خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ارڙهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ إِزَارِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن

 جن ۾ رسول الله جي گوڏ جو بيان آهي

 

سمجهاڻي: علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ” هتي گوڏ سان گڏ چادر به مراد آهي. گوڏ ان کي چئبو آهي جنهن سان بدن جو هيٺيون حصو ڍڪبو آهي ۽ چادر مان مراد اهو ڪپڙو آهي جنهن سان بدن جو مٿيون حصو ڍڪبو آهي ۽ ابن الجوزي ߋ پنهنجي ڪتاب ”الوفا“ ۾ آندو آهي ته ”رسول الله جي چادر جي ڊيگهه چار هٿ هئي ۽ ويڪر اڍائي هٿ هئي. ۽ ابنِ القيم واقدي ߋ کان نقل ڪيو آهي ته ”چادر جي ڊيگهه ڇهه هٿ ۽ ويڪر ٽي هٿ ۽ هڪ گرانٺ هئي ۽ سندن گوڏ جي ڊيگهه چار هٿ ۽ هڪ گرانٺ ۽ ويڪر ٻه هٿ هئي. (المواهب شرح الشمائل ص 232) محدثين ڪرام وٽ راجح قول هي آهي ته رسول الله جن کان ڪائنچ پائڻ ثابت ناهي پر اهو ثابت آهي ته سندن وٽ ڪائنچ موجود هئي ۽ صحابه ڪرام کي ان جي پائڻ جو ارشاد به فرمايو هيائون حضرت ابو امامة d کان روايت آهي ته ”مون رسول الله جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اهل ڪتاب گوڏ نه ٿا ٻڌن ڪائنچ پائن ٿا ته پاڻ فرمايائون ”اوهان ڪائنچ به پايو ته گوڏ به ٻڌو انهن جي مخالفت ڪيو.“ گوڏ ۽ ڪانئچ ڀيڏين کان هيٺ ڪرڻ حرام آهي. گوڏ غرور ۽ تڪبر جي نيت سان ڀيڏين کان هيٺ لڙڪائڻ حرام آهي ۽ جيڪڏهن ڪو معقول عذر هجي  ته به مڪروه تنزيهي آهي. بخاري شريف ۾ آهي ته حضرت ابو بڪر صديق d  عرض ڪيو ته ” يا رسول الله ! منهنجي گوڏ (ڀيڏين کان هيٺ) لڙڪي ٿي پئي جيستائين ان جو خاص خيال نه ڪيان“ نبي پاڪ جن کيس فرمايو ته اَنۡتَ لَسۡتَ مِمَّن يَصۡنَعُھ خَيۡلَآءَ تون انهن مان ناهين جيڪي اهو وڏائيءَ جي ڪري ڪن ٿا. ”فتاوى عالمگيري“ ۾ آهي ته تڪبر جي لحاظ سان گوڏ کي ڀيڏين کان هيٺ لڙڪائڻ مڪروهه تنزيهي آهي.“ (انوارِ غوثيہھ ص 170) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته ”حضور ڪريم جن جي رحلت کان پوءِ سندن سامان ۾ ڪائنچ به هئي. ابن القيم جو قول آهي ته ”حضرت نبي ڪريم جن ڪائنچ خريد ڪئي هئي ۽ ظاهر آهي ته پائڻ جي لاءِ ئي خريد ڪئي هيائون.“ ان کان علاوه متعدد حديثن ۾ حضور ڪريم جن جو پائڻ به وارد آهي ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضرت حبيب ڪريم جي اجازت سان پائيندا هئا.  (زاد المعاد ج ص) حضرت ابو هريره d کان هڪ ڊگهي حديث ۾ آيو آهي ته ” رسول الله جن کان پڇيو ويو ته ”اوهان ڪڏهن ڪائنچ پائيندا آهيو؟ ته پاڻ فرمايائون ته ”مان پائيندو آهيان مون کي بدن جي ڍڪڻ جو حڪم آهي هن کان وڌيڪ ٻين شين ۾ پردو ناهي.“ پر محدثن هن حديث کي ضعيف چيو آهي. نبي ڪريم جو اڪثر معمول گوڏ ٻڌڻ ۽ چادر ڍڪڻ هو. (خصائل نبوي ص 95)

 

}119}  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَيُّوبُ ، عَنْ حُمَيْدِ بْنِ هِلاَلٍ ، عَنْ أَبِي بُرْدَةَ قَالَ : أَخْرَجَتْ إِلَيْنَا عَائِشَةُ ، كِسَاءً مُلَبَّدًا وَإِزَارًا غَلِيظًا ، فَقَالَتْ : قُبِضَ رُوحُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي هٰذَيْنِ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو برده d کان روايت آهي ته حضرت بيبي عائشه صديقه g اسان کي هڪ اڳڙين سان چتين لڳل چادر ۽ ٿلهي ڪپڙي جي گوڏ ڪڍي ڏيکاري ۽ چيو ته رسول الله جن هنن ٻنهي ڪپڙن ۾ وصال فرمايو هو.

مفردات جو شرح: ”كَسَاءً چادر. ”مُلَبَّدًا چتيون لڳل . عرب چوندا آهن ” لبدت القميص اللبده يا لبدته “ مون قميص کي چتيون هنيون يا هڻان ٿو. جنهن چتي سان قميص جي سامهون واري حصي کي ڳنڍيو وڃي ٿو ان کي ”لبدة“ چوندا آهن. غَلَيۡظًا“، ”غلظة کان ورتل آهي. ان جي معنى آهي سخت هجڻ، ٿلهو هجڻ.

سمجهاڻي: حضرت ابو موسى الاشعري d جن کي ام المؤمنين سيده عائشه g چتيون لڳل چادر ۽ سخت ڪپڙي واري گوڏ جي زيارت ڪرائي جن ۾ رسول الله جن دنيا تان (ظاهري) رحلت فرمائي هئي. جن کي ام المؤمنين g پاڻ وٽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ محفوظ رکيو هو ۽ امان سانئڻ وٽ حضور ڪريم   جن جو طيالسي جبو مبارڪ به رکيل هو. جيڪو پاڻ سڳورا پائيندا هئا پوءِ جڏهن ام المؤمنين عائشه صديقه g وفات ڪئي ته اهو جُبو مبارڪ سندس ڀيڻ اسماء g پاڻ وٽ کڻي رکيو .

جبي پاڪ سان شفا حاصل ڪرڻ : ماڻهو ان کي ڌوئي ان جو پاڻيءَ پيئڻ سان شفاء حاصل ڪندا هئا. اسماء جي اها ڳالهه صحيح مسلم ۾ موجود آهي هن روايت مان معلوم ٿيو ته نبي پاڪ جن گهڻو سادگي پسند هوندا هئا . دنيا تان ظاهري رحلت ڪرڻ تائين پاڻ ائين گذاريائون. بادشاهن جي طرفان کين ڪيتريون سوکڙيون ۽ تحفا به ملندا هئا پر پاڻ اهي ٻين کي ڏئي ڇڏيندا هئا  پنهنجي سادگي برقرار رکيو ايندا هئا. ۽ نيٺ ان ئي حال ۾ دارالبقاء ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ هن حديث مان هيءَ ڳالهه به ملي ٿي ته ” انسان کي گهرجي ته آخري عمر ۾ سينگار ۽ زينت ڏانهن توجهه نه ڪري ۽ صوفين صوف جو لباس لازم سمجهي ڍڪي ان تي فخر ڪيو ته رستي کان ٿڙي ويا. (المواهب شرح الشمائل ص 233) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ”هن حديث مان ثابت ٿيو ته صالحين جي آثار جي حفاظت ڀلو ڪم آهي ۽ انهن جي ڪپڙن ۽ سامان سان برڪت حاصل ڪجي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ” هن حديث ۾ اهو به دليل آهي ته فقير، صابر، غني، شاڪر کان ڀلو آهي ۽ هن ۾ انهن جي ترديد آهي جيڪي چون ٿا ته رسول الله جن آخري عمر ۾ غني ٿي ويا هئا (ان جي ڪري غني ڀلو آهي) ان امر جي نهايت اها آهي ته ”هائو حضور ڪريم جن جي لاءِ بادشاهي ۽ غنا ظاهر ٿيا هئا. پر پاڻ مسڪيني ۽ فقيري پسند فرمايائون تان ته جمهور نبين عليهم السلام سان موافق رهن ۽ خالص اولياء ۽ اصفياء جا اڳواڻ رهن.

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 170، 171)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الخمس باب 5 ما ذڪر من درع النبي وعصاه وسيفه وقدحه وخاتمھ رقم الحديث 3108ج 6 ص 212 {2} مسلم في ڪتاب اللباس باب 6 التواضع في اللباس رقم الحديث 2080 ج 6 ص 1649 بنحوه {3} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 7 لباس الغليظ رقم الحديث 4036 ج 4 ص 45 بنحوه {4} احمد في المسند ج 6 ص 32 {5} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6623، 6624 ج 14 ص 593 {6} الحاڪم في المستدرڪ ج 2 ص 602 {7} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 95 {8} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 453.

 

}120} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ ، عَنْ شُعْبَةَ ، عَنِ الأَشْعَثِ بْنِ سُلَيْمٍ قَالَ : سَمِعْتُ عَمَّتِي ، تُحَدِّثُ عَنْ عَمِّهَا قَالَ : بَيْنَا أَنَا أَمشِي بِالْمَدِينَةِ ، إِذَا إِنْسَانٌ خَلْفِي يَقُولُ : ارْفَعْ إِزَارَكَ ، فَإِنَّهُ أَتْقَىٰ وَأَبْقَىٰ فَإِذَا هُوَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ إِنَّمَا هِيَ بُرْدَةٌ مَلْحَاءُ قَالَ : أَمَا لَكَ فِيَّ أُسْوَةٌ ؟ فَنَظَرْتُ فَإِذَا إِزَارُهُ إِلَى نِصْفِ سَاقَيْهِ.

با محاوره ترجمو: حضرت اشعث بن سُليم d کان روايت آهي ته پنهنجي پُڦي کان ٻُڌم جنهن پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي، ان عبيد بن خالد چيو ته آءُ هڪ ڀيري مديني شريف جي شهر ۾ گهمي رهيو هوس. اوچتو پُٺيان هڪ ماڻهو چوڻ لڳو ته، پنهنجي گوڏ مٿي ڪر، جو اها پرهيزگاري آهي ۽ ڪپڙي جو جٽاءُ به آهي. نهاريم ته رسول الله جن آهن. عرض ڪيم ته يا رسول الله هي سادي سودي رنڱيل چادر آهي. پاڻ سڳورن فرمايو، ته ڇا توکي منهنجي پيروي ڪرڻي نه آهي؟ پوءِ ڏٺم ته پاڻ ڪريمن جي گوڏ مبارڪ اڌ پِنين تائين آهي.

مفردات جو شرح : ”اَنَا اَمۡشِيۡ مان وڃان پيو. ماضيءَ جي ڳالهه مضارع، حال جي صيغي سان بيان ڪرڻ جو مقصد ان کي حاضر سمجهي ڳالهه ڪرڻ آهي. بَيۡنَا ميم جي حذف ڪرڻ سان . ۽ ان جو اصل بَيۡنَ آهي وچ جي معنى سان، ۽ ڪڏهن نون جي زبر کي اشباع طور الف آڻي ”بينا“ ڪري پڙهيو ويندو آهي ته ڪڏهن ان ۾ ميم وڌائي بينما ڪري پڙهيو ويندو آهي ۽ اهو ما بعد ڏانهن مضاف آهي ۽ هڪ قول آهي ته بين کان پويان ميم ۽ الف مضاف اليہھ جو عوض آهي ۽ المغرب ڪتاب واري آندو آهي ته بَيۡنَ انهن اسماء ظرف مان آهي جن ۾ اضافت لازم هوندي آهي ۽ ٻن يا انهن کان زياده ڏانهن مضاف ڪيو ويندو آهي يا جيڪو ان جي قائم مقام هوندو آهي. جيئن الله جو فرمان آهي عَوَانُٗ بَيۡنَ ذَالِکَ ۽ ڪڏهن مضاف اليه حذف ڪري ان جي عيوض ميم يا الف وڌايو ويندو آهي ۽ النهايھ ۾ آهي ته ”اهي مفاجاة جي معنى ۾ ظرف زمان آهن ۽ فعل ۽ فاعل مان ٺهندڙ يا مبتداء  ۽ خبر مان ٺهندڙ جمله ڏانهن مضاف ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي جواب ڏانهن محتاج هوندا آهن جنهن سان معنى پوري ٿئي. ۽ انهن جي جواب ۾ وڌيڪ فصيح هي آهي ته اذ ۽ اذا نه اچي. پر اهي جواب ۾ آيل گهڻيون آهن. اذا (الف سان) اوچتو جي معنى ۾  هتي ”انا“ مسند اليہھ تخصيص جي لاءِ مقدم آندو ويو آهي. بِالۡمَدِيۡنَةِ هتي با في جي معنى ۾ آهي. ”ملحاءُ“ اڇا ۽ ڪارا پٽا رکندڙ.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ مان معلوم ٿيو ته ڪنهن  ماڻهو کي غلط ڪم  ڪندي ڏسجي ته ان کي منع ڪجي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته ڪائنچ يا گوڏ کي ڀيڏين کان هيٺ ڪرڻ منع آهي ۽ ائين ڪندڙن جي لاءِ احاديث مبارڪه ۾ سخت سزائن جو ذڪر آيل آهي. رسول الله جن جو فرمان آهي ته ”جيتري قدر گوڏ ڀيڏين کان هيٺ لڙڪايل هوندي اوتري قدر جسم جو اهو حصو ڪٽي جهنم ۾ وڌو ويندو.“ الله انهن هٺيلن جا گناهه بخش نه ڪندو. ۽ نه انهن تي رحم  ڪندو.“ محدثن ڀلارن لکيو آهي ته ”ڀيڏين (ڳرين) کان گوڏ يا ڪائنچ هيٺ لڙڪائيندڙ عورتن سان مشابهت رکي ٿو. ڇوته ڀيڏين کان هيٺ ڪپڙو رکڻ جو حڪم عورتن جي لاءِ آهي. حبيب ڪريم جن جو فرمان آهي تهلَعَنَ اللهُ رَجُلًا تَانَّثَ وَامۡرَاةً تَذَکَّرَتۡ“ (عورتن سان مشابهت ڪندڙ مرد ۽ مرد سان مشابهت ڪندڙ عورت تي الله لعنت ڪئي آهي) جيئن عورتن وانگر هٿن کي ميندي لائڻ، عورتن وارا ڪپڙا ۽ زيور پائڻ، پاڻ کي عورتن وانگر بنائڻ، ڏاڙهي ڪوڙائڻ عورتن واري شڪل بنائڻ. اهي سڀ صورتون ان ۾ داخل آهن اهڙي امام جي پويان نماز به نه پڙهجي پر جيڪڏهن ڪنهن پڙهي آهي ته موٽائي پڙهي. اهڙي طرح عورت کي مردن وانگر مٿو اگهاڙو ڪرڻ، بدن جا اڪثر حصا اگهاڙا ڪرڻ، بي پرده، خوشبو لڳائي ٻاهر نڪرڻ، ڏاڍي آواز سان ڳالهائڻ، مردن جي صلاح مشوري ۾ هروڀرو دخل ڏيڻ وغيره اهي سڀ صورتون الله جي طرفان لعنت وسڻ جو سبب آهن. رب العزت جل شانھ شال سڀني کي مصطفى جي صدقي اهڙن ڪمن کان محفوظ رکي. (فضائل النبي ص 73)

گوڏ ۽ ڪانئچ جي هيٺ بيهارڻ جي ڪيتري حد آهي؟: عبدالرحمان فرمايو ته : مون حضرت ابو سعيد خدري d کان گوڏ جي باري  ۾ پڇيو ته ان چيو”تو وڏي ڄاڻ رکندڙ کان پڇيو آهي رسول الله جن  ارشاد فرمايو ته ”مسلمان جي گوڏ اڌ بڪي تائين هجڻ گهرجي ۽ ان کان هيٺ ڀيڏين تائين به ڪا منع ڪانهي پر ڀيڏين کان هيٺ جيتري حصي تي به گوڏ هوندي اهو حصو باهه ۾ ساڙيو ويندو ۽ جيڪو شخص متڪبرانه طور ڪپڙي  کي هيٺ لڙڪائيندو قيامت جي ڏينهن الله ان ڏانهن (رحم جي نظر سان) نه نهاريندو.“ (خصائل نبوي ص 97) ۽ حبيب ڪريم جن ان جي لاءِ فرمايو ته ”ڪپڙو مٿي رکڻ وڌيڪ تقوى ۽ حفاظت وارو آهي.“ ان  سان غرور کان دل پاڪ ٿئي ٿي ۽ ڪپڙو ميري ٿيڻ ۽ پليد ٿيڻ ۽ جلد ڦاٽڻ کان محفوظ رهي ٿو. صحابي d کين عرض ڪيو ته يا رسول الله ! ! اها سادي چادر آهي. پاڻ فرمايائون ته ”ڇا مون ۾ تنهنجي لاءِ اڳواڻي ناهي؟“ صحابي d مٿيون عرض ڪري آقا کي ٻڌائڻ گهريو ته مون ۾ تڪبر ۽ غرور جي نيت ناهي پر پاڻ ان کي پنهنجي اقتداء ، اتباع ۽ اطاعت ڏي متوجهه ڪيائون ۽ صحابي d ڏٺو ته سندن گوڏ مبارڪ اڌ پنين تائين هئي ۽ محبوب ڪريم جي مٿئين قول ۾ اهو به اشارو آهي ته ”ڪامل جي لاءِ حڪم آهي ته اهو قول ۽ عمل ۾ جامع هجي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته محفلن ۽ مجلسن ۾ گوڏ جي بجاءِ ڪائنچ پائجي ڇوته ان ۾ پردو آهي ۽ گوڏ مهنة جو ڪپڙو آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 173)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} النسائي في ڪتاب الزينة من سننہھ الڪبرى باب 101 موضع الازار رقم الحديث 9682، 9683 ج 5 ص 484 {2} احمد في المسند ج 5 ص 364 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3079 ج 12 ص 11.

 

}121} حَدَّثَنَا سُوَيْدُ بْنُ نَصْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ مُوسَى بْنِ عُبَيْدَةَ ، عَنِ إِيَاسِ بْنِ سَلَمَةَ بْنِ الأَكْوَعِ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : كَانَ عُثْمَانُ بْنُ عَفَّانَ ، يَأْتَزِرُ إِلَى أَنْصَافِ سَاقَيْهِ ، وَقَالَ : هَكَذَا كَانَتْ إِزْرَةُ صَاحِبِي ، يَعْنِي النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

با محاوره ترجمو: حضرت اياس بن سلمة بن اڪوع d پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي آهي، ته حضرت عثمان d پنهنجي گوڏ پِنين جي اڌ تائين ٻَڌندو هو ۽ چيائين ته منهنجي سردار پياري نبي جن جو به اهو ئي طريقو هو.

مفردات جو شرح: ”اَنۡصَافَ اڌ سَاقَ پنيون، بڪيون. ”مَابَيۡنَ الرَّکۡبَةِ وَالۡقَدَمِ گوڏي ۽ پير جي وچ وارو حصو.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حضرت عثمان غني d جي گوڏ ٻڌڻ جو بيان آهي ۽ ان ۾ محدثن جي هڪ سوچ اها آهي ته صحابه ڪرام خصوصًا خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جي اقتداء ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو ته انهن جيڪو عمل ڪيو ٿي سيدنا رسول الله جي اتباع ۾ ڪيو ٿي ۽ آقا جي هر ڪم ۽ هر فعل ۽ هر هيئت تي عمل ڪري ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريندا هئا. ان نموني سان اهو عمل اڄ تائين اولياءِ ڪرام، محدثين عظام ۽ علماءِ فخام جي ذريعي هلندو اچي ٿو ۽ انشاءَ الله قيامت تائين قائم رهندو. امام نووي ߋ فرمايو ته ”اڌ پنين تائين گوڏ جو رکڻ مستحب آهي ڀيڏين تائين رکڻ ڪراهيت کان سواءِ جائز آهي ۽ انهن کان هيٺ جيڪڏهن تڪبر جي لاءِ هوندو ته حرام آهي نه ته مڪروه آهي. ۽ ”صاحبي“ مان مُراد رسول الله جن آهن جيئن روايت ۾ مذڪور آهي.اِزۡرَهٗ همزه جي زير سان. مان مراد گوڏ ٻڌڻ جي ڪيفيت. آهي علامه علي قاري ߋ لکيو آهي. ”سلمة بن الاڪوع کي خبر هئي ته حضور ڪريم جن گوڏ ٻڌندا هئا پوءِ به حضرت عثمان غني d جي گوڏ ٻڌڻ جو ذڪر ان جي لاءِ ڪيائين ته خبر پوي ته اها سنت، محفوظه معمولھ بھ هئي جنهن تي رسول الله جن جي خليفي عمل ڪيو ۽ ٻين کي به عمل ڪرڻ گهرجي. رسول ڪريم جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته عَلَيۡکُمۡ بِسُنَّتِي وَسُنَّةِ الۡخُلۡفَاءِ الرَّاشِدِيۡنَ مِنۡ بَعَدِيۡ منهنجي سنت ۽ مون کان پوءِ راشد خليفن جي سنت کي لازم ڪري وٺو.“ (جمع الوسائل ج 1 ص 173)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 96 {1} البزار حديث 2948 ج 3 ص 363 {1} تهذيب التهذيب ج 10 ص 356 {1} مجمع الزوائد ج 5 ص 122.

 

}122 حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الأَحْوَصِ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ مُسْلِمِ بْنِ نَذِيرٍ ، عَنْ حُذَيْفَةَ بْنِ الْيَمَانِ قَالَ : أَخَذَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِعَضَلَةِ سَاقِي أَوْ سَاقِهِ فَقَالَ : هَذَا مَوْضِعُ الإِزَارِ ، فَإِنْ أَبَيْتَ فَأَسْفَلَ ، فَإِنْ أَبَيْتَ فَلاَ حَقَّ لِلإِزَارِ فِي الْكَعْبَيْنِ.

با محاوره ترجمو: حضرت حذيفه بن اليمان d کان روايت آهي ته رسول الله جن منهنجي يا پنهنجي پنيءَ جي گوشت ۾ هٿ وجهي ڏيکاريو ۽ فرمايو ته گوڏ بيهارڻ جي هي جاءِ اٿئي، جي نه مڙين ته پوءِ ٿورو هيٺ ڀرو. جي اڃان نه مُڙين ته پوءِ گوڏ کي ڀيڏين تائين لڙڪائڻ جو ڪوبه حق ناهي.

مفردات جو شرح: عَضۡلَةَ (عين ۽ ضاد جي زبر سان) هر اهو پٺو جيڪو گوشت سان ڀريل هجي. هتي مراد پنيءَ جو گوشت آهي اَبَيۡتَ واحد مذڪر مخاطب جو صيغو. جيڪڏهن تو انڪار ڪيو.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ پاڻ سڳورن جي طرفان وضاحت سان بيان ٿيل آهي. ته گوڏ وڌ ۾ وڌ ڪيتري لٽڪيل هجي. ڪائنچ جو به اهو حڪم آهي. ها جيڪڏهن ڪو معقول عذر هجي ته پوءِ منع ناهي. جيئن ڪو زخم يا ڪا ٻي تڪليف هجي ته پوءِ ان کي ڍڪڻ يا زخم کي گند، مٽيءَ وغيره کان بچائڻ جي لاءِ گوڏ يا ڪائنچ سان ڍڪي سگهجي ٿو. نبي پاڪ جن جي نظافت، نفاست، پاڪيزگي ۽ صاف رهڻ جو اثر هو. جو سندن ڪپڙو ميرو نه ٿيندو هو.

محبوب پاڪ جي پاڪ جسم ۾ جون نه هوندي هئي: شمائل جي شارح علامه عبدالرؤف مناوي ߋ المتوفي 1003 هه لکيو آهي تهان ثَوۡبَھَ لَايَقۡمُلُ سندن ڪپڙن ۾ جون نه پونديون هيون. ۽ علامه فخر الدين رازي کان نقل ڪيو اٿس تهان الذباب لم يقع علٰي ثوبھ ولا يمص دمه البعوض يقينًا ڪڏهن به سندن ڪپڙي تي نه مک ويٺي ۽ نه سندن رت مبارڪ کي ڪڏهن مڇر پيتو. ۽ علامه علي قاري ߋ به لکيو ته ”و من خواصه ان ثوبه لم يقمل“ حضور ڪريم جن جي خصائص مان آهي ته سندن ڪپڙن ۾ جون نه پئي هئي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 175) الحاصل ته گوڏ، قميص، ڪائنچ ڀيڏين کان هيٺ نه هجي. دمياطي آندر آهي ته رسول الله جن جيڪا چادر ڍڪي ٻاهران اچڻ وارن وفدن سان ملندا هئا. اها سائي رنگ جي چار هٿ ڊگهي ۽ ٻه هٿ ۽ هڪ گرانٺ ويڪري هئي. عذر جي ڪري پاڻ ڪريمن جن عبدالرحمان بن عوف ۽ الزبير بن العوام f کي خالص ريشم (حرير) جي قميص پائڻ جي موڪل ڏني هئي. ڇوته اهي بدن ۾ خارش هجڻ جي ڪري ٻيو ڪپڙو پائي برداشت ڪري نه سگهندا هئا. ۽ قاضي عياض ߋ هن ڳالهه تي علماء جو اجماع نقل ڪيو آهي ته ”ڀيڏين کان هيٺ ڪپڙو رکڻ مردن جي لاءِ منع آهي. عورتن جي لاءِ جائز آهي. سنن نسائي ۽ جامع ترمذي ۾ ۽ ان کي ترمذي صحيح چيو آهي، ام المؤمنين ام سلمه g کان روايت آهي ته ”ان جڏهن رسول الله جن کان ڀيڏين کان هيٺ ڪپڙو رکندڙ جي عذاب جو ذڪر ٻُڌو ته عرض ڪيائين ته ”عورتون پنهنجي چولن جون دامنون ڪيتريون رکن؟ پاڻ فرمايائون ته” (ڀيڏين کان) هڪ گرانٺ هيٺ رکن . ان عرض ڪيو ته يا رسول الله ! ان سان پير ڪونه ٿا ڍڪجن. پاڻ فرمايائون ته ”هڪ هٿ ڊگهو رکن ان کان وڌيڪ نه رکن.“ مقصد پردو رکڻ آهي. پر عورت به جيڪڏهن موزو پاتو آهي جنهن سان پير ڍڪجي وڃي ٿو ته چولي جي دامن اها به ڊگهي نه رکي. قاضي عِياض ߋ فرمايو ته” ڪپڙي ۾ هروڀرو ڊيگهه يا ويڪر ڪرڻ مڪروهه آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 175) ۽ هن حديث مان حضرت حبيب ڪريم جي تعليم سان گڏ تربيت جو رحمت ۽ رافت وارو طريقو به معلوم ٿيو جو پنهنجي پني مبارڪ يا صحابي d جي پنيءَ ۾ هٿ وجهي ان کي سمجهايائون ته هن حد تائين ڊگهو رکو. وڌيڪ رکڻ وارو حصو جهنم ۾ وڌو ويندو. حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ߋ فرمايو ته ”رسول الله   جن جي هڪ ديدار ڪرڻ سان مسلمان جي دل کي اهڙو تزڪيو ۽ صفائي ملي ٿي جو ڪنهن ٻئي کي اها چاليهه سالن جي رياضت کان پوءِ به حاصل نه ٿيندي.“ ان جي ڪري ان آقا جي اقتداء ڪرڻ نهايت اهم فرض آهي ان جي ڪري صحابن رضي الله عنهم کي پنهنجي اقتداء، اطاعت ۽ اتباع ڏانهن متوجهه ڪرڻ فرمائيندا هئا. مسلمان تي لازم آهي ته اهو سندن حڪم کي سندن حڪم سمجهي اطاعت ڪري. باقي ان جون حڪمتون ڳولي پوءِ اتباع ڪرڻ حڪمت جي اطاعت چئبي حڪم جي اطاعت نه چئي ويندي. ڪيترا اسلامي احڪام اهڙا آهن جو اسين انهن جي رازن ۽ حڪمتن کي سمجهي نه ٿا سگهون اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن انهن حڪمتن کي تابعداريءَ لاءِ مدار بنايو ويندو ته ڪيترن حڪمن جي اطاعت رهجي ويندي ۽ اهو ذهن غلط ۽ سراسر گمراهي آهي. دنياوي بادشاهن جي احڪام تي حڪمت معلوم ڪرڻ کان سواءِ عمل ڪيو ويندو آهي. ۽ عمل نه ڪندڙ کي سزا ملندي آهي الله ته احڪم الحاڪمين آهي ان جي حڪم تي عمل نه ڪندڙ ۽ حڪمتن جي تلاش ڪندڙ به سخت سزا جو مستحق ٿيندو.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الزينة باب 100 موضع الازار ج 8 ص 206، 207 {2} ابن ماجه في ڪتاب اللباس باب 7 موضع الازار اين هو؟ رقم الحديث 3572 {3} احمد في المسند ج 5 ص 382 {4} الطبراني في الصغير ج 1 ص 97 {5} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 5445  ج 12 ص 262 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3078 ج 12 ص 10، 11. {7} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 425 ص 57.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting