خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

باب تيرهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ.

هي باب انهن روايتن ۾ آهي جيڪي نبي اڪرم

جي ساڄي هٿ مبارڪ ۾ مُنڊي پائڻ جي باري ۾ آهن.

 

مناسبت : اڳئين باب ۾ مُنڊي مبارڪ جي نقش ۽ اهو ڇا مان هو ۽ اها مُنڊي ڇا مان هئي ان جو بيان هو ۽ هن باب ۾ ان جي ڪيفيت جو بيان آهي. بعض نسخن ۾ بَابَ فِي أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهٖ ۽ بعض نسخن ۾ بَابُ مَا جَاءَ فِي اَنَّ رَسُوۡلَ اللهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَجا الفاظ آهن. ۽ هن باب ۾  فِي يَمِينِهٖ آڻي محدث ترمذي ߋ اظهار فرمايو ته ” ان وٽ اهي روايتون ترجيح واريون آهن جن ۾ ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ جو ذڪر آهي. بلڪه جامع ترمذي ۾ آندو اٿس ته حضرت انس d کان جيڪا روايت آئي آهي ته ”پاڻ کاٻي هٿ ۾ مُنڊي پائيندا هئا.“ اها روايت صحيح ناهي . ( المواهب شرح الشمائل ص 207)

علامه علي قاري ߋ ٻين محدثن کان ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ جي متعلق حديثون آنديون آهن ۽ اهو به لکيو اٿس ته اسان حنفين وٽ به ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ افضل آهي ڇوته اها زينت آهي ۽ ساڄو هٿ وڌيڪ شرف وارو آهي ۽ زينت ۽ عزت جي لاءِ وڌيڪ خاص آهي.

 

}95} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ سَهْلِ بْنِ عَسْكَرٍ الْبَغْدَادِيُّ ، وَعَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، قَالاَ : أَخْبَرَنَا يَحْيَى بْنُ حَسَّانَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُلَيْمَانُ بْنُ بِلاَلٍ ، عَنْ شَرِيكِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ أَبِي نَمِرٍ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ حُنَيْنٍ ، عَنِ أَبِيهِ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَلْبَسُ خَاتَمَهُ فِي يَمِينِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت علي بن ابي طالب d کان روايت آهي ته رسول الله جن مُنڊي ساڄي هٿ ۾ پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: يَمِينِهِ: ساڄو هٿ. خَاتَمَ مُنڊي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ مذڪور آهي ته حضور ڪريم جن ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندا هئا ۽ اهو ان جي ڪري جو اهو عزت ۽ احترام جي قابل آهي ۽ بعض روايات ۾ جيڪو آيو آهي ته پاڻ کاٻي هٿ ۾ مُنڊي پاتي اٿن اهو ان بيان ڪرڻ لاءِ ته اهو به جائز آهي. امام نووي ߋ فرمايو ته ”مُنڊي  پائڻ ٻنهي هٿن ۾ جائز آهي اختلاف صرف افضليت ۾ آهي سو صحيح قول اهو آهي ته ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ افضل آهي . امام بخاري جي روايت ۾ آهي ته نبي ڪريم جن ساڄي هٿ جي ننڍي آڱر ۾ مُنڊي پائيندا هئا. مردن کي اشهد جي آڱر ۾ ۽ وچين آڱر ۾ مُنڊي پائڻ مڪروهه آهي. ۽ ننڍي آڱر ۾ مُنڊي پائڻ سنت آهي. ۽ عورتن کي سڀني آڱرين ۾ مُنڊي پائڻ ڪراهت کان سواءِ جائز آهي. (انوارِ غوثيه ص 141)

علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ڪي ماڻهو چوندا آهن ته ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ شيعن جو شعار آهي ان جو ڪو اصل نه آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 208) هڪ روايت ۾ آهي ته ”مُنڊي ساڄي هٿ ۾ سونهين ٿي. ابن حجر عسقلاني ߋ لکيو آهي ته ”زينت جي خيال سان مُنڊي ساڄي هٿ ۾ هجڻ کپي ۽ مُهر هڻڻ جي ارادي سان کاٻي هٿ ۾، جيئن مُهر هڻڻ وقت ساڄي هٿ سان کاٻي مان لاهي مُهر هڻجي. (فضائل النبي ص 63)

حنفي علماء وٽ به اختلاف آهي هڪڙن کاٻي هٿ ۾ پائڻ کي ڀلو چيو آهي ٻين ساڄي هٿ ۾ پائڻ کي ڀلو چيو آهي. علامه شامي اهي ٻه قول لکيا آهن. (خصائل نبوي  ص 80)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الخاتم باب ماجاء في التختم في اليمين اواليسار رقم الحديث 4226 ج 4 ص 91 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 48 موضع الخاتم في اليد ج 8 ص 174، 175 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 110 {4} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 5501 ج 12 ص 311 {5} البيهقي في الشعب ج 5 ص 205

 

}96} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَحْيٰى قَالَ : حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ صَالِحٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ وَهْبٍ ، عَنْ سُلَيْمَانَ بْنِ بِلاَلٍ ، عَنْ شَرِيكِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ أَبِي نَمِرٍ ، نَحْوَهُ.

سمجهاڻي: هيءَ روايت حديث 95 جهڙي آهي هن جي معلومات ان جي معلومات جهڙي آهي.

 

}97} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَزِيدُ بْنُ هَارُونَ ، عَنْ حَمَّادِ بْنِ سَلَمَةَ قَالَ : رَأَيْتُ ابْنَ أَبِي رَافِعٍ ، يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ فَسَأَلْتُهُ عَنْ ذَلِكَ فَقَالَ : رَأَيْتُ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ جَعْفَرٍ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ ، وَقَالَ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ جَعْفَرٍ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ.

با محاوره ترجمو: حضرت حماد بن سلمه d کان روايت آهي ته مون (عبد الرحمٰن) بن ابو رافع d کي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندي ڏٺو. ان بابت مون کانئس پڇيو. چيائين ته عبدالله بن جعفر  کي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندي ڏٺم ۽ عبدالله بن جعفر چيو، ته رسول الله جن پنهنجي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”يَتَخَتَّمُ مُنڊي پائيندو هو. فَسَأَلْتُهُ ان کان پڇيم. سوال کان ورتل واحد متڪلم جو صيغو ”عبدالله بن جعفر“ هي حضرت جعفر طيار d جو فرزند، هاشمي حضرت هو. حديث جي روايت ۾ جيد راوين مان هڪ هو. پنهنجي والد وانگر صحابي هو ۽ اهو پهريون ٻارهو جيڪو حبش جي هجرت دوران حبش ۾ ڄائو هو. مدينه منوره ۾ وفات ڪئي هيائين . هن کان صحاح  ستھ وارن حديثون روايت ڪيون آهن. ابو الشيخ جي روايت ۾ آهي ته هن جي وفات وقت به مُنڊي سندس ساڄي هٿ ۾ پاتل هئي.

سمجهاڻي: صحيحين مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس منڊي ننڍي آڱر ۾ پاتل هئي. تنهن ڪري سنت آهي ته ننڍي آڱر ۾ مُنڊي پائجي. (انوارِ غوثيه ص 141)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الزينة باب 48 موضع الخاتم في اليد ج 8 ص 175 {2} البغوي في الشمائل رقم الحديث 809 ج 2 ص 543 {3} احمد في المسند ج 1 ص 204 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3142 ج 12 ص 66.

 

}98} حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ نُمَيْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ  بْنُ الْفَضْلِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مُحَمَّدِ بْنِ عَقِيلٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ جَعْفَرٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ.

با محاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن جعفر d کان روايت آهي ته رسول الله جن پنهنجي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: جدا ناهي ساڳيو مذڪور آهي ۽ سمجهاڻي به ساڳي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابنِ ماجھ في ڪتاب اللباس باب 42 التختم باليمين رقم الحديث 3647 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 108.

 

}99} حَدَّثَنَا أَبُو الْخَطَّابِ زِيَادُ بْنُ يَحْيٰى قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ مَيْمُونٍ ، عَنْ جَعْفَرِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر بن عبدالله کان روايت آهي ته رسول الله جن مُنڊي ساڄي هٿ ۾ پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ساڳيو مذڪور آهي.

سمجهاڻي: شمائل جي شارحن لکيو آهي ته ”ابن حجر عسقلاني فرمايو ”هن حديث جي سند ۾ قوت ناهي ڇوته هن جو راوي عبدالله بن ميمون مستند ۽ سڀني وٽ معتبر ناهي. پر هن حديث کي ٻين روايتن سان قوت ملي ٿي ان جي ڪري منڪر ناهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته هن حديث ۽ هن کان اڳين حديثن ۾ صراحت آيل ناهي ته رسول الله جن هٿ مبارڪ جي ڪهڙي آڱر ۾ مُنڊي پائيندا هئا. پر صحيحين ۾ صراحت آهي ته پاڻ چيچ ۾ مُنڊي پائيندا هئا. بلڪه مسلم، ابي داؤد ۽ ترمذي ۾ اشهد ۽ وچين آڱر ۾ مُنڊي پائڻ کان منع آيل آهي ۽ آڱوٺي ۽ وچين آڱر ۾ مُنڊي پائڻ ثابت ناهي. ان جي ڪري مستحب آهي ته چيچ ۾ مُنڊي پائجي. نووي ߋ فرمايو ته چيچ مرد جي لاءِ ڏيڻ وٺڻ ۾ ڪنهن سان ڀرجڻ ۽ لڳڻ کان محفوظ رهي ٿي.“ (شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 151)

فائدو: علامه ابن حجر ߋ فرمايو ته جيڪڏهن سينگار جي لحاظ سان ڪو مُنڊي پائڻ گهري ته ساڄي هٿ ۾ پائي. احاديث جي مطالعي مان مون وٽ اهو ثابت آهي. (خصائل نبوي ص 81)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3144 ج 12 ص 67 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 107 ، 108.

 

}100} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ حُمَيْدٍ الرَّازِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا جَرِيرٌ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْحَاقَ ، عَنِ الصَّلتِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : كَانَ ابْنُ عَبَّاسٍ ، يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ وَلاَ إِخَالُهُ إِلَّا قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو الصلت بن عبدالله d کان روايت آهي ته حضرت ابنِ عباس f پنهنجي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندو هو. منهنجو ئي خيال آهي ته ابنِ عباس f چيو ته رسول الله ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”اِخَال“ ۽ اَخَالُ ( همزه جي زير ۽ زبر سان ايندو آهي) پر زير سان اڪثر پڙهيو ويندو آهي. ۽ اهو پڙهڻ وڌيڪ فصيح آهي . مان گمان ٿو ڪيان، مان خيال ٿو ڪيان، مون کي ياد اچي ٿو. ٽنهي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ آيل الفاظ ”مان گمان ڪيان ٿو“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي جملو صلت بن عبدالله جو آهي ۽ علامه علي قاري ߋ فرمايو ته ”اهو جملو بعض الاصول ۾ ڪونه ٿو ملي ۽ ابو داؤد هن کي هن نموني آندو آهي ”محمد بن اسحاق چيو ته ”مون الصلت بن عبدالله کي سڄي هٿ جي چيچ ۾ مُنڊي پاتل ڏٺي. ان چيو ته ”مون حضرت عبدالله بن عباس f کي هن طرح ڏٺو ان نبي ڪريم جن کي اهڙي طرح ڏٺو. (جمع الوسائل ج 1 ص 102)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} رواه بنحوه ابو داؤد في ڪتاب الخاتم باب ماجاء في التختم في اليمين اواليسار رقم الحديث 4229ج 4 ص 91 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 108.

 

}101} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ أَيُّوبَ بْنِ مُوسَى ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ اتَّخَذَ خَاتَمًا مِنْ فِضَّةٍ ، وَجَعَلَ فَصَّهُ مِمَّا يَلِي كَفَّهُ ، وَنَقَشَ فِيهِ مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ ، وَنَهَى أَنْ يَنْقُشَ أَحَدٌ عَلَيْهِ وَهُوَ الَّذِي سَقَطَ مِنْ مُعَيْقِيبٍ فِي بِئْرِ أَرِيسٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابن عمر f کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن چاندي جي مُنڊي ٺهرائي. جنهن جي ٽِڪ هٿ جي تِريءَ ڏي هئي. ان ۾ ”محمد رسول الله“ اُڪريل هو. ۽ ٻين کي اهڙي نقش کان منع فرمايائون. هي  مُنڊي اها هئي جا حضرت معيقيب d کان ”اريس جي کوهه“ ۾ ڪِري پئي هئي.

مفردات جو شرح:  خَاتَمًا اي کلہھ : سڄي منڊي. ”كَفَّهُ “ ان جي هٿ جي تري) ” سَقَطَ“ : سقط کان ورتل، ڪري پئي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ مذڪور آهي ته ان مُنڊي جي ٽڪ تي ”محمد رسول الله“ نقش ٿيل هو. ۽ اها ٽڪ تريءَ واري پاسي هٿ جي اندرئين حصي ڏانهن ڪري ڇڏي هيائون. مسلم شريف جي روايت مان به ائين واضح آهي پر ابو داؤد جي روايت  ۾ هٿ جي پٺيءَ ڏانهن ظاهر ٿيل جو ذڪر آهي انهن ٻنهي روايتن مان ثابت ٿيو ته مُنڊيءَ جي ٽِڪ تريءَ واري پاسي ڏانهن ڪندا هئا پر اندرئين حصي ڏانهن ڪرڻ افضل ۽ اعلى آهي. امام نووِي ߋ فرمايو اندرئين حصي ڏانهن ڪرڻ سان تڪبر غُرور ۽ وڏائي کان بچاءُ ٿئي ٿو، ۽ حضور ڪريم جن ٻين کي هن نقش کان منع فرمايو. تان ته هر هڪ اهو نه لکي ۽ مُهر هڻڻ ۾ شڪ پيدا ٿئي ته اها مهر حضور ڪريم جي آهي يا ڪنهن ٻئي جي؟ (انوارِ غوثيه ص 145) ۽ اها ئي مُنڊي هئي جيڪا مُعيقيب کان اريس نالي کوهه ۾ ڪري پئي هئي ۽ ان ڳالهه تي خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم عمل ڪيو اهڙي ٻي منڊي نه ٺهرايائون تان جو اها کوهه ۾ ڪري پئي. معيقيب (ميم جي پيش ۽ عين جي زبر ۽ قاف جي زير سان) ابن ابي فاطمھ الدوسي بدري صحابي هو، جذام جي بيماري ٿي هيس پوءِ حضرت عمر d جي امر سان ان جو علاج ٽوهه سان ڪرايو ويو هو ته ان جو جذام (يعني ڪوڙهه) ختم ٿي ويو، اسلام آڻڻ ۾ آڳاٽو هو. حبش ڏانهن ٻي هجرت ۾ مهاجر هو ۽ اتيئي رهيل هو تان جو نبي ڪريم جن مدينه منوره ۾ آيا. ته پوءِ هي به اتي آيو حضور ڪريم جي مُنڊي سنڀاليندو هو. حضرت ابو بڪر، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان رضي الله عنهم ان کي بيت المال جو عامل ڪري رکيو هو. ۽ ابن حجر جو قول ته ”معيقيب حضرت عثمان d جو غلام هو. صحيح ناهي ۽ بعض حديثن ۾ آيو آهي ته ”حضرت معاذ بن جبل جي مُنڊيءَ تيمُحَمَّدُ رَسُوۡلُ اللهِ نقش ٿيل هو. اهو حضور ڪريم جن جي منع ڪرڻ کان پهريان هو. (جمع الوسائل ج 1 ص 153)

هيءَ حديث ٻين جن محدثن آندي آهي : انهن جو ذڪر حديث 94 جي تخريج ۾ مذڪور آهي.

 

}102} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَاتِمُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ ، عَنْ جَعْفَرِ  بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : كَانَ الْحَسَنُ وَالْحُسَيْنُ يَتَخَتَّمَانِ فِي يَسَارِهِمَا.

با محاوره ترجمو: حضرت جعفر بـــن محمد d پنهنجي پيءُ (محمد باقر d ) کان روايت ڪئي آهــــي ته حضرت امام حسن d ۽ حضرت امام حسين d مُنڊي کاٻي هٿ ۾ پائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”يَتَخَتَّمَانِ تثنيھ جو مشهور صيغو. مُنڊي پائيندا هئا. يَسَارِ کاٻو هٿ.

مسئلو: ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ افضليت لاءِ آهي ۽ هن روايت ۾ کاٻي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ جو ذڪر جواز بيان ڪرڻ واسطي آهي.

سمجهاڻي: هيءَ روايت امام باقر ߋ جي مرسل آهي امام سڳوري ڪنهن ٻئي کان ٻڌي آهي ڇوته حسنين ڪريمين مان حضرت امام حسن سان ته سندس ملاقات ثابت ناهي باقي حضرت حسين کي ان جو ڏسڻ ممڪن آهي ڇوته ڪربلا جي جنگ وقت امام محمد باقر ߋ چئن سالن جو هو ۽ اهو به ممڪن آهي ته ان پنهنجي والد حضرت امام زين العابدين ߋ کان ٻڌو هجي. پوءِ هيءَ روايت ٻنهي لحاظن سان مرسل آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 213) ۽ علامه الزين العراقي ߋ فرمايو آهي ”شمائل جي مؤلف کاٻي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ جي لاءِ هن اثر کان سواءِ ڪجهه به نقل نه ڪيو آهي ۽ بعض سنَدُن سان هن روايت جو حضرت نبي ڪريم جن تائين مرفوع هجڻ ثابت آهي جنهن ۾ حضرت ابو بڪر، حضرت عمر ۽ حضرت علي رضي الله عنهم جو به ذڪر آيل آهي. اها روايت ابو الشيخ في اخلاق النبي ۾ ۽ البيهقي الادب ۾ آندي آهي.  ۽ ان جا الفاظ هي آهن ته رسول الله ۽ (حضرت) ابو بڪر ۽ (حضرت) عمر ۽ (حضرت) علي ۽ (حضرت) حسن ۽ (حضرت) حسين (رضي الله عنهم) کاٻي هٿ ۾ مُنڊي پائيندا هئا ۽ مصنف جو هن روايت کي هن باب ۾ آڻڻ جو مقصد حالانڪه اهو ترجمة الباب جي ضد ۾ آهي هن ڳالهه تي متنبه ڪرڻ آهي ته ”هن روايت مان حجت نه ورتي ويندي جيتوڻيڪ ان جون روايتون صحت جي درجي کي پهتل آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 213)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البيهقي فـي شعب الايمان ج 5 ص 203 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي   ص 111.

 

}103} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عِيسَى وَهُوَ ابْنُ الطَّبَّاعِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبَّادُ بْنُ الْعَوَّامِ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي عَرُوبَةَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّهُ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ وَقَالَ أَبُو عِيسٰى : هَذَا حَدِيثٌ غَرِيبٌ لاَ نَعْرِفُهُ مِنْ حَدِيثِ سَعِيدِ بْنِ أَبِي عَرُوبَةَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسٍ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَحْوَ هَذَا إِلَّا مِنْ هَذَا الْوَجْهِ. وَرَوَى بَعْضُ أَصْحَابِ قَتَادَةَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّهُ كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَسَارِهِ وَهُوَ حَدِيثٌ لاَ يَصِحُّ أَيْضًا.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم مُنڊي ساڄي هٿ ۾ پائيندا هئا.

مفردات جو شرح : اڳ ۾ مذڪور ساڳيو آهي.

سمجهاڻي: جدا ڪانه آهي ساڳي مذڪور آهي. پر شمائل جي بعض نسخن ۾ ڪجهه وڌيڪ الفاظ آيل آهن جن جو ترجمو هي آهي. ”ابو عيسى (ترمذي) ߋ فرمايو ته هيءَ حديث غريب آهي ان کي سعيد بن ابي عروبه کان ان جي سند سان قتاده کان حضرت انس بن مالڪ d کان هيءَ روايت هن وجه کان سواءِ اسين نه ٿا سڃاڻون، ۽ قتاده d جي بعض شاگردن قتاده کان، حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن کاٻي هٿ ۾ مُنڊي پاتي هئي ۽ اها حديث به صحيح ناهي. محدث ڪانڌلوي صاحب لکيو آهي ته امام ترمذي جي تحقيق هيءَ آهي ته” هي ٻئي روايتون صحيح ناهن جنهن جو مطلب آهي ته حضرت انس d جي حديث ۾ هٿ جو تعيُّن ناهي. هي محدثن جي احتياط جي نهايت آهي ته اهي حديث جي ٽڪري ۽ حصي تي به اونهي نظر رکندا هئا ته ڪهڙي حديث ۾ ڪهڙو مضمون صحيح آهي ۽ ڪهڙو مضمون صحيح ناهي اها ئي شيءِ آهي جنهن جي بدولت حديث شريف جو فن اڄ تائين نهايت مضبوطي، نورانيت ۽ چمڪ سان پکڙيل آهي. رسول الله جن جي طرفان ٻنهي هٿن ۾ منڊي پائڻ ثابت آهي ساڄي هٿ ۾ مُنڊي پائڻ جون روايتون هن باب ۾ مذڪور آهن ۽ کاٻي هٿ ۾ پائڻ جون روايتون ابو داؤد، مسلم وغيره ۾ موجود آهن. محدث نووي ߋ انهن ٻنهي قسمن جي روايتن کي صحيح قرار ڏنو آهي پر محدثن جو اهو قاعدو رهيو آهي ته ”حديث جي متن صحيح هجڻ جي باوجود اگر ڪنهن خاص سبب جي ڪري اها محدثن جي قاعدي جي موافق ناهي ته ان خاص طريقي تي بحث ڪن ٿا. ان جي ڪري محدث ترمذي هتي بحث ڪيو آهي. (خصائل نبوي ص 84)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  النسائي في ڪتاب الزينة باب 77 موضع الخاتم ج 8 ص 193 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 109 {3} ابن الجوزي في العلل المتناهية ج 2 ص 693.

}104}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عُبَيْدِ اللَّهِ الْمُحَارِبِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْعَزِيزِ بْنُ أَبِي حَازِمٍ ، عَنْ مُوسَى بْنِ عُقْبَةَ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَاتَمًا مِنْ ذَهَبٍ ، فَكَانَ يَلْبَسُهُ فِي يَمِينِهِ ، فَاتَّخَذَ النَّاسُ خَوَاتِيمَ مِنْ ذَهَبٍ فَطَرَحَهُ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَقَالَ : لاَ أَلْبَسُهُ أَبدًا فَطَرَحَ النَّاسُ خَوَاتِيمَهُمْ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابن عمر f کان روايت آهي ته رسول الله جن سوني مُنڊي ٺهرائي ۽ ان کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ پائيندا هئا (پاڻ سڳورن کي ڏسي) ٻين اصحابن سڳورن به سونيون منڊيون ٺهرايون. رسول الله ان سوني مُنڊيءَ  کي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ فرمايائون ته ”هاڻي آءُ هن سوني مُنڊي کي ڪڏهن به نه پائيندس.“ پوءِ ماڻهن (اصحابن سڳورن) به پنهنجون(سونيون) مُنڊيون لاهي اڇلائي ڇڏيون.

مفردات جو شرح: ”ذَهَبٍ سون. ”فَاتَّخذَ النَّاسُ پوءِ ماڻهن به سڀني يا صرف مردن) اهڙيون منڊيون ٺهرايون.خَوَاتِيمَ خاتم جو جمع آهي. مُنڊيون. طَرَحَ اڇلايائون. لاهي ڇڏيائون. طرحُ کان ورتل آهي. ڪڍي رکڻ، حمل جو ڪِري پوڻ، خواتيم ۾ ”تا“ اشباع جي آهي. (انوارِ غوثيھ ص 145)

سمجهاڻي: هن حديث ۾ ارشاد آهي ته رسول الله جن سوني مُنڊي ٺهرائي هئي. ۽ هيءَ ساڳي ڳالهه امام بخاري ߋ به آندي آهي پر ان ۾ آهي ته ان جي ٽڪ هٿ جي اندرئين طرف ڪري ڇڏي هيائون. ۽ ان ۾ ”محمد رسول الله“ لکيل هو. پر اهو مردن جي لاءِ سون جي پائڻ جي حرام ٿيڻ کان پهريان هو ۽ ان ۾ عورتون داخل ناهن ۽ حضور ڪريم جن جي طرفان ان جي لاهڻ کان پوءِ صحابه ڪرام عليهم الرضوان به اهي لاهي ڇڏيون. ۽ حضور ڪريم جن جو فرمان ته ”مان اها هاڻي هميشه نه پائيندس“ مردن کي سون جي استعمال ڪرڻ کان منع لاءِ آهي ۽ چئن ئي مذهبن جي امامن مردن جي لاءِ سون جي استعمال کي حرام چيو آهي. بلڪه حضور ڪريم جن جڏهن ڏٺو ته ماڻهو تڪبر ۽ غرور جي لحاظ سان منڊيون پائن ٿا ته پاڻ چانديءَ جي منڊي  به لاهي رکي هيائون. (جمع الوسائل ج 1 ص 214)  علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته اها منڊي اها هئي جنهن جي ٽڪ حبشي هئي. (المواهب شرح الشمائل ص 215) ۽ هڪ ٻي حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله جن هڪ هٿ ۾ سون ۽ هڪ هٿ ۾ خالص ريشم کڻي فرمايو ته ” هي ٻئي منهنجي امت جي مردن تي حرام آهن ۽ عورتن جي لاءِ حلال آهن. (انوارِ غوثيه  ص 146)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} مسلم في ڪتاب اللباس والزينة باب 11 تحريم خاتم الذهب علي الرجال رقم الحديث 2091 ج 3 ص 1655 {2} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 470       {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 800 ج 2 ص 539.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting