خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ستون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي كُحْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

رسول الله جي سرمي پائڻ جو بيان

 

سمجهاڻي: سُرمو پائڻ مستحب آهي ثواب جي نيت سان پائجي. سرمو خواه ڪهڙو به هجي سنت ادا ٿي ويندي. اکين جي فائدي سان گڏ حضور ڪريم جي تابعداريءَ جو ثواب به ملندو. (فضائل النبي ص 44) محدث ترمذي ߋ هتي اهي حديثون آنديون آهن جن جو تعلق نبي پاڪ جن جي سرمي پائڻ سان آهي ۽ هن باب کي خضاب جي باب کان پوءِ آندائين ڇوته سرمو خضاب سان سينگار جي لحاظ سان مشابه آهي ۽ ”الکُحلُ“ (ڪاف جي پيش سان) هر ان شيءِ کي چيو ويندو آهي جيڪو اک ۾ شفاء حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌو ويندو آهي ۽ الکَحل (ڪاف جي زبر سان) سرمي پائڻ کي سڏيو ويندو آهي. القسطلاني فرمايو ته راوين کان ٻڌل الکحلُ (ڪاف جي پيش سان) آهي. جيتوڻيڪ معنى جي لحاظ سان ڪاف جي زبر به ٿي سگهي ٿي. هن باب ۾ ڪابه ان ڳالهه جي تصريح ناهي ته ”رسول الله جن ڪهڙو سُرمو پائيندا هئا. صرف ٻي حديث ۾ وضاحت آهي ۽ سُرمو شافعين وٽ سنت آهي ڇوته ان متعلق حديثون آيل آهن. ابن العربي ߋ فرمايو ته سرمي ۾ ٻه نفعا آهن. هڪ ته سينگار آهي جيڪڏهن ان نيت سان استعمال ڪيو ويو ته پوءِ اهو ان ڏيکاءُ ۾ ناهي جنهن کان منع آيل آهي. ٻيو ته خوشبوء جي ارادي سان پوءِ جيڪڏهن ان نيت سان استعمال ڪيو ويندو ته اکين جي نور کي قوت ڏيندو ۽ اکين جي پاڙن جي وارن کي به وڌائيندو. (سونهن پيدا ڪندو) ۽ سونهن جي لاءِ پاتل سُرمي جي شرعي طور ڪا حد مقرر ناهي، ضرورت آهي پائجي ۽ اکين کي نفعي ڏيڻ جي نيت سان سرمي پائڻ جي شرعي حد آهي ته هر رات پائجي. هن باب ۾ سنَدُن جي لحاظ سان ڇهه ۽ حقيقت ۾ چار حديثون آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 142)

 

}49}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ حُمَيْدٍ الرَّازِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ الطَّيَالِسِيُّ ، عَنْ عَبَّادِ بْنِ مَنْصُورٍ ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : اكْتَحِلُوا بِالإِثْمِدِ فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ.وَزَعَمَ أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَتْ لَهُ مُكْحَلَةٌ يَكْتَحِلُ مِنْهَا كُلَّ لَيْلَةٍ ثَلاَثَةً فِي هَذِهِ ، وَثَلاَثَةً فِي هَذِهِ.

با محاوره ترجمو : حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله هر رات سُمهڻ کان اڳ ۾ اثمد سُرمي مان ٽي ٽي سرايون هر هڪ اک ۾ پائيندا هئا، ۽ نبي ڪريم وٽ سرميداڻي هئي. ننڊ ڪرڻ مهل هر هڪ اک ۾ سُرمي جون ٽي ٽي سرايون پائيندا هئا.

مفردات جو شرح : ”اِکۡتَحِلُوا الاکتحال کان ورتل آهي يعنى اوهان سرمو وجهو، اوهان سرمو پايو، استعمال ڪريو.اَلۡاِثۡمَد ڪاري سرمي جو پٿر، چيو وڃي ٿو ته هي پٿر اصفهان ۾ ٿيندو آهي. الاثمد (الف جي زير سان) هتي ان سرمي پائڻ جو انهن لاءِ ارشاد آهي جن جون اکيون صحيح آهن، بيمار اکين لاءِ نقصانڪار آهي. ان جي کاڻ علامه بيجوري جي بقول مشرق ۾ آهي اهو ڪارو ڦڪائيءَ ڏانهن مائل آهي. ۽ ٿورڙي پاڻيءَ کي ”ثمد“ به چيو ويندو آهي جيئن حديث مبارڪ ۾ آهي وَاَفۡجَرَلَهُمۡ الثَّمۡدَ ۽ حضور ڪريم جن انهن جي لاءِ ٿورو پاڻي روان ڪري ڇڏيو.“ يَجۡلُوۡ روشن ڪري اَلۡبَصَرَ نظر جو نور.يُنۡبِتُ انبات کان ورتل ڄمائي. زَعۡمَ هي اضداد ۾ استعمال ٿيندڙ لغت مان آهي جنهن جي معنى گمان، يا خيال ڪرڻ آهي اهڙي طرح ان جي معنى سچي ڳالهه ڪرڻ به آهي. ان جي ڪري هـتي شارحــن ان جي معنى القول المحقق ڪئي آهـي.مُکۡحَلَةُ سرميداڻي.

سمجهاڻي : هن حديث ۾ ارشاد آهي ته ”اثمد“ سُرمو پايو“ هن سُرمي جي استعمال جي فضيلت لاءِ هي ڪافي آهي جو هي سُرمو رسول الله جن پاڻ استعمال ڪيو آهي ۽ ٻين کي به ان جي استعمال جو حڪم ڪيو آهي ۽ پاڻ ڪريم جن ته ڀلائي جو امر ڪندا آهن. ترمذي جي روايت ۾ آهي ته اِکۡتَحِلُوۡا بِالۡاِثۡمُدِ الۡمُرَوِّحِ“  اکين ۾ راحت بخشيندڙ اثمد سرمو پايو.“ ۽ سنن ابو داؤد ۾ روايت آهي ته ”رسول الله جن (اکين کي) راحت ڏيندڙ اثمد سُرمي جي استعمال ڪرڻ جو امر فرمايو. هي سرمو اکين جي نور کي وڌائي ٿو ۽ دماغ مان جيڪو خراب مادو اکين ۾ اچي ٿو ان کي زائل ڪري ٿو. اکين کي صاف ۽ شفاف رکي ٿو. ابن ماجه ۾ روايت آهي ته ”سڀني سرمن مان ڀلو سرمو اثمد آهي جو اکين کي روشن ٿو ڪري ۽ (پنبڻين جي) وارن کي ڄمائي ٿو.“ (انوارِ غوثيه ص 82)

اثمند سرمي جي استعمال تي هميشگي ڪيو علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته اِکۡتَحِلُوۡا امر جو صيغو آهي ان جي مراد آهي ته اثمد جي استعمال تي دوام ۽ هميشگي ڪيو.“ اهو اکين مان پاڻي وهڻ کي روڪي ٿو ۽ اکين جي زخمن کي ڇڏائي ٿو ۽ اکين جي صحت ۾ قوت پيدا ڪري ٿو ۽ اکين جي اعصاب کي طاقت بخشي ٿو خاص ڪري پوڙهن ۽ ٻارن جي اکين کي. ۽ ابو الشيخ ڪتاب اخلاق النبي ۾ ام المؤمنين سيده عائشه (g و عن ابيها) کان روايت آندي آهي ته ”رسول الله جن رات جو سمهڻ وقت اثمد سرمي جون ٽي سرايون هر هڪ اک ۾ وجهندا هئا ۽ حضرت ابن عباس f يا حميد (اختلاف آهي) جي خيال  مطابق حضور ڪريم جن جي هڪ سرميداڻي هئي ان مان هر رات ٽي سرايون سڄيءَ اک مبارڪ ۾ ته ٽي کٻي اک ۾ مبارڪ ۾ وجهندا هئا. علامه مناوي ߋ لکيو ته ” رات جو سرمي پائڻ ۾ اها حڪمت هئي جو ان جو اثر تا دير رهندو آهي ۽ اکين جي اندرين حصن ڏانهن لهي ويندو آهي ۽ ٽن ڀيرن وجهڻ ۾ اها حڪمت هئي ته نه گهٽ هجي نه گهڻو هجي. ۽ هن روايت ۾ ته صرف ٽي، ٽي ڀيرا مذڪور آهي پر الطبراني، الڪبير ۾ حضرت ابن عمر f کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن هڪ اک ۾ ٽي ۽ ٻي اک ۾ ٻه سرايون اڪيءَ جو عدد ڪندا هئا. ۽ الڪامل ۾ ابن عدي حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ساڄي اک ۾ ٻه ۽ کاٻي اک ۾ به ٻه سرايون  سرمو وجهي هڪڙي وري ٻنهي ۾ وجهندا هئا. ابن سيرين فرمايو ته ” حديث هيئن آهي ۽ مان هي ٿو پسند ڪيان ته ” هڪ هڪ اک ۾ ٽي ڀيرا سرمو وجهي پوءِ هڪ سرائي ڀري ٻنهي اکين ۾ اڌواڌ ڪري وجهي ڇڏجي. ۽ ان جي ڪري ان حديث جي متعلق جنهن ۾ آهي ته ”جيڪو سرمو پائي اهو اڪي عدد ڪري.“ ٻه قول آهن. هڪ ته هر هڪ اک ۾ اڪي ڪري ٻيو ته ٻنهي ۾ اڪي جو عدد بيهاري علامه ابن حجر ߋ فرمايو ته ”پهريون قول وڌيڪ ترجيح وارو آهي.“ ۽ حديث جي فن جي بعض امامن جو قول آهي ته ”رسول الله جن سرمي پائڻ ۾ شروعات به ساڄي اک کان ڪندا هئا ته پڄاڻي به ان تي ڪندا هئا، ۽ ساڄي جي فضيلت کي ظاهر ڪندا هئا ۽ ان جي ظاهر مفهوم اها آهي ته ” ساڄي اک مبارڪ ۾ ٻه سرايون وجهي وري کاٻي اک ۾ به ٻه سرايون وجهي هڪڙي وري ساڄي ۾ وجهندا هئا. ۽ حافظ عراقي ߋ فرمايو ته هن باب جي حديث ۾ ساڄي اک کان شروعات ڪرڻ جو اشارو آهي ۽ اهو مستحب آهي ، ڇوته (حضرت محمد) مصطفى جن ساڄي کان شروع ڪرڻ کي پسند ڪندا هئا.

سوال : هن طريقي سان ساڄي کان شروع ڪرڻ واري سنت حاصل ٿيندي جو هڪ سرائي ساڄي اک ۾ وجهي ٻي کاٻي ۾ ۽ وري هڪ ساڄي ۾ ۽ ٻي کاٻي ۾ ۽ وري هڪ ساڄي ۾ ۽ ٻي کاٻي ۾ وجهي؟ يا پهريان ٽئي سرايون ساڄي ۾ ۽ ۽ پوءِ ٽئي کاٻي ۾ وجهي؟

جواب : ظاهر هي آهي ته ٽئي گڏ وجهي. جيئن وضو جي عضون ۾ هوندو آهي. “ (شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 104)

فائدو : عرب وارا سرائي ۽ سرميداڻي ٻنهي کي گڏي ”مکحلة“ چوندا آهن. (فضائل النبي ص 144) ۽ حضور ڪريم جن وٽ  هڪ اسڪندرانيہھ وڏي ڊٻي هوندي هئي جنهن ۾ آئينو، ڦڻي، سرميداڻي، قينچي ۽ ڏندڻ هوندو هو ۽ سندن آئيني جو نالو ”المدلة“ هو. (انوارِ غوثيھ ص 81)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2681، ص 339 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3201 ج 2 ص 116 {3} ابو نعيم في الحلية ج 3 ص 343 باولھ فقط {4} ابن ابي شيبھ في المصنف ج ص 599، 600 {5} ابن ماجه في ڪتاب الطب باب 26 من اڪتحل وترا رقم الحديث 3499 {6} احمد في المسند ج 1 ص 354 {7} البزار رقم الحديث 3032 ڪشف الاستار ج 3 ص 392، 393 {8} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 408

 

}50} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الصَّبَّاحِ الْهَاشِمِيُّ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْرَائِيلُ ، عَنْ عَبَّادِ بْنِ مَنْصُورٍ ، ( ح ) وَحَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَزِيدُ بْنُ هَارُونَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبَّادُ بْنُ مَنْصُورٍ ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَّ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَكْتَحِلُ قَبْلَ أَنْ يَنَامَ بِالإِثْمِدِ ثَلاَثًا فِي كُلِّ     عَيْنٍ وَقَالَ يَزِيدُ بْنُ هَارُونَ ، فِي حَدِيثِهِ : إِنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَتْ لَهُ مُكْحَلَةٌ يَكْتَحِلُ مِنْهَا عِنْدَ النَّوْمِ ثَلاَثًا فِي كُلِّ عَيْنٍ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم جن هر رات سمهڻ کان اڳ ۾ اثمدسرمي مان ٽي ٽي سرايون هر هڪ اک ۾ پائيندا هئا.

                 يزيد بن هارون d پنهنجي حديث ۾ چيو ته پاڻ سڳورن وٽ سرميداڻي هئي. ننڊ ڪرڻ مهل هر هڪ اک ۾ سرمي جون ٽي ٽي سرايون پائيندا هئا. 

مفردات جو شرح : ”ح “ هي لفظ هڪ اسناد کان ٻي اسناد  ڏانهن ڦرڻ جو اشارو آهي. ڇوته حديث جي فن وارن جي عادت رهي آهي ته جڏهن هڪ حديث جون ٻه يا گهڻيون سنَدون گڏ بيان ڪندا آهن ته اختصار کي نظر ۾ رکندي ”حا“ مفرد ذڪر ڪندا آهن ۽ اها متقدمين جي ڪتابن کان متاخرين جي ڪتابن ۾ گهڻي آهي. ۽ اها صحيح مسلم ۾ صحيح بخاري کان گهڻي آهي ۽ اها ”حا“ تحويل يا حائل يا صح الحديث کان اختصار آهي ۽ حديث پڙهندڙ پڙهڻ دؤران صرف ”حا“ چوندو يا جنهن جو اختصار آهي اهو لفظ چوندو؟  يا مطلقًا ڪجهه نه چوندو؟ ابن الصلاح جو پڪو خيال آهي ته جيئن مفرد لکيل آهي تيئن چوندو. ۽ چيائين ته سلف صالحن مان جمهور جو قول اهو آهي ۽ انهن کان خلف اهو ورتو آهي ۽ هڪ قول آهي ته حديث جو لفظ چوندو. ۽ ٻيو قول آهي ته ڪجهه نه چوندو. (المواهب شرح الشمائل ص 146) ۽ اها ”حا“ مد سان پڙهي ويندي.  ۽ ابن حجر جو قول آهي ته مقصور پڙهي ويندي پر ان جو اصل ۾ ڪو سبب ناهي ۽ قصر صرف وقف جي حالت ۾ ڪيو ويندو. بعض علماء جو اهو قول آهي  يا ته اها ” حا“ صحيح هجڻ جي علامت آهي ته خبر  پوي ته مذڪور اسناد اڃان منتها کي نه پهتي آهي ۽ تان ته اهو وهم نه ٿئي ته هن اسناد جي حديث ڪري پئي آهي ۽ تان ته ٻي اسناد پهرين اسناد تي چڙهي نه پوي پوءِ هڪ اسناد ٿي وڃي. علامه جزري ߋ فرمايو ته جڏهن حديثن جون ٻه يا زياده سنَدُون هجن ته ”حا“ لکجي ۽ جڏهن محدث ان وٽ پهچي ته ”ح“ مد سان چوي ۽ ان تي اسان جي ساٿين جو عمل رهيو آهي. ۽ هڪ قول اهو به آهي ته ”ح“ حيلولة کان ورتل آهي ڇوته ان سان ٻن سندن ۾ جدائي وڌي وڃي ٿي ۽ اهو لفظ حديث مان ناهي ان جي ڪري ان جي جاءِ تي ٻيو لفظ نه آندو ويندو. ۽ الحديث مان ورتل هجڻ وارن جي قول تي هلندي مغربي ملڪن وارا ”ح“ وٽ الحديث جو لفظ پڙهندا آهن ۽ بعض علماء ان کي ”خا“ ٽٻڪي سان پڙهن ٿا ۽ اها ڳالهائين ٿا ۽ ان مان انهن جي مراد”اسناد آخر“ ٻي سند آهي. ۽ ظاهر هي آهي ته اهو متاخرين جو اجتهاد آهي جو انهن جي لاءِ متقدمين جي ڪلام مان ڪجهه ظاهر نه ٿيو هو. وَاللهُ تَعاليٰ اَعۡلَمُ ۽ ميرڪ جو قول آهي ته مصنف ۽ عباد بن منصور جي وچ ۾ پهرين اسناد ۾ ٻه واسطا آهن ۽ ٻي اسناد ۾ ٽي واسطا آهن پوءِ اها اسناد اڳئين اسناد جي لحاظ کان عدد جي اعتبار سان لهندڙ آهي پر ترمذي جي هن حديث ۾ پهرئين استاد حميد رازي کان بخاري ۽ مسلم حديث روايت نه ڪئي آهي.  پر عبدالله بن الصباح انهن جي شرط مطابق راوي  آهي ان کان ابو داؤد ۽ نسائي روايت ڪئي آهي. پوءِ ٻي اسناد پهرئين کان معنوي  طور بلند آهي يعني ضبط ۽ اتقان جي لحاظ سان. پوءِ ان کي عدد جي ڪثرت نقصان نه ڏيندي ۽ سنَد ۾ مذڪور نزول جي لحاظ سان ابن الصباح جي سنَد کان علي بن حجر جي سند ڏانهن آيو جو ان ۾ مصنف عباد جي وچ ۾ ٻه واسطا آهن. (جمع الوسائل شرح الشمائل ج 1 ص 104)  اِنَّ النَّبِيَّ . هتي ”اِنَّ“ ۾ الف کي زير پڙهبي يا زبر؟ جيڪڏهن ان کي ”قالَ“ جو مقولو چيو ويندو ته زير پڙهي ويندي ۽ جيڪڏهن حديث ۽ روايت کي ذهن ۾ رکي پڙهبو ته الف کي زبر  ڏني ويندي.

سمجهاڻي : ارشاد آهي ته ”حضور ڪريم جن هر اک مبارڪ ۾ ٽي ڀيرا سرمو وجهندا هئا.“ هيءَ حديث محدث ترمذي ٻن سنَدُن سان آندي آهي. سرمي وجهڻ جي طور طريقن جا قسم هن کان اڳئين حديث جي سمجهاڻي ۾ تفصيل سان لکيل آهن هتي وري لکڻ جي ضرورت ناهي.

هيءَ حديث انهن ساڳين محدثن آندي آهي جن هن کان اڳئين حديث آندي آهي.

}51} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَزِيدَ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْحَاقَ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ الْمُنْكَدِرِ ، عَنْ جَابِرٍ هُوَ ابْنُ عَبْدِ اللَّهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : عَلَيْكُمْ بِالإِثْمِدِ عِنْدَ النَّوْمِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ.

بامحاوره ترجمو : جابر بن عبدالله d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته رات جو سمهڻ وقت اثمد سُرمو ضرور پائيندا ڪريو جو سُرمو اکين جي روشني وڌائيندو ۽ پنبڙيون ڄمائيندو آهي.

مفردات جو شرح : ”عَلَيۡکُمۡ هي اسم فعل خُذُوهُ جي معنى ۾ آهي جنهن مان مراد آهي ته اَلۡاِثۡمَد سرمو پائيندا ڪيو.يَجۡلُوۡ روشن ڪري. يُنۡبِتُ ڄمائي.

سمجهاڻي: هن حديث شريف  ۾ ارشاد آهي ته ”بلاشڪ اهو اثمد سرمو اکين کي روشن ڪري ٿو ۽ اکين جي وارن کي ڄمائي ٿو. هن ۾ ان جي پائڻ جي علت دنياوي نفعو ٻڌائڻ سان  ان جي سنت هجڻ تي ڪو اثر نه ٿو پوي. خصوصًا ان جي ڪري جو حضور ڪريم جن ان تي هميشگي ڪرڻ سان گڏ ان جي لاءِ ارشاد به فرمايو آهي ۽ اهي دنيوي نفعا اخروي نفعا حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. جيئن پاڪ شين جي سڃاڻپ ۽ قبلي ڏانهن صحيح رخ رکڻ به نظر سان معلوم ٿيندو آهي. نظر ايتري اهم آهي جو بعض علماء ان کي ٻڌڻ کان به اهم قرار ڏنو آهي. ”شال! الله ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي ٻنهي قوتن سان اسان کي نفعو عطا ڪري.“ ان جي ڪري ان جي قول ڏانهن توجهه نه ڪيو ويندو جنهن چيو ته حضور ڪريم جن جو فرمان ته ”اهو اکين کي روشن ٿو ڪري وار ڄمائي ٿو.“ هن ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته ان ۾ ديني مصلحتون ناهن دنيوي مصلحتون آهن. ان سان ثواب ۽ عذاب جو ڪو تعلق ناهي پر هي نقطو غير معتبر آهي. شافعي علماء ته ” اثمد سرمو پائڻ کي سنت قرار ڏنو آهي ان ۾ اڪي جو عدد مستحب آهي ۽ حضور ڪريم جو بدن جي مصلحت لاءِ ڪو حڪم ڪرڻ ان جي سنت يا فرض هجڻ جي خلاف ناهي. ڪڏهن ڪڏهن کاڌي جي لاءِ حڪم ڪرڻ فرض هوندو آهي ۽ روزي رکڻ جي لاءِ سحري وارو کاڌو کائڻ سنت آهي ان جي ڪري علماء فرمايو آهي ته ” جيڪڏهن ڪو ماڻهو کاڌي جي لاءِ مجبور آهي پوءِ  به نه ٿو کائي يا ڪنهن کان کاڌو نه ٿو گهري تان جو بک ۾ مري ٿو پوي  ته گنهگار ٿي مرندو.  ۽ سڪل مٽي يا آلي مٽي کائڻ جي حرام هجڻ تي علماء جو اتفاق آهي ڇوته اها بدن جو نقصان آهي ۽ عقل ۾ خلل پيدا ڪرڻ جي ڪري شراب حرام ڪيو ويو. ها اهو آهي ته ”سرمو پائيندڙ جڏهن سنت جي ادا ڪرڻ جي نيت سان پائي ته ان مان اکين جي علاج ۽ دوا جو ارادو به ڀلي ڪري عورتن وانگر صرف سينگار جي نيت نه ڪري. (جمع الوسائل جزء 1 ص 105)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابن جرير في تهذيب الآثار ج 2 ص 79 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3202 ج 12 ص 116، 117 {3} ابن عدي من ثلاث طرق عن ابن المنڪدر ڪما في الفتح ج 10 ص 157 {4} ابن ماجه في ڪتاب الطب باب 25 الڪحل بالاثمد رقم الحديث 3496

}52} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ الْمُفَضَّلِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُثْمَانَ بْنِ خُثَيْمٍ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ جُبَيْرٍ،  عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ خَيْرَ أَكْحَالِكُمُ الإِثْمِدُ ، يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته رسول ڪريم فرمايو ته ”بيشڪ اوهان لاءِ ڀلو اثمد سرمو آهي. اهو نظر وڌائي ٿو پنبڙين جا گهاٽا وار ڄمائيندو آهي.“

مفردات جو شرح : بعينھ اهو آهي جيڪو اڳئين حديث ۾ لکي آيا آهيون.

سمجهاڻي : هن جي سمجهاڻي ساڳي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الطب باب 14 في الامر بالڪحل رقم الحديث 3878 ج 4 ص 8 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 28 الڪحل ج 9 ص 149 {3} ابن ماجھ في ڪتاب الجنائز باب 18 ما يستحب من الاڪفان رقم الحديث 1482 ج 1 ص 473 {4} احمد في المسند ج 1 ص 247 {5} البيهقي في سننہھ ج 3 ص 245 {6} ابن حبان في ڪتاب اللباس باب 2 في الثياب البيض رقم الحديث 1439، 1440، 1441 ص 348 (موارد)

 

}53} حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ الْمُسْتَمِرِّ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَاصِمٍ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ عَبْدِ الْمَلِكِ ، عَنْ سَالِمٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : عَلَيْكُمْ بِالإِثْمِدِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ.

با محاوره ترجمو : حضرت ابن عمر f کان روايت آهي ته رسول الله فرمايو ته اثمد سرمو پائيندا ڪريو، جو هو نظر وڌائي ۽ پنبڙين جا گهاٽا وار ڄَمائي ٿو.

مفردات جو شرح : ساڳيو آهي.

سمجهاڻي : شمائل جي شارحن لکيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته هن باب جون روايت ڪيل حديثون هڪ ئي مقصد ڏي رجوع ڪن ٿيون ۽ قسطلاني ߋ فرمايو ته حضرت ابنِ عمر واري هيءَ حديث گذريل حديثن جي معنى ۾ آهي پر محدث ترمذي هن حديث کي اصل حديث جي تقويت لاءِ مختلف سندن سان آندو آهي ۽ ان سان مضمون جي تقويت به ٿئي ٿي. عباد بن منصور ضعيف راوي هو ان جي روايت جي هنن ٻين سندن سان تقويت ڪيائين. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 106)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابن ماجہھ في کتاب الطب باب 25 الکحل بالاثمد حديث رقم 3495 {2}  الحاکم في المستدرک ج 4 ص 207 {3} ابن جرير في تهذيب الآثار ج 2 ص 102 {4}  البخاري في التاريخ الکبير ج 3 ص 242.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting