خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٻارهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي ذِكْرِ خَاتَمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ انهن حديثن جو ذڪر آهي

جيڪي رسول الله جي مُنڊيءَ جي باري ۾ آهن

 

سمجهاڻي: هن جي شرح ۾ علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن باب ۾ ”ذڪر“ لفظ آندو ويو آهي. باقي بابن ۾ اهو لفظ نه آندو ويو آهي تان ته ”خاتم النبوة“ ۽  خاتم النبي ۾ امتياز رهي، ۽ ڪتاب جو پڙهندڙ ڄاڻي ته جنهن ۾ ”ذڪر“ لفظ آيل آهي، اها نبي ڪريم جي اها مُنڊي آهي جنهن سان مُهر هڻندا هئا ۽ جتي ”ذڪر“ لفظ آيل نه آهي اتي نبوت واري مُهر مراد آهي جيڪا سندن مٿان لڳل هئي. ابن عربي ߋ فرمايو ته ”مُهر امتن ۾ جاري رهندڙ عادت آهي ۽ اسلام ۾ قائم رهندڙ سنت آهي ۽ ابن جماعة ߋ وغيره فرمايو ته ”ماڻهو اڳئين دور وارا  ۽ پوئين دور وارا ڪنهن انڪار ڪرڻ کان سواءِ مهرواريون منڊيون رکندا هئا. ۽ مُنڊي پائڻ سان سنت ادا ٿي ويندي ڀلي اوڌاري هجي يا ڪرايي تي ورتل هجي ۽ اتباع جي لاءِ وڌيڪ موافق آهي ته مُنڊي پنهنجي ملڪيت ۾ هجي. علامه الزين العراقي فرمايو ته ”نبي پاڪ جن جي مُنڊي مبارڪ جي صفت نقل ڪيل ناهي ته ڪيئن هئي ، چؤڪنڊياري هئي يا ٽڪنڊي هئي يا گول هئي ۽ ماڻهن جو به ان ۾ عمل مختلف هو. ۽ ”خاتم“ ان کي چئبو آهي جنهن ۾ گول ڪڙي سان گڏ ٻُڙو يا ٽِڪ به هجي. جيڪڏهن ان ۾ ٽڪ يا ٻُڙو نه هوندو ته ان کي ڇلو سڏيو ويندو آهي.  هن باب ۾ اَٺ حديثون آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 197)

 

}87}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ وَهْبٍ ، عَنْ يُونُسَ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ خَاتَمُ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ وَرِقٍ ، وَكَانَ فَصُّهُ حَبَشِيًّا.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن جي مُنڊي مبارڪ چانديءَ جي ٺهيل هئي ۽ مُنڊيءَ جي ٽڪ حبش ملڪ جي هئي.

مفردات جو شرح: ”خَاتَمُ النَّبِيِّ (نبي جي مُنڊي)وَرِقٍ (را جي زير سان) چاندي فَصُّ ٻڙو جنهن ۾ ان جي پائيندڙ يا غير جو نالو لکيو ويندو آهي. حضرت امام قسطلاني ߋ فرمايو ته فص فا جي زبر سان آهي پر عام ماڻهو ان کي فا جي زير سان پڙهندا آهن. حَبَشِيًّا حبش ڏانهن نسبت آهي ڇوته ان جي کاڻ اتي هئي.

سمجهاڻي: نبي ڪريم، رؤف رحيم جـــن جي مُنڊي چانديءَ جي هئي. مرد جي لاءِ سون، لوهه، پتل وغيره زيورن جي قسم جون شيون استعمال ڪرڻ منع آهي ها مُهر جي لاءِ چانديءَ جي مُنڊي جنهن جي تور ساڍن چئن ماسن کان گهٽ هجي ان شخص جي لاءِ جائز آهي جنهن کي مهر جي ضرورت آهي ۽ ضرورت کان سواءِ ان وزن واري مُنڊي پائڻ مڪروهِ تنزيهي آهي يعني ان جي پائڻ کان بچي ۽ حنفي علماء جو منڊيءَ جي لاءِ قول آهي ته ان مُنڊيءَ جي هيئت عورتن جي مُنڊي وانگر نه هجي جيئن هڪ ٻڙي کان ان ۾ وڌيڪ ٻڙا نه هجن جو اهو عورتن جي زينت آهي. ارشاد آهي ته اها مُنڊي حبش جي هئي. مطلب ته حبشي رنگ جي هئي يا حبش ملڪ کان آيل هئي. يا مراد آهي ته اها مُنڊي ٺاهيندڙ حبشي هو. (انوارِ غوثيھ ص 129) حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته عقيق جي مُنڊي پائڻ متعلق جيڪي روايت ڪيو ويو ته مسڪيني دور ٿو ڪري ۽ بلاشڪ اهو برڪت وارو آهي ۽ اها مُنڊي پائڻ وارو خير ۽ برڪت سان هوندو. اهي روايتون حديث جي حافظن وٽ غير ثابت آهن. ۽ ضعيف حديث ۾ آيو آهي ته ”ڦڪي رنگ جي ياقوت واري مُنڊي پائڻ وبا جي مرض کي دفع ڪري ٿي. ۽ علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته جنهن مُنڊيءَ جو ٻڙو زمرد جو سائي رنگ ڏانهن مائل هوندو آهي اها نظرِبد کي دفع ڪري ٿي ۽ اکين کي روشن ڪري ٿي. الزين العراقي ߋ فرمايو ته مستحب آهي ته جنهن شيءِ مان منڊي ٺهيل هجي ان جو اکرن لکڻ وارو حصو به ان مان هجي ٻئي ڪنهن مان نه هجي ۽ ٻيءَ شيءِ مان هجڻ جي ڪراهت لاءِ غريب سندَ واري حديث آيل آهي جيئن علي بن زيد حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ان مُنڊي پائڻ کي پسند نه فرمايو جنهن ۾ ٻُڙو ڪنهن ٻي شيءِ جو هجي.“ (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 137، 138) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”مصطفى ڪريم جن جو مُنڊي لاءِ چاندي کي اختيار ڪرڻ مان بعض شافعي علماء دليل ورتو آهي ته ”لوح يا ٽامي يا ڪُٽ وغيره مان ٺهيل مُنڊي وغيره پائڻ مڪروه آهي. علامه نووي ߋ جو قول آهي ته چانديءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن شيءِ لوهه وغيره مان مُنڊي ٺهرائڻ مڪروه ناهي. جيئن بخاري ۽ مسلم جي روايت آهي ته نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”مُنڊي طلب ڪر ڀلي لوهه جي ڇونه هجي.“ ۽ جيڪڏهن اها  مڪروهه هجي ها ته پاڻ اجازت نه ڏين ها ۽ ابو داؤد جي روايت آهي ته ”رسول الله جن جي مُنڊي لوهه جي هئي جنهن تي چاندي ويڙهيل هو.“ علامه نووي ߋ فرمايو ته لوهه وغيره جي مُنڊي کان منع واري روايت ضعيف آهي ۽ حديث مان دليل ملي ٿو ته منڊي مهر واري ٺهرائڻ سنت آهي ڀلي مهر هڻڻ جي ضرورت نه به هجي ۽ حديث ۾ ان جي تور جي وزن جو ذڪر نه هجڻ ان جي تور جي وزن کي مثقال وغيره جي وزن سان خاص ڪرڻ کان منع ٿو ڪري. حضرت علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”پر مثقال جي وزن کان هڪ حسن حديث ۾ منع آيل آهي جنهن کي مسلم شريف جي شرح ۾ علامه نووي ߋ ضعيف لکيو آهي پر ابنِ حبان ߋ وغيره ان جي تصحيح ڪئي آهي ۽ بعض علماء ان کي ورتو آهي ۽ مرد هڪ کان وڌيڪ مُنڊيون پائي سگهي ٿو پر ٻن کان گهڻيون پائڻ مڪروهه آهن.

نبي پاڪ جن جون منڊيون ڪيتريون هيون: ان ۾ علماء جو اختلاف آهي بيهقي جو قول آهي ته ٻه هيون. هڪ جو ٻڙو حبشي هو ۽ ٻيء جو ٻُڙو جدا نه هو، جنهن مان مُنڊي هئي ان مان ئي اهڙو حصو ٺهيل هو جنهن تي سندن اسم گرامي نقش ٿيل هو. حضرت علامه ابن سيد الناس ߋ جو پڪو قول آهي ته سيد المرسلين جن سن 7 هجري ۾ مهر واري مُنڊي ٺهرائي هئي. ۽ ٻين بزرگن فرمايو ته سن 6 هه ۾ ٺهرائي هيائون ۽ ان ۾ تطبيق هن طرح آهي پاڻ اهو ارادو ان وقت فرمايو هيائون. جڏهن بادشاهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ خط موڪلڻ جو پروگرام ڪيو هيائون. ۽ اهو ذوالقعده مهيني سن 6 هه ۾ ڪري المحرم الحرام مهيني ۾ خط موڪليائون  ۽ علامه ابن العربي ߋ فرمايو ته ان کان اڳي جيڪو خط موڪليندا هئا ان تي پنهنجي ننهن مبارڪ سان مُهر جو نشان لڳائيندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 198، 199) ۽ شمائل جي بعض شارحن لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جي مُنڊي مبارڪ چانديءَ مان ٺهيل هئي جنهن جي ٽِڪَ لاءِ عقيق جو پٿر حبش مُلڪ مان گهرايل هو ان تي ”مُحَمَّدُٗ رَسُوۡلُ اللهِ جو نقش اڪريل هو سندن اها مُنڊي گهڻو ڪري ”معيقيب“ نالي ٻانهي جي سنڀال هيٺ رهندي هئي. پاڻ ڪريم گهڻو ڪري اها نه پائيندا هئا. هڪ ڀيري نماز پڙهندي کين اها منڊي هٿ مبارڪ ۾ پاتل هئي ته پاڻ هٿ مان ڪڍي ڇڏيائون ۽ فرمايائون ته ”نماز ۾ ان ڏانهن توجهه ٿي ويو.“ ساڳي طرح ”منقش“ چٽ ڪمري ڪپڙي جي لاءِ پڻ ائين فرمايو اٿن. سبحان الله دنيا ۽ ان جي اسباب کان ڪيتري پرهيز ڪندا هئا. (فضائل النبي شرح الشمائل ص 55) الغرض ته چانديءَ جي منڊي جمهور وٽ جائز آهي. پر لوهه ، پتل وغيره جي مُنڊي حنفيه حضرات وٽ ناجائز آهي حضور ڪريم جن ابتداء ۾ مُنڊي نه ٺهرائي هئي مگر جڏهن کين عرض ڪيو ويوته عجمي بادشاهه مُهر کان سواءِ خطن کي توجهه جي قابل نه ٿا سمجهن ۽ سندن پروگرام انهن ڏانهن اسلام قبول ڪرڻ جي لاءِ خطن موڪلڻ جو هو، تڏهن منڊي ٺهرايئون.

مُنڊي پائڻ جو حڪم: ان ۾ علماء جو اختلاف رهيو آهي. بعض علماء ان کي مطلق سنت چيو آهي ۽ بعض علماء غير بادشاهه ۽ غير قاضي  لاءِ مڪروهه چيو آهي. حنفي علماء (کثرالله تعالي جمعهم و شکرسعيهم) جي تحقيق شامي جي قول موافق هيءَ آهي ته بادشاهه، قاضي، متولي وغيره غرض ته جن کي مُهر جي ضرورت پوي ٿي انهن جي لاءِ ته سنت آهي ۽ انهن کان سواءِ ٻين لاءِ جائز آهي پر ڇڏڻ افضل آهي ۽ ان جو سبب ظاهر آهي ته حضور ڪريم جن به بادشاهن ڏانهن خطن موڪلڻ وقت ضرورت سمجهي پوءِ مُنڊي ٺهرائي هيائون. جيئن اڳتي روايت ۾ اچي رهيو آهي ۽ ابو داؤد شريف وغيره ۾ نبي ڪريم جن کان بادشاهه کان سواءِ ٻئي کي مُنڊي پائڻ کان ممانعت آئي آهي مگر جڏهن حضور نبي ڪريم جن جي اڳيان اڪثر صحابه ڪرام عليهم الرضوان کان مُنڊيون پائڻ ثابت آهن ۽ ٻين حديثن ۾ حضور ڪريم جن کان اجازت به آهي ته ان جي ڪري ان ممانعت کي خلافِ اولى هجڻ تي حمل ڪيو ويو آهي. (خصائل نبوي شرح شمائل ترمذي ص 66، 67)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في ڪتاب اللباس باب 47 رقم الحديث 5868 ج 10 ص 318 نحوه {2} ابو داؤد في ڪتاب الخاتم باب 1 ماجاء في اتخاذ الخاتم رقم الحديث 4216 ج 4 ص  88 {3} مسلم في ڪتاب اللباس باب 15 في خاتم الورق فصہھ حبشي. رقم الحديث 2094 ج 3 ص 1658 {4} النسائي في ڪتاب الزينة باب 45 صفة خاتم النبي ج 8 ص 172، 173 {5} ابنِ ماجہھ في ڪتاب الزينة باب 39 نقش الخاتم رقم الحديث 3641 و فيھ زيادة و نقشھ ”محمد رسول الله“ {6} احمد في المسند ج 3 ص 209، 225 {7} البيهقي في سننہھ ج 4 ص 142.

 

}88}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَوَانَةَ ، عَنْ أَبِي بِشْرٍ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ اتَّخَذَ خَاتَمًا مِنْ فِضَّةٍ ، فَكَانَ يَخْتِمُ بِهِ وَلاَ يَلْبَسُهُ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : أَبُو بِشْرٍ اسْمُهُ جَعْفَرُ بْنُ أَبِي وَحْشِيَّةَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عمر f کان روايت آهي ته رسول الله جن چانديءَ جي منڊي ٺهرائي، ان منڊيءَ سان مهر هڻندا هئا ۽ هٿ مبارڪ ۾ نه پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”اتَّخَذَ اي امر بصياغتھ اووجده مصوغا فاتخذه. يعني ان ٺهرائڻ جو امر ڪيائون يا ٺهيل ڏٺائون پوءِ ورتائون . ”كَانَ يَخْتِمُ بِهٖ ماضي استمراري جو صيغو آهي ان سان مُهر هڻندا هئا.وَلاَ يَلْبَسُهُ اظهر قول مطابق هي حال آهي يعني مُهر هڻڻ وقت نه پائيندا هئا.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ بيان ٿيو آهي ته رسول الله جن مُهر واري مُنڊيءَ سان مُهر هڻندا هئا. هٿ مباڪ ۾ پائيندا نه هئا. هن روايت ۽ پائڻ تي دلالت ڪندڙ روايتن ۾ تطبيق جو ذڪر ڪندي حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”منڊي مهر هڻڻ وقت نه پائيندا هئا ۽ ان مهل نه پائڻ ۾ شايد اهو راز هو ته رياءُ، ڏيکاءُ کان بچندي تواضع جو اظهار ٿئي. ڇوته مُهر هڻڻ مهل به ان جو پاتل هجڻ تڪبر ۽ غرور جو باعث ٿي سگهي ٿو. ۽ هي به ٿي سگهي ٿو ته ”پاڻ هميشه نه پائيندا هئا ضرورت وقت استعمال ڪندا هئا. جيئن بعض حديثن ۾ اهو صراحت سان آيل آهي ۽ اهو به احتمال آهي ته هن عبارت مان مراد اهو بيان ڪرڻ آهي ته اها مهر هڻڻ جي لاءِ ٺهرائي وئي هئي پائڻ جي لاءِ نه . جيئن ان جي ٺهرائڻ جي سبب ۾ ٻڌايو ويو آهي ۽ پاڻ اها مُنڊي بيت الخلاء ڏانهن وڃڻ وقت لاهي رکندا هئا. سيد امير شاهه قادري گيلاني ”شمائل“ جي شارح  لکيو آهي ته : ”حضور ڪريم جي ذات گرامي امت جي لاءِ مڪمل نمونو آهن. مردن جي لاءِ مُنڊيون يا ان قسم جي ڪاٻي شيءِ سون ۽ چانديءَ جي پائڻ تڪبر ، رياء، رعونت ۽ فخر جو سبب آهن تنهن ڪري ان سبب کان بچڻ جي لاءِ انهن جي استعمال ڪرڻ کان منع فرمايائون. شرح وقاية باب الکراهة ۾ آهي ته ”مردن کي سون ۽ چانديءَ جو زيور پائڻ حرام آهي.“ ابو داؤد ۾ آهي ته حضرت علي المرتضى d جن ارشاد فرمايو ته ”نبي ڪريم جن ساڄي هٿ ۾ سون ۽ کاٻي هٿ ۾ ريشم کڻي فرمايو ته ”منهنجي امت جي مردن تي هي ٻئي حرام آهن.“ علامه محمد يوسف بن اسماعيل النبهاني المتوفي سن 1350 هه لکيو آهي ته ”حضور ڪريم جن وٽ هڪ شخص آيو ۽ ان جي هٿ ۾ ٽامي جي ٺهيل مُنڊي پاتل هئي ته پاڻ ان کي فرمايائون ”ڇا ٿيو آهي جو مون کي تو مان بُتن جي بوءِ اچي رهي آهي.“ (مشرڪ ٽامي مان بُت ٺاهيندا هئا) پوءِ ان اها اڇلائي ڇڏي اهو وري ٻيو ڀيرو آيو ته ان جي هٿ  ۾ لوهه جي مُنڊي هئي. پاڻ ڏسي فرمايائون ته ”ڇا ٿيو آهي جو مان تو تي جهنم وارن جو لباس ڏسي رهيو آهيان ؟“ پوءِ ان اها به اڇلائي ڇڏي ۽ عرض ڪيائين ته يا رسول الله ! ڇا مان مُنڊي ٺهرايان؟ پاڻ ڪريمن فرمايو ته ”چانديءَ مان ۽ اها مثقال جي وزن تي نه هجي.“ ان کان گهٽ هجي . (وسائل الوصول الي شمائل الرسول ص 127، انوارِ غوثيھ ص 130) مثقال اسلامي دينار جو وزن هو. (وسائل الوصول الي شمائل الرسول ص 127، انوارِ غوثيھ ص 130)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} النسائي في ڪتاب الزينة باب 79 طرح الخاتم وترڪ لبسه ج 8 ص 195 {2} احمد في المسند ج 2 ص 68 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 114 {4} الطحاوي في شرح المعاني ج 4 ص 262 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3135 ج 12 ص 63 ، 92.

}89} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا حَفْصُ بْنُ عُمَرَ بْنِ عُبَيْدٍ هُوَ الطَّنَافِسِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا زُهَيْرٌ أَبُو خَيْثَمَةَ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ خَاتَمُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ فِضَّةٍ فَصُّهُ مِنْهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن جي مُنڊي (مبارڪ) ۽ ان جي ٽِڪ ٻئي چانديءَ جون هيون.

مفردات جو شرح: ”فِصَّھٍ ان جي ٽڪ. ”منہھ“ هيءَ من تبعيض جي آهي ۽ ”ه“ ضمير ” الخاتم“ ڏانهن وري ٿو.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ آيو ته ”ان جي ٽڪ به ان مان هئي. مقصد ته ان جي ٽڪ ان کان جدا پٿر جي نه هئي. ۽ ابو داؤد ۾ زهير جي هن سندَ سان آيو آهي ته مِن فِضَّةِِ کلہ پوري جي پوري مُنڊي چانديءَ جي ٺهيل هئي. علماء اعلام جو اهو به قول آهي ته رسول الله جون ٻه مُنڊيون هيون ، هڪ حبشي ٽِڪ واري جنهن تي سندن اسم مبارڪ چٽيل ۽ لکيل هو ان کان مُهر جو ڪم وٺندا هئا. ٻي خالص چانديءَ جي هئي پاڻ اها به ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪندا هئا. جنهن مُنڊيءَ ۾ حبشي ٽڪ هئي ۽ ان تي محبوب ڪريم جن جو اسم مبارڪ لکيل هو. ابو داؤد ۽ نسائي معيقيب جي روايت آندي آهي ته ان جي حفاظت اهو ڪندو هو، ۽ ان جو شاهد  ابن سعد ٻه مرسل روايتون آنديون آهن. هڪ مڪحول کان ٻي ابراهيم نخعي کان ۽ ٽين روايت سندَ سان خالد بن سعيد جي ڀاءَ عمرو بن سعيد کان آندي اٿس ان جا الفاظ هي آهن ته عمرو بن سعيد بن العاص جڏهن حبش کان آيو ۽ حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته ان جي هٿ ۾ اها مُنڊي هئي، پاڻ ڏسي ان کان پڇيائون ته اي عمرو! هيءَ مُنڊي ڪهڙي آهي؟ جيڪا تنهنجي هٿ ۾ آهي؟“ عرض ڪيائين ته هي مُنڊي آهي. پاڻ فرمايائون ته ” ان تي لکيل ڇا آهي؟“ عرض ڪيائين مُحَمَّدُ رَّسُوۡلُ اللهِ پوءِ پاڻ اها ان کان ورتائون ۽ اها سندن هٿ ۾ رهي تان جو دنيا تان (ظاهري) رحلت فرمايائون. پوءِ اها (حضرت) ابو بڪر d جي هٿ ۾ رهي. تان جو ان وفات ڪئي پوءِ اها حضرت عمر d جي هٿ ۾ رهي تان جو اهو شهيد ڪيو ويو پوءِ اها حضرت عثمان d جي هٿ ۾ رهي پوءِ ان جڏهن مدينه منوره وارن جي لاءِ اريس کوهه ٿي کوٽايو ۽ پاڻ ان جي ڪناري تي ويٺو هو (اها مُنڊي مبارڪ ڪڏهن لاهيندو هو ڪڏهن پائيندو ان جي ڪري ڪشادي ٿي وئي هئي) ته اها سندس هٿ مبارڪ مان ان ۾ ڪري پئي.گهڻي ڳولا ڪيائون پر نه لڌي. احتمال آهي ته اها ئي ٽڪ واري حبشي مُنڊي هئي جنهن تي مُحَمَّدُ رَسُوۡلُ اللهِ لکيل هو ۽ اها ئي لوهه مان ٺهيل مُنڊي هئي جنهن جي مٿان چاندي ويڙهيل هو ۽ ان سان ئي حضور ڪريم جن مُهر هڻندا هئا ۽ پر جيڪا چانديءَ مان ٺهيل هئي ۽ ان جي ٽڪ به ان مان هئي ان جي ٺاهڻ جو پاڻ حڪم فرمايو هيائون. جيئن دار قطني الافراد ۾ يعلى بن مره کان روايت آندي آهي ته ”مون رسول الله جي لاءِ مُنڊي ٺاهي هئي ان ۾ مون سان ٻيو ڪوبه شريڪ نه هو، ان ۾ محمد رسول الله“ لکيو هوم. ۽ اها خالد يا عمرو کان مُنڊي وٺڻ کان پهريان ٺهي هئي. (جمع الوسائل ج 1 ص 140) ۽ هڪ روايت ۾ آيو آهي ته ”رسول الله جن پنهنجي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پاتي ۽ پاڻ نماز  ٿي پڙهيائون ته قعده (التحيات پڙهڻ وقت) ۾ سندن نظر ان تي پئي ان وقت سندن هٿ مبارڪ سندن ران مبارڪ تي رکيل هئا. (نماز پوري ڪري) پوءِ اها لاهي ڇڏيائون وري نه پاتائون“ (انوارِ غوثيه ص 131) ۽ هڪ مُنڊي حضور ڪريم جن پاڻ ٺهرائي هئي پوءِ اها هڪ خادم کي عنايت ڪئي هيائون. (خصائل نبوي ص 68)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  ابو داؤد في ڪتاب الخاتم باب 1 ماجاء في اتخاذ الخاتم رقم الحديث 4217 ج 4 ص 88 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 45 صفة خاتم النبي ج 8 ص 174 {3} احمد في المسند ج 3 ص 266 {4} الطحاوي في شرح المعاني ج 4 ص 262 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 114 {6} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 472 {7} البغوي في الشمائل رقم الحديث 805 ج 2 ص 541 {8} و في شرح السنة رقم الحديث 3139 ج 12 ص 65.

 

}90}  حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاذُ بْنُ هِشَامٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : لَمَّا أَرَادَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنْ يَكْتُبَ إِلَى الْعَجَمِ قِيلَ لَهُ : إِنَّ الْعَجَمَ لاَ يَقْبَلُونَ إِلَّا كِتَابًا عَلَيْهِ خَاتَمٌ ، فَاصْطَنَعَ خَاتَمًا فَكَأَنِّي أَنْظُرُ إِلَى بَيَاضِهِ فِي كَفِّهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته جڏهن نبي پاڪ جن عجمي بادشاهن ڏانهن خطن لکڻ جو ارادو فرمايو ته ماڻهن کين عرض ڪيو ته عجم وارا بادشاهه مُهر کان سواءِ ڪو خط قبول نه ڪندا آهن. تنهن تي پاڻ سڳورن مُنڊي ٺهرائي. (راوي چوي ٿو) ڄڻ ته آءُ ان مُنڊيءَ (مبارڪ) جي چمڪ ۽ اڇاڻ جي جهلڪ سندن هٿ مبارڪ ۾ هينئر به ڏسي رهيو آهيان.

مفردات جو شرح: ”أَرَادَ ارادو فرمايائون. أَنْ يَكْتُبَ خط لکن. اَلْعَجَمِ مان مراد انهن جا بادشاهه ۽ وڏا اڳواڻ آهن. كِتَابًا خط .”عَلَيْهِ خَاتَمٌ جنهن تي مُهر لڳل آهي خاتم (تا جي زبر ۽ زير ٻنهي سان آيل آهي) فَاصْطَنَعَ پوءِ ٺهرايائون.

سمجهاڻي: جڏهن حضور ڪريم جن حديبه کان واپس ٿيا ۽ عجم جي بادشاهن ۽ رئيسن ڏانهن اسلام جي دعوت جا خط لکرائڻ جو ارادو فرمايائون ته کين عرض ڪيو ويو ته اهي مُهر کان سواءِ خط کي اهميت نه ٿا ڏين ۽ سندن مُهر واري مُنڊي تيار ڪرائي وئي. صحابي d فرمايو ته ان مُنڊي پائڻ جي ڪيفيت مون کي ايتري ذهن نشين آهي جو مان ڄڻ سندن هٿ مبارڪ جي تري واري چمڪ هينئر به ڏسي رهيو آهيان. هي صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي محبت ۽ پنهنجي آقا سان پيار جو ثبوت آهي جو هر وقت سندن هر انداز ذهن ۾ رکندا هئا ۽ هن حديث مان خطن جي ذريعي پيغام موڪلڻ جو ثبوت ۽ جواز ملي ٿو. ۽ الله پنهنجي ٻانهن ۾ اهو طريقو جاري رکيو آهي ۽ ان مان پهريون فائدو  وٺندڙ حضرت سليمان (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) هو جو بلقيس ڏانهن هد هد جي ذريعي خط موڪليو هيائين. ۽ هن حديث مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته (جائز حد ۽ وسعت اندر) ماڻهن سان اهڙو رويو هلجي جيڪو اهي پسند ڪن ۽ اهڙو نه رکجي جنهن مان اهي نفرت ڪن. (المواهب شرح الشمائل ص 201)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  مسلم في ڪتاب اللباس باب 13 في اتخاذ النبي خاتما رقم الحديث 2092 حديث الڪتاب 57 ج 3 ص 1657 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3132 ج 12 ص 60، 61. {3} البخاري في ڪتاب العلم باب ما يذڪر في المناولة رقم الحديث 65 ج 1 ص 155. {4} النسائي في ڪتاب الزينة باب 45 صفة خاتم النبي ج 8 ص 174 {5} احمد في المسند ج 3 ص 169 {6} الطحاوي في شرح المعاني ج 4 ص 264 {7} ابو داؤد في ڪتاب الخاتم باب 1 ماجاء في اتخاذ الخاتم رقم الحديث 4214، 4215. ج 4 ص 88

}91} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَحْيٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ الأَنْصَارِيِّ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ ثُمَامَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ نَقْشُ خَاتَمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مُحَمَّدٌ سَطْرٌ ، وَرَسُولٌ سَطْرٌ ، وَاللَّهِ سَطْرٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جي مُنڊي مبارڪ جو نقش ٽن سٽن ۾ هو. هڪ سٽ ۾ محمد، ٻي سٽ ۾ رسول ۽ ٽين سِٽ ۾ الله لکيل هو. يعنيمُحَمَّدُٗ رَّسُوۡلُ اللهِ .“

مفردات جو شرح: ”كَانَ هو . هن لفظ جي خبر محذوف آهي. اي ثلاثة اسطر. ٽي سٽون. ”نَقْشُ چٽ. ٺپو هڻن کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ اکر. سَطْرٌ هڪ سِٽ. تنوين کان سواءِ . علي سبيل الحکاية . تنوين به جائز آهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ حضور ڪريم جن جي مُهر مبارڪ واري مُنڊي جي مٿان نقش ٿيلمُحَمَّدُٗ رَسُوۡلُ اللهِ جو نمونو بيان ڪيل آهي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته مُنڊين تي لکت جو مقصد يا ٺپو هڻڻ آهي يا غير. جيڪڏهن ان ٺپو هڻڻ کان سواءِ صرف سونهن پيدا ڪرڻ جو غرض آهي ته به جائز آهي بشرطيڪه ان کي ناجائز بنائيندڙ ڪا شيءِ شامل نه ڪئي وڃي جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي تصوير وغيره ۽ جيڪڏهن لکت آهي پوءِ ڪڏهن اهڙا حڪمت ڀريا الفاظ لکيا ويندا آهن جن سان موت ياد اچي ۽ الله جو خوف پيدا ٿئي. جيئن روايت ۾ آهي ته ”حضرت عمر d جي مُهر جو نقش کَفَيٰ بِالَمواتِ وَاعِظًا هو ۽ ڪڏهن مُنڊيءَ جي صاحب جو نالو لکيو ويندو آهي جيئن هن حديث ۾ آيو آهي ۽ حضرت علي d جي مُهر واري مُنڊيءَ تي لکيل هو لِلّٰهِ الۡمُلۡکُ ۽ حضرت حذيفه ۽ ابن الجراح f جي منڊين تي لکيل هواَلۡحَمۡدُلِلّٰه ۽ حضرت امام محمد باقر d جي مُنڊيءَ تي لکيل هو. اَلۡعِزَّةُ لِلّٰه ۽ ابراهيم النخعي ߋ جي مُنڊيءَ تي لکيل هو. اَلثِّقَّةُ بِالله ۽ مسروق ߋ جي مُنڊيءَ تي لکيل هو”بِسۡمِ اللهِ“ ۽ حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”حضرت آدم عليه السلام مُنڊي ٺهرائي هئي ۽ ان ۾ لکيو هيائينلآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ مُحَمَّدُ رَسُوۡلُ اللهِ ۽ نوادر الاصول ۾ آهي ته موسى عليه السلام جي مُنڊيءَ جو نقشلِکُلِّ اَجَلِ کِتَابُ هو ۽ معجم طبرانيءَ ۾ مرفوعًا روايت آهي ته ”حضرت سليمان بن داؤد (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جي مُنڊيءَ جي ٽِڪ آسمان کان لاٿي وئي هئي پاڻ اها وٺي پنهنجي منڊيءَ ۾ هڻائي هيائين. ان جو نقش اَنَا اللهُ لَآاِلٰهَ اِلَّا اَنَا مُحَمَّدُٗ عَبۡدِيۡ وَرَسُوۡلِيۡ هو. مذڪور روايت ۾ آهي ته مُحَمَّدُٗ هڪ سٽ هو  ۽ رَسُوۡلُ ٻي سٽ هو ۽ اللهِ ٽين سٽ هو.

ضروري وضاحت : علماء جو هن ڳالهه ۾ اختلاف رهيو آهي ته سروَرِ ڪائنات جي مُهر ۾ مٿين مذڪور لفظن جي لکت ڪيئن هئي؟ هڪڙن لکيو آهي ته هيٺان سيدنا رسول الله جن جو اسم گرامي محمد ( ) لکيل هو ۽ ان جي مٿان ”رسول“ لفظ لکيل هو ۽ ان جي مٿان ”الله“ اسم ذات لکيل هو. هن طرح  ۽ ان طريقي سان مُهر ٺهرائڻ ۾ الله اسم ذات جو ادب ملحوظ هو . (فضائلِ النبي ص 56)

۽ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”محمد“ جو لفظ هيٺان، ان جي مٿان ”رسول“ جو لفظ ان جي مٿان ”الله“ اسم ذات لکڻ جي ڪابه صراحت روايتن ۾ آيل ناهي بلڪه محدث اسماعيليءَ جي روايت ان جي خلاف آهي ڇوته ان روايت ۾ آهي ته ” محمد“ هڪ سٽ ۽ ”رسول“ ٻي سٽ ۽ ”الله“ ٽي سٽ هئي. محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته ”محقق علماء وٽ صحيح قول هي آهي ڇوته ڪنهن به حديث ۾ پهرين ترتيب آيل ناهي. (خصائل نبوي ص 69) ۽ علامه ابراهيم البيجوري ߋ لکيو آهي ته بخاري جي راويت مان به اهو ظاهر آهي . (المواهب شرح الشمائل ص 202، جمع الوسائل ج 1 ص 142) ۽ ابن ڪثير جي تاريخ ۾ آهي ته مُحَمَّدُٗ رَسُوۡلُ اللهِ سڌو لکيل هو جيئن قرآن ڪريم ۾ لکيل آهي ۽ ان سان مُهر به سڌي سنئين هنئي ويندي هئي. ۽ هيءَ روايت مرسل سندَ سان ابن سعيد ۽ ابن سيرين ߋ کان آندي آهي.  ان ۾بِسۡمِ اللهِ. مُحَمَّدُ رَسُوۡلُ اللهِ ( ) لکيل هو. (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 142)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في ڪتاب اللباس باب 55 هل يجعل نقش الخاتم ثلاثة اسطر رقم الحديث 5878 ج 10 ص 328 بنحوه {2} الطحاوي في شرح المعاني ج 4 ص 264 {3} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 476، 477 {4} البغوي في الشمائل رقم الحديث 808 ج 2 ص 542 {5} شرح السنة رقم الحديث 3136 ج 12 ص 64.

 

}92}  حَدَّثَنَا نَصْرُ بْنُ عَلِيٍّ الْجَهْضَمِيُّ أَبُو عَمْرٍو قَالَ : حَدَّثَنَا نُوحُ بْنُ قَيْسٍ ، عَنْ خَالِدِ بْنِ قَيْسٍ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَتَبَ إِلَى كِسْرَىٰ وَقَيْصَرَ وَالنَّجَاشِيِّ ، فَقِيلَ لَهُ : إِنَّهُمْ لاَ يَقْبَلُونَ كِتَابًا إِلَّا بِخَاتَمٍ فَصَاغَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَاتَمًا حَلْقَتُهُ فِضَّةٌ ، وَنُقِشَ فِيهِ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله جن ڪسرى(فارس، ايران جي بادشاهه خسرو پرويز) قيصر (روم جي بادشاه) ۽ نجاشي (حبش جي بادشاهه) کي اسلام جي دعوت جي پيغام جا خط مبارڪ لکيا. پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ويو ته اهي (عجمي بادشاهه) مُهر کان سواءِ خط قبول نه ڪندا آهن. ان ڪري پاڻ سڳورن مُنڊي ٺهرائي جنهن جو ڇلو چانديءَ جو هو. ان ۾ ”محمد رسول الله “ اُڪريل هو.

مفردات جو شرح: ”صَاغَ هن جي مصدرصَوغَ آهي. هن جي معنى آهي ٺاهڻ . هضم ٿي وڃڻ، زمين ۾ جذب ٿيڻ.حَلَقَتُهُ لام جي زبر سان، ڪڏهن لام کي جزم به پڙهي ويندي آهي. ڪڙو.نُقِشَ صحيح نسخن مطابق مجهول جو صيغو پڙهيو ويندو ۽ صحيح بخاري جي روايت ۾ معلوم جو صيغو پڙهيو ويو آهي. مراد آهي ته رسول الله جن ان ۾ لکڻ جو امر ڪيو هو.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ نبي ڪريم جن جي انهن مبارڪ خطن تي مُهر هڻڻ جو بيان آهي جيڪي پاڻ ان دور جي بادشاهن ڏانهن لکيا هيائون. هڪ ڪسرى (ڪاف جي زير سان) هي فارس (موجوده ايران) جي هر بادشاهه جو لقب هو. (اصل ۾ ” خسرو“ (خا جي پيش، سين جي جزم را جي زبر سان آهي) ۽ قيصر روم جي بادشاهه جو لقب هو ۽ نجاشي حبش جي بادشاهه جو لقب هو. فارس جي بادشاهه ڪسرى ڏانهن حضور ڪريم جن پنهنجو خط عبدالله بن حذافھ سهمي جي هٿ روانو ڪيو هو جڏهن اهو خط ڪسرى کي مليو ته ان حضور ڪريم جي خط کي شهيد ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. حضرت نبي ڪريم جن اها خبر ٻڌي ڪسرى جي لاءِ بد دعا ڪئي ته”الله ان جي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري. پوءِ ائين ئي ٿيو. روم جي بادشاهه وٽ حضرت دحية ڪلبي d خط کڻي آيو. ان حضور ڪريم جي نبوت تي يقين  رکڻ جي باوجود ايمان نه آندو. ۽ نجاشي ڏانهن عمرو بن اميھ ضمري جي هٿان خط موڪليو ويو هو. جيئن مواهب اللدنيه وغيره مان معلوم ٿئي ٿو. هي اهو نجاشي ناهي جنهن جو پهريان ذڪر ٿيو آهي. ۽ جنهن تي حضور ڪريم جن غائبانه جنازي جي نماز پڙهائي هئي. هي ٻيو نجاشي هو. حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ان جي اسلام آڻڻ جو حال معلوم ناهي.

حضور ڪريم جا خطوط : نبي ڪريم جن جا خطوط ته متعدد آهن جيڪي سيرت ۽ حديث جي ڪتابن ۾ مفصل مذڪور آهن ۽ بعض علماء انهن تي مستقل ڪتاب لکيا آهن. پرحديث مذڪور ۾ ٽن خطن جو ذڪر آهي ان جي ڪري مناسب آهي ته انهن جو هتي مختصر ذڪر ڪجي.

 {1} هڪ ڪسرى ڏانهن : جنهن ڪسرى ڏانهن نبي ڪريم جو خط مبارڪ ويو هو ان جو نالو پرويز هو. جيڪو نوشيروان بادشاهه جو پوٽو هو. ان ڏانهن موڪليل خط هي هو.

بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ  ط مِنۡ مُّحَمَّدٍ رَّسُوۡلِ اللهِ اِلٰي کِسۡرٰي عَظِيۡمِ فَارِس سَلَامُٗ عَلٰي مَنِ اتَّبَعَ الۡهُدٰي وَ ٰامَنَ بِاللهِ وَرَسُوۡلِهٖ وَشَهِدَ اَن لَّآاِلٰهَ اِلا اللهُ وَحۡدَهٗ لَاشَرِيۡکَ لَهٗ وَ اَنَّ مُحَمَّدً ا عَبۡدُهٗ وَرَسُوۡلُهٗ اَدۡعُوۡکَ بِدِعَايَةِ الۡاِسۡلَامِ فَاِنِّيۡ اَنَا رَسُوۡلُ اللهِ اِلَي النَّاسِ کَافَّةً لِّيُنۡذِرَ مَنۡ کَانَ حَيَّا وَّيَحِقَ الۡقَوۡلُ عَلَي الۡکَافِرِيۡنَ اَسۡلِمۡ تَسۡلِمۡ فَاِنۡ تَوَلَّيۡتَ فَاِنَّ عَلَيۡکَ اِثۡمَ الۡمَجُوۡسِ.

ترجمو: بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِط. الله جي رسول محمد ( ) جي طرف کان  ڪسرى ڏانهن جيڪو فارس جو وڏو آهي. سلامتي ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو هدايت اختيار ڪري ۽ الله تي ۽ ان جي رسول ( ) تي ايمان آڻي. ۽ شاهدي ڏي ته هڪ الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جو حقدار ناهي اهو هڪ آهي ان جو ڪوبه شريڪ ناهي. بلاشڪ (حضرت) محمد ( ) ان جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي. مان توکي الله جي سڏ (ڪلمه) جي دعوت ڏيان ٿو. پوءِ مان بلاشڪ سڀني ماڻهن جي لاءِ  الله جو رسول آهيان. تان ته انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي زندهه آهن (يعني) انهن ۾ ڪجهه عقل آهي ڇوته بي عقل ماڻهو مُردي جي بجاءِ آهن ۽ تان ته ڪافرن تي الله جي حجت پوري ٿئي. اسلام قبول ڪر ته سلامت رهين ۽ جيڪڏهن تو منهن موڙيو ته تنهنجي (تابعن) مجوسين جو وبال به تو تي پوندو (جو اهي تنهنجي اقتداء ۾ گمراهه ٿي رهيا آهن.)

نبي ڪريم جن (حضرت) عبدالله بن حذافھ d کي هي خط ڏئي روانو ڪيو ۽ کيس فرمايائون ته ڪسرى جو گورنر جيڪو بحرين ۾ رهي ٿو ان جي ذريعي هي ڪسرى تائين پهچايو. ۽ اهو ان ذريعي خط کڻي اتي پهتو. ڪسرى اهو خط پڙهائي ٻڌو، ۽ ان کي چيري ڦاڙي اڇلائي ڇڏيائين. حضور ڪريم جن اهو احوال ٻڌو ته پاڻ ان جي لاءِ بددعا ڪيائون ۽ ان جي پُٽ شيرويه ان کي بري طرح قتل ڪيو. جنهن جو تفصيل سان قصو تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي.

(2) ٻيو خط قيصر جي نالي هو جيڪو روم جو بادشاهه هو. تاريخدانن وٽ ان جو نالو هرقل هو. اهو خط مبارڪ حضرت دحية ڪلبي d کڻي ويو هو. مسلمان ته قيصر به ڪونه ٿيو هو. پر حضور ڪريم جن جي خط مبارڪ کي نهايت عزت ۽ احترام سان رکيو. نبي پاڪ جن کي جڏهن اهو علم ٿيو ته پاڻ فرمايائون ”ڪسرى پنهنجي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ قيصر پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪئي.“ قيصر ڏانهن لکيل خط هي هيو.

بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ  ط مِنۡ مُّحَمَّدٍ  عَبۡدِ اللهِ وَ رَسُوۡلِهٖ اِلٰي هِرۡقَلَ عَظِيۡمِ الرُّوۡمِ سَلَامُٗ عَلٰي مَنِ اتَّبَعَ الۡهُدٰي اَمّا بَعۡدُ فَاِنِّيۡ اَدۡعُوۡکَ بِدِعَايَةِ الۡاِسۡلَام اَسۡلِمۡ تَسۡلِمۡ يُؤتِکَ اللهُ اَجۡرَکَ مَرَّتَيۡنِ فَاِنَ تَوَلَّيۡتَ فَاِنَّمَا عَلَيۡکَ اِثۡمَ الۡيَرِيۡسِيۡنَ وَيٰاَهۡلَ الِکِتٰبِ تَعَالُوۡا اِلٰي کَلِمَةٍ سَوَاءٍ بَيۡنَنَا وَ بَيۡنَکُمۡ اَن لَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللهَ وَلَا نُشۡرِکَ بِهٖ شَيۡئًا وَّلَا يَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِنۡ دُوۡنِ اللهِ فَاِنۡ تَوَلَّوا فَقُوۡلَوۡا اشۡهَدُ وا بِانَّا مُسۡلِمُوۡنَ.

ترجمو بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ ط  محمد ( ) جي طرف کان جيڪو الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي روم جي وڏي هرقل ڏانهن. سلامتي ان شخص جي لاءِ آهي جنهن هدايت اختيار ڪئي. حمد ۽ صلواة کان پوءِ مان توکي اسلام جي دعوت (ڪلمه) ڏانهن سڏيان ٿو. اسلام قبول ڪر ته سلامت رهندين الله تو کي تنهنجو اجر ٻه ڀيرا ڏيندو پوءِ جيڪڏهن تو منهن موڙيو ته بلاشڪ تو تي تنهنجي ماتحت رهندڙن هارين جو به گناهه هوندو . اي اهل ڪتاب! اهڙي ڪلمي ڏانهن اچو جيڪو اسان ۽ اوهان ۾ برابر آهي (۽ اهو توحيد آهي) ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪيون ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه بنايون. ۽ اسان مان ڪوبه هڪٻئي کي الله کان سواءِ معبود نه بنائي. جيڪڏهن ان کان به منهن موڙينِ ته اوهان فرمايو” شاهد رهو ته يقينن اسين مسلمان آهيون .“

     جڏهن حضرت دحية ڪلبي d اهو خط کڻي پهتو ۽ اهو قيصر جي سامهون پڙهيو ويو ته ان جو ڀائٽيو به اتي موجود هو اهو نهايت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اهو خط مون کي ڏيو. سندس چاچي کيس چيو ته تون هن کي ڇا ڪندي؟ ان چيو ته هي خط پڙهڻ جي قابل ناهي ان ۾ اوهان جي نالي سان شروعات ڪيل ناهي. پنهنجي نالي سان شروعات ڪئي اٿس ۽ اوهان کي بادشاهه جي بجاءِ روم جو وڏو لکيو اٿس، وغير وغيره . قيصر چيس ته تون بي وقوف آهين تون چاهين ٿو ته مان اهڙي شخصيت جو خط اڇلايان جنهن وٽ (ناموسِ اڪبر) جبريل اچي ٿو جيڪڏهن اهو نبي آهي ته ان کي اهڙي طرح لکڻ گهرجي. ان کان پوءِ حضرت دحية d کي وڏي اعزاز ۽ عزت سان رهايائين. قيصر ان وقت سفر ۾ هو واپس اچي ان پنهنجي حڪومت جا وزراء، امراء ۽ اراڪين گڏ ڪيا. ۽ گڏ ڪري انهن کي چيائين ته مان اوهان کي هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن متوجهه ٿو ڪيان جيڪا سراسر خير ۽ فلاح آهي ۽ هميشه جي لاءِ اوهان جي ملڪ جي بقاء جو ذريعو آهي. بيشڪ هي نبي آهي ان جي اتباع ڪيو ۽ ان جي بيعت قبول ڪيو. ان هڪ بند جاءِ ۾ جنهن جا چؤطرف دروازا بند هئا ان مضمون تي هڪ وڏي تقرير ڪئي. اهي ماڻهو اهو ٻڌي ايترو ٽهڻ لڳا جو هڪدم شور ۽ گوڙ ٿي ويو ۽ هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا پر دروازو بند هجڻ جي ڪري ٻاهر نڪري نه سگهيا. ان کان پوءِ ان سڀني کي ماٺ ڪرائي وري تقرير ڪيائين ته ”حقيقت ۾ هڪ نبوت جي دعوى ڪندڙ پيدا ٿيو آهي مون اوهان جو امتحان وٺڻ ٿي گهريو ته اوهان پنهنجي دين ۾ ڪيترا پڪا آهيو. هاڻي مون کي ان جو اندازو لڳي ويو.“ اهو ٻُڌي اهي ماڻهو پنهنجي عادت موافق سجدي ۾ ڪري پيا. ان کان پوءِ انهن کي شاباس چوندي رخصت ڏنائين ۽ بعض روايتن ۾ آهي ته ان خط مبارڪ پڙهي چمي مٿي تي رکيو ۽ ريشمي ڪپڙي ۾ ويڙهي رکيو هو. ۽ (پنهنجي مذهبي اڳواڻ) پوپ کي گهرائي ان سان مشورو ڪيو ته ان کيس چيو”بيشڪ هي نبي آخرالزمان آهي جنهن جون بشارتون اسان جي ڪتابن ۾ موجود آهن.“ قيصر چيو ته. مون کي ان جو يقين آهي مگر مشڪل هي آهي ته جيڪڏهن مان مسلمان ٿيان ته هي ماڻهو مون کي قتل ڪري ڇڏيندا ۽ بادشاهي به هلي ويندي. هي خط مبارڪ جڏهن قيصر کي مليو هو ته اهو ان وقت پنهنجي مذهبي ضرورت جي لاءِ بيت المقدس آيل هو. ۽ اتي مڪه مڪرمه کان هڪ تجارتي قافلو به آيل هو. ان حالات جي تحقيق لاءِ ان قافلي جي سردارن کي پاڻ وٽ گهرايو هيائين جنهن جو تفصيل سان قصو بخاري شريف ۾ موجود آهي. هي ان وقت جو قصو آهي جڏهن عمره جي لاءِ ويندي حديبيھ جي ميدان ۾ مڪه مڪرمه جي رهاڪو مشرڪن ۽ حضرت نبي ڪريم جي وچ ۾ ٻٽن سالن جي لاءِ هڪ عهدنامو ۽ صلحنامو تيار ٿيو هو ته پاڻ ۾ جنگ نه ڪئي ويندي. ابو سفيان جيڪو ان وقت تائين مسلمان نه ٿيو هو چوي ٿو ته مان ان صلح جي وقت ملڪِ شام ڏانهن ويل هوس ته ان دوران (حضرت) دحية ڪلبي d رسول الله جن جو خط مبارڪ کڻي هرقل وٽ پهچايو هو. جڏهن خط مليس ته ان پنهنجن ماڻهن کان پڇيو ته هن شهر ۾ ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو هن نبوت جي دعوى ڪندڙ کي سڃاڻي؟ انهن کيس عرض ڪيو ته ”هائو ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن.“ ان تي اسان جي طلب ٿي ۽ مان ڪجهه قريشي پاڻ سان وٺي اتي پهتس ته ان اسان سڀني کي پاڻ وٽ ويهاريو ۽ پڇيائين ته هن نبوت جي دعوى ڪندڙ جو اوهان مان وڌيڪ ڪير قرابتدار آهي؟ مون چيو ته ان جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو مان آهيان.“ ان مون کي پنهنجي ويجهو ويهاريو ۽ باقي ساٿين کي منهنجي پويان ويهاري انهن کي چيائين ته”مان هن کان ڪجهه سوال ڪيان ٿو اوهان سڀئي غور سان ٻڌجو. ۽ جنهن سوال جي جواب ۾ ڪوڙ هڻي ته مون کي ٻڌائجو.“ ابو سفيان ان وقت تائين مسلمان نه ٿيو هو ۽ سخت ترين دشمن هو. چوي ٿو ته الله جو قسم! جيڪڏهن مون کي بدنامي جو خطرو نه هجي ها ته پويان ويٺل ماڻهو مون کي ڪوڙو سڏيندا ته مان ضرور ڪوڙ هڻان ها. پر بدنامي جي خوف مون کي سچ ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو. ان کان پوءِ ان پنهنجي ترجمان جي ذريعي مون کان هي سوال ڪيا.

سوال {1} : نبوت جي دعوى ڪندڙ اوهان ۾ نسب جي اعتبار سان ڪيئن تصور ڪيو وڃي ٿو؟

جواب : اسان ۾ وڏو عالي نسب آهي.

سوال {2} : ان جي وڏن مان ڪو شخص بادشاهه ٿي گذريو آهي؟

جواب : ڪير به نه .

سوال {3} : نبوت جي دعوى کان اڳي ڪڏهن اوهان ان تي ڪوڙ هڻڻ  جو الزام ڏنو آهي؟

جواب : ڪڏهن به نه .

سوال {4} : ان جا تابعدار قوم جا وڏا ماڻهو آهن يا معمولي درجي جا؟

جواب : معمولي درجي وارا.

سوال {5} : ان جي تابعدارن جو ٽولو وڌندو وڃي ٿو يا گهٽجي ٿو؟

جواب : وڌندو وڃي ٿو .

سوال {6} : ان جي دين ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪو ماڻهو بد دل ٿي ان کي ڇڏي به وڃي ٿو يا نه؟

جواب : نه .

سوال {7} : اوهان جي ان سان ڪڏهن جنگ به ٿي آهي يا نه؟

جواب : ٿي آهي.

سوال {8} : پوءِ جنگ ۾ ڪامياب ڪير ٿيو؟

جواب : ڪڏهن اهو غالب ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن اسين.“

سوال {9} : ان ڪڏهن عهد ڀڳو آهي”

جواب : نه. پر اڄڪلهه اسان ۽ ان جو هڪ معاهدو ٿيو آهي معلوم ناهي ته اهو پورو ڪندو يا نه. ابو سفيان چيو ته ”هن هڪ ڪلمه کان سواءِ مون کي ڪوبه موقعو نه مليو جو ڪجهه پنهنجي طرفان ان ۾ ملايان.

سوال }10} : هن کان اڳي اوهان مان ڪنهن نبوت جي دعوى ڪئي هئي؟

جواب : نه .

بعض روايتن ۾ هي به آهي ته هرقل چيو بدعهدي جو خوف ڇو اٿوَ؟ ته ابو سفيان چيو ته منهنجي ساٿين پنهنجن ماڻهن جي ان جي ساٿين جي خلاف مدد ڪئي آهي. ان تي هرقل چيو ته ”جڏهن ابتداء اوهان ڪئي آهي ته اوهان وڌيڪ بدعهد آهيو.“ ان کان پوءِ هرقل ڳالهه جي منڍ کان سلسلو شروع ڪيو ۽ چيو ته ”مون اوهان کان ان جي نسب جي باري ۾ سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته ”عالي نسب آهي“ ۽ انبياء (عليهم السلام)  عالي نسب مان ئي ايندا آهن. مون اوهان کان پڇيو ته ان جي وڏن مان ڪو بادشاهه گذريو آهي؟ اوهان چيو ته نه. مون کي اهو خيال ٿيو ته شايد ان بهاني سان اها بادشاهي واپس آڻڻ گهري ٿو.“ مون ان جي پوئلڳن جي باري ۾ سوال ڪيو ته ان جا پوئلڳ وڏا ماڻهو آهن يا ڪمزور؟ اوهان جواب ڏنو ته ڪمزور . هميشه انبياء ڪرام عليهم السلام جي اتباع ڪرڻ وارا اهڙا ئي ماڻهو هوندا آهن ڇوته وڏن ماڻهن کي پنهنجي وڏائي ٻئي جي تابعداري کان روڪيندي آهي. مون اوهان کان سوال ڪيو ته هن دعوى کان اڳي ڪڏهن اوهان ان تي ڪوڙ هڻڻ  جو الزام هنيو هو يا نه؟ اوهان انڪار ڪيو ته نه . مون سمجهيو هو ته شايد ماڻهن تي ڪوڙ هنڻندي هڻندي الله تي به ڪوڙ هڻڻ شروع ڪيو هجيس مگر جيڪو شخص ماڻهن تي ڪوڙ نه ٿو هڻي اهو الله تي ڪوڙ ڪيئن هڻندو؟ مون سوال ڪيو هو ته ان جي دين ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪو ماڻهو ان کان ناراض ٿي ان کي ڇڏي به وڃي ٿو يا نه؟ اوهان چيو ته نه. ايمان جي اها ئي خاصيت آهي جو جڏهن ان جي بشاشت دلين ۾ داخل ٿيندي آهي ته نڪرندي ناهي. مون اوهان کان پڇيو ته ان جي تابعدارن جو ٽولو وڌندو وڃي ٿو يا گهٽجي ٿو؟ اوهان چيو ته وڌندا ٿا وڃن. ايمان جو خاصو اهو ئي آهي تان جو تڪميل کي پهچي. مون اوهان کان ان سان جنگ جي باري ۾ سوال ڪيو اوهان چيو ته ڪڏهن اسين غالب رهون ٿا ڪڏهن اهو غالب رهي ٿو. انبياء (عليهم السلام) سان هميشه اهڙو برتاءُ رهيو آهي پر بهترين انجام انهن لاءِ هوندو آهي مون بدعهدي (يعني وعدي برخلافي) جي متعلق سوال ڪيو اوهان انڪار ڪيو. اها ئي  انبياء (عليهم السلام) جي صفت هوندي آهي ته اهي بدعهد نه هوندا آهن . مون سوال ڪيو ته ڇا انهن مان پهريان به ڪنهن نبوت جي دعوى ڪئي آهي اوهان انڪار ڪيو مون خيال ڪيو هو ته جيڪڏهن انهن مان پهريان ڪنهن اهڙي دعوى ڪئي هوندي ته مان سمجهان ها ته هيءَ ان جي تقليد ڪري رهيو آهي. ان کان پوءِ هرقل انهن ماڻهن کان پڇيو ته اهو تعليم ڪهڙي ٿو ڏي؟ انهن چيو ته نماز پڙهڻ، صدقي ڪرڻ، مائٽي ڳنڍڻ، عفت ۽ پاڪدامنيءَ جو امر ڪري ٿو. هرقل چيو ته جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه سچ آهي جيڪو اوهان بيان ڪيو ته پوءِ اهو بلاشڪ نبي آهي مون کي يقين هو ته اهو عنقريب پيدا ٿيڻ وارو آهي مگر اهو يقين نه هو ته اهو اوهان مان پيدا ٿيندو. جيڪڏهن مون کي يقين هجي ها ته مان ان تائين پهچي سگهندس ته ان سان ملڻ جي خواهش رکان ها. (مگر پنهنجي قتل ۽ بادشاهي وڃڻ جي ڊپ کان نه ٿو وڃان) ۽ جيڪڏهن مان اتي پهچان ها ته ان جا قدم پاڪ ڌوئان ها. بلاشڪ ان جي حڪومت اتي پهچڻ واري آهي جتي مان آهيان.“ هرقل جا ٻيا به ڪيترا قصا حديث  جي ڪتابن ۾ مذڪور آهن هي ڪتاب جو به ڄاڻو هو ۽ علمِ نجوم جو به ماهر هو ان جي ڪري ان کي پهريان کان اهي ڳالهيون سوچ ۾ اچي رهيون هيون ۽ تحقيقات ڪري رهيو هو. بعض روايات ۾ هي به آيو آهي ته هرقل حضور ڪريم جي خط مبارڪ کي نهايت احتياط ۽ احترام سان سون جي هڪ نلڪيءَ ۾ وجهي صندوق ۾ رکيو هو. جيڪو ان جي نسل درنسل پيڙهين ۾ هلندو آيو.

(3) ٽيون خط مبارڪ جيڪو هن روايت ۾ مذڪور آهي اهو حبش جي بادشاهه نجاشي ڏانهن لکيل هو. هي پهريان ذڪر ٿي چڪو آهي ته حبش جي بادشاهه جو لقب نجاشي هو. حضرت نبي پاڪ جي دور ۾ حبش جا ٻه بادشاهه گذريا هئا. پهرئين جو نالو ”اصحمہھ“ هو. هي مسلمان ٿيو هو. اسلام جي ابتدا ۾ صحابه ڪرام عليهم الرضوان ان جي سلطنت جي دوران حبش ڏانهن هجرت ڪئي هئي. جڏهن اهو اڃان مسلمان نه ٿيو هو. حضور ڪريم جن عمرو بن اميھ ضمري d جي هٿان ان ڏانهن به خط موڪليو هو، جنهن  ۾ هيئن لکيل هو.

بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ  ط مِنۡ مُّحَمَّدٍ  رَّسُوۡلِ اللهِ ( ) اِلَي النِّجَاشِيۡ مَلِکِ الۡحَبَشَةِ اَسۡلِمۡ اَنۡتَ فَاِنِّيۡ اَحۡمَدُ اِلَيۡکَ اللهَ الَّذِيۡ لَآاِلٰهَ اِلَّا هُوَ الۡمَلِکُ ، الۡقُدُّوۡسُ، السَّلَّامُ ، الۡمُؤمِنُ ، الۡمُهَيۡمِنُ وَاَشۡهَدُ اَن عِيۡسَي بۡنَ مَرۡيَمَ رُوۡحُ اللهِ وَکَلِمَتُهَ اَلقٰهَا اِلٰي مَرۡيَمَ الُبَتُوۡلِ، الطَّيِّبَةِ ، الۡحَصَيۡنَةِ فَحَمَلَتۡ بِهٖ فَخَلَقَهٗ مِنۡ رُوۡحِهٖ وَ نَفۡخِهٖ کَمَا خَلَقَ اٰدَمَ بِيَدِهٖ وَاِنِّيۡ اَدۡعُوۡکَ اِلَي اللهِ وَحۡدَهٗ لَاشَرِيۡکَ لَهٗ ط وَالۡمُوَالَاةِ عَلٰي طَاعَتِهٖ وَاِنۡ تَتَّبِعۡنِيۡ وَتُؤمِنُ بِالَّذِيۡ جَاءَ نِيۡ رَسُوۡلُ اللهِ وَاِنِّيۡ اَدۡعُوۡکَ وَجُنُوۡدَکَ اِلَي اللهِ عَزَّوَجَلَّ وَقَدۡ بَلّغۡتُ وَ نَصَحۡتُ فَاقۡبَلُوۡا نَصِيۡحَتِيۡ وَالسَّلَامُ عَلٰي مَنِ اتَّبَعَ الۡهُدٰي.

ترجمو: بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِط الله جي رسول (حضرت) محمد () جي طرفان حبش جي بادشاهه نجاشي ڏانهن. تون اسلام قبول ڪر مان ان الله جو حمد تو تائين پهچايان ٿو جنهن کان سواءِ ڪو معبود بالحق ناهي بادشاهه، پاڪ، سلامتي وارو. امن ڏيندڙ، نگهباني ڪندڙ آهي ۽ مان شاهدي ڏيان ٿو ته عيسى بن مريم الله جو روح ۽ ڪلمہھ آهي جنهن کي مريم، بتول ڏانهن القاء فرمايو هيائين جيڪا پاڪ، محفوظ هئي. پوءِ ان سان حمل واري ٿي پوءِ ان کي پنهنجي روح ۽ ڦوڪ سان پيدا ڪيائين جيئن آدم کي پنهنجي هٿ سان پيدا ڪيائين ۽ بيشڪ مان توکي الله وحده لاشريڪ لھ ۽ ان جي اطاعت تي هميشگي ڪرڻ ڏانهن سڏيان ٿو ۽ منهنجي اتباع ڪر ۽ جيڪو پيغام الله جي طرفان مون وٽ آيو آهي ان تي ايمان آڻ. بلاشڪ مان الله جو رسول آهيان ۽ توکي ۽ تنهنجي لشڪرن کي الله ڏانهن سڏيان ٿو. مون سچ ۽ حق اوهان تائين پهچايو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪئي پوءِ منهنجي نصيحت قبول ڪيو ۽ سلام ان تي آهي جنهن هدايت جي اتباع ڪئي.“ محدثن جي هڪ جماعت جي تحقيق هي آهي ته هي نجاشي پهريان کان ئي مسلمان ٿي چڪو هو ۽ هن خط مبارڪ ملڻ سان ان سلام جو اظهار ڪيو هو. ۽ بعض علماء جو قول آهي ته اهو خط ملڻ وقت مسلمان ٿيو هو. بهرحال ان حضور ڪريم جن جي خط جي جواب ۾ هڪ عريضو لکيو هو جنهن ۾ ان پنهنجي ايمان جي اقرار سان گڏ اهو به اقرار ڪيو هو ته اوهان جيڪو حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي متعلق لکيو آهي اهو بلڪل صحيح آهي ۽ پنهنجي پُٽ سان گڏ سَٺ ماڻهن جو وفد سندن خدمت ۾ موڪليائين مگر افسوس جو سمنڊ جي سفر دوران اها ٻيڙي ٻڏي وئي ۽ انهن مان ڪو هڪ به نه بچيو. خود ان نجاشي جو انتقال به نبي ڪريم جن جي مبارڪ دور ۾ ٿيو هو ۽ پاڻ ان جي غائبانه جنازي جي نماز پڙهي هيائون. (غائبانه جنازي جي نماز هڪ فقهي مسئلو آهي جنهن جي وضاحت ڪرڻ جي هتي ضرورت ناهي حنفي حضرات وٽ ڪيترا سبب آهن جن جي ڪري غائبانه نماز ان سان مخصوص هئي.) ان کان پوءِ ٻيو نجاشي ٿيو ان ڏانهن به رسول الله   جن هي خط مبارڪ موڪليو هو.

هٰذَا کِتَابُٗ مِّنَ النَّبِيِّ  صَلَّي  اللهُ عَلَيۡهِ وَسَلَّم اِلي النِّجَاشِيۡ عَظِيۡمِ  الحَبَشَة وَالسَّلامُ عَلٰي مَنِ اتَّبَعَ الۡهُديٰ وَ اٰمَنَ بِاللهِ وَرَسُوۡلِهٖ  وَشَهِدَ اَن لَّا اِلٰهَ اِلَّا اللهُ وَحۡدَهٗ لَاشَرِيۡکَ لَهٗ ط  لَمۡ يَتَّخِذۡ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا وَاَنَّ مُحَمَّدًا عَبۡدُهٗ وَرَسُوۡلُهٗ  وَاَدۡعُوۡکَ بِدِعَايةِ اللهِ فَاِنِّي اَنَارَسُوۡلُهٗ فَاَسۡلِمۡ تَسۡلِمۡ يَا اَهۡلَ الۡکِتَابِ تَعَالَوا اِلٰي کَلِمَةٍ سَوَاءِ بَيۡنَنَا وَبَيۡنَکُمۡ اَن لَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللهَ وَلَا نُشۡرِکَ بِهٖ شَيۡئًا  وَّلَا يَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللهِ  ، فَاِنۡ   تَوَلَّوا     فَقُوۡلُوا اَشۡهَدُوا بِاَنَّا مُسۡلِمُوۡنَ فَاِنۡ اَبَيۡتَ فَعَلَيۡکَ اِثۡمُ النَّصَارَيٰ.

ترجمو: هي خط الله جي نبي جي طرفان حبش جي وڏي نجاشي ڏانهن آهي ان تي سلام آهي جنهن هدايت جي اتباع ڪئي ۽ الله ۽ ان جي رسول ( ) تي ايمان آندائين ۽ شاهدي ڏنائين ته هڪ الله ، معبود بالحق کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي . اهو هڪ آهي ان جو ڪوبه شريڪ ناهي ۽ نه زال رکيائين ۽ نه اولاد ۽ بيشڪ (حضرت) محمد ( ) ان جو ٻانهو ان جو رسول آهي ۽ مان توکي الله جي سڏ (ڪلمه) ڏانهن سڏيان ٿو بلاشڪ مان ان جو رسول آهيان. اسلام قبول ڪر ته سلامت رهندين. اي اهل ڪتاب ! ان ڪلمي ڏانهن اچو جيڪو اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ برابر آهي ته الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيون ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه بنايون. ۽ اسان مان هڪڙا ٻين کي الله کان سواءِ رب نه بنائين. پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ اوهان انهن کي فرمايو. شاهد رهو ته يقينًا اسين مسلمان آهيون. (اي نجاشي!) جيڪڏهن تو انڪار ڪيو ته تنهنجي پوءِ لڳن) نصارن جو گناهه به تو تي هوندو.“

هن خط ۾ به معمول جي مطابق غالبًا بسم الله لکيل هوندي پر جتان هي خط نقل ڪيو ويو آهي. ان ۾ ناهي. ۽ هن نجاشي جي متعلق واضح ٿي نه سگهيو آهي ته ان ايمان آندو يا نه. ان جو نالو ڇا هو؟ اڪثر محدثن جي راءِ هيءَ آهي ته حديث مذڪور ۾ جنهن نجاشي ڏانهن خط جو ذڪر آهي اهو هي نجاشي آهي ۽ بعض روايتن ۾ هي وضاحت آهي ته هي اهو نجاشي ناهي  جنهن جي جنازي جي نماز حضور ڪريم جن پڙهي هئي. ۽ اهو ئي صحيح آهي جيتوڻيڪ بعض محدثن صرف پهرئين نجاشي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ بعض صرف ٻئي جو. (خصائل نبوي ص 69، 78)

علامه  علي قاري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن”اصحمة“ نالي نجاشي ڏانهن ٻيو خط ام المؤمنين ام حبيبه g  سان سندن نڪاح ڪرائڻ جي لاءِ لکيو هو. ان نجاشي سن 6 هجري ۾ ايمان آندو ۽ سن 9 هجري ۾ وفات ڪئي هيائين.  پر ان کان پوءِ اچڻ واري نجاشي ڏانهن  جو حضور ڪريم جن خط موڪليو هو نه ان جي نالي جي خبر آهي نه ان جي اسلام قبول ڪرڻ جي خبر آهي ۽ نه ان جي طرفان خط جي جواب لکڻ جي خبر آهي .

منڊيءَ تي اکر لکڻ : علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته مُنڊيءَ جي ٽِڪ تي ڪڏهن اکر لکيا ويندا آهن ڪڏهن نه. جيڪڏهن اکرن لکڻ کان سواءِ سونهن جي لاءِ ڪنهن مُنڊي ٺهرائي استعمال ڪئي ته به جائز آهي، بشرطيڪ ان ۾ ڪا منع ڪيل شيءِ نه هجي جيئن تصوير وغيره ۽ بعضي روايتن ۾ جيڪو آيو آهي ته حضور ڪريم جي مُنڊي مبارڪ تي ساهه وارين شين جون تصويرون هيون وغيره وغيره اهي روايتون غير معتبر آهن. آقاءِ نامدار جي ذات عالي صفات جي شان کان اها ڳالهه پري آهي. علامه ابن سيد الناس ߋ فرمايو ته حضور ڪريم جن مُهر واري مُنڊي سن 7 هجري ۾ ٺهرائي ۽ ٻين محدثن فرمايو ته سن 6 هجري ۾ ٺهرائي هيائون. پر ٻنهي قولن ۾ تطبيق هن طرح آندي وئي.ته سن 6 هجري جي آخر ۽ سن 7 هجري جي اول ۾ اهو سلسلو هليو هو ڇوته  پاڻ اهو ارادو بادشاهن ڏانهن خطن لکڻ وقت فرمايو هيائون. ۽ اهو ذوالقعده مهيني سن 6 هجري ۾ عمره وقت ڪيو هيائون ۽ پاڻ ذوالحجھ مهيني ۾ مدينه منوره ڏانهن موٽي آيا هئا ۽ محرم سن 7 هجري ۾ بادشاهن ڏانهن قاصد موڪليا هيائون. علامه ابراهيم بيجوري ߋ لکيو آهي ته جنهن ماڻهو اهو خيال رکيو ته حضرت رسول الله جن جي مُنڊي مبارڪ ۾ ڪنهن شخص جي تصوير هئي ۽ ان جي متعلق حديث مرسل يا معضل ۽ آثارِ موقوفه آيا آهن. سو اهي معتبر ناهن. ڇوته اهي تصوير جي منع لاءِ آيل صحيح حديثن جي مقابلي ۾ ڪا اهميت نه ٿا رکن.“

                      (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 144 المواهب شرح الشمائل ص 204)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 90 جي تخريج ۾ ڏسو.

 

}93} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ عَامِرٍ ، وَالْحَجَّاجُ بْنُ مِنْهَالٍ ، عَنْ هَمَّامٍ ، عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ أَنَسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِذَا دَخَلَ الْخَلاَءَ نَزَعَ خَاتَمَهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جنهن وقت بيت الخلاء (يعني استنجا خاني) ۾ ويندا هئا ته اڳ ۾ مُنڊي لاهي رکندا هئا.

مفردات جو شرح: ”كَانَ إِذَا دَخَلَ : ماضي استمراري جو صيغو آهي. جڏهن داخل ٿيڻ جو ارادو ڪندا هئا. اَلْخَلاَءَ اصل ۾ خالي جاءِ کي چيو ويندو آهي ان کان پوءِ قضاء حاجت جي لاءِ تيار ڪيل جاءِ کي چيو ويو آهي. نَزَعَ لاهي رکيائون.

سمجهاڻي: هن حديث شريف مان واضح ٿيو ته سيدنا رسول الله جن جي مُنڊي مبارڪ تي الله جو نالو لکيل هوندو هو. تڏهن ان جي تعظيم، توقير، احترام ۽ عزت جو خيال ڪندي بيت الخلا ۾ وڃڻ وقت مُنڊي مبارڪ لاهي رکندا هئا. ان جي ڪري بعض علماء فرمايو ته ”اهڙي مُنڊي جنهن تي متبرڪ اکر لکيل هجن بيت الخلا ۾ پائي وڃڻ مڪروهه آهي. ان ۾ اختلاف آهي ته اهو مڪروه تنزيهي آهي يا تحريمي. علامه عصام ߋ جو قول آهي ته جنهن مُنڊيءَ جي ٽڪ تي قرآن ڪريم جا الفاظ يا نبين عليهم السلام مان ڪنهن نبي جو نالو يا انهن جي صفات حسنه مان ڪا صفت لکيل هجي ته بيت الخلاء ۾ وڃڻ وقت اها لاهي پوءِ اندر گهڙجي. (جمع الوسائل ج 1 ص 144)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الطهارة باب 10 الخاتم يکون فيه ذکر الله يدخل به الخلاء رقم الحديث 19 ج 1 ص 5 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 51 الخاتم عند دخول الخلاء ج 8 ص 178 {3} ابن ماجہھ في ڪتاب الطهارة باب 16 ذڪر الله علي الخلاء والخاتم في الخلاء رقم الحديث 303

 

}94}  حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ نُمَيْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ عُمَرَ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَاتَمًا مِنْ وَرِقٍ ، فَكَانَ فِي يَدِهِ ثُمَّ كَانَ فِي يَدِ أَبِي بَكْرٍ ، وَيَدِ عُمَرَ ، ثُمَّ كَانَ فِي يَدِ عُثْمَانَ ، حَتَّى وَقَعَ فِي بِئْرِ أَرِيسٍ نَقْشُهُ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عمر f کان روايت آهي ته رسول الله جن چاندي جي مُنڊي ٺهرائي پوءِ اها مُنڊي سندن هٿ مبارڪ ۾ پاتل هوندي هئي. پوءِ ابو بڪر صديق d ۽ عمر فاروق d جي هٿن مبارڪن ۾ پاتل هوندي هئي. انهن کان پوءِ حضرت عثمان غني d جي هٿ ۾ پاتل رهي. نيٺ ان کان ”اريس جي کوهه“ ۾ ڪِري پئي. ان مُنڊيءَ تي مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ اُڪريل هو

مفردات جو شرح: ”فَكَانَ فِي يَدِهِ (هتي هٿ مان مراد وچين آڱر جي ڀرواري آڱر م آهي. بِئْرِ : کوهه. أَرِيس : کوهه جو نالو أَرِيسٍ امير جي وزن تي، منصرف ۽ غير منصرف ٻئي پڙهيو ويندو آهي. هي مسجد قبا جي ويجهو هڪ باغيچي جي ڀر ۾ هو. اريس نالي هڪ يهودي ڏانهن منسوب آهي. شام جي ٻولي ۾ فلاح، ڪاميابي جي معنى ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 206)

سمجهاڻي: حضرت ابنِ عمر f بيان فرمايو ته حضور ڪريم جن چانديءَ مان ٺهيل مُنڊي هٿ مبارڪ ۾ رکندا هئا. ان کان پوءِ اها حضرت ابوبڪر صديق d جي خلافت واري زماني ۾ تقريبًا ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا ان جي قبضي ۾ رهي ان کان پوءِ حضرت عمر وٽ ان کان پوءِ حضرت امير المؤمنين عثمان غني d جي خلافت جي ٻارهن سالن مان ڇهن سالن تائين ان جي قبضي ۾ رهي. اها مُنڊي انهن پيارن پاڻ وٽ مهر هڻڻ ۽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ رکي هئي.

صالحن جي آثار سان تبرڪ حاصل ڪرڻ: محدث نووي ߋ فرمايو في الحديث التبرک بآثار الصالحين ولبس ملابسهم والتيمن بها يعني هن حديث مان صالحن جي آثار سان برڪت حاصل ڪرڻ ثابت آهي ۽ انهن جون پاتل شيون ڍڪڻ ۽ انهن سان ڀلائي حاصل ڪرڻ به ثابت آهي. اڳتي مذڪور آهي ته تان جو اها مُنڊي اريس نالي کوهه ۾ ڪري پئي. اهو کوهه قبا شريف جي ڀر ۾ هو. جڏهن حضرت سيدنا عثمان غني d خلافت جا ڇهه سال گذاريا ۽ پوءِ فتنا ۽ فساد شروع ٿيا ته پاڻ انهن ڏينهن ۾ مسجد قبا ڏانهن ويا ۽ اتي اريس نالي کوهه تي وڃي ويٺا ۽ خط لکي ان تي مُنڊي پاڪ سان مُهر هڻڻ لا معيقيب نالي غلام کان اها گهريائون. جنهن وٽ حضور ڪريم جن جي دور کان اها هوندي هئي. ۽ مهر هڻڻ کان پوءِ حضرت عثمان d اها معيقيب کي واپس ٿي ڏني ته اها هٿن مان وچان کسڪي کوهه ۾ ڪري پئي. ۽ حضرت عثمان غني d ٽي ڏينهن ان کوهه مان پاڻي سان گڏ تري جي مٽي به ڪڍرائي  پر اها منڊي نه لڌي. ان کان پوءِ وڌيڪ فتنا ۽ فساد پکڙجي ويا. ۽ نيٺ حضرت عثمان d شهيد ٿي ويو. ۽ مسلمانن ۾ جيڪو اتحاد ۽ يڪجهتي هئي سا ختم ٿي وئي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته خلافت جو امر ان منڊي مبارڪ جي موجود هجڻ سان وابسته هو بعض علماء فرمايو ته مصطفى جي منڊي مبارڪ ۾ ائين اسرار رکيل هئا. جيئن حضرت سليمان علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي مُنڊيءَ ۾ هئا ۽ جڏهن حضرت سليمان علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي مُنڊي گم ٿي وئي ته ان جي حڪومت هلي وئي ۽ جڏهن نبي ڪريم جي مُنڊي مبارڪ حضرت عثمان d کان کوهه ۾ ڪري پئي ۽ ڳولڻ سان به نه ملي ته ان جي لاءِ سخت اختلاف برپا ٿيا تان جو شهيد ٿي ويو. حضرت علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ” مذڪور روايتن مان واضح ٿيو ته مُنڊيءَ جي ٽڪ تي ڪجهه لکڻ نبي ڪريم جي خصائص مان ناهي. زيد بن رفيع d کان روايت آهي ته حضرت آدم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي مُنڊيءَ تي لَآاِلٰهَ اِلَّا اللهُ مُحَمَّدُٗ رَّسُوۡلُ اللهِ لکيل هو. ۽ نوادر الاصول ۾ آهي ته ”حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي مُنڊيءَ تيلِکُلِّ اَجَلٍ کِتَابُٗ لکيل هو.“ ۽ معجم طبراني ۾ حضرت عبادة d کان مرفوعًا روايت آهي ته ”حضرت سليمان علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي مُنڊيءَ جي ٽِڪ آسمان کان اڇلائي وئي هئي اها وٺي مُنڊيءَ ۾ وڌي هيائين، ان جو نقش لَآاِلٰهَ اِلَّا اَنَا مُحَمَّدُٗ عَبۡدِيۡ وَرَسُوۡلِيۡ هو. (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 147) ۽ هن باب جي حديثن مان معلوم ٿيو ته الله جو اسم مُنڊيءَ تي لکرائڻ جائز آهي. ۽ ان جي متعلق صحابه ڪرام عليهم الرضوان ۽ سلف صالحين جي گهڻي جماعت کان آثار روايت ڪيل آهن ۽ حسنين ڪريمين f کان به صحيح سند سان ثابت آهي ته الله جو اسم مُنڊيءَ تي لکرائڻ منع ناهي ۽ محدث نووي ߋ فرمايو ته جمهور جو قول اهو آهي. ۽ عسقلانيߋ ابن سيرينߋ کان آندو آهي ته ان مُنڊيءَ تي حَسۡبِيَ اللهُ لکرائڻ کان منع نه ڪئي آهي ۽ جڏهن الله جو نالو لکرائڻ منع ناهي ته پنهنجو يا پنهنجي پيءُ جو نالو لکرائڻ به منع ناهي بلڪه ضرورت وقت لکرائڻ مستحب آهي. ابن ابي شيبه ߋ حضرت ابنِ عمر f کان روايت آندي آهي ته ان پنهنجي مُنڊيءَ جي ٽِڪ تي”عبدالله بن عمر“ لکرايو هو. اهڙي طرح حضرت ابن عمر f جي پُٽ سالم ۽ قاسم بن محمد f به پنهنجا نالا لکرايا هئا ۽ امام مالڪ d فرمائيندو هو ته بادشاهن ۽ قاضين کي پنهنجا نالا مُنڊين تي لکائڻ گهرجن ۽ اسان حنفين جي عالم، قاضي خان لکيو آهي ته مرد صرف چانديءَ جي منڊي پائي، سون جي نه پائي ۽ لوهه جي به نه پائي ڇوته اها جهنم وارن جي مُنڊي آهي ۽ اهڙي طرح ٽامي جي مُنڊي به نه پائي. (جمع الوسائل ج 1 ص 148)

تنبيهه: هن حديث ۾ حضرت ابن عمر f حضور ڪريم جي هٿ مبارڪ ۾ مُنڊي جي موجود هجڻ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ هن باب جي ٻي حديث ۾ خود حضرت ابنِ عمر f مُنڊي پائڻ جي نفي ڪري چڪو آهي. هن تعارض جو جواب هي آهي ته ”هن روايت ۾ حضور ڪريم جي هٿ ۾ هجڻ جو مطلب آهي ته سندن تصرف ۾ هوندي هئي ان سان مُهر هڻندا هئا، ان سان ان جو پائڻ لازم نه ٿو رهي. جيئن ايندڙ باب ۾ اچي ٿو ته ” اها مُعيقيبَ وٽ هوندي هئي. (خصائل نبوي ص 79)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي{1} البخاري في ڪتاب اللباس باب 50 نقش الخاتم رقم الحديث 5883 ج 10 ص 323، 324 {2} مسلم في ڪتاب اللباس والزينة باب 12 لبس النبي خاتما من ورق نقشہھ ” محمد رسول الله“ رقم الحديث 2091 ، حديث الڪتاب 54 ج 3 ص 1656. {3} ابن  سعد في الطبقات ج 1 ص 472 ، 473 {4} ابن حبان في صحيحہھ رقم الحديث 5499 ج 12 ص 310 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3134 ج 12 ص 62.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting