خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ڇهون

 

باب ماجاء في خضاب رسول الله

رسول الله جي خضاب ڪرڻ جو بيان

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾ نبي پاڪ جي رنگ ڪرڻ جي متعلق بيان آهي. خضاب ۽ خضب مصدر آهن معنى وارن کي ميندي وغيره سان رنگ ڪرڻ ۽ هن جي باري ۾ مختلف روايتون آهن. محدث ترمذي ߋ انهن مان هتي چار حديثون آنديون آهن، ۽ ان مختلف روايتن جي ڪري ئي علماء ۾ به هن مسئلي تي اختلاف رهيو آهي ته حضور ڪريم جن خضاب ڪيو آهي يا نه. اڪثر حضرات وٽ امام ترمذي ߋ جو لاڙو رنگ نه ڪرڻ جي طرف آهي حنفي حضرات به ان طرف آهن. درمختار ۾ آهي ته زياده صحيح قول اهو آهي ته حضور ڪريم جن خضاب نه ڪيو آهي ۽ علامه شامي ان جو سبب هي ٻُڌايو آهي ته ” حضور ڪريم جن جي ڏاڙهي ۽ مٿي مبارڪ ۾ بخاري وغيره جي روايت مطابق سترهن وار مبارڪ سفيد هئا (۽ ايترن وارن کي خضاب ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي) ۽ شمائل جو شارح علامه بيجوري ߋ ان  طرف ويو آهي ته حضور ڪريم جن ڪڏهن ڪڏهن خضاب ڪيو آهي اڪثر نه ڪيو آهي، ۽ حنفيه علماء وٽ خضاب مستحب آهي پر مشهور قول مطابق خضاب مڪروه آهي ۽ شافعي علماء وٽ خضاب سنت آهي پر ڪارو خضاب حرام آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 134، خصائلِ نبوي اردو شرح الشمائل ص 42) سيد امير شاهه قادري گيلاني لکيو آهي ته”حضرت ابو بڪر صديق، حضرت عمر فاروق،  حضرت عثمان، حضرت  امام حسن  ۽ حضرت  امام حسين رضي الله عنهم خضاب ڪيو آهي. ميندي لڳائڻ جي متعلق حنفي علماء جو اتفاق آهي ته جائز بلڪه مستحب آهي پر ڪارو رنگ جهاد جي موقعي کانسواءِ مڪروهه آهي ”الخضاب بالسواد قال عامة المشائخ مڪروه“ (محيط) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ڪاري رنگ کانسواءِ ٻئي رنگ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ دليل صحيح بخاري ۽ مسلم جي اها روايت آهي جنهن ۾ آيو آهي ته ”جڏهن (حضرت ابوبڪر صديق d جي پيءُ) ابو قحافه d کي مڪھ مڪرمه جي فتح ڪرڻ واري ڏينهن حضور ڪريم جي خدمت ۾ آندو ويو ۽ ان جي مٿي جا وار ۽ ڏاڙهيءَ جا وار صفا اڇا هئا، حضور ڪريم جن فرمايو هن جي وارن کي ڪاري رنگ کانسواءِ ڪنهن ٻئي رنگ سان رنگ ڪيو.“                        (انوارِ غوثيه ص 74)

}45} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا هُشَيْمٌ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْمَلِكِ بْنُ عُمَيْرٍ ، عَن إِيَادِ بْنِ لَقِيطٍ قَالَ : أَخْبَرَنِي أَبُو رِمْثَةَ قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَعَ ابْنٍ لِي ، فَقَالَ : ابْنُكَ هَذَا ؟ فَقُلْتُ : نَعَمْ أَشْهَدُ بِهِ ، قَالَ : لاَ يَجْنِي عَلَيْكَ ، وَلاَ تَجْنِي عَلَيْهِ قَالَ : وَرَأَيْتُ الشَّيْبَ أَحْمَرَ. قَالَ أَبُو عِيسٰى : هَذَا أَحْسَنُ شَيْءٍ رُوِيَ فِي هَذَا الْبَابِ ، وَأَفْسَرُ ؛ لِأَنَّ الرِّوَايَاتِ الصَّحِيحَةَ أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَمْ يَبْلُغِ الشَّيْبَ. وَأَبُو رِمْثَةَ اسْمُهُ : رِفَاعَةُ بْنُ يَثْرِبِيٍّ التَّيْمِيُّ.

با محاوره ترجمو : حضرت ابو رمثه d کان روايت آهي ته مان پنهنجي پُٽ کي ساڻ ڪري رسول الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ ڪريمن جن فرمايو ته هي تنهنجو پُٽ آهي؟ مون عرض ڪيو ته هائو. اوهان به هن جا شاهد هجو. پاڻ سڳورن فرمايو ته ”تنهنجي پُٽ جي ڏوهه جو توکان ۽ تنهنجي ڏوهه جو تنهنجي پُٽ کان پڇاڻو نه ٿيندو.“ ابو رمثه چوي ٿو ته مون رسول الله جا ڪجهه اڇا وار ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل ڀورا ڏٺا.

 امام ابو عيسى ترمذي ߋ چوي ٿو ته پاڻ ڪريمن جي خضاب جي باري ۾ هن حديث کان وڌيڪ ٻي ڪا به صحيح روايت ناهي. صحيح روايتون آهن ته رسول الله جن جا اڇا وار خضاب جي حد کي ڪونه پهتا هئا يعني پاڻ پوڙهائپ کي نه رسيا هئا.

مفردات جو شرح : ”مع ابن لِي حال جي معنى ۾ آهي يعني ان حال ۾ جو منهنجو پٽ مون سان گڏ هو. اِبۡنُکَ هٰذا؟ هتي استفهام جو همزه محذوف آهي. هٰذا“ مبتدا مؤخر ۽ اِبۡنُکَ خبر مقدم آهي موجود سياق جي شاهدي جي ڪري جو ان کان سوال هن پٽ جي متعلق هو. پوءِ اصل عبارت هن طرح آهي. اَهٰذا اِبۡنُکَ؟ نَعَمۡ. هي جواب جو حرف آهي اِشۡهَدۡ بِهٖ هن لفظ ۾ ٻه احتمال آهن. (1) اهو امر جو صيغو آهي. يعني اوهان منهنجي اقرار تي ته هي منهنجو پُٽ آهي شاهد رهو. (2) ته اهو فعل مضارع جو صيغو آهي يعني مان اعتراف ڪيان ٿو ته اهو منهنجو پُٽ آهي ۽ هي جمله ان جي قول ”نعم“ کي ثابت رکندڙ آهي. ان جي ڪري چيائين ته خبر پوي ته انهن ٻنهي پيءُ پُٽ مان هر هڪ ٻئي جي چَٽي ۽ نقصان نه ڀريندو. لَايۡجِنيَ جناية کان ورتل آهي، ان جي معنى قصور ڪرڻ يا جرم ڪرڻ آهي.

سجهاڻي : ارشاد ته ”ڇا هي تنهنجو پُٽ آهي؟ ۽ حضرت ابو رمثه d جو عرض ڪرڻ ته ”اوهان شاهد رهو ته هي منهنجو پُٽ آهي“ ان جي وضاحت هي آهي ته اسلام کان اڳي جاهليت واري دؤر ۾ عربن ۾ عام طريقو هو ته جيڪڏهن پيءُ کان ڪو قصور يا جرم ٿيندو هو ته ان جو پُٽ ان جي بدلي ۾ پڪڙيو ويندو هو ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن پُٽ کان ڪو جرم ٿيندو هو ته ان جي پيءُ کي ان جي بدلي ۾ سوگهو ڪندا هئا. ابو رمثه d اها ڳالهه ان جي ڪري عرض ڪئي ته هي منهنجو پُٽ آهي. جيڪڏهن مون کان ڪو جرم يا قصور سرزد ٿئي ته هن کان ان جو بدلو ورتو وڃي. سيد المرسلين امت تي شفيق، عدل ۽ انصاف جا صاحب هئا. پاڻ عربن جي ان جاهليت واري طريقي کي مڪمل طرح رد ڪندي فرمايائون ته ”تنهنجي پُٽ جو قصور تو تي ۽ تنهنجو قصور ان تي نه پوندو. اسلام جيڪو دينِ فطرت آهي ان جي هوندي جاهليت جي دؤر وارو ظلم نه هلندو ۽ ڪنهن به قسم جي زيادتيءَ جو طريقو جاري ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اهڙو ارشاد ٻي حديث ۾ به آيو آهي جيڪا علامه علي قاري ߋ شرح شمائل ۾ آندي آهي. حضرت ابو رمثه d فرمايو ته ”مون سفيد ٿيل وار (مبارڪ) ڳاڙها ڏٺا هئا. محدث ترمذي ߋ فرمايو ته خضاب جي باب ۾ هيءَ روايت سندَ جي لحاظ سان تمام سهڻي ۽ واضح آهي. ڇوته صحيح روايتون اهي آهن ته حضور ڪريم جن ۾ ايترا گهڻا سفيد وار نه هئا جو رنگ يا ميندي هئڻ جي ضرورت پوي. هن روايت جي راوي جي متعلق محدث ترمذي ߋپاڻ لکي ٿو ته ابو رمثه جو نالو رفاعة بن يثربي التيمي آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 136)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1 ابو داؤد في ڪتاب الديات باب 2 حديث رقم 4495 ج 4 ص 168 {2} احمد في المسند ج 4 ص 221. {3} الحاکم في المستدرک ج 2 ص 425

 

}46} حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنْ شَرِيكٍ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ مَوْهَبٍ قَالَ : سُئِلَ أَبُو هُرَيْرَةَ : هَلْ خَضَبَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : نَعَمْ. قَالَ أَبُو عِيسَى: وَرَوَى أَبُو عَوَانَةَ هَذَا الْحَدِيثَ عَنْ عُثْمَانَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مَوْهَبٍ ، فَقَالَ: عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ.

با محاوره ترجمو : حضرت عثمان بن موهب d کان روايت آهي ته ابو هريره d کان پڇيو ويو ته رسول الله   خضاب ڪيو هو يانه؟ ان چيو ته هائو. پاڻ ڪريم جن ڪڏهن ڪڏهن مٿي جي سور کان ميندي هڻندا هئا، جنهن کي هتي خضاب سان تعبير ڪيو ويو.

مفردات جو شرح : ”هَلۡ استفهام جو حرف ”ڇا“ خَضَبَ رنگ ڪيائين. اڇن وارن جي رنگ کي تبديل ڪيائين. نَعَمۡ ايجاب جو حرف. جيڪو ان کان اڳ ۾ ذڪر ڪيل نفي يا اثبات کي ثابت ڪندو آهي.

سمجهاڻي : شمائل جي شارحن لکيو آهي ته هيءَ حديث بظاهر اڳ ۾ ذڪر ڪيل قتاده d جي روايت جي خلاف نظر اچي ٿي جنهن ۾ خضاب نه ڪرڻ جو ذڪر آهي. تنهنڪري بعض علماء ڪرام فرمايو ته بعض وقتن ۾ حضور ڪريم جن مٿي مبارڪ ۾ سور هجڻ جي ڪري ميندي هڻندا هئا. پوءِ سندن وار مبارڪ رنگيل نظر ايندا هئا ۽ هي احتمال به آهي ته نفي ۽ اثبات مختلف وقتن تي محمول هجي ڪڏهن ڪڏهن مينديءَ سان رنگ ڪيو هجين گهڻا وقت نه ڪيو هجين. پوءِ جنهن جهڙي ڪيفيت ڏٺي ان اها بيان ڪئي. وَاللهُ تَعَالٰي اَعۡلَمُ (انوارِ غوثيه ص 78)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في ڪتاب اللباس باب 66 ما يذکر في الشيب حديث رقم 5896 ج 10 ص 352 {2} ابن ماجه في ڪتاب اللباس باب 32 الخضاب بالحناء رقم الحديث 3623 {3} البيهقي في سننھ ج 7 ص 310 و في الدلائل ج1 ص 236.

}47}  حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ هَارُونَ قَالَ : أَنْبَأَنَا النَّضْرُ بْنُ زُرَارَةَ ، عَنْ أَبِي جَنَابٍ ، عَنْ إِيَادِ بْنِ لَقِيطٍ ، عَنِ الْجَهْدَمَةِ ، امْرَأَةِ بِشْرِ ابْنِ الْخَصَاصِيَّةِ ، قَالَتْ : أَنَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَخْرُجُ مِنْ بَيْتِهِ يَنْفُضُ رَأْسَهُ وَقَدِ اغْتَسَلَ ، وَبِرَأْسِهِ رَدْعٌ مِنْ حِنَّاءٍ أَوْ قَالَ : رَدْغٌ شَكَّ فِي هَذَا الشَّيْخُ.

بامحاوره ترجمو : بيبي جهذمة ، بشير بن الخصاصية جي زال چيو ته مون رسول الله جن کي ڏٺو ته پاڻ سڳورا مٿي جا وار مبارڪ ڇنڊيندا گهر کان نڪتا ٿي آيا جو غسل ڪيو هيائون ۽ مٿي مبارڪ تي ميندي يا خوشبوءِ جو اثر هو. هن ۾ راوي جي استاد کي شڪ آهي.

مفردات جو شرح : ”ينفض مضارع جو صيغو آهي ان جي ماضي نَفۡضَ“ آهي. مصدر نَفۡضُٗ آهي. نفض جي معنى ڇنڊڻ، هلائڻ، ۽ ڏڪڻ آهي هتي ڇنڊڻ مراد آهي. رَدۡعُٗ اصل ۾ زعفران کي چوندا آهن، جيڪو ڪپڙو ان سان ڀرجي ويندو آهي ان کي رَدۡعُٗ چوندا آهن. رَدۡعُٗ ڪچرو.

سمجهاڻي : هن روايت ۾ صحابياڻي سڳوريءَ g ”انا“ مسند اليه کي ان جي لاءِ اڳ ۾ آندو آهي ته خبر پوي ته هن روايت ۾ اها اڪيلي آهي ان سانئڻ حضور ڪريم جن کي ان حال ۾ ڏٺو ته پنهنجي گهر مبارڪ مان مٿي مبارڪ جي وارن کي ڇنڊيندي نڪتا سندن مٿي مبارڪ جي وارن ۾ زعفران جي رنگ يا ميندي جا نشان هئا. لغت جي عالمن جو اتفاق آهي ته ”ردع“ صحيح آهي. ”ردغ“ غير مناسب آهي ۽ حضور ڪريم جن جي وارن مبارڪن کي ڇنڊڻ مان بعض علماء مستعمل پاڻيءَ جي لڳڻ کي مڪروه نه چوڻ تي دليل ورتو آهي. ”ردع يا ردغ“ ۾ راوي شڪ ڏيکاريو آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ص 99 جزء ا، المواهب شرح الشمائل ص 139)

هيءَ حديث  ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابن حجر الاصابھ ج 4 ص 256 ۾ هيءَ روايت ابن منده ڏي نسبت ڪئي آهي.

 

}48} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ عَاصِمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ قَالَ : حَدَّثَنَا حُمَيْدٌ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : رَأَيْتُ شَعْرَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَخْضُوبًا. قَالَ حَمَّادٌ : وَأَخْبَرَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ مُحَمَّدِ بْنِ عَقِيلٍ قَالَ : رَأَيْتُ شَعْرَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عِنْدَ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ مَخْضُوبًا.

بامحاوره ترجمو : حضرت انس d کان روايت آهي ته مون رسول الله جا وار مبارڪ خضاب لڳل ڏٺا. حضرت حماد d چوي ٿو ته مون کي حضرت محمد بن عقيل جي صاحبزادي حضرت عبدالله d ٻڌايو  ته مون حضرت انس بن مالڪ d وٽ رسول الله جو خضاب لڳل وار مبارڪ ڏٺو.

مفردات جو شرح : ”رَاَيۡتُ“ رؤية کان ورتل، ڏسـڻ، مشاهـدو ڪرڻ. مَخۡضُوۡبًا اسم مفعول جو صيغو، رنگ ڪيل، شمائل جي شارحن لکيو آهي ته ” هن روايت ۾ شذوذ آهي.“

سمجهاڻي : علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته حضرت ام المؤمنين ام سلمة g وٽ حضور ڪريم جن جو رنگ ڪيل وار مبارڪ هو جيڪو زيارت ڪندڙن کي ڏيکاريو هيائين ۽ ابن ماجه آندو آهي ته اهو ميندي يا ڪتم گاهه سان رنگ ڪيل هو. محدث اسماعيلي فرمايو ته ان ۾ اها صراحت ناهي ته ان وار کي حضور ڪريم جن رنگ ڏنو هو. بلڪه ممڪن آهي ته حضرت نبي ڪريم جن جي (ظاهري) رحلت کان پوءِ خوشبوءِ لڳائڻ جي ڪري رنگين محسوس ٿيو هجي. ۽ حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن جي (ظاهري) رحلت کان پوءِ سندن وار مبارڪن کي انهن جي تحفظ جي لاءِ رنگ ڪيو ويو هو.

فائدو: سلف ۽ خلف مان اهل علم جو هن ۾ اختلاف آهي  ته ”خضاب ڪرڻ وڌيڪ پيارو آهي يا نه ڪرڻ وڌيڪ آهي؟“ هڪ جماعت پهرئين قول کي ترجيح ڏني آهي انهن جو هڪ دليل حضرت ابو هريره d جي روايت ڪيل هڪ مرفوع حديث آهي.  ته ”يهودي ۽ نصارى وارن کي رنگ نه ٿا ڪن اوهان انهن جي مخالفت ڪيو.“ اها حديث بخاري، مسلم، نسائي وغيرهم آندي آهي. ۽ ٻيو دليل حضرت ابو امامة d جي روايت آهي ته”حضور ڪريم جن انصارن مان وڏن جي جماعت ۾ تشريف وٺي ويا ته انهن جون ڏاڙهيون اڇيون هيون پاڻ انهن کي فرمايائون ته ”اي انصارؤ! (وار) ڳاڙها ڪيو يا سونهري رنگ تي) ڦڪا (يعني پِيلا) ڪيو. ۽ اهلِ ڪتاب (يعني يهودين ۽ نصارن جي) مخالفت ڪيو. هيءَ حديث امام احمد ߋ حسن سندَ سان آندي آهي ۽ ان جي ڪري حضرت امام حسن ۽ حسين ۽ وڏن صحابن مان گهڻن رنگ ڪيو هو. ۽ گهڻا علماء هن طرف مائل آهن ته رنگ نه ڪرڻ ڀلو آهي، عمرو بن شعيب d کان مرفوع روايت آهي ته ”جيڪو پوڙهو ٿيو ان جا اڇا وار ان جي لاءِ نور آهن مگر جيڪڏهن اهي چونڊ ڪري ڪڍندو يا رنگ ڪندو“ (ته پوءِ اهي نور نه رهندا) عسقلاني ߋ فرمايو ته ” هيءَ حديث ترمذي آڻي ان کي حسنُ قرار ڏنو آهي پر ان ۾ مذڪور استثناء نه آهي ترمذي ۽ ابن ماجه ڪعب بن مره ߋ کان روايت آندي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو :”جيڪو مسلمان اڇن وارن وارو ٿيو ان جي لاءِ اهي اڇا وار قيامت جي ڏينهن نور هوندا.“ ۽ ترمذي عمرو بن عبسھ کان به اهڙي روايت آڻي ان کي صحيح چيو آهي. ۽ طبراني ߋ حضرت ابن مسعود d کان اهڙي روايت آندي آهي ته رسول الله جن اڇن وارن جي رنگ ڪري ڦيرائڻ کي پسند نه ڪندا هئا. ان جي ڪري حضرت سلمة بن اکوع، ابي بن ڪعب ۽ صحابن رضي الله عنهم جي وڏي جماعت رنگ نه ڪيو ۽ طبري هنن هڪٻئي سان مختلف روايتن ۾ هن طرح فيصلو ڏنو آهي. ته ”جيڪڏهن اڇا وار گهڻا ٿي وڃن ۽ ڏسندڙن کي سٺا نه لڳن ته رنگ ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن نه ته نه. باقي مطلقًا رنگ ڪرڻ مستحب آهي. ڇوته ان ۾ اهل ڪتاب سان مخالفت ڪرڻ واري امر جي اطاعت ٿي ويندي ۽ وارن جو غبار وغيره لڳڻ جي ڪري ميري ٿيڻ کان به بچاءُ ٿيندو. پر جيڪڏهن ڪنهن جي شهر ۾ رنگ نه ڪرڻ جو رواج آهي ته رنگ  نه ڪرڻ اولى ۽ افضل آهي. علامه علي قاري ߋ طبري جي هن قول کي احسن سڏيو آهي. ۽ محدث نووِي ߋ لکيو آهي ته رنگ ڪرڻ جي جواز يا استحباب جي قائلن جو اختلاف آهي ته رنگ ڪهڙو ڪجي ۽ ڪهڙو نه ڪجي؟ اڪثر علماء  ڪاري رنگ کي مڪروه چيو آهي ۽ علامه نووي ߋ پاڻ ڪاري رنگ ڪرڻ کي مڪروه تحريمي هجڻ ڏي مائل آهي ۽ بعض علماء جهاد ۾ مجاهدن  کي ڪاري رنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي بغير جهاد جي موڪل نه ڏني آهي باقي ڳاڙهو يا ڦڪو (سونهري) رنگ ڪرڻ مستحب آهي. ڪاري رنگ کان منع ڪرڻ جي لاءِ هيءَ حديث مبارڪ به آهي جيڪا حضرت  ابنِ عباس f کان مرفوع روايت آهي ته :”آخر زماني ۾ اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي ڪارو رنگ استعمال ڪندا جيئن ڪبوترن جون گجيون هونديون آهن، اهي جنت جي خوشبوءِ نه لهندا.“ اها حديث ابو داؤد ۽ نسائي آندي آهي ۽ حضرت ابو الدرداء d کان مرفوع روايت آهي ته ”رسول الله جن ارشاد فرمايو :” جنهن وارن کي ڪارو رنگ ڪيو الله قيامت جي ڏينهن ان جي منهن کي ڪارو ڪندو.“ اها حديث طبراني ۽ ابن ابي عاصم آندي آهي. ۽ بعض علماء مرد ۽ عورت ۾ فرق ڪيو آهي ته عورت لاءِ اجازت آهي مرد لاءِ اجازت ناهي. هٿن ۽ پيرن کي ميندي هڻڻ، رنگ ڪرڻ عورتن جي لاءِ جائز آهي مرد جي لاءِ حرام آهي. اڇا وار چونڊ ڪري ڪڍڻ اڪثر علماء وٽ مڪروه آهن. جيئن حديث پاڪ ۾ حضور ڪريم جن جو فرمان آهي ته ”اڇا وار چونڊ ڪري نه ڪڍو بلاشڪ  اهي مسلمان جي لاءِ نور آهن.“ اها حديث ترمذي، ابو داؤد، نسائي ۽ ابن ماجھ آندي آهي. ۽ ترمذي چيو ته اها حسن آهي ۽ مسلم قتاده d جي سند سان حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته ”مٿي ۽ ڏاڙهي مان اڇا وار چونڊ ڪري ڪڍڻ مڪروه آهي.“

فائدو : علامه بيجوري ߋ ۽ علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ”ڦڪو (سونهري) رنگ ڪرڻ محبوب آهي ڇوته الله ان جي مدح ڏانهن قرآن ڪريم جي آيت اِنَّہَا بَقَرَۃٌ صَفْرَآءُۙ فَاقِـعٌ لَّوْنُہَا تَسُرُّ النّٰظِرِیۡنَ ﴿۶۹

ترجمو : بلاشڪ اها ڦڪي رنگ واري ڍڳي آهي ان جو رنگ چمڪندڙ آهي جيڪو ڏسندڙن کي خوشي بخشي ٿو) اشارو ڪيو آهي ۽ حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته ”جيڪو ڦڪي رنگ واري جُتي پائي حاجت طلبي ڪندو ته ان جي ڪري ان جي اها حاجت پوري ٿيندي. ڇوته بني اسرائيل جي حاجت به ان ڦڪي رنگ واري کل سان پوري ٿي هئي. حضرت علي d ڦڪي رنگ وارين جتين جي پائڻ جي ترغيب ان جي ڪري ڏيندو هو.“ جو قرآن ڪريم جي آيت جي روشنيءَ ۾ ڦڪو رنگ خوشي بخشيندڙ آهي.“ جيئن ان ڏانهن جمهور مفسرن اشارو ڪيو آهي ۽ حضرت ابن عباس f فرمايو ته ” ڦڪو رنگ نفس کي خوش ٿو ڪري  ۽ فڪر کي دور ٿو ڪري ۽ حضرت ابنِ زبير و يحيى بن ابي ڪثير ڪارن جوتن پائڻ کان روڪيو آهي جو اهي فڪر وڌائن ٿا ۽ ابن حجر ”الفتاوي“ ۾ لکيو آهي ته (حديث ۾) آيو آهي” اي انصارن جي جماعت! (جوتا) ڳاڙها پايو يا ڦڪا پايو ۽ اهل ڪتاب جي مخالفت ڪيو.“ ۽ حضرت عثمان d ڦڪا جوتا پائيندو هو.“ (المواهب شرح الشمائل ص 142) شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 101)

فائدو : محدثن فرمايو آهي ته هن سنَد جا راوي سب ثقہھ آهن.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting