خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب ٽيتاليهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صَوْمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب حضور ڪريم جي روزن جي بيان ۾ آهي

 

سمجهاڻي: ”الصوم“ جي لغوي معنى آهي رڪجڻ. ڀلي کڻي گفتگو کان رڪجڻ هجي. جيئن قرآن ڪريم آهي ته اِنِّيۡ نَذَرۡتُ لِلرَّحۡمٰنِ صَوۡمًا“( مون الله جي (رضا) لاءِ ڳالهائڻ کان رڪجڻ جو نذر ڪيو آهي ۽ ان جي شرعي معنى آهي نيت سان روزي ڀڃندڙن ڪمن کان سڄو ڏينهن پاڻ کي روڪڻ ۽ هتي فرضي ۽ نفلي ٻئي قسم روزا مراد آهن. (المواهب ص 501) علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”الصوم ۽ الصيام هڪڙي معنى سان آهن. علامه مناوي  لکيو آهي ته ”صوم مان مراد عام آهي نفلي هجي يا فرضي. ان جي لغوي معنى رڪجڻ آهي ۽ شرعي معنى نيت ڪرڻ کان پوءِ سڄو ڏينهن روزي ڀڃندڙن ڪمن کان رڪجڻ آهي. پوءِ اهو رڪجڻ حقيقتًا هجي يا حکمًا هجي. حکمًا چوڻ ۾ ويسر ۾ کائيندڙ به داخل آهي ڇوته اهو به حکمًا رڪجندڙ آهي ۽ هن باب ۾ سورهن 16 حديثون آهن.

                                                       (المناوي علي هامش جمع الوسائل ج 2 ص 94)

نفلي روزن جو بيان: هن باب ۾ حضور ڪريم جن جي نفلي روزن جو خصوصي بيان آهي ته ”پاڻ مهيني ۾ ڪيترا روزا رکندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پورو مهينو به مسلسل روزا رکندا هئا. مهيني جا پهريان ٽي ڏينهن ته آخري ٽي ڏينهن به روزا رکندا هئا. ايامِ بيض (تيرهين، چوڏهين ۽ پندرهين) تاريخن جا به روزا رکندا هئا. سومر جي ڏينهن روزو رکڻ جي متعلق کانئن عرض ڪري پڇيو ويو ته پاڻ ارشاد فرمايائون فِيۡهِ وُلِدَتُّ وَفِيۡهِ اُنۡزِلَ عَلَيَّ الحديث (ان ڏينهن ۾ مان ڄائو آهيان ۽ ان ڏينهن مون تي وحي نازل ڪيو ويو آهي) تنهنڪري مان گهڻو پسند ٿو ڪيان ته ان ڏينهن ۾ روزو رکان“ عاشوره جي ڏينهن روزو رکڻ رمضان جي روزن فرض ٿيڻ کان پهريان واجب هو. جڏهن رمضان جا روزا فرض ٿيا ته پوءِ هي سڀ روزا نفلي ٿي ويا. هاڻي جنهن جي دل گهري ته رکي ۽ جنهن جي دل نه گهري ته نه رکي. (انوار غوثيه ص 383)

{299}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ زَيْدٍ ، عَنْ أَيُّوبَ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ شَقِيقٍ قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صِيَامِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، قَالَتْ : كَانَ يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ قَدْ صَامَ ، وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ قَدْ أَفْطَرَ . قَالَتْ : وَمَا صَامَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ شَهْرًا كَامِلاً مُنْذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ إِلَّا رَمَضَانَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن شقيق d کان روايت آهي ته مون حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان رسول الله جي نفلي روزن رکڻ بابت پڇيو. امان سائڻ چيو ته پاڻ سڳورا لاڳيتو روزا رکندا هئا جو اسان ڀائيندا هئاسون ته هاڻي روزا رکندا ئي رهندا. ۽ وري روزو ڇڏيندا هئا ته اسان سمجهندا هئاسون، هاڻي روزو نه رکندا.

نبي ڪريم مديني شريف تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ رمضان شريف کان سواءِ ڪڏهن پورو مهينو نفلي روزا نه رکيا.

مفردات جو شرح: ”كَانَ يَصُومُ روزو رکندا هئا. شَهْرًا كَامِلاً پورو مهينو. قَدِمَ تشريف فرما ٿيا.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته حضور ڪريم جن ڪڏهن ته متواتر روزا رکندا هئا جو سيده g فرمايو ته اسين سمجهندا هئاسون ته هاڻي روزو نه ڇڏيندا ۽ ڪڏهن اهڙو مسلسل روزا نه رکندا هئا جو اسين سمجهندا هئاسون ته هن مهيني ۾ روزو نه رکندا“ ام المؤمنين سيده عائشھ g فرمائي ٿي ته حضرت نبي ڪريم جن جڏهن مڪه مڪرمه کان هجرت ڪري مدينه منوره ۾ آيا ته پوءِ رمضان شريف کان سواءِ ڪوبه پورو مهينو نفلي روزا نه رکيائون ۽ ايندڙ روايت ۾ سڄو مهينو روزو رکڻ جو ثبوت آهي ۽ انهن ٻنهي روايتن ۾ تطبيق هن طرح ڏني ويندي ته ڪنهن سال ۾ سڄو مهينو روزو رکندا هئا ته ڪنهن سال ۾ سڄو مهينو روزو نه رکندا هئا. يا مهيني جو اڪثر حصو روزو رکندا هئا ۽ اڪثر تي ڪل جو حڪم لڳايو ويو آهي مُذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ (جڏهن مديني ۾ آيا.) ڪڏهن هن مان ائين سمجهيو ويندو آهي، ته مدينه منوره اچڻ کان پهريان سڄو مهينو نفلي روزا رکندا هئا. ۽ ممڪن آهي ته ام المؤمنين سيده عائشه صديقه ان سان ان جي ڪري قيد ڪيو جو حضرت نبي ڪريم جن جي مدينه منوره ۾ اچڻ کان پوءِ احڪام گهڻا ۽ لاڳيتو نازل ٿي رهيا هئا.  رمضان جا روزا سن 2 هه ۾ مدينه منوره ۾ فرض ٿيا هئا. رمضان کي ان نالي سان ان جي ڪري سڏيو ويو جو ان وقت گرميءَ جي شدت هئي يا ان جي ڪري جو اهو گناهن کي ساڙي ختم ڪري ٿو ڇڏي. (المواهب ص 502) اِلَّا رَمَضَانَ يعني حبيب ڪريم رمضان مهينو سڄو روزو رکندا هئاڇوته اهي لازمي فرض آهن ۽ هن روايت ۾ اهو به اشارو اهي ته : مستحب آهي ته ڪوبه مهينو نفلي روزي کان خالي نه ڇڏجي ۽ گهڻا نفلي روزا به نه رکجن تانجو ماڻهو ملول ٿي ٿڪجي پوي بلڪه وچٿرائي اختيار ڪجي۽ رمضان کي رمضان ان جي ڪري سڏيو ويو جو ضعيف قول مطابق اهي نالا الله نه رکيا آهن جڏهن عربن مهينن جي نالي رکڻ جو ارادو ڪيو ته موافق هي ٿيو جو هي مهينو گهڻي گرميءَ ۾ هوان جي ڪري ان جو اهو نالو رکيو ويو. جيئن الربيع الاول ۽ الربيع الآخر جا نالا ربيع جي موسم سان موافق هجڻ جي ڪري رکيا ويا ۽ شمائل جي هڪ شارح لکيو آهي ته : هن ۾ صحيح ۽ مختار مذهب جو دليل آهي جنهن کي بخاري ۽ ٻين محققن مڃيو آهي ته : هن مهيني کي صرف ”رمضان“ سڏڻ ۽ ان جي اڳيان شهر جو لفظ نه آڻڻ جائز آهي ڇوته ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g هن کي ”شهر“ لفظ آڻڻ کان سواءِ ”رمضان“ سڏيو آهي ۽ هڪ جماعت جو قول آهي ته صرف  ”رمضان“ سڏڻ صحيح ناهي. هن جي اڳيان ”شهر“، لفظ آڻڻ ضروري آهي ۽ اهو امام مالڪ جي ساٿين جو قول آهي اهي چون ٿا ته ”رمضان“ الله جو نالو آهي اهو قيد کان سواءِ ٻئي تي نه ڳالهايو ويندو ۽ امام شافعي  جي اڪثر ساٿين ۽ ابن الباقلاني جو قول آهي ته ”جيڪڏهن اهو ڳالهائڻ وقت ڪو اهڙو قرينو آهي جيڪو هن کي شهر ڏانهن ڦيرائي ٿو ته پوءِ صرف ”رمضان“ چوڻ ڪراهت ناهي ۽ جيڪڏهن نه ته ڪراهت آهي پوءِ چيو ويندو ته ”اسان رمضان جا روزا رکيا، رمضان ۾ رات جو بيهي عبادت ڪئي سون ۽ رمضان مهينن ۾ ڀلو مهينو آهي وغيره ۽ رمضان آيو رمضان داخل ٿيو چوڻ مڪروه آهي. ۽ علامه علي القاري  فرمايو ته : ان ۾ به قرينو آهي ته رمضان مان مراد مهينو آهي ڇوته اچڻ يا داخل ٿيڻ کان الله پاڪ آهي ۽ صحيح حديث ۾ آيو آهي ته جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن) پوءِ مناسب آهي ته مثال طور چيو وڃي. مان رمضان سان محبت رکان ٿو. والله اعلم علامه مناوي  به لکيو آهي ته ”رمضان“ شهر جي لفظ آڻڻ کان سواءِ به چوڻ صحيح آهي ان ۾ ڪابه ڪراهت ناهي ۽ ان جي خلاف چوڻ شاذ آهي. (شرح المناوي مع جمع الوسائل ج 2 ص 94) علامه مناوي ۽ علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته رمضان جا روزا  سن 2 هه شعبان مهيني ۾ فرض ٿيا هئا. علامه موصوف به لکيو آهي ته صرف ”رمضان“ لفظ ڳالهائڻ ۾ ڪا ڪراهت ناهي. ڪيترين صحيح روايتن ۾ صرف ”رمضان“ آيو آهي ۽ اهو چوڻ ته : هي الله جو نالو آهي مردود آهي ۽ ان جي دليل ۾ جيڪا حديث آندي وڃي ٿي ضعيف آهي. (اشرف الوسائل ص 421) الغرض ته حضور ڪريم جن جو نفلي روزا گهڻا رکڻ معمول هو. روزي جون فضيلتون حديثن ۾ گهڻيون آيل آهن. الله جي هر حڪم هر ارشاد ۾ هزارين مصلحتون ۽ حڪمتون آهن انسان جي عقل جي ايتري پرواز ڪٿي آهي جو الله جهڙي حڪيم جي حڪمتن کي پهچي سگهي. هر شخص جي عقل جي جيتريقدر پرواز آهي ايتري تائين اهو الله جي احڪام جي ديني ۽ دنياوي فائدن جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو پر الله جون حڪمتون اڃان مٿي آهن ان جي احڪام ۾ هزارين مصلحتون آهن ۽ روزي ۾ به ڪئين حڪمتون آهن انهن مان ڪجهه مصلحتون ته بديهي ۽ ظاهر آهن جن مان هڪ مواسات ۽ غريبن سان همدردي آهي جيڪو شخص پاڻ بکيو هوندو ان کي ٻين جي بک جو احساس ٿيندو. بک ۾ رهندڙ ضرور سمجهندو ته ٻئي غريب، بک ۾ رهندڙ تي ڇا گذرندي هوندي، بُکايل کي ڪهڙي مصيبت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حالت ۾ ان کي بکايل جي همدردي جو جذبو به پيدا ٿي سگهي ٿو. ۽ ان جي طبيعت غريب سان مدد ڪرڻ جي به تقاضا ڪندي هوندي. هن کان وڌيڪ هي آهي ته روزي سان انسان ۾ موجود جانور واري ۽ شهواني قوت جو زور ٽٽي ٿو، اها قوت جڏهن زور وٺي ٿي ته انسان کان اهڙا امور صادر ٿين ٿا جيڪي ان جي لاءِ دنيا ۾ خواري، بدنامي ۽ منهن جي ڪاري هجڻ جا سبب بنجن ٿا. ان جي لاءِ علامه رومي فرمايو آهي:

اين نه عشق است آنکه در مردم بــــود

اين فسادِ خــــــــــــــور دن گندم بــــود

(يعني هي عشق جيڪو اڄ ڪالهه ماڻهن ۾ هوندو آهي عشق ناهي اهو فساد ڪڻڪ جي کائڻ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي.) جڏهن پيٽ ڀرائي ٿيندي آهي ته انسان ڪيتريون ناپاڪ حرڪتون سوچيندو آهي ۽ جڏهن بک جو غلبو ٿيندو آهي ته پوءِ اهي سڀ حرڪتون وسري وينديون آهن ان جي ڪري حديث شريف ۾ آيو آهي ته ”جيڪو نڪاح نه ٿو ڪري سگهي ان کي گهرجي ته روزا ڪثرت سان رکي جو اهي شهوت کي ٽوريندڙ آهن“ ان کان سواءِ روزي ۾ هڪ وڏي مصلحت روحانيت جي قوت آهي روزي سان روحانيت کي وڏي ترقي ملندي آهي ان جي ڪري هر مذهب ۽ ملت ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزي جو وجود آهي ۽ حق وارن مذهبن ۾ حضرت آدم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي دور کان وٺي روزي جي مشروعيت رهي آهي. حضرات انبياءِ ڪرام عليهم السلام جو روزي ۾ معمول مختلف رهيو آهي حضرت نوح عليٰ نبينا وعليه الصلواة والسلام جو معمول ٻارهن ئي مهينا هميشه روزي رکڻ جو هو، حضرت داؤد علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو معمول هڪ ڏينهن روزو رکڻ ۽ هڪ ڏينهن نه رکڻ هو. حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو معمول هڪ ڏينهن روزو رکڻ ۽ ٻه ڏينهن نه رکڻ هو. اهڙي طرح ٻين نبين عليهم الصلٰوة والسلام جو معمول مختلف رهيو هو. اسان جي آقا نبي ڪريم جن جو معمول ان ۾ به نرالو هو جو وقتي مصلحتن جي تحت خاص ، خاص ڏينهن جا روزا متعين ۽ معمول فرمائي ڇڏيا هيائون ۽ ان کان سواءِ وقتي مصلحتن جي تحت گهڻا وقت لاڳيتو روزا رکندا هئا ۽ گهڻا وقت نه رکندا هئا. جنهن جو سبب ظاهر آهي ته جڏهن روزو ترياق ۽ دوا جي بمنزل آهي ته ان ۾ وقتي تقاضا جي لحاظ سان گهٽتائي يا وڌاءُ ڪيو ويندو هو جيئن دوا جـــــو اصول آهي ۽ ضروري آهي.“    (خصائل نبوي ص 2747، 248)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب الصيام باب 34 صيام النبي في غير رمضان رقم الحديث 1156 حديث الکتاب 174 ج 2 ص 810 {2} النسائي في کتاب الصيام باب 67 صوم النبي ج 4 ص 199 {3} احمد في المسند ج 6 ص 227، 228 {4} ابن خزيمه في صحيحه رقم الحديث 2132 ج 3 ص 304، 305.

{300} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ جَعْفَرٍ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّهُ سُئِلَ عَنْ صَوْمِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَقَالَ : كَانَ يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ حَتَّى نَرَى أَنْ لاَ يُرِيدَ أَنْ يُفْطِرَ مِنْهُ ، وَيُفْطِرُ مِنْهُ حَتَّى نَرَى أَنْ لاَ يُرِيدَ أَنْ يَصُومَ مِنْهُ شَيْئًا . وَكُنْتَ لاَ تَشَاءُ أَنْ تَرَاهُ مِنَ اللَّيْلِ مُصَلِّيًا إِلاَ رَأَيْتَهُ مُصَلِّيًا ، وَلاَ نَائِمًا إِلاَ رَأَيْتَهُ نَائِمًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته ان کان نبي ڪريم جي روزي رکڻ جي باري ۾ پڇيو ويو؟ حضرت انس d ٻڌايو ته حضور ڪريم جن ڪنهن مهيني ۾ ايترو لاڳيتو روزا رکندا هئا جو سمجهندا هئاسون ته شايد افطار ئي ڪونه ڪندا ۽ ڪنهن مهيني ۾ افطار ڪندا هئا ته ڀائيندا هئاسون ان ۾ روزو رکندا ئي ڪونه. اي مخاطب) تون کين رات جو نماز پڙهندي ڏسڻ گهرين ته ان کي نماز پڙهندو ڏسندين ۽ جي ننڊ ۾ ڏسڻ گهرين ته اهو ننڊ ڪندڙ ڏسندين.

مفردات جو شرح: ”نَرَى اسان خيال ڪيو ٿي. كُنْتَ لاَ تَشَاءُ تو نه ٿي گهريو. مُصَلِّيًا نماز پڙهندي.  نَائِمًا ننڊ ڪندي.

سمجهاڻي: يعني نبي ڪريم جن روزا رکندا به هئا ته روزا نه رکندا به هئا نماز پڙهندا به هئا ۽ ننڊ به ڪندا هئا. علامه البيجوري  لکيو آهي ته وَالۡحَاصل ان صومهٗ وصلواتهُ کانا علي غاية الاعتدال فلا افراط فيهما ولا تفريط يعني رسول الله جن جو روزو ۽ نماز انتهائي اعتدال تي هئا نه انهن ۾ افراط هو نه تفريط هئي) هر عبادت مناسب وقت تي ۽ مناسب طريقي سان ڪندا هئا. علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”اظهر قول هي آهي ته سندن تهجد وارو عمل ڪڏهن اول ۾ هوندو هو ته ڪڏهن آخري وقت ۾. ۽ روزي جو عمل  به سندن ان طرح هوندو هو. ڪڏهن مسلسل روزا رکندا هئا ته ڪڏهن نه رکندا هئا. جيئن هڪ حديث ۾ آيو آهي ته هڪ شخص چيو ته مان سڄي رات (نفلي) نماز پڙهندو آهيان ۽ ٻئي چيو ته مان هر ڏينهن جو روزو رکندو آهيان. حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”مان نماز به پڙهندو آهيان ته ننڊ به ڪندو آهيان ۽ روزا به رکندو آهيان ته نه به رکندو آهيان“ ان کان پوءِ فرمايائون ته ”جنهن منهنجي سنت کان منهن موڙيو اهو منهنجو امتي ناهي.“ علامه مناوي  لکيو آهي ته ”ماڻهن جا عبادت ۾ مختلف طبقا هوندا آهن ۽ عبادت ۾ اعلى ۽ ڀلو طريقو مصطفى جو طريقو آهي جنهن ڏانهن هن روايت ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ۽ انسان جو نفس ان جي سواري آهي جنهن تي پنهنجي رب ڏانهن ويجهو ٿيندو آهي پوءِ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان سواريءَ جي لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام ڪري ان جي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنکر سان اصلاح ڪندا آهن، ۽ ان کي الله جي وصال واري واٽ تي هلائيندا آهن ۽ اها اعلى منزل آهي ۽ بعضي اهي ماڻهو آهن جيڪي نفس کي بک ڏيندا آهن ۽ ان کي خواهشات کان روڪي ان تي سختي ۽ تنگي ڪندا آهن پوءِ اهو الله ڏانهن سير ڪرڻ ۾ ٿڪجي پوندو آهي ۽ هلاڪ ٿي ويندو آهي ۽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن نفس کي کاڌو پيتو ڍؤ تي ڏئي ان کي ڪيترن قسمن سان سينگاريو ۽ پنهنجا وقت ان جي خدمت ۾ گذاريائون پوءِ هي ان ٻانهي ۽ الله جي وچ ۾ حجاب آهي ۽ اهو الله جي دروازي کان تڙيل آهي ۽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي عبادت کان ڪٽيل ، نفس جا ٻانها ، هڪ گڏهه جا خادم پيسي جا پوڄاري هوندا آهن، پر هدايت ۽ حق نبي ڪريم جي اتباع ۾ آهي جيڪو سڀني طريقن کان وڌيڪ مٺو، عدل وارو سهڻو ۽ افضل آهي. (شرح المناوي مع شرح الوسائل ج 2 ص 96) مقصد هي آهي ته : محبوب ڪريم جن جي عادت پاڪ هئي ته : نه سڄي رات سمهندا هئا نه سڄي رات جاڳندا هئا بلڪه وچٿرائي اختيار ڪندي نفس جي حقوق جي رعايت ڪندي عبادات جو اهتمام به پورو، پورو ڪندا هئا. ان جي ڪري کين ستل ڏسڻ به ممڪن هو جو رات جو ڪجهه حصو آرام ڪندا هئا ۽ نماز جي حالت ۾ ڏسڻ به ممڪن هو جو سندن رات جو ڪجهه حصو نماز ۾ به گذرندو هو ۽ ان ۾ ٻه مصلحتون هيون. (1) اول هي ته جيڪو عبادت جو مقصد آهي ۽ اهو انسان جي وجود جو غرض به آهي ۽ الله جي رضا حاصل ڪرڻ جو سبب به آهي ته رات جي هر حصي کي ڪڏهن نه ڪڏهن ان جون برڪتون ميسر ٿين، ۽ قيامت جي ڏينهن رات جو هر حصو پنهنجي اندر عبادت جو وجود رکي. (2) ٻي هي مصلحت آهي ته عبادت جڏهن هڪ ئي وقت ۾ ٿيندي رهندي ته اها عادت جي بمنزل هوندي پوءِ ان لاءِ تڪليف ڪرڻ جو لطف نه ٿو رهي ۽ جيڪڏهن رات جي مختلف حصن ۾ عبادت ڪئي ويندي ته عادت نه بنجندي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2134 ج3 ص 305 {2} مسلم من طريق حماد بن سلمة في کتاب الصيام باب 34 صيام النبي في غير رمضان رقم الحديث 1158 ج 2 ص 812 {3} احمد في المسند ج 3 ص 179 ببعضہھ.

{301}  حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي بِشْرٍ قَالَ : سَمِعْتُ سَعِيدَ بْنَ جُبَيْرٍ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ مَا يُرِيدُ أَنْ يُفْطِرَ مِنْهُ ، وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ مَا يُرِيدُ أَنْ  يَصُومَ مِنْهُ ، وَمَا صَامَ شَهْرًا كَامِلاَ مُنْذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ إِلَّا رَمَضَانَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي، نبي ڪريم جن روزا لاڳيتا رکندا هئا تانجو سمجهندا هئاسون ته (ان مهيني ۾) افطار جو ارادو ڪونه اٿن ۽ وري جي پاڻ سڳورا روزا نه رکندا هئا ته ڀائيندا هئاسون ته سندن روزن رکڻ جو ارادو نه آهي، جڏهن پاڻ سڳورا مديني شريف ۾ آيا تڏهن کان وٺي رمضان کان سواءِ ٻيو ڪوبه سڄو مهينو روزا ڪونه رکيائون.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هي معمول متعدد يعني ڪيترن ئي روايتن ۾ گذري چڪو آهي.

مسلسل روزا رکڻ ۽ مسلسل نه رکڻ ۾ حڪمتون: ان معمول جا ٻه سبب آهن. (1) پهريون هي ته روزو حقيقت ۾ هڪ ترياق آهي ۽ گهڻا وقت روحاني ترقي ۽ ٻين وقتي مصلحتن جي پيش نظر بطور دوا جي به رکيو ويندو آهي. اهڙي صورت ۾ دوا جي عام اصول موافق گهڻو ڪري ان جي مسلسل استعمال ڪرڻ جي حاجت هوندي آهي ۽ گهڻا وقت نه هوندي آهي جيڪڏهن معمولي ضرورت به هوندي آهي ته ٻين وقتي عوارض جي ڪري دوا جو ڇڏڻ ضروري هوندو آهي. اها ڳالهه طبيبن وٽ چڱي طرح معروف آهي۽ نبي ڪريم کان وڌيڪ روحانيت جو طبيب ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ان جي ڪري حبيب آقا جن وقتي مصلحتن جي لحاظ سان گهڻا وقت مسلسل روزا رکندا هئا ۽ گهڻا وقت مسلسل روزا نه رکندا هئا. امت جي لاءِ به جيڪي حضرات روحاني طبيب آهن اهي روحاني مصلحتن جي پيش نظر روزا رکڻ ۽ نه رکڻ جا وقت متعين ڪري سگهن ٿا. روحانيت جي طالب جي مزاج ۽ ڪيفيت کي ڏسي ڪري ان کي روزن رکڻ ۽ نه رکڻ جو حڪم ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪو شخص پاڻ روحاني طبيب ناهي اهو ڪنهن روحاني طبيب جي زير نظر رهي روحانيت ۾ ترقي حاصل ڪري. (2) ٻيو سبب هي آهي ته : نبي ڪريم جا ڪجهه خصوصي معمولات هئا. مثال طور هر سومر ۽ هر خميس جو روزو رکڻ، هر مهيني ۾ تيرهين، چوڏهين ۽ پندرهين تاريخن جا روزا رکڻ، محرم جي پهرين ڏهن تاريخن جو ۽ ذوالحجھ جي پهرين تاريخن جا روزا رکڻ وغيره وغيره ۽ اهي معمولات گهڻو ڪري سفر وغيره عوارض جي ڪري رهجي به ويندا هئا. ان جي ڪري انهن عوارض جي دور ٿيڻ جي ڪري انهيءَ رهيل معمولات کي بطور قضا ۽ تلافيء جي جيترا معمول روزا رهجي ويندا هئا انهن کي شروع ڪندا هئا ۽ ان تي دوام ۽ هميشگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اهي رکڻ جي ڪري مسلسل روزن رکڻ جي نوبت اچي ويندي هئي.اَللّٰهُمَّ صَلِّ وَسلِّم عَلَيۡهِ وَارۡزُقَنا اِتَّبَاعَهٖ“ .

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه بنحوه، البخاري في کتاب الصيام باب 53 ما يذکر من صوم النبي و افطاره رقم الحديث 1971 ج 4 ص 215 {2} مسلم في کتاب الصيام باب 34 صيام النبي في غير رمضان رقم الحديث 1157 ج 2 ص 811 {3} النسائي في کتاب الصيام باب 67 صوم النبي ج 4 ص 199 {4} احمد في المسند ج 1 ص 227 {5} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2626 ص 342 {6} الدارمي في کتاب الصيام باب 36 في صيام النبي رقم الحديث 1743 ج 2 ص 30.

{302} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ مَهْدِيٍّ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ مَنْصُورٍ ، عَنْ سَالِمِ بْنِ أَبِي الْجَعْدِ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ إِلاَ شَعْبَانَ وَرَمَضَانَ. قَالَ أَبُو عِيسٰى : هَذَا إِسنَادٌ صَحِيحٌ وَهَكَذَا قَالَ : عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ.وَرَوَى هَذَا الْحَدِيثَ غَيْرُ وَاحِدٍ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، وَيُحْتَمَلُ أَنْ يَكُونَ أَبُو سَلَمَةَ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَدْ رَوَى الْحَدِيثَ ، عَنْ عَائِشَةَ وَأُمِّ سَلَمَةَ جَمِيعًا ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ام سلمھ g کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم جن کي شعبان ۽ رمضان کان سواءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکندي ڪونه ڏٺو، يعني شعبان جي مهيني ۾ اڪثر ۽ رمضان جي مهيني ۾ مڪمل روزا رکندا هئا.

مفردات جو شرح: ” شَهْرَيْنِ ٻه مهينا. مُتَتَابِعَيْنِ لاڳيتا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ام المؤمنين سيده ام سلمھ g جو ارشاد آهي ته شعبان ۽ رمضان کان سواءِ مون رسول الله جن کي ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکندي نه ڏٺو.“ يعني شعبان ۽ رمضان جا روزا ٻه مهينا رکندا هئا باقي ڏهن مهينن ۾ ائين نه ڪندا هئا. ۽ جڏهن گذريل حديثن ۾ آيو آهي ته پاڻ رمضان شريف مهيني کان سواءِ ڪڏهن به ٻه مهينا مسلسل روزا نه رکندا هئا ته محدثين ڪرام انهن حديثن ۾ ڪيترين وجوهات سان تطبيق ڏني آهي. (1) هڪ هي ته ڪنهن وقت ام المؤمنين ام سلمه g جي موجودگيءَ ۾ مڪمل شعبان مهيني جا روزا رکيا هوندائون جنهن جي خبر ڪنهن ٻئي کي نه پئي هجي. (2) ته شعبان مهيني ۾ اڪثر ڪري روزي سان هجن ۽ ام المؤمنين g مبالغي طور چيو هجي ته گويا شعبان مهينو سڄو روزا رکندا هئا. (انوارِ غوثيھ ص 387) علامه علي القاري  لکيو آهي ته هن روايت جو راوي ابي سلمة حضرت عبدالرحمان بن عوف d (جنت جي بشارت ڏنل ڏهن مان هڪ) جو پٽ هو. ۽ شعبان کي شعبان ان جي ڪري سڏيو ويو آهي جو ان ۾ عرب پاڻيءَ جي تلاش ۾ ٽڙي پکڙجي ويندا هئا ۽ هي قول وڌيڪ قوي آهي ۽ ٻيا قول به آندا ويا آهن، ۽ هتي شعبان سڄي مهيني مان مراد ان جو اڪثر حصو آهي ۽ اهو مجاز آهي پر گهٽ استعمال ٿيل آهي ۽ طيبي  فرمايو ته : پاڻ ڪڏهن سڄو شعبان مهينو روزا رکندا هئا ته ڪڏهن سڄو مهينو روزا نه رکندا هئا ٿورا روزا رکندا هئا. ته متان فرض ٿي وڃي. (جمع الوسائل ج 2 ص 97) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : حضرت سيده عائشه ۽ حضرت ابنِ عباس f جي روايتن ۾ جيڪا سڄو شعبان مهينو روزا رکڻ جي نفي آئي آهي ان مان مراد عادت بنائڻ جي نفي آهي ته حضور ڪريم جن جي عادت ڪريمه رمضان شريف کان سواءِ ڪنهن به سڄي مهيني روزي رکڻ جي نه هئي، اتفاق سان ڪو سڄو مهينو روزا رکڻ ان جي منافي ناهي. ان جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن سال ۾ ڪنهن عارض جي ڪري حضرت حبيب ڪريم جن سڄو شعبان مهينو روزا رکيا هجن ۽ جڏهن ته اهو هميشه جو معمول نه هو ان جي ڪري سيده عائشه صديقه g وغيرها ان جو ذڪر نه ڪيو آهي۽ جڏهن ته سڄو مهينو روزا رکيا هيائون ته سيده ام سلمه g ان جو ذڪر ڪيو آهي ان جي ڪري ان ۾ ڪوبه مشڪل ناهي. ۽ هي به ممڪن آهي ته حضرت نبي ڪريم جن ابتداء ۾شعبان سڄو مهينو روزا رکيا هجن ۽ پوءِ ضعف جي ڪري انهن ۾ ٿورائي ڪئي هجين. ان جي ڪري ڪنهن آخري فعل بيان ڪيو جو ان اڪثر اهو ڏٺو هو ۽ ڪنهن ان خيال سان ته سندن اصل معمول سڄو شعبان مهينو روزا رکڻ هو سڄي مهيني جو ذڪر ڪيو. بعض وري ان جي برعڪس بيان ڪيو. جيئن روايات جي ظاهر مان معلوم ٿي رهيو آهي ته اول ۾ مهيني جو اڪثر حصو روزو رکندا هئا پوءِ سڄو شعبان جو مهينو روزا رکڻ لڳا هئا.                              (خصائل نبوي ص 253)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الصوم باب 32 ذڪر حديث ابي سلمة في ذالک ج 4 ص 150 {2} ابنِ ماجھ في کتاب الصيام باب 4 ماجاء في وصال  شعبان برمضان رقم الحديث 1648 {3} احمد في المسند ج 6 ص 300 {4} الدارمي في کتاب الصيام باب 33 وصال شعبان برمضان رقم الحديث 1739 ج 2 ص 29 {5} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 1603 ص 224   {6} الطحاوي في شرح المعاني ج 2 ص 82 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1720 ج 6 ص 237.

{303}  حَدَّثَنَا هَنَّادٌ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ عَمْرٍو قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو سَلَمَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لَمْ أَرَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْ صِيَامِهِ لِلَّهِ فِي شَعْبَانَ ، كَانَ يَصُومُ شَعْبَانَ إِلَّا قَلِيلاً بَلْ كَانَ يَصُومُهُ كَلَّهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته مون رسول الله کي ڪنهن ٻئي مهيني ۾ شعبان کان وڌيڪ روزا رکندي ڪونه ڏٺو. ٿورن ڏينهن کان سواءِ سڄو شعبان جو مهينو روزا رکندا هئا. بلڪه سڄو مهينو روزا رکندا هئا.

مفردات جو شرح: ”لَمْ أَرَ مون نه ڏٺو، مون کي ڏسڻ ۾ نه آيو. كَانَ يَصُومُ روزو رکندا هئا. بَلۡ علامه ابن حجر  فرمايو ته هي ”بل“ اضراب جي لاءِ آهي. اڳئين ڪلام ۾ جيڪو احتمال هو ان کي دور ڪرڻ جي لاءِ آيل آهي ته ڪڏهن سڄو شعبان روزا رکندا هئا.

سمجهاڻي: مطلب ته سال جي يارهن مهينن ۾ ٿورا روزا رکندا هئا پاڻ شعبان ۾ گهڻا روزا رکندا هئا بلڪه (ڪڏهن ته) سڄو مهينو شعبان روزا رکندا هئا. يعني اڪثر مهينو روزا رکندا هئا. ”للاکثرحکم الکل“ گهڻي شيءِ جي لاءِ ڪُل جو حڪم آهي ان جي ڪري هتي هن روايت ۾ پويون جملو پهرئين جو تفسير ۽ بيان آهي. شعبان عزت ۽ عظمت وارو مهينو آهي، هن مهيني جي لاءِ حضرت حبيب ڪريم ارشاد فرمايو ته ”هي منهنجو مهينو آهي“ (شَعۡبَانُ شَهۡرِي) (انوارِ غوثيھ ص 388) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : اڳئين روايت ۽ هن روايت ۾ حديثن جي سندن ۾ اختلاف آهي. اڳئين حديث ابي سلمه. سيده ام سلمھ g کان ۽ هيءَ ان ئي ابي سلمه g سيده عائشھ صديقھ g کان روايت ڪئي آهي ۽ مصنف انهن ٻنهي ۾ اختلاف کي هن طرح دفع ڪيو آهي ته : ابو سلمه ڪڏهن ام سلمه کان روايت ڪندو هو ته ڪڏهن عائشھ g کان روايت ڪندو هو ۽ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g جي روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ”پاڻ شعبان مهيني ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي ڏينهن روزا نه رکندا هئا سو به ان جي ڪري ته متان شعبان مهينو سڄو فرض ٿي وڃي

شعبان ۾ نفلي روزن کي ترجيح ڏيڻ جو سبب: حضور ڪريم جن شعبان کي محرم مهيني تي ترجيح ڏني حالانڪه ان ۾ روزو رمضان کان پوءِ افضل آهي. جيئن مسلم ۾ حديث شريف آهي اَفۡضَلُ الصِّيَامِ بَعۡدَ رَمَضَانَ صَوۡمُ شَهۡرِ اللهِ الۡمُحَرَّمِ (رمضان جي روزن کان پوءِ الله جي مهيني محرم جو روزو ڀلو آهي) ان جا هي سبب آهن: هڪ يا ته محرم ۾ گهڻن روزن رکڻ کان کين ڪو عذر مانع رهيو هوندو، جيئن بيماري يا سفر وغيره ۾ ٻيو ته شعبان ۾ هڪ اهڙي خصوصيت آهي جيڪا محرم ۾ ناهي ۽ اها هي آهي ته پندرهين تاريخ شعبان جي رات آهي جنهن ۾ سال جا اعمال لکيا وڃن ٿا ٽيون ته محرم جي شاندار هجڻ جو حڪم سندن ظاهري عمر مبارڪ جي آخر ۾ مليو هوندو. ۽ پاڻ اهو سڄو مهينو يا اڪثر مهينو روزو نه رکيو هوندائون. (المواهب ص 506) (1) طبراني حضرت ام المؤمنين عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ”هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن روزا رکندا هئا.“ (2) حضرت حبيب ڪريم جن کان عرض ڪري پڇيو ويو ته اَيُّ الصَّوۡمُ اَفۡضَلُ بَعۡدَ رَمَضَانَ؟ قالشَعۡبَانُرمضان کان پوءِ ڪهڙو روزو افضل آهي؟ فرمايائون ته ”شعبان“ (جا روزا ڀلا آهن) (3) حضرت اسامه d کان روايت آهي ته مون حضور ڪريم کان عرض ڪري پڇيو ويو ته لَمۡ اَرَکَ تَصُوۡمُ شَهۡرًا مِّنَ الشُّهُوۡرِ مَا تَصُوۡمُ شَعۡبَانَ قَالَ ذالِکَ شَهۡرُ يَغۡفُلُ النَّاسُ عَنۡهُ بَيۡنَ رَجَبَ وَ رَمَضَانَ وَهُوَ شَهۡرُٗ تَرۡفَعُ فِيۡهِ الۡاَعۡمَالُ اِلٰي رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ فَاُحِبُّ اَنۡ يُرۡفَع عَمَلِي وَ اَنَا صَائمُٗ .“ (مون اوهان کي مهينن مان ڪنهن به مهيني ۾ ايترا (نفلي) روزا رکندي نه ڏٺو آهي جيترا روزا شعبان ۾ رکو ٿا؟ پاڻ فرمايائون ته ”اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو غافل آهن رجب ۽ رمضان جي وچ تي آهي ۽ اهو مهينو آهي جنهن ۾ رب العالمين ڏانهن اعمال کنيا وڃن ٿا پوءِ مان به پسند ڪيان ٿو ته منهنجا اعمال ان حال ۾ کنيا وڃن جو آءُ روزيدار هجان.) (4) سنن ابي داؤد ۾ روايت ٿيل آهي ته رسول ڪريم، رؤف رحيم جن ارشاد فرمايو: نُدِبَ اِليَّ الصَّوۡمُ مِنَ الاشۡهُرِ الۡحُرۡمِ“ (مون کي عزت وارن مهينن ۾ روزو رکڻ پيارو آهي) (5) ابي قلابه d کان روايت آهي ته اِنَّ فِيۡ الۡجَنَّةِ قَصَرًالِصَوَّامِ رَجَّبَ رجب مهيني ۾ روزو رکندڙن جي لاءِ جنت ۾ محل آهي. بيهقي  چيو ته ”ابي قلابه d  وڏن تابعن مان آهي اها ڳالهه ان وٽ صحيح طريقي سان پهچڻ کان سواءِ اُنَ نه چئي هوندي. (6) سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ان فرمايو ته ”مون رسول الله جن کي عرض ڪري پڇيو ته ”مان اوهان کي شعبان ۾ ايترا گهڻا روزا رکندي ڏسان ٿي جيترا ٻين مهينن ۾ نه ٿا رکو؟ پاڻ فرمايائون ته ”اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو غافل آهن رجب ۽ رمضان جي وچ تي آهي اهو اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ رب العالمين ڏانهن اعمال کنيا وڃن ٿا پوءِ مان هيءَ ڳالهه پسند ٿو ڪيان ته منهنجو عمل ان حال ۾ مٿي کنيو وڃي جو مان روزيدار هجان.“ (7) ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن کان مون عرض ڪري پڇيو ته اوهان کي شعبان ۾ گهڻا روزا رکندي ڏسان ٿي؟ پاڻ ارشاد فرمايائون ته ”بلاشڪ هن مهيني ۾ ملڪ الموت کي انهن ماڻهن جا نالا ڏنا وڃن ٿا جن جو ان کي روح قبض ڪرڻو هوندو آهي، مان به پسند ڪيان ٿو ته منهنجو نالو ان کي ان حال ۾ ڏنو وڃي جو مان روزيدار هجان. (8) ابو داؤد ۾ روايت آهي ته : رسول الله جن نائين ذوالحج جي ڏينهن جو روزو رکندا هئا. (9) بخاري شريف ۾ روايت آهي ته ”رسول الله جن ارشاد فرمايو:مَا مِن اَيَّامِ الۡعَمَلُ الصَّالِحُ فِيۡهَا اَفۡضَلُ مِنۡهُ فِيۡ هٰذهٖ.“ (ڏينهن مان ڪوبه ڏينهن ناهي جنهن ۾ صالح عمل هنن (ذوالحج جي پهرين ڏينهن) کان وڌيڪ ڀلو هجي. هڪ روايت م آيو آهي ته مَا مِنۡ عَمَلِ اَزۡکٰي عِنۡدَاللهِ وَلَا اَعۡظَمَ اَجۡرًا مِنۡ خَيۡرِ يَّعۡمَلُهُ ِفي عَشَرِ الۡاُضۡحٰي (ڪوبه عمل الله وٽ وڌيڪ صاف ۽ اجر ۾ وڏو ان خير کان ناهي جيڪو اضحى جي ڏهاڪي ۾ ڪيو ويندو آهي. (رواه الدارمي في الصيام ج 2 ص 26، والبيهقي في شعب الايمان ص 3752) (11) ۽ صحيح ابن عوانه ۽ ابن حبان ۾ روايت آهي ته مَا مِنۡ اَيَّامِ اَفۡضَلُ عِنۡدَاللهِ مِنۡ اَيَّامِ عَشرِ ذِي الۡحَجَّةِ (ڪي به ڏينهن الله وٽ ذي الحج جي ڏهن ڏينهن کان ڀلا ناهن) علامه ابن حجر مڪي هيتمي  هن روايت جو شرح ڪندي لکيو آهي ته ”اهي ڏينهن ذوالحج جي نائين تاريخ جي هجڻ جي ڪري افضل آهن، ڇوته ان ڏينهن ۾ شيطان وڌ کان وڌ حقير ذليل ۽ خوار هوندو آهي ۽ ان نائين تاريخ جي ڏينهن جو روزو سٺ سالن جا گناهه ميٽيندو آهي ۽ ان ڏهاڪي ۾ الله وٽ اعظم ۽ عزت وارو ڏهين تاريخ قرباني جو ڏينهن به آهي جنهن کي قرآن ڪريم ۾ ”الحج الاکبر“ سڏيو ويو آهي ۽ رمضان شريف جي پوئين ڏهاڪي جون راتيون وري ذي الحج جي ڏهن راتين کان ڀليون آهن ڇوته انهن ۾ ليلة القدر آهي جيڪا هزار مهينن جي عبادت کان ڀلي آهي. علامه موصوف اهي حقيقتون لکڻ کان پوءِ لکيو آهي ته : علم جي امامن جو ڪلام ان ڳالهه تي صريح آهي ته رمضان شريف جي پوئين ڏهاڪي جا ڏينهن به ذوالحج جي ڏهن ڏينهن کان ڀلا آهن ڇوته رمضان مهينو مهينن جو سردار آهي جيئن حديث شريف ۾ آيو آهي ۽ الله ان کي ان غرض جي لاءِ اختيار ڪيو آهي جنهن جي نسبت پاڻ ڏانهن ڪئي اٿس. بنسبت ٻين عبادتن جي. ان جي ڪري روزو حج کان به افضل آهي. (اشرف الوسائل ص 425) علامه علي القاري  هڪ سهڻي حديث به آندي آهي ”رسول الله جن ارشاد فرمايورَجَبُ شَهۡرُ اللهِ وَ شَعۡبَانُ شَهۡرِيۡ وَرَمَضَانُ شَهۡرُ اُمَّتِيۡ (رجب الله جو مهينو آهي ۽ شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي. (رواه الديلمي عن انس) علامه مناوي  هن حديث جو شرح ڪندي لکيو آهي ته ”ڪن جو چوڻ ته حضور ڪريم جن پنهنجي عمر مبارڪ جي آخر ۾ ضعف ۽ عمر جي وڏي هجڻ جي ڪري (سڄو شعبان نه) پر ان جو اڪثر حصو روزا رکندا هئا.“ اهو نبي ڪريم جي شان جي لائق ناهي ڇوته پاڻ ڪريم جن هميشه ڪمالات جي معارج تي ترقي ڪندڙ هئا. عبادات ۾ ضعف ۽ فتور کان محفوظ هئا. ۽ هونئن به سٺ سال جي عمر ۾ ماڻهو روزي رکڻ کان ضعيف نه هوندو آهي جيئن ڏٺل ۽ محسوس ٿيل آهي بلڪه نفس الله جي رضا حاصل ڪرڻ وارو مهذب هوندو آهي ان جي شهوت جي تيزي گهٽبي آهي ۽ لذات جي موافقت واري خواهش ڪمزور ٿيندي آهي پنهنجي خواهشات تي ڪنٽرول ڪندو آهي طعام ۽ پاڻي ۽ گهرواريءَ سان جماع ۾ گهٽتائي ڪندو آهي. جڏهن عام جي ڪيفيت هيءَ آهي ته ان عالي همٿ، قدسي نفحات سان تائيد ڪيل، رباني مدد سان مضبوط رهندڙ، ڪمزوري ۽ سستي کان مامون. الاهي وصال جي انعام سان مخصوص غير جي خيالات کان بچايل ذات جيڪو اسان مان ڪنهن هڪ جهڙو ناهي بلڪه رات جو پنهنجي رب وٽ هوندو آهي اهو ئي ان کي کارائيندو ۽ پياريندو آهي، ان جي لاءِ ڪيئن چيو ٿو وڃي ته وڏي عمر هجڻ جي ڪري روزا ٿورا ٿي رکيائون، هيءَ عجيب سوچ آهي.

                                                 (شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 2 ص 99)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الصيام من سننھ الکبرى باب 74 صيام شعبان {2} احمد في المسند ج 6 ص 143 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1777 ج 6 ص 328 }4{ البخاري في کتاب الصوم باب 52 صوم شعبان رقم الحديث 1970 ج 4 ص 213 }5{ مسلم في کتاب الصيام باب 34  صيام النبي في غير رمضان رقم الحديث 782 ج 2 ص 811 }6{ الطحاوي في شرح المعاني ج 2 ص 83{7} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2078 ج 3 ص 282.

{304} حَدَّثَنَا الْقَاسِمُ بْنُ دِينَارٍ الْكُوفِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ مُوسٰى ، وَطَلْقُ بْنُ غَنَّامٍ ، عَنْ شَيْبَانَ ، عَنْ عَاصِمٍ ، عَنْ زِرِّ بْنُ حُبَيْشٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ مِنْ غُرَّةِ كُلِّ شَهْرٍ ثَلاَثَةَ أَيَامٍ وَقَلَّمَا كَانَ يُفْطِرُ يَوْمَ الْجُمُعَةِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن مسعود d کان روايت آهي ته رسول الله جن هر مهيني جي پهرين تاريخ کان ٽي روزا رکندا هئا. ۽ جمعي جي ڏينهن تمام ٿورو روزو ڇڏيندا هئا.

مفردات جو شرح: غُرَّةُ مهيني جو پهريون ڏينهن. قَلَّ گهڻو گهٽ، تمام ٿورو.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ارشاد آهي ته حبيب ڪريم جن هر مهيني جي ابتدا ۾ ٽي روزا رکندا هئا. علامه البيجوري  لکيو آهي ته ”هن روايت ۾ مذڪور عبدالله مان مراد حضرت عبدالله بن مسعود d آهي ڇوته حديث جي روايت ۾ جتي ”عبدالله“ مطلق ايندو اتي اهو ئي مراد هوندو آهي ۽ هر مهيني جي ”غره“ مان مراد مهيني جو پهريون حصو آهي. ”اول الشهر“ ۽ ”ثلاثة ايام“ مان مراد آهي ته مهيني جي شروعات ٽن روزن سان ڪندا هئا ڇوته هڪ نيڪي ڏهن جي برابر آهي ته ٽن ڏينهن جا روزا مهيني جي برابر ٿي ويا. حديث شريف ۾ وارد آهي ته صَوۡمُ ثَلَاثَةِ اَيَّامِ مِّنۡ کُلِّ شَهۡرِ صَوۡمُ الدَّهۡرِ هر مهيني  مان ٽن ڏينهن جو روزو سڄي زماني (يعني زندگيءَ) جو روزو آهي. وَقَلَّمَا کَانَ يُفۡطِرُ يَوۡمَ الۡجُمُعَةِ ۽ جمعي جي ڏينهن گهٽ روزو نه رکندا هئا. بلڪه ان ڏينهن جو گهڻو ڪري روزو رکندا هئا. پر ان سان ڏينهن اڳيان يا پويان روزي سان ملائيندا هئا. ڇوته صرف جمعھ جو ڏينهن روزو رکڻ مڪروهه آهي ڇوته ان ۾ ٻيا ڪيترا وظائف آهن ۽ روزي رکڻ جي ڪري انسان ڪمزور ٿيڻ جي ڪري اهي ادا ڪري نه سگهندو. (المواهب ص 506، 507) علامه علي القاري  لکيو آهي ته حديث جي لفظن ”جمعي جي ڏينهن جو روزو گهٽ ڇڏيندا هئا.“ ۾ امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ  جو دليل آهي ڇوته انهن ٻنهي جو مذهب آهي ته جمعي جي ڏينهن (اڪيلي جو) به روزو رکڻ سهڻو آهي. امام مالڪ  المؤطا ۾ فرمايو آهي ته ”مون ڪنهن به اهل علم ۽ فقھ کان جن جي اقتداء ڪئي وڃي نه ٻڌو آهي جو جمعي جي ڏينهن روزي رکڻ کان جهليندو هجي ۽ جمعي جي ڏينهن جو روزو رکڻ سهڻو عمل آهي ۽ مون بعض اهلِ علم کي ڏٺو آهي ته جمعي جي ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ ان جي تلاش ۾ هوندا هئا.                                                             (جمع الوسائل ج 2 ص 100)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصوم باب 68 في صوم الثلاثة من کل شهر رقم الحديث 2450 ج 2 ص 328 {1} النسائي في کتاب الصيام باب 67 صوم النبي ج 4 ص 204 {1} ابنِ ماجھ في ڪتاب الصيام باب 37 في صيام الجمعة رقم الحديث 1725 {1} احمد في المسند ج 1 ص 406 {1} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2129 ج 3 ص 303.

{305} حَدَّثَنَا أَبُو حَفْصٍ عَمْرُو بْنُ عَلِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ دَاوُدَ ، عَــــنْ ثَوْرِ بْنِ يَزِيدَ ، عَنْ خَالِدِ بْنِ مَعْدَانَ ، عَنْ رَبِيعَةَ الْجُرَشِيِّ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَتَحَرَّى صَوْمَ الِاثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشه g کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن سومر ۽ خميس جو ڏينهن روزي لاءِ جاچيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”يَتَحَرَّى ارادو ٿي ڪيائين، تحري کان ورتل، قصد فرمائيندا هئا.  

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آهي ته نبي ڪريم جن سومر جي ڏينهن ۽ خميس جي ڏينهن روزو رکندا هئا.

سومر جي ڏينهن روزي رکڻ جو سبب: سومر جي ڏينهن روزو رکڻ جي متعلق کانئن عرض ڪري پڇيو ويو هو ته پاڻ فرمايو هيائون ته ”ان ڏينهن ۾ منهنجي ولادت ٿي آهي ۽ ان ڏينهن ۾ مون تي وحي جو نزول ٿيو هو ان جي ڪري مان پسند ٿو ڪيان ته ان ڏينهن ۾ روزو رکان.“ حضور ڪريم جن سان محبت رکڻ  جي تقاضا اها آهي ته سومر جي ڏينهن روزو رکجي ۽ اولياءِ ڪرام جو اهو معمول رهيو آهي ۽ انهن ڏينهن کي روزي جي لاءِ ان جي ڪري به ترجيح ڏني وئي جو ان ۾ اعمال مٿي کنيا ويندا آهن. علامه علي القاري هيءَ حديث آندي آهي ته رسول الله جن کي عرض ڪيو ويو ته يَا رَسُوۡلَ اللهِ ! اِنَّکَ تَصُوۡمُ يَوۡمَ الۡاِثۡنَيۡنِ وَالۡخَمِيۡسِ؟ فَقَالَ اِنَّ يَوۡمَ الۡاِثۡنَيۡنِ وَالۡخَمِيۡسِ يَغۡفِرُاللهُ فِيۡهِمَا لِکُلِّ مُسۡلِمِ اِلَّا ذَا هَاجِرِيۡنَ يَقُوۡلُ دَعۡهُمَا حَتّٰي يَصۡطَلِحَا. (رواه احمد) (يعني اي الله جا رسول! اوهان سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو رکو ٿا؟ پوءِ پاڻ فرمايائون ته ”الله انهن ٻنهي ڏينهن ۾ هر مسلمان کي بخش ٿو فرمائي مگر هڪٻئي سان نه ڳالهائيندڙن ٻن کي نه ٿو بخشي فرمائي ٿو ته انهن کي ڇڏي ڏي تانجو پاڻ ۾ صلح ڪن. (جمع الوسائل ص 101)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الصيام باب 34 ج 4 ص 153 {2} ابنِ ماجھ في کتاب الصيام باب 4 ماجاء في وصال شعبان برمضان رقم الحديث 1649 {3} احمد في المسند ج 6 ص 89 {4} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2116 ج 3 ص 298.

{306} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَحْيٰى قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَاصِمٍ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ رِفَاعَةَ ، عَنْ سُهَيْلِ بْنِ أَبِي صَالِحٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : تُعْرَضُ الأَعْمَالُ يَوْمَ الِاثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ فَأُحِبُّ أَنْ يُعْرَضَ عَمَلِي وَأَنَا صَائِمٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن ارشاد فرمايو ته ”سومر ۽ خميس ڏينهن (الله جي درٻار ۾) عمل پيش ٿين ٿا، تنهن جي ڪري مان به چاهيان ٿو ته منهنجا اعمال ان حال ۾ پيش ڪيا وڃن جو مان روزيدار هجان.“

مفردات جو شرح: ”تُعْرَضُ پيش ڪيا وڃن ٿا، حاضر ڪيا وڃن ٿا. وَأَنَا صَائِمٌ هي فاحب ۾ احب واحد متڪلم جي صيغي ۾ مستتر ضمير ”انا“ کان حال آهي. ۽ ”فاحب“ ۾ فاء سببيت جي آهي يعني سابق ، لاحق جي لاءِ سبب آهي، يعني منهنجي ان ڏينهن ۾ روزي سان محبت ان جي ڪري آهي جو انهن ۾ الله وٽ اعمال پيش ڪيا وڃن ٿا.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ آهي ته ”سومر ۽ خميس جي ڏينهن اعمال پيش ڪيا ويندا آهن“ البيجوري  لکيو آهي ته ”الله جي اڳيان پيش ڪيا ويندا آهن ۽ هڪ روايت ۾ عَلٰي رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ رب العالمين جي اڳيان پيش ڪيا ويندا آهن ۽ عملن جو اهو پيش ڪرڻ اجمالي هوندو آهي ڇوته هڪ روايت ۾ هر روز عمل پيش ڪرڻ جو به ذڪر آيل آهي. جيئن مسلم شريف ۾ آهي يُرفَعُ اِلَيهِ عَمَلُ الَّليلِ قَبۡلَ عَمَلِ النَّهَار وَ عَمَلِ النَّهارِ قَبۡلَ عَملِ الَّليلِ ان جي بارگاهه۾ ڏينهن جي عمل کان پهريان رات جو عمل کنيو ويندو آهي ۽ رات جي عمل کان پهريان ڏينهن جو عمل کنيو ويندو آهي ۽ اهو پيش ڪرڻ پندرهين شعبان رات واري پيشگي ۽ شب قدر ۾ پيشگي جي خلاف ناهي ڇوته انهن راتين ۾ سال جا اعمال پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ هي هفتيوار پيش ڪيا وڃن ٿا.

اعمال پيش ڪرڻ جا قسم: اعمال پيش ڪرڻ جا ٽي قسم آهن. (1) هڪ روزانو ڏينهن ۽ رات جو (2) ٻيو هفتي ۾ (3) ٽيون سال ۾. ۽ ان پيش ڪرڻ جي حڪمت هي آهي جو الله پنهنجي اطاعت ڪندڙن ٻانهن سان ملائڪن تي فخر ڪندو آهي نه ته اهو اعمال جي پيش ڪرڻ کان غني آهي ڇوته اهو ملائڪن کان وڌيڪ علم رکندڙ آهي. (المواهب ص 508) الله جڏهن انسان کي پيدا ٿي ڪيو ته فرشتن ڀلارن عرض ڪيو هو ته اهڙا انسان ڇو ٿو پيدا ڪرين جيڪي قتل ۽ فساد ڪندا.؟ انهن جي اڳيان نيڪن صالحن جي اعمال کي پيش ڪري الله انهن جو شرف ۽ شان ظاهر ڪندو آهي. (خصائل نبوي ص 257) ۽ عملن جي پيش ڪرڻ کان سواءِ سندن روزي رکڻ جو ٻيو سبب ٿي سگهي ٿو ۽ هي ان جي منافي ناهي. جيئن مسلم شريف ۾ حضرت ابي قتاده d کان روايت آهي ته رسول الله جن کان سومر جي ڏينهن روزي رکڻ جي متعلق عرض ڪري پڇيو ويو ته پاڻ فرمايائون ته : ”فِيۡھ وُلِدتُّ وَفِيۡهِ اُنۡزِلَ عَلَيَّ (ان ۾ منهنجي ولادت ٿي آهي ۽ ان ۾ مون تي وحي نازل ڪيو ويو.“ يعني قرآن شريف جي نازل ڪرڻ جي ابتداء ٿي. (جمع الوسائل ج 2 ص 102)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في کتاب الصيام باب 42 يوم الاثنين والخميس رقم الحديث 4017 {2}  احمد في المسند ج 2 ص 329 {3}  الدارمي في کتاب الصيام باب 41 في صيام يوم الاثنين والخميس رقم الحديث 1751 ج 2 ص 33 {4}  البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1798 ج 6 ص 353 {5}  مالڪ في الموطا کتاب حسن الخلق باب 4 ماجاء في المهاجرة رقم الحديث 17 ج 2 ص 908 {6} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2120 ج 3 ص 292.

{307} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ ، وَمُعَاوِيَةُ بْنُ هِشَامٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مَنْصُورٍ ، عَنْ خَيْثَمَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ السَّبْتَ وَالأَحَدَ وَالاَثْنَيْنَ، وَمِنَ الشَّهْرِ الآخَرِ الثُّلاَثَاءَ وَالأَرْبَعَاءَ وَالْخَمِيسَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن ڪنهن مهيني ۾ ڇنڇر، آچر ۽ سومر جو روزو رکندا هئا ۽ ڪنهن مهيني ۾ اڱاري، اربع ۽ خميس جو روزو رکندا هئا.

مفردات جو شرح: السَّبْتَ ڇنڇر جو ڏينهن. اَلأَحَدَ آچر جو ڏينهن. اَلِاَثْنَيْنَ“ سومر جو ڏينهن. الثُّلاَثَاءَ اڱاري جو ڏينهن اَلأَرْبَعَاءَ اربعاء جو ڏينهن.  اَلْخَمِيسَ خميس جو ڏينهن. اَلشَّهْرِ مهينو.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g حضرت نبي ڪريم جن  جي ان معمول کي بيان فرمايو آهي. پر ڏينهن کي مقرر ۽ مخصوص نه ڪيو آهي ڪڏهن هفتي جا پهريان ڏينهن ته ڪڏهن پويان ڏينهن روزن رکڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ سندن مقصد هو ته امت جي لاءِ ڪنهن قسم جي صعوبت ۽ تڪليف پيدا نه ٿئي. هن مان اندازو لڳايو ته پاڻ پنهنجي امت تي ڪيترا مهربان هئا. سندن ئي شان ۾ ته بِالۡمُؤۡمِنِيۡنَ رَؤفُ رَّحِيۡمَّ آيو آهي.

هفتي جي ڏينهن جي نالن جي معنيٰ: علامه علي القاري  لکيو آهي ته ” السبت“ جي معنى آهي ڪٽڻ، قطع ڪرڻ ۽ ان جو اهو نالو ان جي ڪري رکيو ويو جو ان ۾ خداوند ڪريم خلقڻ جو سلسلو منقطع ڪيو هو. الله آسمانن ۽ زمينن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، آچر جي ڏينهن سان شروعات ڪئي وئي ۽ جمعي جي ڏينهن تي حضرت آدم کي پيدا ڪرڻ  سان جيڪو علم ۾ اڳي ۽ وجود ۾ پوءِ هو، پورائي ڪئي وئي ۽ پر يهودين (الله انهن تي لعنت ڪري) جو قول ته الله ڇنڇر جي ڏينهن ٿڪ لاٿو، راحت ورتي. اهو مردود آهي. الله انهن جو رد ڪندي فرمايو وَ لَقَدْ خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیۡنَہُمَا فِیۡ سِتَّۃِ  اَیَّامٍ ٭ۖ وَّ مَا مَسَّنَا مِنۡ  لُّغُوۡبٍ ﴿۳۸ (سورة ق آيت 28) “(البت تحقيق اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ان کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اسان کي ڪابه ٿڪاوٽ نه ٿي) ۽ ان جي ڪري علماء جو اجماع آهي ته يهودين جهڙو ڪو پليد ناهي ۽ اهڙي طرح سندن تابع الله جي لاءِ جسم ثابت ڪندڙ به پليد آهن. ۽ الاحد (هڪ آچر جو ڏينهن) ان کي اهو نالو ان جي ڪري ڏنو ويو جو يا ته خلق جي پيدا ڪرڻ جي ان سان شروعات ڪئي وئي يا اهو هفتي جو پهريون ڏينهن آهي. ”الاثنين“ (سومر جو ڏينهن) خلقڻ جي لحاظ سان ٻيو ڏينهن. ”الثلاثة“ ٽيون ڏينهن اڱاري جو ڏينهن. ”الاربعاء“چوٿون ڏينهن ”الخميس“ پنجون ڏينهن ۽ هن روايت ۾ جمعي جي ڏينهن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي ڇوته اهو ٻين حديثن ۾ مذڪور آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته مذڪور نالا ترتيب جي لحاظ سان آهن باقي جمعي جو نالو جُمعَةُ ان جي ڪري رکيو ويو جو ان ۾ جهان جي خلقت جمع ٿي هئي.

                                    (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 102، اشرف الوسائل ص 434)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: هيءَ روايت شمائل جي صاحب جامع ترمذي ڪتاب الصوم باب 44 ماجاء في صوم يوم الاثنين والخميس حديث رقم 746 ج 3 ص 112 ۾ به آندي آهي ۽ وڌيڪ ان روايت جي راوين تي بحث ڪيو اٿس.

{308} حَدَّثَنَا أَبُو مُصْعَبٍ الْمَدِينِيُّ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، عَنْ أَبِي النَّضْرِ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْ صِيَامِهِ فِي شَعْبَانَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته رسول الله شعبان کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي مهيني ۾ روزا نه رکندا هئا.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: مطلب ته حضرت حبيب ڪريم جا نفلي روزا شعبان ۾ ٻين مهينن کان گهڻا هئا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الصوم باب 59 کيف کان يصوم النبي رقم الحديث 2434 ج 2 ص 234 {2} النسائي في کتاب الصيام باب 67 صوم النبي ج 4 ص 199، 200 {3} احمد في المسند ج 6 ص 107 {4} مالڪ في الموطا کتاب الصيام باب 22 جامع الصيام رقم الحديث 56 ج 1 ص 309 {5} البيهقي في سننھ ج 4 ص 292 {6} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 7861 ج 4 ص 293 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1776 ج 6 ص 328.

{309}  حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ يَزِيدَ الرِّشْكِ قَالَ : سَمِعْتُ مُعَاذَةَ ، قَالَتْ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ : أَكَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُ ثَلاَثَةَ أَيَّامٍ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ ؟ قَالَتْ : نَعَمْ. قُلْتُ : مِنْ أَيِّهِ كَانَ يَصُومُ؟ قَالَتْ : كَانَ لاَ يُبَالِي مِنْ أَيِّهِ صَامَ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : يَزِيدُ الرِّشْكُ هُوَ يَزِيدُ الضُّبَعِيُّ الْبَصْرِيُّ وَهُوَ ثِقَةٌ رَوَى عَنْهُ شُعْبَةُ ، وَعَبْدُ الْوَارِثِ بْنُ سَعِيدٍ ، وَحَمَّادُ بْنُ زَيْدٍ ، وَإِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ مِنَ الأَئِمَةِ ، وَهُوَ يَزِيدُ الْقَاسِمُ وَيُقَالُ : الْقَسَّامُ ، وَالرِّشْكُ بِلُغَةِ أَهْلِ الْبَصْرَةِ هُوَ الْقَسَّامُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت معاذة g کان روايت آهي ته مون حضرت عائشه صديقه g کان پڇيو ته نبي پاڪ جن هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن روزو رکندا هئا؟ بيبي سڳوريءَ چيو ته هائو. وري پڇيم ته ڪهڙن ڏينهن ۾ رکندا هئا؟ بيبي صاحبه ٻڌايو ته روزي رکڻ ۾ تاريخ مقرر ڪرڻ جي پرواهه نه ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هن روايت جي راويه معاذة ام المومنين سيده عائشه صديقه g کان هر مهيني ۾ حضرت حبيب ڪريم جن جي ٽن روزن رکڻ جو سوال ڪيو آهي. جنهن جي جواب ۾ سيده g فرمايو ته هائو! پر حضور ڪريم جن ان ڳالهه جي پرواهه نه رکندا هئا ته مهيني جي ڪهڙي حصي ۾ روزو رکن ٿا. پهرين ۾ يا وچين ۾ يا پوئين ۾.

نفلي روزن جي لاءِ ڏينهن مقرر نه ڪرڻ جو سبب: علماء فرمايو ته شايد حضور ڪريم جن ان جي ڪري اهي ڏينهن مقرر نه ڪيا ته متان اهي امت تي واجب ٿي وڃن. سنت جو اصل ڪهڙن به ٽن ڏينهن ۾ روزي رکڻ سان حاصل ٿي ٿو وڃي. افضل آهي ته تيرهين، چوڏهين، پندرهين تاريخن جا روزا رکجن ۽ احتياطي طور ٻارهين تاريخ جو روزو رکڻ به سنت آهي ۽ مون لاءِ ان جو سبب ظاهر نه ٿيو آهي ۽ مهيني جي شروعات ۾ به ٽي روزا رکڻ مستحب آهن ۽ اهڙي طرح مهيني جون آخري تاريخون 27، 28، 29 ۾ به روزا رکڻ مستحب آهن. ۽ ايام بيض جا روزا ته گهڻن صحابن ۽ تابعين رکيا آهن. نسائي حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ايامِ بيض وارا روزا سفر توڙي حضر ۾ نه ڇڏيندا هئا. (جمع الوسائل ج 2 ص 103) هن روايت کان پوءِ محدث ترمذي هن روايت جي راوي يزيد الرشڪ جو تعارف ۽ ان جو روايت ۾ ثقه هجڻ ثابت ڪيو آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي:  {1} رواه بنحوه مسلم في کتاب الصيام باب 36 استحباب صيام ثلاثة ايام من کل شهر وصوم يوم عرفة رقم الحديث 1160 ج 2 ص 818 {2} ابو داؤد في کتاب الصوم باب 70 من قال لايبالي من اي الشهر رقم الحديث 2453 ج 2 ص 328 {3} ابنِ ماجھ في کتاب الصيام باب 29 ماجاء في صيام ثلاثة ايام من کل شهر رقم الحديث 1709 {4} احمد في المسند ج 6 ص 145 {5} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2130 ج 3 ص 303 {6} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 1572 ص 220 {1} البيهقي في سننھ ج 4 ص 295.

{310}  حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ الْهَمْدَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ بْنُ سُلَيْمَانَ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ عَاشُورَاءُ يَوْمًا تَصُومُهُ قُرَيْشٌ فِي الْجَاهِلِيَّةِ ، وَكَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَصُومُهُ ، فَلَمَّا قَدِمَ الْمَدِينَةَ صَامَهُ وَأَمَرَ بِصِيَامِهِ ، فَلَمَّا افْتُرِضَ رَمَضَانُ كَانَ رَمَضَانُ هُوَ الْفَرِيضَةَ وَتُرِكَ عَاشُورَاءُ ، فَمَنْ شَاءَ صَامَهُ وَمَنْ شَاءَ تَرَكَهُ.

بامحاوره ترجمو: سيده عائشھ صديقھ g کان روايت آهي ته قريش (اسلام کان اڳ) جاهليت واري زماني ۾ عاشوري (ڏهين محرم) جو روزو رکندا هئا ۽ رسول الله به ان ڏينهن جو روزو رکندا هئا. پاڻ سڳورا جڏهن مديني ۾ آيا ته به عاشوري جو روزو رکيائون ۽ ٻين کي به روزي رکڻ جو حڪم ڪيائون. پر جڏهن رمضان شريف جا روزا فرض ٿيا ته رمضان فرض ٿيو ۽ عاشوري جو روزو ڇڏيو ويو. پوءِ جنهن کي وڻندو هو ته عاشوري جو نفلي روزو رکندو هو ۽ جنهن کي وڻندو هو ته ڇڏي ڏيندو هو.

مفردات جو شرح: ”اَلْجَاهِلِيَّةِ اسلام کان پهريون دور، زمانو. شَاءَ گهري، چاهي. اِفْتُرِضَ فرض ڪيو ويو. لازم قرار ڏنو ويو. عَاشُورَاءُ محرم جي ڏهين تاريخ جو ڏينهن.

سمجهاڻي: علامه البيجوري  لکيو آهي ته ”قريش جاهليت جي دور ۾ ڏهين محرم جي ڏينهن روزو رکندا هئا. اهو انهن کي اهلِ ڪتاب کان مليو هو ۽ قرطبي  فرمايو ته شايد انهن ان روزي کي حضرت ابراهيم يا حضرت نوح علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي شريعت کان ورتو هو.

ڏهين محرم جي ڏينهن جي ڀلائي: احاديث ۾ وارد آهي ته ”ڏهين تاريخ محرم جو ڏينهن اهو آهي جنهن ۾ حضرت نوح علٰي نبينا وعليهما الصلٰوة والسلام جي ٻيڙي جودي جبل تي لهي بيٺي هئي پوءِ حضرت نوح علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام الله جي شڪراني جي طور ان ڏينهن جو روزو رکيو هو ان جي ڪري قريشي ان ڏينهن ۾ بيت الله شريف تي غلاف چاڙهيندا هئا. ان ڏينهن جي تعظيم ڪندا هئا. ۽ ”المطامح“ ڪتاب ۾ حديث جي علم رکندڙ جماعت کان نقل ڪيل آهي ته : هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله فرعون ۽ ان جي لشڪر کي ٻوڙي حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي نجات ڏياري ۽ ان ۾ حضرت نوح علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي ٻيڙي جودي جبل تي لٿي  ۽ ان ۾ حضرت آدم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي توبهه قبول ڪئي وئي  ۽ ان ۾ حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي ولادت ٿي  ۽ ان ۾ حضرت يونس علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر آندو ويو ۽ ان ۾ ان جي قوم جي توبهه قبول ڪئي وئي. ۽ ان ۾ حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کوهه مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو ۽ حاصل ڪلام ته اهو وڏي شرف وارو ڏينهن آهي. تانجو جانور به ان ۾ روزا رکندا هئا يعني کائڻ کان رڪجي ويندا هئا ۽ مسلم شريف ۾ آهي ته ڏهين محرم جي ڏينهن جو روزو سال جا گناهه ميٽي ڇڏيندو آهي ۽ نائين ذوالحج جي ڏينهن جو روزو ٻن سالن جا گناهه ميٽي ڇڏيندو آهي.“ ۽ ان ۾ حڪمت اها آهي ته عاشوراء جو روزو اول موسوي آهي ۽ نائين ذوالحج جو روزو محمدي آهي۽ حديث ۾ وارد آهي ته ”جنهن ڏهين محرم جي ڏينهن پنهنجي عيال تي (دل جي) ڪشادگي سان خرچ ڪيو الله ان تي سڄو سال ڪشادگي ڪندو.“ ۽ هن روايت جون سنَدُون جيتوڻيڪ ضعيف آهن پر هڪڙين سان ٻين جي تقويت ٿي رهي آهي ۽ پر جيڪو (عوام ۾) خضاب ڪرڻ، تيل هڻڻ، سرمو پائڻ، اناج رڌل کارائڻ وغيره جو رواج آهي اهو ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون آهن. تانجو بعض چيو ته ان ڏينهن ۾ سرمو پائڻ بدعت آهي جنهن جي ابتداء (حضرت) حسين d جي قاتلن ڪئي آهي، پر علامه سيوطي  ”الجامع الصغير“ ۾ روايت آندي آهي تهمَنِ اکۡتَحَلَ بِالۡاِثۡمَدِ يَوۡمَ عَاشُوۡرَآء لَمۡ يَرۡمُدَ اَبَدًا (رواه البيهقي بسند ضعيف) (جنهن عاشوراء جي ڏينهن اثمد سرمو پاتو ان جي اک ڪڏهن به نه اٿندي) ۽ حضور ڪريم جن مڪه مڪرمه ۾ اهو روزو قريشن يا اهل ڪتاب سان موافقت يا الله جي طرفان الهام سان رکندا هئا. جڏهن مدينه منوره ۾ تشريف فرما ٿيا پاڻ ته روزو رکيائون پر ان ڏينهن جي روزي رکڻ جو امر به ڪيائون. هن حديث ۾ اختصار آهي. بخاري ۽ مسلم حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته ”بلاشڪ نبي ڪريم جن جڏهن مدينه منوره ۾ آيا ۽ يهودين کي ڏٺائون ته ”عاشوراء جو روزو پيا رکن پوءِ انهن کان ان جي متعلق پڇيائون. انهن چيو ته ”هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي ڇڏايو۽ فرعون ۽ ان جي قوم کي غرق ڪيو پوءِ ان اهو روزو شڪراني طور رکيو، اسين به اهو رکون ٿا.“ (اهو ٻڌي) رسول الله جن ارشاد فرمايو نَحۡنُ اَحَقُّ بِمُوۡسٰي مِنۡکُمۡ اسين اوهان کان موسى (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جا وڌيڪ حقدار آهيون.) پوءِ پاڻ به اهو روزو رکيائون ۽ ان جي روزي رکڻ جو امر به ڪيائون.“ پر پاڻ يهودين ڏانهن ان جي نسبت نه ڪيائون، احتمال آهي ته ان متعلق کين ڪو وحي آيو هجي يا سندن طرفان اجتهادي امر هجي“ اڳتي روايت ۾ آهي ته ”پوءِ جڏهن رمضان فرض ڪيو ويو ته اهو ئي فرض رهيو ۽ عاشوراء جي روزي جو وجوب منسوخ ٿي ويو يا ان جو جيڪو شديد تاڪيد هو اهو ڇڏيو ويو. ان ۾ اختلاف آهي ته عاشوراء جي ڏينهن جو روزو واجب هو يا نه شافعي مذهب وارن وٽ واجب نه هو. حنفي حضرات وٽ واجب هو فرض هو. جڏهن رمضان فرض ٿيو ته عاشوراء جي فرضيت منسوخ ٿي وئي ۽ هن حديث جي سياق جو ظاهر به اهو آهي. (المواهب ص 511، 512) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته عکرمة کان قريشين جي ان ڏينهن ۾ روزي رکڻ جي متعلق پڇيو ويو ته ان فرمايو: قريشين جاهليت جي دور ۾ هڪ گناهه ڪيو هو جيڪو انهن جي دلين ۾ وڏو رهيو پوءِ انهن کي چيو ويو ته عاشورا جي ڏينهن جو روزو رکو ته اهو گناهه ميٽجي ويندو.“ تڏهن اهي اهو روزو رکندا هئا ٿورو اڳتي لکيو اٿس ته : ان متعلق وارد حديثن مان حاصل هي آهي ته : بلاشڪ رسول الله جن اهو روزو مڪه مڪرمه ۾ رکندا هئا ۽ ٻين کي ان جو امر نه ڪندا هئا جڏهن مدينه منوره ۾ آيا ته پاڻ به رکندا هئا ٻين کي به امر ڪندا هئا. پر جڏهن رمضان شريف جا روزا فرض ٿيا ته پوءِ اهي فرض رهيا ۽ عاشوراء جو روزو واجب يا فرض جي حيثيت سان ڇڏيو ويو ۽ فرمايائون ته ”اهو الله جي ڏينهن مان هڪ ڏينهن آهي جيڪو گهري ته ان ۾ روزو رکي ۽ جيڪو نه گهري ته نه رکي“ ان کان پوءِ پنهنجي پاڪ ظاهري زندگي ۾ ان سان نائين تاريخ ملائي رکڻ جو ارادو ڪيو هيائون. (پر پاڻ اڳ ۾ ئي دنيا تان رحلت فرمائي ويا) (باقي مواد المواهب وارو آهي) (اشرف الوسائل ص 440، 441) علامه علي القاري  لکيو آهي ته ”عاشوراء مد سان ۽ مد کان سواءِ محرم جي ڏهين تاريخ جي ڏينهن جو نالو آهي ۽ هڪ قول آهي ته اهو اسلامي نالو آهي عرب ۾ اڳي اهو نالو نه هو عاشوراء فاعولاءِ جي وزن تي مد سان ان کان سواءِ ناهي ۽ نائين محرم جي ڏينهن لاءِ تاسوعاء ان سان الحاق ڪيو ويو آهي ۽ قرطبي  فرمايو ته عاشوراء عاش کان ڦيرايل آهي، مبالغي ۽ تعظيم جي لاءِ آندو ويو آهي ۽ اهو لفظ اصل ۾ ڏهين تاريخ جي رات لاءِ آيل آهي ۽ قريش نضر بن ڪنانه جو اولاد آهي ۽ هڪ قول مطابق فهر بن مالڪ جو اولاد آهي اهي اسلام کان اڳ ۾ عاشورا جي ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ نبي ڪريم جن پهريان به اهو روزو رکندا هئا ۽ مدينه منوره ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ به روزو رکندا هئا پر ٻين کي به امر فرمايو هيائون جيڪو حنفين وٽ وجوب جي لاءِ هو. مسلم سلمة بن الاڪوع کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن اسلم قبيلي مان هڪ مڙس کي امر ڪري موڪليو ته ماڻهن ۾ اعلان ڪري ته : جنهن (اهو) روزو نه رکيو آهي اهو روزو رکي ۽ جنهن ان ۾ کاڌو کائي ڇڏيو آهي اهو باقي وقت کاڌو نه کائي رات تائين روزي (جي صورت) ۾ رهي ۽ هي ان روزي جي وجوب لاءِ صريح دليل آهي۽ پاڻ ظاهري عمر جي آخر ۾ فرمايو هيائون ته ”جيڪڏهن ايندڙ سال تائين رهيس ته نائين (محرم جي) تاريخ جو روزو ضرور رکندس“ بعض علماء فرمايو ته : هن ۾ ٻه احتمال آهن (1) ته پاڻ ڏهين جي ڏينهن واري روزي کي نائين جي ڏينهن ڏانهن منتقل ڪرڻ ٿي گهريائون (2) ته نائين جي ڏينهن جو روزو رکي يهودين جي مخالفت ڪرڻ ٿي گهريائون ۽ هي قول ترجيح وارو آهي ۽ اها خبر مسلم جي بعض روايات مان ۽ امام احمد  جي حضرت ابنِ عباس f کان آندل مرفوع روايت مان معلوم ٿي رهي آهي تهصُوۡمُوۡا يَوۡمَ عَاشُوۡرَاءَ وَخَالِفُوا الۡيَهُوۡدَ وَصُوۡمُوا يَوۡمًا بَعۡدَهٗ (ڏهين جي ڏينهن روزو رکو ۽ يهودين جي مخالفت ڪري هڪ ڏينهن بعد ۾ (يارهين تاريخ جو به) روزو رکو“ ان جي ڪري بعض علماء فرمايو آهي ته ”عاشوري جو روزو ٽن مرتبن تي آهي هڪ ته ان ڏينهن جو روزو رکيو وڃي ٻيو ان کان مٿي هي آهي ته نائين تاريخ جي ڏينهن جو به روزو رکيو وڃي ٽيون اڃان مٿي هي آهي ته نائين،  ڏهين سان گڏ يارهين تاريخ جي ڏينهن جو به روزو رکيو وڃي (وَاللهُ وَ رَسُوۡلُهٗ اَعۡلَمُ) ۽ صاحب سير لکيو آهي ته : اول هن امت تي عاشوري جو روزو فرض ٿيو پوءِ ان جي فرضيت هر مهيني جي 13، 14، ۽ 15 تاريخن جي روزي جي فرضيت سان منسوخ ٿي وئي، پوءِ اها به رمضان جي فرضيت سان منسوخ ٿي وئي ۽ حافظ عسقلاني  فرمايو ته حديث جي مطالعي مان  ثابت ٿئي ٿو ته عاشوري جو روزي لاءِ امر  آيل آهي ان جي ڪري واجب هو. ۽ ان جي لاءِ تاڪيد ڪيو ويو ۽ ان تاڪيد ۾ زيادتي عام اعلان ڪرائڻ سان ڪئي وئي ان کان پوءِ اهو به چيو ويو ته ”جيڪڏهن ڪنهن ان ڏينهن ۾ کاڌو کائي وڌو آهي ته باقي رهيل ڏينهن جو کاڌو کائڻ بند رکي. ان کان پوءِ مائرن کي امر ڪيو ويو ته ننڍن ٻارن کي کير به نه ڏين، ان کان پوءِ سيده عائشه صديقه g ۽ حضرت ابنِ عباس f جو قول آهي ته : جڏهن رمضان فرض ڪيو ويو ته عاشوري جو روزو ڇڏيو ويو وجوب جي نفي آهي. حالانڪه اڃان به مستحب آهي ته اهو روزو رکيو وڃي ۽ مسلم حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته اِذَا رَاَيۡتَ هِلَالَ الۡمُحَرَّمِ فَاعِدَّ وَاصۡبَحۡ يَوۡمَ التَّاسِعِ صَائِمًا جڏهن محرم جي پهرين تاريخ جو چنڊ ڏسين ته ان جي لاءِ تياري ڪر ۽ نائين محرم جي ڏينهن جو روزو رک.“ حضرت ابنِ عباس f کان ڪنهن محرم ۾ روزي رکڻ جي متعلق سوال ڪيو تڏهن پاڻ ان جي جواب ۾ ائين ارشاد فرمايو هيائون.

 (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 105، 106)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الصوم باب 69 صيام يومِ عاشوراء رقم الحديث 2002 ج 4 ص 244 {2} ابو داؤد في کتاب الصوم باب 64 رقم الحديث 2442 ج 2 ص 326 {3} مالڪ في الموطا کتاب الصيام باب 11 صيام يوم عاشوراء رقم الحديث 33 ج 1 ص 299 نحوه {4} البيهقي في سننھ ج 4 ص 288 نحوه {5} احمد في المسند ج 6 ص 50 {6} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 2080 ج 3 ص 283.

{311}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مَنْصُورٍ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ عَلْقَمَةَ قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، أَكَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُخِصُّ مِنَ الأَيَامِ شَيْئًا ؟ قَالَتْ : كَانَ عَمَلُهُ دِيمَةً ، وَأَيُّكُمْ يُطِيقُ مَا كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُطِيقُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت علقمه d کان روايت آهي مون حضرت سيده عائشھ صديقھ g کان پڇيو ته رسول الله (نفلي روزي لاءِ) ڪو ڏينهن مقرر ڪندا هئا؟ بيبي سڳوري چيو ته پاڻ ڪريم جو عمل دائمي هوندو هو. توهان ۾ ڪنهن کي اهڙي طاقت آهي جو حضور ڪريم جن جهڙي دائمي عبادت ڪري سگهي.

مفردات جو شرح: ”يُخِصُّ خاص فرمائيندا هئا. مقرر فرمائيندا هئا. دِيمَةً دائمي، هميشه. يُطِيقُ طاقت رکندا هئا.

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ g جي فرمان ته رسول الله جن جو عمل دائمي هوندو هو ۽ اوهان مان ان جي ڪير طاقت رکي سگهي ٿو؟ جنهن عمل جي پاڻ طاقت رکندا هئا“ ۾ ٻه ڳالهيون ذڪر ٿيون آهن (1) ته سندن عمل دائمي هو هر حال ۽ ڪيفيت ۾ رهندي هميشگي وارو هو.   (2) ته جنهن رياضت، عبادت، مجاهدي ۽ استغراق اوقات تي حضور ڪريم جن هميشگي ڪندا هئا ان جي توفيق ۽ طاقت ٻئي ڪنهن کي حاصل آهي؟

حضور جهڙي طاقت ڪير به نه ٿو رکي: ام المؤمنين جو اهو خطاب به صحابه ڪرام عليهم الرضوان سان هو. ان جي باوجود جو انهن جي همٿ جي بلندي ۽ قلب جي چمڪ رسول الله جي صحبت مبارڪ سان نور على نور هئي. پر ان معاملي ۾ اهي حضرت حبيب ڪريم جي اڳيان عاجز هئا. ته ٻيا سندن سان ذات ۽ صفات ۾ ڪيئن برابر ٿي سگهندا. الله پنهنجي حبيب ڪريم جي صدقي ۽ طفيلي اهڙي گمراهه ڪندڙ عقيدي کان پناهه ۾ رکي جو ڪنهن به صورت ۾ حضرت نبي ڪريم سان برابري جو ذهن پيدا ڪري. علامه علي القاري  لکيو آهي ته اَيُّکُمۡ اوهان مان ڪهڙو؟ ۾ خطاب صحابه ۽ تابعين ۽ ائمه سان آهي. ”طاقت رکي ٿو“ مطلب ته سندن جيئن نماز، نوڙت، خشوع خضوع، اخلاص ۽ حضور واري ڪيفيت جي ڪير ٿو طاقت رکي سگهي؟ اڳتي لکيو اٿس ته جيئن فرائض جو ڇڏڻ منڪر ۽ ناپسنديدو عمل آهي تيئن اوراد ۽ وظائف جو ڇڏڻ به ناپسنديدو عمل آهي ان جي ڪري چيو ويندو آهي ته ”تارک الورد ملعون“ وظيفي جو ڇڏيندڙ لعنت ڪيل آهي پر هي قول مختلف وجوهات جي ڪري سٺو ناهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 107) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : هن روايت م مذڪور دوام مان مراد گهڻو ڪري، غالب احوال ۾ آهي يا حقيقي دوام مراد آهي پر جيڪڏهن ڪو مانع درپيش نه آيو جيئن امت تي فرض ٿيڻ جو ڊپ وغيره ته پاڻ هميشگي ڪندا هئا پر ڪنهن حڪمت جي ڪري هميشگي نه به ڪندا هئا. (المواهب ص 513) علامه ابنِ حجر مڪي  لکيو آهي تهوخصت الصحابة بذالک مع علو همتهم واستنارة قلوبهم ببرکة صحبة النبي اذا عجزوا عن اطاقة ذالک فغيرهم اعجز ۽ صحابه ان خطاب سان مخصوص ڪيا ويا ڇوته اهي همٿ جي علو ۽ نبي ڪريم جي صحبت جي برڪت سان قلوب جي روشن هجڻ جي باوجود جڏهن عاجز رهيا ته ٻيا ته وڌيڪ عاجز رهندا.        (اشرف الوسائل ص 440)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الصيام باب 64 هل يخص شيئا من الايام رقم الحديث 1987 ج 4 ص 235 {2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين وقصرها باب 30 فضيلة العمل الدائم من قيام الليل وغيره رقم الحديث 783 حديث الکتاب 217 ج 1 ص 541 بنحوه {3} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 318 مايؤمربه من القصد في الصلواة حديث رقم 1370 ج 2 ص 48 کما في التحفة ج 12 ص 245 {4} احمد في المسند ج 6 ص 55 {5} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 322 ج 2 ص 26، 27.

{312} حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَعِنْدِي امْرَأَةٌ فَقَالَ : مَنْ هٰذِهِ ؟ قُلْتُ : فُلاَنَةُ لاَ تَنَامُ اللَّيْلَ ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ :  عَلَيْكُمْ مِنَ الأَعْمَالِ مَا تُطِيقُونَ ، فَوَاللَّهِ لاَ يَمَلُّ اللَّهُ حَتَّى تَمَلُّوا ، وَكَانَ أَحَبُّ ذَلِكَ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الَّذِي يَدُومُ عَلَيْهِ صَاحِبُهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشه صديقه g کان روايت آهي ته رسول الله جن مون وٽ گهر آيا، ته مون وٽ هڪ عورت ويٺي هئي. پاڻ استفسار فرمايائون ته هي ڪير آهي؟ مون کين ٻڌايو ته هيءَ عورت فلاڻي (حولاء بنت تويت قبيلي بني اسد جي عبادت گذار) آهي، جا سڄي رات ننڊ نه ڪندي آهي. رسول الله جن ارشاد فرمايو : اوهان ايترا عمل اختيار ڪريو جيترا ڪري سگهو. الله جو قسم! الله (ثواب ڏيڻ ۾) تنگ نه ٿيندو آهي جيستائين اوهان (عمل ڪرڻ ۾ ٿڪجي) تنگ نه ٿيو.“ رسول الله جن کي اهو عمل وڻندو هو جنهن تي ماڻهو هميشگي ڪري سگهي.

مفردات جو شرح: ”عَلَيۡکُمۡ لازم ڪري وٺو. لَا يَمَلُّ نه ٿو ٿڪجي، نه ٿو تنگ ٿئي. نه تڪليف ۾ وجهي.

سمجهاڻي: ارشاد آهي ”مون وٽ هڪ عورت ويٺي هئي.“ هيءَ عورت بني اسد قبيلي جي هئي. هن جو نالو حولاء بنت تويت هو. تويت حبيب بن عبدالعزى جو پٽ هو. هيءَ عورت وڏي عابده ، تهجد گذار وڏي نيڪ بخت هئي. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g ان جي منهن تي ان جي تعريف ڪئي. علامه عبدالجواد الدومي مصري  لکيو آهي تهوفيه جواز المدح في الوجه اذا امنت الفتنة هن مان منهن تي تعريف ڪرڻ جو جواز ملي ٿو جيڪڏهن فتني ۾ پوڻ جو خطرو نه هجي.) حضور ڪريم جو فرمان ته ”جيتري طاقت رکو اوترو عمل ڪيو“ خواه روزو هجي، نماز هجي ، قرآن ڪريم جي تلاوت هجي يا الله جو ذڪر وغيره هجي پنهنجي وسعت آهر نفلي عبادت ڪيو. پنهنجي وسعت ۽ طاقت کان مٿي چڙهي نه ڪيو تانت تڪليف مالا يطاق جو باعث نه رهي ۽ اوهان پاڻ به دل برداشته ٿي نه وڃو“ ارشاد آهي : اهو نه ٿو ٿڪجي تانجو اوهان پاڻ نه ٿڪجو.“ يعني الله ثواب ڏيڻ ۾ نه ٿڪجندو پر اوهان پنهنجي طاقت کان مٿي عبادت ڪندؤ ته ٿڪجي پوندؤ ۽ جڏهن ٿڪاوٽ جي ڪري اوهان جي عبادت ۾ بي اطميناني، دل برداشتگي پيدا ٿيندي ته خلوص، عاجزي، خشوع ۽ خضوع ختم ٿي ويندو ۽ قبوليت نه ملندي“ ارشاد ته ”حضور ڪريم جن کي اها ڳالهه گهڻي پسند هئي جنهن تي عمل ڪرڻ وارو هميشگي ڪري“ يعني اها عبادت ڀلي آهي جنهن تي مداومت ڪئي وڃي ڀلي کڻي ٿوري هجي. (انوارِ غوثيه ص 397، 398) علامه البيجوري  لکيو آهي ته (امان عائشھ صديقھ g وٽ ويٺل عورت) سهڻي هيئت واري هئي. هن جو نالو الحولاء هو تُويت بن حبيب بن عبدالعزى جي نياڻي (ام المؤمنين سيده) خديجة جي قبيلي مان هئي. جڏهن سيده عائشھ صديقھ g ان جي عبادت جي تعريف ڪئي ته حضرت نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو” عليکم“ لازم ڪري وٺو. ”کم“ ضمير جمع مذڪر آندو ويو حالانڪه خطاب ته عورتن سان هو سو ان جي ڪري جو خطاب مان مقصود عام امت هئي. پوءِ مردن کي عورتن تي غلبو ڏنو ويو. ”فَوَاللهِ“ (پوءِ الله جو قسم! آهي) هن مان ثابت ٿيو ته : صرف تاڪيد جي لاءِ به قسم کڻڻ جائز آهي.لَايَملُّ اللهَ حَتّٰي تَمَلُّوا (الله ملول نه ٿو ٿئي تانجو اوهان ملول نه ٿيو) ملول ٿيڻ ٿڪ جي ڪري هوندو آهي ان جي نسبت الله ڏانهن ڪرڻ نامناسب بلڪه ناجائز آهي ڇوته اهو فتور آهي جيڪو گهڻي محنت جي ڪري پيدا ٿي فعل ۾ سستي پيدا ڪري ان کان منهن موڙائيندو آهي ۽ اهو مخلوق جي حق ۾ هوندو آهي ان جي ڪري هتي مراد آهي ته الله اوهان کان منهن نه موڙيندو اوهان کان پنهنجو ثواب ۽ رحمت بند نه ڪندو تانجو اوهان ٿڪجي عبادت نه بند ڪيو. (۽ اهو عمل کين وڌيڪ پيارو هو جنهن تي ان جو صاحب هميشگي ڪري) جو مطلب آهي ته عرفي دوام ڪري حقيقي نه. ڇوته هر گهڙي عبادت ۾ رهڻ مخلوق مان ڪنهن لاءِ به ممڪن ناهي. انسان ڪڏهن جاڳي ٿو ته ڪڏهن ننڊ ٿو ڪري، ڪڏهن کائي پيئي ٿو ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي شغل ۾ رهي ٿو.      (المواهب ص 515)

عمل ۾ وچٿرائي ڪجي: علامه علي القاري  لکيو آهي ته هن حديث ۾ عمل ۾ وچٿرائي تي هدايت ڪيل آهي حضور ڪريم جن جي طرفان امت تي شفقت، راحت ۽ رحمت جو اظهار آهي ڇوته پاڻ انهن کي اهو ارشاد فرمايائون جنهن ۾ انهن جي اصلاح هجي ۽ ان تي هميشگي ڪري سگهن، کين ڪا مشقت ۽ تڪليف نه اچي، انساني نفس تنگ نه ٿئي ۽ دل خوش رهي. پوءِ صحيح فائدو ملي. (جمع الوسائل ج 2 ص 109) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان ۾ عبادت جو ذوق ولولو ۽ جوش هوندو هو. حديث جي ڪتابن ۾ ان قسم جا گهڻا واقعا مذڪور آهن. سندن شوق کين زياده مجاهدي تي مجبور ڪندو هو. پر حضور ڪريم جن کين وچٿرائي جو امر ڪندا هئا. حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص مشهور صحابي هو. ان جو بيان آهي ته مون هڪ ڀيري (ذهن ۾) طئي ڪيو ته عبادت ۾ گهڻي ڪوشش ڪيان ڏينهن جو روزو رکان. رات جو روزانو قرآن ڪريم جو ختم ڪڍان منهنجي والد هڪ شريف عورت سان منهنجو نڪاح به ڪرايو. هڪ ڀيري منهنجي پيءُ منهنجي گهرواريءَ کان منهنجو احوال پڇيو ته ان کين عرض ڪيو ته ”گهڻو نيڪ انسان آهي سڄي رات هنڌ تي نه ايندو آهي نه ڪنهن سان ڪو واسطو رکي ٿو.“ منهنجو پيءُ مون تي گهڻو ناراض ٿيو ته مون تنهنجو ڪهڙي شريف عورت سان نڪاح ڪرايو آهي تو ان کي صفا ائين ڇڏي ڏنو آهي ان کي ويجهو به نه ٿو وڃين. پر عبادت جي شوق جي غلبي ۾ مون تي ان جو ڪوبه اثر نه پيو پوءِ منهنجي والد منهنجي ان ڳالهه جي حضور ڪريم سان شڪايت ڪئي حضرت نبي ڪريم جن مون کان ان بابت پڇيو ته ”مون ٻڌو آهي ته تون ڏينهن جو هميشه روزا ٿو رکين ۽ سڄي رات نماز ٿو پڙهين؟ مون عرض ڪيو ته ”هائو“ پاڻ فرمايائون ته ”ائين نه ڪندو ڪر“ ڪڏهن روزا رک ڪڏهن روزا نه رک، رات جو نماز به پڙهه، ننڊ به ڪندو ڪر، تنهنجي بدن جو به تو تي حق آهي تنهنجي اکين جو به توتي حق آهي. سڄي رات جاڳڻ سان نظر گهٽجي ويندي آهي. تنهنجي زال جو به تو تي حق آهي اولاد جو به حق آهي ته ملڻ وارن جو به حق آهي. (خصائل نبوي ص 262)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الايمان باب 32 احب الدين الي الله ادومه رقم الحديث 43 ج 1 ص 101 واللفظ له{2} مسلم في کتاب صلواة المسافرين وقصرها باب 31 امر من نعس في صلواتھ رقم الحديث 785 حديث الڪتاب 221 ج 1 ص 542 {3} النسائي في کتاب قيام الليل و تطوع النهار باب 17 الاختلاف علي عائشھ في احياء الليل ج 3 ص 218 {4} احمد في المسند ج 6 ص 51 {5} ابن ماجھ في کتاب الزهد باب 28 المداومة علي العمل رقم الحديث 4238.

{313} حَدَّثَنَا أَبُو هِشَامٍ مُحَمَّدُ بْنُ يَزِيدَ الرِّفَاعِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ فُضَيْلٍ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنْ أَبِي صَالِحٍ قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، وَأُمَّ سَلَمَةَ ، أَيُّ الْعَمَلِ كَانَ أَحَبَّ إِلٰى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَتَا : مَا دِيمَ عَلَيْهِ وَإِنْ قَلَّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو صالح d کان روايت آهي مون حضرت عائشه ۽ ام سلمه f کان پڇيو ته رسول الله کي ڪهڙو عمل وڌيڪ پسند هو؟ انهن بيبين سڳورين چيو ته : اهو عمل جنهن تي هميشگي ڪجي، توڙي کڻي ٿورو ئي هجي.

مفردات جو شرح: ”أَيُّ الْعَمَلِ ڪهڙو عمل. مَا دِيمَ جنهن تي هميشگي ڪئي وڃي. دائمي ڪيو وڃي. قَلَّ ٿورو ٿيو، گهٽ ٿيو.

سمجهاڻي: ارشاد آهي ته ”جيڪو عمل دائمي ڪيو وڃي ڀلي ٿورو ڇونه هجي“ يعني نفلي عبادات، ذڪر، مراقبه اخلاص سان قرآن ڪريم جي تلاوت، روزو وغيره پنهنجي طاقت، صحت ۽ بساط آهر ڪيو وڃي ائين نه ٿئي جو نفلي عبادات ۾ زيادتي جي ڪري طاقت ۽ صحت هلي وڃي ۽ فرضن جي ادا ڪرڻ تان به هٿ ڌوئي ويهي تنهنڪري شفيقِ امت، رحمة للعالمين جن امت کي تعليم ڏني ته ٿوري ئي ٿوري عبادت ڪيو مگر باقاعده ۽ هميشه ڪيو ته الله ان ۾ برڪت پيدا ڪندو. علامه علي القاري  لکيو آهي ته هن حديث جي ڪري اهل تصوف وظيفن جي ڇڏڻ کي ائين ناپسند ڪندا آهن جيئن فرض جي ڇڏڻ کي. (ذکره ميرک وفيه بحث) (جمع الوسائل ج 2 ص 109) هنن سڀني روايتن جو مقصد هي آهي ته روزا ۽ اهڙي طرح هر نفلي عمل ڀلي ٿورو هجي پر اهڙي طريقي سان ڪري جهڙي طريقي سان نڀائي سگهي. پر ائين به نه ڪري جو مداومت ۽ هميشگي نه ڪرڻ جي ڊپ کان نفلي عمل صفا نه ڪري ڇوته فرائض ۾ ڪوتاهي نفلن سان پوري ڪئي ويندي ان جي ڪري اهتمام سان گڏ جيترو به نفلي عمل ڪري سگهي ڪري.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 6 ص 289 {2} البخاري في کتاب الرقاق باب 18  والمداومة علي العمل رقم الحديث 6462 ج 11 ص 294 واللفظ لھ {3} مالڪ في الموطا کتاب  قصر الصلواة في السفر باب 24 جامع الصلواة رقم الحديث 90 ج 1 ص 174 مثلھ {4} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 323 ج 2 ص 528 {5} البيهقي في سننھ ج 3 ص 43.

{314} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ صَالِحٍ قَالَ : حَدَّثَنِي مُعَاوِيَةُ بْنُ صَالِحٍ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ قَيْسٍ ، أَنَّهُ سَمِعَ عَاصِمَ بْنَ حُمَيْدٍ قَالَ : سَمِعْتُ عَوْفَ بْنَ مَالِكٍ يَقُولُ : كُنْتُ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَيْلَةً فَاسْتَاكَ ثُمَّ تَوَضَّأَ ثُمَّ قَامَ يُصَلِّي ، فَقُمْتُ مَعَهُ فَبَدَأَ فَاسْتَفْتَحَ الْبَقَرَةَ فَلاَ يَمُرُّ بِآيَةِ رَحْمَةٍ إِلَّا وَقَفَ فَسَأَلَ ، وَلاَ يَمُرُّ بِآيَةِ عَذَابٍ إِلَّا وَقَفَ فَتَعَوَّذَ ، ثُمَّ رَكَعَ فَمَكَثَ رَاكِعًا بِقَدْرِ قِيَامِهِ ، وَيَقُولُ فِي رُكُوعِهِ : سُبْحٰنَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ، ثُمَّ سَجَدَ بِقَدْرِ رُكُوعِهِ ، وَيَقُولُ فِي سُجُودِهِ : سُبْحٰنَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ثُمَّ قَرَأَ آلَ عِمْرَانَ ثُمَّ سُورَةً سُورَةً يَفْعَلُ مِثْلَ ذَلِكَ فِي كُلِّ رَكْعَةٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عوف بن مالڪ d کان روايت آهي ته آءُ هڪ رات رسول الله سان گڏ هوس. پاڻ ڏندڻ ڏئي، وضو ڪري، نماز پڙهڻ شروع ڪيائون. آءُ به ساڻن نماز ۾ گڏجي بيٺس. پهريان (سورة الفاتحه پوري ڪري پوءِ) سورة البقره پڙهڻ شروع ڪيائون پوءِ جنهن به رحمت جي آيت تي آيا ٿي ته اتي بيهي رحمت جو سوال ٿي ڪيائون ۽ جنهن به عذاب جي آيت تي پهتا ٿي ته اتي بيهي عذاب کان پناهه ٿي گهريائون پوءِ رڪوع ڪيائون ان ۾ بيهڻ جيتري دير ڪيائون ۽ رڪوع ۾ هيءَ دعا پڙهيائون:

سُبْحٰنَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ

(يعني حڪومت، بادشاهي، وڏائي ۽ عظمت واري رب جي پاڪائي آهي)

ان کان پوءِ رڪوع جيترو سجدو ڪيائون ۽ سجدي ۾ به ساڳي دعا پڙهيائون پوءِ ٻي رڪعت ۾ سوره آل عمران پڙهيائون (پوءِ ٽين رڪعت ۾ سورة النساء ۽ چوٿين رڪعت ۾ سورة المائدة) پوءِ ٻين رڪعتن ۾ ائين ڪيائون يعني پهرئين وانگر رڪوع ۽ سجدا هئا.

مفردات جو شرح: ”لَيْلَةً اي عظمت ۽ وڏي شان واري رات جيئن ليلة القدر آهي. فَاسْتَاكَ اي استعمل السواڪ، ڏندڻ استعمال ڪيائونفَاسْتَفْتَحَ الْبَقَرَةَ“ پوءِ (سورة) بقره  شروع ڪيائون. اي بعد قراءة الفاتحہ. اَلْجَبَرُوتِ اي بادشاهي جنهن ۾ غلبو هوندو آهي. اَلْمَلَكُوتِ ظاهري بادشاهي جنهن ۾ لطف هوندو آهي ۽ انهن ٻنهي مان مراد آهي ته انهن ٻنهي ۾ اهو ئي متصرف آهي. وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ وڏائي ۽ عظمت اي ٻنهي جو علي وجھ الاختصاص صاحب.  

سمجهاڻي: هيءَ حديث ۽ هن کان پهريان مذڪور حديثن جو بظاهر هن باب سان تعلق نه ٿو لڳي ان جي ڪري بعض شارحن جو قول آهي ته: اهي ٽئي حديثون هتي ڪاتب جي غلطيءَ سان لکجي ويون آهن نه ته هي ٽئي حضور ڪريم جي عبادت جي باب ۾ لکڻ گهرجن ها. ڪن شارحن لکيو آهي ته ممڪن آهي ته مصنف جو ارادو ۽ مقصد هي هجي ته حضور ڪريم جن ڏينهن جو روزو رکيو هجي ۽ رات جو هيءَ نماز پڙهي هجي ۽ هنن روايتن مان مقصد اهو آهي ته پاڻ گهڻا نفلي روزا رکندڙ ۽ گهڻي رات جو عبادت ڪندڙ هئا امت کي به ائين ڪرڻ گهرجي. (انوار غوثيه ص 400)

وضوءَ وقت ڏندڻ ڏيڻ: علامه علي القاري  لکيو آهي هن حديث مان واضح ٿيو ته پاڻ وضو ۾ شروع ٿيڻ کان پهريان ڏندڻ ڏيندا هئا ۽ بعض جو قول آهي ته ”گرڙين ڪرڻ مهل ڏندڻ ڏيندا هئا. پاڻ تڪبيرِ تحريمه سان شروعات ڪري فاتحھ پڙهڻ کان پوءِ سورة البقرة پڙهڻ شروع ڪيائون. ۽ قراءت دوران جيڪڏهن رحمت واري آيت کان لنگهن پيا ته الله کان رحمت گهرن پيا، ۽ جيڪڏهن عذاب جي آيت کان لنگهن پيا ته وقفو ڪري الاهي عذاب کان پناهه گهرن  پيا. ابنِ حجر محدث  فرمايو ته : قاريءَ کي ان ڳالهه جي رعايت ڪرڻ مستحب آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن رب العزة جل جلالھ جي پاڪائي، تنزيھ ۽ تقدس جو ذڪر اچي ته تسبيح پڙهي، ۽ اَلَيۡسَ اللهُ بِاَحۡکَمِ الۡحَاکِمِيۡنَ“ اچي تهبَلٰي وَاَنَا عَلٰي ذالِکَ لَمِنَ الشَّاهِدِيۡنَ چوي مثال طور وَاسالُو اللهَ مِنۡ فَضۡلِهٖ اچي ته اَللّٰهُمَّ اِنِيۡ اَسۡئَلُکَ مِنۡ فَضۡلِکَ چوي. حديث جي شارح الحنفي جو قول آهي ته هي اوائلي دور جو حال آهي يا اهو حضور ڪريم جي خصائص مان آهي پر علامه علي القاري  لکيو ”قلت“ مان چوان ٿو ته ”ڪنهن حڪم جو منسوخ ٿيڻ يا خصائص مان هجڻ احتمال سان ثابت نه ٿيندو آهي ۽ ان جو ڪو سبب به ناهي ڇوته حضور ڪريم جن کان ثبوت ملڻ جي ڪري ان جي جواز جو ڪو مانع ناهي. ها.. اهو مناسب آهي ته جيڪو وارد ٿيو آهي اهو نفلي عمل آهي ڇوته اهڙو مثال حضرت رسول الله جن کان فرائض جي ادا ڪرڻ ۾ صادر نه ٿيو آهي. (ان کان پوءِ رڪوع ڪيائون ۽ رڪوع ۾ به قراءت جيترو وقت رهيا ۽ رڪوع ۾سُبْحٰنَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ چوندا رهيا. جيئن هڪ قدسي حديث ۾ آيو آهي : ”اَلۡکِبۡرياءُ رِدَائي وَالۡعَظَمَةُ اِزَارِيۡ فَمَنۡ نَازَعني فِيۡهِمَا قَصَمۡتُه“ وڏائي منهنجي چادر آهي ۽ عظمت منهنجي ٻي چادر آهي پوءِ جنهن مون سان انهن  ۾ جهيڙو ڪيو ته مان ان کي هلاڪ ڪري ڇڏيندس.“ ان کان پوءِ سجدو ڪري ان ۾ سُبْحٰنَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ پڙهي، پهرين رڪعت پوري ڪري ٻي رڪعت ڏانهن اٿيا ۽ ان ۾ سورت آل عمران پڙهيائون. اهڙي نموني سان، ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ پڙهيائون يعني نساء ۽ مائده ۽ هر رڪعت ۾ ائين ڪندا رهيا. يعني رڪوع ۽ سجدو ڊگهو ۽ هر هڪ ۾ مذڪور دعائون پڙهندا رهيا ۽ هن مان اهو به ثابت ٿيو ته پاڻ چار رڪعتون هڪ سلام سان پڙهيائون ۽ هن سان امام ابو حنيفھ جي قول جي تائيد ٿي رهي آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته حضرت حبيب ڪريم جي نماز زمانن ۽ احوال جي اختلاف جي ڪري مختلف هوندي هئي. ڪڏهن هلڪائي ڪندا هئا ته ڪڏهن ڊگهي قراءت ڪندا هئا ۽ ڪڏهن وچٿري قراءت ڪندا هئا. اهو سڀ ڪجهه جواز بيان ڪرڻ سان گڏ مقام جي تقاضا جي مطابق هو. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 11) علامه البيجوري  لکيو آهي ته : اها رات ليلة القدر هئي ۽ نماز تراويح هئي ۽ ”جبروت“ فعلوت جي وزن تي جبر کان ورتل آهي. اَلْمَلَكُوتِ فعلوت جي وزن تي ملڪ کان ورتل آهي  تاء مبالغي جي آهياَلْكِبْرِيَاءِ جي معنى سموري خلق کان مٿي هجڻ ان جي باوجود جو اهي ان جا فرمانبردار آهن ۽ هر نقص کان پاڪ هجڻ اَلْعَظَمَةِ جي مراد آهي ته ان جو قدر، اندازو ناممڪن آهي ۽ هڪ قول آهي تهاَلْكِبْرِيَاءِ مان مراد ذات جو ڪمال آهي ۽ ”العظمة“ مان مراد صفات جو ڪمال آهي ۽ الله کان سواءِ انهن صفتن سان ٻيوڪوبه موصوف ناهي. جيئن ان تي قدسي حديث دلالت ڪري رهي.اَلۡکِبۡرِيَاءُ رِدَائِي وَالۡعَظَمَةُ اَزارِيۡ فَمَنۡ نَّازَعَنِي فِيۡهِمَا قَضَمۡتُهٗ وَلَا اُبَالِي(المواهب ص 517، 518) علامه ابن حجر مڪي  لکيو آهي ته حضور ڪريم جن پويان بيهندڙن جي احوال کي به ذهن پاڪ ۾ رکندا هئا. جيڪڏهن پنهنجي پويان ٻار جو روئڻ ٻڌندا هئا ته به هلڪائي ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن اهڙو ڪو سبب نه هوندو هو ته ڊگهي قراءت ڪندا هئا ۽ ان ۾ حڪمت ٻنهي پاسن جو جواز بيان ڪرڻ هو. پر امام جي لاءِ نماز ۾ هلڪائي ڪرڻ افضل آهي مگر جيڪڏهن مذڪور شرائط لڀن ۽ هلڪائي ڪرڻ جو حضور ڪريم جن امر به ڪيو آهي، سندن فرمان آهي اِنَّ مِنۡکُمۡ مُنَفِّرِيۡنَ فَاَيُّکُمۡ يَؤُمُّ فَلۡيُخَفِّفۡ فَاِنَّ فِيۡهِمۡ السَّقِيۡمَ وَ الضَعِيۡـفَ وَذَالحَاجَةِ اوهان (نماز پڙهائيندڙن) مان ڪي نفرت ڏياريندڙ آهن اوهان مان جيڪو نماز پڙهائي اهو هلڪائي ڪري، بلاشڪ پويان بيهندڙن ۾ بيمار، ضعيف ۽ ڪم ڪار وارا آهن. (رواه البخاري في الاحکام 7159 و مسلم في الصلواة ص 466، 467 و احمد في مسنده ج 4 118، 119 ابن خزيمھ في صحيحھ 16050 والحميدي في مسنده 453 والطبراني في الکبير ص 555، 556 البيهقي في سننھ الکبرى ج 3 ص 115 عبدالرزاق في مصنفھ  3726 البغوي في شرح السنة ص 844. (حاشية اشرف الوسائل ص 443) قارئين ڪرام غور ڪن ته هي چار رڪعتون ڪيتريون ڊگهيون هونديون. حديث جي الفاظ مان خود ئي ظاهر آهي ته ”هڪ سورة بقره اڍائي پارا آهي ۽ وري حضور ڪريم جن جي تلاوت نهايت اطمينان سان هر حرف جدا جدا ظاهر ٿيندو هجي ۽ هر رحمت گهرڻ ۽ هر عذاب کان پناهه طلب ڪرڻ وري رڪوع ۽ سجدو به ايترو ڊگهو ڪرڻ. اها هڪ رڪعت ٿي. اهڙي طرح چار رڪعتون جيڪي سڄي رات ۾ مشڪل سان پوريون ٿين پر شوق جي غلبي جي سامهون خاص ڪري اهڙي ذات جي لاءِ جنهن جي اکين جو ٺار نماز هجي اها ڪا وڏي يا ڳري ڳالهه نه هئي. پاڻ انتهائي محبت مان ادا ڪري رهيا هئا. پر ڪمال ته سندن پويان بيهڻ وارن جي عشق  جـــو به هــــو جيڪي پنهنجي آقا جــي پويان بيهڻ کـــي سعادت سمجهندا هئا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الصلواة باب 182 ما يقول الرجل في رکوعھ وسجوده رقم الحديث 873 ج 1 ص 230، 231 بنحوه {2} النسائي في کتاب الافتتاح باب 101 نوع آخر من الذکر في الرکوع ج 2 ص 191 {3} احمد في المسند ج 6 ص 24 {4} البيهقي في سننھ ج 2 ص 310.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting