خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

مقدمه

 حجيّت حديث

فخرِ موجودات حضور پر نور جي پاڪ شمائل تي محدث ترمذيߋ جي لکيل ڪتاب”شمائل ترمذي“ جو سنڌي زبان ۾الفيوضاتِ المصطفوية شرح الشمائل المحمدية نالي شرح لکي پورو ڪرڻ کان پوءِ خيال آيو ته هن وقت سنڌ ۾ حديث پاڪ جي حجت هجڻ جي انڪار جو فتنو وڌي رهيو آهي ۽ سنڌي سچن ۽ پڪن مسلمانن جي حديث کان پري رکڻ، حديث کان نفرت ڏيارڻ جي وڏي مهم هلائي پئي وڃي ۽ کين چيو ٿو وڃي ته دليل صرف قرآن ڪريم آهي ۽ اهو ئي صحيح وَحۡيُ مَتۡلُوُّ (تلاوت ڪيل) آهي جيڪو جبريل امين لوح محفوظ کان آڻي حضرت حبيب ڪريم جن وٽ تلاوت ڪيو هو. حديث نبوي جنهن کي حضور ڪريم جي پاڪ ظاهري زندگي کان وٺي صحابه، تابعين ۽ تبع تابعين ۽ جمهور مسلمان حجت ۽ دليل سمجهندا ان تي عمل ڪندا آيا آهن ۽ ان کي اصطلاح ۾ وَحۡيُ غَيۡرُ مَتۡلُوُّ سڏيندا آيا آهن . اها نه حجت آهي ۽ نه دليل اها بعد ۾ ايجاد ڪئي وئي آهي پر اهو فڪر ۽ ذهن سراسر بي ديني ۽ الحاد آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ”نبوي حديث“ هميشه حجت هئي، آهي ۽ رهندي. حديث ۽ سنت هڪ شيءِ آهي انهن جا روايت جي لحاظ سان مختلف القاب آهن انهن جي سندُن جي ڇنڊ، ڇاڻ ۽ تحقيق تي محدثن ڀلارن وڏي  محنت ڪئي آهي حديث ۽ سنت کان سواءِ  نه قرآن مجيد جي مفهوم ۽ مراد سمجهه ۾ ايندي ۽ نه ان تي عمل ٿي سگهندو. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جڏهن کان حضور ڪريم جن رسالت ۽ نبوت جو اظهار فرمايو ۽ سندن مٿان نازل ٿيندڙ قرآن ڪريم به پاڻ ماڻهن کي پڙهي ٻڌايائون تڏهن کان قرآن ڪريم سان گڏ کين ان جو تفسير ۽ تشريح بيان ڪرڻ جو به علم ڏنو ويو بلڪه قرآن ڪريم سمجهائڻ ۽ ان جي حقيقي مراد ٻڌائڻ سندن رسالت ۽ نبوت جو بنيادي نڪتو هو. مسلمانن جي لاءِ دين جو سرمايو ۽ انهن جي لاءِ موڪليل شريعت جو متاعِ ڪل محبوب ڪريم جن جي حياتي جا حالات آهن سندن اقوال، احوال، رات ڏينهن جا معمولات ئي امت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن. صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور ڪريم جي زندگي جي ڪتاب جي هر ورق کي ياد ڪيو سفر ۽ حضر، خلوت ۽ جلوت ۽ نجي حالات کان وٺي عام سياسي معاملات تائين رسول الله جن جي پاڪ زندگي جو ڪو واقعو نه هو جيڪو انهن محفوظ نه رکيو هجي، اهي محبوب ڪريم جي حديث جو ذڪر ڪندا هئا ۽ سينن کان وٺي صحيفن تائين انهن کي ياد ۽ محفوظ رکندا هئا انهن کان پوءِ تابعي ۽ تبع تابعي به حفظ ۽ لکڻ ۾ پوئتي . پيا تانجو هلندي هلندي حديث جي فن کي باقاعده ترتيب ڏئي ڪتاب لکيا ويا ۽ ان طريقي سان سندن جامع سيرت ۽ دين اسلام جي مڪمل تصوير پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويو اسلامي ملت جي اڪابر علماء ۽ محمدي شريعت جي وڏن رهبرن حديث جي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون حياتيون وقف ڪري ڇڏيون ۽ صرف هڪ حديث پاڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن ڪئين ڀيرا سوين ميلن جا سفر به ڪيا هئا ۽ حديث شريف جي طلب ۾ سندن راهه ۾ ڪابه شيءِ رڪاوٽ نه بنجندي هئي ۽ اهي حديث پاڪ جا ايترا ته محب هئا جو پنهنجن شاگرن کان به حديث روايت ڪندا هئا ۽ ان کي عيب نه سمجهندا هئا. نبوي احاديث (علي قائلها الصلواة والسلام) کي اول پنهنجي سيني ۾ جاءِ ڏيندا هئا پوءِ ڪتابن ۾ لکندا هئا. حديث جي راوين جي باقاعده چڱي طرح جاچ ڪندا هئا ۽ ان لاءِ انهن خاص”علم الرجال“ جو فن تيار ڪيو هو ۽ هن ميدان ۾ انهن حيرت ناڪ ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. پر حديث جي هن عظيم ڪارنامن جو صحيح قدر ۽ ان جي قيمت جو اندازو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن هي معلوم ٿئي ته علم حديث جي اسلام ۾ ڪهڙي اهميت آهي ۽ جيڪڏهن هن مسلم امت وٽ حديثن جو سرمايو نه هجي ها ته دين اسلام جي ڪهڙي شڪل ۽ صورت هجي ها انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي مون هن مقدمي ۾ حديث جي ضرورت ۽ ان جي حجت هجڻ جي متعلق عرض ڪيو آهي ۽ اهو به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته حديث جو انڪار ڇو ڪرايو ويو ۽ ڪنهن ڪيو.

حديث جي ضرورت :

                سمجهڻ گهرجي ته قرآن ڪريم ۾ انسان کي زندگي گذارڻ جي لاءِ اصول ۽ قاعدا اجمالي طور بيان ڪيل آهن جن جو سمجهائڻ نبوي احاديث کان سواءِ ممڪن ناهي ۽ احڪام جي عملي صورت بيان ڪرڻ جي سهڻي حبيب ڪريم جن جي ”اسوه حسنه“ جي ضرورت آهي سندن حديثون اسان کي قرآني احڪام جي عملي تصوير مهيا ڪن  ٿيون ان کان سواءِ مثال طور صلواة، زڪواة، تيمم، حج ۽ عمره هي اهڙا الفاظ آهن جو عربي لغت انهن جون اهي معنائون نه ٿي ٻڌائي جيڪي شريعت ۾ مطلوب آهن انهن سڀني جون شرعي مطلوب معنائون ۽ مرادون ٻڌائڻ صرف حديث جو ڪم آهي. ٻيو ڪوبه ذريعو ناهي اهيئي مرادون ڪروڙين امتي حديث مان حاصل ڪري ان تي عمل ڪندا ۽ حديث کي حبيب ڪريم جو حقيقي ۽ سچو فرمان سمجهي پڙهندا، پڙهائيندا ۽ ياد ڪندا رهيا. جيڪڏهن ان جي ڪا اهميت نه هجي ها ته ڪروڙين امتي ان تي عمل نه ڪن ها. محمدي امت جو هن ڳالهه تي اجماع آهي ته قرآن ڪريم کان پوءِ ديني احڪام جي لاءِ دليل ۽ اهم ماخذ حديث آهي.

حديث جي حجت جو انڪار ڪنهن ڪرايو ۽ ڪيو؟

         ويهين صديءَ جي آغاز ۾ جڏهن مغربي قومن (عيسائين ۽ يهودين) جو مسلمانن تي سياسي ۽ نظرياتي تسلط وڌيو ته گهٽ علم رکڻ وارن مان هڪ اهڙو طبقو وجود ۾ آيو جيڪو انهن عيسائين ۽ يهودين جي فڪر کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ ائين سمجهڻ لڳو ته دنيا ۾ انهن جي پيروي ڪرڻ کان سواءِ ترقي حاصل نه ٿيندي پر جڏهن ته اسلامي ڪيترا احڪام انهن جي رستي ۾ رڪاوٽ بنيل هئا ته انهن اسلام ۾ تحريف ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو تانت انکي عيسائين ۽ يهودين جي فڪر سان مطابق بنايو وڃي. (ان طبقي  کي جدت پسند سڏيو وڃي ٿو) هندستان ۾ سر سيد احمد خان، مصر ۾ ڊاڪٽر طٰھ حسين ۽ ترڪيءَ ۾ ضياء گوک الپ هن طبقي جا رهنما ٿيا پر جڏهن ته هن طبقي جا مقصد نبوي احاديث کي رستي کان هٽائڻ کان سواءِ حاصل ٿي نه ٿي سگهيا ڇوته حديث پاڪ ۾ زندگيءَ جي هر شعبي جي متعلق تفصيلي هدايتون موجود آهن جيڪي عيسائين ۽ يهودين جي فڪر سان کليل ٽڪر کائيندڙ آهن ان جي ڪري انهن مان هڪڙن حديث پاڪ جي حجت هجڻ جو انڪار ڪيو. ۽ اهو آواز هندستان ۾ پهريان پهريان سر سيد احمد خان ۽ ان جي ساٿي چراغ علي بلند ڪيو ۽ انهن حديث جي انڪار کي کلي پيش ڪرڻ جي بجاءِ هي طريقو اختيار ڪيو ته جتي ڪا حديث کين سندن مدعا جي خلاف نظر آئي ته ان جي صحيح هجڻ جو انڪار ڪيائون ڀلي ان جي سندَ ڪيتري به قوي هجي ۽ ان سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن اهو اظهار ڪيو ويو ته هي حديثون موجوده دور ۾ حجت هجڻ نه کپن پر ڪٿي ڪٿي پنهنجي مطلب سان موافق ملندڙ حديث کي دليل به بنائيندا رهيا. اهڙي طريقي سان انهن واپار ۾ وياج کي حلال ڪيو ۽ حضرات انبياء ڪرام عليهم الصلواة والسلام جي معجزن جو انڪار ڪيو. پردي کي تسليم نه ڪيو ۽ ڪيترن عيسائين ۽ يهودين جي نظرين کي جواز جي سندَ ڏني. آهستي آهستي انڪارِ حديث جي نظريي کي ترقي ڏيندا رهيا. ۽ عبدالله چڪڙالوي جي اڳواڻيءَ ۾ هن نظريه کي وڌيڪ منظم ڪيو ويو ۽ ان نظريه وارن پاڻ کي اهلِ قرآن  سڏائڻ شروع ڪيو سندن اصل مقصد حديث جو ڪلي انڪار هو. ان کان بعد جيراج پوريءَ هن فتني کي مضبوط ڪيو ۽ هلندي هلندي هن جي واڳ پرويز غلام احمد سنڀالي هن کي هڪ منظم نظريه ۽ مڪتب فڪر جي شڪل ڏني. پرويز صاحب جڏهن ته لکڻ جو قابل هو ته ان جي لکت نوجوانن جا ذهن پاڻ ڏانهن ڇڪيا ۽ هي فتنو وڌڻ شروع ٿيو. انهن جا بنيادي نظريا هي آهن جيڪي هتي لکي انهن جو رد به لکجي ٿو.

حديث جي منڪرن جا ٽي نظريا :  حديث جي منڪرن جي طرفان هن وقت تائين پيش اچڻ وارا نظريا ٽي آهن.

هڪ ته نبي ڪريم جي ذات پاڪ جو فرض صرف قرآن پهچائڻ هو ۽ اطاعت صرف قرآن ڪريم جي فرض آهي. محبوب ڪريم جي اطاعت نه صحابه ڪرام تي فرض هئي نه اسان تي لازم آهي ۽ وحي صرف متلو(تلاوت ڪيل قرآن ڪريم) آهي وَحۡيُ غَيۡرُ مَتۡلُوُّ (حديث) ڪجهه به ناهي ۽ نه قرآن ڪريم جي سمجهڻ جي لاءِ حديث جي ضرورت آهي.

ٻين جو نظريو هي آهي ته نبي ڪريم جا ارشادات صرف سندن اصحابن لاءِ واجب العمل هئا اسان لاءِ اهي نه حجت آهن ۽ نه اسان کي انهن تي عمل ڪرڻ لازم آهي.

ٽين جو نظريو هي آهي ته سندن ارشادات حجت ته آهن پر اهي اسان تائين معتبر ذريعن سان پهتل ناهن ان جي ڪري اسين انهن جي مڃڻ  جا ذميدار ناهيون۽ منڪرن جو تعلق ڪهڙي گروپ سان به هجي پر سندن لکت انهن نظرين مان ڪنهن هڪ سان ضرور هوندي. هتي انهن ٽنهي نظرين جي ترديد ڪجي ٿي.

 

پهرئين نظريي جي ترديد

ڪروڙين مسلمانن جو عقيدو هو ۽ آهي ته حضور ڪريم جن جي ذات جي اطاعت واجب هئي ۽ آهي ۽ رهندي. هر مسلمان ان جو ذميوار هو آهي ۽ رهندو ۽ سندن مٿان جيئن قرآن ڪريم نازل ٿيو ۽ اهو وحي متلو آهي تيئن سندن ذات پاڪ جي مٿان حديث به نازل ٿي جيڪو وحي غير متلو آهي.

وَحۡيُ  غَيۡرُ  مَتۡلُوُّ جا دليل

پهريون دليل : رب العزت جل وعلا شانه جو فرمان آهي وَ مَا کَانَ  لِبَشَرٍ اَنۡ یُّکَلِّمَھ اللھ  اِلَّا وَحْیًا اَوْ مِنۡ وَّرَآیِٔ حِجَابٍ اَوْ یُرْسِلَ رَسُوۡلًا فَیُوۡحِیَ بِاِذْنِھ مَا یَشَآءُؕاِنَّھ عَلِیٌّ  حَکِیۡمٌ ﴿۵۱ (سورة شورى آيت51) (۽ نه ٿيڻو آهي ڪنهن ماڻهو جي لاءِ جو ان سان ڳالهائي الله اشاري کان سواءِ يا پردي کان پويان يا قاصد موڪلڻ سان)

سمجهاڻي : هن آيت ۾ اِلَّا وَحْیًا مان مراد ملائڪ موڪلي وحي ڪرڻ آهي ۽ اهو قرآن ڪريم (وحي متلو) آهي. پر اِلَّاوَحۡيًايا مِن وَّرَاي حِجَابِ مان مراد ”وحي غير متلو“ آهي جنهن کي حديث سڏيون ٿا.

ٻيو دليل : الله جو فرمانِ عاليشان آهيوَمَا جَعَلْنَا الْقِبْلَۃَ الَّتِیۡ كُنۡتَ عَلَیۡہَاۤ  اِلَّا لِنَعْلَمَ مَنۡ یَتَّبِعُ الرَّسُوۡلَ مِمَّنۡ یَّنۡقَلِبُ عَلٰی عَقِبَیۡہِؕ (سورة البقره آيت ا43) (۽ نه مقرر ڪيوسون قبلو جو هيئو اوهان ان تي مگر هن لاءِ ته (ظاهر ۾) ڄاڻون اسين (جدا ڪيون) ان کي جو رسول جي تابعداري ڪري ٿو. ان کان جو پنهنجين کڙين تي موٽي ٿو.)

سمجهاڻي : هن آيت ۾ آيل لفظ اَلۡقِبۡلَةَ مان مراد بيت المقدس آهي ان کي قبله بنائڻ جي نسبتجَعَلۡنَا جي لفظ سان الله پاڻ ڏانهن ڪئي آهي حالانڪه پوري قرآن ڪريم ۾ ڪٿي به بيت المقدس ڏانهن منهن ڪرڻ جو حڪم مذڪور ناهي. تنهنجي ڪري ضرور مڃڻو پوندو ته اهو حڪم وَحۡيُ  غَيۡرُ  مَتۡلُوُّ سان ڪيل هو. ان کي الله پاڻ ڏانهن نسبت ڪري ثابت ڪيو ته  وَحۡيُ  غَيۡرُ  مَتۡلُوُّ جو حڪم به وَحۡيُ  مَتۡلُوُّ وانگر آهي.

ٽيون دليل : مالڪ مٺي جو فرمان مبارڪ آهيعَلِمَ اللھ اَنَّكُمْ كُنۡتُمْ تَخْتَانُوۡنَ اَنۡفُسَكُمْ( سورة البقره آيت 187) (الله ڄاتو ته بيشڪ اوهان پنهنجن نفسن کي خيانت ۾ ٿي وڌو)

سمجهاڻي : هن آيت ۾ رمضان شريف جي راتين ۾ به زالن سان جماع ڪرڻ کي خيانت سڏيو ويو آهي  جيڪو شروعات ۾ منع ڪيل ۽ حرام هو حالانڪه اهو حڪم قرآن ڪريم ۾ ڪٿي مذڪور ناهي. ثابت ٿيو ته اهو ضرور وحي غير متلو سان ٿيو هوندو. جنهن جي مخالفت کي قرآن ڪريم خيانت سڏيو آهي، اهو ان جي ڪري جو وَحۡيُ  غَيۡرُ مَتۡلُوُّ به واجب العمل آهي ۽ هي حديث جي حجت هجڻ جو دليل آهي.

چوٿون دليل: قرآن شريف ۾ ارشاد آهي : وَلَقَدْ نَصَرَكُمُ اللھ بِبَدْرٍ وَّاَنۡتُمْ اَذِلَّۃٌۚ(الٰي قوله) وَمَا جَعَلَھ اللھ  اِلَّا بُشْرٰی لَكُمْ(سورة آل عمران آيت 123، 126) (۽ البت تحقيق مدد ڪئي اوهان جي الله بدر ۾ ۽ اوهان بي سرو سامان هيئو (تائين) ۽ نه بنايو ان کي الله مگر بشارت اوهان جي لاءِ.)

سمجهاڻي : هيءَ آيت احد جي جنگ جي موقعي تي نازل ٿي. هن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته الله جنگ ۾ ملائڪن جي نزول جي خبر پهريائين ئي ٻڌائي هئي حالانڪه اها خبر قرآن ڪريم ۾ جڏهن ڪٿي به مذڪور ناهي ته يقينن اها وَحۡيُ  غَيۡرُ مَتۡلُوُّ سان هوندي.

پنجون دليل : مالڪ الملڪ جل مجده جو فرمان آهي وَ اِذْ یَعِدُكُمُ اللھ اِحْدَی الطَّآئِفَتَیۡنِ اَنَّہَا لَكُمْ (سورة الانفال آيت 7) ۽ (ياد ڪيو) (جڏهن الله اوهان سان ٻن جماعتن مان هڪ جو وعدو ڪيو ته اها اوهان جي لاءِ هوندي)

سمجهاڻي : هن آيت ۾ به جنهن وعدي جو ذڪر آهي اهو وَحۡيُ غَيۡرُ مَتۡلُوُّ جي ذريعي ٿيل هو ڇوته ان جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪٿي به ڪيل ناهي.

ڇهون دليل: فرمان رباني آهي اِنَّ عِدَّۃَ الشُّہُوۡرِ عِنۡدَ اللھ اثْنَا عَشَرَ شَہۡرًا(سورة التوبة آيت 36) (بلاشڪ مهينن جو تعداد الله وٽ ٻارهن مهينا آهي) اڳتي  فرمان آهي مِنْہَاۤ  اَرْبَعَۃٌ حُرُمٌؕ “ (الآية) (انهن مان چار عزت وارا آهن)

سمجهاڻي : هن آيت پاڪ مان هي ڳالهيو ذهن ۾ اچن ٿيون . (1) هڪ ته سال جي مهينن جو تعداد ٻارهن آهي. (2) ٻيو ته انهن مان چار عزت وارا آهن. (3) ٽيون ته انهن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪيو پر پورو قرآن ڪريم پڙهي وري پڙهو ته ڪٿي به اوهان کي انهن ٻارهن مهينن جا ۽ چئن عزت وارن مهينن جا نالا نظر نه ايندا ۽ جڏهن نالن جي ئي خبر نه هوندي ته پوءِ انهن ۾ پاڻ تي ظلم ڪرڻ کان ڪيئن بچبو ۽ انهن جي عزت ۽ احترام ڪيئن ذهن ۾ ايندا پر ان منجهيل صورتحال جو حل نبوي حديث کي حجت ۽ شرعي دليل مڃڻ سان ملندو ۽ اهو به مڃڻو پوندو ته جيئن قرآن ڪريم وحي آهي تيئن حديث به وحي آهي. قرآن ڪريم وحي متلو آهي ۽ حديث وحي غير متلو آهي.

نبوي حديث علي قائلهٖ الصلٰوة والسلام مان عزت وارن مهينن جي وضاحت

          ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته حديث جي ڪتابن ۾ مستند ۽ معتبر ڪتاب ”صحيح بخاري“ ۽ ”صحيح مسلم“ آهن جن کي اڪابرين امت ۽ سابقين ملت بالاتفاق صحيح قرار ڏيندي فرمايو آهي ته انهن ۾ ڪابه روايت موضوع ناهي. انهن ٻنهي مستند معتبر ۽ معتمد ڪتابن ۾ حضرت حبيب ڪريم جو اهو فرمان موجود آهي جيڪو پاڻ حجة الوداع جي موقعي تي ارشاد فرمايو هيائون.: اَلسَنَّةُ اثۡنَا عَشَر شَهۡرًا مِّنۡهَا اَرۡبَعَةُٗ حُرۡمُٗ ثَلَاثُٗ مُتَواِلَياتُٗ ذُوالۡقَعۡدةِ وَ ذُوۡالۡحَجَّةِ وَالۡمُحۡرَّمُ وَ رَجَبُ الحديث (سال ٻارهن مهينا آهي انهن مان چار عزت وارا آهن (1) ذوالقعدة (2) ذوالحجھ (3) محرم (4) رجب. ۽ عزت وارن مهينن جو تَعَيُّن حديث مان ملڻ جي ڪري ثابت ٿيو ته حديث حجت ۽ شرعي دليل آهي.

ستون دليل : ارشاد آهي ته مَا  قَطَعْتُمۡ مِّنۡ  لِّیۡنَۃٍ  اَوْ  تَرَكْتُمُوۡہَا قَآئِمَۃً  عَلٰۤی  اُصُوۡلِہَا فَبِاِذْنِ اللہِ(سورة الحشر آيت 5) (جيڪي اوهان (کجين جا) وڻ وڍيا يا انهن کي سندن پاڙن تي ڇڏيوَ سو الله جي حڪم سان هو)

سمجهاڻي : هيءَ آيت مبارڪه مدينه منوره ۾ رهندڙن يهودين جي وڏي بهادر قبيلي بنو نضير جي باري ۾ نازل ٿي هئي جيڪو مدينه منوره کان ڪجهه پنڌ تي هو. انهن جي ڳوٺ جي آس پاس کجين جا گهڻا وڻ هوندا هئا هڪ ڀيري انهن ڌوڪي سان حبيب ڪريم جن تي ڀت تان وڏو پٿر ڪيرائي کين شهيد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو پر الله پنهنجي حبيب ڪريم جن کي ان جو علم ڏنو ۽ پاڻ اتاهين فورًا اٿي محمد بن مسلمه g کي انهن ڏانهن روانو ڪري حڪم فرمايائون ته : اوهان ڏهن ڏينهن ۾ مدينه منوره خالي ڪيو جيڪڏهن ڏهن ڏينهن کان پوءِ اوهان مان ڪو هتي نظر آيو ته ان کي قتل ڪيو ويندو. پر جڏهن ته انهن جا منافقن جي سردار عبدالله بن ابي سان گهاٽا تعلقات هئا ته ان جي دلاسن تي لڳي ضد ۾ اچي حضرت نبي ڪريم کي چورائي موڪليائون ته اسين پنهنجا علائقا خالي نه ڪنداسون اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڀلي ڪيو. اهو جواب ملنديئي حضور ڪريم جن ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان سندن ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا ۽ وينديئي انهن جو گهيراءُ ڪيائون. بنو نضير وارن پنهنجن قلعن ۽ کوٽيلن کڏن ۾ پناهه وٺي مسلمانن تي تير وسائڻ شروع ڪيا جڏهن ته اتي کجين جا باغ گهڻا هئا ۽ اهي انهن جي لاءِ ڍال هئا ته حضور ڪريم جن انهن وڻن جي لاءِ جيڪي مسلمانن کي ويجها هئا وڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ جيڪي پري هئا انهن کي ساڙڻ جو حڪم صادر فرمايو ۽ جن مان نقصان نه هو انهن کي ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڪيو ان طريقي سان مسلمانن کي دشمنن جو دفاع ۽ انهن تي حملو ڪرڻ آسان ٿيو. هاڻي غور ڪرڻ جو مقام آهي ته هن آيت ۾ ارشاد ٿيو ته اوهان اهو وڻن وڍڻ وارو ڪم الله جي اذن  سان ڪيو صرف پنهنجي طور تي نه ڪيو پر ان اذن جو ذڪر پهريان ڪنهن به قرآن ڪريم جي آيت ۾ آيل ناهي. ۽ جڏهن ناهي ته يقينن اهو وَحۡيُ  غَيۡرُ مَتۡلُوُّ سان ٿيو هوندو جنهن مان ثابت ٿيو ته وَحۡيُ غَيۡرُ مَتۡلُوُّحديث حجت ۽ شرعي دليل آهي.

اٺون دليل : رب العزة فرمايو سَیَقُوۡلُ الْمُخَلَّفُوۡنَ اِذَا انۡطَلَقْتُمْ  اِلٰی مَغَانِمَ  لِتَاۡخُذُوۡہَا ذَرُوۡنَا نَتَّبِعْكُمْۚ یُرِیۡدُوۡنَ  اَنۡ یُّبَدِّلُوۡا کَلٰمَ اللہِؕ قُلۡ  لَّنۡ تَتَّبِعُوۡنَا کَذٰلِكُمْ قَالَ اللھ مِنۡ قَبْلُۚ(سورة الفتح آيت 15) (جلد چوندا پوئتي رهيل جڏهن اوهان غنيمتن ڏانهن ويندؤ تانت اهي وٺو ڇڏيو، اسان کي ته اوهان جي پويان هلون. ارادا ڪن ٿا ته الله جي ڪلام کي تبديل ڪن. فرماءِ ته هرگز نه پويان هلندؤ اسان جي اوهان اهڙي طرح فرمايو الله اڳ ۾)

سمجهاڻي : هن آيت ۾ مذڪور آهي ته منافقن جي خيبر جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي اڳيئي الله خبر ڏئي ڇڏي هئي ۽ ظاهر آهي ته اها به وحي غير متلو سان ٿي هوندي. ڇوته قرآن ڪريم ۾ ان جو ڪٿي به ذڪر ناهي.

نائون دليل : قرآن ڪريم ۾ الله جو فرمان آهي :”وَیُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَۚ(سورة آل عمران آيت 163)  (۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت پڙهائي ٿو)

سمجهاڻي: ڪتاب مان مراد قرآن ڪريم ۽ حڪمت مان مراد حضور ڪريم جن جي حديث آهي.

ڏهون دليل : الله جو ارشاد آهي:” وَ اَنۡزَلْنَاۤ  اِلَیۡکَ الذِّكْرَ لِتُبَیِّنَ  لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَیۡہِمْ (سورة النحل آيت 44) (۽ اسان اوهان تي ذڪر (يعني قرآن) نازل ڪيو تانت اوهان ماڻهن جي لاءِ اهو بيان ڪيو جيڪو انهن ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي.

سمجهاڻي : هن آيت مان صاف واضح آهي ته حضور ڪريم جن جي بعثت جو مقصد صرف قرآن ڪريم پڄائڻ نه هو نه سندن منصب عام ٽپال پڄائڻ وارو هو پر سندن ذمي ان نازل ڪيل ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم، تشريح ۽ تفسير ڪرڻ به هو هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سندن ارشادات حجت ناهن ته قرآن ڪريم جي سمجهاڻي ڪيئن ممڪن ٿيندي ڇا رب العزة جل شانه جي ڪتاب سمجهائڻ جي لاءِ کين پنهنجي طرفان ڪجهه چوڻ جي اجازت نه هئي؟. ظاهر آهي ته ان کان سواءِ تعليم ممڪن ئي ناهي ۽ جيستائين سندن فرمان حجت تسليم نه ڪيو ويندو تيستائين سندن تعليم مان ڪوبه فائدو نه ملندو.

يارهون دليل: خداوندي ڪلام قرآن ڪريم ۾ بار بار اَطِيۡعُوۡ اللهَ سان گڏ وَاَطِيۡعُوۡا الرَّسُوۡلَ جا الفاظ مذڪور آهن جيڪي صراحتًا حديث جي حجت هجڻ تي دلالت ڪن ٿا.

سوال : اها اطاعت شريعت ۾ حجت هجڻ جي حيثيت سان ناهي بلڪه ملت جي مرڪز  يا حاڪم هجڻ جي حيثيت سان آهي، يعني سندن حڪم هڪ حڪمران جي حيثيت سان سندن زماني جي ماڻهن جي لاءِ واجب العمل هو سندن کان پوءِ جيڪو به حاڪم ايندو صرف ان جي اطاعت ڪئي ويندي.

جواب : ان سوال جـي متعلق ٻه عرض پيش خدمت آهــن. (1) هڪ ته حاڪم جي اطاعت جو ذڪر مستقل طور اڳتي وَاُولِي الۡاَمۡرِ مِنۡکُمۡ ۾ آيو آهي. رسول الله جي اطاعت لاءِ جدا امر آهي. اها هن ۾ داخل ناهي. (2) ٻيو ته هتياَطِيۡعُوۡ الرَّسُوۡلَ جو جملو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هي تسليم ٿيل قاعدو آهي ته جڏهن ڪنهن اسم مشتق تي ڪو حڪم لڳايو ويندو ته اشتقاق جو مادو ان حڪم جي علت ۽ مدار هوندو آهي جيئن چئبو آهياَکِرۡمِ الۡعَالِمَ عالم جي عزت ڪر. جيئن هن ۾ علم جو هجڻ اڪرام، عزت ڪرڻ جي علت آهي تيئن اَطِيۡعُوۡ الرَّسُوۡلَ۾ رسالت اطاعت جي علت آهي نه حاڪميت.

ٻارهون دليل : باري تعالى جو فرمان آهي فَلَا وَرَبِّکَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ حَتّٰی یُحَکِّمُوۡکَ فِیۡمَا شَجَرَ بَیۡنَہُمْ ثُمَّ لَا یَجِدُوۡا فِیۡۤ  اَنفُسِہِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَیۡتَ وَیُسَلِّمُوۡا تَسْلِیۡمًا ﴿۶۵(سورة النساء آيت 65) (پوءِ تنهنجي رب جو قسم آهي ته اهي مومن ناهن جيستائين پنهنجن جهيڙن ۾ اوهان کي حاڪم ڪري نه وٺن ان کان پوءِ نه لهن پنهنجين دلين ۾  حرج جيڪر اوهان جو فيصلو ٿيو ان ۾ تنگي محسوس نه ڪن ۽ تسليم ڪن تسليم ڪرڻ)

سمجهاڻي : هن آيت مان صاف واضح آهي ته سندن ارشادات جي اطاعت نه صرف واجب پر ان تي ايمان جو مدار آهي نه تسليم ڪندڙ قرآن ڪريم جي نص مطابق مومن ناهي ڪافر آهي.

تيرهون دليل: خداوندي ڪلام قرآن ڪريم ۾ ڪيترين جاين تي اڳين نبين (علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام ) جي ارشادات کي واجب العمل قرار ڏنو ويو آهي ۽ نه مڃڻ وارن تي عذاب نازل ٿيڻ جو ذڪر آهي حالانڪه انهن مان ڪيترا انبياء عليهم الصلواة والسلام اهڙا هئا جن تي ڪو ڪتاب (وحي متلو) نازل نه ٿيو هو انهن جا فرمان سڀ وحي غير متلو هئا جيڪي حجت هئا.

چوڏهون دليل : قرآن ڪريم ۾ حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام جي خواب جو واقعو مذڪور آهي جنهن ۾ کيس سندس فرزند حضرت اسماعيل علٰي نبينا وعليهما الصلٰوة والسلام جي ذبح جو حڪم ڏنو ويو هو ۽ پاڻ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو هيائون. اهو خواب وارو حڪم به وَحۡيُ غَيۡرُ مَتۡلُوُّ هو. جنهن مان ثابت ٿيو ته وَحۡيُ  غَيۡرُ مَتۡلُوُّ حجت آهي.

 

ڪجهه عقلي دليل

پهريون دليل : قرآن ڪريم ۾ زندگي جي هر شعبي جي متعلق جيڪي هدايتون ڏنل آهن اهي عام طور بنيادي احڪام تي مشتمل آهن ۽ انهن جو تفصيل ۽ انهن تي عمل جو طريقو سڀ حديثن ٻڌايو آهي مثال طور نماز جو حڪم قرآن ڪريم ۾ آهي پر ان جي پڙهڻ جو طريقو ان جا اوقات، ۽ رڪعتن جو تعداد قرآن ڪريم ۾ مذڪور ناهي. جيڪڏهن حديثن کي حجت نه مڃبو ته اَقِيۡمُوۡا الصَّلٰوةَ تي عمل ٿي نه سگهندو. مجبورًا مڃڻو پوندو ته حديثون حجت آهن.

ٻيون دليل : عرب جي مشرڪن جي خواهش هئي ته : قرآن ڪريم حضور ڪريم جي واسطي کان سواءِ سڌو سنئون انهن تي نازل ٿئي ها. جيئن ارشاد آهي حَتّٰي تُنَزِّلَ عَلَيۡنَا کِتَابًا نَقۡرَؤه“ (القرآن) (تانجو اسان تي ڪتاب لاهين جو اسين ان کي پڙهون) هن صورت ۾ معجزو به ظاهر ٿئي ها ۽ مشرڪن جي ايمان آڻڻ جي اميد به ظاهر هئي پر الله اهو طريقو پسند نه فرمايو. سوال هي آهي ته جيڪڏهن حديثون حجت نه هيون ته رسول الله جي موڪلڻ تي اصرار ڇو ڪيو ويو؟ حقيقت هي آهي ته رسول الله جي موڪلڻ ۾ حڪمت اها هئي ته صرف ڪتاب ڪنهن قوم جي اصلاح جي لاءِ ڪافي نه ٿو ٿي سگهي جيستائين ڪو اهڙو معلم، ان جون معنائون ۽ مرادون سمجهائيندڙ نه هجي ۽ اهو ان جو عملي نمونو بنجي ڏيکاري ۽ هي تيستائين ممڪن ناهي جيستائين ان جو ارشاد ۽ تفهيم واجب الاطاعت ۽ واجب الاتباع نه هجي.

ٽيون دليل : پوري امت ڪنهن استثناء کان سواءِ حديث کي حجت تسليم ڪندي انهن تي عمل ڪندي آئي آهي جيڪڏهن اهي سڀئي گمراهه هئا ۽ چوڏهن سؤ سالن ۾ حديث جي منڪرن کان سواءِ اسلام جي سمجهڻ وارو ڪير به پيدا نه ٿيو ته پوءِ اهو دين ڪيئن قابل ٿي سگهندو جنهن کي سوين سالن تائين ڪير سمجهي نه سگهيو.

حديثن جي منڪرن جا سوال ۽ انهن جا جواب

سوال ]1] : قرآن ڪريم ۾ رب العزة جل جلالہھ جو ارشاد آهي :” وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ  لِلذِّكْرِ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿۱۷ (سورة القمر آيت 17) (۽ البت تحقيق اسان قرآن کي نصيحت جي لاءِ آسان ڪيو ڇا پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي) هن آيت مان واضح ٿيو ته قرآن ڪريم کي سمجهڻ ۽ ان مان نصيحت حاصل ڪرڻ ڪنهن جي سمجهائڻ جو محتاج ناهي ۽ نه ان جي تشريح ۽ تعليم جي لاءِ ڪنهن جي ضرورت آهي.

جواب : قرآن ڪريم جا مضمون ٻه قسم آهن (1) هڪڙا الله جي خوف، آخرت جي فڪر الله   ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ عام نصيحت جي ڳالهين تي مشتمل آهن. (2) ٻيا شرعي احڪام ۽ انهن جي اصول جي متعلق آهن. مذڪوره آيت پهرئين قسم جي مضمونن جي متعلق آهي ٻئي قسم جي مضمونن جي متعلق ناهي ڇوته هن ۾لِلذِّکۡرِ جو قيد لڳايل آهي. جيڪڏهن احڪام ۽ اصولِ احڪام سمجهڻ به آسان هجن ها ته اهو قيد لڳايل نه هجي. ۽ هن ۾ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ (پوءِ ڪو نصيحت وٺندڙ آهي؟) آيل آهي. ” فهل من مستنبط“، ”يا هل من مجتهد“ نه آهي. قرآن ڪريم جي ڪيترين آيتن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته قرآن ڪريم حضور ڪريم جي سمجهائڻ سان ئي سمجهه ۾ ايندو.

سوال ]2] : قرآن ڪريم ڪيترين جاين تي پنهنجي آيتن کي ” بينات“ (چٽا دليل) سڏيو آهي جنهن مان واضح ۽ روشن آهي ته حديث سان ان جي وضاحت جي ضرورت ناهي.

جواب : ”بينات“ مان مراد توحيد ، رسالت ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ جا واضح دليل آهن جيڪي ٿورڙي توجهه سان دل ۾ لهي وڃن ٿا ۽ صاف سمجهه ۾ اچن ٿا. عيسائين جي ٽن معبودن چوڻ واري عقيدي وانگر ناهن جو سڄي دنيا ملي به ان کي چڱي طرح سمجهي نه سگهي آهي. مذڪور لفظ مبارڪ مان اها مراد ناهي ته شرعي احڪام ۽ اصول جي سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن سمجهائيندڙ جي ضرورت ناهي.

سوال [3] : قرآن ڪريم ۾ فرمان خداوندي آهي ته اِنَّمَاۤ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ (مان اوهان جهڙو بشر آهيان) هن مان معلوم ٿيو ته پاڻ (معاذالله ) عام ماڻهن جهڙا ماڻهو آهن اسان تي سندن مٿان نازل ٿيل وَحۡيُ مَتۡلُوُّ (يعني قرآن ڪريم) جي اطاعت لازم آهي سندن حديث جي اتباع يا اطاعت اسان تي لازم ناهي.

جواب : هي دليل آيت کي ان جي سياق کان جدا ڪري پوءِ ورتو ويو آهي حقيقت ۾ هيءَ آيت انهن مشرڪن جي جواب ۾ نازل ٿي هئي جيڪي هر هر حبيب ڪريم کان معجزا گهرندا هئا. انهن جي جواب ۾ هيءَ آيت نازل ٿي جنهن ۾ کين چيو ويو ته ”مان هر هر معجزا نه ڏيکاريندس مان نبي هجڻ سان گڏ بشر به آهيان . معجزا الله جي اذن سان ۽ مهرباني سان ڏيکاريندو آهيان. ”مِثۡلُکُمۡ ۾ تشبيه هر لحاظ سان ناهي. هن آيت ۾ یُوۡحٰۤی اِلَیَّ “ (مون ڏانهن وحي ڪيو ٿو وڃي) سان عام ماڻهن ۽ حضور ڪريم ۾ فرق ڪيل آهي. یُوۡحٰۤی اِلَیَّ ۾ وحي متلو ۽ وحي غير متلو ٻئي داخل آهن. ٻنهي جي اتباع ڪرڻ ضروري آهي.

سوال [4] : ڪيترا اهڙا واقعا سيرت ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل آهن جن ۾ حضور ڪريم جن کي سندن ڪن فيصلن تي عتاب ۽ ميار مليل آهي مثال طور بدر جي جنگ جي موقعي تي قيدين کان فديو (جان بها) وٺي ڇڏي ڏيڻ، هن جي باري ۾ قرآن ڪريم ۾ صراحت آهي ته سندن اهو فيصلو خداوند ڪريم جي رضا مطابق نه هيو. ۽ هن مان ثابت ٿيو ته سندن اقوال ۽ افعال مطلق طور حجت ۽ شرعي دليل ناهن.

جواب : اهو استدلال جهالت تي مبني آهي. اهڙن واقعن ۾ سندن فيصلا اجتهادي هئا. ۽ امت جي اڪثريت جو هن ڳالهه تي اجماع آهي: مجتهد اجتهاد سان جيڪو فيصلو ڪري ٿو جيڪڏهن اهو صحيح نه بيٺو ته به کيس اجتهاد ۽ حق جي طلب ۾ ڪوشش ڪرڻ جو اجر ملندو. حضرت حبيب ڪريم جن جي اهڙن فيصلن تي کين اجر ڏيڻ سان گڏ الله سندن رهنمائي به ڪري حق واضح ڪيو آهي ۽ جن  فيصلن ۾ اجتهادي نه هو ته اهي برقرار رکيا ويا جنهن مان معلوم ٿيو ته سندن اهي فرمان به حجت ۽ دليل هئا ۽ اهڙن فيصلن کي صحابه ڪرام عليهم الرضوان جو تسليم ڪرڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته هي حضور ڪريم جي احڪام ۽ ارشادات کي شرعي حجت ۽ دليل سمجهندا ۽ مڃيندا هئا. اهڙن واقعن ۾ حضور ڪريم جن کي محبوبانه انداز ۾ ڏوراپو ته ڏنو ويو پر سندن انهن فيصلن کي تسليم ڪندڙ صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي ڪو ڏوراپو يا عتاب نه ڪيو ويو.

سوال [5]: عرب پنهنجين کجين جي باغن ۾ کجين کي نر ڏيندا هئا ته پوءِ کجي ڏينديون هيون . حضرت حبيب ڪريم جن انهن کي ان کان روڪيو. صحابه ڪرام عليهم الرضوان ان تي عمل ڪيو ته کجين جي وڻن کجور ٿوري ڏني ۽ جڏهن کين ٻڌايو ويو ته پاڻ فرمايائون اَنۡتُمۡ اَعۡلَمُ بِاُمُوۡرِ دُنۡيَاکُمۡ (اوهان پنهنجي دنيا جي ڪمن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيو) جيڪڏهن سندن هر حڪم وحي هجي ها ته اها صورت حال پيش نه اچي ها.

جواب : سندن اصلي حيثيت شانِ رسالت واري آهي ان جي ڪري سندن ارشاد دليل ۽ شرعي حجت آهي پر جيڪڏهن ڪو قرينو يا دليل ملي جنهن مان معلوم ٿئي ته هي سندن ارشاد شخصي شورى جي حيثيت رکي ٿو ته ان کي شخصي مشورو سمجهيو ويندو. ۽ حديث جي ذخيره ۾ سندن اهڙا شخصي مشورا موجود آهن ۽ اتي ان ڳالهه جي وضاحت به ڪيل آهي ۽ انهن چند مقامات کان سواءِ سندن سمورا فرمان الله جي رسول هجڻ جي حيثيت سان صادر ٿيا آهن جيڪي امت جي لاءِ حجت ۽ شرعي دليل آهن.

ٻئي نظريه جي ترديد

                هن نظريي جي مطابق حديثون صرف صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي لاءِ حجت ۽ دليل هيون اسان جي لاءِ ناهن. هي نظريه ته اهڙو بديهي البطلان (کليل باطل) آهي جنهن جي ترديد جي لاءِ تڪليف ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي ڇوته ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته پاڻ صرف صحابه جا نبي هيا ۽ سندن رسالت به صرف ان دور سان مخصوص هئي. حالانڪه قرآن ڪريم ۾ صاف واضح بيان ٿيل آهي ته پاڻ قيامت تائين اچڻ وارن انسانن جا رسول آهن. وضاحت لاءِ هتي ڪجهه آيتون لکجن ٿيون.

آيت نمبر [1]  یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللھ اِلَیۡكُمْ جَمِیۡعَا(سورة الاعراف آيت 158)

(ترجمو : اي انسانو! بيشڪ مان اوهان سڀني ڏانهن الله جو رسول آهيان) هن ۾ سندن رسالت سڀني انسانن جي لاءِ ذڪر ڪيل آهي ۽ اها قيامت تائين اچڻ وارن انسانن جي لاءِ عام آهي.

آيت نمبر [2] : ”وَمَا اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَا کَافَة ًلِّلنَاسِ بَشِيۡرًا وَّ نَذِيۡرًا(سورة السبا آيت 28)

(۽ اسان اوهان کي سڀني ماڻهن جي لاءِ بشير ۽ نذير بنائي موڪليو آهي)

آيت نمبر [3] : ”وَمَاۤ  اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا رَحْمَۃً  لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷ (سورة الانبياء آيت 107)

(ترجمو : ۽ اسان اوهان کي سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو آهي )

آيت نمبر [4] : ”تَبٰرَکَ الَّذِیۡ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰی عَبْدِھ لِیَكُوۡنَ لِلْعٰلَمِیۡنَ نَذِیۡرًا ۙ﴿۱(سورة الفرقان آيت 1 )

(ترجمو : برڪت وارو آهي اهو الله جنهن پنهنجي ٻانهي تي فرقان نازل ڪيو تانت جهانن جي لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي)

                هنن آيتن ۾ سندن عام ۽ قيامت تائين اچڻ وارن انسانن جي لاءِ رسالت ۽ نبوت جو ثبوت آهي. سندن بعثت کي صرف صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي لاءِ چوڻ بي حيائي ۽ بي شرمي کان سواءِ ڪجهه ناهي.

حديث جي منڪرن کان هڪ اهم ۽ بنيادي سوال

                حديث جي منڪرن کان پڇيو وڃي ته قرآن ڪريم جي سمجهڻ لاءِ حضور ڪريم جي تعليم ضروري آهي يا نه؟ جيڪڏهن ناهي ته پوءِ سندن بعثت جو مقصد ڇا؟ جيڪڏهن آهي ته تعجب جي ڳالهه آهي صحابه ڪرام عليهم الرضوان ته قرآن ڪريم جي نزول وقت موجود ۽ حبيب ڪريم جو ديدار ڪندڙ هئا انهن کي قرآن ڪريم جي نزول جا اسباب چڱي طرح ذهن نشين هئا قرآن پاڪ جي نزول جو ماحول سندن سامهون هو. اسين ته انهن سڀني ڳالهين کان خالي آهيون ته اسان کي ته حضور ڪريم جي تعليم، تفهيم ۽ سندن حديثن جي وڌيڪ محتاجي ۽ ضرورت آهي.

ٽئين نظريي جي ترديد

                هي نظريو به بلڪل باطل آهي ته حديثون اول حجت هيون هاڻي ناهن ڇوته اهي اسان تائين قابلِ اعتماد ذريعن سان نه پهتيون آهن. هن نظريي وارن کي سمجهڻ گهرجي ته اسان وٽ حديثون انتهائي معتبر ذريعن سان پهتل آهن جيئن هتي لکجي ٿو.

حديثن جي معتبر ۽ باوثوق ذرائع سان پهچڻ جا دلائل

                جن ذريعن سان اسان وٽ قرآن ڪريم پهتو آهي انهن ئي ذريعن سان حديث به پهتي آهي جيڪڏهن اهي واسطا اعتقاد جي قابل نه چئبا ته پوءِ ته قرآن ڪريم تان به هٿ کڻڻو پوندو.

سوال : قرآن ڪريم جي حفاظت جو ذمو ته الله پاڻ کنيو آهي جيئن فرمان مبارڪ آهيوَاِنَّا لَھ لَحٰفِظُوۡنَ ( ترجمو : ۽ بلاشڪ اسين ئي ان جي حفاظت ڪندڙ آهيون) پر حديث جي باري ۾ اهڙي ڪابه ان جي حفاظت جي ذميداري ذڪر ڪيل ناهي؟

جواب : ان اعتراض جي متعلق علماء ٻه جواب لکيا آهن. هڪ ته اها حفاظت جي ذميداريءَ واري آيت به اسان وٽ انهن ذريعن سان پهتي آهي جيڪي اوهان جي بقول اعتقاد جي قابل ناهن ۽ نعوذ بالله . اوهان جي بقول ممڪن آهي ته ڪو ان آيت جي لاءِ ائين چوي جيئن اوهان حديث جي لاءِ چئو ٿا ٻيو ته قرآن ڪريم اصولين جي اتفاق سان نظم (لفظن) ۽ معنى ٻنهي جو نالو آهي. هيءَ آيت ان لحاظ سان صرف نظم جي حفاظت جي ذميداري بيان نه ٿي ڪري پر معنيٰ جي حفاظت جي ذميداري به بيان ڪري ٿي ۽ معنيٰ جي تعليم حديث سان ئي آهي ان جي ڪري هن آيت مان حديث جي حفاظت به ثابت ٿي رهي آهي.

سوال : قرآن ڪريم جو اسان تائين پهچڻ انهن واسطن سان ناهي پر ان جو ڪلام الله هجڻ ۽ اسان تائين پهچڻ ان جي اعجاز ۽ بلاغت جي ڪري آهي جيڪو حديث ۾ ناهي.

جواب : ان جا ٻه جواب آهن:

هڪ هي ته قرآن ڪريم جو اعجاز ماڻهن جي لاءِ ان ۾ بيان ٿيل تحدي (مقابلي جي چئلينج ) وارين آيتن سان آهي ۽ اهي به اسان وٽ انهن ئي ذريعن سان پهتيون آهن جن سان حديث پهتي آهي.

قرآن ڪريم جو اعجاز تڏهن ثابت ٿيو جڏهن ان جو چئلينج قبول ڪري ڪو ماڻهو مقابلي ۾ نه آيو ۽ ڪنهن ماڻهو جو نه اچڻ به حديثن کان سواءِ ڪٿان ثابت ٿيو معلوم ٿيو ته حديثن کان سواءِ ڪا واهه ۽ ڳلي ناهي. ۽ جڏهن حديثن کان سواءِ ڪا واهه ناهي ته ثابت ٿيو ته اهي واجب العمل آهن ۽ جيئن قرآن ڪريم جي حفاظت الله ڪئي آهي تيئن حديثن جي حفاظت جو به ان ئي انتظام ڪيو آهي.

سوال : محدثن پاڻ به لکيو آهي ته : حديثن مان ڪي حديثون آحاد ظني دليل آهن ۽ ظن جي اتباع ڪرڻ قرآن ڪريم جي صراحت موجب منع آهي. الله جو فرمان آهياِنۡ یَّتَّبِعُوۡنَ اِلَّا الظَّنَّۚ وَ اِنَّ الظَّنَّ  لَا یُغْنِیۡ مِنَ الْحَقِّ شَیۡئًا ﴿ۚ۲۸ (سورة النجم آيت 28) (نه ٿا تابعداري ڪن مگر گمان جي ۽ بيشڪ گمان حق جو ڪو فائدو نه ٿو ڏي)

جواب : هيءُ چوڻ به خالص ڌوڪو ۽ فريب آهي تحقيق هي آهي ته ”ظن“ لفظ عربي لغت ۾ ٽن معنائن جي لاءِ ايندو آهي. هڪ اٽڪل ۽ اندازو ٻيو غالب گمان ٽيون يقيني، استدلالي علم. جيئن قرآن ڪريم جي هنن آيتن ۾ ”ظن“ لفظ يقين جي معنى ۾ آيو آهي.

اَلَّذِيۡنَ يَظُنُّوۡنَ اَنَّهُمۡ مُّلَاقُوۡا رَبِّهِمۡ“ (ترجمو: جيڪي يقين ٿا ڪن ته بلاشڪ اهي پنهنجي رب سان ملندڙ آهن)

قَالَ الَّذِيۡنَ يَظُنُّوۡنَ اَنَّهُمۡ مُّلَاقُوۡا اللهِ (سورة البقره)  (ترجمو : انهن چيو جيڪي يقين ٿا رکن ته اهي الله سان ملندڙ آهن)

وَظَنَّ دَاوٗدُ اَنَّمَا فَتَنّٰہُ (سورة ص آيت 24) (ترجمو : ۽ داؤد يقين ڪيو ته بلاشڪ اسان ان کي آزمائش ۾ وڌو) 

                جيئن هنن آيتن ۾ ظن يقين جي معنى سان آهي تيئن حديثن کي ظني چوڻ به يقين جي معنى سان آهي ڪٿي ڪٿي غالب گمان به مراد ورتو ويو آهي ۽ قرآن ڪريم ۾ جنهن ظن جي اتباع کان روڪيو ويو آهي اهو اٽڪل ۽ اندازي جي معنى سان آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جيتري قدر غالب گمان جو تعلق آهي گهڻن مسئلن ۾ ان کي حجت قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان کي حجت مڃڻ کان سواءِ انسان هلي نه سگهندو ڇوته ساري دنيا ان غالب گمان تي قائم آهي. محدثن ڀلارن لکيو آهي ته خبر واحد ان لحاظ سان ظني آهي پر ڪي واحد خبرون يقين جو فائدو ڏينديون آهن. مثال طور اهي حديثون جيڪي فن حديث جي امامن ۽ حافظن کان بار بار ۽ مسلسل بيان ٿينديون آهن. باقي اهو چوڻ ته حديثون جن واسطن سان اسان وٽ پهتيون آهن اهي واسطا اعتماد جي قابل ناهن اهو بي خبر هجڻ جو دليل آهي. حديث جي حفاظت جو جيڪو انتظام ٿيل هو ۽ آهي اهو بي مثال آهي جنهن جو تفصيل ۽ تحقيق حديث جي ترتيب ۽ تدوين جي تاريخ مان ئي معلوم ٿئي ٿو.

 

حديث جي ترتيب ۽ تدوين

          حديث جا منڪر چون ٿا ته حديثون ٽئين صدي هجري ۾ ترتيب ڏنيون ويون آهن ان جي ڪري اهي اعتقاد جي قابل ناهن ڇوته ممڪن آهي ته اهي اصلي صورت تي باقي نه رهيون هجن مگر اهو چوڻ بلڪل بي بنياد ۽ اجايو آهي ڏسڻو اهو آهي ته حبيب ڪريم جن جي پاڪ دور کان وٺي اڄ تائين حديث جي حفاظت جو ڇا اهتمام ڪيو ويو؟ ذهن ۾ وهارڻ گهرجي ته حديث جي حفاظت جو رستو صرف لکڻ ناهي ٻيا به ڪيترا اعتماد جوڳا ذريعا آهن . حضور ڪريم ۽ صحابن سڳورن عليهم الرضوان جي دور ۾ حديث پاڪ جي حفاظت لاءِ ٽي طريقا استعمال ڪيا ويا هئا. ]1] هڪ ياد ڪرڻ ۽ اهو طريقو ان دور جي لحاظ سان انتهائي اعتماد جي قابل هو. اهل عرب کي الله زبردست حافظي ۽ يادگيري جي قوت سان نوازيو هو. اهي هر ڳالهه کي ياد ڪرڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئا. هڪ هڪ شخص کي هزارين شعر ياد هوندا هئا ۽ گهڻو ڪري جيڪا ڳالهه هڪ ڀيرو ٻُڌائون اها سڄي عمر انهن کي ياد رهندي هئي. وسرندي نه هئي. انهن جا اهڙا ڪيترا واقعا تاريخ ۾ مذڪور آهن. جڏهن انهن جو ٻين ڳالهين ۾ ايترو مضبوط حافظو هوندو هو ته حديث پاڪ ته سندن قلبن جو قرار ۽ روح جي راحت هئي ان ۾ سندن حافظي ڇا ڇا جوهر نه ڏيکاريا هوندا. بلاشڪ سندن حافظا ۽ يادگيريون ائين قابلِ اعتقاد هئا جيئن لکڻ آهي. [2] حديث جي حفاظت جو ٻيو طريقو تعامل هو. يعني اصحابن ڀلارن جو حضور ڪريم جي اقوال ۽ افعال تي عمل ڪري انهن کي ياد رکڻ جيئن ڪيترن اصحابن رضي الله عنهم کان روايت ڪيل آهي ته اهي ڪو ڪم ڪري پوءِ چوندا هئا ته اسان رسول الله جن کي ائين ڪندي ڏٺو هو. ۽ هي طريقو به اعتماد ۾ افضل آهي ڇوته جنهن ڳالهه تي انسان عمل ڪري ٿو اها ائين آهي جيئن لوهه تي ليڪو.     [3] ٽيون طريقو آهي لکڻ : تاريخي طور تي حديث جو لکڻ چئن مرحلن ۾ ٿيو آهي. . هڪ متفرق طور حديثن کي قلم بند ڪرڻ . ٻيو ڪنهن هڪ شخصي دفتر ۾ حديثُن جو جمع ڪرڻ جنهن جي حيثيت ذاتي ياد داشت جي هجي. ٽيون حديثن کي ڪتابي صورت ۾ بابن جي ترتيب کان سواءِ گڏ ڪرڻ. چوٿون حديثن کي ڪتابي صورت ۾ بابن جي ترتيب سان گڏ ڪرڻ. نبي ڪريم جي پاڪ ظاهري زندگي ۾ صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي دور ۾ پهريان ٻه قسم ته چڱيءَ طرح رائج ٿي چڪا هئا باقي قسم به آهستي آهستي رائج ٿيندا ويا.

سوال : صحيح مسلم ج 2 ص 414 باب التثبت وحکم کتابة العلم) ۾ حضرت ابو سعيد خدري d کان روايت آهي ته : رسول الله جن ارشاد فرمايولَا تَکۡتُبُوا عَنِّي وَمَنۡ کَتَبَ عَنِّي غَيۡرَ الۡقُراٰنِ فَلۡيَمۡحُہٗ (مون کان (حديث) نه لکو ۽ جنهن مون کان قرآن کان سواءِ  (ڪجهه) لکيو ان کي گهرجي ته اهو ميٽي ڇڏي)

       هيءَ روايت ان ڳالهه جو دليل آهي ته حضور ڪريم جن جي دور ۾ حديثون لکيون نه وينديون هيون. بلڪه پاڻ لکڻ کان روڪيو هيائون.

جواب : حديث جي لکڻ کان هيءَ منع اسلام جي ابتداء ۾ هئي جو ان وقت تائين قرآن ڪريم هڪ نسخي ۾ جمع ٿيل نه هو. متفرق طور صحابه ڪرام عليهم الرضوان وٽ موجود هو ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان به اڃان قرآن ڪريم جي اسلوب کان پوري طرح مانوس نه هئا. ماڻهو قرآن ڪريم ۽ حديث ۾ پهرين نظر سان فرق ڪري نه سگهن ها. پر جڏهن صحابي سڳورا قرآن ڪريم جي اسلوب کان چڱي طرح مانوس ٿيا ته پوءِ پاڻ ڪريم جن حديث جي لکڻ جي اجازت ڏني. جنهن جا ٻه ٽي واقعا حديث جي ڪتابن ۾ موجود آهن. ملاحظه فرمايو.

   محدث ترمذي پنهنجي ڪتاب جامع ترمذي جي ڪتاب العلم ۾ هڪ مستقل باب رکيو آهيبَابُ مَاجَاءَ فِي الرُّخۡصَةِ فِيۡہِ هن ۾ حضرت ابو هريره d کان هڪ روايت آندي اٿس ته”انصارن مان هڪ مرد حضرت نبي ڪريم جن وٽ ويهندو هو ۽ سندن حديثون ٻڌندو هو ۽ کيس گهڻو وڻنديون هيون پر ياد ڪري نه سگهندو هو حضور ڪريم جن سان اها شڪايت ڪيائين ته يا رسول الله مان اوهان کان حديث ٻڌان ٿو مون کي وڻي ٿي پر ياد ڪري نه ٿو سگهان“ نبي ڪريم جن کيس فرمايو ته ”سڄي هٿ سان مدد وٺ“ ۽ کيس لکڻ جي لاءِ اشارو ڏنائون. (جامع ترمذي  ج 2 ص 106، 107)

   ابو داؤد السنن ۾ ۽ حاڪم المستدرڪ ج 1 ص 104 کتاب العلم الامر بکتابة الحديث“ ۾ حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص d کان روايت آندي آهي ته مان جيڪو ڪجهه حضور ڪريم جن کان ٻڌندو هوس اهو لکندو هوس، ان مان منهنجو مقصد حديث کي ياد ڪرڻ هو. پوءِ مون کي قريشن منع ڪيو ۽ چيائون ته تون جيڪو ڪجهه حضور ڪريم جن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ ته ڪڏهن خوشي ۾ ڪجهه ڳالهائين ٿا. اهو ڇو ٿو لکين؟ (انهن جي ان چوڻ کان) پوءِ مون لکڻ بند ڪيو ۽ اها ڳالهه حضور ڪريم جن کي ٻڌائي ته پاڻ فرمايائون ”لک“ ان ذات جو قسم آهي جنهن جي (قدرتي) هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته هن (سندن وات مبارڪ) مان صرف حق ئي نڪرندو آهي. (ابو داؤد ج 2 ص 513، 514 کتاب العلم؟)

  المستدرڪ للحاڪم ۾ حضرت عبدالله بن عمرو d کان روايت آهي ته پاڻ فرمايائون ”علم کي قيد (قابو) ڪيو“ مون عرض ڪيو ته علم کي قيد ڪرڻ ڇا آهي؟“ پاڻ فرمايائون ته ”لکڻ“ (المستدرڪ للحاڪم ج 1 ص 106 کتاب العلم ”قيدو العلم بالکتابة)

  حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن خطاب فرمايو ۽ هڪ قصو بيان ڪيو ته اتي موجود ابو شاهه نالي هڪ شخص کين عرض ڪيو ته ”هي مون کي لکي ڏيو“ ته پاڻ فرمايائون ”ابو شاهه کي لکي ڏيو“ (ترمذي ج 2 باب ماجاء في الرخصة فيھ ورواه البخاري في کتاب العلم تحت باب کتابة العلم ج 1 ص 21، 23) هن مان به حضور ڪريم جن جي امر سان سندن حديث لکڻ جو ثبوت ملي رهيو آهي ۽ اهڙيون ٻيون حديثون به آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو حديث جي لکڻ کان منع عارضي ۽ مصلحت جي تحت هئي. ۽ جڏهن اهو عارض دفع ٿي ويو ته منع جو حڪم به رفع ٿي ويو بلڪه حديث لکڻ جو امر عام ٿي ويو. محدث نوويߋ حديث جي لکڻ کان منع جو ٻيو سبب هي به بيان ڪيو آهي ته مطلقًا لکڻ جي منع ڪنهن به زماني ۾ نه هئي پر ڪي اصحابي سڳورا رضي الله عنهم قرآن ڪريم جي آيتن لکڻ سان گڏ تفسير ۽ تشريح به لکندا هئا ۽ ان صورت ۾ ان جو قرآن ڪريم جي آيتن سان ملي وڃڻ جو خطرو هو ۽ فرق نه ٿي سگهي ها تڏهن انهن اصحابن کي ان لکڻ کان روڪيو ويو هو. علامه نووي ߋ جو بيان ڪيل هي سبب دل کي لڳندڙ ۽ تمام سهڻو آهي ۽ هن جي تائيد امام نسائي ߋ جي هن روايت سان به ٿئي ٿي جيڪا ان کتاب الصَّلٰوة باب الصَّلٰوة الوُسۡطٰي ۾ آندي آهي ته ”ام المومنين سيده عائشه صديقه g وعن ابيها ) پنهنجي هڪ غلام کي قرآن ڪريم جي لکڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ جڏهن اهو هن آيتحَافِظُوۡا عَلَي الصَّلَواتِ وَالصَّلٰوة الۡوُسۡطٰي تي پهتو ته پاڻ ان کي الۡوُسۡطٰي جو تفسير ”العصر“ سان لکرايائين ۽ ظاهر آهي ته اهو لفظ ان جاءِ تي قرآن ڪريم جي حيثيت سان نه پر تفسير جي حيثيت سان لکيو ويو هو ۽ ان دور ۾ جڏهن ته متن ۽ شرح ۾ امتياز جون هاڻي واريون نشانيون مروج نه هيون ته شرح کي متن سان گڏ لکڻ کان روڪيو ويو. باقي حديثن کي جدا لکڻ کان منع ڪيل نه هئي. ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي دور ۾ حديثن جا ڪيترا مجموعه تيار ٿي چڪا هئا. جن مان ڪن جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

[1] الصحيفة الصادقة : امام احمد المسند ۾ روايت آندي آهي ته حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص ߋ حديثن جو مجموعو تيار ڪري ان جو نالو ”الصحيفة الصادقھ“ رکيو هو. ان ۾ ڪيتريون حديثون هيون انهن جو تعداد ڪيترو هو پر صحيح بخاري ج 2 ص 22 کتاب العلم باب کتابة العلم ۾ هڪ روايت آندي آهي  جنهن مان ان تي ڪجهه روشني پوي ٿي. ان ۾ حضرت ابو هريره d جو بيان آهي ته حضور ڪريم جن جي اصحابن مان ڪوبه مون کان حديث بيان ڪرڻ ۾ گهڻو نه هو پر عبدالله بن عمرو ߋ وڌيڪ هو ڇوته اهو حديثون لکندو هو. ۽ مان لکندو نه هوس “ هن مان معلوم ٿيو ته حضرت عبدالله بن عمرو d جون روايت ڪيل حديثون حضرت ابو هريره d جي روايت ڪيل حديثن کان گهڻيون هيون ۽ حضرت ابو هريره d جي روايت ڪيل حديثن جو تعداد 5314 يا 5374 هو ۽ وڌيڪ صحيح قول ٻيو آهي هن مان عبدالله بن عمرو dجي مرويات جو تعداد اڃان به گهڻو ٿو معلوم ٿئي.

سوال : حضرت عبدالله بن عمرو d کان روايت ڪيل حديثون جيڪي اسان تائين پهتيون آهن انهن جو تعداد ته حضرت ابو هريره d جي مرويات کان گهٽ آهي پوءِ حضرت ابو هريره d ڪيئن فرمايو ته ان وٽ مون کان وڌيڪ حديثون آهن؟

جواب : حديثن جو ياد ڪرڻ جدا ڳالهه آهي ٻين تائين پهچائڻ جدا ڳالهه آهي. حقيقت هيءَ آهي ته حضرت ابو هريره d مدينه منوره ۾ رهندو هو جيڪو علم جي طالبن جو مرڪز هو ان کي اتي حديث جي روايت ڪرڻ جا گهڻا موقعا ميسر هئا پر حضرت عبدالله بن عمرو شام ۾ رهيو جتي ان جون روايت ڪيل حديثون ٻين تائين پهچائڻ وارا گهٽ هئا ان جي ڪري ان جون روايت ڪيل حديثون ٻين تائين گهٽ پهتيون آهن. بهرڪيف ”الصحيفة الصادقة“ ان دور ۾ حديث جو وڏو مجموعو هيو ۽ حضرت عبدالله بن عمرو d ان کي نهايت حفاظت سان رکندو هو سندس وفات کان پوءِ اهو مجموعو سندس پوٽي عمرو بن شعيب d وٽ آيو جنهن جي روايت اڪثر ڪري ” عن ابيھ ھ عن جده“ جي الفاظ سان ايندي آهي. حافظ ابن حجر ߋ ” تهذيب التهذيب“ ۾ يحيى بن معين ۽ علي المديني جو قول آندو آهي ته جيڪا حديث ”عن عمرو بن شعيب عن جده“ جي سند سان اچي سمجهڻ گهرجي ته اها ”الصحيفة الصادقة“ کان آندل آهي.

]2]صحيفة علي : ابو داؤد ج 1 ص 278 کتاب المناسک باب في تحريم المدينة جي تحت حضرت علي d جو هي قول نقل ڪيل آهي ته ما کتبنا عن رسول الله الا القرآن وما في هذه الصحيفة اسان رسول الله جن کان صرف قرآن ۽ (ٻيو) جيڪو هن صحيفھ ۾ لکيو آهي. هيءَ روايت صحيح بخاري ۾ چئن مقامن ۽ صحيح مسلم ۾ ٻن مقامن تي آيل آهي. هيءَ روايت نسائي ۽ ترمذي به تخريج ڪئي آهي ۽ حضرت عليd جو اهو لکيل صحيفه ساڻن گڏ هوندو هو ۽ هن روايت جي متعدد الفاظ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ ديتن، معاقل، فديو، قصاص، اهل ذمه جي احڪام، زڪواة جي نصاب ۽ مدينه طيبه جي حرم هجڻ جي متعلق نبوي ارشاد هئا.

[3] کتاب الصدقة : هي احاديثِ مبارڪه جو اهو مجموعو آهي جيڪو حضرت حبيب ڪريم جن پاڻ املاء ڪرڻ فرمايو هو. هن ۾ زڪواة، صدقات، عشر وغيره جي احڪام جو ذڪر هو ۽ سنن ابي داؤد مان معلوم ٿئي ٿو ته: اهو ڪتاب حضور ڪريم جن پنهنجي طرفان زڪواة وصول ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيلن ملازمن جي ڄاڻ لاءِ لکرايو هو پر اهو اڃان انهن ڏانهن موڪليو نه هيائون ته سندن ظاهري زندگي پوري ٿي ۽ پاڻ واصل الي الله ٿيا. سندن رحلت کان پوءِ اهو حضرت ابو بڪر صديق d وٽ رهيو ان کان پوءِ حضرت عمر d وٽ رهيو. حضرت عمر d جي شهادت کان بعد سندس فرزندن حضرت عبدالله d ۽ حضرت عبيدالله d ان کي سنڀاليو ۽ انهن کان حضرت عمر بن عبدالعزيز وٽ نقل ڪرايو پوءِ اهو مواد حضرت سالم بن عبدالله d وٽ آيو. حضرت سالم d کان شهاب الدين زهري ߋ اهو مواد وٺي ياد ڪيو ۽ ٻين کي پڙهايو.

[4]صحف انس بن مالڪ : (انس بن مالڪ جا لکيل دفتر) حضرت سعيد بن هلال d کان روايت آهي ته: اسين جڏهن حضرت انس بن مالڪ d کان حديثون گهڻيون پڇندا هئاسون ته اهو پاڻ وٽ موجود دفتر ڪڍي اسان جي اڳيان رکندو هو ۽ چوندو هو ته : هي اهي حديثون آهن جيڪي مون رسول الله جن کان ٻڌي لکيون هيون ۽ سندن اڳيان پڙهي پيش ڪيون هيون. (المستدرک للحاڪم ج 3 ص 573، 574 ذکر انس بن مالڪ کتاب معرفة الصحابة) هن مان معلوم ٿيو ته حضرت انس بن مالڪ d وٽ به حديثن جا لکيل مجموعا هيا.

[5]صحيفة عمر بن حزم: جڏهن حضور ڪريم جن عمر بن حزم کي نجران جو عامل بنائي موڪليو ته هڪ صحيفھ ھ ان جي حوالي ڪرڻ فرمايو هيائون جيڪو سندن حديثن تي مشتمل هو. ان کي حضرت ابي لکيو هو ابو داؤد وغيره ۾ ان جا جيڪي اقتباسات آيا آهن انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ پاڪائي ، نماز ، زڪواة ، حج، عمره ، جهاد، سير ۽  مغانم وغيره جي متعلق حديثون هيون.

[6]صحيفة ابنِ عباس f : طبقات ابنِ سعد ۾ کريب بن ابي مسلم حضرت ابنِ عباس f جي آزاد ڪيل غلام کان هي واقعو نقل ڪيو آهي ته کيس حضرت ابنِ عباس f جي لکيل ڪتابن مان اٺ جي کڻڻ جيترو ذخيرو مليو هو.

[7]صحيفة ابنِ مسعود f : علامه ابنِ عبدالبر پنهنجي ڪتاب ”جامع بيان العلم و فضلھ“ ۾ لکيو آهي ته عبدالرحمان بن مسعود d هڪ ڪتاب ڪڍي فرمايو ته : مان قسم کڻي چوان ٿو ته : هي عبدالله بن مسعود d جو لکيل آهي.

]8] صحيفة جابر بن عبدالله f : محدث امام مسلم روايت آندي آهي ته ”حضرت جابر بن عبدالله حج جي مسئلن تي هڪ ”رسالو“ تصنيف ڪيو هو. ان جو ذڪر امام المحدثين امام بخاري ߋ پنهنجي ڪتاب ”التاريخ الڪبير ج 7 ص 186 ۾ آندو آهي.

[9] صحيفة سمرة بن جندب : حافظ ابنِ حجر ߋ ”تهذيب التهذيب“ ۾ نقل ڪيو آهي ته سليمان بن سمره بن جندب d  پنهنجي والد سمرة بن جندب d کان هڪ وڏو نسخو روايت ڪيو آهي جنهن جي متعلق محمد بن سيرين ߋ فرمايو: ان الرسالة التي کتبها سمرة بن جندب لاولاده يوجد فيها علم کثير (حضرت) سمرة بن جندب d جيڪو رسالو پنهنجي اولاد جي لاءِ لکيو هو ان ۾ گهڻو علم لڌو وڃي ٿو.

[10] صحيفة سعد بن عبادة : ابنِ سعد طبقات م آندو آهي ته : سعد بن عبادة d هڪ دفتر ترتيب ڏنو هو جنهن ۾ حديثون جمع ڪيون هيائين.

[11] صحف ابي هريره d : الحاڪم، المستدرک ۾ علامه ابن عبدالبر پنهنجي ڪتاب  ”جامع بيان العلم و فضله“ ۾ آهي ته ڪنهن شخص چيو ته مون حضرت ابو هريره d جي اڳيان هڪ حديث بيان ڪئي ته پاڻ ان حديث کان ناواقفي بيان ڪيائون. مون کيس عرض ڪيو ته مون اها حديث اوهان کان ئي ٻڌي آهي. پاڻ فرمايائين ته جيڪڏهن هيءَ حديث مون بيان ڪئي هوندي ته مون وٽ لکيل هوندي پوءِ پنهنجو لکيل ڪتاب کڻي آيو جنهن ۾ حديثون لکيل هيون. جڏهن انهن ۾ اها مون واري پيش ڪيل حديث ڳولي وئي ته لڀي وئي. (المستدرک للحاڪم و جامع بيان العلم وفضله) معلوم ٿيو ته حضرت ابو هريره d وٽ ان جون روايت ڪيل حديثون لکيل هيون هن مان سندس روايت ڪيل پنج هزار ٽي سؤ چوهٺ 5364 حديثن جو لکيل هجڻ ثابت ٿئي ٿو.

سوال : حضرت ابو هريره d پاڻ فرمايو آهي ته مان حديث لکندو ناهيان؟

جواب : پاڻ حبيب ڪريم ۽ خلفاء راشدين عليهم الرضوان جي خلافت جي دور ۾ حديثون نه لکندو هو پر آخري عمر ۾ ان ڊپ کان ته حافظي جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري وسري نه وڃن پنهنجون روايت ڪيل حديثون لکرايون هيائين. ٻنهي ڳالهين ۾ ڪو تضاد ۽ تعارض ناهي. حضرت ابو هريره d جا ڪيئي صحيفا لکرايل هيا. ابنِ سعد الطبقات ۾ آندو آهي ته عمر بن عبدالعزيز d جو پيءُ جڏهن مصر جو گورنر هو ته ان زماني ۾ ان ڪثير بن مره کي خط لکيو هو ته تو وٽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان جون روايت ڪيل جيتريون به حديثون هجن اهي مون ڏانهن موڪلي ڏي. پر حضرت ابو هريره d جون روايت ڪيل حديثون نه موڪلجان اهي اسان وٽ اڳيئي موجود آهن.

]12] مؤلَّفُ بشير بن نهيڪ : بشير بن نهيڪ کان دارمي نقل ڪيو آهي ته مان جيڪا حديث حضرت ابو هريره d کان ٻڌندو هوس لکندو ويندو هوس ۽ مون جيڪو مجموعو لکي تيار ڪيو هو اهو سندس خدمت ۾ پيش ڪندي کيس ٻڌايو هوم ته هي اوهان جي روايت ڪيل حديث جو مجموعو آهي پاڻ فرمايائون ”ها“ (درس ترمذي ج 1 ص 41)

[13] صحيفھ عبدالملڪ بن مروان : هن ۾ اهي روايتون لکرايون ويون هيون جيڪي امتحان طور عبدالملڪ بن مروان حضرت ابي هريره d کان پڇيون هيون.

[14] صحيفھ همام بن منبھ : هي به حضرت ابو هريره d جي مشهور شاگردن مان هو هن به حضرت ابو هريره d جي روايت ڪيل حديثن جو مجموعو تيار ڪيو هو. ڪتاب ڪشف الظنون جي مصنف حاجي خليفه ان جو نالو ”الصحيفة الصحيحة“ لکيو آهي. جيڪو سڄو امام احمد المسند ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي روايتن کي هنن لفظن ۾ آڻيندو آهي. عن همام بن منبه قال هذا ما حدثنا به ابو هريرة d عن رسول الله فذکر احاديث منها وقال قال رسول الله

فائدو : حسن اتفاق سان ان صحيفه جو لکيل نسخو ملي ويو آهي هڪ نسخو جرمني ۾ برلن جي کتب خاني ۾ موجود آهي ٻيو دمشق جي ڪتب خاني ”مجمع علمي“ ۾ موجود آهي سيرت ۽ تاريخ جي مشهور محقق ڊاڪٽر محمد حميد الله صاحب انهن ٻنهي نسخن کي ڀيٽي هي صحيفه شايع ڪرايو آهي هن ۾ هڪ سؤ اٺٽيهه حديثون آهن ۽ ان کي جڏهن مسند امام احمد بن حنبل ۾ ذڪر ڪيل روايتن سان ڀيٽيو ويو ته ڪٿي هڪ حرف يا ٽٻڪي جو به فرق نظر نه آيو. (درس ترمذي ج 1 ص 42) الغرض حضرت حبيب ڪريم جن ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي دور ۾ حديث لکڻ جو طريقو چڱيءَ طرح رائج ٿي چڪو هو. ڪيترا مجموعا لکجي چڪا هئا جن مان مون هتي ڪجهه ذڪر ڪيا آهن. محبوب ڪريم جن جا جيڪي انفرادي خط لکيا ويا ۽ موڪليا ويا يا ڪنهن ڏانهن خاص هدايت ناما لکي موڪليائون يا ڪي فرمان جاري ڪيائون اهي جدا آهن. جن جو تفصيل حديث جي وڏن ڪتابن ۾ موجود آهي.

سوال : خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جي دور ۾ حديث جي تدوين، ترتيب ۽ اشاعت جو اهڙو وڏو اهتمام ڇونه ڪيو ويو جهڙو قرآن ڪريم جي جمع ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو؟

جواب : خلفاءِ راشدين مان حضرت ابو بڪر صديق d ۽ حضرت عمر فاروق d پنهنجي پنهنجي دور ۾ اهو ارادو ڪرڻ فرمايو هو ته قرآن ڪريم وانگر احاديث جو هڪ مجموعو سندن نگراني ۾ تيار ڪرايو وڃي پر جڏهن ته اڃان قرآن ڪريم جي گڏ ڪرڻ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو هو ته اول ان کي ترجيح ڏئي ان جي جمع ڪرائڻ ۾ مصروف رهيا ۽ جيڪڏهن ان وقت حديث مبارڪ جي جمع ڪرائڻ ڏانهن توجهه ڪري. حديث جو مجموعو تيار ڪرائي رکن ها ته ممڪن هو مسلمان ان کي قرآن ڪريم جهڙو سمجهن ها ۽ صرف ان ڏانهن متوجهه رهن ها ۽ ان خطري جو اظهار حضرت عمر d هڪ ڀيري هنن لفظن سان ڪيو هو.اِنِّي کُنۡتُ اَرَدۡتُّ اَنۡ اَکۡتُبَ السُّنَنَ وَ اِنِّي ذَکَرۡتُ قَوۡمًا کَانُوۡا قَبۡلَکُمۡ کَتَبُوۡا کُتُبًا فَاَکۡبُّوا عَلَيۡهَا وَ تَرَکُوۡا کِتَابَ اللهِ“ (مقدمه فتح الملهم ص 231 بحواله المدخل للبيهقي) يعني  مون ارادو ڪيو هو ته حديثون لکان پر مون کي ياد آيو ته اوهان کان اڳي هڪ قوم وارا هئا جن ڪتاب لکيا پوءِ انهن تي اونڌا رهيا ۽ الله جي ڪتاب کي ڇڏي ڏنائون.

تنبيهه : حديث جا منڪر حضرت عمر d جي هن ڳالهه کي پنهنجي حجت بنائي خوشي جو اظهار ڪندا آهن ۽ هن کي حديث جي حجت نه هجڻ جو دليل بنائيندا آهن مگر اهو سندن دليل نه ٿو ٺهي. ڇوته حضرت عمر d پاڻ ان جو اهتمام کڻي مذڪور سبب جي ڪري نه ڪيو هو پر ڪنهن کي انفرادي طور جمع ڪرڻ کان منع به نه ڪيو هو. سندس دور ۾ ڪيترن صحابن رضي الله عنهم حديثون جمع ڪيون هيون.

سوال : روايت ۾ آهي ته حضرت عمر d صحابه ڪرام عليهم الرضوان جــي گڏ ڪيلن، حديث جي مجموعن کي ساڙائي ڇڏيو هو ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي حديثون گهڻيون روايت ڪرڻ کان روڪيو هيائين؟

جواب : حديث جا منڪر روايت کي  مڃيندا ناهن ته پوءِ هن روايت کي حجت طور ڇو ٿا پيش ڪن؟ حقيقت هي آهي ته مذڪور روايت صحيح قوي ۽ مستند ناهي. علامه ابنِ عبدالبر پنهنجي ڪتاب ”جامع بيان العلم وفضلھ “ ۾ ان روايت تي وڏو تحقيقي ۽ تفصيلي بحث ڪندي لکيو آهي ته اها روايت ضعيف آهي حجت جي قابل ناهي. علامه ابنِ حزم به پنهنجي ڪتاب ”الاحڪام“ ۾ اهڙين سڀني روايتن مان هر هڪ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جي راوين جي تحقيق ڪندي انهن کي ناقابل حجت ثابت ڪيو آهي پر جيڪڏهن هروڀرو ڪو ضد ڪري چوي ته ”نه اهي صحيح آهن ته انهن کي پوءِ به سمجهڻ گهرجي ته حضرت عمر d جي قول ۽ فعل جو مقصد روايت ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن هو جڏهن روايت ڪندڙن تي نظر رکي وڃي. نه ته جيتري قدر روايت ڪرڻ جو تعلق آهي حضرت عمر d ان جو مخالف ته نه پر داعي هو. پاڻ فتح ڪيل اسلامي ملڪن جي هر صوبه ۾ معلم موڪلي انهن تي اهو ڪم رکيو هيائين ته اهي ماڻهن کي فرائض ۽ سنتن جي تعليم ڏين. حضرت عمر d جي قول کي ڪلهي تي کڻي بيان ڪندي، حجيت حديث جو انڪار ڪندڙ ان طرف ڇونه ٿا ڏسن ته حضرت عمر d پاڻ به سوين حديثن جو راوي آهي. سندس روايت ڪيل حديثن جو تعداد ستن سون (700) کان به زياده آهي. ان کانسواءِ شاهه ولي اللهازالة الخفاء ۾ حضرت عمر d جو هي خطاب به نقل ڪيو آهي تهسَيَاتِي اَقۡوَامُٗ يُّنۡکِرُوۡنَ بِالرَّجۡمِ وَبِالدَّجَالِ وَبِاالشِّفَاعَةِ  وَبِعَذَابِ الۡقَبۡرِ وَ بِقَوۡمِِ يَّخۡرُجُوۡنَ مِنَ النَّارِ (جلد اهڙيون قومون اينديون جيڪي سنگسار ڪرڻ دجال شفاعت قبر جي عذاب ۽ اهڙي قوم جو انڪار ڪندا جيڪي جهنم کان (ان ۾ سڙڻ) کان پوءِ ٻاهر نڪرندا. ۽ ظاهر آهي ته انهن شين جو ذڪر به حديثن ۾ آهي جن کي پاڻ مڃي ۽ منڪرن جو ذڪر ڪيو اٿس. ان جي ڪري حضرت عمر d کي حديث جو منڪر چوڻ بيوقوفي ۽ ڪم علمي آهي حضرت عثمان غني d جي دور ۾ به حديث جي تدوين ۽ ترتيب ڏيڻ جو ڪم ٿڌو رهيو رهيو ڇوته ان دور ۾ اختلاف گهڻا رهيا مگر پاڻ ڪيترين حديثن جو راوي آهي.

حضرت علي d جي دور ۾ حديث جون خدمتون

 جيستائين قرآن ڪريم جي جمع ڪرڻ جو انتظام هو تيستائين حضرت علي d به حديث روايت ڪرڻ کان ڪنارو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي طرفان لکيل حديثن جو مجموعو ماڻهن کان لڪائي رکيو هيائين پر جڏهن سندس دور ۾ عبدالله بن سبا يهودي (عليھ اللعنة) پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪري مسلمانن کي ويڙهائي اسلام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان مقصد ماڻڻ جي لاءِ ان ٻه ڪم گڏ شروع ڪيا. (1) هڪ ته ماڻهن کي صحابه ڪرام عليهم الرضوان کان (جن دين جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون) نفرت ڏياري وڃي. (2) ٻيو ته جڙتو حديثون ٺاهي عقائد ۾ هڪ نئون نظام آندو وڃي جنهن ۾ حضرت علي d کي (معاذالله ثم معاذ الله) الله جي مقام تي پهچايو وڃي ۽ ٻين صحابن سڳورن جي ايمان ۾ شڪ ۽ شبها پيدا ڪيا وڃن. حضرت علي d ان فتني جي تباهي کي محسوس ڪندي ۽ انهن افراد کي مسلمانن ۾ گهسي وڃڻ کي ڏسي هي ارشاد فرمايو:” قَاتَلَهُمُ اللهُ اَيَّ عَصَابةِِ بَيۡضَاءَ سَوَّدَوۡا وَ اَيَّ حَدِيۡثِ مِّنۡ اَحَادِيۡثِ رَسُوۡلِ اللهِ اَفۡسَدُوا(طبقات ابن سعد) (الله انهن تي لعنت ڪري ڪهڙي چمڪندڙ جماعت کي ڪارو ڪرڻ لڳا ۽ رسول الله جن جي احاديث مان ڪهڙي نه (سچي ۽ صحيح) حديث کي فاسد چوڻ لڳا.) ان کان پوءِ ان فتني کي روڪڻ جي لاءِ هڪ طرف صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي شان ۽ فضائل جي اشاعت ڪرڻ لڳا ته ٻئي طرف حديث جي سلسلي ڏانهن توجهه فرمايائون پوءِ سندن دور ۾ حديث کي گڏ ڪرڻ جي بجاءِ گهڻائي ٿي. ۽ پاڻ صحيح احاديث کي روايت ڪري سبائي عليهم اللعنة جي  ڪوڙين روايتن جو مقابلو ڪيائون. ۽ سندن ڪيترن شاگردن وٽ سندن روايت ڪيل حديثن جا مجموعا هوندا هئا.

حضرت عمر بن عبدالعزيز d جو دور

          هن عادل حاڪم جي دور تائين حديث جو لکڻ پنهنجن ٻن پهرين مرحلن ۾ رهيو پر پوءِ اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته حديثن جي باقاعده تدوين ڪئي وڃي ڇوته هاڻي قرآن ڪريم سان انهن جي منجهي پوڻ جو خطرو نه رهيو هو ۽ صحيح بخاري باب کيف يقبض العلم ج 1 ص 20 ۾ معلق روايت آهي ته : عمر بن عبدالعزيز پنهنجي امير هجڻ جي دور ۾ مدينه منوره جي قاضي ابو بڪر بن حزم  ڏانهن خط لکي حڪم ڏنو هو ته : اُنۡظُرۡ مَا کَانَ مِنۡ حَدِيۡثِ رَسُوۡلِ اللهِ فَاِنِّي خِفۡتُ دُرُوۡسَ الۡعِلۡمِ وَذِهَابَ الۡعُلَمَاءِ“  (رسول الله جن جي حديث ڏس ۽ لک جو مون کي علم جي ميٽجڻ ۽ علماء جي وڃڻ جو ڊپ ٿو ٿئي) ۽ پاڻ قاضي ابو بڪر بن حزم  کي حضور ڪريم جن جي حديث سان گڏ خلفاء راشدين عليهم الرضوان جي سنت لکڻ جو به حڪم ڏنو هيائون . ابنِ حجر عسقلاني ߋ لکيو آهي ته اهو حڪم نه صرف مدينه منوره جي قاضين کي هو پر هر صوبي جي قاضي لاءِ هو. مقصد ته حضرت عمر بن عبدالعزيز d پنهنجي هر اداري ۾ وڏي پيماني تي حديث جي گڏ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ سندس حڪم جي تحت حديث جا هي ڪتاب وجود ۾ آيا.

کتب ابي بڪر : (قاضي ابو بڪر جا ڪتاب) علامه ابن عبدالبر ߋ پنهنجي ڪتاب ”التمهيد“ ۾ امام مالڪ d کان نقل ڪيو آهي ته : مذڪور قاضي حديث جا ڪيترا ڪتاب لکيا هئا پر عمر بن عبدالعزيز کي موڪلي نه سگهيو ۽ سندس وفات ٿي وئي.

رسالة سالم بن عبدالله في الصدقات : علامه جلال الدين سيوطي ߋ تاريخ الخلفاء ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هي رسالو عمر بن عبدالعزيز d جي فرمائش تي لکيو ويو هو.

دَفَاتُر الزهۡرِيۡ (زهري جا دفتر) : علامه ابنِ عبدالبر ߋ کتاب ”جامع بيان العلم و فضلهٖ“ ۾ امام زهري ߋ جو قول آندو آهي ته اسان کي عمر بن عبدالعزيز d حديث ۽ سنن جي تدوين جو حڪم ڪيو ته اسان دفترن جا دفتر لکي ورتا ۽ هيءَ حقيقت آهي ته ان زماني ۾ زهري ߋ کان زياده حديث جي تدوين جي ڪنهن به خدمت نه ڪئي هئي) پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز ان وقت جي اسلامي مملڪت جي هر صوبي ۾ انهن دفترن مان هڪ دفتر موڪليو هو.

کتاب السنن لمکحول: هي ڪتاب محدث مکحول لکيو هو ۽ هن ڪتاب جي تاليف سان حديث جو سلسلو چوٿين مرحلي ۾ داخل ٿيو هو. علامه ابن النديم پنهنجي ڪتاب ”الفهرست“ ۾ ان ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي بظاهر هي ڪتاب عمر بن عبدالعزيز d جي فرمان جي تعميل ۾ لکيو ويو هو ڇوته ”مکحول“ ان دور ۾ قاضي هو.

ابواب الشعبي : هي عامر بن شرحبيل d جو لکيل آهي سيوطي ”تدريب الراوي“ ۾ ابن حجر عسقلاني ߋ جي حوالي سان نقل ڪيو آهي ته : هي حديث جي علم ۾ بابن سان ترتيب ڏنل پهريون ڪتاب هو. شعبي جڏهن ته ڪوفي ۾ رهندو هو ۽ اتي عمر بن عبدالعزيز d جي طرفان قاضي هو. ظاهر آهي ته هي ڪتاب به ان جي ارشاد تي لکيو ويو آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز d جي وفات 101 هه ۾ ٿي هئي ۽ هي سڀ ڪتاب ان کان پهريان لکجي چڪا هئا.

ٻي صدي هجري

                پهرين صدي هه ۾ بابن تي ترتيب ڏنل ڪتاب  جي صرف ابتداء ٿي چڪي هئي ۽ ٻي صدي هه ۾ حديث جي تدوين جو ڪم زياده ٿي رهيو هو ۽ هن دور ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا انهن جو تعداد ويهن کان وڌيڪ آهي. جن مان ڪجهه مشهور ڪتاب هي آهن.

کتاب الآثار لابي حنيفه : هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو حديثن کي فقهي ترتيب تي مرتب ڪيو ويو علمِ حديث ۾ هن جو مقام گهڻو بلند آهي. امام ابو حنيفه ߋ هن ڪتاب کي چاليهه هزار حديثن مان منتخب ڪيو هو (ذکره الموفق في مناقب الامام ابي حنيفه) هن ڪتاب جا ڪيترا نسخا آهن. ]1] امام ابو يوسف ߋ جي روايت سان [2]امام احمد ߋ جي روايت سان [3] امام زفر ߋ جي روايت سان. هي ڪتاب زماني جي لحاظ سان امام مالڪ جي موطا کان به اڳي آهي ۽ هيءَ ڳالهه به ثابت آهي ته : امام مالڪ امام ابي حنيفہھߋ جي لکيل ڪتابن مان فائدو ورتو آهي ان جي ڪري هي ڪتاب پنهنجي تدوين جي طرز ۾ امام مالڪ ߋ جي موطا جي اصل جي حيثيت رکي ٿو. ڪيترن عالمن هن ڪتاب جا شرح لکيا آهن جن ۾ علامه ابنِ حجر ߋ به شامل آهي.

ضروري وضاحت : ياد رکڻ گهرجي ته : علمِ حديث ۾ امام اعظم ߋ جو ترتيب ڏنل ڪتاب اهو ئي ”ڪتاب الآثار“ آهي ان کان علاوه ”مسند ابي حنيفہ“ جي نالي سان جيڪي تيار ڪيل مختلف نسخا ملن ٿا اهي خود امام صاحب جي تاليف ناهن کانئن پوءِ ڪيترن محدثن سندن روايت ڪيل حديثن کي ترتيب ڏئي مسند تيار ڪيا جن ۾ حافظ ابن عقده، حافظ ابو نعيم اصبهاني، حافظ ابن عدي ۽ حافظ ابنِ عساڪر مشهور آهن. بعد ۾ علامه خوارزمي انهن سڀني مسندن کي گڏ ڪري”جامع مسانيد الامام الاعظم“ نالي سان انهن کي ترتيب ڏئي تيار ڪيو. (درس ترمذي)

موطا الامام مالڪ : هن ڪتاب کي شروع ۾ ”اصح الکتب بعد کتاب الله“ سڏيو ويندو هو ان کان پوءِ اهو لقب صحيح بخاري کي مليو ڇوته هن ۾ موطا امام مالڪ d جي تقريبًا سمورين حديثن سان گڏ ٻيون به صحيح حديثون آهن.

جامع معمر بن راشد : هــــي بزرگ به امام مالڪ d جـــو همعصر هو ۽ سندس دور ۾ سندس ڪتاب به گهڻو مقبول ۽ مشهور رهيو  پر هاڻي ناياب آهي.

جامع سفيان ثوري : حضرت امام شافعي ߋ هن ڪتاب مان استفادو ڪيو آهي.

السنن لابن جريج : هن کي ”سنن ابي الوليد“ به چوندا آهن.

السنن لوکيع بن جراح :

کتاب الزهد لابن المبارک :

ٽئين صدي هجري ۾ تدوين حديث

هن هجري صديءَ ۾ حديث جي تدوين جو ڪم پنهنجي جواني کي پهتو هو. حديث جي راوين جون سندون ڊگهيون ٿي ويون هڪ هڪ حديث ڪيترن ڪيترن طريقن سان روايت ڪئي وئي ۽ علم جي پکڙجڻ جي ڪري حديث جي فن تي لکيل ڪتاب نئين نئين ترتيب سان ۽ بابن ٺاهڻ سان وجود ۾ اچڻ لڳا ۽ حديث جي ڪتابن جا ويهن کان وڌيڪ قسم ٿي ويا. اسماء الرجال جي علم باقاعده هڪ صورت اختيار ڪئي ۽ ان تي به متعدد ڪتاب لکيا ويا انهن سڀني جو ذڪر هتي ڪونه ٿو ڪجي صرف ٻٽن معروف ۽ مشهور حديث جي ڪتابن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.

مسند ابي داؤد الطيالسي: هي ابو داؤد الطيالسي ان ابو داؤد کان اڳي هو جنهن جو شمار صحاح ستھ ۾ ڪيو وڃي ٿو. بعض حضرات جو چوڻ آهي ته : هي ”مسانيد“ ۾ پهريون مسند آهي پر صحيح قول مطابق سڀ کان پهريون مسند ”عبيدالله بن موسى“ آهي ۽ ابو داؤد الطيالسي جو سر جيتوڻيڪ ان کان مقدم آهي پر سندس ”مسند“ سندس وفات کان پوءِ خراسان جي بعض علماء ترتيب ڏئي تيار ڪيو هو ۽ ”مسند عبيدالله بن موسى“ هن کان اڳي ترتيب سان تيار ڪيل هو.

مسند احمد: هن کي وڌيڪ جامع مسند قرار ڏنو ويو آهي هن ۾ تقريبًا چاليهه هزار حديثون آهن جن کي امام احمد بن حنبل ߋ ستن لکن حديثن مان منتخب ڪيو هو. امام احمد ߋ پنهنجي حياتيءَ ۾ انهن حديثن کي جمع ته ڪيو هو پر اڃان انهن جي ترتيب ۽ تدوين ڪري نه سگهيو هو ته سندس جليل القدر پٽ عبدالله بن احمد عليهما الرحمة ان جي ترتيب ۽ تدوين ڪئي ۽ ان ۾ تقريبن ڏهن هزارن حديثن جو اضافو ڪيو ان کان پوءِ حافظ الحديث ابو بڪر قطيعي ߋ به ان ۾ ڪجهه اضافو ڪيو جنهن کي ”زيادات المسند“ سڏيو وڃي ٿو. مسند امام احمد ۾ صحيح، حسن، ضعيف الغرض ته هر قسم جون حديثون آهن ۽ ان ۾ اختلاف آهي ته مسند ۾ ڪا موضوع حديث به آهي يا نه؟ گهڻي عرصي کان پوءِ بعض حضرات ”مسند امام احمد“ کي فقهي ابواب تي ترتيب جي مطابق مرتب ڪيو آهي ۽ متقدمين جي اها ڪوشش ناياب آهي، پر ”الفتح الرباني“ جي نالي سان ”مسند احمد“ بابن تي مرتب هاڻي به موجود آهي.

مصنف عبدالرزاق : پهرئين زماني ۾ ”المصنف“ لفظ ان ئي اصطلاحي مفهوم تي ڳالهايو ويندو آهي جنهن تي هاڻي ”السنن“ لفظ ڳالهايو وڃي ٿو. مذڪور مصنف محدث عبدالرزاق بن الهمام يماني جو مرتب ڪيل آهي ۽ ڪيترن لحاظن سان نهايت وڏو ۽ جليل القدر ڪتاب آهي هڪ ان جي ڪري جو عبدالرزاق امام ابو حنيفه ۽ معمر بن راشد جهڙن امامن جو شاگرد ۽ احمد بن حنبل ߋ جهڙن بزرگن جو استاد آهي ان جي ڪري هن ڪتاب ۾ اڪثر ڪري ”ثلاثي“ حديثون آهن ٻيو ان جي ڪري جو محدث بخاري جي تصريح مطابق هن مصنف ۾ سڀ حديثون صحيح آهن. هن جا قلمي نسخا استنبول، صنعاء حيدرآباد دڪن، حيدرآباد سنڌ ۽ ٽونڪ (هند) ۾ موجود آهن.

مصنف ابي بکر بن ابي شيبه : هي ڀلارو امام بخاري ۽ امام مسلم جو استاد آهي ۽ هن جي مصنف جي پهرين خصوصيت هيءَ آهي ته : هن ۾ صرف احڪام تي مشتمل احاديث کي ترتيب ڏني وئي آهي ۽ ٻي خصوصيت هي آهي ته هن ۾ مرفوعه حديثن سان گڏ صحابه ڪرام ۽ تابعين عظام جون فتوائون به گهڻيون جمع ڪيون ويون آهن. ان جي مطابق حنفي حضرات جي اصول کي سمجهڻ آسان ٿئي ٿو. ٽين خصوصيت هيءَ آهي ته : هن ۾ هر مذهب جي دلائل کي جانبداري کان سواءِ جمع ڪيو ويو آهي. چوٿين خصوصيت هي آهي ته ابنِ شيبھ پاڻ به ڪوفي جو رهاڪو هو ان جي ڪري ان اهلِ عراق جي مسلڪ کي چڱيءَ طرح سمجهي بيان ڪيو آهي اهو ئي سبب آهي جو حنفي حضرات جا دليل هن ڪتاب ۾ گهڻا ملن ٿا ۽ ان جي ڪري ئي علامه زاهد الکوثري ߋ لکيو آهي تهاحوج ما يکون الفقيه اليه کتاب ابن ابي شيبه فقيھ جنهن ڪتاب ڏانهن سڀ کان وڌيڪ محتاج آهي اهو ابن ابي شيبه جو ڪتاب آهي.

المستدرک للحاڪم: هي ڪتاب ”مستدرک علي الصحيحين“ آهي پر حديث جي تنقيدي معاملي ۾ محدث حاکم گهڻو متساهل آهي ان جي ڪري ان ڪيترين حديثن کي ”علٰي شرط الشيخين يا علٰي شرط احدهما“ چئي پنهنجي ڪتاب ۾ داخل ڪيو آهي جيڪي حقيقت ۾ گهڻيون ضعيف آهن حافظ ذهبي ߋ هن ڪتاب تي هڪ حاشيه لکيو آهي جنهن ۾ ”مستدرک“ جي تلخيص به آهي ۽ محدث حاڪم جي تساهل تي تنبيهه به آهي . محدث حاڪم جي باري ۾ بعض ماڻهن جو خيال ته اهو شيعو هو محققن وٽ صحيح ناهي اجايو الزام آهي. (درس ترمذي ص 48)

المعاجم للطبراني: محدث طبراني جا ٽي معجم آهن[1]  المعجم الڪبير [2] المعجم الاوسط   [3] المعجم الصغير. المعجم الکبير حقيقت ۾ مسند آهي يعني ان ۾ صحابه جي ترتيب جي مطابق روايتون جمع ڪيل آهن ۽ معجم اوسط ۾ امام طبراني پنهنجن استادن جي ترتيب سان حديثون جمع ڪيون آهن ۽ ان ۾ صرف پنهنجن استادن جي غرائب ۽ تفردات کي ئي جمع ڪيو آهي ۽ المعجم الصغير ۾ پنهنجي هر استاد جي هڪ هڪ روايت آندي اٿس. ۽ هن ۾ زياده انهن سندس استادن جون روايتون آهن جن کان محدث طبراني صرف هڪ حديث روايت ڪئي آهي.

مسند البزار : هن کي ”المسند الکبير“ به چوندا آهن . هي محدث ابو بڪر بزار جي تصنيف آهي ۽ معلل آهي. يعني هن ۾ مصنف روايات ۾ نقص پيدا ڪندڙ اسباب به بيان ڪيا آهن ۽ جيڪي ڪتاب معلل آهن انهن جو اصول هي آهي ته جنهن حديث کان اهي خاموشي سان لنگهي وڃن اها انهن وٽ صحيح ۽ قابلِ عمل آهي.

مسند ابو يعليٰ : هي ڪتاب مسند جي نالي سان مشهور ٿي ويو حالانڪه هي ” معجم“ آهي.

مسند الدارمي : هن ڪتاب کي به محدثن جي اصلاح جي خلاف مسند سڏيو ويو آهي حالانڪه هي حقيقت ۾ ”السنن“ آهي.

السنن الکبرى للبيهقي: هي ڪتاب امام بيهقي فقھ شافعي جي مشهور متن ”مختصر المزني“ جي ترتيب تي جمع ڪيو آهي.

سنن الدارقطني : هن محدث جي ولادت سن 306 هه ۾ ۽ وفات 385 هه ۾ ٿي هئي. هي ڪتاب فقهي بابن تي مشتمل آهي جنهن ۾ هر حديث جون سنَدون نهايت تفصيل سان بيان ڪيل آهن.

سوال: حديث جي موضوع تي لکيل ڪتاب مختلف نالن ۽ قسمن سان سڏيل آهن. [1] الجوامع          [2] السنن [3] المسانيد [4] المعاجم [5] المستدرک [6] المستخرج [7] الجزء [8] المشيخة                      [9] الافرادو الغرائب [10] التجريد [11] التخريج [12] کتب الجمع [13] الفهارس [14] الاطراف [15] الاربيعانات [16] الموضوعات [17] کتب الاحاديث المشتهرة [18] غريب الحديث [19] مشکل الحديث [20] اسباب الحديث [21] الترتيب [22] الزوائد [23] العلل [24] الامالي [25] التراجم [26] الثلاثيات [27] الوحدان [28] شروح الحديث [29] الاذکار [30] الترغيب والترهيب [31] کتب المصاحف [32] المسلسلات . انهن جي وضاحت ڪندا.

جواب : حديث جو علم انتهائي مخدوم علم آهي ۽ هن ۾ مختلف حيثيتن سان ڪتاب لکيا ويا آهن ان جي ڪري حديث جي ڪتابن جا پنهنجي موضوع ۽ ترتيب جي لحاظ سان گهڻا قسم آهن جن مان هر هڪ قسم جو هڪ خاص اصطلاحي نالو آهي. حديث مبارڪ سان محبت رکندڙ کي حديث جي ڪتابن ڏانهن مراجعت ۽ مطالعه لاءِ انهن قسمن کي به تفصيل سان سمجهڻ گهرجي.

   الجوامع : هي جامع جو جمع آهي جامع ان ڪتاب کي سڏيو ويندو آهي جنهن ۾ اٺن مضمونن تي مشتمل حديثون گڏ ڪيون ويون هجن انهن مضمونن کي هڪ مضمون ۾ جمع ڪري بيان ڪيو ويو آهي.

                سِير آداب تفسير و عقائد، فتن، اشراط و احڪام و مناقب ” سير“ سيرت جو جمع آهي يعني اهي مضمون جيڪي حضرت نبي ڪريم جي پاڪ زندگي جي واقعات تي مشتمل هجن. ”آداب“ ادب جو جمع آهي هن مان مراد معاشرت (زندگي گذارڻ) جا آداب آهن مثال طور کائڻ، پيئڻ وغيره جا آداب . ”تفسير“ يعني اهي حديثون جن ۾ قرآن ڪريم جي آيتن جي سمجهاڻي ڏنل هجي. ”عقائد“ اهي حديثون يا مضمون جن جو تعلق عقيدن سان هجي. ”فتن“ فتني جو جمع آهي اهي وڏا وڏا واقعا جن جي پيشن گوئي سيدنا رسول الله جن فرمائي. ”اشراط“ قيامت جون نشانيون. ”احکام“ اهي عملي احڪام جن تي فقھ مشتمل آهي انهن کي ”السنن“ به چيو ويندو آهي. ”مناقب“ منقبت جو جمع آهي يعني صحابه ۽ صحابيات ۽ مختلف قبائل ۽ طبقات جا فضائل . الغرض  ته جنهن ڪتاب ۾ اهي اٺ مضمون هجن ان کي جامع سڏيو ويندو آهي. سڀ کان پهريون جامع ”جامع معمر بن راشد“ آهي جيڪو امام زهري ߋ جي مشهور ۽ معروف شاگرد معمر جي تاليف آهي افسوس ته هاڻي ناياب ٿي ويو آهي. ٻيو ”جامع“ حضرت سفيان ثوري ߋ جو آهي هن کان امام شافعي به استفادو ڪيو آهي. هي ڪتاب به ناياب آهي. ٽيون ”جامع عبدالرزاق“ آهي جيڪو محدث عبدالرزاق بن همام صنعاني ߋ جي تاليف آهي ۽ هي ٻئي صدي هجري ۾ معروف ٿي چڪو هو. هي ”مصنف عبدالرزاق“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ هاڻي شايع ٿي چڪو آهي. چوٿون ”جامع دارمي“ هي به مشهور جوامع مان آهي. (لامع الدراري ج 1 ص 44) پر سڀني کان وڌيڪ مقبوليت امام بخاري جي جامع کي ملي آهي ۽ ان کان پوءِ ”جامع ترمذي“ آهي. حديث جي مشهور ڪتابن ”صحاح ستہ“ ۾ بخاري ۽ ترمذي جي جامع هجڻ تي اتفاق آهي البت صحيح مسلم جي جامع هجڻ جي باري ۾ اختلاف آهي. بعض علماء ان کي جامع چون ٿا ڇوته ان ۾ اٺ ئي مضمون موجود آهن پر بعض علماء ان جي جامع هجڻ جو ان بناء تي انڪار ڪيو آهي ته ان ۾ ڪتاب التفسير نهايت مختصر آهي صحيح قول هي آهي ته صحيح مسلم به جامع آهي ڇوته جامع هجڻ جي لاءِ ڪنهن مضمون جو مفصل هجڻ ضروري ناهي. ان جو وجود ئي ڪافي آهي ۽ صحيح مسلم جي کتاب التفسير ۾ جيتوڻيڪ حديثون گهٽ آهن پر ڪتاب التفسير آهي ته صحيح. ۽ تفسير جون گهڻيون حديثون امام مسلم ٻين بابن ۾ نقل ڪيون آهن ان جي ڪري علامه مجد الدين فيروزآبادي، القاموس جي صاحب ان کي جامع قرار ڏنو آهي ۽ ”کشف الظنون“ ڪتاب جي مصنف به صحيح مسلم کي جوامع ۾ شمار ڪيو آهي.

    السنن: هي ان ڪتاب جو لقب آهي جنهن ۾ حديثن کي فقهي بابن تي ترتيب ڏئي لکيو ويو هجي هن قسم کي ابتداء ۾ بلڪل ”ابواب“ سڏيندا هئا بعد ۾ ان جو نالو تبديل ٿي ”مصنف“ ٿيو ۽ آخر ۾ ان کي ”السنن“ سڏيو ويو آهي. هن قسم جو سڀ کان پهريان کتاب امام ابو حنيفه جي استاد عامر بن شراحيل الشعبي لکيو جيڪو ”ابواب الشعبي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. صحاح ستھ مان نسائي، ابو داؤد، ترمذي ۽ ابن ماجھ سنن آهن. ”سنن اربعھ“ جو لفظ ڳالهائي اهيئي چار ڪتاب مراد ورتا ويندا آهن ۽ انهن چئن کان سواءِ سنن بيهقي، سنن دارمي، سنن دار قطني ۽ سنن سعيد بن منصور به ان قسم جا ڪتاب آهن ۽ انهن کان علاوه سنن ابنِ جريج ۽ سنن وڪيع بن الجراح هن قسم جا قديم ڪتاب آهن. مصنف عبدالرزاق، مصنف ابن ابي شيبه وغيره به ان قسم جا قديم ڪتاب آهن ۽ بعض حضرات مڪحول جي ڪتاب السنن کي به ان ۾ شمار ڪيو آهي.

  المسانيد : مسند جو جمع آهي ۽ مسند حديث جي ان ڪتاب کي سڏيندا آهن جنهن ۾ حديثن کي صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي ترتيب سان جمع ڪيو وڃي. يعني هڪ صحابي جون سموريون روايت ڪيل حديثون هڪ ئي ڀيري هڪ جاءِ تي ترتيب سان ذڪر ڪيون وڃن ڀلي اهي ڪنهن به باب سان متعلق هجن. وري ٻئي صحابي جون روايت ڪيل حديثون به ان نموني سان ۽ ڪڏهن انهن ۾ حروف تهجي جو لحاظ رکي ترتيب ڏني ويندي آهي بعض وقتن ۾ ان جو اسلام ۾ اڳي داخل ٿيڻ جو اعتبار ڪري هڪ صحابي جي روايت کي اڳي آندو ويندو آهي ۽ بعض اوقات ۾ فضيلت جو اعتبار ڪيو ويندو آهي ۽ مهاجرين ۽ انصار جي طبقات جي لحاظ سان به مسندن کي ترتيب ڏني ويندي آهي. سڀ کان پهريان مسند نعيم بن حماد لکيو ان کان پوءِ تمام گهڻا مسند لکيا ويا ايتري قدر جو ان وقت ۾ هي مشهور ٿي ويو هو ته ڪو وڏو محدث اهڙو نه هو جنهن مسند نه لکيو هجي. امام بخاري جا ڪيترا استاد ” مسانيد“ جا صاحب هئا ۽ عثمان بن ابي شيبہ، اسحاق بن راهويه ۽ ابو بڪر بن ابي شيبه به مسند لکيا هئا ۽ مسندن مان مسند اسد بن موسى، مسند عبد بن حميد، مسند البزار ۽ مسند ابي يعلى معروف آهن ۽ هن وقت ٽي مسند ڇپيل ملن ٿا ۽ مشهور آهن. ]1] مسند ابي داؤد الطيالسي جيڪو ”دائرة المعارف“ حيدرآباد دکن کان شايع ٿيو آهي [2] ”مسند حميدي“ هي مجلس علمي شايع ڪيو آهي هن جو مصنف محدث بخاري جو استاد آهي. [3] مسند امام احمد بن حنبل، جيڪو نهايت جامع مسند آهي ۽ سڀ کان زياده آهي ۽ سڀ کان زياده مشهور ۽ متداول آهي. علامه ابن الساعاتي ان جي بابن کي ترتيب سان شايع ڪيو جيڪو ”الفتح الرباني في ترتيب مسند الامام احمد بن حنبل  الشيباني“ جي نالي سان مشهور آهي.

المعجم“ عام طور مشهور هي آهي ته ”معجم“ ان ڪتاب کـي چوندا آهن. جنهن ۾ ڪنهن محدث پنهنجي استادن ۽ شيوخ جي ترتيب سان حديثون جمع ڪيون هجن يعني هڪ استاد جون روايت ڪيل حديثون هڪ جاءِ تي ٻئي استاد جون روايت ڪيل حديثون ٻئي جاءِ تي ائين هلندو رهي بعض علماء هن ڳالهه کي رد ڪندي چيو ته معجم اهو آهي جنهن ۾ حروف تهجي جي ترتيب سان حديثون جمع ڪيون وڃن. خواهه اها ترتيب صحابه ڪرام ۾ هجي يا استادن ۾ هن قسم جا به متعدد ڪتاب مشهور آهن. مثال طور معجم اسماعيلي، معجم ابن الغوطي. پر سڀني کان مشهور امام طبراني جا معاجم آهن. ان ٽي معجم لکيا هئا. 1. المعجم الکبير جنهن ۾ صحابه ڪرام جي ترتيب سان حديثون لکيل آهن. 2. المعجم الاوسط : هن ۾ استادن جي ترتيب سان حديثون لکيل آهن.  3. المعجم الصغير : هن ۾ ان بزرگ پنهنجي استادن مان هر هڪ جي هڪ هڪ حديث آندي آهي.   (کما مر)

  المستدرک: المستدرک ان کي چوندا آهن جنهن ۾ ڪنهن ڪتاب مان رهيل حديثون گڏ ڪيون ويون هجن. ۽ اهي مذڪور ڪتاب جي مصنف جي شرط جي مطابق هجن. امام بخاري ۽ امام مسلم جي نه ذڪر ڪيل حديثن تي متعدد علماء مستدرک لکيا آهن جن مان  المستدرک علي الصحيحين ”للحافظ ابي ذر عبده“ مشهور آهي. (الرسالة المستطرفة ص 22) پر مشهور ڪتاب محدث ابو عبدالله حاڪم نيشاپوري جو”المستدرک علي الصحيحين“آهي. جيڪو سڀ کان وڌيڪ هلندڙ آهي هن ڪتاب ۾ ان اهي حديثون آنديون آهن جيڪي صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ ناهن ان جي خيال ۾ اهي بخاري ۽ مسلم جي شرطن تي پوريون اچن ٿيون پر محققن جي قول مطابق محدث حاڪم کان تساهل گهڻو ٿيو آهي ان جي ڪري حافظ ذهبي ߋ ان جي تلخيص ڪري امام حاڪم جي غلطين تي روشني وڌي آهي .

  المستخرج: هي ان ڪتاب کي چوندا آهن جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ڪتاب جي حديثن کي پنهنجي اهڙي سند سان بيان ڪيو وڃي جنهن سان ان ڪتاب جي مصنف جو واسطو نه هجي جيئن ”مستخرج ابي عوانة علي صحيح مسلم“ آهي جنهن ۾ ان صحيح مسلم جون روايتون اهڙي سنَد سان آنديون آهن جن سان مصنف جو واسطو ناهي. اهڙي طرح ”مستخرج ابي نعيم على صحيح مسلم“

الجز‍ : الجزء ان ڪتاب کي چوندا آهن جنهن ۾ ڪنهن هڪ جزوي مسئله جي متعلق سموريون حديثون هڪ جاءِ ڪيون ويون هجن. جيئن ”جزء رفع اليدين للبخاري“ ۽ ”جزء الجهر به بسم الله للخطيب البغدادي“ بعض حضرات حديث جي ڪتابن جو هڪ ٻيو قسم ”الرسالة“ به بيان ڪيو آهي ۽ ان جي تعريف هي ڪئي اٿن ته اهو حديث جو ڪتاب جنهن ۾ صرف ڪنهن هڪ شيخ الحديث جون حديثون جمع ڪيل آهن. پر صحيح ڳالهه هي آهي ته اهو ڪو جدا مستقل قسم ناهي اهو ”الجزء“ جو مترادف آهي.

  المشيخة : المشيخة ان ڪتاب کي چوندا آهن جنهن ۾ ڪنهن هڪ يا ٻن ٽن حديث جي شيوخ جون روايت ڪيل حديثون جمع ڪيون ويون هجن. جيئن ”مشيخة ابن البخاري وعليها ذيل للحافظ المزي“ ۽ ”مشيخة ابن شاذان الکبرى“ ۽ مشيخة ابن القاري وغيره                     (لامع الدراري ص 150، 151)

الافراد والغرائب : ان حديث جي ڪتاب کي چوندا آهن جنهن ۾ ڪنهن هڪ شخص جي تفردات کي جمع ڪيو ويو هجي.“ جيئن ” ڪتاب الافراد للدارقطني“.

التجريد“ : ڪنهن حديث جي ڪتاب جون سندون ۽ ان ۾ ورائي ورائي آندل روايتن کي حذف ڪري صرف صحابي جو نالو ۽ حديث جو متن بيان ڪيو وڃي. ان کي ”التجريد“ سڏيندا آهن. جيئن ”تجريد البخاري للزيدي“ ۽ ”تجريد المسلم للقرطبي ۽ ”تجريد الصحيحين“ وغيره

التخريج“ اهو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ڪتاب جي معلق يا ” بي حواله“ حديثن جي سند ۽ ان جو حوالو بيان ڪيو وڃي. مثال طور فقه حنفي جي ڪتاب ”هدايہھ“ ۾ سموريون حديثون حوالن  کي تحقيق ڪري ثابت ڪرڻ جي لاءِ جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن انهن کي ”تخريج“ سڏيو ويو آهي. مثال طور ”نصب الراية في تخريج احاديث الهداية للديلمي“ ۽ حافظ ابن حجر ߋ جو ڪتاب ”الدراية في تخريج احاديث الهداية“ ۽ ان جو ئي ”التلخيص الجبير في تخريج احاديث الرافعي الکبير“ جي نالي سان هڪ مفصل ڪتاب آهي جنهن ۾ ان شافعي فقه جي مشهور متن ”الرافعي“ ۾ آندل حديثن جي تخريج ڪئي آهي ۽ ابنِ حجر ߋ جو هي ڪتاب احڪام جي متعلق حديثن جو جامع ترين ذخيرو سمجهيو ويندو آهي. اهڙي طرح ان جو ڪتاب آهي ”الکاف الشاف في تخريج احاديث الکشاف“ امام حافظ زين العابدين العراقي ”تخريج احاديث احياء العلوم الدين“ هڪ وڏو مفيد ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ ان احياءُ العلوم امام غزالي ߋ جي ڪتاب ۾ آندل حديثن جي تخريج ڪئي آهي.

کتب الجمع“ انهن ڪتابن کي چئبو آهي جن ۾ هڪ کان وڌيڪ حديث جي ڪتابن جون ورائي ورائي آندل حديثون حذف ڪري جمع ڪيون وينديون آهن. هن قسم جو پهريون ڪتاب امام حميدي جو ”الجامع بين الصحيحين“آهي ان کان پوءِ حافظ زرين بن معاويھ ”تجريد الصحاح الستھ“ لکيو جنهن ۾ صحاح ستھ جون سموريون حديثون جمع ڪيون ويون آهن البت ان وٽ” ابنِ ماجہ“ جي بجاءِ ”موطا امام مالڪ“ صحاح ستھ ۾ شامل آهي تنهنڪري ان پنهنجي ڪتاب ۾ ابنِ ماجھ جي بجاءِ ”موطا امام مالڪ“ جون روايت ڪيل حديثون آنديون آهن. ان کان پوءِ حافظ ابن اثير جزري، ”جامع الاصول“ نالي سان هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ صحاح ستھ جون روايت ڪيل حديثون جمع ڪيون اٿس. پر ان جي اصطلاح ۾ ”موطا امام مالڪ“ صحاح ستھ ۾ شامل آهي. ابنِ ماجھ صحاح ستہھ ۾ شامل ناهي. انهن کان پوءِ علامه نور الدين هيتمي ”مجمع الزوائد و منبع الفوائد“ نالي هڪ وڏو ڪتاب لکيو ۽ ان۾ ”مسند امام احمد“ ”مسند بزار“ مسند ابي يعلى ۽ امام طبراني جي روايت ڪيل، انهن زياده حديثن کي گڏ ڪيو اٿس جيڪي ”صحاح ستھ“ ۾ ناهن پر علامه هيتمي مڪي وٽ ابنِ ماجھ صحاح ستھ ۾ شامل آهي. ”موطا امام مالڪ“ ناهي. ان کان پوءِ علامه محمد بن محمد سليمان ”جمع الفوائد“ نالي سان ڪتاب لکيو جنهن ۾ هڪ طرف ”جامع الاصول“ ۽ ”مجمع الزوائد“ جون سموريون حديثون سندن جي حذف ڪرڻ سان جمع ڪيون اٿس ته ٻئي طرف ابنِ ماجھ جون حديثون به آنديون اٿس جيڪي جامع الاصول ۽ مجمع الزوائد جي مصنفن بزرگن کان رهجي ويون هيون بلڪه ان کان سواءِ ”سنن دارمي“ ۾ روايت ڪيل حديثون به جمع ڪيون اٿس. اهڙي طرح هي ڪتاب چوڏهن حديث جي ڪتابن جون مجموعه بنجي ويو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان ۾ ڪيتريون حديثون رهجي ويون آهن. ان جي ڪري ائين نه سمجهڻ گهرجي ته جيڪا حديث ان ۾ نه آهي سا ٻين ڪتابن ۾ به ناهي. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مذڪور ڪتاب سڀ ابواب جي ترتيب سان لکيل آهن ۽ بعض حضرات حديثن کي حروف تهجي جي ترتيب سان لکيو آهي ان قسم جو پهريون ڪتاب” فردوس الديلمي“ آهي ان کان بعد علامه جلال الدين سيوطي ߋ ”جمع الجوامع“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ ان سڀني حديثن جي ذخيره کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن ۾ ان قولي حديثن کي حروفِ تهجي جي ترتيب سان جمع ڪيو آهي ۽ فعلي حديثن کي صحابه ڪرام جي ترتيب سان آندو آهي. وري پاڻ ئي ان جي تلخيص ڪري ان جو نالو”الجامع الصغير في احاديث البشير النذير“ ( ) رکيو. هن ڪتاب ۾ ان سڀني موجود حديث جي ڪتابن مان قولي حديثن کي حروفِ تهجي جي ترتيب سان جمع ڪيو اٿس. ”الجامع الصغير“ ۾ هر حديث سان گڏ ان جي حوالي کان سواءِ ان جي اسنادي حيثيت به اهڙي طرح متعين ڪئي وئي آهي جو صحيح حديث جي لاءِ ”ص“ ضعيف جي لاءِ ”ض“ ۽ حسن جي لاءِ ”ح“ لکيو ويو آهي پر علامه عبدالحي اللکنوي ߋ لکيو آهي ته اهي نشانيون علامه سيوطي ߋ نه لکيون آهن بعد ۾ ڪنهن لکيون آهن. (الاجوبة الفاضلة ص 127) الجامع الصغير جا متعدد شرح به لکيا ويا آهن جن مان علامه مناوي ߋ جو ”فيض القدير“ ۽ علامه عزيزي جو ”السراج المنير“ مشهور معروف شرح آهن. علامه مناوي ߋ تصحيح حديث جي معاملي ۾ زياده احتياط ڪندڙ آهي ۽ علامه عزيزي ߋ ايترو محتاط ناهي  هن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ قابلِ قدر ۽ جامع ڪم ”علامه، علي المتقي“ ڪيو جنهن ڪتاب ”کنزالعمال في سنن الاقوال والافعال“ لکيو آهي جنهن کي شڪ ۽ شبهي کان سواءِ نبوي احاديث جو جامع ترين ڪتاب چيو وڃي. ان پنهنجي هن ڪتاب کي علامه سيوطي ߋ جي ڪتاب”جمع الجوامع“ تي مبني ڪيو آهي يعني ان سڀ کان پهريان هر باب جون اهي قولي حديثون جمع ڪيون آهن جيڪي ”جمع الجوامع“ ۾ موجود آهن. ان کان ان پوءِ اهي قولي حديثون آنديون آهن جيڪي علامه سيوطي ߋ کان رهجي ويون آهن ۽ ان جو نالو ” الاکمال في سنن الاقوال“ رکيو. ان کان پوءِ ”جمع الجوامع“ ۾ آندل فعلي حديثون جيڪي صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي ترتيب سان مرتب ڪيل آهن آنديون آهن ۽ ان جو نالو ”کنزالعمال“ رکيو آهي. هن ۾ هر حديث سان گڏ ان جي ماخذ جو حوالو رموز ۾ ڏنل آهي جيئن بخاري جي لاءِ ”خ“ ۽ مستدرک“ حاڪم جي لاءِ ”ک“ وغيره. علامه علي المتقي ߋ پنهنجي هن ڪتاب ۾ تقريبن حديث جي ٽيهن ڪتابن مان حديثون جمع ڪيون آهن ان طرح هي ڪتاب ڪنهن حديث جي تحقيق لاءِ بي مثال رهنما جي حيثيت رکي ٿو.

الفهارس“ : اهي حديث  جا ڪتاب جن ۾ هڪ کان وڌيڪ حديثن جي فهرست جمع ڪيل هوندي آهي تانت حديثن جي ڳولڻ ۾ آساني ٿئي. مثال طور علامه زاهد الکوثري“ جي هڪ شاگرد ”فهارس البخاري“ جي نالي سان هڪ وڏو مفيد ڪتاب لکيو آهي. جنهن جي ذريعي بخاري مان حديث ڪڍڻ آسان ٿي وئي آهي ان سلسلي جو هڪ جامع ۽ مفيد ڪم الله مستشرقين کان ورتو آهي. ڊاڪٽر وينسنک“ جي سربراهي ۾ ستن ٿلهن جلدن ۾ هڪ مفصل ڪتاب ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن جو نالو ”المعجم المفهرس للاحاديث النبوية“ آهي جنهن ۾ ان صحاح سته، موطا امام مالڪ، سنن دارمي ۽ مسند احمد ۾ آيل احاديث جي فهرست مرتب ڪئي آهي ۽ ان جو طريقو هي آهي ته ”حروفِ تهجي“ جي لحاظ سان انهن هر لفظ جي هيٺان بيان ڪيو آهي ته هي لفظ ڪهڙي ڪهڙي حديث ۾ آيو آهي ۽ اها حديث ڪٿي ڪٿي بيان ڪيل آهي پر هن ڪتاب ۾ اهي سمورين حديثن جي سميٽڻ تي قادر ٿي نه سگهيا آهن انهن کان ڪيتريون حديثون رهجي ويون آهن وري ان ڪتاب جي تلخيص ”وينسنگ“ پاڻ ڪئي ان ڪري ان جو نالو ”مفتاح کنوز السنة“ رکيو آهي جيڪو مختصر هجڻ جي لحاظ سان انتهائي مفيد آهي ۽ هر طالب العلم جي لاءِ نهايت ضروري آهي.

الاطراف: اهي حديث جا ڪتاب جن ۾ صرف پهريون ۽ پويون حرف ذڪر ڪيو ويو آهي جن سان پوري حديث سڃاتي ويندي آهي ۽ آخر ۾ ان حديث جو حوالو ذڪر ڪيل هوندو آهي ته فلاڻي، فلاڻي حديث جي ڪتاب مان هي حديثون ورتل آهن ان جو فائدو هي هوندو آهي ته گهڻا وقت ڪنهن شخص کي حديث جا پهريان ۽ پويان الفاظ ته ياد هوندا آهن پر نه پوري حديث ذهن ۾ هوندي آهي ۽ نه ان جي اسناد جي حيثيت جو علم هوندو آهي اهڙي موقعي تي ”اطراف“ جا ڪتاب بيحد مفيد هوندا آهن. هن موضوع تي سڀ کان پهريان حافظ ابن عساڪر دمشقي ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو ۽ ان جو نالو ”الاشراف في معرفة الاطراف“ آهي جنهن ۾ ان ابو داؤد، ابنِ عساڪر ۽ ترمذي جا اطراف ذڪر ڪيا آهن ڪتاب کي ان حروفِ معجم تي ترتيب ڏنو آهي پر هي ڪتاب ناياب آهي ان کان پوءِ حافظ عبدالغني المقدسي ” اطراف الکتب الستة “ لکيو. اڄ ڪلهه ان قسم جو سڀ کان متداول ڪتاب حافظ مُزي جو آهي. ”تحفة الاشراف في معرفة الاطراف“ الفهارس جـي ذيل ۾ بيان ڪيل” المعجــم المفهرس للاحاديث النبوية“ ۽ ان جي تلخيص”مفتاح کنوز السنة“ به ان قسم جي هيٺان ٿا اچن.

الاربعينات“: هي الاربعين جو جمع آهي (چاليهه حديثون) يعني جنهن ۾ چاليهه حديثون ڪنهن هڪ باب ۽ موضوع جون يا مختلف ابواب جون جمع ڪيل هجن. هن باب ۾ ڪيترن محدثن ڪتاب لکيا آهن ۽ سندن مقصد محدث بيهقي ߋ جي ان روايت ڪيل حديث تي عمل ڪرڻ آهي جيڪا ان شعب الايمان ۾ آندي آهي ته سُئِلَ رَسُوۡلُ اللهِ مَا حَدُّ الۡعِلۡمِ الَّذِيۡ اَذَا بَلَغَھ الرَّجۡلُ کَانَ فَقِيهًا؟ فَقَالَ رَسُوۡلُ اللهِ مَنۡ حَفِظَ عَلٰي اَمَّتِي اَرۡبَعِيۡنَ حَدِيۡثًا فِيۡ اَمۡرِ دِيۡنِهَا بَعۡثَهُ اللهُ فِقِّيۡهًا وَ کُنۡتُ لَهٗ يَوۡمَ الۡقِيٰمَةِ شَافِعًا وَّ شَهِيۡدًا“ (مشڪواة المصابيح ڪتاب العلم فصل ثالث ص 36 جلد ثالث) (حضور ڪريم جن کان عرض ڪري پڇيو ويو ته علم جي حد ڪهڙي آهي جو ان کي ڪو شخص پهچي ته فقيه ٿي وڃي ته رسول الله فرمايو ”جنهن منهنجي امت تي سندن ديني امر ۾ چاليهه حديثون ياد ڪيون الله ان کي قيامت جي ڏينهن فقيھ ڪري اٿاريندو ۽ مان ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندڙ ۽ شاهد هوندس.“ هيءَ روايت ماڻهن ۾ مشهور ٿي وئي آهي، امام نووي ߋ پنهنجي ڪتاب ”الاربعين“ جي شروع ۾ هن مذڪور حديث جي باري ۾ لکيو آهي ته ”اتفق الحفاظ علي انھ حديث ضعيف و ان کثرت طرقہ“ حديث جي حافظن جو هن تي اتفاق آهي ته هن حديث جي روايت جا طريقا جيتوڻيڪ گهڻا آهن پر ان هوندي به ضعيف آهي پر روايت جي گهڻن طريقن هجڻ جي ڪري حسن لغيره آهي ان بناء تي امت جي گهڻن عالمن ۽ محدثن هن تي عمل ڪيو آهي ۽ ”الاربعين“ نالي سان ڪتاب لکيا آهن ان سلسلي ۾ پهريون”الاربعين“ نالي ڪتاب عبدالله بن المبارڪ لکيو، ان کان پوءِ محمد بن طوسي انهن کان پوءِ بيشمار اهل علم مختلف موضوعن تي ” الاربعين“ نالي سان ڪتاب لکيا آهن مثال طور امام دار قطني، حاڪم، ابو نعيم، ابو عبدالرحمان سلمي ۽ ابو بڪر، بيهقي وغيره.

الموضوعات“ : يعني اهي ڪتاب جن ۾ موضوع روايتون گڏ ڪيون ويون آهن يا موضوع جي تهمت لڳايل حديثن تي تحقيق ڪيو ويو آهي شروع ۾ ”موضوعات“ تي ڪتاب اهڙي انداز ۾ لکيا ويندا هئا. جو ضعيف راوين جو تذڪرو ڪيو ويندو هو ۽ انهن کان جيڪي موضوع يا ضعيف حديثون روايت ڪيل هونديون آهن انهن جو به ذڪر ڪيو ويندو آهي. حافظ ابنِ عدي ” الکامل“ ۾ العقيلي ”الضعفاء“ ۾ ۽ جوزقاني ”الاباطيل“ ۾ اهو انداز رکيو آهي بعد ۾ موضوعات جو طريقو هي رکيو ويو موضوع يا وضع سان تهمت هنيل حديث جو بابن جي ترتيب سان تهجي جي حروف سان ذڪر ڪري ٻڌايو ويو آهي ته هن کي ڪنهن روايت ڪيو آهي ۽ ان ۾ سند جي لحاظ سان ڪهڙو نقص آهي هن موضوع تي سڀ کان پهريان علامه ابن الجوزي ߋ قلم کنيو ان جا ٻه ڪتاب آهن هڪ ”العلل المتناهية في الاخبار الواهية“ ٻيو ”الموضاعات الکبرى“ هي ٻيو ڪتاب عام ملندو آهي پر اهلِ علم جو هن تي اتفاق آهي ته علامه ابن الجوزي ߋ حديثن کي موضوع چوڻ ۾ متشدد آهي ۽ ان ڪيترين صحيح حديثن کي موضوع قرار ڏنو آهي ان جي ڪري بعد واري محققن عالمن ان جي ڪتاب تي تنقيد ڪئي آهي. جيئن علامه ابنِ حجر ߋ پنهنجي ڪتاب ”المول المسدد في الذب عن مسند احمد“ ۾ ان جي گهڻي ترديد ڪئي آهي هن ڪتاب ۾ حافظ مسند امام احمد جي انهن حديثن جي تحقيق ڪئي آهي جن کي ابن الجوزي موضوع هجڻ جو حڪم لڳايو آهي انهن مان هڪ حديث مسلم شريف ۾ موجود آهي ۽ هڪ حديث بخاري شريف جي احمد شاڪر واري نسخي ۾ به آهي ۽ ڪيتريون اهي روايتون به شامل آهن جن کي امام بخاري تعليقًا آندو آهي ۽ علامه سيوطي ߋ به ابن الجوزي جي موضوع چيل حديثن تي هڪ تفصيلي تنقيد لکي آهي جنهن جو نالو”النکت البديعات علي الموضوعات“ رکيو آهي بعد ۾ ان جي تلخيص ڪري ڪن ڳالهين جو ان ۾ اضافو ڪري ان جو نالو ”الآلي المصونة في الاحاديث الموضوعة“ رکيو ۽ اهو ڪيترا ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي.  علامه سيوطي ߋ جي لاءِ به محققن چيو آهي ته حديث جي تحقيق ۾ متساهل هو ان جي ڪري بعض ضعيف يا منڪر حديثن کي به صحيح چوندو آهي. علامه ابن الجوزي ߋ کان پوءِ حافظ صنعاني ߋ جو لکيل ڪتاب. موضاعات“ به گهڻو مقبول ٿيو. علامه ابن الجوزي ߋ ۽ علامه سيوطي ߋ کان پوءِ گهڻن ئي بزرگن ”موضاعات“ تي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ علامه علي القاري ߋ جو ”الموضوعات الڪکڪبير“ نهايت مقبول ۽ معروف آهي آخري دور ۾ قاضي شوڪاني جو ڪتاب ”الفوائد المجموعھ في الاحاديث الموضوعة“ ۽ علامه طاهر پٽني جو ”تذکرة الموضوعات“ مختصر مگر مفيد ڪتاب آهي. هن قسم جو جامع ترين ڪم علامه ابنِ عراقي ߋ ڪيو آهي ان پنهنجي ڪتاب ”تنزيھ الشريعة المرفوعة عن الاحاديث الشنيعة الموضوعة“ ۾ ابن جوزي، جوزقاني، عقيلي، ابن عدي، حافظ ابن حجر، علامه سيوطي ۽ علامه علي القاري جي سڀني ڪتابن کي جمع ڪيو آهي. ۽ هر حديث جي خوب تحقيق ڪئي آهي. اهڙي طرح ان جو ڪتاب جامع ترين ڪتاب آهي ۽ گهڻي تحقيق وارو به جيڪو گهڻا وقت اڳ ۾ لکيل سڀني ڪتابن کان مستغني ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ علامه ابنِ عراقي ابنِ جوزي، جوزقاني ۽ سيوطي جي بيان ڪيل حديثن مان صرف انهن حديثن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي في الواقع موضوع آهن.

کتب الاحاديث المشتهرة : (مشهور حديثن جا ڪتاب) مطلب ته اهي ڪتاب جن  ۾ مشهور حديثن جي تحقيق ڪئي وئي آهي جيڪي عام طور مشهور ۽ عوام جي زبان تي هونديون آهن پر انهن جي سندَ جو علم عام طور نه هوندو آهي. هن موضوع تي سڀ کان پهريان علامه، زرکشي، ”التذکرھ في الاحاديث المشتهرة“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو ان کان پوءِ حافظ ابن حجر ”اللآ لي المنثورة في الاحاديث المشهورة“ لکيو آهي ان کان پوءِ علامه سيوطي، الدرر المنتثره في الاحاديث المشتهره“ لکيو. علامه ابنِ درويش جو ڪتاب ”اثناء المطالب في احاديث مختلف المراتب“ به پنهنجي اختصار جي باوجود ڪافي مشهور آهي پر ان قسم جي ڪتابن ۾ سڀني کان زياده مشهور ۽ متداول ڪتاب حافظ شمس الدين سخاوي ߋ جو ”المقاصد الحسنة في الاحاديث المشتهرة علي الالسنة“ آهي جنهن کي ان حروفِ تهجي جي ترتيب تي مرتب ڪيو آهي ۽ هر حديث جي خوب تحقيق ڪئي آهي.

غريب الحديث: يعني اهي ڪتاب جن ۾ حديثن ۾ وارد ٿيڻ وارن ڪلمن جي لغوي ۽ اصطلاحي تحقيق ۽ تشريح ڪيل هوندي آهي. هن موضوع تي سڀ کان پهريون ڪتاب محدث نضر بن شميل ۽ ابو عبيده معمر بن المثنى جو آهي بعد ۾ علامه اصمعي ۽ علامه ابن قتيبة الدينوري هن موضوع تي قلم کنيو ان کان پوءِ علامه خطابي انهن سڀني کي گڏي ڪتاب لکيو، پر ان موضوع تي سڀ کان پهريون جامع ۽ مفصل ڪتاب علامه ابو عبيد قاسم بن سلام جو”غريب الحديث“ آهي ان ۾ حروفِ تهجي تي ترتيب نه هجڻ جي ڪري الفاظ ڳولڻ ڏکيا لڳندا آهن. ان کان پوءِ علامه زمخشري”الفائق“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو حسنِ ترتيب جي لحاظ سان سڀني ڪتابن تي فوقيت رکي ٿو. پر هن قسم ۾ سڀني کان جامع ڪم علامه مجد الدين ابنِ اثير الجزري ڪيو جنهن جو ڪتاب” النهاية في غريب الحديث والاثر“ نهايت جامع به آهي ۽ مرتب به آهي هن کي ان حروف تهجي تي ترتيب ڏئي تيار ڪيو آهي ان جي ڪري هن موضوع تي ان جو فائدو عام آهي ۽ اهو ڪتاب ٻين ڪتابن جي ماخذ آهي. هن موضوع تي ٻيا به نهايت گهڻو فائدو ڏيندڙ ڪتاب لکيل آهن جيئن عبدالقادر فارسي جو ڪتاب”مجمع الغرائب“ قاسم سرقسطي جو ڪتاب ”غريب الحديث“ وغيرهم. آخري دور ۾ علامه طاهر پٽني”مجمع بحار الانوار في غرائب التنزيل ولطائف الاخبار“ تاليف ڪيو جو هن قسم جو مقبول، مستند ۽ متداول ڪتاب آهي ڇوته هن ۾ صرف الفاظ جي تشريح ناهي بلڪه هر لفظ جنهن حديث ۾ آيو آهي ان جي حديث جي به مختصر ۽ ملخص تشريح ان ۾ موجود آهي ۽ هن بزرگ الفاظ جي تشريح ڪندي لغت جي ڪتابن کان سواءِ حديث جي گهڻن شرحن کي به سامهون رکيو آهي.

  مشکل الحديث : هن قسم کي ”شرح الآثار“ ۽ ”مختلف الحديث“ به چوندا آهن ۽ هن مان مراد اهي حديث جا ڪتاب آهن جن ۾ متعارض حديثن جي تطبيق ۽ مشڪل المراد حديثن جي مراد  مقرر ڪئي ويندي آهي انهن ۾ خاص ڪا ترتيب ناهي بلڪه مؤلف حديثون ذڪر ڪري انهن جي تشريح ڪندو آهي هن قسم جا به مختلف ڪتاب لکيا ويا آهن چيو ويو آهي ته ان قسم جي تصنيف ۾ سڀ کان پهريون مصنف امام شافعي ߋ آهي جنهن پنهنجي ڪتاب ” الام“ جي بعض حصن ۾ اهو ڪم ڪيو آهي پر باقاعده طور هن موضوع تي سڀ کان پهريون قلم امام ابن جريح ߋ کنيو هو ۽ ابو محمد ابن قتيبه ۽ امام ابن عبد البر ߋ به ڪتاب لکيا آهن پر اهي ڪتاب ناياب آهن موجوده دور ۾ هن موضوع تي ٻه ڪتاب معروف ۽ متداول آهن. هڪ امام ابو جعفر طحاوي جو”مشکل الآثار“ چئن جلدن ۾ ٻيو علامه ابو بڪر بن الفورک جو ”مشکل الحديث“ هي ٻئي ڪتاب حيدرآباد دکن کان شايع ٿيا هئا.

اسباب الحديث : حديث ۾ هن قسم جي اها حيثيت آهي جيڪا تفسير ۾ اسباب النزول جي آهي يعني هن ۾ قولي حديث جي وارد ٿيڻ جا اسباب بيان ڪيل آهن ته حضور ڪريم ڪهڙو ارشاد ڪهڙي حالت ۾ بيان فرمايو. هن قسم تي نهايت گهٽ ڪتاب لکيا ويا آهن هن ۾ سڀ کان پهرين تصنيف امام ابو حفص العقبري جي آهي ان کان پوءِ حامد بن کزني ۽ علامه سيوطي به هن قسم تي قلم کنيو آهي. ڪشف الظنون جي صاحب لکيو آهي ته اسان جي دور ۾ ان قسم جو صرف هڪ ڪتاب باقي رهيو آهي جنهن جو نالو ”البيان والتعريف في اسباب الحديث الشريف“ آهي ۽ اهو علامه ابراهيم بن حمزة الحسيني الدمشقي الحنفي جي تاليف آهي جيڪو شايع ٿي چڪو آهي.

الترتيب : يعني اهو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن ٻئي نمبر مرتب ڪتاب جون حديثون ڪنهن خاص ترتيب سان جمع ڪيون ويون هجن. مثال طور  ترتيب مسند احمد علي الحروف لابن کثير“ ۽ ” ترتيب مسند علي الحروف لابن المجيب“ وغيره.

  الزوائد : جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ڪتاب جون صرف اهي حديثون جمع ڪيون وڃن جيڪي صحيحين ۾ نه هجن. مثال طور علامه نور الدين هيتمي ߋ جو ”موارد الظمآن الي زوائد ابن حبان“ جنهن ۾ صحيح ابن حبان جون صرف اهي حديثون جمع ڪيون ويون آهن جيڪي صحيحين ۾ موجود ناهن. اهڙي طرح ”زوائد ابنِ حبان“ علي الصحيحين“ ”للحافظ مغلطائي“ ڪڏهن ڪڏهن زوائد جو لفظ ”مستدرک“ جو مترادف سمجهيو ويندو آهي. جيئن زوائد مسند احمد لعبدالله بن احمد انهيءَ معنى ۾ آهي.

العِلل : يعني حديث جا اهي ڪتاب جن ۾ اهڙيون حديثون ذڪر ڪيون وڃن جن جي سند تي اعتراض هجي جيئن کتاب العلل“ للبخاري ۽ ”کتاب العلل“ لمسلم ۽ ”کتاب العلل الصغير والکبير“ للترمذي. اهڙي طرح محدث دارقطني ۽ ابن ابي حاتم جا ”کتاب العلل“ به مشهور آهن.

الامالي: پهرئين زماني ۾ پڙهائي جو هي طريقو هو ته استاد پنهنجون ياد ڪيل حديثون شاگردن کي املاء ڪندو هو اهڙي طرح شاگرد وٽ جيڪو مجموعه تيار ٿيندو هو ان کي استاد جي ”امالي“ چوندا هئا. جيئن حافظ ابنِ حجر مڪر هيتمي ߋ جي امالي مشهور آهي هاڻي جڏهن ڇپائي جو رواج عام ٿي ويو آهي ته ”امالي“ جي ضرورت نه رهي آهي پر حديث جي تشريح ۽ ان سان متعلقات کي جڏهن استاد تقرير ڪندي بيان ڪندو آهي ته ان کي لکڻ جو دستور اڃان باقي آهي ۽ هن وقت انهن تقريرن کي”امالي“ سڏيو ويندو آهي.

التراجم: حديث جي انهن ڪتابن کي چوندا آهن جن ۾ هڪ ئي طريقِ سندَ جون سڀ حديثون هڪ باب ۾ جمع ڪيون وينديون آهن مثال طور ان ۾ باب هن طرح قائم ڪيو وڃي ٿو. ”ذکر ماروي مالک عن نافع عن ابنِ عمر“ ۽ ان جي هيٺان اهي سڀئي حديثون جمع ڪيون وڃن ٿيون جيڪي ان سندَ سان روايت ڪيل آهن ان قسم ۾ اهي ڪتاب به داخل آهن جيڪي”من روي عن ابيھ عن جده“ چورائيندا آهن.

الثلاثيات : يعني حديث جا اهي ڪتاب جن ۾ صرف اهي حديثون ذڪر ڪيل هجن جيڪي مصنف تائين ٽن واسطن سان پهتيون هجن يعني جن جي سند ۾ حضور ڪريم تائين ٽي واسطا هجن جيئن ”ثلاثيات البخاري“ ، ”ثلاثيات الدارمي“ ۽ ”ثلاثيات عبد بن حميد“ وغيره.

الوحدان : يعني انهن راوين جي حديثن جو مجموعو جن کان صرف هڪ هڪ حديث روايت ڪيل آهي.

شروح الحديث : يعني اهي ڪتاب جن ۾ حديث جي ڪنهن ڪتاب جو شرح ڪيل هجي. مثال طور فتح الباري، عمدة القاري وغيره.

الاذکار : هي حديث جا اهي ڪتاب آهن جن ۾ حضور ڪريم جن کان منقول دعائون جمع ڪيل هجن جيئن امام نووي ߋ جو ڪتاب”الاذکار“ ۽ علامه ابن الجوزي ߋ جو ”الحصن الحصين من کلام سيد المرسلين “ ۽ مون مسڪين محمد ادريس ڏاهري جو ڪتاب” محبوب جون محبوب دعائون“.

الترغيب والترهيب : هي حديث جا اهي ڪتاب آهن جن ۾ صرف رغبت ڏيارڻ ۽ ڊپ ڏيارڻ واريون حديثون جمع ڪيل هونديون آهن هن موضوع تي سڀ کان زياده ڪتاب حافظ منذري جو ”الترغيب والترهيب“ آهي.

کتب المصاحف : انهن ڪتابن کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ قرآن ڪريم جي جمع ۽ ترتيب قراءتن جي اختلاف ۽ اختلاف جي تاريخ جو بيان هوندو آهي مثال طور ابن عامر جو ڪتاب ”کتاب المصاحف“ ان کان سواءِ به گهڻن ماڻهن” کتاب المصاحف“ جي نالي سان ڪتاب لکيا آهن جن ۾ ”کتاب المصاحف لابن ابي داؤد“، ”کتاب المصاحف لابن الانباري“ زياده مشهور آهن پر هن وقت انهن مان صرف هڪ ڪتاب موجود آهي ۽ اهو آهي”کتاب المصاحف لابن ابي داؤد“ جيڪو محدث ابو داؤد، السنن جي صاحب، جي فرزند جو لکيل آهي ۽ ڪجهه وقت پهريان هڪ انگريز مستشرق ان کي شايع ڪيو آهي.

المسلسلات : انهن ڪتابن کي چيو ويندو آهي جن ۾ اهڙيون حديثون هونديون آهن جن جي روايت ۾ سمورا راوي ڪنهن هڪ صفت يا خاص لفظ يا خاص فعل تي متفق هوندا آهن. مثال طور ڪنهن حديث جا سڀ راوي فقيه يا محدث هجن يا ان جي هر راوي حديث جي روايت وقت ڪو خاص  ڪم ڪيو هجي. مثال طور هر راوي روايت جي وقت مصافحه ڪيو هجي وغيره . (کذا في مختلف کتب الحديث و شروحها)

          وهذا اما اردت ايرادهٗ في مقدمة الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية باذن الله تعالٰي وعونه فله الحمد وله الشکر علٰي ذالک وعلي حبيبهٖ وعلٰي اٰلهٖ واصحابهٖ الصَّلٰوة والسَّلام الٰي قيام القيام وانا المتلجي الي الله العزيز الکريم ذي الجلال والاکرام الفقير محمد ادريس الداهري نسبا الحنفي مذهبا السني مسلکا النقشبندي الطاهري البخشي الغفاري مشربا غفرالله لي ولوالدي ولاساتذتي ولمشائخي ولجميع من له حق علَّٰ. بوسيلة حبيبهٖ ونبيهٖ سيّدنا محمد واٰلهٖ وصحبهٖ عليه وعليهم التسليمات والتکريمات الي يوم الدين اٰمين يا ربّ العٰلمين .

ليلة الاربعاء بوقت عشر الا الربع

بمورخه 2 جمادي الاولي 1432 هه

5 ابريل الموافق 2011

 

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting