلم في کتاب صفات المنافقين واحکامهم باب 18 اکثار الاعمال والاجتهاد في العبادة حديث رقم 2819 ج 4 ص 2171 {3} احمد في المسند ج  4 ص 251 {4} البيهقي في سننھ ج 3 ص  16 {5} ابنِ خزيمھ في صحيحھ حديث رقم 1182 ، 1183 ج 2 ص 200.

{262} حَدَّثَنَا أَبُو عَمَّارٍ الْحُسَيْنُ بْنُ حُرَيْثٍ قَالَ : حَدَّثَنَا الْفَضْلُ بْنُ مُوسَى ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ عَمْرٍو ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي حَتَّى تَرِمَ قَدَمَاهُ قَالَ : فَقِيلَ لَهُ : أَتَفْعَلُ هَذَا وَقَدْ جَاءَكَ أَنَّ اللَّهَ قَدْ غَفَرَ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟ قَالَ : أَفَلاَ أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن نماز پڙهندا هئا ته سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هئا. پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ويو ته (يا رسول الله ) اوهان ايتري تڪليف ڇو ٿا ڪيو، جڏهن ته الله اوهان جي ڪري اوهان جي سڀني اڳين ۽ پونين جا گناهه بخشي ڇڏيا؟ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته : ڇا آءُ الله جو شڪر گذار ٻانهو نه بڻجان؟

مفردات جو شرح: ”تَرِمَ سڄي پوندا هئا. قَدَمَاهُ سندن پير مبارڪ.

سمجهاڻي: هن کان اڳ ۾ ذڪر ڪيل حديث واري ساڳي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 1184 ج 2 ص 201 {2} البزار في مسنده رقم الحديث 2381 ج3 ص 121 {3} ابنِ ماجھ في ڪتاب اقامة الصلواة والسنة فيها بـــاب 200 رقم الحديث 1420.

{263 حَدَّثَنَا عِيسٰى بْنُ عُثْمَانَ بْنِ عِيسٰى بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الرَّمْلِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَمِّي يَحْيٰى بْنُ عِيسٰى الرَّمْلِيُّ ، عَنِ الأَعْمَشِ عَنْ أَبِي صَالِحٍ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُومُ يُصَلِّي حَتَّى تَنْتَفِخَ قَدَمَاهُ فَيُقَالُ لَهُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، تَفْعَلُ هَذَا وَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ؟ قَالَ : أَفَلاَ أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن (تهجد) نماز ۾ ايترو بيهندا هئا جو سندن پير مبارڪ سڄي پوندا هئا. پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ويو ته يا رسول الله ! اوهان ايڏي تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟ هن حالت ۾  جو الله اوهان جي ڪري اوهان جي سڀني اڳين ۽ پونين جا گناهه بخشي ڇڏيا آهن؟ پاڻ سڳورن ارشا د فرمايو ته ”ڇا آءُ خدا جو شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان؟“

مفردات جو شرح: ”يَقُومُ يُصَلِّي بيهي نماز پڙهندا هئا. تَنْتَفِخَ سُڄي پوندا هئا.

سمجهاڻي: هن باب جي حديث نمبر 1، 11

، ۽ 3 جي سمجهاڻي ساڳي آهي پر ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان به هن شڪر ادا ڪرڻ جي متعلق هڪ مفصل روايت نقل ڪئي وئي آهي. حضرت عطاء ߋ فرمايو ته : مون هڪ ڀيري حضرت بيبي عائشه g کي عرض ڪيو ته : مون کي رسول الله جي ڪا نهايت عجيب ڳالهه ٻڌاءِ . ان ارشاد فرمايو ته : رسول الله جي ڪهڙي ڳالهه عجيب نه هئي؟ ان کان پوءِ ٻڌايائين ته : هڪ رات جو قصو آهي ته حضور ڪريم جن سمهڻ جي لاءِ مون وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ مون سان منهنجي چادر ۾ گڏ آرامي ٿيا. ٿورو وقت سمهڻ کان پوءِ اٿي وضو ڪري بيهي نماز جي نيت ڪيائون ۽ پوءِ روئڻ لڳا. تانجو سندن ڳوڙها مبارڪ سيني کان هيٺ ڪرڻ لڳا ان کان بعد رڪوع ڪيائون. ان ۾ روئندا رهيا الغرض مون کين عرض ڪيو ته ” اوهان ايترو ڇو روئي رهيا آهيو، اوهان جي مغفرت جو الله اعلان ڪري ڇڏيو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته ” پوءِ ڇا مان شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان“ ان کان پوءِ فرمايائون ته : مان ائين ڇونه ڪيان. حالانڪه اڄ مون تي هي آيتون نازل ٿيون آهن. ان کان پوءِ سورة بقره جي آيتاِنَّ فِیۡ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّیۡلِ وَالنَّہَارِ وَالْفُلْکِ الَّتِیۡ تَجْرِیۡ فِی الْبَحْرِ بِمَا یَنۡفَعُ النَّاسَ وَمَاۤ اَنۡزَلَ اللھ مِنَ السَّمَآءِ مِنۡ مَّآءٍ فَاَحْیَا بِھ الۡاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِہَا وَبَثَّ فِیۡہَا مِنۡ كُلِّ دَآبَّۃٍ۪ وَّتَصْرِیۡفِ الرِّیٰحِ وَالسَّحَابِ الْمُسَخَّرِ بَیۡنَ السَّمَآءِ وَالۡاَرْضِ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوۡنَ ﴿۱۶۴  (آيت ......) پڙهيائون. (خصائل نبوي ص 216)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر اڳئين حديث جي تخريج ۾ بيان ٿي چڪو آهي.

{264} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ يَزِيدَ قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِاللَّيْلِ ؟ فَقَالَتْ : كَانَ يَنَامُ أَوَّلَ اللَّيْلِ ثُمَّ يَقُومُ ، فَإِذَا كَانَ مِنَ السَّحَرِ أَوْتَرَ ، ثُمَّ أَتَى فِرَاشَهُ ، فَإِذَا كَانَ لَهُ حَاجَةٌ أَلَمَّ بِأَهْلِهِ ، فَإِذَا سَمِعَ الأَذَانَ وَثَبَ ، فَإِنْ كَانَ جُنُبًا أَفَاضَ عَلَيْهِ مِنَ الْمَاءِ ، وَإِلَّا تَوَضَّأَ وَخَرَجَ إِلَى الصَّلاَةِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت اسود بن يزيد d کان روايت آهي ته مون حضرت سيده عائشه صديقه g کان رسول الله جن جي رات جي نماز جي باري ۾ پڇيو؟ بيبي سڳوري g چيو ته پاڻ ڪريم اول سنجهي ۾ رات جو ننڊ ڪندا هئا. پوءِ نماز يا عبادت لاءِ اٿندا هئا پوءِ جڏهن صبح جو اسر ويجهو ٿيندو هو ته وتر پڙهي پنهنجي بستري تي ايندا هئا. جيڪڏهن کين ضرورت هوندي هئي ته پنهنجي بيبي سڳوري وٽ ويندا هئا. پوءِ جڏهن بانگ ٻڌندا هئا ته تڪڙو اٿندا هئا، جيڪڏهن کين وهنجڻ جي حاجت هوندي هئي ته وهنجندا هئا نه ته رڳو وضو ڪري نماز لاءِ نڪرندا هئا.

مفردات جو شرح: ”أَوَّلَ اللَّيْلِ رات جو پهريون حصو . ”اَلسَّحَرِ رات جو پويون حصو. أَوْتَرَ وتر پڙهيائون. أَلَمَّ ويجهو ويندا هئا. حجت ڪندا هئا، ڀر ۾ وهندا هئا. وَثَبَ جلدي ۾ اٿيا، فورن اٿيا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان حضرت نبي ڪريم جي رات جي نماز جي متعلق سوال ڪيو ويو آهي ته پاڻ سڳورا رات جي ڪهڙي ڪهڙي حصي ۾ عبادت ڪندا هئا ۽ تهجد جي نماز ڪهڙي وقت پڙهندا هئا. وتر ڪهڙي وقت پڙهندا هئا وغيره وغيره. جواب ۾ سيده فرمايو ته پاڻ رات جي پهرئين حصي ۾ آرام ڪندا هئا. علامه مناوي ߋ فرمايو ته ”بعد صلواة العشاء الي تمام نصفه الاول لانه کره النوم قبلها“ يعني پاڻ عشاء (سومهڻي) جي نماز کان پوءِ رات جي پهرئين اڌ تائين ننڊ ڪندا هئا. عشاء جي نماز کان پهريان ننڊ کي پسند نه ڪندا هئا. ان کان پوءِ ننڊ مان اٿي تهجد جي نماز پڙهندا ۽ الله جي تسبيح ۽ تقديس ۾ مصروف رهندا هئا. نماز ۾ ايترو گهڻو وقت بيهندا هئا جو سندن پاڪ پير سڄي پوندا هئا. ۽ ان طرح عبادت ڪندي رات جي آخري حصي ۾ وتر پڙهندا هئا. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته : عن ابنِ عباس f کان يقرء في الاولى سَبِّحِ اسْمَ رَبِّکَ الْاَعْلَی ۙ﴿۱﴾   قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ ۙ﴿۱﴾   قُلْ ہُوَ اللھ  اَحَدٌ  ۚ﴿۱    فِيۡ رَکۡعَةِِ رَکۡعَةِِ يعني حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن (وتر جي) پهرين رڪعت ۾ سَبِّحِ اسْمَ رَبِّکَ الْاَعْلَی “۽ قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ ۽ قُلْ ہُوَ اللھ  اَحَدٌ هڪ هڪ پونين ٻن رڪعتن ۾ پڙهندا هئا اهڙي طرح ابو داؤد ۽ مصنف ۾ عبدالرزاق حضرت ام المؤمنين عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ۽ پاڻ وتر پڙهي فجر تائين آرام ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن گهرواري سان صحبت ڪرڻ چاهيندا هئا ته ڪندا هئا جيڪڏهن نه ته نه ۽ صحبت ڪرڻ جي صورت ۾ غسل ڪندا هئا نه ته وضو ڪري نماز لاءِ مسجد ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا. علامه البيجوري ߋ فرمايو ته : وضو ڪري گهر ۾ ئي ٻه رڪعتون سنت پڙهي فرض نماز پڙهائڻ جي لاءِ مسجد ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ اهو سندن وضو نئين ڪرڻ جي لاءِ هوندو هو ڇوته سندن ننڊ وضو نه ڀڃندي هئي. (انوارِ غوثيه ص 351)

فائدو: تهجد جو وقت اڌ رات کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ڪجهه آرام ڪرڻ کان پوءِ عبادت ۾ چستي پيدا ٿيندي آهي ۽ گهرواريءَ سان صحبت ڪرڻ جي لاءِ رات جو پويون حصو طبي لحاظ سان فائديمند لکيو اٿن ان وقت کاڌي هضم ٿيڻ ۽ ننڊ ڪرڻ جي ڪري طبيعت هلڪي رهي ٿي پر ان وقت جي لاءِ  شرعي پابندي ڪابه ڪانه آهي. ڪن بزرگن لکيو آهي ته : ٺيڪ نماز جي  وقت همبستريءَ کان جيڪڏهن ٻار پيدا ٿيندو ته اهو والدين جو نافرمان ٿيندو. (فضائل النبي ص 153)

اعتراض: حضرت رسول الله جن کان مختلف سنَدَن سان طاقت کان وڌيڪ مجاهدات ۽ رياضات ۽ عبادات جي ممانعت آيل آهي ته پوءِ پاڻ ايتري تڪليف ڇو ٿي ڪيائون؟

جواب: انسان صرف عبادت جي لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو آهي ته ان ۾ جيترو به اضافو، اهتمام ۽ زيادتي ڪئي وڃي بهتر آهي. ممدوح ۽ پسنديده آهي. جتي زيادتي کان منع آيل آهي. اها عوارض جي ڪري آهي جتي ڪو عارض يا مانع در پيش هوندو اتي زيادتي غير مستحسن هوندي انهن عوارض مان هي به آهي  ته انسان ٿڪجي نه پوي ۽ پوءِ سستي ڪري مورڳي عبادت ڇڏي نه ڏي. عبادت جي ڪثرت کان منع ڪندڙ احاديث مان اها مراد آهي. حضور ڪريم جو ارشاد آهي ته ”اعمال ايتري قدر ڪيو جيتري قدر ڪري سگهو. الله ثواب عطا ڪرڻ ۾ گهٽتائي نه ٿو ڪري جيستائين جو اوهان عمل ڪرڻ ۾ ٿڪجي نه پئو“ ان جي ڪري علماء مجاهدات ۾ زيادتي کان روڪيندا آهن ته مبادا انسان ٿڪجي مورڳي عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏي. پر حضور ڪريم جن جو شان ته ان کان ارفع ۽ اعلى آهي اتي ٿڪجي پوڻ جو احتمال به نه هو. سندن فرمان آهي ته ”منهنجي اکين جو ٺار نماز آهي“ ۽ ڪيئن نه هوندي جڏهن ته نماز الله سان راز ۽ نياز آهي ته حضور ڪريم جهڙي پياري الله جي ٻانهي جي لاءِ پنهنجي مالڪ سان راز ۽ نياز ۾ ڪيتري نه لذت حاصل ٿيندي هوندي. ٿڪجندو اهو جيڪو ان لذت کان محروم هوندو. اهڙي طرح حديثن ۾ جيڪو عبادت جي ڪثرت کان ٻيو مانع آيل آهي اهو ٻانهي تي لازم ڪيل حقوق ۾ ڪوتاهي ٿيڻ جي ڪري آهي جو مجاهدات جي ڪثرت سان ضعف ۽ ڪمزوري پيدا ٿيندي آهي جنهن سان حقوق ادا ڪرڻ رهجي ويندا آهن حضور ڪريم جن وٽ ته اهو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ان جي ڪري جو جيڪا قدسي ذات ان مجاهدات، کاڌي گهٽ کائڻ جي باوجود به هڪ ئي ڀيري ۾ نَوَن گهروارين سان صحبت ڪري سگهي اتي ضعف جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. اهڙي طرح ٻين عوارض جو حال آهي جيڪي پاڻ ڪريم سان لاڳو نه ٿا ٿي سگهن ان جي ڪري ههڙين روايتن تي ڪو اعتراض نه ٿو ٿي سگهي. (خصائل نبوي ص 218)

وتر جو بيان: ان جو مفصل بيان  ته اڳتي ايندو پر حضرت علي d کان مرفوع روايت ۾ آيو آهي ته رسول الله جن ٽي رڪعتون وتر پڙهندا هئا جنهن ۾ مفصل مان نوَ سورتون پڙهندا هئا. هر هڪ رڪعت ۾ ٽي سورتون  پڙهندا هئا جن ۾ آخري سورت ”قل هو الله احد“ هوندي هئي ۽ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان اها به روايت آهي ته رسول الله جن رات جو تيرهن رڪعتون پڙهندا هئا. انهن ۾ وتر به هوندو هو ۽ ٻه رڪعتون فجر جي سنت واريون به“ ۽ حضرت حبيب ڪريم جن تهجد کان پوءِ ٿورو وقت رات جو ڇهون حصو آرام به ڪندا هئا ۽ اهو مستحب آهي ان سان انسان ۾ قوت رهندي ۽ منهن  تي اوجاڳي واري ڦڪاڻ جو اثر نه رهندو، ۽ هن  روايت ۾ آيل لفظ ”ثم“ مان هي فائدو حاصل ٿيو ته حضرت رسول الله جن رات واري عبادت تهجد وغيره کان فارغ ٿي پوءِ پنهنجي گهروارين سان صحبت ڪندا هئا. ۽ حضرت حبيب ڪريم جن اهو به ارشاد فرمايو آهي ته اَفۡضَلُ الۡقِيَامِ قِيَامُ دَاوٗدَ (عَلَيۡهِ الصَّلٰوة والسَّلام) کَانَ يَنَامُ ثُلۡثَ الَّليۡلِ وَيَقُوۡمُ ثُلۡثَهٗ وَ يَنَامُ سُدۡسَهٗ (عبادت ۾ ) بيهڻ ۾ ڀلو بيهڻ (حضرت) داؤد (عليه الصلٰوة والسلام) جو آهي رات جو ٽيون حصو ننڊ ڪندو هو ۽ ٽيون حصو بيهندو هو ۽ ڇهون حصو ننڊ ڪندو هو) ۽ هن روايت مان هي به فائدو حاصل ٿيو ته رات جو ڪجهه ننڊ ڪرڻ کان پوءِ جماع ڪرڻ ڀلو آهي. تهجد پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو پاڪ صاف هوندو ان ڪيفيت ۾ صحبت ڪرڻ ڀلو ڪم آهي ۽ مناسب آهي ته عبادت جو وڌيڪ اهتمام ڪجي ننڊ ۽ ٻين خوشين کي پوئتي رهائجي. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته رسول الله جن جڏهن به عشاء پڙهي منهنجي گهر ايندا هئا ته چار رڪعتون يا ڇهه رڪعتون نماز پڙهندا هئا. (رواه ابو داؤد) ۽ صحيحين ۾ روايت آهي ته حضرت نبي ڪريم رات جي ٻئي حصي ۾ ڪڪڙ جي بانگ ٻڌي اٿندا هئا ۽ اهو به ثابت آهي ته رسول الله جن ڪڏهن رات جي پوئين حصي ۾ غسل ڪندا هئا ۽ ڪڏهن رات جي  پهرئين حصي ۾ وتر پڙهندا هئا ته ڪڏهن پوئين حصي ۾. ڪڏهن وڏي آواز سان قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا ته ڪڏهن آهستي.“ ۽ ام المؤمنين ام سلمه g کان روايت آهي ته ”اسان سان نماز پڙهندا هئا ان کان پوءِ نماز جيترو قدر  ننڊ ڪندا هئا ۽ ان کان پوءِ ننڊ جيترو قدر نماز پڙهندا هئا ان کان پوءِ نماز جيترو قدر ننڊ ڪندا هئا تانجو صبح ٿي ويندي هئي. (رواه ابو داؤد والترمذي، والنسائي، جمع الوسائل ج 2 ص 67، 68، المواهب ص 460) ۽ علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جيڪو وضو ڪندا هئا. ان کي هروڀرو نئين وضو تي محمول ڪرڻ ضروري ناهي ڇوته ننڊ جي ڪري سندن وضو ته نه ڀڄندو هو پر ممڪن آهي جو وضو ڀڄڻ جو ٻيو ڪو سبب ظاهر ٿيو هجي.                                                                                                              (اشرف الوسائل ص 375)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب التهجد باب 15 من نام اول الليل واحيا آخره رقم الحديث 1146 ج 3 ص 32 {2} النسائي في ڪتاب قيام الليل وتطوع النهار باب 30 وقت الوتر ج 3 ص 230 {3} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 2593 ج 6 ص 328 {4} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 1386 ص 198 {5} مسلم في ڪتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 17 صلواة الليل وعدد رکعات النبي في الليل رقم الحديث 739 ج 1 ص 510 {6} احمد في المسند ج 6 ص 102 {7} البيهقي في سننھ ج 1 ص 201، 202.

{265} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، ح وَحَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسَى الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ ، عَنْ مَالِكٍ ، عَنْ مَخْرَمَةَ بْنِ سُلَيْمَانَ ، عَنْ كُرَيْبٍ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّهُ أَخْبَرَهُ أَنَّهُ بَاتَ عِنْدَ مَيْمُونَةَ وَهِيَ خَالَتُهُ قَالَ : فَاضْطَجَعْتُ فِي عَرْضِ الْوِسَادَةِ ، وَاضْطَجَعَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي طُولِهَا ، فَنَامَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَتَّى إِذَا انْتَصَفَ اللَّيْلُ أَوْ قَبْلَهُ بِقَلِيلٍ أَوْ بَعْدَهُ بِقَلِيلٍ ، فَاسْتَيْقَظَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَجَعَلَ يَمْسَحُ النَّوْمَ عَنْ وَجْهِهِ ، ثُمَّ قَرَأَ الْعَشْرَ الآيَاتِ الْخَوَاتِيمَ مِنْ سُورَةِ آلِ عِمْرَانَ ، ثُمَّ قَامَ إِلَى شَنٍّ مُعَلَّقٍ فَتَوَضَّأَ مِنْهَا ، فَأَحْسَنَ الْوُضُوءَ ، ثُمَّ قَامَ يُصَلِّي قَالَ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبَّاسٍ : فَقُمْتُ إِلَى جَنْبِهِ فَوَضَعَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَدَهُ الْيُمْنَى عَلَى رَأْسِي ثُمَّ أَخَذَ بِأُذُنِي الْيُمْنَى فَفَتَلَهَا فَصَلَّى رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ - قَالَ مَعْنٌ : سِتَّ مَرَّاتٍ - ثُمَّ أَوْتَرَ ، ثُمَّ اضْطَجَعَ حَتَّى جَاءَهُ الْمُؤَذِّنُ فَقَامَ فَصَلَّى رَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ ، ثُمَّ خَرَجَ فَصَلَّى الصُّبْحَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي. (ان پنهنجي شاگرد ابو ڪريب d کي ٻڌايو) ته آءُ ننڍي هوندي هڪ رات پنهنجي ماسي مؤمنن جي ماءُ حضرت ميمونه g وٽ رهيس. آءُ وهاڻي جي منڍي تي مٿو رکي سمهي پيس ۽ پاڻ سڳورا ان جي ڊيگهه تي سمهي پيا پوءِ رسول الله جن اڌ رات يا ٿورو اڳ ۾ يا پوءِ ننڊ ڪري جاڳيا. منهن مبارڪ مهٽي ننڊ لاهڻ لڳا، پوءِ سورة آل عمران جون پويون ڏهه آيتون پڙهيائون. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن پاڻيءَ جي کليءَ مان ٺاهي ٺاهي وضو ڪيو ۽ نماز پڙهڻ لڳا.

حضرت عبدالله بن عباس f چيو ته آءُ به اٿي پاڻ ڪريم جي کاٻي پاسي کان ٿي بيٺس، ته رسول الله جن پنهنجو ساڄو هٿ مبارڪ منهنجي مٿي تي رکي، منهنجي ساڄي ڪن کي وٺي مروڙيو يعني مون کي کاٻي پاسي کان ڦيرائي پنهنجي ساڄي پاسي ڪري بيهاريو ۽ ٻه رڪعتون نماز پڙهيائون. وري ٻه رڪعتون وري ٻه رڪعتون ، وري ٻه رڪعتون ۽ وري ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيائون.

حضرت معن d (حديث جي راوي) چيو ته ائين ڇهه ڀيرا (ٻارهن رڪعتون تهجد نماز) پڙهيائون ان کان پوءِ پاڻ سڳورا وتر نماز (ٽي رڪعتون) پڙهي سمهي پيا. پوءِ ٻانگو آيو ته پاڻ اٿي ٻه رڪعتون هلڪيون (فجر جي سنت) پڙهي پوءِ ٻاهر مسجد ۾ اچي صبح واري نماز ادا ڪيائون.

مفردات جو شرح: ”بَاتَ رات گذاريائون. شَنٍّ کلي مُعَلَّقٍ ٽنگيل، لٽڪايل. جَنۡبُ پاسو. سِتَّ مَرَّاتٍ ڇهه ڀيرا. فَفَتَلَ مروڙيائون. خَفِيفَتَيْنِ هلڪا. 

سمجهاڻي: هن حديث مان ٻه ٽي ڳالهيون معلوم ٿيون. (1) ته نماز ۾ ٿورڙي عمل سان چڱائي چوڻ جائز آهي. جيئن حضرت رسول الله جن حضرت ابنِ عباس f جي ڪن کي مروڙي کاٻي کان ڇڪي ان کي سڄي پاسي آندائون. (2) ته رات جو نماز کان پوءِ وتر پڙهڻ افضل آهي. (3) ته بانگي لاءِ مستحب آهي ته جيڪڏهن امام صاحب گهر ۾ آهي ۽ جماعت تيار آهي ته ان کي اطلاع ڪري. (4) ته صبح واري سنت مختصر ڪري پڙهڻ مسنون آهي (5) ته صبح واري سنت گهر ۾ پڙهڻ افضل آهي(6) ته ڇوڪري جي نماز امام سان جائز آهي (7)  نفل ۾ جماعت جو مسئلو : نفل ۾ جماعت جائز آهي ان شرط سان ته ان جي لاءِ خاص طور ماڻهن کي سڏيو نه وڃي. والله اعلم (انوار غوثيه ص 352) علامه علي القاري لکيو آهي ته : حضرت ابنِ عباس f  پنهنجي ماسي ميمونه g وٽ رات جو ترسيو هو. سيده ميمونه g حضرت حبيب ڪريم جي گهرواري، مؤمنن جي ماءُ آهي. هي ڀاڻيجو هو. ڀاڻيجو ماسيءَ جو محرم آهي ان وٽ رهي سگهي ٿو. سيده ميمونه الحرث، الهلاليه العامره جي نياڻي هئي. هن جو نالو ”بره“، هو. حضور ڪريم جن ان جو نالو ميمونه رکيو هو. جاهليت ۾ اها مسعود بن عمرو الثقفي جي گهرواري هئي. پوءِ  ان کيس ڇڏي ڏنو (طلاق ڏني هوندي) ته سيده ابورحم بن عبد العزى سان شادي ڪئي. ۽ اهو جڏهن وفات ڪري ويو ته پوءِ ان سان رسول الله جن شادي ڪئي جڏهن پاڻ مڪه مڪرمه ۾ عمره قضا ڪرڻ آيا هئا ۽ اهو خيبر جي فتح کان پوءِ سن 7 هه ذوالقعده مهيني ۾ هو ۽ سيده ميمونه g جي ڀيڻ ام الفضل لبابه حضرت عباس d جي گهرواري هئي ۽ سندس مائيتي ڀيڻ حضرت بيبي اسماء بنت عميس حضرت جعفر d جي گهرواري هئي. ۽ سلمى بنت عميس حضرت حمزه d جي گهرواري هئي. ۽ هڪ قول مطابق حضرت ميمونه g حضور ڪريم جن کي پنهنجو پاڻ هبھ (بخشش) ڪري ڏنو هو ڇوته ان کي جڏهن حضور ڪريم جن جي طرفان نڪاح جو پيغام پهتو هو ته اها اٺ تي سوار هئي ۽ چيو هيائين ته اٺ ۽ جيڪو سامان ان جي مٿان آهي الله ۽ الله جي رسول جي حوالي آهي ۽ پنهنجو امر حضرت عباس d جي حوالي ڪيو هيائين پوءِ حضرت عباس d ان جو نڪاح حضور ڪريم جي ذات سان ان حال ۾ ڪرايو جو حبيب ڪريم جن احرام سان هئا ۽ عمره کان فارغ ٿي احرام کولي مڪه مڪرمه ۾ سَرف نالي مقام تي ان سان شادي ڪئي هيائون. ۽ تاريخ جي عجيب ڳالهه آهي ته جنهن گهر ۾ سيده ميمونه g جي شادي ٿي هئي ان ئي گهر ۾ سن 51 يا 66 هه ۾ ان جي وفات  ٿي هئي ۽ اها مڪه کان مدينه وڃڻ واري واٽ تي جاءِ آهي ۽ هن جي جنازي جي نماز حضرت ابنِ عباس f پڙهائي هئي. حضرت ابنِ عباس f رسول الله جن جي پيرن مبارڪن واري پاسي کان برڪت حاصل ڪرڻ ۽ ادب خاطر ستو هو

مسئلو: هن ۾ ان ڳالهه جو دليل  آهي ته : ڪنهن مرد جي گهرواريءَ جو محرم گهر ۾ انهن سان گڏ سمهي سگهي ٿو. ۽ حضرت ابن عباس f  پاڻ ڪريم جن وٽ ان رات سندن رات واري عبادت جي معلوم ڪرڻ جي لاءِ ستو هو ۽ پنهنجي گهرواريءَ سان هڪ چادر ۾ سمهڻ حضور ڪريم جي سنت سنيه هئي. ۽ عورت کان جدا سمهڻ جيئن عجمي ماڻهن ۽ متڪبرن جو طريقو آهي سٺو نه آهي ، مذمت ڪيل عمل آهي. ها جيڪڏهن عورت پاڻ ائين ڪرڻ گهري ٿي ته پوءِ ڀلي ڪري. يا عورت کي ادب سيکارڻ جي لاءِ مڙس اهوطريقو اختيار ڪري ته ڪري سگهي ٿو. ۽ حضرت ابنِ عباس f جو قول ته :” حضور ڪريم جن جي ننڊ مان اٿي اکيون مبارڪ مَهٽي پوءِ الله جي ڪلام مان آيت مبارڪ ”اِنَّ فِي خَلۡقِ السَّمٰواتِ وَالۡاَرۡضِ“ کان سورة آل عمران جون ست آيتون پڙهڻ“ مان ثابت ٿيو ته ننڊ مان اٿي قرآن ڪريم جون اهي آيتون پڙهڻ مسنون عمل آهي. حضرت ابنِ عباس f فرمايو ته مان حبيب ڪريم جن جي کاٻي پاسي ٿي بيٺس ته پاڻ هٿ مبارڪ ڦيرائي مون کي ڪن کان وٺي سڄي پاسي بيهاريائون. ۽ پاڻ 12 رڪعتون نفل پڙهي پوءِ وتر پڙهيائون. ”ثم اضطجع“ حضور ڪريم جن ان کان پوءِ ليٽي پيا ۽ اهو سندن ليٽي پوڻ استراحت جي لاءِ هوندو هو. تانت رات جو بيهڻ وارو ٿڪ لهي وڃي ۽ صبح واري فجر مزي سان ادا ڪئي وڃي. محدث نووي ߋ لکيو آهي ته فجر جي ٻن رڪعتن سنت کان پوءِ به ٿورو ليٽي پوڻ ٿيو ته کين بانگو بلال يا ڪو ٻيو عرض ڪرڻ آيو ۽ پاڻ ٻه رڪعتون فجر جي سنت واريون، ٿوري قراءت سان پڙهي ٻاهر آيا. (فجر جي ٻن رڪعتن سنت ۾ به قراءت ٿوري ڪرڻ مستحب آهي) پاڻ ٻاهر اچي فجر جو فرض پڙهيائون. (جمع الوسائل ج 2 ص 70، 71) حضرت ابنِ عباس f ننڍائي جي ڪري ساڄي پاسي بيهڻ وارو مسئلو نه ڄاڻندو هو ان جي ڪري حبيب ڪريم جن جي کاٻي پاسي کان بيٺو هو ۽ رسول الله جن سندس ڪن مان وٺي کاٻي کان ڦيرائي ساڄي پاسي بيهاريو هوس. سنت به ائين آهي. محبوب ڪريم جن کان تهجد جي نماز جي رڪعتن جو اهڙو مقرر تعداد معلوم نه ٿيو آهي جنهن کان گهٽ يا وڌيڪ پڙهڻ ناجائز هجي پاڻ تنگ وقت ۾ ٿوريون ۽ ڪشادي وقت ۾ گهڻيون رڪعتون پڙهندا هئا ۽ ڪڏهن ته وقت جي ڪشادي هوندي به گهڻي قرآن ڪريم پڙهڻ جي ڪري رڪعتون ٿوريون. ڇهه يا اٺ يا ڏهه رڪعتون پڙهندا هئا پر هن حديث جي ڪري سندن تهجد جون ٻارهن رڪعتون مشهور آهن، جن جو وتر جي پڙهڻ سان تعداد وڌي ويندو هو. هن حديث مان اهو به معلوم ٿيو ته ” ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ قرآن ڪريم جون ڪجهه آيتون پڙهجن ته ان سان انسان ۾ تازگي پيدا ٿيندي ۽ سستي دفع ٿي ويندي. امام اعظم ߋ وٽ تهجد جون ٻارهن رڪعتون آهن. علامه ابن حجر مڪي ߋ لکيو آهي تهثُمَّ اَوۡتَرَ بِثَلَاثِ ان کان پوءِ 3 رڪعتون وتر پڙهيو هيائون.“

مسئلو هن حديث مان هي مسئلا ثابت ٿين ٿا (1) جماعتي جيڪڏهن هڪ آهي ته سنت آهي ته اهو امام جي ساڄي پاسي کان بيهي ۽ جيڪڏهن کاٻي کان بيٺو آهي ته پاڻهي ڦري ساڄي پاسي کان اچي يا امام ان کي وٺي کاٻي پاسي کان بيهاري ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن امام مقتدي کي خلافِ سنت ڏسي ته ان کي ممڪن حد تائين سنت تي عمل ڪرائي. (2) اهو به معلوم ٿيو ته ٿورو عمل نماز کي ڀڃي نه ٿو. بلڪه ڪڏهن اهو سنت هوندو آهي جيئن هتي معلوم ٿيو. (3) نماز ۾ جماعتي ٿيڻ جي لحاظ سان ننڍو به وڏي وانگر آهي ان کي به بيهڻ ۾ وڏي وارا آداب ادا ڪرڻا آهن. (4) نفل ۾ (تداعي کان سواءِ) جماعت جائز آهي. (5) بانگي جو امام کي اذان کان سواءِ به اطلاع ڏيڻ مستحب آهي. (7) فجر واري سنت ۾ ٿوري قراعت ڪرڻ (8) سنت پڙهڻ کان پوءِ ٿورو ليٽي پوڻ.

گهر ۾ فجر جي سنت پڙهڻ جو ثواب: علامه موصوف لکيو آهي ته گهر ۾ فجر جي سنت واريون رڪعتون بيت الله ۾ نماز پڙهڻ کان به ڀليون آهن. (اشرف الوسائل ص 379) هن روايت جي لفظ فَوَضَعَ رَسُوۡلُ اللهِ يَدَهٗ الۡيُمۡنِيٰ عَلٰي رَاسِيَ جي شرح ۾ البيجوري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن حضرت ابن عباس f جي مٿي تي سڄو هٿ  ان جي لاءِ رکيو ته ان جي ڪن کي وٺن ۽ ٻيو ان جي لاءِ ته ان جي مٿي تي برڪت نازل ٿئي ۽ سندن جميع افعال کي ياد ڪري. علامه موصوف لکيو آهي ته استاد طالب جي ڪن کان وٺي ته ان جي سمجهه وڌڻ جي لاءِ بهتر آهي. الربيع نالي بزرگ فرمايو ته : حضرت امام شافعي ߋ سواري تي سوار هو ۽ مان ان جي هني کي چنبڙي پيس ته اهو منهنجي ڪن کي مروڙڻ لڳو. مون دل ۾ ان کي وڏي ڳالهه سمجهيو ته ائين ڇو ڪيائين. تانجو حضرت ابنِ عباس f جي هيءَ روايت ڏٺم تڏهن يقين ڪيم ته امام شافعي ߋ جهڙي بزرگ اهو ڪم ضرور ڪنهن اصل (دليل) تي ڪيو آهي ۽ هن روايت ۾ حضور ڪريم جن جو ٻن ٻن رڪعتن تي سلام ورائڻ مان اهو ثابت ٿيو ته تهجد ۾ ٻن ٻن رڪعتن تي سلام ورائڻ به سنت آهي ته تهجد جون رڪعتون گڏي هڪ سلام سان پڙهڻ به سندن سنت آهي ۽ پهريون طريقو وڌيڪ صحيح ۽ وڌيڪ مشهور آهي. ظاهر آهي ته حضرت ابنِ  عباس f ننڍي هوندي کان ذهين ۽ حضور ڪريم جي عبادات ۽ عادات کي سمجهڻ ، ياد ڪرڻ جو ذوق ۽ شوق رکندو هو. (المواهب ص 464)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الوضوء باب 36 قراءة القرآن بعد الحدث وغيره رقم الحديث 183 ج 1 ص 287 {2} مسلم في کتاب المسافرين و قصرها باب 26 الدعاء في صلواة الليل وقيامه رقم الحديث 763 حديث الکتاب رقم 182 ج 1 ص 526 {3} ابو داؤد في ڪتاب الصلواة باب 317 في صلواة الليل رقم الحديث 1364 ج 2 ص 46، 47 {4} النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار باب 9 ذکر ما يستفتح بها القيام ج 3 ص 210 {5} احمد في المسند ج 1 ص 242 {6} مالڪ في الموطا کتاب صلواة الليل باب  2صلواة النبي في الوتر رقم الحديث 11 ج 1  ص121 {7} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 7408 ج 3 ص 37، 38 {8} البيهقي في سننھ ج 3 ص 7 .

{266} حَدَّثَنَا أَبُو كُرَيْبٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ شُعْبَةَ ، عَــنْ أَبِي جَمْرَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ ثَلاَثَ عَشْرَةَ رَكْعَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم جن اڌ رات جو تيرهن رڪعتون نماز پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ” ثَلاَثَ عَشْرَةَ تيرهن. ”رَكْعَةً رڪعتون.

سمجهاڻي: هتي ”من“ جو لفظ فِي جي معنى ۾ آهي جيئن قرآن ڪريم جي آيت یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا اِذَا نُوۡدِیَ لِلصَّلٰوۃِ مِنۡ یَّوْمِ الْجُمُعَۃِ ۾ مِن في جي معنى ۾ آهي يعني جڏهن جمعه جي ڏينهن ۾ نماز جي لاءِ سڏيو (بانگ ڏني) وڃي. هن روايت ۾ بيان ٿيو ته حضرت نبي ڪريم جن رات جو تيرهن 13 رڪعتون پڙهندا هئا. مطلب ته رات جي پهرئين حصي ۾ آرام فرمائي. صبح جي نماز کان پهريان رات جو تهجد جي نماز ۾ تيرهن رڪعتون پڙهندا هئا. ڏهه رڪعتون  تهجد جون، 3 رڪعتون وتر جون تهجد جي نماز حضرت حبيب ڪريم جن چئن رڪعتن کان وٺي 12 رڪعتن تائين يا ان کان زياده به پڙهي اٿن. صحابه ڪرام عليهم الرضوان  مان جنهن جيتريون رڪعتون پڙهندي ڏٺيون ان اهي بيان ڪيون. بعض علماء ان ۾ ٻه رڪعتون فجر جي سنت واريون به شمار ڪيون آهن ان لحاظ سان تهجد جون اٺ رڪعتون رهنديون. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته فجر جي سنت واريون ٻه رڪعتون هن ۾ شامل ڪرڻ گهڻو ضعيف قول آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب التهجد باب 10 کيف صلواة النبي وکم کان النبي يصلي من الليل رقم الحديث 1138 ج 3 ص 20 {2} مسلم في ڪتاب صلواة المسافرين و قصرها. باب 26 الدعاء في صلواة الليل وقيامه رقم الحديث 764 ج 1 ص 531 {3} النسائي في کتاب الصلواة کما في التحفة ج 5 ص 262 {4} احمد في المسند ج 1 ص 324 {5} الطحاوي  في شرح المعاني ج 1 ص 286 {6} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2749 ص 359 {7} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 2559 ج 4 ص 433 {8} ابن خزيمه في صحيحه رقم الحديث 1164 ج 2 ص 191.

{267} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَوَانَةَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ زُرَارَةَ بْنِ أَوْفَى ، عَنْ سَعْدِ بْنِ هِشَامٍ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِذَا لَمْ يُصَلِّ بِاللَّيْلِ مَنَعَهُ مِنْ ذَلِكَ النَّوْمُ ، أَوْ غَلَبَتْهُ عَيْنَاهُ صَلَّى مِنَ النَّهَارِ ثِنْتَيْ عَشْرَةَ رَكْعَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن جڏهن ننڊ جي ڪري رات جو (تهجد) نماز نه پڙهندا هئا ته ڏينهن جو ٻارهن رڪعتون نماز پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح : ” كَانَ إِذَا لَمْ يُصَلِّ جنهن وقت نماز نه پڙهيائون. فِي اللَّيْلِ رات جو. غَلَبَتْهُ النُّوۡمُ مٿن ننڊ غالب ٿي. ا ثِنْتَيْ عَشْرَةَ ٻارهن.

سمجهاڻي: هن روايت مان واضح ٿيو ته ننڊ جي غلبي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري جيڪڏهن تهجد جي نماز رهجي وڃي ته صبح جو زوال کان اڳي پڙهي ڇڏجي. شارحن لکيو آهي ته تهجد جيڪڏهن حضور ڪريم جن تي فرض هو ته پوءِ اها قضا چئي ويندي ۽ جيڪڏهن فرض نه هو ته پوءِ تهجد جي فضيلت کي بيان ڪرڻ جي لاءِ قضا ڪندا هئا. مسلم شريف ۾ حضرت عمر d جي روايت سان هي ارشاد آيل آهي ته جيڪو شخص پنهنجو ورد ۽ معمول رات جو پورو ڪري نه سگهي ان کي گهرجي ته صبح کان پوءِ ٻن پهرن (منجهند) تائين ڪنهن وقت پورو ڪري ڇڏي. اهو اهڙو ئي آهي ڄڻ رات جو پڙهي ڇڏيائين. هن کان ئي سلوڪ جي مشائخ جو هي معمول ورتل آهي ته ذڪر وغيره جيڪڏهن رات جو پورو ٿي نه سگهي ته صبح جي وقت اهو پورو ڪري ته نفس ان جو عادي ٿي ويندو. (خصائل نبوي ص 221) هن روايت ۾ تهجد جي ٻارهن رڪعتن قضا ڪرڻ جو ذڪر آهي. جڏهن ته وتر عشاء جي فرض سان ئي گڏ پڙهي ڇڏيو هوندائون ته ان جي ڪري ڏينهن جو صرف تهجد قضا ڪيو هوندائون.

فائدو: هن حديث ۾ اهو به دليل آهي ته رات جي نماز ، تهجد ٻارهن رڪعتون آهي جيئن اهو امام ابو حنيفه ߋ جو مختار قول آهي. (انوار غوثيه ص 354)

نفل قضا ڪرڻ: هن روايت ۾ نفل جي قضا ڪرڻ جو دليل آهي بلڪه مستحب آهي ته نفل  قضا ڪيو وڃي تانت نفس ڇڏڻ جو عادي  نه بنجي ۽ جڏهن نفل جو قضا ڪرڻ ثابت آهي ته وتر جو قضا ڪرڻ ته بطريق اولى ثابت آهي پر ڪنهن به صحيح سند سان ثابت ناهي ته رسول الله کان وتر قضا ٿي ويو هو. حديثن مان اهو ثابت آهي ته رسول الله جن وتر پڙهندا هئا. ڪڏهن رات جي پهرئين حصي ۾ ته ڪڏهن وچين حصي ۾ ته ڪڏهن پوئين حصي ۾ . (جمع الوسائل ج 2 ص 70)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 317 في صلواة الليل رقم الحديث 1342 ج 2 ص 40، 41 بطولہ. {2}  النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار باب 2 قيام الليل ج 3 ص 199 {3} ابنِ ماجھ في ڪتاب اقامة الصلواة والسنة رقم الحديث 123 ماجاء في الوتر بثلاث و خمس وسبع و تسع رقم الحديث 1191 {4} احمد في المسند ج 6 ص 53، 54.

{268} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أُسَامَةَ ، عَنْ هِشَامٍ يَعْنِي ابْنَ حَسَّانَ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ سِيرِينَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : إِذَا قَامَ أَحَدُكُمْ مِنَ اللَّيْلِ فَلْيَفْتَتِحْ صَلاَتَهُ بِرَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابـو هريره d کان روايت آهي ته نـبي ڪريم جن ارشاد فرمايو : جڏهن اوهان مان ڪو رات جو سجاڳ ٿئي ته ، ٻن هلڪين رڪعتن پڙهڻ سان پنهنجي نماز شروع ڪري.

مفردات جو شرح: ”إِذَا قَامَ جنهن مهل به اٿي . ”فَلْيَفْتَتِحْ پوءِ مناسب آهي ته شروعات ڪري.

سمجهاڻي: هن ارشاد مبارڪ مان  معلوم ٿيو ته تهجد جي نماز پڙهندڙ وضوء کان پوءِ اول ٻه رڪعتون تحية الوضو پڙهي. ان ۾ قراءت مختصر ڪري ۽ تهجد جا نفل پوءِ پڙهي. تهجد جي نماز ۾ قراءت وڌ ۾ وڌ ڪري، رڪوع ۽ سجدي ۾ انتهائي عاجزي ۽ انڪساري ڪري.

فائدو: علامه هيتمي ߋ لکيو آهي ته هن مان ثابت ٿيو ته اهي ٻه رڪعتون پڙهڻ مستحب آهن ۽ اهي وتر جي نماز جو مقدمو آهن. جنهن ۾ انتهائي سجاڳيءَ ۽ همٿ سان شروع ٿيڻو آهي. جيئن ٻين فرضن کان اڳ ۾ سنتون هونديون آهن. تيئن هتي ٻه رڪعتون تحية الوضو به آهي. (اشرف الوسائل ص 380) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته ”ان ۾ حڪمت اها آهي ته نفس تي امر آسان رهي ۽ خوشيءَ سان ٿورو ٿورو عبادت ۾ اڳتي وڌندو اچي. ان طرح سان نفس عبادت جو عادي ٿي ويندو ۽ ان کيعلي الوجه الاکمل ڪندو رهندو ۽ هن مان اهو اشارو به مليو آهي ته صرف ٻن رڪعتن تي اڪتفا نه ڪري ٻه رڪعتون تحية الوضو پڙهي پوءِ تهجد جا نفل پڙهي، ها جيڪڏهن ڪا ضرورت يا مجبوري آهي ته پوءِ ٻه رڪعتون به غنيمت آهن اهي ئي پڙهي ڇڏي. (جمع الوسائل ج 2 ص 72)

هڪ عجيب ڳالهه: حافظ ابنِ حجر ߋ بخاري شريف جي شرح ۾ هڪ عجيب ڳالهه لکي آهي. ان لکيو آهي ته ”حديث ۾ آيو آهي ته جڏهن انسان سمهي ٿو ته شيطان ان جي وارن ۾ جادوگرن وانگر ٽي ڳنڍيون ڏيندو آهي جن ۾ اهو اثر هوندو آهي ته اڃان رات گهڻي آهي تون سمهي رهه ۽ جڏهن انسان اٿي الله جو پاڪ نالو وٺي ٿو يعني ڪا دعا وغيره پڙهي ٿو ته ”هڪ ڳنڍ کلي پوندي آهي ۽ جڏهن وضو ڪري ٿو ته ٻي ڳنڍ کلي ٿي ۽ جڏهن نماز پڙهي ٿو ته ٽين ڳنڍ کلي ٿي. ۽ جڏهن ته ٽين ڳنڍ نماز پڙهڻ سان کلي ٿي ته ان جي ڪري ٻن رڪعتن تحية الوضوء جو حڪم آيو ته اها ڳنڍ به کلي پوءِ باقي نماز شيطان جي هر قسم جي اثر کان محفوظ رهي. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته رسول الله جن ته شيطان جي هر قسم جي اثر کان محفوظ ۽ معصوم آهن پر اهو سندن معمول امت جي تعليم جي لاءِ هو تانت اهي انهن امرن جي رعايت ڪرڻ سان شيطان ۽ ان جي اثر کان محفوظ رهن ان جي ڪري پاڻ گهڻا وقت مختصر ٻه رڪعتون پڙهندا هئا. (خصائل نبوي ص 222)

هي حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 26 الدعاء في صلواة الليل و قيامه رقم الحديث 768 ج 1 ص 532. {2} البيهقي في سننھ ج 3 ص 6 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 907 ج  4 ص 17 {4} الحميدي في مسنده رقم الحديث 985 ج 2 ص 434 {5} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 2606 ج 6 ص 340 {6} احمد في المسند ج 2 ص 232.

{269} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ، ح وَحَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ أَبِي بَكْرٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ قَيْسِ بْنِ مَخْرَمَةَ ، أَخْبَرَهُ عَنْ زَيْدِ بْنِ خَالِدٍ الْجُهَنِيِّ ، أَنَّهُ قَالَ : لَأَرْمُقَنَّ صَلاَةَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَتَوَسَّدْتُ عَتَبَتَهُ ، أَوْ فُسْطَاطَهُ فَصَلَّى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ طَوِيلَتَيْنِ ، طَوِيلَتَيْنِ ، طَوِيلَتَيْنِ ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دَونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ أَوْتَرَ فَذَلِكَ ثَلاَثَ عَشْرَةَ رَكْعَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت زيد بن خالد جهني d کان روايت آهي ان چيو ته مون دل ۾ ارادو ڪيو ته اڄ رسول الله جي (تهجد) نماز غور سان  جاچي ڏسندس. پوءِ پاڻ ڪريمن جي در جي چانئٺ يا تنبو جي در تي مٿو رکي ليٽي پيس. مون ڏٺو ته پاڻ سڳورن اٿي پهريان ٻه رڪعتون هلڪيون پڙهيون. پوءِ ٻه رڪعتون تمام ڊگهيون پڙهيون، پوءِ چار دفعا ٻه ٻه رڪعتون پڙهيون. هر پويون ٻه رڪعتون پهرين ٻن رڪعتن جي ڀيٽ ۾ مختصر هيون. پوءِ پاڻ سڳورن وتر نماز پڙهي ته اهي تيرهن رڪعتون  ٿيون.

مفردات جو شرح: ”لَأَرْمُقَنَّ البت ضرور انتظار ڪندس. ” فَتَوَسَّدْتُ پوءِ مون وهاڻو بنايو عَتَبَتَهُ سندن چائنٺ. فُسْطَاطَهُ سندن  تنبو.

سمجهاڻي: حضرت زيد بن خالد d حضرت حبيب ڪريم جن جي رات واري عبادت ڏسڻ جي لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو جو سندن تنبو جي چانئٺ کي وهاڻو بنائي سمهي رهيو ۽ ظاهر هي آهي ته اهو سفر جي حالت ۾ هو جو سرڪار دو عالم جن سان گڏ سندن ازواج مطهرات نه هيون. حضرت زيد بن خالد سندن رات واري نماز کي جنهن انداز سان بيان ڪيو آهي ان ۾ پهريان ٻه رڪعتون ٿوري قراءت واريون پوءِ ڊگهي قراءت واريون ۽ وري انهن کان گهٽ قراءت واريون پوءِ وري انهن کان به گهٽ قراءت واريون وري انهن کان به گهٽ وري انهن کان به گهٽ قراءت سان پڙهيائون. آخر ۾ وتر پڙهيائون جملي 13 رڪعتون ٿيون.

وتر جي ٽن رڪعتن جو ثبوت: شارحن لکيو آهي ته هيءَ حديث شريف هڪ رڪعت وتر پڙهندڙن جي لاءِ تڏهن دليل ٿي سگهي ٿي جڏهن پهريون ٻه هلڪيون رڪعتون تحية الوضوء جي عيوض تهجد ۾ شمار ڪجن نه ته ڏهه رڪعتون تهجد ۽ ٽي رڪعتون وتر معلوم ٿين ٿيون. جيئن هن روايت جي جمله (پوءِ انهن کان مختصر ٻيون ٻه رڪعتون پڙهيائون) کي چئن دفعن جي عيوض ٻئي راويءَ ٽي ڀيرا روايت ڪيو آهي پوءِ انهيءَ صورت ۾ پهرين ٻن هلڪين رڪعتن سان گڏ ٽن رڪعتن وتر هجڻ کان سواءِ تيرهن رڪعتون ڪين ٿينديون. مطلب ته ٽي رڪعتون وتر ٻنهي صورتن ۾ ثابت ٿئي ٿو. (فضائل النبي ص 106) هن حديث ۾ راويءَ جو شڪ ڏيکارڻ ته حضرت خالد جهني d گهر جي چانئٺ چئي يا تنبوء جي چانئٺ چئي ان مان محدثن جو احتياط معلوم ٿئي ٿو ته ڪيتريقدر احتياط ڪندا هئا ته جنهن لفظ ۾ انهن کي ذرو به شڪ ٿيندو هو ته ان کي ظاهر ڪندا هئا، پر ظاهر آهي ته اها تنبوء جي چانئٺ هئي. ۽ واقعو سفر جو آهي ڇوته مدينه منوره ۾ حضرت نبي ڪريم جو معمول پنهنجي ازواج مطهرات سان گڏ آرام ڪرڻ جو هوندو هو ۽ اتي حضرت خالد جُهني d کي ڏسڻ جو موقعو نه ملي ها. ان جي ڪري اڪثر علماء هن کي سفر جو واقعو قرار ڏنو آهي.

(خصائل نبوي ص 223 جمع الوسائل ج 2 ص 73)

مسئلو: علامه هيمتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته : فرض جي پهرين رڪعت ۾ ٻي رڪعت کان قراءت ڊگهي ڪرڻ سنت آهي (اشرف الوسائل ص 382)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب صلواة المسافرين وقصرها باب 26 الدعاء في صلواة الليل وقيامه رقم الحديث 765 ج 1 ص 531، 532 {2} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 317 في صلواة الليل رقم الحديث 1366 ج 2 ص 47 {3} النسائي في کتاب قيام الليل باب 26 صفة صلواة الليل رقم الحديث 1336 ج 1 ص 421 {4} ابن ماجھ في کتاب اقامة الصلواة والسنة فيها باب 181 رقم الحديث 1362 {5} احمد في المسند ج 5 ص 193.

{270} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي سَعِيدٍ الْمَقْبُرِيِّ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، أَنَّهُ أَخْبَرَهُ أَنَّهُ سَأَلَ عَائِشَةَ ، كَيْفَ كَانَتْ صَلاَةُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي رَمَضَانَ ؟ فَقَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لِيَزِيدَ فِي رَمَضَانَ وَلاَ فِي غَيْرِهِ عَلَى إِحْدَى عَشْرَةَ رَكْعَةً ، يُصَلِّي أَرْبَعًا لاَ تَسْأَلْ عَنْ حُسْنِهِنَّ وَطُولِهِنَّ ، ثُمَّ يُصَلِّي أَرْبَعًا لاَ تَسْأَلْ عَنْ حُسْنِهِنَّ وَطُولِهِنَّ ، ثُمَّ يُصَلِّي ثَلاَثًا ، قَالَتْ عَائِشَةُ : قُلْتُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، أَتَنَامُ قَبْلَ أَنْ تُوتِرَ ؟ فَقَالَ : يَا عَائِشَةُ ، إِنَّ عَيْنَيَّ تَنَامَانِ وَلاَ يَنَامُ قَلْبِي.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو سلمھ بن عبدالرحمان d کان روايت آهي ان حضرت سيده عائشه صديقه g کان پڇيو ته رسول الله جن رمضان شريف ۾ (تهجد) نماز ڪيتري ۽ ڪيئن پڙهندا هئا؟ مؤمنن جي ماءُ (حضرت) عائشه g ٻڌايو ته رسول الله جن رمضان شريف جي مهيني ۾ يا ٻئي ڪنهن مهيني يا وقت ۾ يارهن رڪعتن کان وڌيڪ ڪونه پڙهندا هئا. پهريان چار رڪعتون پڙهندا هئا. انهن جي سهڻائي ۽ ڊيگهه جو نه پڇ، پوءِ وري چار رڪعتون پڙهندا هئا ته انهن جو حسن به نه پڇ پوءِ ٽي رڪعتون (وتر) پڙهندا هئا. حضرت عائشھ g چيو ته مون پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ! اوهان وتر کان پهريان ننڊ ڪندا آهيو؟ پاڻ سڳورن فرمايو:” اي عائشه! بيشڪ منهنجون اکيون ننڊ ڪنديون آهن ۽ منهنجي دل ننڊ نه ڪندي آهي.

مفردات جو شرح: ”كَيْفَ كَانَ ڪهڙي طرح هئي. ڪيفيت جي متعلق سوال.لِيَزِيدَ تانت وڌائي، زياده ڪري. إِحْدَى عَشْرَةَ يارهن. طُوۡلِهِنَّ انهن جي ڊيگهه جي باري ۾. عَيْنَيَّ عينين عين جو تثنيو يا متڪلم ڏانهن مضاف آهي. منهن جون ٻه اکيون.

سمجهاڻي: مومنن جي ماءُ، سيده عائشه صديقه g کان پڇيو ويو ته رمضان شريف ۾ رسول الله جن جي نماز جي ڪيفيت ڪهڙي هئي. سيد امير شاهه گيلاني ߋ لکيو آهي ته ”اسلام جي ابتداء ۾ اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته شايد حضرت رسول اڪرم جن رمضان ۾ جدا ڪا خاص عبادت ڪندا هئا. ان جي ڪري ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان اهو سوال ڪيو ويو هو ۽ سيده ٻڌايو ته پاڻ رمضان وغيره ۾ يارهن رڪعتون پڙهندا هئا چار اهڙيون گهڻي قراءت سان ٺاهي ٺاهي پڙهندا هئا جو انهن جي حُسن ۽ ڊگهي هجڻ جي باري ۾ نه پڇ ته ڪيتريون عمده طريقي سان پڙهيون وينديون هيون. يعني نهايت اطمينان ، وقار، عظمت، هيٺاهين، عاجزي ۽ نماز جي ارڪان ۾ تعديل سان تمام عمدگي ۽ خوبصورتي سان پڙهندا هئا ۽ انهن ۾ قراءت به ڊگهي ڪندا هئا. ام المؤمنين جو هي جواب ڪيترو نه پيارو آهي ته مان حضرت نبي ڪريم جي نماز جي ادائيگي جي سونهن کي بيان ڪري نه ٿي سگهان. علامه ابن حجر مڪي هيتمي ߋ لکيو ته : ٻيو ڪو شخص جيڪڏهن پنجاهه رڪعت نماز ادا ڪري ته تڏهن به انهن جي طوالت حبيب ڪريم جي انهن اٺن رڪعتن جي برابر ٿي نه ٿي سگهي  جيڪي پاڻ پڙهيائون. ام المؤمنين فرمايو ته پوءِ ٽي رڪعتون (وتر) پڙهندا هئا. يعني هڪ سلام سان. اسان حنفين وٽ وتر جون ٽي رڪعتون هڪ ئي سلام سان واجب آهن . پاڻ رات جو پهريون اڌ آرام ڪندا هئا پوءِ اٿي تهجد پڙهندا هئا ۽ پوءِ وتر پڙهندا هئا ۽ پاڻ سڳورن جن ام المؤمنين کي ارشاد فرمايو ته ”بلاشڪ منهنجون اکيون ننڊ ڪنديون آهن منهنجي دل ننڊ نه ڪندي آهي“ يعني مان ظاهري طرح ستل هوندو آهيان پر حقيقت ۾ سجاڳ هوندو آهيان تنهنڪري مون کي وتر پڙهڻ جو ڪو خطرو نه هوندو آهي.

مسئلو: فقهاء ڪرام لکيو آهي ته ”جنهن شخص کي اهو اعتبار هجي ته ان کي سجاڳي ٿيندي ۽ ان کان وتر رهجي نه ويندو ته ان جي لاءِ مستحب آهي ته وتر تهجد کان پوءِ پڙهي 

انبياء عظام عليهم الصلٰوة والسلام  جي ننڊ وضو نه ڀڃندي آهي: اهو انبياء ڪرام عليهم الصلٰوة والسلام جو خاصه آهي جو انهن جون اکيون ستل هونديون آهن انهن جون دليون  سجاڳ هونديون آهن. علامه مصلح الدين محمد صلاح بن جلال اللاري ߋ لکيو آهي ته اها ڳالهه انبياء ڪرام عليهم الصلٰوة والسلام جو خاصو ان جي ڪري آهي جو انهن جون دليون زندهه ۽ الله جي جلال ۽ ڪبرياء جي مشاهدي ۾ مستغرق هونديون آهن. (انوار غوثيه ص 357، 358)

حضرت نبي ڪريم جو تراويح مسلسل نه پڙهائڻ جو سبب: علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته هن روايت ۾ رمضان شريف مهيني جي تهجد نماز ۽ وتر جي متعلق سوال هو. اهو ان جي خلاف ناهي جيڪو صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آيو آهي ته : رسول الله جن رات جو نڪتا پوءِ مسجد ۾ نماز پڙهيائون ۽ هڪ مرد به ساڻن گڏ نماز پڙهي ۽ اها ڳالهه ماڻهن کي جو معلوم ٿي ته ٻيءَ رات گهڻا گڏ ٿي ويا پاڻ ٻي رات ۾ نڪتا ۽ انهن کي نماز پڙهايائون. اها ڳالهه جڏهن وڌيڪ مشهور ٿي ته ماڻهو اڃان وڌيا پاڻ ٽي رات به آيا ۽ انهن کي نماز پڙهايائون پوءِ جڏهن چوٿين رات ٿي ته ماڻهو مسجد کان وڌي ويا ۽ پاڻ ٻاهر ڪونه آيا. انهن مان ڪجهه ماڻهو ويٺا رهيا تانجو فجر جي نماز تي پاڻ ٻاهر آيا ۽ جڏهن نماز کان فارغ ٿيا ته صحابن کي سامهون ٿي فرمايائون ته : مون کان اوهان جي رات واري حالت لڪل نه رهي پر مون کي اهو خوف ٿيو ته : جيڪڏهن مان اڃان به اوهان کي نماز پڙهايان ها ته اوهان تي فرض ٿي وڃي ها ۽ اوهان عاجز ٿي پئو ها.“ (هي نماز تراويح واري نماز هئي جيڪا سنت رهي) ۽ هن ۾ اسان حنفين جو دليل آهي ته حضور ڪريم جن جي ڪنهن ڪم تي هميشگي ڪرڻ ان جي فرضيت جو دليل آهي ۽ بعض جو قول آهي ته حضور ڪريم جن ڏانهن وحي ڪيو ويو ته جيڪڏهن مواظبت ڪندؤ ته اهي (تراويح) فرض ٿي وينديون پوءِ پاڻ هلڪائي ڪرڻ کي پسند ڪيائون ۽ هن جي تائيد ان روايت سان ٿي رهي آهي ته ”مون کي ڊپ ٿيو ته اوهان تي اهي فرض نه ٿي وڃن ۽ جيڪڏهن فرض ٿي وڃن ها ته اوهان قائم ڪري نه سگهو ها پوءِ اي انسانو! اهي پنهنجي گهرن ۾ پڙهو.“ علامه موصوف فرمايو ته : مان چوان ٿو ته هن اثر کي وجوب تي حمل ڪرڻ کان ڦيرائيندڙ. ان جو گهرن سان خاص ڪرڻ آهي. ڇوته فرائض جي بنا کليل اعلان تي آهي جيئن نوافل جي بنا مخفي ڪرڻ تي آهي ان جي ڪري چيو ويو آهي ته گهر ۾ نفل پڙهڻ ڪعبه ۾ اندر پڙهڻ کان به افضل آهن ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته مون کي ڊپ ٿيو ته اوهان تي رمضان جو قيام فرض نه ٿي وڃي.“ ۽ هن روايت ۾ آهي ته ”پاڻ چار رڪعتون ڊگهيون پڙهندا هئا.“ ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته : گهڻو وقت بيهي قراءت ڪرڻ گهڻن  سجدن ۽ رڪوعن کان افضل آهي ۽ بعض علماء فرمايو ته ”رات جو قيام ڊگهو ڪرڻ افضل آهي ۽ ڏينهن جو رڪوع ۽ سجدا گهڻا ڪرڻ افضل آهن. ۽ روايت جي لفظن ”ان کان چار رڪعتون اهڙيون پڙهندا هئا جو انهن جي سونهن ۽ ڊيگهه جو نه پڇ“ مان واضح ٿيو ته اهي چار ئي رڪعتون هڪ سلام سان پڙهندا هئا ۽ حضرت امام ابو حنيفه ߋ وٽ رات جو توڙي ڏينهن جو اهو افضل آهي ۽ صاحبين وٽ رات جو ٻه ٻه رڪعتون ڪري پڙهڻ افضل آهي ان جي ڪري سالڪ جي لاءِ افضل آهي ته ٻنهي مذهبن ۽ روايتن تي عمل ڪندي ڪڏهن چار ته ڪڏهن ٻه ٻه ڪري پڙهي. ام المؤمنين جو عرض ته ”ڇا اوهان وتر پڙهڻ کان پهريان ننڊ ڪيو ٿا؟ ان جي ڪري هو جو ننڊ مان متان سجاڳي نه ٿئي ۽ وتر قضا ٿي وڃي ته پاڻ ان کي جواب ۾ ارشاد فرمايائون ”منهنجون اکيون ننڊ ڪنديون آهن منهنجي دل ننڊ نه ڪندي آهي.“

مسئلو: ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ تي اعتماد ڪندڙ جي لاءِ بهتر آهي ته وتر رات جي پوئين حصي ۾ پڙهي. رسول الله جو فرمان آهي ته اِجۡعَلُوا آخِرَ صَلٰوتِکُمۡ مِّنَ اللَّيۡلِ وِتۡرًا پنهنجي رات جي آخري نماز وتر ڪندا ڪيو.“ (جمع الوسائل ج 2 ص 74) ۽ جڏهن تهجد ۽ وتر پڙهڻ کان فارغ ٿيندا هئا ته سڄي پاسي تي ليٽي آرام ڪندا هئا ۽ پوءِ فجر جي نماز جي لاءِ کين مؤذن اٿارڻ ايندو هو. (المواهب ص 472) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته هن حديث ۾ ڪجهه ضروري بحث آهن جن مان ٻه هتي ذڪر ڪجن ٿا (1) ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g هن روايت ۾ رمضان ۽ غير رمضان ۾ تهجد جي يارهن رڪعتن کان وڌيڪ رڪعتن جي نفي ڪئي آهي حالانڪه حضرت ابن عباس f ،زيد بن خالد d وغيره حضرات صحابه رضي الله عنهم جي روايات مان تيرهن رڪعتون ثابت آهن بلڪه بعض روايات ۾ تيرهن کان زياده ثابت آهن. جيئن ابو داؤد ۾ خود ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g عبدالله بن قيس جي سوال جي جواب ۾ رات جي نماز جون رڪعتون چار ۽ ٽي، ڇهه ۽ ٽي، اٺ ۽ ٽي ، ڏهه ۽ ٽي ٻڌايون آهن. جيڪي تيرهن ٿين ٿيون تانجو ام المؤمنين کان پاڻ کان به تيرهن رڪعتون روايت ڪيل آهن. ابو داؤد ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن ستن رڪعتن کان گهٽ ۽ تيرهن رڪعتن کان وڌيڪ نه پڙهندا هئا. ۽ امام مالڪ ߋجي موطا جي روايت آهي ته ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g فرمايو ” رسول الله جن رات جو تيرهن رڪعتون پڙهندا هئا ۽ صبح جي بانگ ٻڌي ٻه رڪعتون  ٿوري قراءت سان پڙهندا هئا. بعض علماء هن اختلاف کي ڏسي فرمايو ته ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g جون تهجد جي نماز لاءِ رڪعتن جي باري ۾ روايتون مضطرب يعني ضعيف آهن. پر ائين چوڻ جي ضرورت ناهي ان ۾ ڪهڙو مشڪل آهي جو اڪثر اوقات ۾ غالب معمول يارهن رڪعتون هجن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهٽ يا وڌيڪ هجن جيئن روايتن مان به ائين معلوم ٿي رهيو آهي. (2) ٻيو بحث هي آهي ته بعض ماڻهو هن حديث مان مسئلو ڪڍن ٿا ته تراويح اٺ رڪعتون آهن. حالانڪه هن روايت مان ته صرف تهجد جون اٺ رڪعتون هجڻ به معلوم نه ٿو ٿئي. جيئن پهريان بيان ٿي چڪو آهي. هن حديث کي تراويح سان ڪو تعلق ناهي. صلواة الليل جي معنى رات جي نماز آهي پر ان مان مراد قرينه سان تهجد کان سواءِ ناهي ڇوته ان سان جيڪڏهن رات جي هر نماز ورتي وڃي ته تراويح سان گڏ مغرب ۽ عشاء جي فرض سان  گڏ انهن جون سنتون به خارج ٿي وينديون جن کي ڪير به ڪڍي نه ٿو سگهي الغرض ته هن حديث ۾ صرف تهجد جو ذڪر آهي ۽ اهو ئي پڇڻ ۾ مقصود هو ۽ ان جو ئي حضرت عائشه صديقه g جواب مرحمت فرمايو هو ۽ بظاهر پڇڻ جي ضرورت ان جي ڪري پيش آئي هئي ته حضرت رسول الله جن جي رمضان شريف ۾ عبادت زياده هئي. جيئن متعدد روايات ۾ آيو آهي ان جي ڪري ابو سلمه کي خيال ٿيو ته شايد تهجد جي رڪعتن جي عدد ۾ به ڪجهه اضافو ڪندا هجن ان جي ڪري ان پڇيو ۽ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g ان جي نفي ڪئي ورنه ته ام المؤمنين جو به اهو مقصد نه هو ته تراويح ته درڪنار تهجد جي رڪعتن ۾ به يارهن رڪعتن کان وڌيڪ اضافو نه ڪندا هئا ان جي ڪري جو تيرهن رڪعتن تائين ته پاڻ ام المؤمنين کان ثابت آهن. مختصر امر هي آهي ته ”احاديث ۾ تهجد کي صلواة الليل (رات جي نماز) سان تعبير ڪيو ويو آهي . هي ٻئي نمازون جد اجدا آهن

قيام رمضان مان مراد تراويح آهن: متعدد علماء ان تي اجماع نقل ڪيو آهي ته : قيام رمضان مان مراد تراويح آهي. حضرت رسول الله جن کي قيام رمضان جو گهڻو اهتمام هوندو هو متعدد حديثن ۾ قولًا ۽ فعلًا ان جي اهميت وارد آهي حضرت رسول الله جن جو ارشاد آهي. ”جيڪو شخص ايمان ۽ ثواب جي اميد سان رمضان جو قيام ڪندو ان جيڪي گناهه ڪيا هوندا معاف ڪيا ويندا.“ (علماء وٽ انهن گناهن مان صغيره گناهه مراد آهن) حضرت ابو هريره d فرمايو ته : حضور ڪريم جن تراويح جو وجوبي حڪم ته نه فرمائيندا هئا البت رغبت گهڻي ڏياريندا هئا. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن اهي وڏي جماعت سان پڙهائيندا هئا ۽ انهن تي هميشگي نه ڪرڻ جو سبب هي بيان ڪندا هئا ته ”مون کي انهن جي فرض ٿيڻ جو انديشو آهي“ ۽ سندن هميشگي ڪرڻ سان فرض، هجڻ جا ڪيترا سبب محتمل هئا. البت صحابه ڪرام رضي الله عنهم متفرق طور تي ڪجهه اڪيلا ڪجهه جماعت سان پڙهندا هئا جيڪي تقريبًا اڌ رات تائين پڙهندا هئا ۽ ڪڏهن ان کان به زياده  حضرت امير المؤمنين عمر d پنهنجي خلافت جي زماني ۾ ان متفرق جماعتن ۽ جدا پڙهندڙن کي هڪ امام جي پويان پڙهڻ جو حڪم صادر فرمايو تانت انتشار نه رهي. سائب جو قول آهي ته امام هر رڪعت ۾ تقريبن سؤ سؤ آيتن واريون سورتون  پڙهندا هئا اسين ٿڪجي پوڻ جي ڪري ڪنهن شيءِ تي ٽيڪ ڏئي بيهندا هئاسون ۽ سحري جي قريب فارغ ٿيندا هئاسون. گهڻن عالمن لکيو آهي ته :

تراويح سنت ۽ ويهه رڪعتون آهن: تراويح جي سنت هجڻ تي اهل السنة والجماعت جو اجماع آهي ۽ اهل قبله مان شيعن کان سواءِ ڪوبه فرقو ان جو انڪار نه ٿو ڪري. چئن، فقھ جي امامن، امام اعظم، امام مالڪ، امام شافعي، امام احمد بن حنبل عليهم الرحمة والرضوان سڀني حضرات جي فقھ جي ڪتابن ۾ ان جي تصريح آهي ته تراويح جون ويهه رڪعتون سنت آهن. البت امام مالڪ جي مشهور قول ۾ ڇٽيهه رڪعتون آهن. حنبلي فقھ جي مشهور ڪتاب ” المغني“ ۾ لکيل آهي ته امام احمد ߋ وٽ ترجيح وارو قول ويهه رڪعتون آهن ۽ اهو ئي سفيان ثوري ߋ ، امام ابو حنيفه ߋ ۽ امام شافعي ߋ جو قول آهي البت امام مالڪ وٽ بادشاهه جو قاصد آيو ته تراويح جي رڪعتن ۾ تخفيف جي اجازت ڏني وڃي. ان انڪار ڪري ڇڏيو. امام مالڪ ߋ جا شاگرد چون ٿا ته : مدينه منوره ۾ اڻيتاليهه رڪعتون پڙهيون وينديون هيون. يعني تراويح جون ويهه رڪعتون پڙهيون وينديون هيون. پر جڏهن حڪم آهي ته وچ ۾ ايترو وقفو ڏيو جيترو نماز پڙهڻ ۾ لڳي ٿو ان جي ڪري اهي حضرات وچ ۾ وري چار رڪعتون نفل پڙهي وٺندا هئا. ان جي ڪري وچ ۾ هي سورهن رڪعتون وڌي ويون ۽ ٽوٽل ڇٽيهه لکيون ويون. بهرحال اهو مالڪين جو مذهب آهي باقي ٽن فقھ جي امامن وٽ راجح قول مطابق تراويح ويهه رڪعتون آهن. (خصائل نبوي ص 224، 226)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب التهجد باب 16 قيام النبي بالليل في رمضان وغيره حديث رقم 1137 ج 3 ص 33 {2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين وقصرها باب 17 صلواة الليل وعدد رکعات النبي في الليل رقم الحديث 738 ج1 ص 509 {3} ابو داؤد في ڪتاب الصلواة باب 317 في صلواة الليل رقم الحديث 1341 ج 2 ص 40 {4} احمد في المسند ج 6 ص 36 {5} مالڪ في الموطا کتاب صلواة الليل باب 2 صلواة النبي في الوتر رقم الحديث 9 ج 1 ص 120.

{172} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ إِحْدَى عَشْرَةَ رَكْعَةً يُوتِرُ مِنْهَا بِوَاحِدَةٍ ، فَإِذَا فَرَغَ مِنْهَا اضْطَجَعَ عَلَى شِقِّهِ الأَيْمَنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن يارهن رڪعتون نماز پڙهندا هئا انهن مان هڪ رڪعت سان گڏ وتر پڙهندا هئا. (يعني ٻن رڪعتن سان گڏ ٽين رڪعت ملائي اڪي بنائيندا هئا رڳو هڪ رڪعت نه پڙهندا هئا) پوءِ جڏهن فارغ ٿيندا هئا ته ساڄي پاسي تي سُمهندا هئا.

مفردات جو شرح: ”كَانَ يُصَلِّي پڙهندا هئا. يُوتِرُ وتر پڙهندا هئا. اِضْطَجَعَ ليٽي پوندا هئا.

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g فرمايو ته رسول الله جن تهجد جون يارهن رڪعتون پڙهندا هئا. جنهن ۾ وتر جي هڪ رڪعت هوندي هئي.“ علامه علي القاري  لکيو آهي ته تهجد جون رڪعتون حالات جي لحاظ سان گهٽ وڌ هونديون هيون ڪڏهن قراءت گهڻي ڪري رڪعتون ٿوريون پڙهندا هئا ڪڏهن طبع جي صحت جي ڪري گهڻيون ته صحت نه هجڻ جي ڪري گهٽ پڙهندا هئا يا امر کي وسيع رکڻ جي لاءِ گهٽ وڌ پڙهندا هئا ته جنهن کان جيتريون ٿي سگهن اوتريون پڙهي ۽ هڪ قول آهي ته هڪ رڪعت وتر پڙهڻ منسوخ آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 74)

وتر جي رڪعتن جي تعداد جو مسئلو : محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : وتر جي رڪعتن ۾ اختلاف آهي حنفين وٽ ٽي رڪعتون هڪ سلام سان حتمي آهن. بعض مجتهدين امامن وٽ وتر هڪ رڪعت آهي. نبوي حديثون ان باري ۾ مختلف روايت ڪيل آهن جن مان ڪهڙيءَ کي ترجيح ڏجي ان ۾ به ائمه ڪرام جو اختلاف آهي، ان جي ڪري هن مسئلي ۾ اختلاف پيدا ٿيو آهي.

حنفي حضرات جا دلائل: حنفي حضرات پنهنجي مسلڪ لاءِ چند حديثن سان استدلال ڪن ٿا. (1) عبدالله بن قيس جي اها روايت جيڪا ابو داؤد وغيره ذڪر ڪئي آهي ۽ گذريل حديث جي بحث اول ۾ گذري چڪو آهي ته سيده عائشه صديقه g حضور ڪريم جي رات جي نماز چار ۽ ٽي، ڇهه ۽ ٽي. اٺ ۽ ٽي، ڏهه ۽ ٽي رڪعتون ذڪر فرمايائون آهن. ان تعداد کي ان تڪليف سان بيان ڪرڻ ۽ ٽن رڪعتن کي هر جاءِ گهٽ تعداد کان سواءِ بيان ڪرڻ ان تي صاف دليل آهي ته ڪا اهڙي نماز آهي جنهن ۾ گهٽ وڌائي نه ٿيندي هئي اها ٽي رڪعتون ئي رهندي هئي. نه ته ام المؤمنين ست، نوَ، يارهن چوي ها  ۽ اهي ٽي رڪعتون وتر جائز ۽ مستحسن آهي ۽ ان کان گهٽ ۾ اختلاف آهي. بعض وٽ هڪ رڪعت به جائز آهي ۽ بعض وٽ جائز ئي ناهي ۽ هي ظاهر آهي ته جنهن ڳالهه ۾ اتفاق آهي اها اختلافي ڳالهه کان بهتر ۽ اولى آهي. حضرت حسن بصري  جيڪو مشهور محدث وڏو متصوف هو ان فرمايو آهي ته : مسلمانن جو ان تي اجماع آهي ته وتر ٽي رڪعتون آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز d جنهن کي ثاني عمر (فاروق) سڏيو ويندو آهي ان مدينه منوره جي عالمن کان تحقيق ڪرائڻ کان پوءِ هي حڪم نافذ ڪيو هو ته وتر ٽي رڪعتون پڙهيون وڃن. حضرت حسن بصري  کي ڪنهن عرض ڪيو ته حضرت عبدالله بن عمر f وتر جي ٽن رڪعتن ۾ ٻن تي سلام ورائي ٽي رڪعت جدا پڙهي ٿو ته پاڻ فرمايائون ته ان جو والد حضرت عمر بن خطاب d ٽي رڪعتون هڪ سلام سان پڙهندو هو ۽ اهو ابنِ عمر f کان وڌيڪ عالم هو. (3) حديثن ۾ هڪ رڪعت پڙهڻ جي ممانعت آئي آهي. حضرت عبدالله بن مسعود d کي ڪنهن چيو ته : حضرت سعد وتر جي هڪ رڪعت پڙهي ٿو. ان فرمايو ته هڪ رڪعت نماز ئي نه هوندي آهي هن کان سواءِ ٻين گهڻن ئي طريقن سان حضرات حنفيه استدلال فرمايو آهي۽ حضرات حنفي علماء ان باري ۾ مستقل رسالا به لکيا آهن. (خصائل نبوي ص 228)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب اصلواة المسافرين وقصرها باب 17 صلواة الليل وعدد رکعات النبي في الليل رقم الحديث 736 ج 1 ص 508 {2} ابو داؤد في ڪتاب الصلواة باب 317 في صلواة الليل رقم الحديث 1335 ج 2 ص 38 {3} النسائي في سننھ الڪبرى في ڪتاب الوتر باب 57 کيف الوتر باحدي عشرة رقم الحديث 1418 ج 1 ص 445 {4} احمد في المسند ج 6 ص 35، 182.

{272 حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ ، عَنْ مَالِكٍ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، نَحْوَهُ .

 {273} وَحَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ ، عَنْ مَالِكٍ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، نَحْوَهُ.

هي ٻئي روايتون ساڳي معنى ۽ مراد واريون آهن صرف هنن کان اڳين روايت کي قوت ڏيڻ جي لاءِ آنديون ويون آهن.

{274} حَدَّثَنَا هَنَّادٌ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الأَحْوَصِ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنِ الأَسْوَدِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ تِسْعَ رَكَعَاتٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان (ٻي) روايت آهي، ته رسول الله رات جو (ڪڏهن ڪڏهن) نوَ (9) رڪعتون نماز پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ”تِسْعَ رَكَعَاتٍ نوَ رڪعتون. فَرَغَ واندا ٿيا.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ آهي ته حبيب ڪريم جن رات جو نوَ رڪعتون نماز پڙهندا هئا.“ ڇهه رڪعتون تهجد جون، ۽ ٽي رڪعتون وتر جون. هتي ٻي سند هيءَ آندل آهي.

روايت نمبر 272 ۽ 273 جي تخريج انهن ئي محدثن ڪئي آهي جيڪي هنن کان اڳئين حديث جي تخريج ۾ لکيل آهن.

{275} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ آدَمَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ الثَّوْرِيُّ ، عَنِ الأَعْمَشِ، نَحْوَهُ.

سمجهاڻي: سيد امير شاهه قادري گيلاني  لکيو آهي ته”جڏهن ڪنهن حديث جي سند ختم ٿئي ۽ ”نحوه“  لفظ آندو وڃي ته ان جو مطلب آهي ته ”روايت جي الفاظ ۾ ٿورو فرق آهي پر معنى قريب آهي ۽ جتي ”مثلھ“ آندو وڃي ته اتي مراد آهي ته ٻي روايت جا الفاظ بعينه پهرين روايت وارا آهن.

(انوار غوثيه ص 359)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر اڳئين حديث جي شرح جي آخر ۾ لکي آيا آهيون.

{276} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ مُرَّةَ ، عَنْ أَبِي حَمْزَةَ ، رَجُلٍ مِنَ الأَنْصَارِ ، عَنْ رَجُلٍ مِنْ بَنِي عَبْسٍ ، عَنْ حُذَيْفَةَ بْنِ الْيَمَانِ ، أَنَّهُ صَلَّى مَعَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنَ اللَّيْلِ قَالَ : فَلَمَّا دَخَلَ فِي الصَّلاَةِ قَالَ : اللَّهُ أَكْبَرُ ذُو الْمَلَكُوتِ وَالْجَبَرُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ قَالَ : ثُمَّ قَرَأَ الْبَقَرَةَ ، ثُمَّ رَكَعَ رُكُوعَهُ نَحْوًا مِنْ قِيَامِهِ وَكَانَ يَقُولُ : سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ ، سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ فَكَانَ قِيَامُهُ نَحْوًا مِنْ رُكُوعِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : لِرَبِّيَ الْحَمْدُ ، لِرَبِّيَ الْحَمْدُ ثُمَّ سَجَدَ فَكَانَ سُجُودُهُ نَحْوًا مِنْ قِيَامِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : سُبْحَانَ رَبِّيَ الأَعْلٰى ، سُبْحَانَ رَبِّيَ الأَعْلٰى ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَكَانَ مَا بَيْنَ السَّجْدَتَيْنِ نَحْوًا مِنَ السُّجُودِ ، وَكَانَ يَقُولُ : رَبِّ اغْفِرْ لِي ، رَبِّ اغْفِرْ لِي حَتَّى قَرَأَ الْبَقَرَةَ وَآلَ عِمْرَانَ وَالنِّسَاءَ وَالْمَائِدَةَ أَوِ الأَنْعَامَ شُعْبَةُ الَّذِي شَكَّ فِي الْمَائِدَةِ وَالأَنْعَامِ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَأَبُو حَمْزَةَ اِسْمُهُ : طَلْحَةُ بْنُ زَيْدٍ ، وَأَبُو حَمْزَةَ الضُّبَعِيُّ اِسْمُهُ : نَصْرُ بْنُ عِمْرَانَ

بامحاوره ترجمو: حضرت حذيفھ بن يمان d کان روايت آهي ته هڪ رات مون رسول الله جن سان گڏ نماز پڙهي. پاڻ سڳورن جڏهن نماز شروع ڪئي ته هي لفظ چيائون:

(ترجمو : الله تمام وڏو آهي جو بادشاهي،  حڪومت ، وڏائي ۽ عظمت وارو آهي.)

پوءِ پاڻ سڳورن ”سورة البقرة“ پڙهي، رڪوع ڪيائون ۽ سندن رڪوع به قيام يا بيهڻ جيترو هو پاڻ رڪوع ۾ سُبۡحٰنَ رَبِّي الۡعَظِيۡمِ“ ٿي پڙهيائون يعني منهنجو پالڻهار پاڪ عظمت وارو آهي. پوءِ پاڻ مٿو مبارڪ مٿي کنيائون ۽ سندن سڌو ٿي بيهڻ رڪوع جيترو هو ۽ اتي لِرَبِّي الۡحَمۡدُ ٿي پڙهيائون يعني منهنجي پالڻهار لاءِ حمد ثنا آهي، پوءِ سجدو ڪيائون. سندن سجدو به بيهڻ جيترو ڊگهو هو. سجدي ۾ سُبۡحٰنَ رَبِّي الۡاَعۡلٰي ٿي پڙهيائون. يعني منهنجو پالڻهار پاڪ تمام بلند ۽ مٿانهون آهي، پوءِ مٿو مبارڪ مٿي کنيائون ۽ ٻنهي سجدن جي وچ ۾ سجدن جي مناسب ويٺا ۽ رَبِّ اغۡفِرۡلِي ٿي پڙهيائون يعني منهنجا پالڻهار مون کي بخش. (ائين چئن رڪعتن ۾) سورة بقره، آل عمران، نساء ۽ مائدة يا انعام سورة پڙهيائون.

حضرت شعبه (راوي) کي شڪ آهي ته سورة مائده هئي يا سورة انعام.

مفردات جو شرح:  ”اَللَّهُ أَكْبَرُ“  يعني الله سڀ کان وڏو آهي يا معنى ته الله هن ڳالهه کان وڏو آهي جو ان جي ڪبريائي جي حقيقت تائين پهچي سگهجي. ۽ هن صفت جي پويان ڪجهه بيان نه ڪيو ويو آهي ته ڪنهن کان وڏو. سو ان جي ڪري جو اهو هڪ ئي اڪبريت جي صفت سان موجودات جي حدوث ۽ مخلوقات جي وجود کان پهريان ئي موصوف آهي. ذُو الْمَلَكُوتِ الملڪوت. فعلوت جي وزن تي مبالغه ۽ ڪثرت جي معنى ۾ آهي جيئن رحموتُ ۽ ”رَهبُوت“ ۽ جيڪو بعض روايتن ۾ آيو آهيذوالملک والملکوت انهن ۾ فرق هن طرح ڪيو ويو آهي ته ملڪ مان مراد ظاهري بادشاهي آهي ۽ ملڪوت مان مراد باطني بادشاهي آهي جيئن انهن ٻنهي جي لاءِ عالمُ الۡغَيۡبِ وَالشَهَادَةِ چيو ويندو آهي. وَالْجَبَرُوتِ جبر کان ورتل فعلوت جي وزن تي آهي. ان جي معنى آهي ”قهر“ غلبو. جيئن الله جو فرمان آهي وَهُوَ الۡقَاهِرُ فَوۡقَ عِبَادِه ۽ اهو پنهنجن ٻانهن جي مٿان غالب آهي.) پوءِ اهو الله پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهن کي موت وغيره سان مغلوب رکيو آهي. اَلْكِبْرِيَاءِ رفعت ۽ هر نقص کان منزه ۽ پاڪ هجڻ. اَلْعَظَمَةِ وڏائي. هن مان مراد آهي صفات جو جمال بَيْنَ السَّجْدَتَيْنِ ٻن سجدن جي وچ ۾.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ حضور ڪريم جن جي نماز ۾ تسبيح جي الفاظ ۽ ڊگهي قراءت جو ذڪر آهي. ايتري قدر جو سورة البقره، آل عمران ۽ المائده يا الانعام به پڙهيائون. المائده يا الانعام وارو شڪ ” شعبة“ راوي کان آهي هن حديث مان معلوم ٿيو ته نفلي نماز ۾ قراءت جيتري به ڊگهي پڙهجي ۽ رڪوع ۽ سجده ۾ ڪلمات مبارڪه زياده پڙهجن ته افضل آهي ۽ رڪوع ۾سُبۡحٰنَ رَبِّي الۡعَظِيۡمِ (۽ سجده ۾سُبۡحٰنَ رَبِّي الاَعۡلٰي“) گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو. ۽ بهتر آهي ته ٽي ڀيرا ۽ وڌ ۾ وڌ يارهن ڀيرا پڙهي. ۽ مذڪور چار سورتون چئن رڪعتن ۾ پڙهيون هيائون. (انوارِ غوثيھ ص 360، 361) ۽ علامه ابن حجر  بخاري شريف جي شرح ۾ لکيو آهي ته ”مسلم حضرت حذيفه d کان روايت آندي آهي ته ان حضور ڪريم سان (رات جي نفلي) نماز گڏ پڙهي ته پاڻ هڪ رڪعت ۾ البقره، آلعمران ۽ سورة النساء پڙهيائون ۽ پڙهڻ دوران جيڪڏهن الله جي تسبيح واري فرمايل آيت کان لنگهيا ٿي ته تسبيح ٿي پڙهيائون ۽ جيڪڏهن الله کان سوال ڪرڻ واري آيت  کان لنگهيا ٿي ته سوال ٿي ڪيائون ۽ جيڪڏهن ان کان پناهه گهرڻ (تعوذ) واري آيت کان لنگهيا ته پناهه ٿي گهريائون. ان کان پوءِ رڪوع ڪيائون.

اعتراض: نسائي جي روايت ۾ آيو آهي ته اول سورة النساء ان کان پوءِ سورة آل عمران پڙهي هيائون؟

جواب: صحيح اهو آهي جيڪو مسلم شريف جي روايت ۾ آهي ته آل عمران سورة النساء سورة کان پهريان پڙهي هيائون. اهو ئي رسول الله جي احوال مان مستقر معلوم آهي ۽ صحابه ڪرام وٽ ان تي اجماع آهي ته سورتن جي تلاوت ان ترتيب سان ڪجي جيڪا لکت ۾ آهي. ان ۾ اختلاف آهي ته اها ترتيب توقيفي آهي يا نه. پر آيتن جي ترتيب ته قطعي آهي. ۽ حضرت حذيفه d حضرت نبي ڪريم جن سان ٻه ڀيرا اها سعادت حاصل ڪئي هڪ ڀيرو هڪ هڪ رڪعت ۾ هڪ هڪ سورة پڙهيائون ۽ ٻيو ڀيرو هڪ ئي رڪعت ۾ ٽئي سورتون پڙهيائون. ۽ احمد ۽ نسائي آندو آهي ته اها نماز رمضان شريف جي مهيني ۾ هئي. ۽ حضور ڪريم جن جو اَللَّهُ أَكْبَرُ ذُو الْمَلَكُوتِ وَالْجَبَرُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ وارا الفاظ نماز ۾ شروع ٿيڻ کان پوءِ هئا. ۽ ابو داؤد جي روايت ۾ آهي ته : پاڻ ٽي ڀيرا الله اڪبر چيو هيائون. ۽ بعض جو اهو وهم آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن سورة الفاتحه کان سواءِ شروعات ئي سورة البقره سان ڪئي هئي ڇوته حضرت حبيب ڪريم جي عادت ڪريمه سورة الفاتحه تي مواظبت ۽ هميشگي ڪرڻ هئي. پاڻ هميشه هر نماز جي شروعات سورة الفاتحه سان ڪندا هئا. پر هتي راويءَ ان جو ذڪر ان جي ڪري نه ڪيو آهي جو اها سندن عادت مبارڪ معلوم هئي. راوي بيان ڪري ٿو ته ”ان کان پوءِ پاڻ رڪوع ڪيائون ۽ ان ۾ به قراءت جي مقدار جيترو رهيا هئا.“ مطلب ته هميشه واري انداز کان گهڻو وڌيڪ وقت رڪوع ۾ رهيا ۽ رڪوع ۾ سُبۡحٰنَ رَبِّيَ الۡعَظِيۡم“ ”سُبۡحٰنَ رَبِّيَ الۡعَظِيۡم پڙهيائون. رڪوع کان مٿي ٿي قومه ۾ به ايترو گهڻو وقت بيٺا ۽ لِرَبِّيَ الۡحَمۡدُ، لِرَبِّيَ الۡحَمۡدُ پڙهندا رهيا. ۽ انهن جي تڪرار سان بيان ڪرڻ مان مراد آهي ته گهڻو چوندا رهيا ان کان پوءِ سجدو ڪري سجدي ۾ به قيام جيترو وقت رهيا سُبۡحٰنَ رَبِّيَ الۡاَعۡليٰ، سُبۡحٰنَ رَبِّيَ الۡاَعۡليٰ“  پڙهندا رهيا. رڪوع ۽ سجدي ۾ اهي تسبيحون الله جي فرمانسَبِّحَ اسۡمَ رَبِّکَ الۡعَظِيۡمِ، سَبِّحَ اسۡمَ رَبِّکَ الۡاَعۡلٰي تي عمل ڪندي پڙهندا هئا جيئن شروع ڪيون ويون ۽ رڪوع ”العظيم“ جي صفت لاءِ مناسب آهي ڇوته ان جي عظمت جي اڳيان نهايت نوڙت آهي ۽ ”الاعلى“ جي صفت لاءِ سجدو مناسب آهي جو ان ۾ گهڻو خشوع آهي ۽ حضرت حبيب ڪريم جن ٻن سجدن جي وچ ۾ به ايترو وقت ويٺا رهيا. ۽ ان ۾ رَبِّ اغْفِرْ لِي ، رَبِّ اغْفِرْ لِي پڙهندا رهيا. ۽ اهو اسان حنفين وٽ نوافل ۾ مستحب آهي. (جمع الوسائل ج 3 ص 76) ۽ حضرت حذيفه d جي حضور ڪريم سان نماز گڏ پڙهڻ مان ثابت ٿيو ته اهو حضرت جو جماعتي بڻيو هو جيڪڏهن اها نماز تراويح هئي ته پوءِ ته امر ظاهر آهي ڇوته تراويح ۾ جماعت شرعي امر اهي ۽ جيڪڏهن تراويح ۾ نه هئي ته پوءِ ثابت ٿيو ته نفل ۾ جماعت جائز آهي. جيتوڻيڪ نفل جماعت سان نه پڙهيا ويندا آهن ۽ حديث جو ظاهر سياق ان جي تائيد ڪري رهيو آهي جو چار رڪعتون هڪ سلام سان هيون. (المواهب ص 474) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته حضرت حبيب اڪرم جن نماز شروع ڪرڻ کان اڳ نيت به ڪئي هوندي، ڇوته ان جي وجوب ۾ ڪوبه اختلاف ناهي بلڪه اها تڪبير کان پهريان ان سان متصل ڪرڻ واجب آهي ۽ علامه ابن القيم  نيت کي زبان سان چوڻ تي اعتراض ڪيا آهن جيڪي صحيح ناهن جيئن مون (ابنِ حجر) ” شرح العباب“ ڪتاب ۾ ان جو بيان ڪيو آهي ۽ ائين ڪيئن ٿو چوي حالانڪه حضرت حبيب ڪريم جن نيت زبان مبارڪ سان به ڪئي هئي.لَبَّيۡکَ حَجَّا وَّ عُمۡرَةً ۽ بخاري جي روايت ۾ آهي وَقُلۡ عُمۡرَةَ فِيۡ حَجَّةِِ هنن ۾ پاڻ نيت جا الفاظ چيا اٿن. ۽ نماز به حج وانگر (عبادت) آهي بلڪه وڌيڪ آهي ڇوته الفاظ سان چوڻ قلب کي حاضر ڪرڻ ۾ وڌيڪ آهي ۽ قلب جي حضور لاءِ وسيلو آهي. باقي حج ۽ نماز ۾ فرق  جي دعوى توجهه جي قابل ئي ناهي.                                      (اشرف الوسائل ص 389)

فائدو: شمائل شريف جي شارحن لکيو آهي ته مذڪوره حديثن جي متعلق هي ڳالهيون سمجهڻ گهرجن ته (1) ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g جي هڪ روايت مان تهجد ۾ يارهن رڪعتن کان وڌيڪ رڪعتن جو انڪار نظر اچي ٿو سو ائين ناهي مومنن جي ماءُ ان روايت ۾ محبوب ڪريم جن جو عام معمول بيان ڪيو آهي ته گهڻو ڪري رمضان شريف يا ٻئي مهيني ۾ يارهن رڪعتون پڙهندا هئا باقي وڌيڪ رڪعتن جي لاءِ ابو داؤد ۽ موطا امام مالڪ ۾ خود ام المؤمنين کان تيرهن رڪعتون روايت ڪيل آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ تي محمول آهن الغرض ته تهجد جي رڪعتن  جو ڪو خاص تعداد مقرر نه آهي. (2)

وتر جو وجوب: محبوب ڪريم جن پاڻ به وتر هميشه پڙهندا هئا ۽ ٻين جي لاءِ به اهڙو ارشاد فرمايو اٿن. خارجه بن حذافه d روايت ڪئي آهي ته :خَرَجَ عَلَيۡنَا رَسُوۡلُ اللهِ فَقَالَ اِنَّ اللهَ اَمَدَّکُمۡ بِصَلَواةِ هِيَ خَيۡرُٗ لَّکُمۡ مِنۡ حُمۡرِ النِّعَمِ، اَلۡوِتۡرُ جَعَلَ لَکُمۡ فِيۡمَا بَيۡنَ صَلواةِ الۡعِشَاءِ اِلٰي اَنۡ  يَّطۡلَعَ الۡفَجۡرُ“ “ يعني رسول الله جن اسان ڏانهن نڪري آيا ۽ فرمايائون ته الله اوهان تي هڪڙي نماز وڌائي آهي. جيڪا اوهان جي لاءِ ڳاڙهين ڏاچين کان بهتر آهي اهو وتر آهي الله ان کي سومهڻي نماز ۽ فجر جي اڀرڻ جي وچ ۾ رکيو آهي. ٻي حديث مبارڪ ۾ آهي تهاَلۡوِتۡرُ حَقُّ وَاجِبُٗ عَلٰي کُلِّ مُسۡلِم (ابو داؤد) (وتر هر مسلمان تي حق، واجب آهي) هنن روايتن مان ثابت ٿيو ته وتر واجب آهي پر ان جو ثبوت جيئن ته سنت نبوي (حديث) سان آهي ان جي ڪري بعض علماء ان کي سنت به سڏيو آهي. (3) ته حضرت حبيب ڪريم جن ٽي رڪعتون وتر پڙهندا هئا . جيئن هن روايت ۾ آيو . ۽ مسلم شريف ۾ حضرت ابنِ عباس f کان به اهڙي روايت آيل آهي. ۽ سعيد بن جُبير d حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته : اِنَّ رَسُوۡلَ اللهِ کَانَ يُوۡتِرُ بِسَبِّحِ اسۡمَ رَبِّکَ الۡاَعۡلٰي وَ قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ وَ قُلْ ہُوَ اللھ  اَحَدٌ “ (ترمذي، نسائي ، ابنِ ماجہ) يعني رسول الله جن وتر جي ٽن رڪعتن ۾ اهي ٽي سورتون پڙهندا هئا. (4) : ته اهي ٽئي رڪعتون پاڻ محبوب ڪريم جن هڪ سلام سان پڙهندا هئا. حضرت ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان اهڙي روايت آيل آهي. ٻي روايت ۾ امان سائڻ جو فرمان آهي ته : اِنَّهٗ عَلَيۡهِ الصَّلٰوة والسَّلام کَانَ يُوۡتِرُ بِثَلَاث ، لَا يَفۡصِلُ فِيۡهِنّ (رواه النسائي و احمد) ۽ احمد جا الفاظ آهن ته : ”کَانَ لَا يُسَلِّمۡ فِي الرَّکَعَتَيۡنِ مطلب ته حضور ڪريم جن وتر جون ٽي رڪعتون پڙهندا هئا. ۽ انهن جي وچ ۾ سلام ورائڻ سان جدائي  نه ڪندا هئا.“ يعني هڪ سلام سان پڙهندا هئا.

اعتراض: بعض احاديث مان معلوم ٿئي ٿو ته وتر هڪ رڪعت پڙهي سگهجي ٿو؟

جواب: شروعات ۾ اهڙو عمل هيو ۽ اجازت هئي مگر پوءِ هڪ رڪعت جدا پڙهڻ کان حضور ڪريم جن منع فرمايو. جيئن امام مالڪ d جي موطا ۾ آيو آهي ته: نَهٰي رَسُوۡلُ اللهِ عَنِ الصَّلٰوةِ الۡبُتَيۡراء (اڪيلي هڪ رڪعت پڙهڻ کان رسول الله جن منع فرمايو) ۽ ٽي رڪعتون پڙهيون ويون. هن کي ”وترالليل“ ڪوٺيو ويو جيئن مغرب (يعني سانجهيءَ) نماز کي ”وترالنهار“ ڪوٺيو ويندو آهي. مذڪوره روايات کان سواءِ حضرت عمر، حضرت علي، حضرت عبدالله بن مسعود، حضرت انس بن مالڪ، حضرت ابن عباس  رضي الله عنهم اجمعين ۽ ٻين ڪيترن صحابن رضي الله عنهم کان وتر جون ٽي رڪعتون هڪ سلام سان آيل آهن. (5) ته انهن روايتن مان اٺ رڪعتون تراويح کان زياده پڙهڻ کي خلاف سنت سمجهڻ غلط آهي نه ته اهڙين روايتن جي ڪري صلواة الليل تهجد جي يارهن يا تيرهن رڪعتن پڙهڻ کي به سنت جي خلاف سمجهيو ويندو. ان جي ڪري جو رسول اڪرم، نور مجسم جي رات واري نماز رمضان شريف وغيره ۾ هڪ جهڙي هوندي هئي. پوءِ جهڙي طرح ٻين مهينن ۾ رڪعتن جو اندازو مقرر نه هو ته رمضان ۾ اٺ رڪعتون مقرر ڪيئن ثابت ٿينديون ۽ محبوب ڪريم جن رمضان شريف ۾ ته خاص ڪري رات جي عبادت گهڻي ڪندا هئا. جيئن حديث مان ثابت آهي پوءِ اها ڪهڙي سمجهه آهي ته رمضان شريف ۾ صرف اٺ رڪعتون ۽ ٻين مهينن ۾ ٻارهن ۽ تيرهن رڪعتن تائين پڙهندا هئا. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته حضرت نبي ڪريم جن رمضان شريف ۾ تهجد جي نماز سان گڏ وڌيڪ نماز به پڙهندا هئا جنهن کي تراويح سڏيو وڃي ٿو.

تهجد جي ڀلائي: ٿورڙي ننڊ ڪري اٿي نفل پڙهڻ کي تهجد سڏيو ويندو آهي. علماء فرمايو آهي ته الله هن دنيا ۾ انسان ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ قرآن ڪريم نازل فرمايو آهي ان جي ڪري هر انقلاب آڻيندڙ کي قرآن سمجهڻ ۽ ان ۾ غور ڪرڻ لازم آهي ۽ انهيءَ مقصد جي لاءِ رات جو اٿڻ وڏي خاصيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وقت جسماني ۽ دماغي طاقتون پورو پورو قرار وٺن ٿيون ۽ الله جيڪو فيض جو مبدء آهي روحاني صلاحيتن کي پنهنجي خاص انوار ۽ تجليات سان نوازي ٿو اهو وقت اٿڻ جي لاءِ ڏکيو ته آهي پر قرآن ڪريم جي انقلابي پروگرام سمجهڻ لاءِ نهايت ڪارگر ۽ موزون وقت آهي. جيئن الله جو فرمان آهي اِنَّا سَنُلْقِیۡ عَلَیۡکَ قَوْلًا ثَقِیۡلًا ﴿۵﴾  اِنَّ نَاشِئَۃَ الَّیۡلِ ہِیَ اَشَدُّ وَطْاً  وَّ اَقْوَمُ قِیۡلًا ؕ﴿۶  (سورة المزمل آيت 5، 6) (بلاشڪ اسين اوهان تي ڳرو قول (قرآن) نازل ڪيون ٿا بلاشڪ رات جو اٿڻ (انهن کي) لٿاڙڻ ۾ سخت ۽ گفتگو ۾ وڌيڪ قائم رهندڙ آهي) ان کان پوءِ دنيا ۾ برابر انقلاب اچي ويو ۽ ايندو رهندو. الله فرمايو ته وَلَو کَرِهَ الۡمُشۡرِکُوۡنَ (جيتوڻيڪ ڪافرن پسند نه ڪيو) دنيا ۾ تهجد پڙهڻ جو اهو مقام آهي ۽ قيامت ۾ ان جي بدلي ۾ مقام محمود آهي. جيئن سورة بني اسرائيل ۾ آهي. وَ مِنَ الَّیۡلِ فَتَہَجَّدْ بِھ نَافِلَۃً  لَّکَ ٭ۖ عَسٰۤی اَنۡ یَّبْعَثَکَ رَبُّکَ مَقَامًا مَّحْمُوۡدًا ﴿۷۹ (آيت 79) (۽ رات جو تهجد پڙهه. اهو اوهان لاءِ وڌيڪ (حڪم) آهي. اميد ته اوهان جو رب اوهان کي مقام محمود ۾ بيهاريندو. (جاءِ ڏيندو) ) نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”اهو مقام عرش جي سڄي پاسي ڏانهن آهي ۽ مان اتي بيهڻ جو اميدوار آهيان.“ حضرت حبيب ڪريم جن جو فرمان ته ”مون لاءِ الله کان وسيلو گهرندا رهو.“ اهو وسيلو به اهو مقام آهي. هن دنيا ۾ جيڪي تهجد پڙهي حضرت رسول الله جن سان سندن اتباع ڪري ان عمل ۾ شريڪ ٿين ٿا. انهن کي به ان حضرت حبيب ڪريم جي صدقي اهي برڪتون حاصل ٿينديون.  ته حديث شريف ۾ آهي مَنۡ قَامَ رَمَضَانَ اِيۡمَانًا وَ اِحۡتِسَابًا غُفِرَلَهٗ مَا تَقَدَّمَ مِنۡ ذَنۡبِهٖ(مشڪواة) (جيڪو رمضان ۾ (رات جو) ايمانداريءَ سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيهي عبادت ڪندو ان جا اڳيان گناهه بخش ڪيا ويندا.)

تراويح جو راز: رمضان شريف جي قرآن شريف سان خاص نسبت آهي. الله ٻانهن جي دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي لاءِ انهيءَ مبارڪ مهيني ۾ پنهنجو ڪلام پاڪ نازل فرمايو ۽ جنهن رات اهو نازل ٿيو ان کي ”ليلة القدر“ ڪوٺجي ٿو. جيڪا رات هزار مهينن کان ڀلي آهي. ڇا لاءِ ته قرآن ڪريم الاهي قانون آهي ۽ قانون ترتيب ڏيڻ واري گهڙي قانون کي رائج ڪرڻ واري ساري عرصي کان ڀلي آهي. مسلمانن جي خالص قرآني حڪومت 83 سال ۽ چار مهينا برابر هلي آهي. (ان کان پوءِ تنزل شروع ٿيو) اها ساري برڪت ان رات جي آهي. جنهن ۾ قرآن ڪريم لوح محفوظ کان دنيا واري آسمان تي آيو.

قرآن ڪريم جي حفاظت: هر رمضان ۾ جبريل امين اچي حضرت حبيب ڪريم سان دور ڪندو هو. پر سندن ظاهري زندگي جي پوئين سال ۾ ٻه ڀيرا دور ڪرڻ آيو هو. اهو سڀ ڪجهه قرآن ڪريم جي حفاظت جي لاءِ انتظام هو. يهودين پنهنجي ڪتاب تورات ۾ تحريف ڪئي. ان ۾ پنهنجا جملا غلط ملايا ۽ اصل شيءِ وڃائي ڇڏي. الله قرآن ڪريم ۾ مسلمانن کي اها ڳالهه سمجهائيندي ارشاد فرمايو:يَسۡمَعُوۡنَ کَلَامَ اللهِ ثُّمَ يُحَرِّفُوۡنَهٗ (القرآن) الله جو ڪلام ٻڌن ٿا ان کان پوءِ ان کي ڦيرائن ٿا.) ان جي ڪري الله قرآن ڪريم جي حفاظت جو ذمو کنيو ۽ صحابه ڪرام هوشياريءَ کان ڪم وٺندي قرآن ڪريم کي زبر زير تائين اصلي حالت ۾ قائم رکيو ۽ ان طريقي سان قرآن  ڪريم جو حرف حرف محفوظ رهيو ۽ قرآن هزارين بلڪه هن وقت تائين لکين دلين ۾ محفوظ هو ۽ آهي ۽ ڪروڙين ڪاغذن تي لکت جي ڪري ڪتابي صورت ۾ به محفوظ آهي ۽ تراويح ۾ ختم القرآن به ان کي ياد ڪري محفوظ ڪرڻ واري سلسلي جي ڪڙي آهي. ان ئي نڪتي کي ذهن ۾ رکي حضرت عمر بن خطاب d تراويح ۽ ان ۾ ختم القرآن جي حڪم کي تاڪيد سان جاري ڪيو هو. مسلمان اڃان تائين قرآن ڪريم ٻڌن ٿا هڪ ٻئي کي دور ٻڌائي سست به  چست ٿي ويندا آهن. سوين سالن کان وٺي اهڙي متواتر تصديق ۽ قراءت قرآن ڪريم جي حفاظت ناهي ته ٻيو ڇا آهي. لکين حافظ لکين مسجدن ۾ تراويح دوران ختم القران پڙهن ٿا ۽ انهن جي پويان سڀني اسلامي بلڪه غير اسلامي ملڪن ۾ تراويح دوران ڪروڙين مسلمان قرآن ڪريم ٻڌن ٿا. قرآن ڪريم جي حفاظت لاءِ اهو طريقو گويا حضرت عمر d کي الهام ٿيو هو. روزانو ويهن رڪعتن جي هر هڪ رڪعت ۾ هڪ رڪوع پڙهڻ سان رمضان شريف ۾ ختم پورو ٿيو وڃي ۽ هر مسلمان کي ان جي برڪت ۽ ڀلائي نصيب ٿيندي آهي پر افسوس آهي جو ڪي ويچارا اسلام جي ڪلي تدبير ۽ جامع حڪمتن کان اڻ واقف هجڻ جي ڪري تراويح جي ويهن رڪعتن کان يا تراويح کي مسجد ۾ پڙهڻ کان روڪيندا آهن ۽ ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن ته اها حضرت عمر d جي پيدا ڪيل رسم آهي. انهن کي اها به سوچ ناهي ته رسول الله جي ڪيترن شروع ڪيل ڪمن کي سندن ظاهري رحلت کان پوءِ صحابه ڪرام پورو ڪيو هو. جيئن سندن فرمان تهاَخۡرِجُوا الۡيَهُوۡدَ مِنۡ جَزِيۡرَةِ الۡعَرَبِ (يهودين کي عرب جي جزيره مان نيڪالي ڏئي ڪڍي ڇڏيو.) ان امر تي عمل به حضرت عمر d جي دور ۾ ٿيو. ان جهڙن ڪيترن امرن جي تڪميل صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي دور ۾ ٿي هئي. اهڙي طرح قرآن ڪريم جي حفاظت جيڪا اسلام جي لاءِ بنيادي شيءِ ۽ آئنده امت جي لاءِ اهم هئي. حضرت حبيب ڪريم جن جماعت کي ٻه ٽي راتيون تراويح پڙهائي ان جي شروعات ڪئي ۽ ان کي جاري رکڻ جي همٿ حضرت عمر d پنهنجي خلافت جي دور ۾ ڪئي. ۽ اها ڳالهه حضرت حبيب ڪريم جن جي رهبري جو ڪمال ۽ صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي سمجهه جو مثال هو. حضرت نبي ڪريم جن نفل پڙهي ڪڏهن ٿورو آرام ڪندا هئا ان کان پوءِ وتر پڙهندا هئا. تنهن تي ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کين عرض ڪيو ته ”ننڊ کان اڳ وتر پڙهڻ گهرجي. پاڻ فرمايائون ته عائشه! منهنجون اکيون ننڊ ڪن ٿيون پر دل سجاڳ رهي ٿي. (فضائل النبي ص 159، 161)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 152 يقول الرجل في رکوعھ وسجوده حديث رقم 874 ج 1 ص 231 {2} النسائي في کتاب الافتتاح باب 114 ما يقول في قيامھ ذالک ج 2 ص 199 {3} الطيالسي في مسنده حديث رقم 416 ص 56 بنحو {4} الطبراني في الدعاء حديث رقم 23 ج 2 ص 4210.

{277}حَدَّثَنَا أَبُو بَكْرٍ مُحَمَّدُ بْنُ نَافِعٍ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الصَّمَدِ بْنُ عَبْدِ الْوَارِثِ ، عَنِ إِسْمَاعِيلَ بْنِ مُسْلِمٍ الْعَبْدِيِّ ، عَنْ أَبِي الْمُتَوَكِّلِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قَامَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِآيَةٍ مِنَ الْقُرْآنِ لَيْلَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن رات جو (ڪڏهن ڪڏهن تهجد جي نماز ۾) قرآن شريف جي هڪ آيت وري وري پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ” بِآيَةٍ هڪ آيت سان. لَيْلَةً سڄي رات.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته رسول الله جن سڄي رات هڪ ئي آيت کي ورائي ، ورائي پڙهندا رهيا. شارحن ڀلارن لکيو آهي ته اها آيت هيءَ هئي. اِنۡ تُعَذِّبْہُمْ فَاِنَّہُمْ عِبَادُکَ وَ اِنۡ تَغْفِرْ لَہُمْ فَاِنَّکَ اَنۡتَ الْعَزِیۡزُ الْحَکِیۡمُ ﴿۱۱۸ (سورة مائده آيت 111 )  (جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڪندين پوءِ بلاشڪ اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽  جيڪڏهن انهن کي مغفرت ڏيندين ته بيشڪ تون ئي غالب، حڪمت وارو آهين) حبيب ڪريم جي اها انتهائي عاجزي ۽ انڪساري امت جي گناهن کي بخشائڻ جي لاءِ هئي. الاتحافات الربانيه جي صاحب لکيو آهي ته : ان القراءة قصد بها الدعاء والتضرع وطلب المغفرة من الله العزيز الحکيم.“ (تڪرار سان قراءت مان مقصد دعا ۽ زاري ۽ الله عزيز حڪيم کان مغفرت طلب ڪرڻ هئي. (انوارِ غوثيھ ص 362) علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : مذڪوره روايت مان مراد آهي ته رسول الله جن اها آيت تهجد جي نماز ۾ هڪ ئي رڪعت ۾ ورائي ورائي پڙهندا رهيا تانجو فجر ٿي وئي. ۽ ان جي معنى فڪر ڪندا رهيا. ۽ هن جي رازن مان هي به آهي ته جڏهن عذاب جو ذڪر ڪيائين ته عِبَادِکَ لفظ آندائين. تنهنجا ٻانها آهن ۽ مالڪ پنهنجي ٻانهن ۾ جيئن به تصرف ڪري ڪري سگهي ٿو خاص ڪري الله جيڪو وڏو مهربان آهي اهو جيڪڏهن عذاب ڪندو ته به عدل آهي ظلم ناهي ۽ جڏهن مغفرت جو ذڪر ڪيائون ته الله جي عزت ۽ حڪمت کي بيان ڪيائون. ته اهو به ان جو فضل ۽ ڪرم آهي سندس حڪمت جي تقاضا به آهي جيتوڻيڪ اها ٻانهن کان مخفي آهي ۽ ان پهرين مراد جي تائيد هن حديث مان  به ٿي رهي آهي جيڪا قرآن ڪريم جي فضائل جي متعلق حضرت ابو ذر d کان آيل آهي ته قَامَ رَسُوۡلُ اللهِ   لَيۡلَةَ مِّنَ الَّليَالِيۡ فَقَرا آيَةًوَاحِدَةً الَّليۡلَ کُلَّهٗ حَتٰي اَصۡبَحَ بِهَا يَقُوۡمُ وَبِهَا يَرۡکَعُ وَ بِهَا يَسۡجُدۡ.“ (يعني رسول الله جن راتين مان هڪ رات ۾ بيٺا هڪ ئي آيت پڙهندا رهيا تانجو صبح ٿي وئي ان سان ئي بيٺا رهيا ۽ ان سان ئي رڪوع ڪيائون ۽ ان سان ئي سجدو ڪيائون، يعني رڪوع ۽ سجدي ۾ به اها پڙهندا رهيا.)

سوال: مسلم شريف ۾ روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: ”اِنِّيۡ نُهِيۡتُ اَنۡ اَقۡرَءَ الۡقُراٰنَ رَاکِعًا وَّ سَاجِدًا“ (مان رڪوع ۽ سجدو ڪندي قرآن پڙهڻ کان روڪيو ويو آهيان.) ته پوءِ پاڻ رڪوع ۽ سجده ۾ ساڳي آيت ڪيئن پڙهيائون؟

جواب: اهو نهي هڪ رات ۾ هڪ ئي آيت رڪوع ۽ سجدي ۾ پڙهڻ کان پوءِ آيو هو. (اشرف الوسائل ص 394) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : جنهن ذات کي زبردست قدرت حاصل هجي اهو جنهن مجرم کي گهري ته معافي ڏي. ۽ جيڪو وڏي حڪمت وارو آهي ان جي هر فعل ۾ حڪمت ۽ مصلحتون آهن. سيدنا رسول الله جن جو سڄي رات بيهي رڪوع ۽ سجده ۾ به هن آيت کي پڙهڻ ۽ بار بار ورائي پڙهڻ الله جي ٻن صفتن جو مظهر هو. حضرت امام اعظم ابو حنيفھ  جي متعلق به نقل ڪيو ويو آهي ته : هڪ دفعي سڄي راتوَامْتَازُوا الْیَوْمَ اَیُّہَا الْمُجْرِمُوۡنَ ﴿۵۹ (سورة يس آيت 59) (اي گناهگارو! اڄ جدا ٿي وڃو) پڙهندو رهيو. هن آيت شريف ۾ به قيامت جو منظر بيان ٿيل آهي. ان ڏينهن اهو حڪم ٿيندو ته اڄ مجرم ماڻهو غير مجرمن کان جدا ٿي وڃن. ڪيترو سخت ۽ ڏڪائڻ وارو حڪم آهي. هتي ته نيڪ ۽ مجرم گڏ پيا هلون پر اتي مجرمن کي جدا ڪيو ويندو. شال الله پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اتي به انهن مقدس هستين جي زير سايه رکي نه ته وڏو مشڪل معاملو آهي. (خصائل نبوي ص 232)

مسئلو: هن حديث مان اهو دليل ملي ٿو ته قرآن ڪريم جي هڪ ئي آيت نماز ۾ ورائي ورائي پڙهڻ جائز آهي ۽ مسلم واري روايت ۾ رڪوع ۽ سجدي ۾ قرآن ڪريم جي پڙهڻ کان منع تنزيهي ڪراهيت جي  بيان لاءِ آهي ۽ پڙهڻ ان جي جواز بيان ڪرڻ جي لاءِ آهي. (المواهب ص 479) علامه علي القاري  لکيو آهي ته ممڪن آهي جو چيو وڃي ته معنى هيءَ آهي ته : رڪوع ۽ سجدو ان آيت جي تقاضا مطابق ڪندا هئا. جو انهن ۾ فرمائيندا هجن. سُبۡحٰنَ رَبِّيۡ الۡعَزِيۡزِ الۡحَکِيۡمِ اَللّٰهُمَّ اغۡفِرۡلَنَا وَلَا تُعَذِّبۡنَا وَارۡحَمۡ اُمَّتِيۡ وَلَا تُعَذِّبۡهُمۡ فَاِنَّهُمۡ عِبَادُکَ وَاغۡفِرۡلَهُمۡ فَاِنَّکَ اَنۡتَ الۡعَزِيۡزُ الۡحَکِيۡمُ يا ٻيا اهڙا الفاظ . والله اعلم . علامه مناوي  لکيو آهي ته : حديث مان ثابت ٿيو ته آيت ڪهڙي به ننڍي يا وڏي ورائي، ورائي پڙهي سگهجي ٿي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 78)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي ج 2 ص 177 {2} الحاکم ج 1 ص 241 {3} البغوي في شرح السنة ص 915.

{278} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُلَيْمَانُ بْنُ حَرْبٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنْ أَبِي وَائِلٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مَسْعُودٍ قَالَ : صَلَّيْتُ لَيْلَةً مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَلَمْ يَزَلْ قَائِمًا حَتَّى هَمَمْتُ بِأَمْرِ سُوءٍ قِيلَ لَهُ : وَمَا هَمَمْتَ بِهِ ؟ قَالَ : هَمَمْتُ أَنْ أَقْعُدَ وَأَدَعَ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن مسعود d کان روايت آهي ته مون هڪ رات رسول الله سان گڏ نماز پڙهي. پاڻ سڳورا يڪو نماز ۾ بيٺا رهيا. تانجو مون هڪ نا مناسب ارادو ڪيو. ان کان پڇيو ويو ته ڪهڙو نا مناسب ارادو ڪيو هئي؟ چيائين ته ”پاڻ سڳورن کي اڪيلو ڇڏي ويهي رهڻ جو ارادو ڪيم.“

مفردات جو شرح: ” هَمَمْتُ مون ارادو ڪيو. أَدَعَ ڇڏي ڏيان.

سمجهاڻي: هن حديث جي راوي صحابي حضرت عبدالله بن مسعود d جو قول آهي ته ”مون ناپسند ڪيل امر جو ارادو ڪيو.“ ۽ اهو ارادو ڇا هو؟ پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته: ويهڻ ۽ حضرت حبيب ڪريم جن سان گڏ بيهڻ کي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هوم. مطلب ته محبوب ڪريم جن ايترو گهڻو وقت بيٺا رهيا نماز ۾ ايتري وڏي قراءت ڪيائون جو صحابي بيهي بيهي ٿڪجي پيو ۽ هڪ اهڙي ڪم جو ارادو ڪيائين جنهن کي پاڻ به ناپسنديدو عمل سمجهي پيو ۽ اهو هي هو ته حضور ڪريم جن نماز ۾ بيٺا رهن ۽ پاڻ ويهي رهي. حضرت عبدالله بن مسعود جي قول جي منشاهي هئي ته حضرت رسول الله جن تهجد جي نماز گهڻي ڊگهي پڙهندا هئا. (انوار غوثيھ ص 362) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : هن روايت ۾ عبدالله مان مراد حضرت عبدالله بن مسعود d آهي ڇوته محدثن جي اصطلاح ۾ جتي مطلق عبدالله ايندو اتي اهو ئي مراد هوندو ۽ هن روايت مان به ثابت ٿيو ته نفل ۾ جماعت جائز آهي ڇوته حضرت ابن مسعود d فرمايو :” صَلَّيۡتُ لَيۡلَةً مَعَ رَسُوۡلِ اللهِ (مون هڪ رات رسول الله سان گڏ نماز پڙهي) ۽ مان رسول الله جن جي نماز ۾ اقتداء ڇڏي ڏيان جو مطلب ته پنهنجي نماز اڪيلو پوري ڪيان ۽ ان کي ناپسنديدو عمل سمجهي پيو ڇوته ان ۾ اهو عظيم حاصل ٿيندڙ ثواب نه هو جيڪو حضور ڪريم جي اقتداء ۾ هو. (المواهب ص 479، 481)

ضروري وضاحت: حضرت ابنِ مسعود d ائين ڪيو ڪونه بلڪه ان کي اهو هڪڙو وسوسو پيو هو. سو ان ۾ ڪو گناهه ناهي. علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : هن روايت مان ثابت ٿيو ته

نفل ۾ جماعت: نفل ۾ جماعت جائز آهي ۽ سنت آهي ته امام قراءت ڊگهي ڪري جڏهن جماعت ان ۾ راضي هجي ۽ ان ۾ ڪنهن جو حق ضايع نه ٿيندو هجي.جيئن جماعتي پيرسن نه هجي ۽ نه ڪنهن جو مزدور هجي ۽ نه ان ۾ زال جو حق ضايع ٿئي. ۽ اهڙي مسجد به نه هجي جتان ماڻهن جو لنگهڻ ٿيندو هجي پوءِ جيڪڏهن اهڙي صورت پيدا ٿئي ٿي ته امام جي لاءِ سنت آهي ته جيترو ٿي سگهي نماز ۾ تخفيف ڪري. ۽ قرائت ۾ مفصل تي اقتصار ڪري ۽ نماز جي رڪوع ۽ سجده ۾ ٽن تسبيحن تي اڪتفا ڪري. ان حالات ۾ نماز ڊگهي ڪرڻ مڪروه آهي. ها حضرت نبي ڪريم جن جيڪڏهن ڪن نمازن ۾ جيئن جمعه جي نماز يا عيدين جون نمازون يا سج ۽ چنڊ جي وٺجڻ وقت نمازن ۾ مخصوص سورتون پڙهيون آهن ته انهن ۾ اهي سورتون پڙهڻ سنت آهن. ڀلي جماعت انهن ۾ راضي نه به هجي. (اشرف الوسائل ص 394) علامه علي القاري  لکيو آهي ته حضرت ابنِ مسعود d  جو اهو ارادو نه هو ته : مان نماز ڀڃان ڇوته الله جو فرمان آهي وَلَا تُبۡطِلُوۡا اَعۡمَالَکُمۡ (پنهنجا عمل باطل نه ڪيو) ۽ اسان جي علماء جو اهو به تسليم ٿيل قاعدو آهي ته ”نفل به شروع ڪرڻ کان پوءِ فرض ٿي ويندو آهي جنهن جو پورو ڪرڻ فرض آهي. پوءِ رسول الله جو هڪ صحابي d اهو ڪيئن ٿو سوچي سگهي؟

اعتراض: نفل ۾ جيڪڏهن ماڻهو ٿڪجي پوي ته ويهي پڙهي سگهي ٿو. پوءِ صحابي سڳورو d ويهي سگهيو ٿي ته ان ڪيئن چيو ته مون ناپسنديده عمل جو ارادو ڪيو؟

جواب: صحابي سڳوري d ان کي بي ادبي سمجهي ائين فرمايو هو ته حضور ڪريم جن بيٺا رهن ۽ مان ويهي رهان. علامه ڪرماني  بخاري جي شرح ۾ ائين لکيو آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 78)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري بنحوه في کتاب التهجد باب 9 طول القيام في صلواة الليل رقم الحديث 1135 ج 3 ص 19 {2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين وقصرها باب 27 استحباب تطويل القراءة في صلواة الليل رقم الحديث 773 ج 1 ص 537 {3} ابنِ ماجھ في ڪتاب اقامة الصلواة باب 200 ماجاء في طول القيام في الصلواة رقم الحديث 1418 {4} احمد في المسند ج 1 ص 385 {5} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 1154 ج 1 ص 186 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 2141 ج 5 ص 512.

{279} حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا جَرِيرٌ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، نَحْوَهُ.

يعني هن سنَد سان به مذڪور حديث آيل آهي.

هيءَ حديث هن کان اڳئين حديث تخريج ڪندڙن تخريج ڪئي آهي.

{280 حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ أَبِي النَّضْرِ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُصَلِّي جَالِسًا فَيَقْرَأُ وَهُوَ جَالِسٌ ، فَإِذَا بَقِيَ مِنْ قِرَاءَتِهِ قَدْرُ مَا يَكُونُ ثَلاَثِينَ أَوْ أَرْبَعِينَ آيَةً ، قَامَ فَقَرَأَ وَهُوَ قَائِمٌ ، ثُمَّ رَكَعَ وَسَجَدَ ، ثُمَّ صَنَعَ فِي الرَّكْعَةِ الثَّانِيَةِ مِثْلَ ذَلِكَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ g کان روايت آهي ته نبي ڪريم ڪڏهن نماز ويهي پڙهندا هئا. پوءِ قراءت به ويٺي ئي پڙهندا هئا. پوءِ جڏهن ٿورڙي قراءت ٽيهن چاليهن آيتن جي قدر رهندي هئي ته پوءِ اٿي باقي قراءت بيهي پوري ڪري، رڪوع ۽ سجدو ڪندا هئا ۽ ٻي رڪعت ۾ به ائين ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”وَهُوَ جَالِسٌ حالانڪه پاڻ وهندڙ هئا. ثَلاَثِينَ أَوْ أَرْبَعِينَ آيَةً ٽيهه يا چاليهه آيتون ثُمَّ صَنَعَ ان کان پوءِ ڪيائين.

سمجهاڻي: شارحن ڀلارن فرمايو آهي ته : اهڙي طرح ويهي نفلن ۾ تلاوت ڪرڻ نبي ڪريم جي پيرسن ٿيڻ واري وقت جو عمل هو. جيئن هڪ حديث شريف ۾ آيو آهي ته : آخر عمر جي زماني ۾ (ضعف ۽ ڪمزوري جي ڪري) پاڻ نفل نماز ويهي پڙهندا هئا. ۽ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان صراحت سان ائين آيو آهي ۽ هن مان اهو به ثابت ٿيو ته بيهڻ تي قادر هجڻ جي باوجود ويهي نفل پڙهڻ جائز آهي ۽ ان تي اجماع آهي ۽ حضرت رسول الله جي خصائص مان آهي ته: سندن ويهي پڙهڻ به بيهي پڙهڻ وانگر آهي ڇوته پاڻ سستيءَ کان پاڪ آهن کين ويٺي به بيهي پڙهڻ وارو اجر ملندو هو. ٻين جي لاءِ اهو حڪم ناهي انهن کي ويهي پڙهڻ سان اڌ ثواب ملندو. ”پاڻ ويهي پڙهندا هئا ۽ جڏهن ٽيهن يا چاليهن آيتن جيترو قدر بچندو هو ته پوءِ اهي اٿي بيهي پڙهندا هئا.“ هن ۾ ان ڏي اشارو آهي ته ويهي پڙهڻ وارو حصو گهڻو هوندو آهي. ۽ هي به ظاهر آهي ته ٽيهه يا چاليهه اهو شڪ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کان آهي ۽ ان ۾ اهو اشارو آهي ته اندازن ايترو پڙهندا هئا ڇو ته ائين نه چوڻ سان ڪوڙ جو امڪان هو ان جي ترديد ڪئي وئي آهي ۽ اهو به احتمال آهي ته ڪڏهن هيئن ڪڏهن هونءَ ڪندا آهن. ۽ هي به احتمال آهي ته اهو شڪ ڪنهن ٻئي راوي ڪيو هجي. ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g هڪڙو چيو هجي ۽ هن مان اهو به ثابت ٿيو ته نفل جو ڪجهه حصو ويٺي ۽ ڪجهه بيٺي پڙهڻ جائز آهي ۽ قراءت جو ڪجهه حصو ويهي پڙهڻ ۽ ڪجهه بيهي پڙهڻ به جائز آهي ۽ اها ڳالهه برابر آهي ته اول ويهي پڙهي پوءِ بيهي پڙهي يا اول بيهي پڙهي پوءِ ويهي پڙهي ۽ برابر آهي ته بيهي پڙهڻ جي نيت ڪري پوءِ ويهي پڙهڻ جي ڪيائين ۽ چئن مجتهدن امامن جو به اهو قول آهي. پر بعض مالڪي مذهب وارن بيهي پڙهڻ جي نيت ڪري ان کان پوءِ ويهڻ کان روڪيو آهي. ”فَقَرَءَ“ پوءِ پڙهيائون . هن ۾ الفاء . آڻڻ مان معلوم ٿيو ته بيهڻ ۽ قراءة ۾ گهڻي دير نه هئي. ۽ هن مان اهو به ظاهر ٿيو ته جنهن نماز ويٺي شروع ڪئي ان کان پوءِ اٿيو ته اٿڻ جي وقت ۾ قراءت نه ڪندو پر بيهڻ کان پوءِ ويهڻ ڏانهن وڃڻ واري وقت ۾ قراءت جاري رکي سگهي ٿو.ثُمَّ رَكَعَ وَسَجَدَ ان کان پوءِ رڪوع ۽ سجدو ڪيائين. هن ۾ انهن جو رد آهي جيڪي چون ٿا ته جنهن ويٺي نفل شروع ڪيو آهي اهو رڪوع به ويٺي ڪري ۽ جنهن بيٺي شروع ڪيو آهي اهو رڪوع به بيٺي ڪري. جيئن بعض حنفين ۽ مالڪين کان نقل ڪيل آهي.                                         (المواهب ص 481)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري فـي کتاب تقصير الصلواة باب 20 اذا صلى قاعدا ثم صح. رقم الحديث 1119 ج 2 ص 589. {2} مسلم في ڪتاب صلواة المسافرين وقصرها باب 16 جوازالنا فلة  قائما و قاعدا رقم الحديث 731 حديث الکتاب 112ج 1 ص 505 {3} ابو داؤد في ڪتاب الصلواة باب 180 في صلواة القاعد رقم الحديث 954 ج 1 ص 250 {4} النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار باب 18 کيف يفعل اذا افتتح الصلواة قائما؟ ج 3 ص 220 {5} مالڪ في الموطا کتاب صلواة الجماعة باب 7 ماجاء في صلواة القاعد في النافلة رقم الحديث 23 ج 1 ص 138 {6} البيهقي في سننھ ج 2 ص 490 {7} الطحاوي في شرح المعاني ج 1 ص 339.

{281} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا هُشَيْمٌ قَالَ : حَدَّثَنَا خَالِدٌ الْحَذَّاءُ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ شَقِيقٍ قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَنْ تَطَوُّعِهِ ، فَقَالَتْ : كَانَ يُصَلِّي لَيْلاً طَوِيلاً قَائِمًا ، وَلَيْلاً طَوِيلاً قَاعِدًا ، فَإِذَا قَرَأَ وَهُوَ قَائِمٌ رَكَعَ وَسَجَدَ وَهُوَ قَائِمٌ ، وَإِذَا قَرَأَ وَهُوَ جَالِسٌ رَكَعَ وَسَجَدَ وَهُوَ جَالِسٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن شقيق d کان روايت آهي ته مون حضرت عائشھ g کان رسول الله جي نفلي نماز جي باري ۾ پڇيو. بيبي سڳوري g ٻڌايو ته پاڻ ڪريم گهڻي رات بيهي نماز پڙهندا هئا ۽ گهڻي رات ويهي پوءِ جڏهن بيهي قراءت ڪندا هئا ته بيهڻ واري حالت ۾ ئي رڪوع ۽ سجدو ڪندا هئا ۽ جڏهن ويهي نماز پڙهندا هئا ته ويهڻ واري حالت ۾ ئي رڪوع ۽ سجدو ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”تَطَوُّعُ نفل پڙهڻ، تابعدار بنجڻ، زياده ڪرڻ. احسان ڪرڻ، يا ڪو ٻيو نفلي ڪم ڪرڻ جيڪو واجب نه هجي. لَيْلاً طَوِيلاً ڊگهي رات، رات جو گهڻو حصو.

سمجهاڻي: شارحن ڀلارن فرمايو آهي ته : ام المؤمنين f حضور ڪريم جن جي نفلي نماز وارين ڪيفيتن  جو حال بيان ڪيو آهي ان جي ڪري جو سيد دو عالم جن جي برڪت واري هر ادا ۾ امت کي تعليم ڏيڻ مقصود هئي. گويا پاڻ امت کي تعليم ڏيندا هئا ته هي ڪم هن طرح ڪرڻ به جائز آهي. هن کي بيانِ جواز چئبو آهي. ”الاتحافات الربانيہ“ جي صاحب لکيو آهي ته هٰذا الحديث يروي احوالا اخرى من عبادته ولا تنا في بين هٰذا الحديث والذي قبله يعني هيءَ حديث رسول الله جي عبادت جي ٻين احوالن کي بيان ڪري ٿي ۽ هن حديث ۽ هن کان اڳئين ۾ ڪا مخالفت ناهي. (انوار غوثيھ ص 364) علامه علي القاري  لکيو آهي ته هن روايت جي لفظ تَطَوُّعُهٖ مان ثابت ٿيو ته حضرت حبيب ڪريم جن تي تهجد جي نماز فرض نه هئي. ڇوته تَطَوُّعُ ، تَفَعل جي وزن تي الطاعة کان ورتل آهي ۽ ان جي معنى آهي پنهنجي طرفان ان ڳالهه کي لازم ڪري وٺڻ جنهن سان الله جو قرب حاصل ٿئي. فَقَالَتۡ کَانَ يُصَلِّي لَيۡلًا طَوِيۡلًا قَائِمًا ڊگهي رات، نفل بيٺي پڙهندا هئا. ۽ (ڪڏهن) ڊگهي رات ويٺي نفل پڙهندا هئا. (جمع الوسائل ج 2 ص 80) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : ويهي نفل پڙهڻ ۾ بيهي نفل پڙهڻ جو اڌ ثواب آهي ۽ ليٽي پڙهڻ ۾ ويهي پڙهڻ جو اڌ ثواب آهي. (اشرف الوسائل ص 397)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه مسلم في کتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 16 جواز النافلة قائما و قاعدا رقم الحديث 730 حديث الکتاب 105 ج 1 ص 504 {2} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 291 تفريع ابواب التطوع ورکعات السنة رقم الحديث 1251 ج 2 ص 18،19 {3} النسائي في کتاب الصلواة من سننھ الکبرى کما في التحفة ج 11 ص 444 {4} احمد في المسند ج 6 ص 30، 216.

{282} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، عَنِ السَّائِبِ بْنِ يَزِيدَ ، عَنِ الْمُطَّلِبِ بْنِ أَبِي وَدَاعَةَ السَّهْمِيِّ ، عَنْ حَفْصَةَ ، زَوْجِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي فِي سُبْحَتِهٖ قَاعِدًا وَيَقْرَأُ بِالسُّورَةِ وَيُرَتِّلُهَا حَتَّى تَكُونَ أَطْوَلَ مِنْ أَطْوَلَ مِنْهَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت حفصھ g (نبي پاڪ جي پاڪ گهر واريءَ) کان روايت آهي ته رسول الله جن نفل نماز ويهي پڙهندا هئا ۽ (ان نفل نماز ۾ قرآن جي) سورت ٺاهي ٺاهي پڙهندا هئا. جو اها قرآن پاڪ جي وڏين کان وڏي سورت ٿي پوندي هئي.

مفردات جو شرح: ”سُبْحَتِهٖ پنهنجي نفلي نماز ۾ . سُبحَةُ نفلي نماز ۽ مڻين واري تسبيح جنهن سان تعداد ۽ ڳاڻاٽو ڪبو آهي ان کي به سبحة چوندا آهن. دعا کي به سبحة سڏيو ويندو آهي. جيئن مقولو آهي. ”قَضَيۡتُ سُبۡحَتِي مون پنهنجي دعا پوري ڪئي. وَيُرَتِّلُهَا ترتيل کان ورتل. ٺاهي ٺاهي پڙهڻ.

سمجھاڻي: هن حديث پاڪ مان ظاهر آهي ته حضرت رسول الله جن رات جو ويهي به نماز پڙهندا هئا ۽ ان ۾ تلاوت ڪندي قرآن پاڪ جي حرفن جو مخرجون، حرفن جو اظهار ۽ حرڪات انتهائي ترتيل سان ڪندا هئا ۽ گهڻي اطمينان، سڪون ، وقار سان ٺاهي ٺاهي پڙهندا هئا. ۽ ام المؤمنين سيده حفصھ g جي قول مطابق پڙهڻ ۾ جلدي ۽ تڪڙ نه ڪندا هئا. بلڪه هڪ ننڍي سورة ۾ به ايترو وقت لڳائيندا هئا. جيترو ٻيو ماڻهو ڪنهن وڏي صورت ۾ لڳائي ۽ هن مان اندازو لڳائجي ٿو ته جڏهن ننڍي صورت ۾ ايترو وقت لڳندو هو ته وڏي سورت ۾ ته اڃان گهڻو وقت لڳندو هوندو. اهو ئي سبب هو جو سندن پير مبارڪ بيهڻ جي ڪري سُڄي يا ڦاٽي پوندا هئا. ۽ مسلم شريف جي روايت ۾ هن ئي سبب سان هن روايت جي اول ۾ ام المؤمنين حفصھ g کان آيل آهي ته : مون رسول الله جن کي ويٺي نفل پڙهندي نه ڏٺو تانجو وفات (دنيا تان ظاهري رحلت ڪرڻ) کان هڪ سال اڳ ۾ ويٺي نفل پڙهندي ڏٺو هوم. ۽ هن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت حبيب ڪريم جن پنهنجي ظاهري زندگيءَ جي اڪثر اوقات ۾ بيهي نماز پڙهندا هئا جيتوڻيڪ سندن ويهي پڙهڻ جو ثواب به بيهي پڙهڻ جيترو هو ۽ نفل کي ”سُبحتِہ“ ان جي ڪري سڏيو ويو آهي جو ان ۾ تسبيح به هوندي آهي ۽ اهو لفظ نفل سان خاص ان جي ڪري آهي جو نفلي نماز سان مشابه آهي ۽  اها تخصيص غالب امر آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تسبيح مطلق نماز تي به ڳالهائي ويندي آهي چوندا آهن. ”فُلانُ يُسبحُ“ اي فلاڻو نماز پڙهي ٿو. فرض هجي يا نفل. ۽ ان مان ئي الله جو قول آهي.فَسَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ جنهن مان مراد آهي ته نماز پڙهه. ۽ هن حديث مان اهو به ثابت ٿيو ته مستحب آهي ته ترتيل سان پڙهي هڪ سورة هڪ رڪعت ۾ پوري ڪجي. ۽ اهو هڪ سورت کي ٻٽن رڪعتن ۾ پڙهڻ ڀلو آهي جيتوڻيڪ اهو به سهڻو آهي بُرو ناهي ۽ هن حديث ۾ اگرچه اها صراحت ناهي ته پاڻ ڪريم جن هڪ سورة هڪ رڪعت ۾ پوري ڪندا هئا پر غالبًا ائين هوندو هو. ها جيڪڏهن ڪو عارض هوندو هو ته پوءِ هڪ سورت ٻٽن رڪعتن ۾ به پڙهندا هئا جيئن هڪ ڀيري پاڻ سورة المومنون شروع ڪيائون ۽ ٿورو پڙهڻ کان پوءِ کين کنگهه ٿي ته رڪوع ڪرڻ فرمايائون. (المواهب ص 484) علامه مناوي  لکيو آهي ته : علامه الزين العراقي  فرمايو ته ام المؤمنين سيده حفصھ g جي هن حديث ۾ ان ڳالهه تي دلالت آهي ته نفل بيهي پڙهڻ ويهي پڙهڻ کان پاڻ ڪريمن جي لاءِ به افضل هو. ڇوته پاڻ پنهنجي (ظاهري) اڪثر حياتي ۾ ان تي هميشگي ڪرڻ فرمائي هيائون. اگرچه سندن ويهي نفل پڙهڻ ۾ کين بيهي نفل پڙهڻ جو درجو ملندو هو. ۽ مسلم واري روايت ۾ ام المؤمنين حفصھ g جو چوڻ ته پاڻ بيٺي نفل پڙهندا هئا. پر دنيا تان وفات (ظاهري رحلت) کان هڪ سال اڳ ۾ ويهي نفل پڙهندا هئا اهو حضر جي حالات ۾ هو. سفر جي حالت ۾ پاڻ هڪ سال اڳ ۾ ويهي نفل پڙهندا هئا. جيئن صحيح حديث ۾ آيو آهي. (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 2 ص 81)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب  صلواة المسافرين وقصرها باب 16 جواز النافلة قائما وقاعدا رقم الحديث 733 ج 1 ص 506 {2} النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار. باب 19 صلواة القاعد في النافلة ج 3 ص 223 {3} احمد في المسند ج 6 ص 285 {4} مالڪ في الموطا کتاب صلواة الجماعة باب 7 ماجاء في صلواة القاعد في النافلة حديث رقم 21 ج 1 ص 13 {5} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 4089 ج 2 ص 463 {6} البيهقي في سننھ ج 2 ص 490.

{283} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ مُحَمَّدٍ الزَّعْفَرَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا الْحَجَّاجُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ قَالَ : أَخْبَرَنِي عُثْمَانُ بْنُ أَبِي سُلَيْمَانَ ، أَنَّ أَبَا سَلَمَةَ بْنَ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، أَخْبَرَهُ أَنَّ عَائِشَةَ ، أَخْبَرَتْهُ أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَمْ يَمُتْ حَتَّى كَانَ أَكْثَرُ صَلاَتِهِ وَهُوَ جَالِسٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته نبي ڪريم   جن دنيا تان (ظاهري) رحلت نه فرمائي تانجو نماز گهڻو ڪري ويهي پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته حضرت حبيب ڪريم جن حياتِ طيبھ جي آخري ايام ۾ نفلي عبادت اڪثر ڪري ويٺي پڙهندا هئا ۽ ان ۾ تلاوت گهڻي ڪندا هئا. ام المؤمنين ام سلمھ g کان روايت آهي ان فرمايو ته وَالَّذِيۡ نَفۡسِيۡ بِيَدِهٖ مَامَاتَ رَسُوۡلُ اللهِ حَتٰي کَانَ اَکۡثَرُ صَلواتِهٖ قَاعِدًا اِلَّا الۡمَکۡتُوۡبَاتِ.“ (ان ذات جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ  ۾ منهنجو ساهه آهي ته رسول الله جن دنيا تان رحلت نه فرمائي تانجو سندن اڪثر نماز ويٺي هوندي هئي. فرضن کان سواءِ. (المواهب ص 485) ۽ اهو مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته : حضور ڪريم جن جو ويهي پڙهڻ ۾ به بيهي پڙهڻ جيترو ثواب هوندو هو. ابو داؤد وغيره جي روايات ۾ ان جي صراحت آهي ته : حضرت نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو ته”مان اوهان جهڙو ناهيان مون لاءِ ويهي نماز پڙهڻ ۾ به بيهي نماز پڙهڻ جيترو ثواب آهي.“ (خصائل نبوي ص 235)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 16 جوازالنا فلة قائما و قاعدا رقم الحديث 732 حديث الکتاب 116 ج 1 ص 506 {2} النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار باب 19 صلواة القاعد في النافلة ج 3 ص 222 {3} البيهقي في سننھ ج 2 ص 490 {4} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 1239 ج 2 ص 236 {1} عبدالرزاق في مصنفه رقم الحديث 4090 ج 2 ص 464.

{284} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَيُّوبَ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : صَلَّيْتُ مَعَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَكْعَتَيْنِ قَبْلَ الظُّهْرِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَهَا ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْمَغْرِبِ فِي بَيْتِهِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْعِشَاءِ فِي بَيْتِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عمر f کان روايت آهي ته مون رسول الله سان گڏ سندن گهر ۾ ٻه رڪعتون نماز ٻيپهري جي فرض کان اڳ ۾ ۽ ٻه رڪعتون بعد ۾ پڙهيون. ۽ سانجهيءَ کان پوءِ ٻه رڪعتون ۽ سومهڻيءَ کان پوءِ ٻه رڪعتون پڙهيون.

مفردات جو شرح: شرح ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هن حديث شريف مان نماز کان پهريان ۽ پويان سنت پڙهڻ ثابت آهي ۽ گهر ۾ ۽ مسجد ۾ به سنتن جو پڙهڻ ظاهر ٿي رهيو آهي. بعض علماء فرمايو ته : گهر ۾ سنتون پڙهڻ افضل آهن. حضرت ابنِ عمر f جو حضور ڪريم سان سنتون پڙهڻ جو اهو مطلب ناهي ته سنتون جماعت سان پڙهندو هو بلڪه ان جو مطلب هي آهي ته سيدِ دو عالم جن پاڻ به اهي سنتون پڙهندا هئا ۽ مان به پڙهندو هوس. بخاري ۽ مسلم جي هڪ روايت آهي ته حضرت رسول الله جن ظهر کان پهريان چار رڪعتون سنت ۽ پويان  ٻه رڪعتون مغرب جي فرض کان پويان ٻه رڪعتون، عشاء جي فرض کان پويان ٻه رڪعتون ۽ فجر جي فرض کان پهريان ٻه رڪعتون سنت پڙهندا آهن. علماء فرمايو آهي ته : جڏهن ته حضور ڪريم جن گهر ۾ ئي ظهر جون چار رڪعتون سنت پڙهي پوءِ نڪرندا هئا. (جيئن مسند احمد ۽ ابو داؤد وغيره ۾ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقه g کان روايت آهي) ان جي ڪري هن حديث ۾ جن ٻن رڪعتن جو ذڪر آهي ان مان ”تحية المسجد“ جون ٻه رڪعتون مراد آهن. (انوارِ غوثيھ ص 366) علامه البيجوري  لکيو آهي ته ”ان مان مراد حضور ڪريم سان گڏ جماعت ڪري سنتون پڙهڻ ناهي. بلڪه جدا پڙهڻ آهي ۽ گهر ۾ نفل پڙهڻ بيت الله شريف جي اندر نفل پڙهڻ کان به ڀلو آهي ڇوته ان ۾ لڪ گهڻي آهي ان جي ڪري ان ۾ اخلاص وڌيڪ آهي ۽ رياء کان گهڻو پري آهي ۽ علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  حديث مبارڪ آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو:اَفۡضَلُ صَلٰوةِ المَرَۡءِ فِيۡ بَيۡتِهٖ اِلَّا الۡمَکۡتُوۡبَةَ (مرد جي نماز فرض کان سواءِ گهر ۾ ڀلي آهي)

                                                         (المواهب ص 485، اشرف الوسائل ص 398)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب التهجد باب 34 الرکعتان قبل الظهر رقم الحديث 1180 ج 3 ص 58 {2} احمد في المسند ج 2 ص 6 {3} ابنِ خزيمة في صحيحھ رقم الحديث 1197 ج 2 ص 208 {4} البيهقي في سننھ ج 2 ص 471 {5} عبدالرزاق في مصنفھ رقم الحديث 4811 ج 3 ص 65 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 2454 ج 6 ص 207.

{285} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَيُّوبُ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : حَدَّثَتْنِي حَفْصَةُ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُصَلِّي رَكْعَتَيْنِ حِينَ يَطْلَعُ الْفَجْرُ وَيُنَادِي الْمُنَادِي قَالَ أَيُّوبُ : وَأُرَاهُ قَالَ : خَفِيفَتَيْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت حفصھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن پرهه ڦٽڻ کان پوءِ جڏهن بانگو بانگ چوندو هو، ته (فجر جي سنت) ٻه رڪعتون پڙهندا هئا.  ايوب راوي چيو ته : منهنجي خيال ۾ حضرت نافع اهي ٻه هلڪيون رڪعتون چيون.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۽ ٻين حديثن مان صبح جون سنت واريون ٻه رڪعتون ٿوري قراءت سان ثابت آهن. حضرت نبي ڪريم جن انهن ٻن رڪعتن ۾ سورة قُلۡ يٰا ايُّهَا الۡکافِرُوۡنَ ۽ سورة قُلۡ هُوَ اللهُ اَحَدُ پڙهندا هئا ۽ هڪ حديث ۾ آيو آهي ته نِعۡمَ السُّوۡرَ تَانِ تُقۡرَءُ بِهِمَا فِيۡ رَکَعَتَيِ الۡفَجۡرِقُلۡ يٰا ايُّهَا الۡکافِرُوۡنَ ۽ قُلۡ هُوَ اللهُ اَحۡدُ اهي ٻئي سورتون ڀليون آهن جيڪي فجر جي (سنت واري) ٻن رڪعتن ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. ” قُلۡ يٰا ايُّهَا الۡکافِرُوۡنَ ۽ قُلۡ هُوَ اللهُ اَحدُ فجر جي سنت ۾ انهن ٻن سورتن جي پڙهڻ جو گهڻو تاڪيد آيو آهي. ايتري قدر جو مسلم شريف ۾ انهن جي متعلق حضور ڪريم   جو ارشاد آيو آهي:” اَحَبُّ اِلَيَّ مِنَ الدُّنۡيَا جَمِيۡعًا“ (مون کي سڄي دنيا کان وڌيڪ پياريون آهن) حضرت امام اعظم ابو حنيفه  کان هڪ روايت آهي ته اهي ٻه رڪعتون واجب آهن پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي ٻه رڪعتون ٻين تاڪيدي سنتن کان ڀليون آهن. ۽ بخاري، مسلم ۽ ٻين حضرت ام المؤمنين سيده عائشه صديقه کان روايت آندي آهي ته: رسول الله جن فجر جي سنت جون ٻه رڪعتون پڙهي گهڙي کن سڄي پاسي تي ليٽي پوند اهئا.“ علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  فرمايو ته ”فجر جي فرض ۽ سنت جي وچ ۾ ڪجهه وقت ليٽڻ سنت آهي.“ (جمع الوسائل ج 2 ص 82، 83) ۽ علامه موصوف لکيو آهي ته ”حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته ”رسول الله جن وتر ۾ سَبِّحَ اسۡمَ رَبِّکَ الۡاَعۡلٰي وَ قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ وَ قُلْ ہُوَ اللھ  اَحَدٌ هر رڪعت ۾ پڙهندا هئا. ۽ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته ”پهرين رڪعت ۾ سَبِّحَ اسۡمَ رَبِّکَ الۡاَعۡلٰي ٻي رڪعت ۾ قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ “ ۽ ٽين رڪعت ۾ قُلْ ہُوَ اللھ  اَحَدٌ ۽ المعوذتين (قل اعوذ برب الفلق، ۽ قل اعوذ برب الناس) پڙهندا هئا. ۽ سورة الاخلاص (قل هو الله احد) کي ان جي ڪري اختيار ڪند اهئا جو اها علم ۽ ايمان جي توحيد ، معرفة ۽ ارادي جي توحيد ۽ اعتقاد جي توحيد جي جامع آهي. پوءِ ” قل هو الله احد“ علمي ۽ اعتقادي توحيد کي پيچ ۾ ڪري وٺندڙ آهي ڇوته اها جنهن شيءِ جو الله جي لاءِ ثابت ڪرڻ واجب آهي ان تي مشتمل آهي. احديت ، صمديت، ڪمال  جي سڀني صفتن سان جنهن ۾ ڪو نقص لاحق ٿي نه ٿو سگهي. ۽ هن ۾ ولد، والد ۽ مٽ مائٽ جي نفي به آهي جنهن مان مثال ۽ شبيھ هجڻ جي به نفي واضح آهي. پوءِ اها سورت الله جي لاءِ اڪمل ڪمال ثابت ڪندڙ ۽ هر قسم جي نقص ۽ شبيھ جي نفي ڪري رهي آهي ۽ اها ئي ڳالهه علمي ۽ اعتقادي توحيد جو مجموعو آهي ۽ ان جي ڪري ئي هن کي قرآن ڪريم جي ٽئين حصي جي برابر قرار ڏنو ويو آهي، ڇوته قرآن ڪريم يا انشاء آهي ۽ اهو امر، نهي ۽ اباحة آهي هي پهريون حصو آهي ۽ يا خبر آهي ۽ اهو خلق جو حال آهي ۽ اهو ٻيو حصو آهي ۽ يا خالق ۽ ان جي صفات ۽ احڪام جو ذڪر آهي ۽ اهو ٽيون حصو آهي ۽ غور ڪرڻ سان اهي ٽئي ڳالهيون سورة الاخلاص ۾ مندرج آهن ان جي ڪري اها قرآن ڪريم جي ٽئين حصي جي برابر قرار ڏنل آهي ۽ اها پنهنجي مومن پڙهندڙ کي علمي شرڪ کان ڇڏائي ٿي جيئن سورة قل يا ايها الکافرون عملي شرڪ کان ڇڏائي ٿي.

(اشرف الوسائل ص 400)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} بخاري في کتاب الاذان باب 12 الاذان بعد الفجر رقم الحديث 618 ج 2 ص 101. {2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 14 استحباب رکعتي سنة الفجر رقم الحديث 723 ج 1 ص 00 {3} النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار باب 7 وقت رکعتي الفجر ج 3 ص 22 {4} ابنِ ماجھ في کتاب اقامة الصلواة والسنة فيها باب 101 ماجاء في الرکعتين قبل الفجر رقم الحديث 1216 {5} احمد في المسند ج 6 ص 283 {6} الدارمي في کتاب الصلواة باب 146 القراة في رکعتي الفجر رقم الحديث 1443 ج 1 ص 399.

{286} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مَرْوَانُ بْنُ مُعَاوِيَةَ الْفَزَارِيُّ ، عَنْ جَعْفَرِ بْنِ بُرْقَانَ ، عَنْ مَيْمُونِ بْنِ مِهْرَانَ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : حَفِظْتُ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ثَمَانِيَ رَكَعَاتٍ : رَكْعَتَيْنِ قَبْلَ الظُّهْرِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَهَا ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْمَغْرِبِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْعِشَاءِ قَالَ ابْنُ عُمَرَ : وَحَدَّثَتْنِي حَفْصَةُ بِرَكْعَتَيِ الْغَدَاةِ ، وَلَمْ أَكُنْ أَرَاهُمَا مِنَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عمر fکان روايت آهي ته مون کي رسول الله جي نماز ياد آئي آهي. ته پاڻ سڳورا اٺ رڪعتون پڙهندا هئا ٻه رڪعتون ٻيپهري جي فرض کان اڳ ۾ ۽ ٻه رڪعتون بعد ۾. ٻه رڪعتون سانجهيءَ کان پوءِ ۽ ٻه رڪعتون سومهڻيءَ کان پوءِ.   حضرت ابنِ عمر f چيو ته مون سان (منهنجي ڀيڻ) حضرت حفصه g صبح جي ٻن رڪعتن جي به روايت ڪئي  پر مون اهي ٻه رڪعتون حضور ڪريم جن کي پڙهندي ڪونه ڏٺيون.

مفردات جو شرح: ”حَفِظْتُ مون ياد ڪيو. ثَمَانِـيَ اٺ. ”رَكْعَتَيِ ٻه رڪعتون.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضرت حبيب ڪريم جن جي ان نماز جو بيان آهي جيڪا فرض جي رڪعتن کان سواءِ پڙهندا هيا. ٻه رڪعتون ظهر جي فرض کان اڳي (ظهر جي فرض کان اڳي جيڪي چار رڪعتون آهن اهي پاڻ گهر ۾ پڙهي پوءِ اهي ٻه رڪعتون تحية المسجد مسجد ۾ پڙهندا هئا) ۽ ٻه رڪعتون ظهر جي فرض کان پوءِ پڙهندا هئا. ٻه رڪعتون مغرب جي فرض کان پوءِ ٻه رڪعتون سومهڻيءَ جي فرض کان پوءِ ۽ باقي فجر جي ٻن رڪعتن سنت کي ام المؤمنين سيده حفصھ g ته بيان ڪيو آهي پر حضرت ابنِ عمر f هن روايت ۾ انهن کي حضور ڪريم جن کان پڙهندي ڏسڻ جو انڪار ڪيو آهي ان جو سبب هي هو جو اهي ٻه رڪعتون جڏهن ته گهر ۾ پڙهيون وينديون آهن ۽ اهو فجر وارو وقت گهڻو ڪري ڪير ٻيو گهر ۾ نه هوندو آهي تڏهن حضرت ابنِ عمر f نه ڏٺيون هيون. ۽ هي سندس ڏسڻ کان اڳ جو بيان آهي نه ته حضرت ابنِ عمر f) کان به انهن ٻن رڪعتن جو ڏسڻ ۽ مشاهدو ثابت آهي. اهي ٻه رڪعتون نماز جي سڀني مؤڪده سنتن کان به وڌيڪ تاڪيدي آهن ان جي ڪري انهن جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي بعض علماء ته انهن کي واجب چيو آهي. (خصائل نبوي ص 238) علامه البيجوري  لکيو آهي ته سانجهيءَ جي نماز جي فرض ۽ ٻن رڪعتن سنت جي وچ ۾ گفتگو نه ڪجي حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته مَنۡ صَلَّي بَعۡدَ الۡمَغۡرِبِ رَکَعَتَيۡنِ قَبۡلَ اَنۡ يَّتَکَلَّمَ رُفِعَتۡ صَلٰوتَھ فِيۡ عِلِّيِيۡنَ (جنهن سانجهي نماز جون سنت واريون ٻه رڪعتون گفتگو ڪرڻ کان اڳي پڙهيون ته ان جي نماز اعلى عليين ڏانهن کنئي ويندي آهي.) ۽ هن ۾ انهن جو رد آهي جيڪي چون ٿا ته : سانجهيءَ جي فرض کان پوءِ واريون ٻه رڪعتون سنت مسجد ۾ پڙهڻ ناجائز آهي ۽ حضرت ابنِ عمر (d وعن والده) کان ٻه رڪعتون فجر جي سنت مشاهدي ڪرڻ جي لاءِ علامه مذڪور لکيو آهي ته خود حضرت ابنِ عمر f کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي مهينو جاچيو ته پاڻ فجر جي ٻن رڪعتن سنت ۾ سورت قُلۡ يٰا اَيُّهَا الۡکَافِرُوۡنَ ۽ سورة ” قُلۡ هُوَ اللهُ اَحَدُ پڙهندا هئا ۽ علامه شبر املسي جواب ڏنو آهي. حضرت ابنِ عمر f جو نه ڏسڻ حضر ۾ ۽ ڏسڻ سفر ۾ هو.                      (المواهب ص 487)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر اڳئين حديث جي تخريج ۾ اچي چڪو آهي.

{287 حَدَّثَنَا أَبُو سَلَمَةَ يَحْيٰى بْنُ خَلَفٍ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ الْمُفَضَّلِ ، عَنْ خَالِدٍ الْحَذَّاءِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ شَقِيقٍ قَالَ : سَأَلتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاَةِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَتْ : كَانَ يُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ رَكْعَتَيْنِ وَبَعْدَهَا رَكْعَتَيْنِ ، وَبَعْدَ الْمَغْرِبِ رَكْعَتَيْنِ ، وَبَعْدَ الْعِشَاءِ رَكْعَتَيْنِ ، وَقَبْلَ الْفَجْرِ ثِنْتَيْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن شقيق d کان روايت آهي ته مون حضرت سيده عائشه g کان نبي ڪريم جي نماز جي باري ۾ پڇيو. امان سائڻ ٻڌايو ته پاڻ سڳورا ٻيپهري کان اڳ ۾ ٻه رڪعتون، بعد ۾ ٻه رڪعتون. سانجهي کان پوءِ ٻه رڪعتون ۽ سومهڻي کان پوءِ ٻه رڪعتون پڙهندا هئا ۽ فجر کان اڳ ۾ ٻه رڪعتون پڙهندا هئا.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ام المؤمنين g جو فرمان آهي ته پاڻ سڳورا ظهر جي (فرض کان) پهريان ٻه رڪعتون پڙهندا هئا. ۽ ان ئي ام المؤمنين g کان بخاري شريف ۾ آيو آهي ته : حضرت نبي ڪريم جن ظهر جي فرض کان پهريان چار رڪعتون ۽ فجر جي فرض کان پهريان ٻه رڪعتون نه ڇڏيندا هئا. يعني هميشه پڙهندا هئا ان جي ڪري حنفين وٽ ظهر کان پهريان ٻن رڪتن کان سواءِ باقي سنتون موڪده آهن ۽ ظهر جي فرض کان اڳيان واريون چار رڪعتون به سنت موڪده آهن. علامه مناوي  لکيو آهي ته ”هيءَ روايت انهن ٻين روايتن جي مخالف ناهي جن ۾ آيو آهي ته : رسول الله جن ظهر جي فرض کان پهريان چار رڪعتون ۽ ظهر جي فرض کان پوءِ چار رڪعتون ۽ عصر جي فرض نماز کان پهريان چار رڪعتون ۽ مغرب جي فرض کان پويان ٻه رڪعتون ۽ عشاء جي فرض کان پهريان ٻه رڪعتون پڙهندا هئا ڇوته ممڪن ۽ محتمل آهي ته پاڻ هي ڏهه رڪعتون مسجد ۾ ۽ اهي پنهنجي گهر ۾ پڙهندا هجن پوءِ جنهن کي جيڪا خبر پئي ان اها روايت ڪئي. (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 2 ص 84) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته: هن روايت ۾ مذڪور ظهر کان پهريان ٻن رڪعتن کان سواءِ باقي رڪعتن ۾ حنفين جو به اهو ئي قول آهي. ظهر جي پهرين سنت حنفين وٽ چار رڪعتون آهن. بخاري شريف ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان به اهڙي روايت آيل آهي ان جي ڪري هن روايت ۾ آيل ٻه رڪعتون ڪڏهن ڪنهن ضرورت جي ڪري پڙهيون ويون هونديون. (خصائل نبوي ص 238) نماز ظهر جون چار رڪعتون سنت تاڪيدي آهن. علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : مسلم شريف ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g  کان روايت آهي ته کَانَ يُصَلِّيِ فِيۡ بَيۡتِهٖ قَبۡلَ الظُّهۡرِ اَرۡبَعًا (رسول الله جن پنهنجي گهر مبارڪ ۾ ظهر جي فرض کان پهريان چار رڪعتون پڙهندا هئا.) ۽ بخاري ۽ مسلم ٻنهي آندو آهي ته کَانَ لَا يَدَعُ اَرۡبَعًا قَبلَ الظُّهۡرِ (ظهر کان اڳيان چار رڪعتون پڙهڻ نه ڇڏيندا هئا) ۽ هي انهن  ظهر کان اڳيان پڙهڻ وارين چئن رڪعتن جي تاڪيدي هجڻ ۾ نص آهي. هن کان پوءِ علامه صاحب اختلافات جو به ذڪر ڪيو آهي پر اسان احناف لاءِ اهو دليل ڪافي آهي.

(اشرف الوسائل ص 402)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر اڳئين حديث جي تخريج ۾ اچي چڪو آهي.

{288} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ قَالَ : سَمِعْتُ عَاصِمَ بْنَ ضَمْرَةَ يَقُولُ : سَأَلْنَا عَلِيًّا ، عَنْ صَلاَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنَ النَّهَارِ ، فَقَالَ : إِنَّكُمْ لاَ تُطِيقُونَ ذَلِكَ قَالَ : فَقُلْنَا : مَنْ أَطَاقَ ذَلِكَ مِنَّا صَلَّى ، فَقَالَ : كَانَ إِذَا كَانَتِ الشَّمْسُ مِنْ هَاهُنَا كَهَيْئَتِهَا مِنْ هَاهُنَا عِنْدَ الْعَصْرِ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ ، وَإِذَا كَانَتِ الشَّمْسُ مِنْ هٰهُنَا كَهَيْئَتِهَا مِنْ هَاهُنَا عِنْدَ الظُّهْرِ صَلَّى أَرْبَعًا ، وَيُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ أَرْبَعًا ، وَبَعْدَهَا رَكْعَتَيْنِ ، وَقَبْلَ الْعَصْرِ أَرْبَعًا ، يَفْصِلُ بَيْنَ كُلِّ رَكْعَتَيْنِ بِالتَّسْلِيمِ عَلَى الْمَلاَئِكَةِ الْمُقَرَّبِينَ وَالنَّبِيِّينَ ، وَمَنْ تَبِعَهُمْ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُسْلِمِينَ.

بامحاور ترجمو: حضرت عاصم بن ضمرة d کان روايت آهي ته اسان حضرت علي d کان رسول الله جن جي ڏينهن جو پڙهڻ واري نماز بابت پڇيوسون. راوي چوي ٿو، ان چيو ته اوهان ان جي طاقت نه رکندؤ (يا ائين ڪري نه سگهندؤ). (عاصم چيو ته) اسان چيو ته اسان مان جنهن کي طاقت هوندي، سو (اهڙي نبوي نماز) پڙهندو.

حضرت علي d چيو ته جڏهن سج ايترو مٿي چڙهي اچي جيترو ٽيپهريءَ وقت هوندو ته ٻه رڪعتون پڙهندا هئا. جڏهن سج ان کان مٿڀرو چڙهندو هو. جيئن ٻيپهري جو هوندو آهي ته ان وقت چار رڪعتون پڙهندا هئا ۽ ٻه رڪعتون ان کان پوءِ ۽ ٽيپهريءَ کان اڳ ۾ چار رڪعتون پڙهندا هئا ۽ هر ٻن رڪعتن جي وچ ۾ مقرب ملائڪن ۽ نبين سڳورن عليهم الصلٰوة والسلام ۽ انهن جي تابعدار مؤمنن ۽ مسلمانن تي سلام پڙهي سنڌو ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”سَأَلْنَا اسان پڇيو. لاَ تُطِيقُونَ اوهان طاقت نه ٿا رکو. اوهان ڪري نه سگهندؤ. مَنْ أَطَاقَ مِنَّا“، اسان مان جنهن طاقت رکي. ڪري سگهيو.كَهَيْئَتِهَا ان جي صورت ۽ ڪيفيت وانگر.

سمجهاڻي: هن روايت مان اشراق جي نماز جون ٻه رڪعتون ، ضحى جي نماز جون چار رڪعتون ظهر کان اڳيان چار رڪعتون . ظهر کان پوءِ ٻه رڪعتون ۽ عصر کان پهريان چار رڪعتون ثابت ٿي رهيون آهن. حضرت علي d جو فرمان ”ته اوهان ان جي طاقت ڪٿي ٿا رکو“ جو مطلب آهي ته حضور ڪريم جهڙي الله جي اڳيان انڪساري ۽ عاجزي، دل جي نوڙت، نياز، حسن اهتمام، تعديل ارڪان ۽ ڪمال درجي جي عبوديت جو اظهار اوهان ڪٿي ٿا ڪري سگهو؟ علامه علي قاري  لکيو آهي ته : اها ڪيفيت ۽ حالت، دوام ۽ مواظبت اوهان  ڪٿي ٿا ڪري سگهو. حضرت حبيب ڪريم جن عبادت تي هميشگي ڪندا هئا. اوهان ڪٿي ٿا ڪري سگهو. سائل عرض ڪيو ته : اسان مان جنهن ۾ اها طاقت هوندي ته ڪندو( نه ته به ڄاڻ ته ملي ويندي) پوءِ پاڻ وضاحت ڪندي فرمايائين جڏهن سج اوڀر پاسي کان ايترو مٿي چڙهي ايندو هو جيترو وچين نماز وقت اولهه کان هوندو آهي ته پاڻ ٻه رڪعتون پڙهندا هئا. علامه القاري  فرمايو ته : مختار قول اهو آهي ته اهي ضحى جون ٻه رڪعتون هيون. ۽ جڏهن سج اوڀر پاسي کان ايترو مٿي ايندو هو جيترو ظهر نماز وقت اولهه کان هوندو آهي ته : پاڻ چار رڪعتون پڙهندا هئا. محدث ميرڪ  جو قول آهي ته : اها نماز زوال کان پهريان هوندي هئي. جنهن کي هڪ روايت موجب صلواة الاوابين سڏيو ويو آهي“ جيئن مسلم شريف ۾ زيد بن ارقم d کان مرفوع روايت ۾ آيو آهي ۽ حضرت علي d فرمايو ته حضرت حبيب ڪريم جن ”ظهر جي فرض کان پهريان چار رڪعتون پڙهندا هئا. ۽ ظهر جي فرض کان پوءِ ٻه رڪعتون پڙهندا هئا (۽ اسان حنفين وٽ به اهي پهريون چار ۽ پويون ٻه سنتون مؤڪده آهن.) هتي علامه موصوف ڪجهه بحث لکيو آهي پر ان جو مقصد اسان اڳي لکي آيا آهيون. وچين (عصر) نماز جون چار رڪعتون سنت استحبابي آهن. حضرت علي d  هتي جيڪي عصر جي فرض کان پهريان رڪعتون بيان ڪيون آهن اهي استحبابي سنت آهن. سنت مؤڪده ناهن. ۽ هن ۾ اهو به اشارو آهي ته ڏينهن جو چار رڪعتون گڏي نفل پڙهڻ به جائز آهي. ۽ حضرت علي d کان ٻي روايت ته : حضور ڪريم جن  ٻه رڪعتون عصر کان پهريان پڙهيون. اها هن جي خلاف ناهي ڇوته ڪڏهن چار ته ڪڏهن ٻه پڙهيون هوندائون. ۽ حديث ۾ آيو آهي تهرَحِمَ اللهُ امۡرَا صَلّٰي قَبۡلَ الۡعَصۡرِ اَرۡبَعَةً (الله ان شخص تي رحم ڪري جنهن عصر (جي فرض) کان پهريان چار رڪعتون (سنت) پڙهيون. ”حضور ڪريم جن ٻن رڪعتن کان پوءِ مقرب ملائڪن، نبين ۽ انهن جي تابعن مومنن ۽ مومنياڻن تي سلام ورائي سَنڌو ڪندا هئا.“ (جمع الوسائل ج 2 ص 84، 85) حضرت علي d جو فرمان ته انهن چئن رڪعتن ۾ سلام سان سَنڌو ڪندا هئا. ان جو مطلب ته ٻه رڪعتون پوريون ڪري سلام ورائيندا هئا ۽ ان سلام ۾ ملائڪن ۽ نبين ۽ مومنن ۽ مسلمانن جي نيت ڪندا هئا. يا سلام مان مراد التحيات ۾ ويهڻ آهي ۽ ان ۾ ”اَلسَّلَامُ عَلَيۡنَا وَعَلٰي عِبَادَ اللهِ الصَّالِحِيۡنَ“ پڙهي نبين عليهم السلام ۽ ملائڪ جن ۾ ڪروبين ۽ عرش جا کڻندڙ ملائڪ به داخل آهن تي سلام چوندا هئا ۽ ”المومنين“ کان پوءِ ”المسلمين“ آڻڻ ان طرف اشارو آهي ته اهي ظاهري توڙي باطني طرح مڃڻ وارا هجن علم سان گڏ عمل به ڪندڙ هجن. (المواهب ص 490)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الامامة باب 65 الصلواة قبل العصر ج 2 ص 119 {2} ابنِ ماجھ في کتاب اقامة الصلواة والسنة فيها باب 39 ماجاء فيما يستحب من التطوع بالنهار رقم الحديث 1233 {3} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 298 الصلواة قبل العصر رقم الحديث 1272 ج 2 ص 23 {4} احمد في المسند ج 1 ص 85 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 892 ج 3 ص 467، 468.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting