خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٽيٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي تَعَطُّرِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ انهن روايتن جو ذڪر آهي جيڪي

 (سيدنا) رسول الله جي خوشبوء لڳائڻ جي باري ۾ آهن

 

سمجهاڻي: يعني پاڻ العطر (عين جي زبر سان) ڪيئن لڳائيندا هئا. البيجوري ߋ لکيو آهي ته وقد کان طيب الرائحة وان لم يمس طيبا کما جاء ذالک في الاخبار الصحيحة (المواهب شرح الشمائل ص 351) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي تهواعلم انه کان طيب الريح دائمًا وان لم يمس طيبا ۽  علامه مناوي ߋ لکيو آهي وقد کان طيب الرائحة دائما وان لم يمس طيبا کما جاء بِذالِکَ الۡاَخۡبَار الصحاح لکنه کان يحب الزيادة  منه (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 2) مذڪوره سڀني عبارتن جو مطلب هي آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن خوشبوء نه لڳائڻ جي باوجود خوشبودار هئا. جيئن صحيح احاديث ۾ آيل آهي پر ان هوندي به پاڻ عطر لڳائي ان خوشبوء ۾ واڌارو ڪرڻ فرمائيندا هئا. حضرت انس d فرمايو آهي ته مَا شَمِمۡتُ رَيۡحًاقَطُّ وَلَا مِسۡکًا وَلَا عَنۡبَر، اَطۡيَبَ مِن رِّيۡحِ رَسُوۡلِ اللهِ رواه احمد والبخاري بلفظ و مِسۡکَا وَلَاعَنۡبرًا يعني مون ڪڏهن به ڪا خوشبوء نه مشڪ ۽ نه عنبر سنگهيو جيڪو رسول الله جي پاڪ پگهر کان وڌيڪ خوشبودار هجي.

ٻين کي خوشبودار بنائڻ: الطبراني روايت آندي آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن پنهنجي پاڪ هٿ تي ڦوڪ ڏئي عقبه نالي صحابي جي پُٺي ۽ پيٽ تي گهمايو ته ان مان اهڙي خوشبوء ايندي هئي جو ان جون چار گهرواريون هيون سڀئي ڪوشش ڪنديون هيون ته ان سان خوشبوء ۾ برابر ٿين پر برابر نه ٿينديون هيون حالانڪه اهو پاڻ خوشبوء نه هڻندو هو طبراني ۽ ابو يعلى روايت آندي آهي ته حضور ڪريم جن ان عورت جي نياڻي لاءِ پنهنجو پاڪ پگهر آڱر سان اگهي شيشي ۾ وڌو جنهن کانئن پنهنجي نياڻيءَ جي ڏاج لاءِ مدد گهري ۽ ان عورت کي فرمايائون ته ”پنهنجي نياڻيءَ کي امر ڪر ته ان سان خوشبوء هڻي“ پوءِ اها نياڻي جڏهن هيءَ خوشبوء لڳائيندي هئي ته مدينه جا رهاڪو اها خوشبوءِ (گهر ويٺي) سنگهندا هئا ۽ سندن گهر جو نالو ”خوشبودارن جو گهر“ رکيو ويو. دارمي، بيهقي ۽ ابو نعيم روايت آندي آهي ته رسول الله جن جنهن رستي سان لنگهندا هئا ۽ ان سان ٻيو ڪو لنگهندو هو ته سندن خوشبوء ان رستي سان محسوس ڪري سمجهندو هو ته هن رستي سان پاڻ لنگهي ويا آهن ۽ پاڻ ڪنهن پٿر کان لنگهندا هئا ته اهو کين سجدو ڪندو هو  ابو يعلى ۽ بزار به صحيح سند سان اهڙي روايت آندي آهي. ۽ صحيح مسلم شريف ۾ آهي ته رسول الله جن (حضرت) انس جي ماءُ جي گهر ۾ ننڊ ڪرڻ فرمائي پوءِ کين پگهر آيو ته ان بيبي صاحبه سندن پگهر (ڪنهن طريقي سان) اگهي شيشي ۾ وڌو جڏهن پاڻ سجاڳ ٿيا ته پڇيائونس اي ام سُليم! هي ڇا پئي [ ڪرين؟ ان عرض ڪيو ته هي اوهان جو (پاڪ) پگهر اسين خوشبوء ۾ ملايون ٿا ۽ اهو وڌيڪ خوشودار آهي.“

حضرت حبيب ڪريم جي

 فضلات، پيشاب ۽ پيٽ مان نڪرڻ واري شيءِ جو حڪم

طبراني حسن يا صحيح سنَد سان روايت آندي آهي : ام المومنين سيده عائشه g عرض ڪيو ته يا رسول الله ! بلاشڪ مان اوهان کي ڏسان ٿي ته اوهان بيت الخلاء ۾ وڃو ٿا ان کان پوءِ ٻيو ڪو اچي ٿو ته اهو اوهان مان نڪرندڙ شيءِ جو ڪو اثر نه ٿو ڏسي ؟ِ پاڻ فرمايائون ته ”ڇا توکي اهو علم ناهي ته الله زمين کي امر ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو ڪجهه نبين عليهم الصلواة والسلام مان نڪري اهو ڳهي ڇڏي.“ ۽ اها روايت ابن سعد ۽ حاڪم پنهنجي مستدرڪ ۾ جدا طريقن  سان روايت ڪئي آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته اهو سندن پيٽ مبارڪ مان نڪرڻ واري پائخاني جو معاملو هو. ۽ پر سندن پيشاب پوءِ ان کي هڪ کان وڌيڪ گهڻن مشاهدو ڪيو هو. ۽ سندن آزاد ڪيل ٻانهي برڪة، ام ايمن ۽ سندن گهرواري ام حبيبه جي خادمه برڪت، ام يوسف جيڪا سائڻ سان گڏ حبشه کان آئي هئي انهن پيتو هو ۽ حضور ڪريم جو هڪ ڪاٺ جو پيالو سندن کٽ جي هيٺان رکيل هو پاڻ ان ۾ پيشاب ڪرڻ فرمائيندا هئا اهو پيشاب مذڪوره بيبي برڪت پيتو ته موت واري مرض کان اڳي ڪڏهن به اها بيمار نه ٿي. ۽ پهرين برڪت نالي خادمه کان روايت آهي ته رسول الله جن رات جو اٿيا ۽ اتي پيل ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پيشاب ڪرڻ فرمايائون. مون رات جو اٿي اهو پي ڇڏيو، ۽ مون کي خبر نه هئي. پوءِ صبح جو رسول الله جن مون کي ارشاد فرمايو ته اي ام ايمن! اٿي جيڪو هن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پيل آهي اهو هاري ڇڏ.“ مون کين عرض ڪيو ته ”الله جو قسم ان ۾ جيڪو هو اهو ته مون پي ڇڏيو.“ اهو ٻڌي پاڻ ايترو کِليا جو سندن ڏند مبارڪ ظاهر ٿيا ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته” اي ام ايمن! الله جو قسم ته تنهنجي پيٽ ۾ ڪڏهن به درد نه پوندو.“ علامه ابنِ حجر ߋ فرمايو ته اسان جي متقدمن امامن وغيرهم هن سان حضور ڪريم جي فضلات جي پاڪ هجڻ تي دليل ورتو آهي ۽ اهو متفق مختار قول آهي متاخرين جي هڪ جماعت وٽ ان جا ڪثير دلائل آهن ۽ ان ڳالهه کي (ديني علم جي) امامن حضور ڪريم جي خصائص مان ڳڻيو آهي. ۽ بعض جو قول آهي ته ان جو سبب سندن (پاڪ) پيٽ کي چيرڻ ۽ ان جو ڌوئڻ آهي. (جمع الوسائل شرح الشمائل ج 2 ص 3)

ڪهڙن موقعن تي تي خوشبوءِ لڳائڻ جو تاڪيد آهي: علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته هنن موقعن تي مردن جي لاءِ خوشبوءِ لڳائڻ جو تاڪيد آهي (1) جمعه جي ڏينهن (2) عيدين جي لاءِ (3) احرام جي وقت (نيت ڪرڻ کان اڳ ۾ ) (4) جماعت ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ (5) محفلن ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ              (6) قرآن ڪريم جي تلاوت وقت (7) علم پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي لاءِ (8) ذڪر ڪرڻ جي لاءِ. زال ۽ مڙس ٻنهي کي گڏ ٿيڻ وقت ۽ خوشبوءِ لڳائڻ. معاشري جي سونهن آهي.  (المواهب شرح الشمائل ص 351)

{216 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ رَافِعٍ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ قَالُوا : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ الزُّبَيْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا شَيْبَانُ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْمُخْتَارِ ، عَنْ مُوسٰى بْنِ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : كَانَ لِرَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ سُكَّةٌ يَتَطَيَّبُ مِنْهَا.

با محاوره ترجمو: حضرت موسى d پنهنجي پيءُ انس بن مالڪ d کان روايت ڪئي ته رسول الله جن وٽ خوشبو (عطر جي) شيشي هئي، ان مان خوشبوءِ لڳائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”سُكَّةٌ هڪ قسم جي خوشبوءِ يا اها دٻي جنهن ۾ خوشبوءِ رکندا هئا. يَتَطَيَّبُ خوشبوءِ لڳائيندا هئا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ حبيب ڪريم جن جي خوشبوءِ لڳائڻ جو ذڪر آهي. اهڙي طرح نسائي  ۽ پنهنجي تاريخ ۾ بخاري محمد بن علي کان روايت آندي آهي. ان چيو ته مون ام المؤمنين سيده عائشه g کان پڇيو ته ”ڇا نبي ڪريم جن خوشوء هڻندا هئا؟ ان فرمايو ته ”هائو رنگ کان خالي خوشبوء مشڪ ۽ عنبر هڻندا هئا. اهڙي طرح بعض روايتن مان عود لڳائڻ به ثابت آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الترجل باب 2 ماجاء في استحباب الطيب رقم الحديث 4162 ج 4 ص 76 {2} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 399 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 87 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3167 ج 12 ص 85.

{217} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَزْرَةُ بْنُ ثَابِتٍ ، عَنْ ثُمَامَةَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : كَانَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، لاَ يَرُدُّ الطِّيبَ ، وَقَالَ أَنَسٌ : إِنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ لاَ يَرُدُّ الطِّيبَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ثمامھ بن عبدالله d کان روايت آهي ته حضرت انس بن مالڪ d خوشبوءِ نه موٽائيندو هو ۽ چوندو هو ته نبي جن به خوشبوء يا سُرهي شيءِ نه موٽائيندا هئا.

مفردات جو شرح: لاَ يَرُدُّ نه موٽائيندا هئا، واپس نه ڪندا هئا. الطِّيبَ خوشبوءِ ڪهڙي به قسم جي هجي.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته جيڪا خوشبوء هدية ۽ تحفة  طور ملي اها نه موٽائجي بلڪه قبول ڪجي. ڇوته رسول الله جن اهڙي قسم جو تحفو قبول ڪرڻ فرمائيندا هئا، موٽائيندا نه هئا. شارحن ڀلارن لکيو آهي ته خوشبوءِ کي قبول ڪرڻ ۾ حڪمتون آهن. (1) هڪ هي ته گهڻو ڪري اهو هديو ڳري قيمت وارو نه هوندو آهي جو پيش ڪندڙ کي تڪليف محسوس ٿئي. (2) ٻيو ته وٺڻ واري جي طبيعت کي به بار محسوس نه ٿيندو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته رسول الله جن ڪنهن جي دل شڪني پسند نه ڪندا هئا ۽ ان قسم جو تحفو قبول نه ڪرڻ تحفي ڏيندڙ جي دل شڪني هوندي آهي ۽ خوشبوء ته کين گهڻو پسند هئي ان جي ڪري هديه جميله کي قبول ڪرڻ گهڻو سهڻو هو. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته هيءَ حديث صحيح آهي ۽ هڪ حديث ۾ خوشبوءِ کي موٽائڻ کان منع ۽ ان جي حڪمت به بيان ٿيل آهي. حضرت ابو هريره d کان مرفوعًا روايت آهي ته ”جنهن کي خوشبوءِ  پيش ڪئي وڃي اهو ان کي نه موٽائي. بلاشڪ اها کڻڻ  ۾ هلڪي ۽ سرهي بوءِ آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 4)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الهبة باب 9 مالا يرد من الهدية رقم الحديث 2582 ج 5 ص 209 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 72 الطيب ج 8 ص 189 {3} احمد في المسند ج 3 ص 133 {4} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 399 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 88 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3170 ج 12 ص 86، 87

{218} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي فُدَيْكٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مُسْلِمِ بْنِ جُنْدُبٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ثَلاَثٌ لاَ تُرَدُّ : الْوَسَائِدُ ، وَالدُّهْنُ ، وَاللَّبَنُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عمر f کان روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو : ٽي شيون نه موٽائجن (1) وهاڻو (2) خوشبوءِ وارو تيل.(3) کير

مفردات جو شرح: ثَلاَثٌ ٽي. ”اَلْوَسَائِدُ“ وسادة (واو جي زير سان) جو جمع آهي. وهاڻو. جيڪو ننڊ ڪرڻ جي وقت مٿي جي هيٺان رکيو ويندو آهي ۽ هن جو جمع ”وسادات“ به ايندو آهي ۽ الوساد ”ة“ کان سواءِ هر ان شيءِ کي سڏيو ويندو آهي جنهن تي ٽيڪ ڏني وڃي پوءِ اها مٽيءَ مان هجي يا ڪپڙي مان يا ٻي ڪنهن شيءِ مان ۽ ان جو جمع وُسد ايندو آهي جيئن ڪتاب جو جمع ” کُتب“ ايندو آهي ۽ هڪ قول آهي ته الوساد. الوسادة ۾ هڪ لغت آهي ۽ هتي معنى آهي ته اهو جڏهن ويهڻ جي لاءِ وڇايو وڃي ته ويهڻ جي لائق هجي. اَلدُّهْنُ (دال جي پيش سان) هر اها شيءِ تيل وغيرها جيڪا مکي وڃي، پــر هــتي مــراد اها رکڻ واري شيءِ آهـــي،  جيڪا خوشبودار  هجي.  ”الطيب“ خوشبو ۽ هڪ نسخي مانوَاللَّبَنُ کير آيل آهي.

سمجهاڻي : هــــن حديث مان معلوم ٿيو ته ٽي شيون جيڪڏهن تحفي ۾ ملن ته موٽايون نه وينديون. (1) وهاڻا جن تي مٿو رکي ننڊ ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي ”المخدة“ ڳل جي رکڻ جي جاءِ به سڏيو ويندو آهي ڇوته ڪڏهن ڳل جي هيٺان به رکيو ويندو آهي. جيئن ان متعلق سنت وارد آهي. (2) ٻيو ”الدهن“ مکڻ واري خوشبودار، سڻڀي شيءِ هتي اها مراد آهي ڪڏهن ان کي سرهو تيل سڏيو ويندو آهي ته ڪڏهن ان کي ”الطيب“ سڏيو ويندو آهي. (3) ٽيون : خوشبوءِ  اها به هديي ۽ تحفي ۾ ملي ته نه موٽائي ويندي. ۽ هڪ نسخي ۾ ”اللبن“ کير آيو آهي.

نه موٽائڻ وارين شين جو تعداد : ”الاتحافات الربانية“ جي صاحب علامه جلال الدين سيوطي ߋ جي حوالي سان هڪ شعر لکيو آهي، جنهن ۾ نه موٽائڻ وارين شين جو تعداد ست آهي. شعر هي آهي.

عَنِ الۡمُصۡطَفيٰ سَبۡعُ يُّسَنُّ قُبۡولُهَا    اَذَا مَابِهَا قَدِ اتَّحَفَ الۡمَرءَ خُلَانَ

فَــحَلۡوُٗ واللَّبَنۡ ودَهۡنُٗ وَوَسَادَة ٌوَرِزۡقُٗ الۡمُحۡتَاحِ وَ طِيۡبٌ وَّرَيۡـــــحَان

 يعني سيدنا رسول الله جن کان ست شيون آيل آهن جن جو  قبول ڪرڻ سنت آهي، جڏهن ڪنهن شخص کي دوست اهي تحفي طور ڏين. (1) حلوو (2) کير (3) تيل (4) وهاڻو (5) محتاج جي روزي (6) خوشبوء (7) خوشبودار گل. (انوارِ غوثيھ ص 289)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 13279 ج 12 ص 336 {2} ابنِ حبان في الثقات ج 4 ص 110 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3173 ج 12 ص 88 {4} ابو نعيم في اخبار اصبهان ج 1 ص 99 {5} البيهقي في الشعب ج 5 ص 132.

{219 حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ الْحَفَرِيُّ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنِ الْجُرَيْرِيِّ ، عَنْ أَبِي نَضْرَةَ ، عَنْ رَجُلٍ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ  وَسَلَّمَ : طِيبُ الرِّجَالِ مَا ظَهَرَ  رِيحُهُ وَخَفِيَ  لَوْنُهُ  ، وَطِيبُ  النِّسَاءِ مَا ظَهَرَ   لَوْنُهُ وَخَفِيَ رِيحُهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: مردن جو عطر (خوشبوءِ) اهو آهي، جنهن جي خوشبوءِ ظاهر ۽ رنگ ظاهر نه هجي ۽ عورتن لاءِ خوشبوءِ اها آهي جنهن جو رنگ  ظاهر ۽ هٻڪار مخفي هجي. (جيئن ميندي، مُساڳ وغيره)

مفردات جو شرح: ”طِيبُ الرِّجَالِ مردن جي خوشبوء اَلطِيبُ جو لفظ مصدر ۽ اسم ٻنهي جي معنى ۾ ايندو آهي ۽ هتي ان مان مراد اسم جي معنى آهي. ”معناه ما يتطيب به جنهن سان خوشبوء ڪئي وڃي. (علي ما ذکره الجوهري) هتي مصدري معنى مراد وٺڻ به صحيح ۽ غير بعيد آهي جيتوڻيڪ علامه ابن حجر ߋ ان کي بعيد چيو آهي. رِيحُهُ ان جي خوشبوء  ” لَوْنُهُ رنگ خَفِيَ لڪل رهيو.

سمجهاڻي : سرڪارِ  دو عالم جي هن ارشاد مبارڪ مان معلوم ٿيو ته مردن کي گهرجي ته اهڙي خوشبوء استعمال ڪن جنهن جي سرهاڻ ٻين کي محسوس ٿئي پر ان جو رنگ ظاهر نه هجي. جيئن گلاب، مشڪ، عنبر يا اهڙي قسم جي ڪا ٻي سرهاڻ، پر عورتن جي لاءِ اهڙي خوشبوء هجي جنهن جو رنگ نمايان هجي پر سرهاڻ نهايت پوشيده، هلڪي هجي جيئن زعفران، کستوري ، ميندي يا اهڙي ڪا ٻي خوشبوء . علماء ڪرام فرمايو ته هن وقت عورتن جي لاءِ نهايت ضروري آهي ته جڏهن ڪا ٻاهر نڪري ته قطعًا خوشبو استعمال نه ڪري. حضرت نسائي ابو موسى اشعري d کان روايت ڪئي آهي ته اَيُّمَا امۡراةِِ اِسۡتَعَطَرتۡ فَمَرَّتۡ عَلٰي قَوۡمِِ  لِيَجِدَ رِيۡحَهَا فَهِيَ زَانِيَةٌ يعني جنهن به عورت خوشبوء هنئي پوءِ ڪنهن قوم (ماڻهن) کان (ان ارادي سان) لنگهي ته ان جي خوشبوء محسوس ڪن ته اها زانياڻي آهي. احمد، مسلم ابو داؤد ۽ نسائي حضرت ابو هريره d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن  ارشاد فرمايو ته اَيُّمَا امۡراةِِ اَصَابَتۡ بُخۡوۡرًا فَلَا تَشۡهَدۡ مَعَنَا الۡعِشَاءَ الۡآخِرَةَ“ (يعني جنهن به عورت بخور (يعني سرهاڻ) استعمال ڪئي اها اسان سان سومهڻي نماز تي حاضر نه ٿئي.) عورت جنهن وقت پنهنجي گهر ۾ هجي ته جنهن طرح مناسب سمجهي پاڻ کي معطر رکي سگهي ٿي. اڄ جي ماحول ۾ ڪيترو افسوس آهي جو مسلمان عورتون حضور ڪريم جي پاڪيزه اخلاق واري تعليم کان بلڪل خالي آهن ۽ يورپي تهذيب جي پوئلڳ ٿي انڌا ڌُنڌ براين ۾ ڪاهي پيون آهن نه حياء آهي نه پردو، نه غيرت نه شرم. بلڪه قسمين قسمين جون سينٽون هڻي فخر سان بازارن ۾ هلن ٿيون حالانڪه ان سلسلي ۾ حضور ڪريم جا واضح ارشادات موجود آهن. الله کان دعا آهي ته اهو اسان جي مسلمان مائرن، ڀينرن، نياڻين کي حضرت نبي ڪريم جي عفت ۽ عصمت واري احڪام تي هلڻ جي توفيق نصيب فرمائي. (انوارِ غوثيه ص 290) جمع الوسائل ج 2 ص 5)  هيءَ حديث هڪ طويل حديث جو حصو آهي هتي مختصر بيان ٿيل آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن  محدثن آندي آهي : {1} رواه ابوداؤد في ڪتاب النڪاح باب 50 مايکره من ذکر الرجل ما يکون من اصابته اهله رقم الحديث 2174 ج 2 ص 252 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 32 الفصل بين طيب الرجال و طيب النساء ج 8 ص 151 {3} احمد في المسند ج 2 ص 540 {4} البيهقي في الشعب ج 6 ص 169 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3162 ج 12 ص 80 بسند الشمائل و متنھ .

{220} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : أَنْبَأَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ ، عَنِ الْجُرَيْرِيِّ ، عَنْ  أَبِي نَضْرَةَ ، عَــنِ الطُّفَاوِيِّ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِثْلَهُ  بِمَعْنَاهُ.

هن حديث جي معنى ۽ مفهوم ساڳي اڳين حديث واري آهي، ۽ هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي اهي به ساڳيا اڳين حديث وارا آهن.

{221 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ خَلِيفَةَ ، وَعَمْرُو بْنُ عَلِيٍّ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا يَزِيدُ بْنُ زُرَيْعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَجَّاجٌ الصَّوَّافُ ، عَنْ حَنَانٍ ، عَنْ أَبِي عُثْمَانَ النَّهْدِيِّ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا أُعْطِيَ أَحَدُكُمُ الرَّيْحَانَ فَلاَ يَرُدُّهُ ، فَإِنَّهُ خَرَجَ مِنَ الْجَنَّةِ.

قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَلاَ نَعْرِفُ لِحَنَانٍ غَيْرَ هَذَا الْحَدِيثَ. وَقَالَ عَبۡدُالرَّحۡمٰنِ ابۡنُ اَبِي حَاتِمَ فِي کِتَابِ الۡجَرَحِ وَالتعۡدِيۡلِ حَنَانُ الۡاَسَدِيُّ مِن بَنِيۡ اَسَدِ  بِنۡ شَرِيۡکِ وَهُوَ صَاحِبُ الرَّقِيۡقِ عَمُّ وَالِدِ مُسَدَّدِِ وَ رَوَيٰ عَنۡ اَبِي عُثۡمَانَ النَّهۡدِيِّ وَرَوَيٰ عَنۡهُ الۡحُجَّاجُ بنُ اَبِي عُثۡمَانَ الصَّوَّافُ سَمِعۡتُ اَبِي يَقُوۡلُ ذَالِکَ

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو عثمان نهدي d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: اوهان مان ڪنهن کي نازبوءِ ملي ته نه موٽائي ڇوته نازبوءِ بهشت مان آيل آهي.

ابو عيسى فرمايو ته : اسين حنان جي هن کان سواءِٻي حديث ڪونه ٿا سڃاڻون ۽ عبدالرحمان بن ابي حاتم کتاب ”الجرح والتعديل“ ۾ فرمايو ته : حنان اسدي بني اسد بن شريڪ مان آهي ۽ اهو الرقيق جو صاحب  مسدد جي والد جو چاچو آهي ۽ ان ابي عثمان النهدي کان روايت آندي آهي ۽ ان کان حجاج بن ابي عثمان الصواف روايت ڪئي آهي. مون پنهنجي پيءُ کي ائين چوندي ٻڌو هو.

مفردات جو شرح :  ”الرَّيْحَانَ هن جون مختلف معنائون آهن خوشبوء، رحمت، سڪون، آسائش، صاحب، دوست.

سمجهاڻي: هن حديث مان ثابت ٿيو ته خوشبوء اصل جنت مان آيل آهي الله جنت جي خوشبوئن جو نقل دنيا ۾ ان جي لاءِ پيدا فرمايو ته هيءَ جنت  ڏانهن رغبت ڏيارڻ جو سبب بنجي ۽ ان ڏانهن شوق جي زياده ڪرڻ جو ذريعو ٿئي. ڇوته خوشبوء ڏانهن طبعي طور رغبت هوندي آهي ۽ طبيعت کي اوڏانهن ڪشش هوندي آهي. پر دنيا جي خوشبوئن کي جنت جي خوشبوئن سان ڪهڙي نسبت؟ جو ان جي سرهاڻ ايتري پنڌ تي پهچي ٿي جو پنج سؤ سال ۾ اهو رستو طئي ڪري سگهجي ٿو. (خصائل نبوي ص 164) هن حديث مان اهو به معلوم ٿيو ته جنهن شيءِ جو اصل  جنهن کان آيو آهي اها تحفة يا هدية ملي ته نه موٽائجي جو ان ۾ تحفي ڏيندڙ جي دل ڏکوئجي ٿي ۽ هن جو اصل جنت مان آهي.“ هن چوڻ سان ان ڳالهه ڏانهن رغبت ۽ شوق ڏيارڻ به مقصود آهي ته نيڪ ۽ صالح اعمال گهڻا ڪيو تان ته جنت جي نعمتن سان مالا مال ٿي وڃو. اهل مغرب ”ريحان“ کي هڪ خاص وڻ سان مخصوص ڪن ٿا جنهن کي ”آس“ چوندا آهن. عراق ۽ شام وارا ”رحيق“ کي ريحان چوندا آهن. ”رحيق“ ڦودني کي چوندا آهن. (انوارِ غوثيه ص 291) ”ريحان“ سنڌي ٻوليءَ ۾ نازبوءِ جي گل کي چوندا آهن هڪ مشهور خوشبودار ٻوٽو آهي. لغت ۾ هر قسم جي خوشبوءِ کي به ”ريحان“ چوندا آهن. الله هر عمدي شيءِ اصل ۾ بهشت ۾ پيدا ڪئي آهي ان کان پوءِ دنيا ۾ انهن جهڙيون شيون ان لاءِ پيدا ڪيائين ته جيئن ماڻهن ۾ بهشت لاءِ شوق پيدا ٿئي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”خوشبوء جنت مان آهي“ جو مطلب ته اها اصل جنت ۾ آهي هتي ان جو نمونو پيدا ڪيو ويو آهي، اها مراد ناهي ته دنيا واري خوشبوء بعينھ جنت واري خوشبوء آهي، جيڪا هيٺ آندي وئي آهي. (جمع الوسائل شرح الشمائل ج 2 ص 6)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في المراسيل باب 107 ماجاء في الريحان حديث رقم 501 ص 342، 343 {2} الترمذي في کتاب الادب باب 37 ماجاء في کراهية رد الطيب حديث رقم 2791 ج 5 ص 108.

{222 حَدَّثَنَا عُمَرُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ بْنِ مُجَالِدِ بْنِ سَعِيدٍ الْهَمْدَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنْ بَيَانٍ ، عَنْ قَيْسِ بْنِ أَبِي حَازِمٍ ، عَنْ جَرِيرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : عُرِضْتُ بَيْنَ يَدَيْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، فَأَلْقَى جَرِيرٌ رِدَاءَهُ وَمَشَى فِي إِزَارٍ ، فَقَالَ لَهُ : خُذْ رِدَاءَكَ . فَقَالَ عُمَرُ لِلْقَوْمِ : مَا رَأَيْتُ رَجُلاً أَحْسَنَ صُورَةً مِنْ جَرِيرٍ إِلَّا مَا بَلَغَنَا مِنْ صُورَةِ يُوسُفَ عَلَيْهِ السَّلاَمُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جرير بن عبدالله d چيو ته مون کي حضرت عمر بن خطاب d جي اڳيان آندو ويو. راوي چوي ٿو ته پوءِ جرير پنهنجي چادر لاهي. گوڏ سان هلڻ لڳو. حضرت عمر d ان کي چيو ته پنهنجي چادر ڍڪ يا ويڙهه ۽ پوءِ حضرت عمر d ڪچهري وارن ماڻهن کي چيو ته مون (نبي ڪريم جي صحابن مان) جرير جهڙو صورت ۾ سهڻو ماڻهو ڪونه ڏٺو مگر (قرآن شريف ۾) جيڪا يوسف عليه السلام جي سونهن جي خبر اسان کي ملي آهي ته ان ۾ حسن وڌيڪ هو. 

مفردات جو شرح: ”عُرِضْتُ مــــان پيش ڪيو ويس. رِدَاءَهُ پنهنجي چادر کي. إِزَارٍُ“ گوڏ، لنگي.

سمجهاڻي: شمائل جي بعض نسخن ۾ هيءَ حديث ناهي ان جي ڪري هن باب سان هن حديث شريف جي ظاهري مناسبت ناهي. پر بعض شارحن مناسبت جو سبب لکيو آهي ته هن ۾ حضرت جرير جي حسن جو بيان آهي ۽ حسن واري لاءِ خوشبوء جو هجڻ ضروري آهي. علماء ڪرام فرمايو ته هن حديث شريف ۾ حضرت يوسف جي حسن جي استثناء ڪيل آهي، حضور ڪريم جي حسن جي استثناء ڪيل ناهي ان جي ڪري جو سندن حسن ڪائنات کان نرالو آهي ۽ جيئن حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي پيراهڻ واري خوشبوء حضرت يعقوب علٰي نبينا وعليهما الصلٰوة والسلام محسوس ڪئي هئي تيئن جن جا حواس ڪدورتن کان صاف آهن تن کي حضور ڪريم جي خوشبوء محسوس ٿيندي ڀلي هزارين ميلن جي فاصلي تي هجن. علامه سيوطي ߋ بيهقي جي حوالي سان خصائص ڪبرى  ۾ ام المؤمنين ام سلمھ g کان روايت آندي آهي ان فرمايو ته ”جنهن ڏينهن رسول الله جو وصال مبارڪ ٿيو ان ڏينهن مون پنهنجو هٿ سندن سيني پاڪ تي رکيو هو. هاڻي ڪيترا جمعا گذريا آهن ته مان ان هٿ سان کاوان ٿي ۽ ان کي ڌوئان ٿي پر اها خوشبوء منهنجي هٿ مان اڃان تائين نه ٿي ختم ٿئي. (انوارِ غوثيھ ص 293)

حضور جو جمال : علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”اسان جي نبي سڳوري جو جمال غايت ڪمال ۾ هو ۽ سندن حسن جي صفائي ۽ گهڻي چمڪ مان آهي ته سندن نور ڀِت تي پوندو هو ته اها آئيني وانگر صاف ٿي ويندي هئي اتاهين لگهندڙ ماڻهو ان ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پر الله سندن چمڪندڙ جمال ۽ حسن جي ڪمال کي گهڻن اصحابن کان ڍڪي ڇڏيو هو ڇوته جيڪڏهن اهو انهن جي اڳيان ظاهر ٿئي ها ته انهن لاءِ حضور ڪريم ڏانهن نهارڻ ڏکيو ٿي پوي ها ۽ جيڪو روايت ۾ آيو آهي ته ”حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي حسن جو اڌ ڏنو ويو.“ ان مان مراد ان زماني وارن جو حسن آهي.

سوال: هن روايت ۾ حضرت جرير جي حسن جي ڳالهه آهي پر حضرت دحية ڪلبي d جي لاءِ روايت ۾ آهي ته ”جڏهن ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيندو هو ته سندس ڏسڻ لاءِ شهر جون ڪنواريون عورتون به نڪري پونديون هيون ايڏو سهڻو هوندو هو.

جواب : حضرت دحية ڪلبي d چهري ۾ وڌيڪ سهڻو هو ان جو دليل هي آهي جو حضرت عمر d حضرت جرير d لاءِ اهي الفاظ ان وقت چيا هئا جڏهن سندس جسم جو (دن کان مٿيون حصو) ڪپڙن کان خالي هو. (جمع الوسائل شرح المناوي ج 2 ص 7، 8) ۽ حضرت عمر d جهاد جي موقعي تي لشڪر جو تفصيلي معائنو ڪرڻ ۽ هر هڪ جو امتحان وٺڻ وقت حضرت جرير d کي پيش ٿيندي ڏسي اهو فرمايو هو ۽ حضور ڪريم جو ذڪر ان جي ڪري نه ڪيائين جو سندن حسن حضرت يوسف کان گهڻو وڌيڪ هو. سندن حسن عام طور مستور هيو. (خصائل نبوي ص 165) هن حديث جي سند گهڻو ڪري ضعيف آهي ان ۾ ترمذي جو شيخ ، عمر بن اسماعيل، متروڪ آهي جيئن التقريب ج 2 ص 52 ۾ لکيل آهي ۽ الڪاشف جي صاحب فرمايو ته ”متهم“ آهي.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting