خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

 بِسْمِ الله الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ 

 

ترجمو : الله جي نالي سان شروع جيڪو گهڻو مهربان، نهايت ٻاجهارو آهي.

شرح : هتي ”ب“ کان اڳيان ”اَبۡتَدِاُ مُقَدَّر چئبو. مطلب ته مان الله جي نالي سان شروع ڪيان ٿو ۽ ان ذات کان مدد وٺان ٿو جنهن جي ذات جو هي پاڪ اسم آهي اهو ئي وڏيون ۽ دقيق قسم جون نعمتون عطا ڪندڙ آهي. هتي برڪت طور استعانت جي ”ب“ شروع ۾ آيل آهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته هتي ”ب“ متعدي ڪرڻ جي لاءِ آهي. اَيۡ اُقَدِّمُ اِسۡمَ اللهِ. (الله جي نالي کي اڳ ۾ ذڪر ڪيان ٿو) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته مراد آهي ته بالحق، واجب الوجود، جهان جي مُبۡدِعَ سان مدد وٺان ٿو.

اَللهُ: حق جو اسم ذات ۽ ان سان خاص آهي صفات سان موصوف هجڻ يا نه هجڻ جو ضرور ناهي ۽ جڏهن ان جو وجود اڳ ۾ آهي ته ذڪر ۽ فڪر ۾ به اهو اڳي آهي ان جي ڪري ڪجهه محققن جو قول آهي ته” مون هر شيءِ کان اڳ ۾ الله ڏٺو آهي“ الله جل شانه هو ۽ ٻي شيءِ نه هئي ۽ هينئر به ائين آهي جيئن اڳي هو. صوفياءِ ڪرام فرمايو ته ”هر اسم تخلق لاءِ آهي پر اسم ذات تعلق لاءِ آهي ۽ صحيح قول مطابق ”الله“ ئي اسم ذات آهي پر ان جي اثر ڪرڻ جي لاءِ شرط آهي ته جڏهن ”الله“ چوين ته تنهنجي دل غير کان بلڪل خالي هجي.

اَلرَّحۡمٰنِ : نهايت مهربان. يعني پنهنجي حڪمت جي تقاضائن موجب هر ڪنهن کي وجود ۽ ڪمال ڏيندڙ.

اَلرَّحِيۡم : خصوصي مهربان. جيڪو انساني نوع کي مخصوص معنوي ڪمال سان نوازي، ۽ هتي ”ب“ کان پوءِ ”اسم“ لفظ ان جي ڪري آندو ويو ته خلق پنهنجي هيئت تي برقرار رهي. جيڪڏهن اٿندي ئي ”بالله“ آندو وڃي ها ته خلق حق جي حقيقي جلون سان برف وانگر ڳري وڃي ها ۽ جڏهن اسم ذات”الله“ اڳ ۾ آندو ويو ته ان جي عظمت جي ابتدا ۾ عقل گم ٿي ويا ۽ ان جي الوهيت جي بحرن جي اڳيان ارواح بيهوش ٿي ويا ان جي ڪري پٺيان  اَلرَّحۡمَنِ الرَّحِيۡم آندائين ته رب ڪريم کي هڪ مڃڻ وارن جا قلب تسلي وارا ٿين ۽ مؤمنن جا سينا شفاء حاصل ڪن.

             (المواهب ص 8، جمع الوسائل ج 1 ص 2، شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 2)

 

  بِسْمِ اللهّٰ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ  جا فضائل

امام، فقيھ ابراهيم بن محمد باجوري شافعي (11981277 هه) شرح الشمائل ۾ هي فضائل لکيا آهن.

]1] حضرت سيدنا ابنِ عباس f کان روايت آهي ته مون رسول الله کان ٻڌو. پاڻ ڪريمن   فرمايو:

 خَيۡرُالنَّاسِ وَخَيۡرُ مَنۡ يَّمۡشِيۡ عَلٰي وَجۡهِ اۡلاَرۡضِ الۡمُعَلِّمُوۡنَ فَاِنَّهُمۡ کُلَّمَا خَلُقَ الدِّيۡنُ جَدَّ دُوۡهُ اَعۡطُوۡهُمۡ وَلَا تَسۡتَاجِرُوۡهُمۡ فَاِنَّ الۡمُعَلِّمَ اِذَا  قَالَ لِلصَّبِيِّ قُلۡ بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ فَقَالَهَا کَتَبَ اللهُ بَرآءةً لِلّصَبِيِّ وَبَرَآءَ ةً لِّلۡمُعَلِّمِ وَ بَرَآءَةً لِّاَبَوَيۡهِ مِنَ النَّارِ.

 يعني ماڻهن ۾ ڀلا ۽ جيڪي زمين ۾ هلن ٿا انهن ۾ ڀلا (دين) پڙهائيندڙ آهن اهي جڏهن به دين پراڻو ٿيندو (ان تي عمل نه رهندو) ته ان کي نئون ڪندا. انهن کي (مال) ڏيندا ڪيو انهن کي مزدور بڻائي نه رکو. بلاشڪ پڙهائيندڙ جڏهن ٻار کي بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ پڙهائي ٿو ۽ اهو پڙهي ٿو ته الله ان ٻار ۽ پڙهائيندڙ ۽ (ٻار جي) ماءُ ۽ پيءُ جي لاءِ (جهنم کان) آزادي لکي ڇڏيندو آهي.“

[2] حضرت سيدنا ابو هريره d کان روايت آهي ته ”مؤمن سان گڏ هلندڙ شيطان ۽ ڪافر سان گڏ هلندڙ شيطان پاڻ ۾ مليا. ڪافر سان گڏ هلندڙ شيطان سگهو، ٿلهو ۽ ڍڪيل هو ۽ مؤمن سان گڏ هلندڙ شيطان ڏٻرو، ڪمزور ۽ ڪپڙن کان خالي هو پوءِ ڪافر واري شيطان مؤمن سان گڏ هلندڙ شيطان کان پڇيو ته ”توکي ڇا ٿيو آهي جو هن حالت ۾ آهين؟ ان جواب ڏنو ته ”مان اهڙي شخص سان گڏ آهيان جو کاڌو ٿو کائي تهبِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ“  پڙهي ٿو ۽ مان بُک تي هوندو آهيان ۽ جنهن وقت پاڻي ٿو پيئي ته بهبِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ“  پڙهي ٿو ۽ مان اڃ ۾ هوندو آهيان ۽ جنهن وقت تيل مکي ٿو ته به بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ پڙهي ٿو ۽ مان گهنجيل وارن سان هوندو آهيان ۽ جنهن وقت ڪپڙا ڍڪي ٿو ته به بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ پڙهي ٿو ۽ مان ڪپڙن کان خالي هوندو آهيان پوءِ ڪافر واري شيطان چيو ته ” مان جنهن سان گڏ آهيان اهو ائين ڪونه ٿو ڪري پوءِ مان ان سان کاڌي، پاڻي، تيل هڻڻ ۽ ڪپڙن پائڻ ۾ شريڪ هوندو آهيان.“

[3] حضرت سيدنا ابن مسعود d کان روايت آهي ته :”جيڪو شخص ارادو ڪري ٿو ته الله ان کي جهنم جي اڻويهن (19) ملائڪن کان ڇڏائي ته اهوبِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ پڙهي. بلاشڪ بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ ۾ اڻويهه (19) حرف آهن ۽ جهنم تي مقرر ٿيل ملائڪ به اڻويهه (19) آهن جيئن الله فرمايو آهيعَلَيۡهَا تِسۡعَةَ عَشَرَ(سورة  مدثر آيت 30.) (ان تي اڻويهه (ملائڪ) آهن) پوءِ الله   ان مان هر حرف کي هر ملائڪ کان ڍال ٿو بنائي ۽ بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ جي برڪت سان انهن ملائڪن کي ان تي مسلط ٿيڻ نه ٿو ڏي.“

 [4] حضرت سيدنا عڪرمة d کان روايت آهي ته مون حضرت علي d کان ٻڌو ان فرمايو ته ”الله جڏهن بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ کي نازل فرمايو ته دنيا جي سڀني جبلن دانهن ڪئي ۽ اسان اها دانهن ٻڌي ۽ (ڪافرن) چيو ته” (حضرت) محمد  جبلن کي به جادو ڪري ڇڏيو آهي.“ پوءِ حضور ڪريم  جن ارشاد فرمايو ته ”ڪوبه مؤمن اها پڙهندو ته جبل به ان سان گڏ سبحان الله پڙهندا پر انهن جو اهو پڙهڻ ٻڌڻ ۾ نه ايندو.“

[5] نبي ڪريم  جن کان روايت آهي ته ”جنهن تعظيم ڪندي زمين تان اهو ڪاغذ کنيو جنهن ۾ بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ لکيل آهي ته اهو الله وٽ صديقن مان لکيو ويندو ۽ ان جي والدين تان پوءِ اهي کڻي مشرڪ هجن ته به عذاب هلڪو ڪيو ويندو.“

[6] حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله  جن ارشاد فرمايو:”اي ابا هريره ! جنهن وقت وضو ڪرين ته بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِچؤ.. پوءِ بيشڪ تنهنجي مٿان مقرر ٿيل ملائڪ تيستائين تو لاءِ نيڪيون لکندا رهندا جيستائين تون وضو مان واندو ٿين. ۽ جنهن وقت پنهنجي گهرواريءَ سان جماع ڪرڻ جو ارادو ڪرين تهبِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِچئو ته توتي مقرر ٿيل ملائڪ تيستائين تنهنجون نيڪيون لکندا رهندا جيستائين جنابت واري غسل کان فارغ ٿين پوءِ جيڪڏهن تو کي ان جماع ڪرڻ سان ٻچو ٿيو ته تولاءِ ان ٻچي ۽ ان جي پيڙهيءَ ۾ اچڻ واري اولاد جي پساهن جيترا ثواب لکجندا رهندا تان جو انهن مان ڪو هڪ به باقي نه رهي اي ابا هريرة ! جڏهن سواريءَ تي سوار ٿين ته بِسۡمِ اللهِ وَالۡحَمۡدُللهِ پڙهه ته تنهنجي لاءِ ان سواري جي هر هڪ وک جي بدلي ۾ نيڪي لکي ويندي ۽ جڏهن  ٻيڙيءَ تي سوار ٿين ته بِسۡمِ اللهِ وَالۡحَمۡدُلِلّٰهِ پڙهه ته جيستائين ان مان لهندين تيستائين تنهنجي لاءِ نيڪيون لکيون وينديون.“

ٻه واقعا : [1] روم جي بادشاهه قيصر سيدنا حضرت عمر فاروق d کي خط لکيو ته ”مون کي مٿي ۾ سور نه ٿو ڇڏي سو مون ڏانهن ڪا سُٺي دوا موڪليو. سيدنا حضرت عمر d ان ڏانهن هڪ ٽوپي موڪلي اهو جڏهن اها مٿي تي رکندو هو ته کيس سور نه رهندو هو ۽ جڏهن لاهيندو هو ته سور ٿيندو هوس. اهو ان ڳالهه کي ڏسي عجب ۾ پيو ۽ حڪم ڪيائين ته ٽوپي کوليو جڏهن اها کوليائون ته ان ۾ هڪ ننڍڙو ڪاغذ هو جنهن ۾ ”بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ لکيل هئي جڏهن اها پڙهيائين ته چيائين ”هي دين ڪهڙو نه ڀلو ۽ عزت وارو آهي.“

[2] مشهور ۽ معروف بزرگ حضرت بشر حافي ߋ  (جڏهن اڃان ديندار نه ٿيو هو) ته واٽ سان ويندي هڪ ڪاغذ ڏٺائين جنهن تي بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ لکيل هئي. سندس قول آهي ته پوءِ منهنجي دل ڀڙڪو کاڌو ۽ اهو ڪاغذ مون کڻي ورتو، کڻڻ کان پوءِ هڪدم منهنجي اڳيان حجاب هٽي ويا ۽ لڪل محبوب جا جلوا ظاهر ٿيا ان وقت مون وٽ ٻه درهم هئا. جيڪي ڏئي مون خوشبوءِ خريد ڪئي ۽ اها ان ڪاغذ کي لڳائي جڏهن ماڻهن کان لڪائي رکيم ته مون کي غيبي  هاتف سڏي چيو ”اي بشر! تو منهنجي اسم کي خوشبوءِ لڳائي رکيو آهي مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم آهي ته مان تنهنجي اسم کي دنيا ۽ آخرت ۾ خوشبودار بنائي ڇڏيندس.“

فائدو : حضرت ابنِ عراق ߋ  فرمايو ته : ”جيڪو شخص محرم شريف جي پهرين ڏينهن هڪ سؤ تيرهن (113) ڀيرا بِسْمِ اللہِ ڪاغذ تي لکي پاڻ سان کڻندو ته سڄي زندگي ان کي ۽ ان جي اهل عيال کي ڪو ڏک نه پهچندو ۽ جيڪو شخصاَلرَّحۡمٰن اسم کي پنجاهه (50) ڀيرا لکي پاڻ سان کڻي ڪنهن ظالم حاڪم وٽ ويندو ته ان جي شر کان امن ۾ رهندو.

                                                    (المواهب اللدنية شرح الشمائل المحمديه ص 8، 10)  

”قَالَ“ : فرمايائين ، چيو.

سمجهاڻي : قال ماضيءَ جو صيغو آهي ۽ هتي ماضيءَ جو صيغو آڻڻ مان معلوم ٿيو ته هي خطبه ڪتاب جي لکڻ کان پوءِ آندل آهي ۽ اهو حمد ۽ سلام“ کان پوءِ ان جي ڪري آندو ويو آهي ته انهن جو جيڪو اڳي آڻڻ جو حق هو اهو ادا ڪيو وڃي” الشيخ الحافظ“ هي الفاظ مصنف جا آهن ۽ پاڻ کي ائين چوڻ کان ڪو مانع ناهي ڇوته محدث ترمذي ߋ انهن لفظن سان پنهنجي توصيف ان جي ڪري ڪئي آهي ته ان کي ثقه سمجهي ان جي قول تي اعتماد ڪيو وڃي ان پنهنجو پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پيش ڪرڻ ۽ غرور جي لاءِ اهي الفاظ نه آندا آهن.                  (المواهب شرح الشمائل ص 12)

الشيۡخُ يا شَاخَ يَشِيخُ شَيخا جـي مصدر آهي جنهن ســان ائين وصف ڪئي وئي آهي جيئن ”زيد عدل“ ۾ عـدل مصدر سان وصف ڪئي ويندي آهي يَا شَيِّخُٗ سَيِّدُٗ وانگر آهي پوءِ ان ۾ تخفيف ڪري شيخ چيو ويو.

شيخ ڪنهن کي چئجي؟ : شيخ ان کي سڏيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن فن ۾ ايتريون صلاحيتون رکي جو ٻيا ان فن ۾ ان جي اقتداء ڪرڻ ۽ سندس پويان هلڻ جي خواهش ڪن. بعض جو قول آهي ته ”شيخ پنجاهه سال کان مٿي 80 سال جي عمر  واري جي لاءِ ڳالهايو ويندو آهي. پر هتي اها مراد ناهي. حديث جي فن جو ماهر ڀلي 15 سالن جي عمر جو ڇو نه هجي ته به ان کي شيخ سڏيو ويندو آهي. جيئن امام بخاري ߋ کي اڃان ڏاڙهي جو هڪ وار به منهن تي نه لٿو هو ته حديث روايت ڪئي هئائين. (شرح الشمائل للعلامة المناوي علي هامش جمع الوسائل ج 1 ص 6) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته: شيخ هر فن ۾ ان ڪمال رکندڙ کي چيو ويندو آهي جنهن جي ان ۾ اقتداء ڪئي وڃي ڀلي کڻي نوجوان هجي. پنجاهه کان اسي سال عمر هجڻ ضروري ناهي. ڪيترن نوجوان صحابن ۽ تابعن حديث روايت ڪئي ۽ سڀني محدثن اها قبول ڪئي آهي. محدث اسحاق بن راهويه پنهنجي متعلقن کي امام  بخاري ߋ جي لاءِ فرمايو ته ”اي حديث بيان ڪندڙ بزرگو! هن نوجوان ڏانهن نهاريو ۽ ان کان حديث  لکو بيشڪ اهو جيڪڏهن امام حسن بصري ߋ جي دؤر ۾ هجي ها ته اهو به حديث جي معرفت ۾ هن جو محتاج ٿئي ها“ ۽ اها ڳالهه به ثابت آهي ته امام بخاري ߋ يارهن سالن جي عمر جو هو ته پنهنجي بعض مشائخ جون سند ۾ غلطيون پڪڙي انهن کي درست ڪرڻ لاءِ چيو هيائين ۽ امام مالڪ سترهن يا ويهن سالن جو هو ته حديث روايت ڪئي هئائين. امام شافعي ߋ نوجوان هو ته ڪيترا علماء ان جا حديث ۾ شاگرد ٿيا هئا.                              (جمع الوسائل ج 1 ص 6)

الۡحَافِظُ : هتي حافظ مان مراد حديث جو حافظ آهي. قرآن ڪريم جو حافظ مراد ناهي ۽ اهو به احتمال آهي ته قرآن ۽ سنت ٻنهي جو حافظ هجي. محدثن جي اصطلاح ۾ حافظ اهو آهي جنهن کي هڪ لک حديثون متن ۽ سند سميت ياد هجن. ياد رکڻ گهرجي ته حديث بيان ڪندڙن جا پنج مرتبا آهن. [1]طالب : جيڪو نئون شروع ٿئي. [2] محدث : جيڪو حديث روايت به ڪري ته ان جي سمجهڻ جي درايت به رکي. [3] الحافظ : جنهن کي هڪ لک حديثون متن ۽ سند سان حرف به حرف ياد هجن. [4] الحجة : جنهن کي ٽي لک حديثون ياد هجن. [5] الحاڪم : جيڪو سڀني روايتن کي احاطو ڪري. جزري ߋ فرمايو ته راوي ان کي چئبو آهي جيڪو صرف حديث نقل ڪري.                                 

(المواهب شرح الشمائل ص 13 جمع الوسائل ج 1 ص 6)

فائدو : ابن ابي حاتم ߋ ”ڪتاب الجرح والتعديل“ ۾ محدث زهري ߋ کان روايت آندي آهي ته : حديث جو حافظ هر چاليهه سالن کان پوءِ پيدا ٿيندو.

ابُوۡ عِيۡسَيٰ : عيسى جو پيءُ .

مسئلو : شرعة الاسلام جي شرح ۾ آهي ته جنهن جي پُٽ جو نالو عيسى هجي ته ان کي ابو عيسى نه سڏيو وڃي ڇوته ان ۾ اهو وهم ٿو پيدا ٿئي ته شايد حضرت عيسى عليه السلام جو ڪو پيءُ هو. جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي ته ”هڪ شخص جو ابا عيسى  نالو رکيو ويو ته حضور ڪريم  جن ارشاد فرمايو: ”عيسى جو پيءُ نه هو.“ ۽ ان کي ناپسند فرمايائون، پر ان مان مراد ابتداءً اهو نالو رکڻ آهي پر جيڪڏهن هونئن ئي ابو عيسى مشهور ٿي ويو ته مڪروهه ناهي جيئن علماء ۽ مصنفين اجماع سان امام ترمذي ߋ کي ابو عيسى سان ياد ڪيو آهي.                     (جمع الوسائل ج 1 ص 6)

مُحَمُّدُ بن عِيسَيٰ بِنِ سُورةَ التِرّمِذِيّ :يعني محمد عيسيٰ جو پٽ اهو سورة نالي شخص جو پٽ - ترمذي شهر جو رهڻ وارو

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting