خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب پنجيتاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي بُكَاءِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ حضور ڪريم جي روئڻ جي بيان ۾ آيل حديثون آهن

 

سمجهاڻي: ”بکاء“ مد سان ۽ مد کان سواءِ، ٻنهي طرحن سان آيل آهي ۽ هڪ قول آهي ته مد کان سواءِ ”بکاء“ جي معنى آهي ڏک جي ڪري اکين مان هنجن، ڳوڙهن جو وهڻ ۽ مد سان بکاء جي معنى آهي وڏي آواز سان روئڻ.

روئڻ جا قسم: روئڻ مختلف قسم آهي رحمت ۽ رافت جو روئڻ، خوف ۽ ڊپ جو روئڻ. محبت ۽ شوق جو روئڻ، خوشي ۽ فرحت جو روئڻ، تڪليف پهچڻ کان پوءِ ان کي برداشت نه ڪري روئڻ، خون ۽ غم جو روئڻ، اوڌارو روئڻ، جيئن ڪا عورت مقابل کان سواءِ ٻئي عورت جي پاران روئي، اجورو وٺي روئڻ، جيئن پار ڪڍندڙ عورتون پيسا وٺي روئنديون آهن ۽ موافقت ۾ روئڻ، جيئن ڪنهن کي روئندي ڏسي ڪو روئي ۽ ان کي خبر نه هجي ته اهو ڇو ٿو روئي ۽ ڪوڙ جو روئڻ جيئن گناهه تي هميشگي ڪندڙ روئندو آهي ۽ حضرت رسول الله جن جو روئڻ ڪڏهن ميت تي شفقت ۽ رحمت جي ڪري هوندو هو ته ڪڏهن امت جي حالات کي ڏسي ڪڏهن الله جي خوف کان، ڪڏهن الله ڏانهن اشتياق جي ڪري ۽ اهو قرآن ڪريم جي ٻڌڻ وقت هوندو هو. جيئن اڳيان ان جو بيان اچي ٿو ۽ هن باب ۾ ڇهه حديثون آهن . (المواهب ص 526) ۽ بعض شارحن لکيو آهي ته هڪ روئڻ منافقيءَ جو هوندو آهي جو ڪنهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ نماز وغيره ۾ خشوع خضوع ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويندو آهي. مشائخ لکيو آهي ته : حضرت داؤد جو روئڻ رنج کان هو. حضرت ابراهيم جو روئڻ شوق جو هو ۽ اسان جي نبي ڪريم جو روئڻ محبت جو هو. ۽ ان جو مطلب هي آهي ته پاڻ رات جو محبت الاهي ۾ روئندا هئا.

                            (خصائل نبوي ص 270، شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 2 ص 116)

{323} حَدَّثَنَا سُوَيْدُ بْنُ نَصْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ حَمَّادِ بْنِ سَلَمَةَ ، عَنْ ثَابِتٍ ، عَنْ مُطَرِّفٍ وَهُوَ ابْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الشِّخِّيرِ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَهُوَ يُصَلِّي وَلِجَوْفِهِ أَزِيزٌ كَأَزِيزِ الْمِرْجَلِ مِنَ الْبُكَاءِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت مطرف پنهنجي پيءُ عبدالله بن شخير d کان روايت ڪري ٿو ته آءُ رسول الله جن وٽ آيس. ان وقت پاڻ سڳورن نماز ٿي پڙهي. سندن سيني مبارڪ مان ديڳڙيءَ جي ٽهڪڻ وانگر جوشيلي روئڻ جو آواز پي آيو.

مفردات جو شرح: ”جوف“ پيٽ، سينو، وچ أَزِيزٌ هَنڊي، يا ڪُني جي اٻرڻ جو آواز. مِرْجَلِ هنڊي، ديڳ. هن جو جمع مراجِلُ آهي.

سمجهاڻي: حضور ڪريم جن جو اهو روئڻ الله جي وڏائي کي ذهن ۾ رکندي ان جي خوف کان هوندو هو ۽ اهو کين سندن ڏاڏي سيدنا حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کان ورثي ۾ مليو هو ڇوته ان جي اندر مان ڪُني جي رجهڻ وانگر خوف خدا کان روئڻ جو آواز هڪ ميل جي پنڌ تي ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هن حديث مان طريقت جي صاحبن خوف، ڊپ ۽ پنهنجي احوال ۾ وجد جو دليل ورتو آهي ۽ حضور ڪريم جن تي اها ڪيفيت ان وقت طاري ٿيندي هئي جڏهن الله سندن مٿان جلال ۽ جمال جي تجليات گڏ ڪرڻ فرمائيندو هو. صرف جلالي تجليات جي برداشت ته ڪنهن ۾ ناهي ۽ جڏهن الله سندن مٿان خالص جمالي تجليات ڪرڻ فرمائيندو هو ته سندن سهڻو منهن مبارڪ وڌيڪ خوشي جي ڪري چمڪندو هو ۽ منجهائن لطف، سرور، انس ۽ بسط محسوس ٿيندو هو. (المواهب ص 528) علامه ابنِ حجر مڪي هيتمي  لکيو آهي ته هن حديث ۾ ان ڳالهه جو دليل آهي ته ”جنهن روئڻ جي آواز ۾ الفاظ نه ٿا نڪرن اهو نماز ۾ نقصان نه ڏيندو آهي“ ۽ حضور ڪريم، رؤف رحيم جو اهو روئڻ سندن طرفان پنهنجي رب جي لاءِ خوف ۽ خشوع جو دليل آهي ۽ ان جي ڪري پاڻ ڪريم جن جو فرمان آهي ته اِنِّي لَاعۡلَمُکُمۡ بِا للهِ وَاَشَدُّکُمۡ لَهٗ خَشِيَةً بلاشڪ مان اوهان کان الله کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيان ۽ اوهان کان ان جو خوف وڌيڪ رکندڙ آهيان) ۽ مسلم شريف روايت آندي آهي ته پاڻ فرمايائون وَالَّذِي نَفۡسُ مُحَمَّدِِ بِيَدِهٖ لَوۡرَاَيۡتُمۡ مَارَاَيۡتُ لَضَحِکۡتُمۡ قَلِيۡلًا وَّلَبَکَيۡتُمۡ کَثِيۡرًا قَالُوۡا وَمَا رَئَيۡتَ يَا رَسُوۡلَ اللهِ قَالَ رَئَيۡتُ الۡجَنَّةَ وَالنَّارَ ان ذات جو قسم آهي جو محمد جو ساهه ان جي (قدرتي) هٿ ۾ آهي ته جيڪڏهن اوهان اهو ڏسو ها جيڪو مون ڏٺو آهي ته کلو ٿورو ها ۽ روئو گهڻو ها. عرض ڪيائون  ته يا رسول الله اوهان ڇا ڏٺو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته ”جنت ۽ باهه“ (يعني دوزخ) الله حضرت حبيب ڪريم جي لاءِ علم اليقين ۽ عين اليقين گڏيو هو ۽ ان سان گڏ سندن قلب ۾ خشيت ۽ الاهي عظمت جيڪا موجود هئي. اها ٻئي ڪنهن ۾ به نه هئي ۽ ان جي ڪري سندن صحيح فرمان آهيوَاَنَا اَتۡقَاکُمۡ وَاَعۡلَمُکُمۡ بِالدَّارَيۡنِ (۽ مان اوهان کان وڌيڪ تقوى وارو ۽ وڌيڪ ٻنهي جهانن کي ڄاڻندڙ آهيان) ۽ خوف، ڊپ ۽ رهبت جو فائدو هڪ ٻئي کي ويجهو آهي پهريون ته پساهه پساهه ۽ قلب جي اضطراب سان گڏيل خوف آهي ۽ ان جي ڪري الله جو فرمان آهي اِنَّمَا يَخۡشَي اللهَ مِنۡ عِبَادِهٖ الۡعُلَمَاءُ (الله کان سندس ٻانهن مان علماء ڊڄن ٿا) ۽ ڪن جو قول آهي ته خوف چرپر آهي ۽ خشيت سڪون آهي ڇا تون ڏسندو ناهين ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي دشمن کي ڏسندو آهي ته ان ۾ ڀڄڻ جي لاءِ چرپر جي حالت پيدا ٿيندي آهي ۽ اهو خوف حرڪت آهي ۽ اهڙي حالت ۾ ڪنهن ٻي جاءِ تي قرار وٺڻ جو ان ڏانهن ڪجهه نه پهچي خشيت آهي ۽ الرهبة ناپسنديده شيءِ ۽ ڊپ کان ڀڄڻ تي غور ڪرڻ کي سڏيو ويندو آهي. الوجل“ ان جي ذڪر وقت دل جو بي قرار رهڻ جنهن جي غلبي جو خوف هوندو آهي ۽ هيبت اجلال ۽ تعظيم سان گڏ ڊپ کي چئبو آهي ۽ اڪثر ڪري محبت ۽ معرفت سان گڏ هوندو آهي. ”الابکاءُ“ روئارڻ جيڪو محبت سان گڏ هوندو آهي ۽ عام لاءِ خوف هوندو آهي ۽ عالمن ۽ عارفن ۾ خشيت هوندي آهي ۽ محبين ۾ هيبت هوندي آهي ۽ مقربين ۾ اجلال ۽ علم ۽ معرفت جي مطابق عمل ۽ خوف هوندو آهي. (اشرف الوسائل ص 454) علامه علي القاري  لکيو آهي ته : الله حضور ڪريم جي لاءِ علم اليقين ۽ عين اليقين گڏي ڇڏيو پوءِ سندن اڳيان حق اليقين به چمڪي صادر ٿيو ۽ خشيت خوف کان وڌيڪ خاص آهي، ڇوته اها ڪامل معرفت جي ڪري پيدا ٿيندڙ تعظيم سان گڏيل هوندي آهي. جيئناِنَّمَا يَخۡشَي اللهَ مِنۡ عِبَادِهٖ الۡعُلَمَاءُ مان واضح آهي ۽ بعض شارحن ان جي معنى ڪئي آهي ته الله جي ٻانهن مان ان جي تعظيم علماء ڪندا آهن.

                                 (جمع الوسائل ج 2 ص 117)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 162 البکاء في الصلواة رقم الحديث 904 ج 1 ص 238 {2} النسائي في کتاب السهو باب 18 البکاءُ في الصلواة ج 3 ص 13 بنحوه {3} احمد في المسند ج 4 ص 25، 26 بنحوه {4} الحاکم في المستدرک ج 1 ص 264 بنحوه {5} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 900 ج 2 ص 53 بنحوه {6} البيهقي في سننھ ج 2 ص 251.

{324} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ هِشَامٍ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ عُبَيْدَةَ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مَسْعُودٍ قَالَ : قَالَ لِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : اقْرَأْ عَلَيَّ فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، أَقَرَأُ عَلَيْكَ وَعَلَيْكَ أُنْزِلَ قَالَ : إِنِّي أُحِبُّ أَنْ أَسْمَعَهُ مِنْ غَيْرِي ، فَقَرَأْتُ سُورَةَ النِّسَاءِ ، حَتَّى بَلَغْتُ { وَجِئِنَا بِكَ عَلَى هَؤُلاَءِ شَهِيدًا } [النساء : ] قَالَ : فَرَأَيْتُ عَيْنَيْ رَسُولِ اللَّهِ تَهْمِلاَنِ.

بامحاور ترجمو: حضرت عبدالله بن مسعود d کان روايت آهي ته مون کي رسول الله جن ارشاد فرمايو : مون کي قرآن شريف پڙهي ٻڌاءِ. مون عرض ڪيو. يا رسول الله ! آءُ توهان کي پڙهي ٻڌايان، قرآن ته اوهان تي ئي لٿو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته ”مون کي وڻندو آهي جو ٻيو ڪو قرآن پڙهي ۽ آءُ ٻڌان.“ پوءِ سورة النساء شروع ڪيم نيٺ اچي هن آيت تي پهتس وَجِئَنَا بِكَ عَلَى هَؤُلاَءِ شَهِيدًا (سورة النساء آيت 41) (ترجمو :  اسان توهان کي هن امت تي شاهد ڪري آڻينداسون.) راويءَ چيو ته پوءِ ڏٺم ته سندن اکيون مبارڪ ڳوڙها وهائي رهيون آهن.

مفردات جو شرح: أَقَرَأُ عَلَيْكَ ڇا مان اوهان جي اڳيان پڙهان. إِنِّي أُحِبُّ مان پسند ٿو ڪيان، چاهيان ٿو. تَهْمِلُ همل کان ورتل آهي. وهڻ ۽ وسڻ جي معنى ۾ ايندو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ حبيب ڪريم جن جي طرفان حضرت عبدالله بن مسعود d! کي ارشاد آهي ته ”عبدالله بن مسعود مون کي قرآن شريف ٻڌاءِ“ ۽ ان جو عرض بيان ٿيل آهي ته ”ڇا مان اوهان کي قرآن ٻڌايان. حالانڪه اهو ته اوهان تي نازل ٿيو آهي؟“ ٻي معنى آهي مون کان هزار ڀيرا ڀلو ته اوهان ڄاڻو ٿا. مون کي حڪم ڪيو ٿا ان ۾ ڇا راز آهي؟ پاڻ ان کي سمجهائيندي فرمايائون ته ”مان ٻئي کان قرآن ڪريم ٻڌڻ پسند ڪيان ٿو.“ ڇوته ٻئي کان ٻڌڻ ۾ ٻڌندڙ کي قرآن ڪريم جي معنى ۾ تدبر ۽ تفڪر جو موقعو ملي ٿو ۽ الله جي ڪلام جي تاثير سان ايمان ۾ تازگي پيدا ٿئي ٿي ۽ روح فرحت ڪندڙ، خوش ٿئي ٿو. يا ته جبريل سڳورو حضرت نبي ڪريم جن کي قرآن ڪريم ٻڌائڻ ايندو هو. انهيءَ جي نه اچڻ جي صورت ۾ پاڻ حضرت عبدالله بن مسعود d کان ٻڌڻ پسند فرمايائون. جيئن عشاق، جي عادت هوندي آهي ته جيڪڏهن محبوب جو ديدار ميسر نه ٿيندو آهي ته ان جي متعلق مثال ۽ تشبيهه کي گهرندا آهن ته دل جي خوشي حاصل ٿئي. البيجوري  لکيو آهي ته حضرت ابن مسعود d سمجهيو هو ته حضور ڪريم جن سندس پڙهڻ جي ٻڌڻ سان لذت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. امتحان وٺڻ نه ٿا گهرن تڏهن عجب جي انداز ۾ سوال ڪيو هيائين ته مان اوهان جي اڳيان پڙهان حالانڪه قرآن ته نازل ئي اوهان تي ٿيو آهي ۽ حضور ڪريم جن ٻئي کان ٻڌڻ ان جي ڪري به پسند ڪيو جو ٻڌڻ ۾ قران ڪريم جي معنائن سمجهڻ جي لاءِ خصوصي توجهه ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي. پڙهندڙ جو توجهه الفاظ جي ضبط ۽ حروف کي انهن جو حق ڏيڻ ڏانهن هوندو آهي. ۽ ٻيو ته محبوب ڪريم جن جي جبريل کان قرآن مجيد ٻڌڻ جي عادت مبارڪ هئي ۽ طبعي طور عادت محبوب هوندي آهي ۽ هن حديث جي فائدن مان هي آهي ته ڪابه ڀلي شخصيت پاڻ کان گهٽ شان واري کان فائدو حاصل ڪرڻ کي عيب نه سمجهي. سلف صالحين مان گهڻا پنهنجي طالبن کان استفادو حاصل ڪرڻ کي عيب نه سمجهندا هئا. حضرت ابنِ مسعود d فرمايو ته : پوءِ مون سورة النساء پڙهڻ شروع ڪئي.

هڪ اهم نقطو: ڪي ماڻهو چوندا آهن ته سورة النساء نه چئو (عورتن جي سورة) بلڪه اها سورة جنهن ۾ عورتون ذڪر ڪيون ويون آهن چئو) پر هن حديث ۾ انهن جو رد آهي جو حضرت ابن مسعود d ”سورة النساء“، چيو آهي ۽ حضرت ابنِ مسعود فرمايو ته جڏهن اها سورة پڙهندي مانوَجِئۡنَابِکَ عَلٰي هٰولاءِ شَهِيۡدًا (۽ اوهان کي انهن تي شاهد ڪري آڻينداسون) تي پهتس ته مون رسول الله جي اکين کي هنجون هاريندي ڏٺو. مطلب ته پاڻ روئي رهيا هئا. مذڪوره آيت جي اڳيان قيامت جو بيان آيل آهي ته قيامت جي ڏينهن هر امت جي مٿان انهن جا شاهد آندا ويندا جيڪي سندن عمل جي شاهدي ڏيندا انهن جا قبيح ڪم ۽ بدعقيده بيان ڪندا ۽ اهي انهن امتن جا نبي هوندا. پوءِ وري حضور ڪريم کي سندن امت جي صفائي پيش ڪرڻ جي لاءِ شاهد طور آندو ويندو ۽ هڪ قول مطابق محمدي امت کي اڳين نبين عليهم الصلواة والسلام جي ديني دعوت جي شاهدي طور آندو ويندو ۽ حضور ڪريم جن وري پنهنجي امت تي شاهد ڪري آندا ويندا. صحيحين ۾ روايت آهي ته حضور ڪريم جن اها آيت ٻڌي حضرت ابنِ مسعود d کي وڌيڪ تلاوت ڪرڻ کان روڪيو. جنهن مان ثابت ٿيو ته ڪنهن کي ڪنهن مصلحت جي خاطر قراءت کان روڪڻ جائز آهي ۽ حضور ڪريم جن جو روئڻ امت جي مٿان شفقت ۽ رافت جي ڪري هو. ڇوته ان وقت سندن ذهن پاڪ ۾ قيامت جون سختيون ۽ شدت حاضر هئي. جنهن کين روئاري وڌو هو. (المواهب ص 529) علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”حضرت ابنِ مسعود d کي حضور ڪريم جن تلاوت ڪرڻ جو حڪم جنهن وقت ڪيو هو ان وقت پاڻ منبر تي جلوه افروز هئا. صحيحين جي روايت ۾ ائين آيو آهي ۽ محمد بن فضاله الظفري جي روايت ۾ آهي ته پاڻ ان وقت بني ظفر قبيلي ۾ هئا ۽ ان روايت ۾ آهي ته حضرت نبي ڪريم جن ايترو رنا هئا جو سندن ڏاڙهي مبارڪ ۽ ڳلن جا پاسا آلا ٿي ويا هئا. ۽ عرض ڪيو هيائون ته : اي منهنجا رب! هي جيڪي منهنجي اڳيان آهن جن جي وچ ۾ مان ويٺو آهيان انهن جي ته شاهدي ڏيندس پر جيڪي مون ڏٺا ناهن انهن تي شاهدي ڪيئن ڏيندس؟ ابن مبارڪ الزهد  ڪتاب ۾ سعيد بن المسيب d جي سند سان آندو آهي ته هر روز صبح ۽ شام امت جا اعمال سندن اڳيان پيش ڪيا وڃن ٿا پاڻ انهن کي نشانين ۽ اعمال سان سڃاڻن ٿا ان جي ڪري انهن تي شاهدي ڏيندا. علي القاري  لکي ٿو ته ان طريقي سان ٻنهي روايتن ۾ موافقت ٿي وئي ۽ اهو به احتمال آهي ته هڪ ڀيرو حضور ڪريم جن منبر تي ويٺي ابنِ مسعود کي تلاوت جي لاءِ حڪم ڪيو هجي ۽ هڪ ڀيرو بني ظفر قبيلي ۾. پاڻ ابنِ مسعود کان ٻڌي اها سنت قائم ڪيائون ته قرآن ڪريم ٻئي کان ٻڌڻ سنت آهي.

ٻئي کان قرآن ٻڌي روئڻ: علامه مناوي  لکيو آهي ته هن حديث مان ثابت ٿيو ته : مستحب آهي ته ٻئي کان قرآن مجيد ٻڌجي ان تي غور ڪري روئجي تدبير سان ٻڌجي. اهل علم سان تواضع سان پيش اچجي انهن جي منزل مٿي ڪجي. مٿاهين جاءِ کان ويهي ٻڌڻ منع ناهي، ٿورو اڳتي لکيو اٿس ته حضرت عيسى علٰي نبينا وعلي الصلٰوة والسلام جي اڳيان قيامت جو ذڪر ڪيو ويندو هو ته آواز ڪري روئندو هو. اهڙي طرح گهڻن نبين ۽ ولين ۾ قيامت جو ذڪر ٻڌي روڄ راڙو ٿي ويندو هو پر پاڻ ڪريم جن روئڻ ۾ به سڪون پذير هوندا هئا جنهن جو اثر مجلس ۾ ويٺل تي پوندو هو ۽ سندن خدمت ۾ موجود ماڻهو سڪون کان ٻاهر تمام گهٽ ويندا هئا. سندن محفل ۾ موجود ماڻهو ان هوندي جو زارو قطار روئندا هئا پر حسن سمت کي لازم ڪري وٺندا هئا صبر جي چادر کان ٻاهر نه ويندا هئا. سندن فرمان مبارڪ هوندو هو ته ڪنن سان قرآن ٻڌي نفس ۾ انفعال پيدا ٿئي ٿو ته پر پوءِ به تَسَترُ ۽ تثَبَتُ لازم آهي ۽ چرپر ۽ رڙ نه هجي وجد جي ڪيفيت ۾ به تثبت، حسن سمت ۽ وجداني ڪيفيتن ۾ به صبر ڪرڻ سندن بلند همتي هئي. ۽ پنهنجي خدمت ۾ موجود هوندڙن کي به ان لاءِ سڏيندا ۽ سمجهائيندا هئا. ان ۾ ئي سندن اتباع ۽ اقتدا آهي. (شرح المناوي مع جمع الوسائل ج 2 ص 117، 118) علامه ابنِ حجر  لکيو آهي ته حضرت ابنِ مسعود d ڀلن صحابن مان ڀلن قارين مان هو. ان جو لکيل مصحف معروف آهي ۽ هن حديث مان ثابت ٿيو ته مٿي ويٺل هيٺ ويهندڙن کان قرآن ٻڌي سگهي ٿو ان ۾ ڪا قباحت ناهي (جيئن عام ماڻهو سمجهندا آهن) (اشرف الوسائل ص 455) ۽ جيئن قرآن ڪريم جي پڙهڻ ۾ لطف آهي تيئن ٻڌڻ ۾ به لطف آهي ۽ حضور ڪريم جن قرآن پاڪ ٻڌي روئي ڏنو. قرآن ڪريم جي ٻڌڻ جو شان به اهو آهي  امام نووي  لکيو آهي ته : تلاوت جي وقت روئڻ عارفن جو شان ۽ صالحين جو شعار آهي الله قرآن ڪريم جي متعدد مقامات تي ان جي تعريف ڪئي آهي ۽ ظاهر آهي ته : حضور ڪريم جن قرآن ڪريم جي عظمت ۽ جلال جي ڪري رنو هوندو ۽ هن حديث ۾ روئڻ يا ته ائين هوندو جو پاڻ شروع کان ئي روئي رهيا هوندا ۽ حضرت ابن مسعود d جي نظر سندن مٿان پوءِ پئي هوندي ۽ هي به ممڪن آهي ته خاص ان مذڪور آيت جي ٻڌڻ سان پاڻ روئڻ شروع ڪيو هجين۔ ان آيت ۾ قيامت جو منظر بيان ٿيل آهي جو ان ڏينهن ۾ هر نبي کي ان جي امت تي سرڪاري شاهد ڪري آندو ويندو جنهن جو محشر جي حالات بيان ڪندڙ احاديث ۾ مفصل بيان موجود آهي. ان صورت ۾ حضور ڪريم جن جو هي روئڻ محشر واري ڏينهن جي سخت حالات کي تصور کان هوندو يا ته جيڪو نهايت سخت ڏينهن هوندو ۽ هر شخص نفسي نفسي ۾ مبتلا هوندو يا ته هن آيت ٻڌڻ مهل حضور ڪريم جن قيامت جي منظر کي ذهن ۾ رکي پنهنجي امت جي مٿان شفقت جي ڪري رنو هوندو. مطلب ته مذڪور وجوه سڀ روئڻ جا سبب بنجي سگهن ٿا انهن کان سواءِ ٻيا سبب نه ٿا ٿي سگهن.                                     (خصائل نبوي ص 273)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه بنحوه البخاري في کتاب التفسير، تفسير سورة النساء باب 9 رقم الحديث 4572 ج 1 ص  2508 {2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين و قصرها باب 4 فضل استماع القرآن رقم الحديث 800 حديث الکتاب 247 ج 1 ص 551 {3} ابو داؤد في کتاب العلم باب 13 في القصص رقم الحديث 3668 ج 3 ص 324 {4} النسائي في سننھ الکبرى کتاب فضائل القرآن باب 51 رقم الحديث 100 فضائل القرآن ص 108 {5} ابن ابي شيبھ في المصنف رقم الحديث 30303 ج 6 ص 155 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 735 ج 3 ص 9.

{325} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا جَرِيرٌ ، عَنْ عَطَاءِ بْنِ السَّائِبِ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو قَالَ : اِنْكسفَتِ الشَّمْسُ يَوْمًا عَلَى عَهْدِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَامَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي ، حَتَّى لَمْ يَكَدْ يَرْكَعُ ثُمَّ رَكَعَ ، فَلَمْ يَكَدْ يَرْفَعُ رَأْسَهُ ، ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَسْجُدَ ، ثُمَّ سَجَدَ فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَرْفَعَ رَأْسَهُ ، ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَسْجُدَ ، ثُمَّ سَجَدَ فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَرْفَعَ رَأْسَهُ ، فَجَعَلَ يَنْفُخُ وَيَبْكِي ، وَيَقُولُ : رَبِّ أَلَمْ تَعِدْنِي أَنْ لاَ تُعَذِّبَهُمْ وَأَنَا فِيهِمْ ؟ رَبِّ أَلَمْ تَعِدْنِي أَنْ لاَ تُعَذِّبَهُمْ وَهُمْ يَسْتَغْفِرُونَ ؟ وَنَحْنُ نَسْتَغْفِرُكَ فَلَمَّا صَلَّى رَكْعَتَيْنِ انْجَلَّتِ الشَّمْسُ ، فَقَامَ فَحَمِدَ اللَّهَ تَعَالَى وَأَثْنَى عَلَيْهِ ، ثُمَّ قَالَ : إِنَّ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ آيَتَانِ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ لاَ يَنْكَسِفَانِ لِمَوْتِ أَحَدٍ وَلاَ لِحَيَاتِهِ ، فَإِذَا انْكَسَفَا فَافْزَعُوا إِلَى ذِكْرِ اللَّهِ تَعَالَى.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن عمر f کان روايت آهي ته رسول الله جي زماني ۾ هڪ ڏينهن سج گرهڻ ٿيو. پوءِ رسول الله اٿي نماز پڙهڻ لڳا. نماز ۾ ايترو بيٺا جو ڄڻ ته رڪوع ڪونه ڪندا، پوءِ پاڻ رڪوع ڪيائون ۽ ايترو ڊگهو رڪوع ڪيائون، جو ڄڻ ته رڪوع مان مٿو مٿي نه ڪندا پوءِ ڊگهو قومه ڪيائون. پوءِ سجدو ڪيائون. سجدي ۾ گهڻي دير تائين ترسيا، ٻنهي سجدن جي وچ ۾ به ڊگهو جلسو ڪري، پاڻ ٻيو سجدو ڪيائون ۽ تمام ڊگهو سجدو ڪيائون ڄڻ ته سجدي مان سر مبارڪ نه کڻندا ۽ سجدي جي حالت ۾ ٿڌا ساهه کڻڻ ۽ روئڻ لڳا ۽ دعا ۾ چوڻ لڳا ته : اي منهنجا پالڻهار! ڇا تو مون سان وعدو نه ڪيو هو ته جيستائين آءُ انهن ۾ هوندس، تون انهن کي عذاب نه ڪندين. اي منهنجا پالڻهار! ڇا تنهنجو وعدو نه آهي ته جيڪڏهن بخشش گهرندا رهندا ته تون انهن کي عذاب نه ڪندين. (اي الله) اسان توکان بخشش جا طلبگار آهيون.“

جڏهن پاڻ سڳورن ٻه رڪعتون نماز جون ادا ڪيون ته سج به کلي روشن ٿيو، پوءِ پاڻ بيهي الله جو حمد ۽ ثنا بيان ڪيائون ۽ فرمايائون ته : ”بيشڪ سج ۽ چنڊ الله جي قدرت جون ٻه نشانيون آهن انهن کي ڪنهن جي موت يا زندگيءَ جي ڪري گرهڻ نه لڳندو آهي. جڏهن سج ۽ چنڊ کي گرهڻ لڳي ته الله جي ذڪر سان پناهه وٺو.

مفردات جو شرح: ”اِنْكسفَتِ ورتو. لَمْ يَكَدْ نه ويجهو ٿيو. أَلَمْ تَعِدْ ڇا تو وعدو نه فرمايو؟ يَنْفُخُ ساهه ٿي کنيائين.اِنْجَلَّتِ روشن ٿي ويون، کلي ويو. فَافْزَعُوا پوءِ ڊوڙو، جلدي ڪيو.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ هڪ غلط سوچ جي ترديد ڪئي وئي آهي ته  ڪنهن جي مرڻ يا جيئڻ سان سج ورتو ويندو آهي. سج گرهڻ ٿيندي آهي اتفاق سان جنهن ڏينهن مدينه منوره ۾ حضور ڪريم جي  فرزند حضرت ابراهيم سلام الله عليه جو انتقال ٿيو هو ته سج گرهڻ ٿي هئي ۽ ماڻهن ۾ اها پچر هلي ته حضرت ابراهيم جي وفات جي ڪري سج گرهڻ ٿي آهي. حضرت نبي ڪريم جن ان جي سختيءَ سان ترديد ڪندي فرمايو ته ”جڏهن چنڊ يا سج گرهڻ ٿئي ته نماز پڙهو، استغفار ڪيو ۽ صدقو ڏيو. (انوار غوثيھ ص 415) ياد رکڻ گهرجي ته سج گرهڻ عام عادت جي خلاف آهي تنهنڪري پاڻ ڪريمن به عادت جي خلاف ڊگهي نماز پڙهي ته جيئن اهو سارو وقت الله ڏانهن توجهه ۾ گذري وڃي نه ته اجايو ماڻهو سج جي پوڄارين وانگر سج ڏانهن پيا تڪيندا. جنهن جي ڪري ڪڏهن ته نظر ۾ نقصان ٿيو پوي. هن حديث ۾ دستور موجب هر رڪعت ۾ قراءت ڪرڻ ثابت آهي باقي جن روايتن ۾ اختلاف  نظر اچي ٿو اهي گهڻو ڪري عورتن يا ننڍن ٻارن جون بيان ڪيل آهن. هن نماز ۾ حضرت حبيب ڪريم جن جو شوڪارا ڀري روئڻ ان جي ڪري هو جو ان وقت مٿن الله جي جلال جو ظهور هو. تنهنڪري پاڻ دعا ۾ ان آيت جو ذڪر ڪيائون جيڪا نائين سيپاري جي آخر ۾ آهي: وَمَا کَانَ اللھ  لِیُعَذِّبَہُمْ وَاَنۡتَ فِیۡہِمْؕ وَمَا کَانَ اللھ مُعَذِّبَہُمْ وَہُمْ یَسْتَغْفِرُوۡنَ ﴿۳۳ (سورة الانفال آيت 33)“ (الله ائين نه ڪندو جو تنهنجي هوندي انهن کي عذاب ڪري ۽ الله ائين نه ڪندو جو انهن کي ان حال ۾ عذاب ڪري جو اهي مغفرت پيا طلب ڪن.) سندن دعا جو مطلب هو ته : جيڪڏهن انسانن کي عذاب ڪرڻ جو ارادو آهي ته اسين معافي ٿا گهرون. (فضائل النبي ص 181) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : جمهور سيرت نگارن جو قول آهي ته حضرت نبي ڪريم جن جي فرزند حضرت ابراهيم جي وفات سن ڏهه هجري ۾ ٿي هئي ۽ بعض جو قول آهي ته نوَ (9) هجريءَ ۾ ٿي هئي ۽ نووي  لکيو آهي ته : سج گرهڻ جي نماز به صرف ان ڏينهن پڙهي وئي ۽ باقي چنڊ گرهڻ جي نماز پنجين سال هجريءَ ۾ ٿي هئي ۽ حضرت نبي ڪريم جن ان وقت به چنڊ آزاد ڪرائڻ جي لاءِ صلواة الخسوف نماز پڙهي هئي. پاڻ سج جي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ نماز ۾ قراءة ايتري ڊگهي ڪئي هيائون جو پويان بيهندڙن سمجهيو ته شايد رڪوع نه ڪندا پاڻ ان جي پهرين رڪعت ۾ سورة البقرة جيترو قدر بيٺا هئا. ۽ رڪوع ۾ ايترو بيٺا جو سمجهيو ويو ته شايد مٿو مبارڪ مٿي نه کڻندا. سجدي ۾ اهڙي طرح ڊيگهه ڪئي هيائون. ۽ ٻن سجدن جي وچ ۾ ايترو گهڻو وقت ويٺا هئا ۽ هن حديث ۾ صاف آيل آهي ته پاڻ هڪ رڪعت ۾ هڪ رڪوع ڪيو هيائون ۽ هي امام ابو حنيفه  جي مذهب جو دليل آهي ۽ پاڻ دعا ۾ روئي شوڪارا ڀري عرض ڪندا رهيا ته : اي منهنجا رب! ڇا تو مون سان وعدو نه ڪيو آهي ته ”منهنجي هوندي ۽ مغفرت طلب ڪندي تون انهن کي عذاب نه ڪندين“ ۽ اهو ان جي ڪري ٿي چيائون جو ان مهل عذاب جو گمان هو. ورنه ته الله وعدي جي مخالفت نه ڪندو آهي. پاڻ نماز پڙهي بس ڪيائون ته سج روشن ٿي ويو ۽ پوءِ پاڻ منبر تي چڙهي حمد ۽ ثنا ڪري خطبه ارشاد فرمايائون ته سج ۽ چنڊ الله جي نشانين مان ٻه نشانيون آهن (جيڪي سندس وحدانيت، قدرت ۽ ظاهر سلطنت تي دلالت ڪندڙ آهن يا ٻانهن کي خوف ڏيارڻ تي دلالت ڪندڙ آهن. پاڻ الٰھ نه آهن اهي الله جي امر جا تابع آهن گهٽ وڌ ٿيندڙ تغير قبول ڪندڙ آهن اهي ڪنهن جي موت يا حياتيءَ جي ڪري گرهڻ ۾ نه ايندا آهن. جڏهن اهي گرهڻ ۾ اچن ته اوهان نماز ڏانهن ۽ الله کان معافي گهرڻ ڏانهن توجهه ڪيو ۽ جلدي وڃي ان جي اڳيان سجدو ڪريو. (المواهب ص 532) علامه علي القاري  احمد، ابنِ خزيمہ، ابنِ حبان ۽ طبري جي روايت سان آندو آهي ته حضور ڪريم جن شوڪارا ڀري، سجدي ۾ رنا هئا ۽ اهو نماز جي ٻي رڪعت ۾ هو ۽ بعضي روايتن ۾ جو آيو آهي ته : حضور ڪريم جن صلواة الکسوف جي هڪ رڪعت ۾ ٻه رڪوع ڪيا هئا. ان جي متعلق گهڻو اختلاف آهي پر اسان حنفين جي امامن مان امام محمد  فرمايو آهي ته : ان جو تاويل هي آهي ته : حضور ڪريم جن جڏهن رڪوع ڊگهو ڪيو ته پويان بيٺل صفن مان شايد ان گمان سان ته حضور ڪريم جن رڪوع مان مٿو کنيو آهي  انهن جي پويان بيٺلن به مٿو کنيو پر جڏهن پهرين ڏٺو ته حضور ڪريم جن اڃان رڪوع ۾ آهن ته اهي وري رڪوع ۾ آيا ۽ انهن کان پويان بيٺلن به ڏٺو ته اهي وري رڪوع ۾ آيا ۽ انهن سمجهيو ته حضور ڪريم جن وري ٻيو رڪوع ڪيو آهي ۽ انهن ٻن رڪوعن واري روايت بيان ڪئي. ۽ هن تي اها ڳالهه به دلالت ڪري ٿي ته حضور ڪريم جن اها نماز صرف هڪ ڀيرو مدينھ منوره ۾ پڙهي هئي ان تي محدثن ۽ سيرت نگارن جو اتفاق آهي

حضرت ابراهيم جي وفات ڪهڙي سال ۾ ٿي؟ : حضرت ابراهيم d جي وفات ته مدينه منوره ۾ ٿي هئي پر سال ڪهڙو هو سيرت نگارن مان جمهور جو قول آهي ته ڏهون سال هجري هو ۽ مهينو ڪهڙو هو. بعض جو قول آهي ته ربيع الاول هو ۽ بعض جو قول آهي ته رمضان هو. ڪن ذوالحج چيو آهي پر اهو قول مردود آهي ڇوته حضور ڪريم ان وقت حجة الوداع تي مڪه مڪرمه ۾ هيا مدينه منوره ۾ هيائي ڪونه. ۽ حضور ڪريم جن جو فرمان آهي ته : هي (سج ۽ چنڊ جو وٺجڻ) نشانيون آهن جن سان الله پنهنجن ٻانهن کي خوف ڏياري ٿو پوءِ جڏهن اهي ڏسو ته نماز پڙهو ۽ خوف ياد ڏياريو ۽ صرف نماز جي امر ۽ خطبه جي امر نه ڪرڻ مان ثابت ٿيو ته سج گرهڻ جي نماز ۾ خطبه ضروري ناهي.

                                                                        (جمع الوسائل ج 2 ص 120)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 268 رقم الحديث 1194 ج 1 ص 310 {2} النسائي في کتاب الکسوف باب 14 نوع آخر ج 3 ص 137 {3} احمد في المسند ج 2 ص 159 {4} الحاکم في المستدرڪ ج 1 ص 329 {5} البيهقي في سننھ ج 3 ص 324 {6} ابن خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 1389 ج 2 ص 321.

{326} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَطَاءِ بْنِ السَّائِبِ ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : أَخَذَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ابْنَةً لَهُ تَقْضِي فَاحْتَضَنَهَا فَوَضَعَهَا بَيْنَ يَدَيْهِ فَمَاتَتْ وَهِيَ بَيْنَ يَدَيْهِ وَصَاحَتْ أُمُّ أَيْمَنَ فَقَالَ - يَعْنِي صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ - : أَتَبْكِينَ عِنْدَ رَسُولِ اللَّهِ ؟ فَقَالَتْ : أَلَسْتُ أَرَاكَ تَبْكِي ؟ قَالَ : إِنِّي لَسْتُ أَبْكِي، إِنَّمَا هِيَ رَحْمَةٌ ، إِنَّ الْمُؤْمِنَ بِكُلِّ خَيْرٍ عَلَى كُلِّ حَالٍ ، إِنَّ نَفْسَهُ تُنْزَعُ مِنْ بَيْنِ جَنْبَيْهِ ، وَهُوَ يَحْمَدُ اللَّهَ عَزَّ وَجَلَّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن پنهنجي هڪ نياڻيءَ کي وفات ڪرڻ مهل پنهنجي هنج ۾ کنيو. ان کان پوءِ اها سندن اڳيان وفات ڪري وئي. (ان تي پاڻ ڪريم جي ٻانهيءَ) حضرت ام ايمن g (صدمي جي ڪري) دانهن ڪئي. نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو : ڇا تون الله جي رسول آڏو روئين ٿي؟ ام ايمن g عرض ڪيو ته يا رسول الله ! ڇا اوهان ڪونه روئي رهيا آهيو؟ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو:” آءُ روئان ڪونه ٿو اهي (رڳو ڳوڙها ڳاڙڻ) ته رحمت آهن ڇوته مؤمن ته هر حال ۾ نيڪي ۽ ڀلائيءَ ۾ آهي، جو بيشڪ ان جو ساهه ٻن پاسن جي وچان ڪڍيو ويندو آهي ته ان حالت ۾ به اهو الله جو حمد ۽ ساراهه پيو ڪندو آهي.“

مفردات جو شرح: ”تَقْضِي موت کي ويجهي پهتي هئي. فَاحْتَضَنَهَا پوءِ ان کي جهولي ۾ رکيائين. هي ”حَضَن“ مصدر کان ورتل آهي. ”صَاحَتْ دانهون ڪري رنائين. تُنْزَعُ ڪڍيو وڃي ٿو. هن جي مصدر ”نزع“ آهي، نزع جي معنى ڪڍڻ آهيجَنْبَ پاسو.

سمجهاڻي: هن حديث مان معلوم ٿيو ته ميت تي دانهون ڪري روئڻ، جزع، فزع ڪرڻ جو اظهار ڪرڻ شرعًا منع آهي، پِٽڻ ، وار پٽڻ، گريبان ڦاڙڻ، منهن تي ڌڪ هڻڻ، سينو ڪُٽڻ، مٽي وجهڻ اهي سمورا روئڻ جا قسم قطعي طورمنع آهن. انهن طريقن استعمال ڪرڻ کان حضور ڪريم جن سختيءَ سان منع ڪيو آهي جيئن ڪيترين حديثن ۾ آيو آهي ۽ ان جي ڪري بيبي ام ايمن g کي فرمايائون ته ”منهنجو روئڻ تنهنجي روئڻ جهڙو ناهي“ ۽ هي منهنجي اکين مان پاڻيءَ جو وهڻ عام روئڻ ناهي هن ۾ صبر آهي، حوصلو آهي، دانهن ناهي هاءِ گهوڙا  ناهي، مرثيه ناهي. بلڪه مصيبت تي الله جي حضور ۾ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪرڻ آهي.

پٽڻ ۽ پاڻ ڪُٽڻ کان منع: حضرت ابنِ مسعود d کان روايت آهي ته سرورِ ڪائنات جن ارشاد فرمايو لَيۡسَ مِّنَا مَنۡ ضَرَبَ الۡخُدُوۡدَ وَ شَقَّ الۡجَيُوۡبَ وَدَعَا بِدعوَي الۡجَاهِلِيَّةِ (جنهن منهن تي ڌڪ هنيا ۽ گريبان ڦاڙيا ۽ جاهليت وارا الفاظ استعمال ڪيا اهو اسان مان ناهي.) (بخاري و مسلم) مقصد ته جيڪو شور ۽ گوڙ ڪري، واويلا مچائي. حضرت ابي سعيد خدري d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو : ”لَعَنَ رَسُوۡلُ اللهِ النَّائِحَةَ وَالۡمُسۡتَمِعَة يعني رسول الله جن پِٽيندڙ ۽ ٻڌندڙ تي لعنت ڪئي آهي. مطلب ته اهڙي قسم جون عورتون الله جي رحمت کان پري آهن. بخاري ۽ مسلم ۾ ابي برده d کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو : ”اَنَا بَريءُٗ مِّمَّنۡ حَلَقَ وَصَلَقَ وَ خَرَقَ مان ان شخص کان بيزار آهيان، جنهن (ماتم جي ارادي سان) مٿو ڪوڙايو ۽ دانهون ڪري رنو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.“ باقي حضور ڪريم جن جو اکين مان پاڻي وهائڻ سو ان جي متعلق پاڻ فرمايو اٿن ته ”هي الله جي رحمت آهي“ يعني هي روئڻ الله جي رحمت جي آثار مان آهي ۽ اهو ممنوع ناهي. (انوارِ غوثيھ ص 416، 417) هن روايت ۾ بيبي ام ايمن g جو ذڪر آهي هن حضور ڪريم جن کي نپايو هو. ۽ سندن آزاد ڪيل ٻانهي هئي جيڪا کين سندن والد حضرت عبدالله d جي ورثي ۾ ملي هئي. ۽ جڏهن حضور ڪريم جن حضرت خديجھ g سان شادي ڪئي تڏهن ام ايمن g کي آزاد ڪري ان جي پنهنجي آزاد ڪيل غلام زيد d سان شادي ڪرائي هيائون جنهن مان کيس اسامه پٽ ڄائو هو ۽ ان حضرت عمر d جي وفات کان ويهه ڏينهن پوءِ وفات ڪئي هئي. ام ايمن g احد جي جنگ ۾ حاضر هئي ۽ ڦٽيل صحابن جي دوا ڪندي ۽ انهن کي پاڻي پياريندي هئي ۽ جڏهن ته ان جو روئڻ ۽ دانهن ڪرڻ وڏي آواز سان هو ۽ اهو حرام آهي ان جي ڪري کيس روڪيو ويو. ۽ جڏهن محبوب ڪريم جن کي عرض ڪيائين ته : اوهان پاڻ روئي رهيا آهيو؟ ته جواب ۾ کيس فرمايائون ”منهنجو اهو روئڻ رحمت آهي“ ۽ صحيحين ۾ وڌيڪ آهي تهجَعَلهَا اللهُ فِي قُلُوۡبِ عِبَادِهٖ فَاِنَّمَا يَرۡحَمُ اللهُ مِنۡ عِبَادِهٖ الرُّحۡمَاءَ (اها (رحمت) الله پنهنجي ٻانهن جي دلين ۾ رکي آهي بلاشڪ الله پنهنجي ٻانهن مان رحم ڪرڻ وارن تي رحم ڪندو آهي)

اعتراض: ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته : رسول الله جن ڪنهن ميت تي ڪڏهن رنو نه هو“ پوءِ مٿين روايت ۾ ڪيئن آهي ته پاڻ رنو هيائون؟

جواب: ان مان مراد آهي ته ميت تي افسوس ۾ نه رنو هيائون ۽ هتي مذڪوره روايت ۾ رحمت واري روئڻ جو ذڪر آهي ۽ هن جي تائيد ان روايت سان به ٿي رهي آهي جنهن ۾ آيو آهي ته اِنَّ الۡعَيۡنَ تَدۡ مَعُ وَالۡقَلۡبَ يَحۡزُنَ وَلَا نَقُوۡلُ اِلَّا مَا يُرۡضِي الرَّبَّ وَاِنَّا عَلٰي فِرَاقِکَ يَا اِبۡرَاهِيۡمُ لَمَحۡزُوۡنُوۡنَ.“ (يعني حضرت حبيب ڪريم جن پنهنجي فرزند حضرت ابراهيم d جي وفات وقت فرمايو) اک هنجون هاري ٿي ۽ قلب ڏک ڪري ٿو ۽ اسين اهو گفتو ڪڍون ٿا جيڪو رب کي راضي ڪري ٿو. ۽ اي ابراهيم! بيشڪ اسين تنهنجي فراق تي ڏکويل آهيون.“

ضروري وضاحت: هن روايت ۾ آهي ته ام ايمن g جڏهن حاضر ٿي ته حضور ڪريم جن ننڍڙي نياڻيءَ کي هنج ۾ رکيو ويٺا هئا ۽ ان اتيئي وفات ڪئي. هن ننڍڙي نياڻي مان مراد ڪهڙي نياڻي آهي؟ سندن حقيقي نياڻي ته نه ٿي ٿي سگهي ڇوته سيرت نگار، محدث ۽ مورخ ان ڳالهه تي متفق آهن ته سندن چار ئي نياڻيون وڏي عمر ۾ فوت ٿيون هيون ڪابه ننڍي عمر ۾ فوت نه ٿي آهي پر جيڪڏهن سندن نياڻي مراد وٺجي ۽ ان کي مجازي طور سندن نياڻي سڏيو وڃي ته اهو پرانهون ناهي ممڪن آهي پر اهڙي ڪابه روايت آيل ناهي ته سندن نياڻي ننڍي عمر ۾ وفات ڪئي هئي. حضرت نبي ڪريم جي نياڻي سيده زينب g کي امامة نالي نياڻي هئي پر اها به وڏي ٿي هئي جنهن سان سيده فاطمه زهراء g جي وفات کان پوءِ حضرت علي d نڪاح ڪيو هو. ۽ حضرت علي d جي شهيد ٿيڻ تائين ان سان گڏ رهي. باقي امام احمد  جي روايت ته حضرت زينب g جي نياڻي حضور ڪريم جي خدمت ۾ نزع (سڪرات) جي حالت ۾ آندي وئي. ان مان مراد آهي ته ان حالت ۾ هئي پر حضور ڪريم جي برڪت سان ان مان نڪري وڏي ڄمار ماڻي هيائين. ان جي ڪري هن روايت ۾  وهم آهي ۽ مراد حضور ڪريم جن جو ڪوبه فرزند آهي ڇوته انهن جي وفات انهن جي ننڍي عمر ۾ ٿي هئي. ۽ هي به امڪان آهي ته ان مان مراد سندن نياڻيءَ جو فرزند هجي، ۽ اهو ظاهر آهي. ”الاسباب الميلادي” ۾ آهي ته سندن نياڻي رقيھ کي حضرت عثمان d مان پٽ ڄائو هو، جنهن جو نالو عبدالله رکيو هيائون ۽ ان حضور ڪريم جي هنج ۾ وفات ڪئي هئي. ۽ پاڻ اکين مبارڪن مان پاڻي وهايو هيائون. ۽ مسند بزار ۾ آهي ته سيده فاطمه زهراء جو ننڍڙو پٽ محسن بن علي f سخت بيمار ٿيو پوءِ سيده سڳوري g حضور ڪريم جن ڏانهن ماڻهو موڪليو هو ۽ اهل علم بالاخبار جو اتفاق آهي ته اهو ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو. (جمع الوسائل ج 2 ص 122) علامه البيجوري  حديث جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته : اها نياڻي حضور ڪريم جي ڌيءُ سيده زينب g جي هئي. جيڪا کيس حضرت ابو العاص بن الربيع d مان ڄائي هئي. ان نياڻيءَ جي حضور ڪريم جن ڏانهن نسبت مجازي آهي ۽ هن حديث ۾ مذڪور نياڻي حضور ڪريم جي صلبي، سڳي نياڻي مراد ناهي ڇوته حضور ڪريم جن جون چار نياڻيون هيون جيڪي وڏيون ٿيون هيون، ۽ شاديون ڪيون هيائون. جيتوڻيڪ انهن مان ٽي حبيب ڪريم جي ظاهري زندگيءَ ۾ وفات ڪري چڪيون هيون پر انهن  مان هڪ به ننڍي نه هئي ۽ نسائي جي روايت ۾ ان جي وصف بيان ٿيل آهي پوءِ مقرر ڪيو ويو ته ان مان مراد سندن نياڻي جي نياڻي آهي ۽ اها امامة بنت زينب f آهي ۽ حديث جي لفظ ”تقضي“ مان مراد موت نه پر موت جي قريب اچڻ آهي ڇوته امامة g زندهه رهي ۽ حضرت فاطمه g کان پوءِ حضرت علي d ان سان شادي ڪئي هئي. جيئن اهل علم الاخبار جو ان تي اتفاق آهي ۽ حضور ڪريم جو ان کي ارشاد ته ”مومن هر حال ۾ ڀلائي تي هوندو آهي“ جو مطلب آهي ته اهو نعمت هجي يا مصيبت هجي هر حال ۾ الله جو حمد ڪندو نعمت تي حمد ڪرڻ ته ظاهر آهي پر مصيبت تي حمد ڪرڻ سو ان جي ڪري جو محنت سان مهرباني ٿيندي آهي ان ۾ ثواب ملندو آهي. (المواهب ص 433) بعض شارحن لکيو آهي ته واقعو ڪنهن جو به آهي پر ان مان مقصود حضرت حبيب ڪريم جي دلي نرمي جو بيان آهي ۽ سنگدلي شفقت جي خلاف آهي ۽ اولاد سان فطري محبت  نه نبوت جي خلاف آهي نه ولايت جي خلاف بلڪه نرم دلي سٺي صفت آهي ۽ پاڻ صبر جي تلقين ڪندي فرمايائون ته : مومن جو شان آهي جو ٻيون تڪليفون ته ڇڏ پر ساهه نڪرڻ وقت به پنهنجي مالڪ جو شڪر ڪندي دم ڏيندو آهي ڇوته موت به مومن جي لاءِ تحفو آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي فـي کتاب الجنائز باب 13 في البکاء علي الميت ج 3 ص 12 {2} احمد في المسند ج 1 ص 273 {4} ابن حبان برقم 746 ، موارد الظمآن ص 190 ، البزار برقم 808

{327} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَاصِمِ بْنِ عُبَيْدِ اللَّهِ ، عَنِ الْقَاسِمِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَبَّلَ عُثْمَانَ بْنَ مَظْعُونٍ وَهُوَ مَيِّتٌ وَهُوَ يَبْكِي أَوْ قَالَ : عَيْنَاهُ تَهْرَاقَانِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ g کان روايت آهي ته جڏهن عثمان بن مظعون d وفات ڪري ويو ته رسول الله جن ان (کي پيشانيءَ تي) چمي ڏني، ان وقت پاڻ ڪريم رنا پي يا راوي چيو ته سندن اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.

مفردات جو شرح: ”قَبَّلَ تقبيل کان ورتل آهي معنى چمڻ، بوسو ڏيڻ. تُهْرَاقَانِ گهڻو پاڻي وهائي رهيون هيون.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ذڪر ڪيل حضرت عثمان بن مظعون d حضرت حبيب ڪريم جو، رضاعي (کير جو) ڀاءُ هو. قريشي هو. تيرهن مسلمانن کان پوءِ ايمان آندو هيائين. ۽ ٻئي هجرتون ڪيون هيائين. وڏو عابد، مجاهده جو صاحب، فضلاء صحابه مان هو. جنگ بدر ۾ شريڪ هو ۽ هن ڀلاري اسلام قبول ڪرڻ کان اڳي به شراب نه پيتو هو. هي پهريون مهاجر صحابي هو جنهن شعبان مهيني ۾ هجرت کان ٽيهه مهينا پوءِ وفات ڪئي ۽ جڏهن جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو ته حضور ڪريم فرمايو: نِعمَ السَّلَفُ هُوَلَنَا (اسان جي لاءِ اهو ڀلو اڳواڻ آهي) ان جي وفات تي حضور ڪريم جن ايترو رُنا جو سندن ڳوڙها مبارڪ حضرت عثمان بن مظعون d جي منهن  مبارڪ تي ڪري رهيا هئا ۽ ابن الجوزي  ڪتاب ”الوفا“ ۾ سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آندي آهي ته : جڏهن (حضرت) عثمان بن مظعون d وفات ڪئي ته رسول الله جن ان جي منهن تان ڪپڙو پري ڪري ان جي ٻن اکين جي وچ تي چمي ڏني ۽ جڏهن (وهنجارڻ واري) تختي تان کنيو ويو ته حضور نبي ڪريم جن فرمايو.طُوبٰي لَکَ يَا عُثۡمَانُ لَمۡ تَلۡبَسۡکَ الدُّنۡيَا وَلَمۡ تَلۡبَسۡهَا“ (اي عثمان تنهنجي لاءِ خوشخبري آهي نه دنيا توسان مليل رهي ۽ نه تون ان سان مليل رهيو هئين.) (جمع الوسائل ج 2 ص 123) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته : هن مان ثابت ٿيو ته صالح  ٻانهي جي پيشانيءَ تي چُمي ڏيڻ مستحب آهي. اڳتي لکيو اٿس ته الله جي خوف کان روئڻ حبيب ڪريم جن جو گهڻو معمول هيو.   (اشرف الوسائل ص 461)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الجنائز باب 40 في تقبيل الميت رقم الحديث 3163 ج 3 ص 201 {2} ابنِ ماجھ في کتاب الجنائز باب 7 ماجاء في تقبيل الميت رقم الحديث 1547 {3} احمد في المسند ج 6 ص 43 {4} ابن سعد في الطبقات ج 3 ص 396 {5} الحاکم في المستدرک ج 3 ص 190 {6} البيهقي في سننھ ج 3 ص 407 {7} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 1415 ص 201.

{328} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : أَخْبَرَنَا أَبُو عَامِرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا فُلَيْحٌ وَهُوَ ابْنُ سُلَيْمَانَ ، عَنْ هِلاَلِ بْنِ عَلِيٍّ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : شَهِدْنَا ابْنَةً لِرَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَرَسُولُ اللَّهِ جَالِسٌ عَلَى الْقَبْرِ فَرَأَيْتُ عَيْيَنْهِ تَدۡمَعَانِ ، فَقَالَ : أَفِيكُمْ رَجُلٌ لَمْ يُقَارِفِ اللَّيْلَةَ ؟ قَالَ أَبُو طَلْحَةَ : أَنَا قَالَ : اِنْزِلْ فَنَزَلَ فِي قَبْرِهَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته اسان رسول الله جي هڪ نياڻي (ام ڪلثوم g) جي جنازي تي حاضر ٿياسون ته رسول الله جن قبر تي ويٺا هئا. مون ڏٺو ته سندن  اکين مان ڳوڙها ٽِمي رهيا هئا. پاڻ سڳورن فرمايو ته ”اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن اڄ رات پنهنجي گهرواريءَ سان صحبت نه ڪئي هجي.“ ابو طلحه d چيو ته آءُ آهيان. پاڻ سڳورن جن ارشاد فرمايو ته تون هيٺ قبر ۾ لهه پوءِ ابو طلحھ d ان جي قبر ۾ ميت دفن ڪرڻ لاءِ لٿو. (۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائين)

مفردات جو شرح: ”تَدمَعَانِ اکيون هنجون هاري رهيون هيون، روئي رهيا هئا. لَمْ يُقَارِفِ پنهنجي زال سان صحبت نه ڪئي هجيس. يُقَارِفِ“ ”قرف“ کان ورتل آهي هن جي معنى آهي ويجهو ٿيڻ ، جماع ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضور ڪريم جي جنهن نياڻيءَ جو ذڪر آهي اها ام ڪلثوم g هئي. جيڪا سيدنا عثمان بن عفان d جي ٻي گهرواري هئي. پهرين سيده رقيھ هئي. اهڙي طرح واقدي سليمان  بن فليح کان هن اسناد سان آندو آهي. ابن سعد ”الطبقات“ ۾ سيده ام ڪلثوم g جي ذڪر ۾ به ان طرح آندو آهي ان هن نياڻيءَ مان مراد سيده رقيه g ورتي آهي اهو غلط آهي ڇوته رسول الله جن ان جي وفات وقت بدر جي جنگ ۾ مصروف هئا. مدينه منوره ۾ تشريف فرما نه هئا ۽ نه سيده رقيھ g جي تدفين م شريڪ هئا ۽ هتي جنهن صحابي عرض ڪيو ته مون رات پنهنجي گهرواري سان صحبت نه ڪئي آهي اهو ابو طلحھ d آهي ان جو نالو زيد بن سهل الانصاري الخزرجي d آهي ابو طلحھ ڪنيت ان تي غالب رهي. مشهور صحابي آهي سڀني جنگين ۾ موجود رهيو هو. ان جي باري ۾ رسول الله جن ارشاد فرمايو هو.لَصَوۡتُ اَبِي طَلۡحَةَ فِي الۡجَيۡشِ خَيۡرٌ مِّنۡ مَائةِ رَجُلٍ (ابو طلحة جو (جنگ جي) لشڪر ۾ آواز سؤ مڙسن کان ڀلو آهي.) حنين جي جنگ ۾ ويهه ڪافر ڪُٺا هيائين. هن جا فضائل گهڻا آهن ۽ هن حديث مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن وارث پنهنجي وفات ڪيل نياڻي وغيره کي قبر ۾ لاهڻ جي لاءِ ڪنهن ڌارئي کي امر ڪري ته جائز آهي ۽ هن مان اهو به ثابت ٿيو ته عورت کي قبر ۾ مرد لاهن ڇوته اهي قوت وڌيڪ رکن ٿا ۽ اهڙين صورتن ۾ صالحن سان وسيلو وٺڻ جائز آهي ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته ان جي قبر مبارڪ ۾ حضرت علي، حضرت فضل بن عباس ۽ حضرت اسامه رضي الله عنهم به لٿل هئا. ۽ حضرت ابو طلحھ انهن سان تعاون جي لاءِ لٿو هو. ۽ الدولابي روايت اندي آهي ته جڏهن حضرت نبي ڪريم جن سان سندن پاڪ نياڻي سيده رقيه g جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائون ته اَلۡحَمۡدُللهِ دَفَنُ الۡبَنَاتِ مِنَ الۡمَکۡرَمَاتِ (هر حمد الله جي لاءِ ثابت آهي نياڻين جو دفن ڪرڻ عزت وارن امرن مان آهي) ان کان پوءِ پنهنجي نياڻي امِ ڪلثوم g جي شادي حضرت عثمان سان ڪرايائون ۽ فرمايائون ته :” وَالَّذِيۡ نَفۡسِيۡ بِيَدِهٖ لَو اَنَّ عَندِيۡ مِائَةَ بِنۡتِِ يَمُتۡنَ وَاحِدَة ٌ بَعۡدَ وَاحِدَةِِ زَوَّجۡتُکَ اُخۡرٰي هَذَا  جِبۡرِيۡلُ اَخۡبَرَنِيۡ اَنَّ اللهُ يَا مُرُنِيۡ اَنۡ اُزَوِّجَکَهَا (رواه الفضائلي) (ان پاڪ ذات جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته جيڪڏهن مون وٽ سؤ نياڻيون هجن ها هڪ هڪ وفات ڪندي وڃي ها ته توکي ٻي پرڻائيندو وڃان ها هي جبريل آهي مون کي ٻڌائي پيو ته بيشڪ الله مون کي امر ٿو ڪري ته توکي ان (ام ڪلثوم) سان شادي ڪرايان ۽ حضرت حبيب ڪريم جي وڏي نياڻي جنهن جي سندس ماسات ابو العاص بن الربيع f سان شادي ڪيل هئي ان سن 8 هه ۾ وفات ڪئي هئي. ابن عبدالبر  فرمايو ته : حضور ڪريم جي نياڻين ۾ فاطمھ ۽ ام ڪلثوم f ڀليون هيون ۽ فاطمھ g سان حضور ڪريم جي وڌيڪ محبت هئي ان مان ئي حسنين ڪريمين f جي ذريعي حضور ڪريم جو اولاد دنيا تي رهيو (حضور ڪريم جي چئن نياڻين جو ثبوت مون (يعني راقم الحروف) پنهنجي ڪتاب ”التحرير المقبول في اخبار اولاد الرسول“ ۾ لکيو آهي. ان ۾ ڏسڻ گهرجي. (الفقير محمد ادريس عفي عنہ) علامه علي القاري  لکيو آهي ته حضرت حبيب ڪريم جي فرزندن جي تعداد ۾ اختلاف آهي اصح قول مطابق سندن ٽي فرزند هئا. حضرت ابراهيم هڪ ماريه قبطيه مان هو باقي سندن سمورو اولاد حضرت خديجة  الڪبرى g مان هو. (جمع الوسائل ج 2 ص 124) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته سيده ام ڪلثوم کي اسماء بنت عميس ۽ صفيھ بنت عبدالمطلب g غسل ڏنو هو ۽ اتي ام عطيه g به موجود هئي ۽ ان حضور ڪريم جو فرمان روايت ڪيو آهي ته اِغۡسِلۡنَهَا ثَلَاثًا اَوۡ خَمۡسًا هن کي ٽي يا پنج ڀيرا (پاڻي هاري) غسل ڏيو) ۽ ان روايت ۾ ائين به آيو آهي ته حضور ڪريم جن انهن وهنجارڻ وارين کي پنهنجي چادر ڏئي فرمايو ته”اها ان جي ڪفن جو اندريون حصو بنايو جيڪا سندس پاڪ وجود کي لڳي. ۽ حضور ڪريم جون اهي ٻئي رقيه ۽ ام ڪلثوم نياڻيون f (ڪافرن سان رشتي ڪرڻ جي حرام هجڻ واري حڪم کان پهريان) ابو لهب جي پٽن کي نڪاح ڪري ڏنيون ويون هيون (پر اڃان پرڻو، رخصتي نه ٿي هئي) پوءِ ابو لهب پنهنجن پٽن کي اهو رشتو ٽوڙڻ لاءِ چيو ۽ انهن ٽوڙي ڇڏيو. انهن مان هڪ عتبة نالي حضور ڪريم جن جي قميص پاڪ کي شهيد ڪيو ته الله جي حبيب ان لاءِ فرمايو”الله ان تي پنهنجن (پيدا ڪيلن) ڪتن مان هڪ ڪتو موڪليندو.“ ۽ اهو جڏهن شام ملڪ ۾ قريش جي قافلي سان تجارت جي لاءِ ويو ۽ زرقاء نالي مقام ۾ هئا ته رات جو هڪ شينهن انهن وٽ ڦرڻ لڳو. عتبة نڪري چوڻ لڳو ته ”منهنجي  ماءُ جي لاءِ ويل آهي هي اهو ڪتو آهي جنهن جي متعلق مون لاءِ (حضرت) نبي ڪريم () چيو هو پوءِ سڀني ماڻهن کي ڇڏي ان تي شينهن حملو ڪيو ۽ ان جي مُنڍي پٽي کڻي هليو ويو ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته ”اهو انهن سڀني کي سنگهندو عتبة جي مٿان اچي بيٺو ۽ پڇ کي وٽ ڏئي هن کي چنبو هڻي ماري هليو ويو ۽ حضرت عثمان d جي سيده رقيه g سان مڪه مڪرمه ۾ شادي ٿي هئي. ۽ ان سان گڏ حبش ڏانهن ۽ مدينه منوره ڏانهن هجرت ڪئي هيائين. ۽ سندن وڏي نياڻي سيده زينب g کي حضرت ابو العاص بن الربيع d مان پُٽ ڄائو هو ۽ اهو ۽ ان جي ڀيڻ امامه حضرت نبي ڪريم سان سندن سواريءَ تي ٻيلهه چڙهيا هئا ۽ اها امامة اها آهي جنهن کي رسول الله جن صبح جي نماز ۾ ڪلهي تي ويهاريو هو ۽ جڏهن رڪوع ٿي ڪيائون ته کيس لاٿائون ٿي ۽ سيده فاطمه g جي وفات کان پوءِ حضرت علي d ان سان نڪاح ڪيو هو ۽ فاطمه البتول g سڀني کان ننڍي هئي جنهن سان آسمان کان وحي اچڻ سان ٻئي سن هجريءَ ۾ حضرت علي d جو نڪاح ٿيو ۽ نڪاح کان ساڍا نوَ مهينا پوءِ پرڻو ٿيو هو. ان وقت سيده فاطمه  زهره g جي عمر مبارڪ ساڍا پندرهن سال ۽ حضرت علي d جي عمر ايڪيهن سالن جي قريب هئي. ٿورو اڳتي لکيو اٿس ته حضرت علي d کي حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ”مون توسان فاطمھ جو نڪاح چار سؤ مثقال چاندي جي مهر عيوض ڪيو آهي جيڪڏهن تون راضي آهين ته ”حضرت علي d عرض ڪيو ته ”يا رسول الله مان راضي آهيان“ حضور ڪريم جن کيس دعا ڪندي ارشاد فرمايو :” جَمَعَ اللهُ شَمَلکُمَا وَاَعَزَّجِدَّ کُمَا وَبَارَکَ عَلَيۡکُمَا وَاَخۡرَجَ مِنۡکُمَا کَثِيۡرًا طَيِّبًا.“ (يعني الله اوهان کي گڏ رکي اوهان جي ڪوشش کي عزت ڏي اوهان تي برڪت ڪري اوهان مان گهڻا پاڪ ٻچا پيدا ڪري) حضرت انس d فرمايو ته (الله جي حبيب جي دعا جي صدقي) الله انهن ٻنهي مان گهڻو اولاد وجود ۾ آندو ۽ سيده کي بتول ان جي ڪري سڏيو ويو جو ٻين عورتن کان فضل، دين ۽ حسن ۾ منقطع ۽ جدا هئي. حضرت فاطمه g جي هڪ نياڻي جو نالو ام ڪلثوم هو. جنهن سان حضرت عمر d جي شادي ٿي هئي ۽ ان مان کيس هڪ نياڻي ڄائي جنهن جو نالو رقيه رکيو ويو ۽ هڪ پُٽ ڄائو جنهن جو نالو زيد رکيو ويو، پر ٻئي جلدي وفات ڪري ويا هئا. (اشرف الوسائل ص 467) هيءَ ام ڪلثوم حضرت حبيب ڪريم جي نياڻي وفات ڪري وئي ته حضرت انس ۽ ٻيا صحابي f ان جا ڪلهي ڪانڌي ٿيا هئا. حضور ڪريم جن ان جي قبر مبارڪ تي ويهي پنهنجي پاڪ اکين مان پاڻي وهائي رهيا هئا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الجنائز باب 32 قول النبي يعذب الميت ببکاء اهله عليه رقم الحديث 1285 ج 3 ص 151 {2} احمد في المسند ج 3 ص 126 {3} الحاکم في المستدرڪ ج 4 ص 47 {4} البيهقي في سننھ ج 4 ص 53

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting