خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب چوڏهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ سَيْفِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ حضور ڪريم جون اهي حديثون آهن

 جن ۾ سندن تلوار جي صفت جو ذڪر آهي

 

مناسبت جو سبب: هن باب جو اڳئين باب سان مناسبت جو سبب اهو آهي ته اڳئين باب ۾ بادشاهن ڏانهن موڪلڻ جي لاءِ مُهر هڻڻ جي ضرورت هئي تان ته انهن کي اسلام ڏانهن سڏيو وڃي ۽ هتي تلوار جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته اسلام قبول نه ڪندڙن ۽ ان جي خلاف ڪم ڪندڙن جي لاءِ تلوار جو استعمال ٿيندو. ۽ جهاد ۾ ڪم ايندڙ اوزارن مان تلوار جي ذڪر سان شروعات ان جي ڪري ڪئي وئي  جو اها وڌيڪ نفعي واري ۽ آسان آهي ۽ تلوار جي صفت مان مراد ان جي اها حالت بيان ڪرڻ آهي جنهن تي اها ٺهيل آهي

حضور جي تلوارن جو تعداد: سيدنا رسول الله جن جون تلوارون ٻارهن هيون. (1) هڪ تلوار کي ”الماثور“ چوندا هئا ۽ اها پهرين تلوار  هئي جيڪا کين سندن والد ڪريم کان ورثي ۾ ملي هئي. (2) ٻيءَ کي ”القضيب“ چوندا هئا، (3) ٽين سندن تلوار  هئي جنهن کي ”القلعي“ قاف جي پيش لام جي زبر سان سڏيندا هئا. قلع ڏانهن نسبت آهي. (4) چوٿين سندن تلوار هئي جنهن کي ”بتار“ چوندا هئا. (با جي زبر ۽ تا جي شد سان) (5) پنجين سندن تلوار هئي جنهن کي ” الحتف (حا جي زبر ۽ تا جي جزم سان) سڏيندا هئا. (6) ڇهين سندن تلوار هئي جنهن کي ”المخذم“ (ميم جي زير خا جي جزم ۽ ذال جي زبر سان) سڏيندا هئا. (7) ستين سندن  تلوار کي ”الرسوب“ سڏيندا هئا. (8) اٺين سندن تلوار هئي جنهن کي ”الصمصامة“ سڏيندا هئا. (9) نائين سندن تلوار هئي جنهن کي ”اللحيف“ سڏيندا هئا. (10) ڏهين سندن تلوار هئي جنهن کي ذوالفقار (فا جي زبر ۽ زير ٻنهي سان ) آيل آهي. سڏيندا هئا. جيئن ابن القيم بيان ڪيو آهي ان نالي سان ان جي ڪري سڏي وئي جو فقر سَنڌَ ۽ حصي کي سڏبو آهي. (11) سندن معجزي سان ڪاٺيءَ مان تلوار ٿي هئي. ۽ اها هن طرح ته پاڻ جن بدر جي جنگ دوران ”عڪاشه“  نالي صحابي d جي جڏهن تلوار ڀڄي پئي ته پاڻ ان کي ڪاٺي ڏنائون ۽ فرمايائون ته ”اها دشمن کي هڻ.“ ته اها ان جي هٿ ۾ تلوار ٿي پئي. جيڪا وهڻ ۾ تيز، رنگ ۾ سفيد، لوهه جي حصي جهڙي مضبوط ٿي پئي پوءِ ان سان اتي جنگ ڪيائين ان کان پوءِ اها ان وٽ رهي ۽ شهيد ٿيڻ تائين ان سان جنگين ۾ جهاد ڪندو رهيو. (12) سندن اها تلوار جيڪا اصل ۾ کجيءَ جي ٽاري هئي پر پاڻ حضرت عبدالله بن جحش d کي اُحد جي جنگ واري ڏينهن ڏني هيائون ۽ ان جي هٿ ۾ پهچڻ سان تلوار ٿي پئي هئي. هن باب ۾ چار حديثون آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 21) هنن پونين ٻن تلوارن مان پهرينءَ جو نالو ”العون“ ۽ ٻيءَ جو نالو ” العرجون“ هو. مڪه مڪرمه جي فتح ٿيڻ وقت حضور ڪريم جن جي هٿ مبارڪ ۾ ” ذوالفقار“ تلوار هئي. (انوارِ غوثيھ ص 148)

 

}105}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا وَهْبُ بْنُ جَرِيرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ سَيْفِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ فِضَّةٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله جن جي تلوار جو مُٺيو چانديءَ جو هو. يا مُٺيي تي چانديءَ جو پَٽ چڙهيل هو.

مفردات جو شرح: ”قَبِيعَةُ تلوار جي مُٺيي تي چڙهيل چاندي يا لوهه. طيبي فرمايو ته قَبِيعَةُ هٿ وجهڻ وارو حصو آهي جنهن تي چاندي يا لوهه چڙهيل هجي.

سمجهاڻي: هن حديث جي تشريح ڪندي علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته هن حديث مان تلوار يا ٻين جنگ جي هٿيارن جي هٿ وجهڻ واري جاءِ تي چاندي لڳرائڻ جي جواز جو دليل ملي ٿو. پر سون لڳائڻ حرام آهي ۽ سواريءَ جي لغام ۽ وهڻ واري هني يا پاکڙي ۾ چاندي لڳائڻ کي بعض علماء حرام ۽ بعض مباح، جائز چيو آهي. ابن سعد عامر d کان روايت آندي آهي ته اسان کي حضرت علي بن الحسين (امام زين العابدين d) رسول الله جن جي تلوار ڪڍي ڏيکاري جنهن جي هٿ وجهڻ واري جاءِ تي چاندي لڳل هو. ۽ جنهن حمائل مان جڏهن اها ٻاهر ڇڪي ڪڍي ته اها تلوار هئي جيڪا منبه بن حجاج سهمي جي هئي. کيس بدر جي ڏينهن ملي هئي. حنفي فقه جي ڪتاب ”قاضي خان“ ۾ آهي ته ”سون ۽ چاندي جي ٿانو ۾ کائڻ، پيئڻ، تيل وجهي رکڻ مڪروه آهي اهڙي طرح خوشبوء ڪرڻ وارو ٿانءُ ۽ سرميداڻي به سون ۽ چانديءَ جي منع آهي سون ۽ چانديءَ جي سرائيءَ سان سرمو به منع آهي. اهڙي طرح چاندي ۽ سون سان ڪرسيون ، کٽون ۽ تخت سجائڻ به جائز ناهي. رڪيب، لغام ۽ هنا به سون ۽ چانديءَ مان ٺهرائڻ يا سينگارڻ جائز ناهن، پر قرآن ڪريم کي سون يا چانديءَ سان سينگارڻ ، لکڻ وغيره منع ناهي باقي هٿيارن کي چانديءَ جا مُٺيا وغيره هڻائڻ جائز آهن.  ۽ سون ۽ چانديءَ جا ڪوڪا هڻڻ منع ناهن. (جمع الوسائل ج 1 ص 157)  هن روايت ۾ جنهن تلوار جو ذڪر آهي اها ذوالفقار هئي. (خصائل نبوي ص 85)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الجهاد باب 71 في السيف  يحلي رقم الحديث 2583 ج 3 ص 30 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 118 حلية السنن ج 8 ص 219 {3} الدارمي في ڪتاب السير باب 21 في قبيعة سيف رسول الله رقم الحديث 2457 ج 2 ص 292 {4} البيهقي في سننھ ج 4 ص 143 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي 123 {6} التمام في فوائده رقم الحديث 1049 ج 3 ص 272 {7} الطحاوي في المشڪل ج 2 ص 166.

 

}106} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاذُ بْنُ هِشَامٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي الْحَسَنِ قَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ سَيْفِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ فِضَّةٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سعيد بن ابو الحسن d کان روايت آهي ته رسول الله جي تلوار جو مُٺيو چانديءَ جوهو.

مفردات جو شرح: مفردات جو شرح اڳين حديث وارو ساڳيو آهي.

سمجهاڻي: هن جي سمجهاڻي ساڳي آهي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: اهي به اڳين حديث وارا آهن.

 

}107} حَدَّثَنَا أَبُو جَعْفَرٍ مُحَمَّدُ بْنُ صُدْرَانَ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا طَالِبُ بْنُ حُجَيْرٍ ، عَنْ هُودٍ وَهُوَ ابْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سَعْدٍ ، عَنْ جَدِّهِ قَالَ : دَخَلَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَكَّةَ يَوْمَ الْفَتْحِ وَعَلَى سَيْفِهِ ذَهَبٌ وَفِضَّةٌ.قَالَ طَالِبٌ : فَسَأَلْتُهُ عَنِ الْفِضَّةِ فَقَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ السَّيْفِ فِضَّةً.

با محاوره ترجمو: حضرت هود بن عبدالله بن سعد d پنهنجي ڏاڏي (سعد) کان روايت ڪئي ته رسول الله فتح مڪي جي ڏينهن جڏهن مڪي شريف شهر ۾ داخل ٿيا، ته سندن تلوار تي سون ۽ چاندي جَڙيل هئا. راوي طالب بن جحير d چيو ته مون ان کان چاندي جي باري ۾ پڇيو؟ ان چيو ته، تلوار جو مُٺيو چانديءَ جو هو.

مفردات جو شرح : ”دَخَلَ تشريف فرما ٿيا. ”مڪة“ مشهور ۽ معروف شاندار شهر يَومَ الۡفَتح مڪه مڪرمه، فتح ڪرڻ واري ڏينهن.

سمجهاڻي: ارشاد آهي ”جڏهن مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيا. يعني مڪه مڪرمه کي فتح ڪري هڪ فاتح جي حيثيت سان ان ۾ داخل ٿيا. هي واقعو رمضان المبارڪ مهيني سن 9 هه ۾ ٿيو هو. ان وقت بيت الله شريف ۾ 360 بت پيل هئا. سيد المرسلين جي هٿ مبارڪ ۾ کجيءَ جي ڇَڙي هئي ۽ هر هڪ بُت جي مٿان آيت : جَآءَ الْحَقُّ وَ زَہَقَ الْبَاطِلُؕ اِنَّ الْبَاطِلَ کَانَ  زَہُوۡقًا ﴿۸۱ (بني اسرائيل آيت 81) پڙهي ان ڇڙي سان اشارو ٿي ڏنائون ته بت ڪري ٿي پيا. اڪثر محدثن هن حديث کي ضعيف چيو آهي. علامه تور پشتي ߋ فرمايو ته”هيءَ حديث تلوار ۾ سون استعمال ڪرڻ جي جواز لاءِ حجت ۽ دليل ناهي ڇوته هن جي سندَ اعتماد جوڳي ناهي. علامه ابن عبدالبر ”الاستيعاب“ ۾ فرمايو ته ”هيءَ حديث قوي ناهي ان جي ڪري هن سان سون جي استعمال ڪرڻ جو دليل نه ٿو وٺي سگهجي. علامه ابن حجر ߋ به لکيو آهي ته ”هيءَ حديث ضعيف آهي ان سان سون جو استعمال ڪرڻ ثابت نه ٿو ٿئي. ان جي ڪري حديث جي راويءَ به سوال صرف چانديءَ جي باري ۾ ڪيو آهي. (انوارِ غوثيہھ ص 150، خصائل نبوي ص 86)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 122 {2} البغوي في الشمائل رقم الحديث 878 ج 2 ص 582، 583.

 

}108} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ شُجَاعٍ الْبَغْدَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عُبَيْدَةَ الْحَدَّادُ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ سَعْدٍ ، عَنِ ابْنِ سِيرِينَ قَالَ : صَنَعْتُ سَيْفِي عَلَى سَيْفِ سَمُرَةَ بْنِ جُنْدُبٍ ، وَزَعَمَ سَمُرَةُ أَنَّهُ صَنَعَ سَيْفَهُ عَلَى سَيْفِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَكَانَ حَنَفِيًّا.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ سيرين d کان روايت آهي ته مون پنهنجي تلوار سمرة بن جندب d جي تلوار جهڙي ٺهرائي. ڇاڪاڻ ته سمرة چيو، ته مون پنهنجي تلوار رسول الله جن جي تلوار جهڙي ٺهرائي هئي ۽ اها تلوار بنو حنيف قبيلي جي ٺهيل هئي.

مفردات جو شرح: صَنَعْتُ مون ٺهرائي. ۽ شمائل جي بعض نسخن ۾ صُنِعَتۡ جو لفظ آيو آهي. پهرئين لفظ  تي معنى ٿيندي مون امر ڪيو ته ٺاهي وڃي. ٻئي نسخي مطابق معنى ٿيندي ته ٺاهي وڃي. علي سيف سمرة بن جندب“ سمرة بن جندب جي تلوار جي شڪل ۽ صورت ۽ ڪيفيت جي نموني  تيصَنَعَ سَيْفَهُ ماضي معروف جو صيغو ”سيفہ“ مفعول بھ جي لحاظ سان منصوب آهي ۽ جيڪڏهن ”صنع“ ماضي مجهول جو صيغو چوندؤ ته سَيْفُهُ نائب فاعل جي حيثيت سان مرفوع رهندو. حَنَفِيًّا بني حنفيھ ڏانهن نسبت آهي، اهو مسيلمه ڪذاب وارو قبيلو هو. اهي سٺيون تلوارون ٺاهڻ ۾ مشهور هئا. ان ۾ ٻه احتمال آهن (1) هڪ ته ان جو ٺاهيندڙ انهن مان هو (2) ٻيو ته اها اتان آيل هئي، ۽ هي ظاهر ۾ سمرة بن جندب جو ڪلام لڳي ٿو. ۽ اهو به احتمال آهي ته اهو مرسل طور ابن سيرين ߋ جو ڪلام هجي.

سمجهاڻي: هن روايت مان واضح ٿيو ته سرڪارِ دو عالم جي تلوار مبارڪ بني حنيفھ قبيلي جي تلوارن وانگر سهڻي ٺهيل هئي. ۽ صحابه ڪرام ۾ پنهنجي آقا جي هر ادا کي پنهنجو بنائڻ جو ايترو شوق هو جو پنهنجون تلوارون به محبوب ڪريم   جي تلوار جي نموني تي ٺهرائيندا هئا. ۽ حضرت ابن سيرين به ان محبت کي برقرار رکندي اهڙي تلوار ٺهرائي هئي. محدث ترمذي هن روايت جي لاءِ پنهنجي لکيل ” جامع ترمذي“ ۾ فرمايو آهي ته هيءَ حديث سندَ جي لحاظ سان غريب آهي. هن ئي سبب سان هن کي سڃاڻون ٿا. عثمان بن سعد راوي جي لاءِ القطان فرمايو آهي ته ”حافظي جو ڪمزور هو.“

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : }1} احمد في المسند ج 5 ص 20 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 123 {3} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 486.

 

}109} حَدَّثَنَا عُقْبَةُ بْنُ مُكْرَمٍ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَكْرٍ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ سَعْدٍ ، بِهَذَا الإِسْنَادِ نَحْوَهٗ.

فائدو : علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته سرڪار جي تلوارن مان ذوالفقار معروف ۽ مشهور آهي. اها بدر جي جنگ ۾  کين ملي هئي ۽ ان جي باري ۾ اُحد جي جنگ ۾ خواب ڏٺو هيائون. حجاج بن عڪاظ کان پوءِ اها عباسي خليفن وٽ هئي. هڪ قول اهو آهي ته اها اصل ان لوهه  مان ٺهرائي وئي هئي جيڪو ڪعبه وٽ دفن ٿيل هو. تلوارن کي چمڪائيندڙ ، صاف ڪندڙ مرزوق جو قول آهي ته مون ان کي صاف ڪري چمڪايو هو ان جو مُٺيو چانديءَ جو هو. (شرح المناوي علي جمع الوسائل ج 1 ص 158)

هي حديث انهن ئي ٻين محدثن آندي آهي جن هن کان اڳين حديث آندي آهي.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting