خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب اوڻونجاهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي حَيَاءِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن جيڪي

 رسول الله جي حياء جي بيان ۾ آهن

 

سمجهاڻي: حياء مد سان هن جي لغوي معنى آهي تغير ۽ اهڙي انڪساري جيڪا انسان کي لڳندي آهي ان کان سواءِ جنهن سان عيب لڳايو وڃي يا جنهن تي ڏاراپو ڏنو وڃي. ۽ حياء شرعًا اهڙو خلق آهي جيڪو قبيح ڪم ڪرڻ کان  پاسي تي رکندو آهي ۽ سهڻي ڪم ڪرڻ تي حرص ڏياريندو ۽ حقدار جي حق ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي کان پاسي تي رکندو آهي ۽ اهو ئي حضور ڪريم جي فرمان اَلۡحَيَاءُ مِنَ الۡاِيۡمَانِ“ (حياء ايمان منجهان آهي) مان مراد آهي ۽ اهو مد سان پڙهيو ويندو جيئن بيان ڪري آيا آهيون ۽ حياء سهڻي اخلاق مان آهي ۽ ان کي جد ا باب ۾ ذڪر ان جي شان تي تنبيهه ڪرڻ لاءِ آهي ڇوته ان سان خلق سان سهڻو معاشرو ۽ حق سان صحيح معاملو هوندو آهي. حياء جي اسلام ۾ وڏي اهميت آهي حديث ۾ آيو آهي ته ”جڏهن تو مان حياء هليو وڃي ته پوءِ جيڪو گهرين اهو ڪر“ حضرت نبي ڪريم جو هر ڪمال انتها جي درجي تي پهتل آهي جنهن باب کي شروع ڪيو وڃي ان ۾ سندن اوصاف بيان ڪرڻ جي لاءِ جيئن ان جو حق آهي الفاظ ميسر نه آهن سندن حياء جا ٻه چار واقعا ناهن سوين واقعا ان جا شاهد آهن حضرت ابن عمر f فرمايو ته : ” پاڻ گهڻي حياء جي ڪري ڪنهن شخص جي چهري تي نگاهه ڄمائي نه رکندا هئا.“ يعني اکين ۾ اکيون ملائي ڪنهن سان سامهون نه ٿيندا هئا. محدث ترمذي  به  نموني طور هن باب ۾ ٻه حديثون آنديون آهن.

حياء جا قسم: علماء لکيو آهي ته ”حياء ڪيترن قسمن جو هوندو آهي. (1) هڪ ڪرم جو حياء جيئن حضور ڪريم جن جڏهن بيبي زينب g جو وليمو ڪيو ته اتي کاڌي کائڻ کان پوءِ به ڪجهه اصحابي ويٺا رهيا ۽ ڪچهريءَ ۾ مشغول هئا. نبي ڪريم جن تي انهن جو اتي ويهڻ ڳرو هو ۽ بار بار ڪڏهن ٻاهر ٿي ويا ته ڪڏهن اندر ٿي آيا پر ڪريمانه حياء جي ڪري انهن کي اٿڻ جو ڪونه ٿي چيائون. قرآن ڪريم ۾ به سوره احزاب جي آخر ۾ هن قصي ڏانهن اشارو آيل آهي (2) ٻيو عاشق جو پنهنجي محبوب کان حياء ڪندو آهي جو ان کي ان سان ڳالهائڻ به ڏکيو هوندو آهي.

شوق  افزوں  مانع عرض تمنا  دابِِ  حسن

بارها  دل نے اٹھائے ايسے لذت کے مزے

(3) ٽيون قسم ٻانهپ جو شرم هوندو آهي جو ٻانهپ ۾ پاڻ کي قصوروار سمجهي ۽ الله کان شرم ۾ وڌندو  وڃي. (4) چوٿون پنهنجي ذات کان شرم ٿيندو آهي جو انسان همٿ سان ڪو ڪم شروع ڪري ۽ ان ۾ ڪو نقص رهجي وڃي ته خود پاڻ کان شرم اچي ٿو ته صحيح ڪم نه ٿيو چون ٿا ته هي حياء جو اعلى درجو آهي جيڪو شخص پاڻ کان حياء ڪري ٿو اهو ٻئي کان بطريق اولى شرم ڪندو حياء جي صفت روحاني طاقت کي وڌائي انسان کي وڏي درجي تي پهچائي ٿي پر افسوس آهي جو هن دور ۾ يورپي تهذيب انسان جي حياء کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي حياء کان سواءِ انسان حيوان آهي. علامه نبهاني  لکيو آهي ته سندن حياء جو هي جهان هو جو ڪنهن جي چهري تي نظر ڄمائي گفتگو نه ڪندا هئا. جيڪڏهن پنهنجي منشا جي خلاف ڪا ڳالهه ڪرڻ گهرندا هئا ته اشارن ۽ ڪناين ۾ ڪندا هئا. قضا حاجت جي ضرورت پوندي هئي ته ماڻهن کان پري ڪنهن ميدان  وغيره ڏانهن  نڪري ويندا هئا. ۽ تيستائين ڪپڙو جسم کان پري نه ڪندا هئا جيستائين زمين کي وڌ ۾ وڌ ويجها نه ٿيندا.هئا (وسائل الوصول الي الشمائل الرسول ص ) سنن ابنِ ماجھ ۾ ابي بڪره d کان روايت آهي ان چيو ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو :اَلۡحَيَاءُ مِنَ الۡاِيۡمَانِ وَالۡاِيۡمَانِ فِي الۡجَنَّةِ (حياء ايمان مان آهي ۽ ايمان جنت ۾ آهي.) ابنِ ماجھ ۾ ٻي حديث حضرت ابنِ عباس f کان روايت ڪيل آهي ته ”رسول الله جن فرمايواِنَّ لِکُلِّ دِيۡنٍ خُلُفًا وَاِنَّ خُلُقَ الۡاِسۡلَامِ الۡحَيآءُ بلاشڪ هر دين جو اخلاق آهي ۽ اسلام جو اخلاق حياء آهي، بخاري شريف جي شرحن ۾ عمران بن حصين d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ”اَلۡحَيَاءُ لَا يَاتِي اِلَّا بِخَيۡرٍ“ (حيا خير ئي خير آڻيندو آهي)

(انوار غوثيھ ص 506، المواهب ص 601 جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 174)

{359} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ قَتَادَةَ قَالَ : سَمِعْتُ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ أَبِي عُتْبَةَ ، يُحَدِّثُ عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَشدَّ حَيَاءً مِنَ الْعَذرَاءِ فِي خِدْرِهَا ، وَكَانَ إِذَا كَرِهَ شَيْئًا عَرَفْنَاهُ فِي وَجْهِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري d کان روايت آهي ته رسول الله جن پردي ۾ ويٺل ڪنوار کان به وڌيڪ حيادار هئا. ۽ جڏهن پاڻ ڪنهن شيءِ کي نا پسند ڪندا هئا. ته ان جو اثر سندن منهن مبارڪ مان ظاهر ٿيندو هو.

مفردات جو شرح: ”أَشدَّ گهڻو مضبوط. اَلْعَذرَاءِ نوجوان ڇوڪري، ڪنواري، نه پوتل موتي. هن جو جمع العذارى ايندو آهي. خِدْرِ پردو. اهو پردو جيڪو ڇوڪريءَ جي لاءِ گهر جي ڪنڊ ۾ لڳايو وڃي. ڇوڪريءَ جي لاءِ گهر جو مخصوص حصو، رات جو انڌيرو. 

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سرڪار دو عالم جي حياء کي تشبيه سان بيان ڪيو ويو آهي ته پاڻ ان نوجوان ڇوڪري وانگر هوندا هئا جيڪا پردي ۾ هوندي آهي.“ پر هي صرف سمجهائڻ جـي لاءِ آهي ورنه ته سندن حياء انتها جي حد تي پهتل هو.

حضرت علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”پراڻي دور ۾ ڪنوارين ڇوڪرين جي پردي ۾ تربيت ڪئي ويندي هئي ايتري قدر جو انهن کي ٻين عورتن جي سامهون به نه آندو ويندو هو. ڇوته عام بازارن ۾ ڦرڻ وارين ڪنوارين ڇوڪرين ۾ شرم ۽ حياء گهٽ هوندو آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته : هن مان ثابت ٿيو ته حياء ساراهيل صفتن مان آهي جيستائين ان ۾ ڪمزوري، نامردي، حق کان نڪرڻ ۽ حسد نه لڌو ويو نه ته پوءِ خراب آهي ۽ رسول الله جن جو حياء انهن ڪوتاهين کان پاڪ هو ۽ پاڻ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪندا هئا. ته ان جو اثر سندن منهن مبارڪ ۾ ڏٺو ويندو هو. يعني پاڻ حضور شرمي جي ڪري ڪنهن کي روبرو ٽوڪيندا يا روڪيندا  نه به هئا پر سندن ناپسنديدگي سندن چهري مبارڪ مان محسوس ٿيندي هئي.

ڪنواري جو پنهنجي پرده ۾ هجڻ: علماء هن جا ٻه مطلب بيان ڪيا آهن (1) هڪ جماعت هيئن فرمايو آهي ته : پرده ۾ هجڻ واري ڪنواري سان تشبيه ان جي ڏنل آهي جو هر ڪنواري شرميلي ته هوندي آهي پر اها وڌيڪ شرميلي هوندي آهي جيڪا پرده ۾ رهندي آهي ڦرندڙ ڪنواري ۾ ايترو حياء ۽ شرم نه رهندو آهي ان جي ڪري شريعت ڪنواري ڇوڪري جي نڪاح لاءِ ان جي سڪوت، خاموش رهڻ کي به قبوليت قرار ڏنو آهي ڇوته ڪنواري جي لاءِ شرم طبعي شيءِ آهي. (2) ته پردي ۾ رهندڙ ڪنواري مان مراد اها ڪنواري آهي جنهن جي تربيت پردي ۾ ٿي هجي ۽ اها ٻاهرين عورتن کان به پردي ۾ رهي هجي.

علامه بيجوري  لکيو آهي. العذراء جي معنى ڪنواري آهي. ڪنواري کي عذراء ان جي ڪري سڏيو ويو آهي جو ان سان جماع ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي. حديث ۾ ”احيى“ وڌيڪ حياء واري لفظ جي بجاء ”اشد“ آندو ويو حالانڪه احيى به اسم تفضيل جو صيغو آهي سو ان جي ڪري  جو ” اشد“ لفظ ۾ وڌيڪ مبالغو آهي. علامه قاضي عياض  فرمايو آهي ته ”حياء ايمان مان ان جي ڪري قرار ڏنو ويو آهي جو اهو جيتوڻيڪ پيدائشي امر آهي پر ان جو شرعي قانون طور استعمال قصد، ڪمائيءَ جو عام طور هوندو آهي ۽ القرطبي  فرمايو ته ”حياء مان مراد ڪمايل حياء آهي ان کي ئي حضور ڪريم جن ”ايمان مان“ فرمايو آهي، ان مان مراد غريزي، پيدائشي ناهي پر جنهن ۾ اهو هوندو آهي ته مڪتسب ڪمائي سان حاصل ڪيل حياء جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو ۽ حضور ڪريم   جن ۾ ته ٻئي قسم حياء على وجھ الکمال موجود هو ۽ حياء جي ڪري سستي، ڪمزوري ڪري حق تي هلڻ نه ڇڏبو اهو مذموم آهي ۽ حضور ڪريم جن ان کان پاڪ هئا ۽ حضرت ابن عمر f فرمايو ته ”مون رسول الله جن کان وڌيڪ نه ڪو بهادر ڏٺو ۽ نه ڪو وڏو عابد ڏٺو“ ۽ حضرت انس بن مالڪ d فرمايو ته کَانَ اَحۡسَنَ النَّاسِ وَاَجۡوَدَ النَّاسِ پاڻ ماڻهن کان وڌيڪ سهڻا ۽ وڌيڪ بهادر ۽ وڌيڪ سخي هئا. هڪ ڀيري مدينه منوره وارن کي ڊپ جي حالت پيش آئي ته ڪنهن دانهن ڪئي ۽ ماڻهو ان جي آواز ڏانهن ويا ته رسول الله جن کي اتاهين پهچڻ کان پوءِ اڪيلو واپس ٿيندي ڏٺائون، ابي طلحة جي پٺيءَ اگهاڙي گهوڙي تي سوار هئا. ۽ تلوار سندن ڳچيءَ مبارڪ ۾ لٽڪيل هئي. ۽ حديث پاڪ ۾ آهي اصحاب ڪرام رضي الله عنهم فرمايو ته اِذَا احۡمَرَّ الۡباسُ اِتَّقَيۡنَا بِرَسُوۡلِ اللهِ جڏهن جنگ جو ڊپ ٿيندو هو ته اسين حضور ڪريم جن سان بچاءُ وٺندا هئاسون. پاڻ اسان جي اڳيان هوندا هئا ۽ اسين سندن پويان هوندا هئاسون ۽ هي سڀ ڪجهه سندن شجاعت ۽ دليريءَ جو دليل آهي جو پاڻ سستي ۽ ڪاهلي واري حياء کان پاڪ هئا.                                        (اشرف الوسائل ص 520)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري فــي کتاب المناقب باب 23 صفة النبي رقم الحديث 3562 ج 6 ص 566. {2} مسلم في کتاب الفضائل باب 16 کثره حياء النبي رقم الحديث 2320 ج 4 ص 1809 {3} ابنِ ماجھ في کتاب الزهد باب 17 الحياء رقم الحديث 4180 {4} احمد في المسند ج 3 ص 71، 72. {5} ابو داؤد الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2222 ص 295

{360} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مَنْصُورٍ ، عَنْ مُوسٰى بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ يَزِيدَ الْخَطْمِيِّ ، عَنْ مَوْلًى لِعَائِشَةَ قَالَ : قَالَتْ عَائِشَةُ : مَا نَظَرْتُ إِلَى فَرْجِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَوْ قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ فَرْجَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَطُّ.

مفردات جو شرح: ” مَا رَأَيْتُ مون ڪڏهن به نه نهاريو، نه ڏٺو. ” “ ڪڏهن به ، ساري زندگي.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ صديقھ g جي هڪ آزاد ڪيل ٻانهي کان روايت آهي ته مومنن جي ماءُ g چيو ته : مون ڪڏهن به رسول الله جي اوگهڙ ڏانهن نظر ڪانه ڪئي يا چيائين ته مون رسول الله جي اوگهڙ ڪڏهن ڪانه ڏٺي.  

سمجهاڻي: شارحن ڀلارن لکيو آهي ته : نهايت گهڻي حياء ۽ حضور شرمي جي ڪري پاڻ کي اهڙو ڍڪي رکندا هئا جو سڄي زندگي مون سندن اوگهڙ نه ڏٺي ، حضرت ابنِ عباس f فرمايو ته ”پاڻ حجرن جي پويان وڃي غسل ڪندا هئا ۽ ڪنهن به سندن اوگهڙ نه ڏٺي هئي ۽ حضرت حبيب ڪريم جن جي هن سهڻي طريقي ۾ مسلمانن جي لاءِ عام ۽ اميرن ۽ مشائخ جي لاءِ خصوصًا هڪ عظيم درس آهي. ڪاش! جو اسان جا امير ۽ بي دين پير بي حيائيءَ جي محفلن کي ڇڏي سيدنا رسول الله جي هن عظيم حياء کي پنهنجو بنائين ته اسان جي معاشري جي ڪيفيت ئي بدلجي وڃي. ۽ جڏهن ام المومنين g کي حضور ڪريم جي حياء جي ڪري سندن اوگهڙ ڏسڻ جي همٿ نه ٿي ته حضور ڪريم پاڻ ٻئي جي اوگهڙ کي ڪيئن ڏسندا ۽ هيءَ اصولي ڳالهه آهي ته شرم ۽ حياء واري ماڻهو جي اڳيان ٻئي کي ازخود شرم ٿيندو آهي ۽ ٻي روايت ۾ صراحت سان آيو آهي ته ”حضور ڪريم جن ڪڏهن منهنجي اوگهڙ نه ڏٺي ۽ نه مون سندن اوگهڙ ڏٺي. ۽ جڏهن ام المومنين سيده عائشه صديقه g جيڪا نهايت انتهائي پياري هئي بي  تڪلف هئي ان جو اهو حال هو ته ٻين جو ڇا حال هوندو. ام المومنين ام سلمه g فرمايو ته : حضور ڪريم جن گهروارين کي سڪون ۽ وقار سان رهڻ جو امر ڪندا هئا. ۽ هن روايت مان ثابت ٿيو ته حياء جي تقاضا آهي ته مرد ۽ عورت هڪ ٻئي جي اوگهڙ ڏانهن نه نهارين پر جيڪڏهن ڪو نهاري ٿو ته اهو حرام ناهي.     

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 175، خصائل نبوي ص 321)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب الطهارة باب 137 رقم الحديث 662 {2} احمد في المسند ج 6 ص 63، 190 {3} البيهقي في سننھ ج 7 ص 94 {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 383.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting