خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب نائون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي عَيْشِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

  انهن حديث جو بيان جيڪي رسول الله

جي گذران جي بيان ۾ آيون آهن

 

سمجهاڻي: هن باب جهڙو باب اڳيان به اچي پيو، پر ان باب ۾ سندن ان گذران جو بيان آهي جيڪو ٻين سان گڏ گذاريندا هئا. ۽ هن ۾ سندن انهيءَ گذران جو بيان آهي جيڪو گهر ۾ ازواجِ مطهرات (گهروارين) سان گڏ گذاريندا هئا. يا هتي صرف سندن تنگيءَ جو بيان آهي ۽ اڳتي تنگيءَ ۾ استعمال ڪيل شيءِ جو بيان آهي ان جي ڪري هتي صرف ٻه حديثون بيان ڪيون ويون ۽ اڳتي وڌيڪ آنديون ويون آهن. يا هن طرف اشارو آهي ته گذريل لباس واري باب ۾ پراڻن ڪپڙن ۽ سوڙهين ٻانهوڙين جو ذڪر آهي جيڪو عام معمول جي خلاف هو. هي ان وقت جي تنگي واري حال جي ڪري هو. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته الله سندن لاءِ اها ڪيفيت فقر، صبر، شڪر ۽ رضا جي اجر عطا ڪرڻ لاءِ اختيار فرمائي آهي. ڇوته حقيقي خوشي آخرت جي آهي ۽ اها ئي قرار جي جاءِ آهي ۽ جڏهن ته باب جي پهرين حديث بعض اصحابن جي وسيع گذران جي متعلق آهي. تان جو حضرت ابو هريره d کٿڙ جا ٻه ڪپڙا پاتا هئا. ته مناسب هو جو هن باب کي لباس کان پهريان ذڪر ڪيو وڃي. (جمع الوسائل ج 1 ص 124)

 

}71} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ زَيْدٍ ، عَنْ أَيُّوبَ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ سِيرِينَ قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي هُرَيْرَةَ ، وَعَلَيْهِ ثَوْبَانِ مُمَشَّقَانِ مِنْ كَتَّانٍ فَتَمَخَّطَ فِي أَحَدِهِمَا ، فَقَالَ : بَخٍ بَخٍ يَتَمَخَّطُ أَبُو هُرَيْرَةَ      فِي الْكَتَّانِ ، لَقَدْ رَأَيْتُنِي وَإِنِّي لَأَخِرُّ فِيمَا بَيْنَ مِنْبَرِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَحُجْرَةِ عَائِشَةَ مَغْشِيًّا عَلَيَّ فَيَجِيءُ الْجَائِي فَيَضَعُ رِجْلَهُ عَلَى عُنُقِي يَرَى أَنَّ بِي جُنُونًا ، وَمَا بِي جُنُونٌ ، وَمَا هُوَ إِلَّا الْجُوعُ.

با محاوره ترجمو : حضرت محمد بن سيرين تابعي ߋ چوي ٿو ته اسان حضرت ابو هريره d وٽ ويٺا هياسين. ان کي گلڪاري وارا سلڪ جا ڪپڙا پاتل هئا. اتي ابو هريره d هڪ ڪپڙي سان نڪ صاف ڪري چوڻ لڳو ته واهه واهه! اڄ ته ابو هريره ريشم سان نڪ صاف ٿو ڪري! اڳ ۾ پاڻ کي ڏٺو هوم ته رسول الله جي منبر ۽ حضرت بيبي عائشه g جي حجري مبارڪ جي وچ تي بيهوش ٿي ڪريو پيو هوندو هوس. پوءِ اتان ڪو گذرندڙ اچي منهنجي ڪنڌ تي پنهنجو پير رکندو هو. سمجهندو هو ته مون کي مرگهي آهي. هوڏانهن مون کي مرگهي ڪانه هئي، پر بُک جي ڪري بيحال هوندو هوس.

مفردات جو شرح: ”وَعَلَيۡهِ ثَوۡبَانِ (۽ ان تي ٻه ڪپڙا هئا) گوڏ چادر يا ڪپڙا، ”ممشقان“ (شين جي زبر۽ شد سان)مُمَشَّقُ ڳاڙهي مٽي سان رنگ ڪيل. ”کتان“ سِڻي. تمخط سنگهه ڪڍيائين. ”بَخٍ بَخٍ واهه واهه. خوشي ۽ ڪنهن شيءِ تي راضي ٿيڻ مهل اهي الفاظ چيا ويندا آهن ۽ هتي مراد عجب وٺڻ ۽ حيرت ۾ پوڻ آهي. لَقَدۡ هن لام کان اڳيان قسم مقدر آهي، اي الله جو قسم آهي. رَأَيْتُنِي مون پاڻ کي ڏٺو. ”وَاِنِّي هي رَاَيۡتُ جي مفعول کان حال آهي. لَاَخِرُّ واحد متڪلم جو صيغو خرور کان ورتل آهي، ڪران پيو. ”منبر“ (ميم جي زير سان) مٿي هجڻ جي ڪري منبر سڏيو ويو. عربي ۾ جيڪا شيءِ مٿي هوندي آهي ان جي لاءِ چوندا آهن. ”نَبَرَ“ ”اَلحجرة گهر ان جو جمع حجر ۽ حجرات ايندو آهي جيئن عرف ۽ عرفات“مَغْشِيًّا عَلَيَّ مون تي غشي طاري ٿيل هوندي هئي. الغشي کان ورتل بک، درد يا ڪنهن ٻي شيءِ جي ڪري قلب ضعيف ٿيندو آهي ۽ ان جي ضعيف ٿيڻ سان حساس قوتون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن. ان کي غشي سڏيو ويندو آهي. ” الجائي“ ايندڙ، ”جنونا“ چريائپ. اَلْجُوعُ بک.

سمجهاڻي: مٿي ذڪر ڪيل حديث ۾ حضرت ابو هريره d پنهنجي تڪليف ۽ رزق جي تنگي جي زماني جو ذڪر ڪيو آهي ۽ وري کيس ملڻ واري رزق جي ڪشادگي ۽ خوشحالي جو ذڪر به ڪيو اٿس ته مون تي بک جي شدت جي ڪري بيهوشي ۽ بي حسي جي اهڙي حالت طاري ٿيندي هئي جو سيدنا رسول الله جن جي منبر ۽ ام المؤمنين عائشه صديقه g جي حُجري جي وچ تي ڪري پوندو هوس. اتان اچڻ وارو سمجهندو هو ته هن کي بيماري ٿي آهي متان زمين تي مٿو هڻي مٿو ڦاڙهي وجهي اهو منهنجي ڪنڌ تي لت ڏئي مون کي جهليندو هو. ان کي ڪهڙي خبر ته منهنجو اهو حال بک جي ڪري ٿيو آهي. شمائل جي شارح هي مطلب بيان ڪيو آهي ته ”منبر ۽ حجره جو وچ اهڙي جاءِ آهي جتان حضور ڪريم جن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان جاءِ تي حضرت ابو هريره d بک جي ڪري بيهوش ٿي ڪري ۽ حضور ڪريم جن ان کي بک ۾ ڏسي ڪجهه نه ڪن. اهو سندن رافت ۽ رحمت جي تقاضا جي خلاف هو. پر جڏهن ته پاڻ به کاڌي کان خالي هئا ته ٻيا به ان حال ۾ رهندا هئا. ۽ اها سندن تنگدستي سندن اختيار سان هئي. پاڻ اهڙي حال کي پسند ڪيو هيائون ۽ فرمايائون ته ”اي منهنجا مولا! مون کي مسڪين ڪري زندهه رک ۽ مسڪين ڪري دنيا تان گهراءِ ته الله امت تي ڪشادگي ڪري. مطلب هو ته ”اوهان وٽ ڪشادگي هجي جواب مان ائين ئي سمجهه ۾ اچي ٿو. پاڻ فرمايائون ته ”مون لاءِ اهو حال بهتر آهي ڇالاءِ ته؟ هڪڙي ڏينهن کائي شڪر ڪندس ٻئي ڏينهن کاڌي کان سواءِ رهي ذڪر ڪندس. ڪسرى ۽ قيصر (ايران ۽ روم جا بادشاهه) کي رڳو دنيا ڏني وئي آهي. پر اسان جي لاءِ آخرت جون نعمتون رکيل آهن. (فضائل النبي ص 50، 51)

حضور سڀني جا سردار آهن: علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته الله پنهنجي حبيب جي لاءِ فقير، صابر، غني، شاڪر جو مقام على اتم الوجوه رکيو آهي. پاڻ فقيرن، صابرن، ۽ غنين شاڪرن جا سردار آهن ۽ اهو به فرمايو اٿس ته ”پوءِ کين مسڪيني تي صبر ڪرڻ جي ڪري اهو حاصل ٿيو جيڪو ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿيو. ۽ خوشحالي تي شڪر ڪرڻ جي ڪري جو مليو ٻئي ڪنهن کي نه مليو.“ ۽ هن حديث ۾ ان جي لاءِ دليل ناهي جيڪو مسڪينيءَ کي خوشحاليءَ کان ڀلو چوي ٿو. ڇوته هي رسول الله جن جو اختيار ڪيل رستو هو. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته حضرت ابو هريره d سان اهڙي ڪيفيت متعدد ڀيرا ٿي هئي. امام بخاري ߋ ابي حازم جي سند سان حضرت ابو هريره d کان آندو آهي ته ” مان حضرت عمر d سان مليس ۽ ان کان مون قرآن ڪريم جي هڪ آيت ٻڌڻ جي طلب ڪئي ان اها مون لاءِ بيان ڪئي مان ٿورو هليس ته بک ۽ تڪليف جي ڪري منهن ڀر وڃي ڪريس. ۽ ڏٺم ته رسول الله جن منهنجي مٿان بيٺل هئا ۽ حضرت ابو هريره d کان هي به روايت آهي ته ” مان جڏهن جعفر بن ابي طالب کان ڪجهه پڇندو هوس ته مون کي جواب نه ڏيندو هو پنهنجي گهر وٺي ايندو هو ۽ پنهنجي گهرواري اسماء کي سڏي فرمائيندو هو اي اسماء ! اسان کي کاڌو کاراءِ“ پوءِ جڏهن اها اسان کي کاڌو کارائيندي هئي ته پوءِ منهنجي سوال جو جواب ڏيندو هو. ۽ حضرت جعفر d مسڪينن سان محبت رکندو هو انهن وٽ ويهندو هو. انهن سان ڳالهيون ڪندو هو. ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌندو هو. ۽ حضور ڪريم جن ان کي ” مسڪينن جو پيءُ“ سڏيندا هئا.

حضرت ابو هريره d کي ڍؤ ڪرائڻ: ابن حبان حضرت ابو هريره d کان روايت آندي آهي ته منهنجا ٽي ڏينهن اهڙا گذريا جو ڪجهه چکيم به ڪونه. پوءِ اصحاب صفھ جي ٿلهي ڏانهن آيس ته ڪِري پيس ۽ ڇوڪرا چوڻ لڳا ته ابو هريره چريو ٿي پيو آهي، مان صفھ وٽ پهتس، ڏٺم ته رسول الله جن ثريد (گوشت ۽ ماني ملايل کاڌو) جو ٿانءُ کڻي آيا ۽ صفھ وارن کي سڏي کائڻ لاءِ ڏنائون. ۽ اهي کائڻ ۾ شروع ٿي ويا. مان وري ڪنڌ ڊگهو ڪري نهاريان پيو ته متان مون کي به سڏ ڪن. اهي کائي اٿي ويا ۽ ان ٿانوَ ۾ ٿوري ذري کان سواءِ جيڪو ان جي پاسي ۾ هو. ڪجهه به نه بچيو. نبي پاڪ جن اهو گڏ ڪيو ته هڪ لقمو بڻيو. اهو پنهنجي هٿ مبارڪ جي آڱرين تي رکيائون ۽ فرمايائون ته ”بسم الله پڙهي کاءُ“مون کي ان ذات جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته مان کائيندو رهيس تان جو ڍؤ ڪيم.“ هن روايت جو هن باب ۾ آڻڻ جو سبب هي آهي ته حضور ڪريم جن به ان مسڪين حال ۾ هيا. ڇوته جيڪڏهن پاڻ ظاهري خوشحاليءَ ۾ هجن ها ته اصحاب صفه ان حال ۾ نه رهن ها. جو اهي سندن مهمان هئا. (جمع الوسائل ج 1 ص 125)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الاعتصام باب 16 ما ذڪر النبي و حض علي اتفاق اهل العلم رقم الحديث 7324 ج 13 ص 303 {2} البيهقي في الشعب ج 7 ص 319 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4083 ج 14 ص 228.

 

}72} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا جَعْفَرُ بْنُ سُلَيْمَانَ الضُّبَعِيُّ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ دِينَارٍ قَالَ : مَا شَبِعَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ خُبْزٍ قَطُّ وَلاَ لَحْمٍ ، إِلَّا عَلَى ضَفَفٍ.قَالَ مَالِكٌ : سَأَلْتُ رَجُلاً مِنْ أَهْلِ الْبَادِيَةِ : مَا الضَّفَفُ؟  قَالَ : أَنْ يَتَنَاوَلَ مَعَ النَّاسِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت مالڪ بن دينار d کان روايت آهي ته ”رسول الله جن ڪڏهن به ماني ۽ گوشت پيٽ ڀري نه کاڌو، مگر مهمانن سان گڏ. “

مفردات جو شرح: مَا شَبِعَ نه ڍؤ ڪيائين. ”خُبۡزُ هن ۾ تنوين تنڪير جي آهي ان جي ڪري جَوَن ۽ ڪڻڪ جي مانين ٻنهي کي شامل آهي. قَطّ“ (قاف جي زبر ۽ طا جي شد سان) ۽ هتي ان جي معنى آهي ڪنهن به وقت، ڪڏهن به.ضَفَفِ مهمانن سان، ماڻهن سان گڏجي کائڻ دوران. حضرت مالڪ d چوي ٿو ته مون هڪ ٻهراڙيءَ جي ماڻهو کان پڇيو ته”ضفف“ جي معنى ڇا آهي؟ ان چيو ته ماڻهن(يعني مهمانن) سان گڏجي کائڻ.

سمجهاڻي: هن حديث جو مطلب هي آهي ته رسول الله جن جيڪڏهن اڪيلو کائيندا هئا ته ڪڏهن به ماني ۽ گوشت ڍؤ ڪري نه کاڌو هيائون، پر جيڪڏهن ٻين سان پوءِ اهي مهمان هجن يا سندن خاندان جا فرد هجن گڏ کائيندا  هئا ته ڍؤ ڪري کائيندا هئا. پر ان جي مراد به آهي ته پنهنجي پيٽ مبارڪ جا ٻه حصا ڀري کائيندا هئا. هڪ حصو خالي رکندا هئا سڄو پاڪ پيٽ ڀري نه کائيندا هئا. پر مهمانن کان سواءِ جيڪڏهن کاڌو هوندو هو ته اهو صفه وارن اصحابن عليهم الرضوان کي کارائيندا هئا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في الزهد حديث رقم 44 ص 23.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting