خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا يوني ڪوڊ ڪتاب

 

باب پنجاهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي حِجَامَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن جيڪي

 رسول الله جي سڱي هڻائڻ جي بيان ۾آهن

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ ڇهه حديثون آهن جن ۾ حضرت نبي ڪريم   جن جو ٻن ڪلهن مبارڪن ۽ پير مبارڪ جي پٺيءَ تي سڱي هڻائڻ جو ذڪر آهي ۽ سڱي هڻائڻ محبوب ڪريم جن جي قول مبارڪ ۽ فعل سان ثابت آهي. طبيبن به ان جا گهڻا فائدا لکيا آهن. علامه محمد شفيع اوڪاڙوي  ذڪرِ جميل ڪتاب جي صفحي 298 تي خصائص ڪبرى ۽ زرقاني جي حوالي سان حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي، ته حضور ڪريم جن سڱي هڻائي ۽ سندن پاڪ وجود مان جيڪو رت نڪتو اهو هڪ قريشي غلام پي ڇڏيو. فَقالَ اذۡهَبۡ فَقَدۡ اَحۡرزۡتَ نَفۡسَکَ مِنَ النَّار پوءِ پاڻ ان کي فرمايائون ته وڃ بلاشڪ تو پنهنجي پاڻ کي جهنم جي باهه کان بچائي ڇڏيو. اهڙي طرح پاڻ سڱي لڳارائڻ کان پوءِ نڪرڻ وارو رت مبارڪ حضرت عبدالله بن زبير d کي ڏنائون ته ٻاهر ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڇڏ جتي ڪير نه ڏسي ته ان ٻاهر نڪري اهو پي ڇڏيو جڏهن واپس آيو ته پاڻ ان کان پڇيائون ته ”ڇا ڪري آئين؟ عرض ڪيائين ته اهڙي جاءِ تي لڪائي آيو آهيان جتي ڪير به ڏسي نه سگهندو. پاڻ فرمايائونس ته ”شايد تون پي آيو آهين؟ عرض ڪيائين ته ”هائو“ ڇوته مان ڄاڻان ٿو ته جنهن ۾ اوهان جو پاڪ رت هوندو ان کي دوزخ جي باهه نه لڳندي. پاڻ فرمايائون ته ”وڃ تون به دوزخ جي باهه کان بچي وئين“ پوءِ وري فرمايائون ته ”افسوس انهن ماڻهن تي جيڪي توکي شهيد ڪندا ۽ تون انهن کان بچي نه سگهندين.“ (خصائص ڪبرى ج 1 ص 68 بحواله مستدرڪ ، ڪنزالعمال ، بزار، ابو يعلى بيهقي، زرقاني ج 4 ص 23 ، انوار غوثيھ ص 510، 511) ۽ هنن حديثن مان ثابت ٿيو ته بدن جو علاج ۽ دوا جو استعمال نبوي معمولات ۾ هو علاج ڪرڻ توڪل جي خلاف ناهي ان جي ڪري جو نبي ڪريم جن کان وڌيڪ توڪل ڪندڙ ڪير به ناهي پر ان جي باوجود به پاڻ سڱي هڻائڻ سان علاج ڪيو اٿن جيئن متعدد حديثن ۾ آيل آهي ۽ حق هي آهي ته توڪل اسباب اختيار ڪرڻ جي خلاف ناهي حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي  پنهنجي جنهن رسالي ۾ مبشرات ۽ گهڻا مڪاشفات ۽ حضور ڪريم جن کان خوابن ۾ ڪيل سوالات آندا آهن ان ۾ لکيو آهي ته مون هڪ ڀيري حضور ڪريم   جن کان خواب ۾ روحاني سوال ڪيو ته اسباب جي اختيار ڪرڻ ۽ اسباب جي ترڪ ڪرڻ مان ڀلو ڇا آهي؟ ته مون تي سندن طرفان هڪ روحاني فيض جي مهرباني ٿي جنهن جي ڪري اسباب ۽ اولاد غرض هر شيءِ کان طبيعت ٿڌي ٿي وئي ان کان پوءِ منهنجي طبيعت تي هڪ انڪشاف ٿيو جنهن جو اثر هي ٿيو جو طبيعت اسباب ڏانهن متوجهه رهي ۽ روح تفويض ۽ تسليم ڏانهن مائل رهيو. حق هي آهي ته اها ئي اصل توڪل آهي جو اسباب کي بالڪل غير موثر سمجهيو وڃي ڇوته اسباب ۾ تاثير به الله جي طرفان ٿيندي آهي ان جي گهرڻ کان سواءِ اسباب به ڪجهه پيدا ڪري نه ٿا سگهن الاهي مقدرات جي اڳيان ڪنهن جو وس نه ٿو هلي، حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي  جي ٻئي رسالي ۾ آهي ته ”هي اسباب جو مسئلو انهن ٽن وصيتن مان آهي جن جي حضور ڪريم جن وصيت ڪئي هئي ۽ شاهه صاحب کي سندس طبعي رجحان جي خلاف مجبور ٿيڻو پيو هڪ اسباب اختيار ڪرڻ، ٻيو حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق f جي حضرت علي d کان افضليت ۽ ٽيون تقليد کي نه ڇڏڻ جو سندن لاڙو تقليد جي ڇڏڻ ڏانهن هو کيس نه ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ته ڪنهن به هڪ امام جي تقليد ضرور ڪيو، تفصيل هتي ڪونه ٿو لکجي  رساليفضل مبين ۽ رسالي فيوض الحرمين ۾ ٻنهي جو تفصيل لکيل آهي. (خصائل نبوي ص 321، 322)

علامه بيجوري  لکيو آهي ته : اسباب جو اختيار ڪرڻ توڪل جي خلاف ناهي پر انهن جو ڇڏڻ افضل آهي ۽ حضرت نبي ڪريم جن جو اسباب کي اختيار ڪرڻ توڪل جي خلاف ناهي ڇوته پاڻ متوڪلن جا سردار آهن ۽ پاڻ اهو اسباب کي شرعي حيثيت ڏيڻ جي لاءِ ڪيو هيائون ۽ سڱي هڻائڻ جا فائدا گهڻا آهن جيئن انهن مان ڪجهه هن باب جي احاديث مان معلوم ٿيندا. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : حضور ڪريم جن سڱي گهڻي هڻائيندا هئا تانجو روزي جي حالت ۾ به سڱي هڻائي هيائون. (رواه الشيخان وغيرهما) ۽ جمهور جو مذهب هي آهي ته روزي ۾ سڱي هڻائڻ سان روزو نه ڀڄندو ۽ امام احمد  فرمايو ته  : سڱي هڻندڙ ۽ هڻائيندڙ ٻنهي جو روزو ڀڄي پوندو جيئن حديث شريف ۾ آهي ته اَفۡطَرَ الۡحَاجِمُ وَالۡمَحۡجُوۡمُ سڱي هڻندڙ ۽ هڻائيندڙ ٻنهي جو روزو ڀڄي پوندو ۽ جمهور محدثن حديث جو تاويل هن طرح ڪيو آهي ته اهو اول حڪم هو پوءِ اهو منسوخ ڪيو ويو آهي جيئن متعدد طريقن سان وارد آهي ۽ ابن حزم  به ان کي صحيح چيو آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته : هن باب جي حضور ڪريم جن جي شمائل سان مناسبت جو وجهه هي آهي ته : وڏي ڳالهه توڪل ڪرڻ آهي ۽ ان جي تقاضا هيءَ آهي ته : پنهنجي بدن جي حفاظت الله جي حوالي ڪري سڱي هڻائڻ وغيره سان علاج نه ڪرائي پر هتي هڻائڻ جو باب قائم ڪري ٻڌايو ويو آهي ته بدن جي صحت لاءِ تدبير ڪرڻ شرعي طور جائز آهي توڪل جي خلاف ناهي ڇوته اهو الله ڏانهن امر جي نسبت ڪرڻ آهي. ها. سبب جو ترڪ ڪرڻ افضل آهي ۽ حضرت نبي ڪريم جن جو اسباب کي اختيار ڪرڻ وارو فعل توڪل جي خلاف ناهي ڇوته پاڻ متوڪلين جا سردار آهن ۽ پاڻ اهي اسباب انهن کي شرعي طور جائز قرار ڏيڻ جي لاءِ اختيار ڪيا هئائون.

( جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 175)

هي حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب المساقاة باب 11 حل اجرة الحجامة حديث رقم 1577 ج 3 ص 1204 {2} البخاري في کتاب البيوع باب 49 ذکر الحجام حديث رقم 2102 ج 4 ص 324 {3} البيهقي في سننھ ج 9 ص 337 {4} البغوي في شرح السنة حديث رقم 2035 ج 8 ص 19.

{361} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ جَعْفَرٍ ، عَنْ حُمَيْدٍ قَالَ : سُئِلَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ عَنْ كَسْبِ الْحَجَّامِ ، فَقَالَ : احْتَجَمَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَجَمَهُ أَبُو طَيْبَةَ ، فَأَمَرَ لَهُ بِصَاعَيْنِ مِنْ طَعَامٍ ، وَكَلَّمَ أَهْلَهُ فَوَضَعُوا عَنْهُ مِنْ خَرَاجِهِ وَقَالَ : إِنَّ أَفْضَلَ مَا تَدَاوَيْتَمْ بِهِ الْحِجَامَــــةُ ، أَوْ إِنَّ مِـنْ أَمْثَلِ دَوَائِكُمُ الْحِجَامَةَ.

مفردات جو شرح:  ”کَسَبِ “ جمع ڪرڻ ، طلب ڪرڻ، نفعو ڪمائڻ ، روزي تلاش ڪرڻ، ڪمائڻ صَاعَيْنِ ٻه ٽويا يا هي صاع جو تثنيو آهي، تقريبًا چئن سيرن جو هڪ ٽويو هوندو آهي. خَراجِ يا خِراج ”پيداوار، اهو محصول جيڪو بادشاهه يا زمين جو مالڪ وصول ڪندو آهي. آمدني تَدَاوَيٰ پنهنجو پاڻ علاج ڪرڻ فرمايائون.

بامحاوره ترجمو: حضرت حميد d کان روايت آهي ته حضرت انس بن مالڪ d کان سڱي هڻندڙ جي محنت ۽ مزدوري بابت پڇيو ويو؟ حضرت انس d چيو ته  رسول الله جن ابو طيبه (غلام) کان سڱي هڻائي هئي ۽ ان کي ان جي محنت طور ڪڻڪ جي ٻن ٽوين ڏيڻ جو امر فرمايو هيائون ۽ ان ٻانهي جي مالڪ کي به سفارش ڪيائون. پوءِ ان ان جي قسط ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي هئي.

پاڻ ڪريمن ائين به فرمايو ته ”دوا کان سڱي وڌيڪ آهي، يا فرمايائون ته ”سڱي هڻائڻ دوائن مان عمدو علاج آهي.“

سمجهاڻي: هن  روايت ۾ حضرت انس بن مالڪ d کان سڱي هڻڻ جي مزدوري جي متعلق سوال ڪيو ويو ته ان جو اجورو وٺڻ جائز آهي يا نه. بعض شارحن فرمايو ته شايد ان سوال ڪرڻ جي منشا اها هجي ته : سڱي هڻڻ جي اجوري وٺڻ کي هڪ حديث ۾ خبيث سڏيو ويو آهي سائل کي وهم ٿيو ته سڱي هڻندڙ کي اجورو ڏيڻ حرام آهي. حضرت انس d سوال ڪندڙ کي ٻڌايو ته : حضرت نبي ڪريم جن ابو طيبھ کان سڱي هڻائي ۽ پاڻ ان کي کاڌي جا ٻه ٽويا ڏياريائون. جنهن مان معلوم ٿيو ته سڱي هڻندڙ کي اجورو ڏيڻ جائز آهي. جيڪڏهن جائز نه هجي ها ته حضور ڪريم جن اهڙو امر نه ڪن ها. هڪ روايت ۾ ٻه ٽويا کارڪن جا ذڪر ڪيل آهن. ابو طيبھ جو نالو نافع هو ۽ حضرت نبي ڪريم جن ان تان گهٽتائي ڪرائي هئي. يعني پاڻ ان جي لاءِ سندس مالڪ کي سفارش ڪئي هيائون جيڪو ان کان ڪمائي مان زياده محصول وٺندو هو اهو گهٽ ڪري. ابو طيبه جي سردار جو نالو محيصھ بن مسعود هو. ان ابو طيبه کي ان شرط تي ڇڏي ڏنو هو ته اهو روز ٽي ٽويا کجور جا ان کي ڪمائي آڻي ڏيندو ان کان وڌيڪ جيڪو بچيو اهو سندس هوندو، اهڙي غلام کي”عبد ماذون“ اجازت ڏنل ٻانهو سڏيندا آهن. حضرت نبي ڪريم جي سفارش تي ان ٽن جي بجاءِ ٻه ٽويا مقرر ڪيا بي وس، لاچار ۽ غلامن تي حضور ڪريم جي شفقت ۽ انهن سان محبت ايتري هئي جنهن جو ڪو اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي، ان سچي جذبي جو اظهار ان مظلوم غلام جي مدد ۽ حمايت ڪرڻ سان فرمايائون ۽ بعض علماء فرمايو ته : سڱي هڻائڻ مديني وارن سان مخصوص آهي ڇوته اهي اڪثر ڪري کجور کائيندا آهن جنهن سان رت گهاٽو ٿيندو آهي جيڪو سڱي هڻائڻ سان ڪڍيو ويندو آهي، علماء فرمايو آهي ته جن ماڻهن جي مزاج گرم آهي ۽ سندن رت گهاٽو آهي انهن کي سڱي هڻائڻ مستحب آهي ۽ حضرت نبي ڪريم جن ڪيترا ڀيرا سڱي هڻائي آهي ۽ طبيبن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ٿڌي مزاج ۽ سرديءَ واري ملڪ ۾ رهن ٿا انهن جي لاءِ سير ڇوڙائڻ افضل آهي ۽ البيجوري  لکيو آهي ته : ابو طيبھ بني حارثه يا ابي مسعود انصاري جو غلام هو ۽ ان جي مٿان ڪمائي مان محصول گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنهن کي حضرت نبي ڪريم جن حڪم ڪيو هو ان جو نالو مُحَصَيَّة بن مسعود هو. محصية ميم جي پيش الحا جي زبر ۽ يا جي شد سان ۽ حاء زير سان ۽ صاد جي زبر سان به آهي۽ ان تي جيڪي ٽي ٽويا کجور جا رکيل هئاسي به شريعت جي موافق هئا پر حضور ڪريم جن ان ۾ به هلڪائيءَ جي سفارش ڪئي جنهن جي ڪري ان تي هڪ گهٽ ڪري باقي ٻه ٽويا رکيا ويا. ۽ هن حديث ۾ حضور نبي ڪريم جن سڱي هڻڻ سان علاج ۽ دوا ڪرائڻ کي افضل ۽ امثل قرار ڏنو آهي ۽ هن حديث مان دليل ٿو ملي ته دوا ڪرائڻ حلال بلڪه سنت آهي ۽ طبيب کي اجورو وٺڻ جائز آهي جنهن جو ڪنهن ڏانهن ڪو قرض آهي ته ان کي قرض ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي لاءِ سفارش ڪرڻ به جائز آهي. علامه علي القاري  لکيو آهي ته : ابو طيبھ هڪ سؤ ٽيتاليهه سال زندهه رهيو ۽ طبراني ابن سيرين  تائين صحيح سند سان روايت آندي آهي ته : ”اِذَا بَلَغَ الرَّجُلُ اَرۡبَعِيۡنَ سَنَّةً لَمۡ يَحۡتَجِمۡ (جڏهن مرد چاليهه سالن جي عمر کي پهچي ته پوءِ سڱي نه هڻائي.) ڇوته اهو ان وقت واري عمر ۾ ناقص ۽ جسماني قوة جي لحاظ سان ڏٻرو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي پوءِ لائق ناهي ته ان ۾ اڃان وڌي. ۽ رت نڪرڻ جي ڪري سستيءَ ۾ وڌندو. علامه مناوي  لکيو ته : ”تداويتم“ وارو خطاب حرمين شريفين جي نوجوانن سان هو. حضرت ابن عوف فرمائيندو هو ته ”جڏهن مرد چاليهه سالن جي عمر کي پهچي ته پوءِ سڱي نه هڻائي.“ ابنِ عوف d فرمايو ته ”مون ان وقت کان وٺي سڱي هڻائڻ ڇڏي ڏني.“ حالانڪه اها الله جي طرفان نعمت هئي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 176، المواهب ص 603) ۽مَا تَدَاوَيۡتُمۡ بِهٖ ۾ خطاب اهل حجاز سان آهي ڇوته انهن جو رت گهاٽو ناهي ڇجڙو آهي ۽ اهو ظاهري بدنن ڏانهن خار جي حرارت جي جذب جي ڪري وڌيڪ سندن بدنن جي ظاهر ڏانهن لاڙو ڪندڙ آهي.    (المواهب  ص 522)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في کتاب المسافاة باب 11 حل اجرة الحجامة رقم الحديث 1577 ج 3 ص 1204 {2} البخاري في کتاب البيوع باب 39 ذکر الحجام رقم الحديث 3424 {3} ابو داؤد في کتاب البيوع باب 39 في کسب الحجام رقم الحديث 3424 ج 3 ص 266 {4} مالڪ في الموطا کتاب الاستئذان باب 10 ماجاء في الحجامة واجرة الحجام رقم الحديث 26 ج 2 ص 974. {5} البيهقي في سننھ ج 9 ص 337 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2035 ج 8 ص 19.

{362} حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ عَلِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا وَرْقَاءُ بْنُ عُمَرَ ، عَنْ عَبْدِ الأَعْلَى ، عَنْ أَبِي جَمِيلَةَ ، عَنْ عَلِيٍّ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ احْتَجَمَ وَأَمَرَنِي فَأَعْطَيْتُ الْحَجَّامَ أَجْرَهُ.

مفردات جو شرح: ”احْتَجَمَ سڱي هڻايائون. اَلْحَجَّامَ سڱي هڻندڙ.

بامحاوره ترجمو: حضرت علي d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن سڱي هڻائي ۽ مون کي (ان جي محنت مزدوري ڏيڻ جو) امر فرمايائون ته مون ان سڱي هڻندڙ حجام کي مزدوري ڏني.

سمجهاڻي: هن روايت مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿي رهيون آهن. (1) سڱي هڻائڻ (2) سڱي هڻائڻ جو اجورو ڏيڻ مطلب ته اهي ٻئي ڳالهيون حضور ڪريم جي قول ۽ فعل سان ثابت آهن. جيئن اڳ ۾  لکي آيا آهيون. سيدنا علي d جن اهو امر ادا ڪيو جو ان کي اجورو ڏنائون ۽ اهو اجورو ٻه ٽويا کارڪون هيون جيئن بيان ٿي چڪو آهي بخاري شريف باب السيوط ۾ حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته : ”اِنَّ النَّبِي اِحۡتَجَمَ وَاَعۡطَي الۡحَجَامَ اَجَرَهٗ وَاسۡتَحَطَ بلاشڪ نبي ڪريم جن سڱي هڻائي سڱي هڻندڙ کي ان جو اجورو ڏنائون ۽ نڪ ۾ دوا وجهرايائون. ۽ علامه ابن الجوزي  لکيو آهي ته سڱي هڻڻ جو اجورو وٺڻ ان جي ڪري مڪروه آهي جو مسلمان جي مسلمان تي مدد ڪرڻ ان جي محتاج هجڻ مهل واجب آهي ان تي اجورو مناسب ناهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن ماجھ في کتاب التجارات باب 10 کسب الحجام رقم الحديث 2280 {2} احمد في المسند ج 1 ص 90، 134، 135. {3} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 153 ص 23 {4} ابنِ ابي شيبھ في المصنف رقم الحديث 20987 ج 4 ص 355 {5} البيهقي في سننھ ج 9 ص 338.

{363} حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ الْهَمْدَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ ، عَنْ سُفْيَانَ الثَّوْرِيِّ ، عَنْ جَابِرٍ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : إِنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ احْتَجَمَ فِي الأَخْدَعَيْنِ وَبَيْنَ الْكَتِفَيْنِ ، وَأَعْطَى الْحَجَّامَ أَجْرَهُ وَلَوْ كَانَ حَرَامًا لَمْ يُعْطِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت شعبي d (حضرت ابن عباس f جي شاگرد) چيو، منهنجو گمان آهي ته حضرت ابن عباس f چيو ته پاڻ ڪريم جن ڪنڌ جي ٻنهي پاسن وارين ٻن رڳن تي ۽ ٻن ڪلهن جي وچ تي سڱيون هڻايون ۽ سڱي هڻندڙ حجام کي مزدوري ڏنائون جيڪڏهن هي محنت مزدوري حرام هجي ها ته ان کي نه ڏين ها.

مفردات جو شرح: ”الأَخْدَعَيْنِ هــي ٻئي ڪنڌ جـــي ٻنهي پاسن کان ٻه رڳون آهن. اَلْكَتِفَيْنِ ڪلها ۽ هتي انهن ٻنهي جـــي وچ مان مراد پٺيءَ جــو مٿيون حصو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت مان ڪنڌ مبارڪ جي ٻنهي پاسن وارين رڳن ۽ ٻن ڪلهن جي وچ تي سڱي هڻائڻ ۽ ان جو اجورو ڏيڻ ثابت آهي ۽ اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته اها مزدوري ڏيڻ جيڪڏهن منع هجي ها ته حبيب ڪريم نه ڏين ها. محدث عبدالرزاق  روايت آندي آهي ته جڏهن حضور ڪريم جن کي خيبر ۾ زهر ڏنو ويو ته پاڻ پنهنجي ڪرنگهي تي ٽي سڱيون هڻايون هيائون ڇوته زهر رت ۾ ملي قلب تي پهچي ٿو ۽ رت ڪڍڻ سان ان ۾ مليل زهر نڪري وڃي ٿو پر حضور ڪريم جن کي مليل زهر سمورو نه نڪتو هو تانت کين شهادت جو مرتبو ۽ مانُ ملي. جنهن سان سندن مراتب ۽ فضل ۾ اضافو ٿئي. محدثن ڀلارن فرمايو آهي ته : ڪنڌ جي ٻنهي پاسن تي سڱي هڻائڻ مٿي ۽ منهن ۽ ڪنن ۽ اکين ۽ ڏندن ۽ نڪ جي بيمارين کان بچائي ٿي. ۽ ڪرنگهي تي سڱي هڻائڻ ڏند ۽ منهن ۽ نڙيءَ جي سور کي روڪي ٿي ۽ دماغ کي صاف ڪري ٿي ۽ پنين ، بڪين تي سڱي هڻائڻ ران جي سوڄ ۽ نقرس ۽  بواسير ۽ داء الفيل ۽ پٺي جي بيماريءَ کي روڪي ٿي ته پيرن جي پٺي تي سڱي هڻائڻ جيڪا رانن جي ڦٽن، پنين جي ڦٽن ۽ عارضي کان روڪي ٿي ۽ ابو دا‍ؤد روايت آندي آهي ته مٿي جي ان جاءِ تي سڱي هڻائڻ جيڪا سُمهڻ محل زمين سان لڳي ٿي رسول الله جن فرمايو آهي تهاِنَّهَا شِفَاءُ مِّنۡ سَبۡعِيۡنَ دَاءَ اها ستر بيمارين کان  شفا آهي ۽ هڪ حديث ۾ آهي ته مٿي جي ان حصي تي سڱي هڻائڻ ويسر ٿي پيدا ڪري ڇوته اهو دماغ جو پويون حصو حافظي جي جاءِ آهي. علامه بيجوري  لکيو آهي ته : شايد اهو غير ضرورت جي حالت ۾ آهي نه ته صحيح سند سان ثابت آهي ته رسول الله جن پنهنجي ڪياڙي مبارڪ جي ٻٽن جاين تي حسب ضرورت سڱي هڻائي آهي سڱي هڻندڙ کي اجورو ڏيڻ جيڪڏهن حرام هجي ها ته نه ڏين ها.“ ڇوته اها ناجائز ڪم تي مدد ڪرڻ آهي ۽ حضور ڪريم جن ڪڏهن به حرام تي مدد نه ڪندا پوءِ هن حديث ۾ انهن جو رد آهي جيڪي ان کي مطلقًا حرام چوندا آهن ۽ اها علت بيان ڪندا آهن ته سڱي هڻڻ انهن امرن مان آهي جيڪي هڪ مسلمان جا ٻئي مسلمان تي واجب آهن ڇوته اهو ان جو محتاج آهي ۽ جيڪا شيءِ واجب آهي ان تي اجورو وٺڻ صحيح ناهي ۽ هن ۾ ان تي به حجت قائم ٿئي ٿي جنهن جو فرمان آهي ته ”جيڪو آزاد آهي ان کي اجورو وٺڻ جائز ناهي ٻانهي جي لاءِ اجورو وٺڻ جائز آهي“ اهو بزرگ حضرت امام احمد  آهي جنهن چيو ته سڱي جي ڪمائي مان پنهنجي سر تي خرچ ڪرڻ حرام آهي ۽ ٻانهن ۽ چوپاين جانورن تي ان مان خرچ ڪرڻ جائز آهي ۽ ٻانهي لاءِ ان جو اجورو وٺڻ مطلقًا جائز آهي ۽ علامه ابن العربي انهن قولن ۾ ته حضور ڪريم جن جو فرمان کَسَبُ الۡحَجَّامِ خَبِيۡثُ“ (سڱي هڻندڙ جي ڪمائي پليد آهي) ۽ هنن روايتن ۾ ته پاڻ سڱي هڻندڙ لاءِ اجورو ڏيڻ جو امر فرمايائون . هن طرح جمع ڪيو آهي ته جنهن وقت اجورو معلوم ۽ عمل به معلوم هجي ته جائز آهي ۽ جنهن وقت معلوم نه هجي ته جائز ناهي، ۽ جمهور علماء جو مذهب هي آهي ته سڱي هڻڻ جو اجورو وٺڻ جائز آهي ۽ طحاوي  فرمايو ته : اهو پهريان حرام هو پوءِ اهو حڪم منسوخ ٿي ويو ۽ هاڻي اجورو وٺڻ جائز آهي.   

(اشرف الوسائل ص 524، 526 جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 177، انوارِ غوثيه ص 514.)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 1 ص 241 {2} ابو يعلى رقم الحديث 2362 ج 4 ص 250 {3} الطحاوي في شرح معاني الآثار ج 4 ص 130 {4} مسلم في کتاب المساقاة باب 11 حل اجرة الحجام رقم الحديث 1202 حديث الکتاب 66 ج 3 ص 1205.

{364} حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ ، عَنِ ابْنِ أَبِي لَيْلَى ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دَعَا حَجَّامًا فَحَجَمَهُ وَسَأَلَهُ : كَمْ خَرَاجُكَ ؟ فَقَالَ : ثَلاَثَةُ آصُعٍ ، فَوَضَعَ عَنْهُ صَاعًا وَأَعْطَاهُ أَجْرَهُ

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عمر f کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن سڱي هڻندڙ کي گهرايو جنهن حضور ڪريم جن کي سڱيون هنيون، پاڻ ڪريمن ان کان پڇيو ته تنهنجو روزانو ڪيترو محصول آهي يا مالڪ کي روز گهڻو محصول ڏيندو آهين؟ ان ٻڌايو ته ٽي ٽويا. پاڻ سڳورن ان جي مالڪ کي سفارش ڪري هڪ ٽويو گهٽ ڪرايو ۽ پوءِ ان سڱي هڻندڙ ٻانهي کي ان جي مزدوري به ڏنائون.

مفردات جو شرح: ”كَمْ خَرَاجُكَ توتي روزانو ڪيترو محصول هوندو آهي. آصُعٍ صاع جو جمع آهي ۽ هن جو جمع اصوع به ايندو آهي هن جي معنى ٽويا.

سمجهاڻي: هن جي سمجهاڻي اها ئي آهي جيڪا اڳين روايتن ۾ لکي آيا آهيون مقصد هي آهي ته حضور ڪريم ٽن ٽوين محصول ۾ ادا ڪرڻ وارن مان هڪ ٽويي جي گهٽائڻ جي سفارش ڪري ٻه ٽويا ڪرائي ڏنا. ۽ ان کي کارڪ جا ٻه ٽويا سڱي جي اجوري ۾ به ڏنا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ حجر في فتح الباري ج 4 ص 460. {2} احمد في المسند ج 3 ص 353 {3} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 443.

{365} حَدَّثَنَا عَبْدُ الْقُدُّوسِ بْنُ مُحَمَّدٍ الْعَطَّارُ الْبَصْرِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ عَاصِمٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا هَمَّامٌ ، وَجَرِيرُ بْنُ حَازِمٍ قَالاَ : حَدَّثَنَا قَتَادَةُ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَحْتَجِمُ فِي الأَخْدَعَيْنِ وَالْكَاهِلِ ، وَكَانَ يَحْتَجِمُ لِسَبْعَ عَشْرَةَ وَتِسْعَ عَشْرَةَ وَإِحْدَى وَعِشْرِينَ.

بامحاور ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله ڪنڌ جي ٻنهي پاسن جي رڳن ۽ ڪنڌ تي سڱيون هڻائيندا هئا ۽ پاڻ گهڻو ڪري سترهين اڻويهين ۽ ايڪيهين تاريخن تي سنڱيون هڻائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”كَاهِلِ ڪرنگهي جو هڏو. هن جو جمع ”کواهل“ آهي يعني ٻنهي ڪلهن جي وچ تي .

سمجهاڻي: علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي  فرمايو ته : محدث ترمذي  هيءَ حديث به روايت ڪئي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته : ”خَيۡرُ مَا تَحتَجِمُونَ فِيهِ يَومُ سَابِعِ عَشرَة او تَاسعِ عَشرَة وَيَومُ اِحدَي وَ عِشرينَ ( ڀلو ڏينهن جنهن ۾ اوهان سڱي هڻايو. سترهين جو ڏينهن يا اڻويهين جو ڏينهن يا ايڪويهين جو ڏينهن آهي ۽ ابنِ ماجھ وغيره روايت آندي آهي ته مَنۡ اَرَادَ الحَجَامَةَ فليجَمۡر سَبۡعَ عشرَة اَو تسعَ عَشرة اَو اِحدَيٰ و عِشرِينَ الحديث (جنهن سڱي هڻائڻ جو ارادو ڪيو اهو سترهين يا اڻويهين يا ايڪيهين جو ڏينهن جاچي ان ۾ سڱي هڻائي ۽ ابو داؤد پنهنجي سنن ۾ حضرت ابو هريره d کان مرفوع روايت آندي آهي ته :مَنِ احۡتَجَّم لِسَبۡعِ عِشۡرَةَ وَتِسۡعِ عَشۡرَةَ وَ احديٰ وَعِشۡرِين کَانَ شِفَاءً مِّنۡ کُلِّ دَاءِ.“  (جنهن سترهين ۽ اڻويهين ۽ ايڪيهين جو ڏينهن سڱي هڻائي ته ان جي لاءِ هر بيماري کان شفاء هوندي. علامه علي قاري  وضاحت ڪندي لکيو ته سڱي هڻائڻ هر ان مرض کان شفا آهي جيڪو رت جي غلبي جي ڪري ٿيندو آهي ۽ طبيبن جو بالاتفاق قول آهي ته مهيني جي وچ ۾ ۽ ٽئي حصي ۾ سڱي هڻائڻ وڌيڪ نفعو ڏيندڙ آهي ۽ هيءَ به روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو” بغير کاڌي جي سڱي هڻائڻ دوا آهي ۽ پيٽ ڀريل هجڻ جي صورت ۾ بيماري آهي ۽ مهيني جي سترهين تاريخ شفا آهي ۽ اڱاري جي ڏينهن بدن جي صحت آهي ۽ مون کي منهنجي دوست جبريل سڱي هڻڻ جي لاءِ ايترو چيو جو مون گمان ڪيو ته اها ضروري آهي ۽ ترمذي جي هڪ روايت ۾ آهي ته عَلَيۡکَ بِالۡحَجَامَةِ يَا مُحَمَّدُ!“ اي محمد ! سڱي هڻائڻ کي لازم ڪري وٺ ۽ هي امر مستحب هجڻ جي لاءِ آهي. احتياطي ارشاد آهي ۽ ابنِ ماجھ حديث آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: مَا مَرَرۡتُ لَيۡلَةً اُسۡرِيَ بِي بِمَلَاءِِ اِلَّا قَالُوا يَا مُحَمَّدُ مُرۡ اُمَّتَکَ بِالۡحَجَامَةِ معراج واري رات مان (ملائڪن جي جنهن به ٽولي کان لنگهيس ته انهن مون کي چيو ته اي محمد ! پنهنجي امت کي سڱي هڻائڻ جو امر ڪيو اهو انهن جي بدن جي صحت جي حفاظت ۽ بچاءِ جي لاءِ آهي. ترمذي هيءَ حديث به آندي آهي ته نِعۡمَ الۡعَبۡدُ الۡحَجَّامُ يُذۡهِبُ الدَّمَّ وَيُخَفِّفُ الصَّلۡبَ وَيَجۡلوۡا البَصَرَ سڱي هڻندڙ ٻانهو ڀلو آهي جو فضول رت ڪڍي ٿو پٺيءَ تان (ان جو بار) هلڪو ڪري ٿو ۽ (ان ذريعي) اکين کي روشن ڪري ٿو. ابو داؤد روايت آندي آهي ته : جڏهن رسول الله جن کي زينب بنت الحارث، مرحب يهودي جي ڀيڻ ٻڪريءَ جي گوشت ۾زهر ڏنو هو ته پاڻ پنهنجي ڪرنگهي تي سڱي هڻائي هيائون. ابن سينا جو قول آهي ته : مهيني جي اول ۾ سڱي نه هڻائجي جو خلط اڃان پوري هيجان ۽ جوش ۾ نه هوندا آهن ۽ مهيني جي آخر ۾ ٿڌا ٿيندا آهن باقي مهيني جي وچ ۾ سڱي هڻائڻ جيئن چنڊ ۾ روشني وڌندي آهي ان وقت گهڻو فائديمند هوندي آهي ۽ خلط ائين جوش ۾ هوندا آهن جيئن چنڊ جي روشني وڌندي آهي. علامه مناوي  لکيو آهي ته سج اڀرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ سڱي هڻائجي ۽ جماع ڪرڻ يا غسل ڪرڻ کان پوءِ جلدي به نه هڻائجي ۽ صفا ڍؤ صفا بک جي حالت ۾ به نه هڻائجي. علامه ابن القيم فرمايو ته : مذڪور اوقات کي اختيار ڪرڻ عام حالت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن خاص حالت ۾ خاص مرض جي لاءِ ڪنهن ٻئي وقت (سڱي هڻندڙ جي تجربي جي مدار تي) هڻائي وڃي ته به منع ناهي. علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي : اڱاري جي ڏينهن سڱي هڻائڻ ۾ روايتون مختلف آهن ان جي ڪري افضل آهي ته مجبوريءَ کان سواءِ ان ۾ سڱي نه هڻائي ۽ بهتر آهي ته سومر جي ڏينهن هڻائجي خاص ڪري اهو سومر جو ڏينهن جيڪو سترهين يا اڻويهين يا ايڪيهين تاريخ ٿئي.

 (اشرف الوسائل ص 629، جمع الوسائل مع شرح المناوي  2 ص 177، 178 ، المواهب ص 608، 609.)

هيءَ حديث ٻين محدثن آندي آهي: {1} الترمذي في کتاب الطب باب  12 ماجاء في الحجامة رقم الحديث 2051 ج 4 ص 390 {2} الحاکم في المستدرک ج 4 ص 210 {3} ابو داؤد في کتاب الطب باب 4 في موضع الحجامة رقم الحديث 3860 ج 4 ص 4 {4} ابن ماجه في کتاب الطب باب 21 موضع الحجامة رقم الحديث 3483 {5} احمد في المسند ج 3 ص 119.

{366} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : أَنْبَأَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ احْتَجَمَ وَهُوَ مُحْرِمٌ بَمَلَلٍ عَلَى ظَهْرِ الْقَدَمِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن پير جي پٺي تي (مدينه جي ويجهو) ملل واري ماڳ تي احرام جي حالت ۾ سڱيون هڻايون .

مفردات جو شرح: ”احْتَجَمَ سڱي هڻايائون. وَهُوَ حالانڪه پاڻ واو حاليه آهي. مُحْرِمٌ“ احرام ۾ هئا، احرام ٻڌل هونِ. مَلَلٍ مڪه مڪرمه کان ايندي مدينه منوره کان سترهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي. ظَهْرِ الْقَدَمِ پير مبارڪ جي پٺي تي.

سمجهاڻي: هن روايت مان واضح ٿيو ته حضرت حبيب ڪريم جن احرام ۾ به سڱي هڻائي. شارحن ڀلارن لکيو آهي ته : اها اجازت ان حالت ۾ آهي جو پير مبارڪ يا جسم جي ٻئي ڪنهن حصي تي وار نه هجن ۽ جيڪڏهن وار هجن ته پوءِ سڱي هڻائڻ جي اجازت ناهي. امام مالڪ  فرمايو ته احرام جي حالت ۾ سڱي هڻائڻ مڪروهه آهي پر هيءَ حديث ان جي مٿان حجت آهي. حبيب ڪريم جن کان مٿي مبارڪ جي وچ تي به سڱي هڻائڻ ثابت آهي. جنهن مان واضح ٿيو ته مختلف مرضن جي ڪري مختلف جاين تي سڱي هڻائجي.

مٿي تي سڱي هڻائڻ جا فائدا: ابن عدي حضرت ابنِ عباس f کان مرفوع روايت آندي آهي ته اَلۡحَجَامَةُ فِي الرَّاسِ تَنَفَعُ مِنۡ سَبۡعِ الۡجُنوۡنِ وَ اَلۡجُذَامِ، وَالۡبَرۡصِ وَالنُّعَاسِ وَالصُّدَاعِ وَ وَجعِ الضَّرَسِ وَلۡعَيۡنِ مٿي ۾ سڱي هڻائڻ ستن مرضن کان نفعو ڏي ٿي، چريائپ، جذام، ڪوڙهه، اوٻاسي، مٿي جو سور، ڏاٺ ۽ اک جي سور کان.) ۽ طبيبن جو به چوڻ آهي ته : مٿي جي وچ تي سڱي هڻائڻ تمام گهڻو فائديمند آهي. محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : احرام جي حالت ۾ سڱي هڻائڻ بعض امامن وٽ مڪروهه آهي پر حنفين وٽ ان شرط سان جائز آهي ته وار نه وڍجن، هنن روايتن ۾ سڱيءَ جو استعمال ڪثرت سان نقل ڪيو ويو آهي۽ ٻين حديث جي ڪتابن ۾ به حضور ڪريم جن جي قول ۽ فعل سان سڱي جو استعمال ڪرڻ منقول آهي ۽ سير ڇوڙائڻ جو استعمال نقل ڪيل ناهي، حالانڪه طبيبن وٽ سير ڇوڙائڻ ۾ سڱي هڻائڻ کان وڌيڪ فائدا آهن ۽ گهڻن مرضن ۾ اڪسير آهي انجو سبب هي آهي ته اهي ٻئي شيون مطلق طور نفعو ڏيندڙ  ناهن پر انهن ۾ تفصيل آهي. حجاز جو ملڪ گرم آهي ۽ جيئن پهريان لکجي چڪو آهي ته ان ملڪ جي لاءِ سڱي زياده مناسب آهي  ڇوته موسم جي گرم ۽ سرد هجڻ سان مزاجن ۾ بيحد تفاوت هوندو آهي گرم ملڪن ۾ ۽ اهڙي طرح ٻين ملڪن ۾ گرميءَ جي موسم ۾ گرمي بدن جي ظاهري حصي تي ايندي آهي ۽ باطني حصي ۾ ٿڌو اثر هوندو آهي اهو ئي سبب آهي جو گرمي جي زماني ۾ پگهر گهڻو ايندو آهي ۽ اندر ۾ ٿڌي اثر جي ڪري کاڌي جي هضم ٿيڻ ۾ دير لڳندي آهي ۽ مختلف بيماريون پيدا ٿينديون آهن. بخلاف سرد ملڪن جي ۽ اهڙي طرح سرديءَ جي زماني ۾ ٻين ملڪن ۾ انسان جي حرارت بدن ۾ اندر هلي ويندي آهي جنهن جي ڪري هاضمي جي قوت وڌندي آهي، پيشاب ۾ به اٺ نڪرندي آهي ، بيمارين ۾ گهٽتائي ايندي آهي ان جي ڪري حڪيم بقراط جو قول آهي ته : سرد موسم ۾ اندر جي گرمي وڌندي آهي ۽ ننڊ گهڻي ايندي آهي کاڌو آسانيءَ سان هضم ٿيندو آهي ۽ ڳريون غذائون به آسانيءَ سان هضم ٿينديون آهن ۽ گرميءَ ۾ ڏکيائي سان هضم ٿينديون آهن. اهل حجاز کي ماکي، کارڪ وغيره جي استعمال ڪرڻ سان نقصان نه ٿيندوآهي ۽ سڱي ۾ جڏهن ته رت ظاهري بدن مان نڪرندو آهي ۽ حجاز ۾ ظاهري بدن تي گرمي گهڻي هوندي آهي ته اتي جي لاءِ سڱي وڌيڪ مناسب آهي ۽ سير ڇوڙائڻ ۾ بدن جي اندران رڳن مان رت نڪرندو آهي ان جي ڪري حجاز وارن جي لاءِ سير ڇوڙائڻ مناسب ناهي سڱي هڻائڻ مناسب آهي ۽ اها ئي حضور ڪريم جن کان روايت ڪيل آهي. علامه ابن حجر هيتمي مڪي  لکيو آهي ته احرام جي حالت ۾ وارن نه وڍجڻ جي صورت ۾ سڱي هڻائڻ جائز آهي پر جيڪڏهن مجبوري آهي ته وارن وڍجڻ جي صورت ۾ سڱي هڻائي پوءِ انهن وارن جو فديو ڏئي ڇڏي.

            (جمع الوسائل ج 2 ص 180، اشرف الوسائل ص 529 ، المواهب ص 608، خصائل نبوي ص 327)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الحج باب 26 المحرم يحتجم رقم الحديث 1837 ج 2 ص 168 {2} النسائي في کتاب الحج باب 91 حجامة المحرم علي ظهر القدم ج 5 ص 194 {3} احمد في المسند ج 3 ص 164 {4} الحاکم في المستدرک ج 1 ص 453 {5} البيهقي في سننھ الکبرى ج 9 ص 339.

 

 


فهرست

فهرست

باب 38: رسول الله جي رات جا معمولات

باب 39: ننڊ ڪرڻ

باب 40:عبادت ڪرڻ

باب 41:ضحيٰ نماز

باب 42: گهر ۾ نفل پڙهڻ

باب 43: روزن جو بيان

باب 44:قرائت جو بيان

باب 45:روئڻ جو بيان

باب 46:بستري جو بيان

باب 47:نوڙت جو بيان

باب 48:اخلاق جو بيان

باب 49:حياءَ جو بيان

باب 50:سڱي هڻائڻ

باب 51:نالا مبارڪ

باب 52:گذران مبارڪ

باب 53:(ظاهري) زندگي مبارڪ

باب 54:رحلت جو بيان

باب 55:ورثي جو بيان

باب 56:محبوبن کي خواب ۾ ڏسڻ

راوين جو الف بي وار تعارف  

اهي راوي جن جي ذڪر ۾ اول ”الف“ ايندو آهي

ب وارا نالا.

ت“ ۽ ”ث“ وارا نالا

ج“وارا نالا

ح“ وارا نالا

خ“ وارا نالا

د“ ۽ ”ر“ وارا نالا

 ”ز“ وارا نالا

س“ وارا نالا

ش“ وارا نالا

ص“ ۽ ”ط“ وارا نالا

ع“  وارا نالا

ف“۽ ”ق“ وارا نالا

ڪ“۽ ”ل“ وارا نالا

 ”م“ وارا نالا

 ”ن“ وارا نالا

و“ ۽ ”هه“ وارا نالا

ي“ وارا نالا

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting