خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

تقريظ

حضرت علامھ و مولانا مفتي عبدالرحيم سڪندري مدظلھ  العالي

(مهتمم مدرسھ صبغة الهدى شاهه پور چاڪر)

بِسۡمِ اللهِ ، وَالۡحَمۡدُ لِلّٰهِ ، وَالصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلٰي خَاتَمِ رُسُلِ اللهِ اما بعد!

سڀني رستن مان ڀلو رستو، رسول الله جي سنت وارو رستو آهي. سڀني کان ڀلا اخلاق، صاحبِ خُلقِ عظيم جا اخلاق آهن، جيڪي الله تائين پهچائڻ جو بهترين ذريعو آهن. الله سندن خوبين، وصفن ۽ سنت پاڪ ڏانهن رغبت ڏياريندي فرمايو آهي:

لَقَدۡ کَانَ لَکُمۡ فِيۡ رَسُوۡلِ اللهِ اُسۡوَةُٗ حَسۡنَةُٗ لِمَنۡ کَانَ يَرۡجُوا اللهَ وَالۡيَوۡمَ الۡآخِرَ وَذَکَرَ اللهَ کَثِيۡرًا(سورة الاحزاب آيت 21)

بيشڪ توهان لاءِ رسول الله ( ) جي زندگي ۾ سهڻو نمونو(موجود) آهي. هر ان شخص لاءِ جيڪو الله جي (رضاجوئي) ۽ قيامت جي (بهتري جي) اميد رکي ٿو ۽ ڪثرت سان ، الله جو يادگيرو ڪري ٿو.

باري تعالى، ان فرمان مبارڪ ۾ رسول الله جي بلند رتبي واري سنت پاڪ تي هلڻ ۽ سندن سيرت پاڪ کي ڄاڻڻ جي رغبت ڏياري ٿو ان ڪري رباني عالمن سندن سيرت پاڪ تي بي انداز ڪتاب لکيا. ڪن مختصر ته ڪن طويل، ڪن مجمل ته ڪن مفصل دفتر لکي ڇڏيا. سيرت پاڪ جي بحر بي ڪنار جو هڪ حصو، شمائل شريف آهي. جنهن تي گهڻن عالمن بهترين ڪتاب لکيا آهن. انهن مان ڪتاب ”شمائل ترمذي“ ، ڪثير الفوائد، ڪثير النفع ۽ حجم جي لحاظ سان ننڍڙو مگر ڪثير العلم دفتر آهي. جنهن کي الله اهڙي مقبوليت عطا فرمائي، جو اڄ تائين ان جا ڪئين شرح لکجي چڪا آهن، ان جو اندازِ بيان مٺڙو ۽ ايمان کي وڌائيندڙ، مئل دلين کي جياريندڙ آهي، جيئن غيرآباد زمين کي نفع بخش برسات جياريندي آهي. ان ڪتاب ۾ ان ڪامل انسان جي عادات، اخلاق ۽ اوصاف جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو سڀني انسانن کان تمام سهڻو، اخلاق جي لحاظ سان سڀني کان وڌيڪ ڪامل، ۽ حسين اهڙو جو يوسف عليه السلام جهڙي جڳ مشهور حَسين کي به ان جي حُسن مبارڪ مان خيرات ملي، پر کين سمورو حُسن عطا ٿيو. جنهن کي الله هيبت ۽ جلال جي پوشاڪ پهرائي مزيد حسين بنايو، کين ڏسڻ وارو ڏسي چوندو هو:

لَمۡ اَرَ قَبَلَهٗ وَلَا بَعۡدَهٗ مِثۡلَهٗ                   (الانوار في شمائل النبي المختار ص 11)

يعني مون سندن جهڙو نه اڳ ڏٺو، نه بعد ۾ ڏٺو.

بي مثل ذات:  جنهن پنهنجي پوري حياتي ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو، نه ڪنهن سان ڌوڪو ڪيو، نه ڪنهن سان بخل ڪيو، نه ڪڏهن مال ميڙي رکيو. ڪنهن به کانئن سوال ڪيو ته ان کي هرگز مايوس نه فرمايائون. اهڙو محبوب ، جيڪو ساري زندگي ڪنهن کان مخفي نه رهيو، ۽ ڪنهن جي به شڪايت يا غيبت نه فرمايائين. پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن سان به نه ڪاوڙيا، نه وري ڪنهن کان ذاتي بدلو ورتائون. ڪڏهن به شراب کي هٿ نه لاتائون، نه حرام کي ويجهو ويا. پوري حياتيءَ واري عرصي ۾ ڪنهن سان به ظلم نه ڪيائون، نه ڪنهن ڪمزور تي تڪبر ڪيائون. اهڙو شفيق ، جنهن ساري زندگي ڪنهن ننڍي توڙي وڏي يا غلام يا ٻانهي کي نه ايذائيو. سڀني انسانن کان وڌيڪ متواضع، دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ، دولت ۽ مال گڏ ڪرڻ کان بي رغبت ، سڀني کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ مهربان، جو سندن رحمت ۽ مهرباني مان پکي پکڻ، جيت، جانور، وڻ، پٿر مطلب ته الله جي سڀ مخلوق حصو وٺندي رهندي هئي.

سڀني کان وڌيڪ سچار : پاڻ خوش طبعي  به فرمائيندا هئا. مگر سچ ڳالهائيندا هئا. هڪ ڀيري وٽن هڪ ڪراڙي عورت اچي عرض ڪيو: يا رسول الله ! مون لاءِ دعا فرمايو، ته الله مون کي جنت ۾ داخل فرمائي. پاڻ ڪريمن ڪراڙيءَ کي فرمايو: اِنَّ الۡجَنَّةَ لَا يَدۡخُلُهَا عَجۡوزُٗ(الانوار في شمائل النبي المختار ص 133)  يعني جنت ۾ ڪراڙا نه ويندا.

سندن پاڪ زبان مان اها ڳالهه ٻُڌي ڪراڙي روئي پئي ۽ روئندي واپس وڃڻ لڳي. پاڻ ڪريمن کيس سڏي فرمايو: ”تون جنت ۾ جوان ٿي داخل ٿينديئن.“ اها ڳالهه ٻڌي ڪراڙي خوش ٿي کلندي وئي.

سڀني کان ڪامل :جيترا به نيڪ ڳڻ ۽ ڀلا اخلاق الله وٽ پسنديده آهن، اهي سڀ سندن ذات ۾ على الوجھ الاتم موجود هئا ۽ کين سمورا ڪمالات عطا ڪيا ويا ۽ هر اهو برو اوَڳڻ جيڪو انسانيت لاءِ بدنما داغ سمجهيو وڃي ٿو، الله کين ان کان مڪمل طرح پاڪ ۽ صاف رکيو.  سندن اخلاق قرآن هيو. گويا پاڻ هلندڙ گهمندڙ قرآن جي تصوير هيا. سندن بعثت کان پهريان ماڻهو دين ۽ پنهنجي رب کان بي خبر هيا، تن کي صحيح راهه ۽ پنهنجي رب جو ڏس پتو ڏنائون. بعثت کان اول ماڻهن جي اها حالت هئي جو هر قوي شخص، ضعيف تي ظلم ڪندي فخر محسوس ڪندو هو، پاڻ ان ڪُڌي رسم کي ختم فرمائي، عدل ۽ انصاف جي ميزان کي قائم فرمايائون. تمام ٿوري عرصي ۾ پوري دنيا اندر امن، سلامتي، عدل، نيڪي ۽ هڪٻئي سان همدردي جو لازوال نظام قائم فرمائي، قيامت تائين ان تي ڪاربند رهڻ جو درس ڏنائون ۽ عملي طرح ڪري به ڏيکاريائون. سندس شخصيت تاريخ جي فرسوده ورقن کي هڪدم بدلائي ڏيکاريو.

بي مثل هادي ۽ معلم: پوري انسانيت جيڪا راهه کان ڀٽڪيل هئي، ان کي سعادت واري زندگي گذارڻ جو سبق ڏنائون. جيئن ماڻهو ڄاڻن ته الله جو تقرب ڪيئن حاصل ڪجي؟ ۽ ڪهڙي طرح دنيا ۽ آخرت سنوارجي. پاڻ اچي حاڪمن کي تعليم ڏنائون، ته حڪومت ڪيئن هلائجي، ماڻهن کي جنگ ڪرڻ جا آداب ۽ ضابطا سيکاريائون. مالدارن کي سيکاريائون ته پنهنجي مالن کي ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ڪجي، ۽ مال ڪيئن ڪمائجي؟ فقيرن  کي تعليم ڏنائون ته قناعت ڪيئن ڪجي؟ ۽ الله تي ڀروسو ڪري، غنا جو اظهار ڪيئن ڪجي؟ طاقتور ماڻهن کي ضعيفن اڳيان تواضع سان پيش اچڻ جو درس ڏنائون، ۽ ضعيفن کي سيکاريائون ته الله کي ئي پنهنجي مرادن ۽ حاجتن جو حاجت روا ڄاڻجي. پاڻ اچي سيکاريائون ته وڏا ڄاڻن ته ننڍن تي رحم ڪيئن ڪجي؟ ۽ ننڍا سکن ته وڏن جي تعظيم ڪيئن ڪجي؟ مڙس ڄاڻي ته پنهنجي اهل و عيال لاءِ خيرخواهه ڪيئن هجڻ گهرجي.۽ عورت ڄاڻي، ته مڙس جي گهر ۽ امانتن جي حفاظت ڪيئن ڪجي؟ پاڻ اچي والدين کي تعليم ڏنائون ته اولاد جي تربيت ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ اولاد کي سبق ڏنائون ته والدين سان ڀلائي ۽ احسان ڪيئن ڪجي؟ حضرت نبي ڪريم سڀني سان محبت ۽ نيڪي ڪرڻ ۽ رحمت سيکارڻ آيا، جو جهان انهن ڳالهين جي ڄاڻ کان اڳ ۾ اڻ واقف هيو.

عظمت واري ذات : عظيم ذات، جنهن جي تائيد فرمائيندڙ الله آهي. باري تعالى ان سان نصرت فرمائڻ جو وعدو ڪيو آهي ان ڪري بادشاهه، وڏا جابر ۽ سرڪش، متڪبر ماڻهون به سندن آڏو سر جهڪائيندا هيا. سندن خدمت ۽ غلامي ۾ ملائڪ سڳورا پيش پيش هوندا هئا. ساري دنيا مٿن عاشق ۽ فدا هئي. سندن عظمت واري اها ذات جنهن کي الله اهو سڀ ڪجهه عطا فرمايو، جيڪو نه اڳين کي مليو نه آئنده ڪنهن کي ملڻو آهــــي. جــــبل به سندن تابع هيا. فرمايو اٿن.

لَو ۡ اَشَاءُ لَصَارتۡ مَعِيَ الۡجِبَالُ ذَهَبًا“ (شفا شريف)

(جيڪڏهن آءُ گهران ته جبل به مون سان سون جا ٿي پون). مگر ان جي باوجود ، تواضع، انڪساري جو هي عالم هيو، جو سندن وڇاڻو چم جو هوندو هيو، جنهن جي اندر کجيءَ جو کاٻر ڀريل هو، پاڻ شهنشاهي شان هوندي، پاروٿي ماني ۽ سادين کارڪن تي قناعت فرمائيندا هيا. سندن سادگي باوجود، پوري دنيا سندن تابع ٿي وئي ۽ دولت سندن قدمن مبارڪن ۾ اچي پيش پئي. دولت کي پاڻ غريبن ۽ محتاجن ۾ تقسيم ڪيائون ايتريقدر جو وڏا وڏا بادشاهه سندن سخا ڏسي شرمندا ٿيندا هيا. اعرابي ماڻهو پنهنجي برادري وارن کي چوندا هيا.  ”اَسۡلِمُوۡا فَاِنَّ مُحَمَّدًا يُعۡطِي عَطَاءَ رَجُلِِ مَا يَخَافُ فَاقَةً(مسلم شريف)

يعني اسان جي قوم وارؤ! اچو! مسلمان ٿيو جو حضرت محمد جنهن شخص کي به عطا فرمائي ٿو(ان کي ايترو ته عطا ڪري ٿو) جو اهو بک کان نه ٿو ڊڄي.

ان عظمت واري ذات، دنيا کي ته سچائي ۽ سخا جو درس ڏنو، پر پاڻ لاءِ دنيا مان ڪجهه به گڏ نه ڪيائون. سندن وصال مبارڪ وقت، سندن زرهه مبارڪ، ٽيهن ٽوين جوَن جي عيوض ۾ هڪ يهودي وٽ گروي رکيل هئي، جو ان کان پنهنجي اهل و عيال لاءِ جوَ ورتا هيائون.

سندن اوصاف جميله جي ذڪر مبارڪ کي لکندي، ڪاتبن ڪيئي دفتر لکي، پنهنجيون عمريون پوريون ڪري ڇڏيون ، مگر ڪير به سندن واکاڻ جو حق ادا نه ڪري سگهيو آهي. جيتري به سندن وصف بيان ڪئي وڃي، اها ائين سمجهڻ گهرجي جيئن بحر بي پايا مان هڪ قطرو کنيو ويو آهي.

سندن آمد مبارڪ جي بشارت حضرت سيدنا عيسى عليه السلام ۽ ٻين نبين سڳورن عليهم الصلواة والسلام ڏني. پاڻ اهڙا نور آهن، جنهن ظلمتن کي روشن ڪيو، الله جي طرفان سراپا رحمت ۽ امت لاءِ عظيم نعمت بڻجي آيا. طٰہٰ، يٰس، رؤف رحيم ۽ حبيب المحبوب آهن. سندن وجود مبارڪ نبين جو خاتم آهي جن جي پاڪ سيرت پوري انسانيت جي لاءِ بهترين نمونو آهي. سندن وصف ۽ واکاڻ بيان ڪرڻ، لکڻ، ٻڌڻ، ايمان وارن لاءِ عين سعادت آهي. ان ڪارِ خير کي ڪيترن ئي عالمن ، پنهنجي وس آهر ڪتابن جي صورت ۾ لکي سعادتون حاصل ڪيون آهن، زير نظر ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جنهن جا مترجم ۽ شارح اسان جي سرزمين سنڌ جا ناميارا، محقق، مفسر، محدث، مصنف، خطيب، عالم باعمل ۽ شيخ طريقت، پير روشن ضمير، حضرت علامه الحاج محمد ادريس ڏاهري نقشبندي ادام الله فيضھ  جن ڪنهن تعارف جا محتاج نه آهن. انهن ڪتاب ”شمائل ترمذي“ جو هي ترجمو ۽ تشريح لکي، جنهن ۾ مفردات جي تشريح، بامحاوره ترجمو، سمجهاڻيءَ سان گڏوگڏ هر هڪ حديث کي ٻين ڪتابن جي حوالن سان ثابت ڪري ۽ حجيت حديث تي انتهائي محققانھ انداز ۾ مقدمھ ھ لکيو آهي جنهن مان سندن حديث جي علم ۾ بهترين ڄاڻ واضح ٿئي ٿي. پاڻ اسان اهل السنة والجماعة تي وڏو احسان فرمايو اٿن.

اميد ڪجي ٿي، ته هي ڪتاب سنڌي پڙهندڙ حضرات لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندو، ۽ عاشقن جون دليون ٺاريندو ۽ اهي گهڻي مقدار ۾ خريد ڪري پڙهندا. دعا آهي ته شال رب ڪريم جل مجده اسان جي هن عالم باعمل، اکڙين جي ٺار، قلب جي قرار کي خضري حياتي عطا فرمائي ۽ سندن قلم ۾ اڃان وڌيڪ طاقت رکي، جو هميشه عاشقن جون دليون ٺاريندا رهن، ۽ دين جي دشمنن کي ڳاريندا رهن.

 

 

اٰمِيۡن بِجَاهِ حَبِيۡبِھ الۡکَرِيۡمِ

 

الراقم الاثيم فقير عبدالرحيم سڪندري

مهتمم مدرسه صبغة الهدى شاهه پور چاڪر

9 جمادى الثاني 1432 هه بمطابق 13 مئي 2011

 

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting