خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٽيون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي شَعْرِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

رسول الله جي وارن (مبارڪن) جو بيان

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن جو تعلق رسول الله جي پاڪ وارن سان آهي. جن ۾ سندن وارن جي مقدار، ڊيگهه۽ ڪثرت وغيره جي متعلق بيان آهي. ۽ الشعر : (عين جي سڪون ۽ زبر سان آيل آهي) ان جو واحد شعرة (عين جي سڪون سان) آهي ۽ ڪڏهن ان کي زبر پڙهي ويندي آهي. ابن العربي ߋ فرمايو آهي ته ”وار مٿي جو سينگار آهن ۽ وار رکڻ سنت آهن ٺوڙهه ڪرڻ بدعت آهي. شرح المصابيح ۾ آهي ته حضور ڪريم جن هجرت کان پوءِ حديبيه واري سال، عمرة القضاء ۽ حجة الوداع ۾ وار ڪوڙايا هئا. باقي هڪ ڀيري کان سواءِ وار نه ڪوڙايا هئا. پاڻ سراپا حسن و جمال هئا. سندن  وار مبارڪ به انتهائي سهڻا هئا جنهن صحابي اهي جهڙي ڪيفيت ۾ ڏٺا ان اها بيان ڪئي. پاڻ وار مبارڪ ڪوڙايا اٿن جيئن ذڪر ڪيو ويو باقي وار ڪترائي ٺهرائڻ ڪٿي به ثابت ناهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته عام طور تي مٿو ڪوڙائڻ  حضور ڪريم خارجن جي نشاني فرمائي آهي. جيئن الصحيح ۾ حضرت ابو سعيد خدري d کان روايت آهي ته رسول الله جن ذڪر ڪيو ته سندن امت مان هڪ فرقو نڪرندو انهن جي نشاني مٿو ڪوڙائڻ هوندو.          

(المواهب شرح شمائل ص 105 شرح المناوي علي حاشيه جمع الوسائل ج 1 ص 74)

 

}24} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : أَخْبَرَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ شَعْرُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَى نِصْفِ أُذُنَيْهِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جا وار مبارڪ ڪنن مبارڪن جي اڌ تائين پهچندا هئا.

مفردات جو شرح : ”شعر“ : وار مبارڪ ”اذنيہھ“ : سندن ڪن مبارڪ.

سمجهاڻي : حضرت انس d جي هن ارشاد مان معلوم ٿيو ته رسول الله جن جا وار مبارڪ ڪنن مبارڪن جي اڌ تائين هئا. هن کان پهريان به لکي آيا آهيون ته سندن وارن پاڪن کي جنهن صحابيءَ جنهن حد تائين ڏٺو ان هو بيان ڪيو آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} مسلم في کتاب الفضائل باب 26 صفة شعر النبي حديث الکتاب رقم 96 ج 4 ص 1819 {2} ابو داؤد في کتاب الترجل باب ماجاء في الشعر حديث رقم 4186 ج 4 ص 81 {3} النسائي في کتاب الزينة باب 57 اتحاذ الجمة ج 8 ص 183 {4} احمد في المسند ج 3 ص 113 {5} البغوي في شرح السنة حديث رقم 3638 ج 13 ص 219 {6} ابو يعلى في مسنده حديث رقم 3743 ج 6 ص 395 {7} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 321 {8} البخاري في کتاب اللباس باب 8 الجعد حديث رقم 5903 ج 10 ص 356 {9} عبدالرزاق في المصنف حديث رقم 20519 ج 11 ص 271

 

}25} حَدَّثَنَا هَنَّادُ بْنُ السَّرِيِّ قَالَ : أَخْبَرَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ،  قَالَتْ : كُنْتُ أَغْتَسِلُ أَنَا وَرَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ إِنَاءٍ وَاحِدٍ ، وَكَانَ لَهُ شَعْرٌ فَوْقَ الْجُمَّةِ وَدُونَ الْوَفْرَةِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت سيده عائشه صديقه g  فرمايو آهي ته آئون ۽ رسول الله جن هڪ ٿانوَ مان وهنجندا هئاسون، (وچ ۾ پردو هوندو هو) سندن وار مبارڪ ڪلهن کان مٿي هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنن جي پاپڙين کان هيٺ پهچندا هئا.

مفردات جو شرح :  ”اَلۡجُمَّة :  ڪلهن تائين پهچندڙ وار مبارڪ. اَلۡوَفۡرَةُ : الجمة کان ٿورا گهٽ ڪنن جي پاپڙين تائين پهچندڙ وار. اَللمَّة : ڪنن جي مٿئين حصي تائين پهچندڙ وار مبارڪ.

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g فرمايو ته:” مان ۽ رسول الله جن هڪ ئي ٿانوَ مان غسل ڪندا هئاسون“ کُنتُ اَغتَسِلُ انا و رسول الله . ۾ ” کُنتُ اَغتَسِلُ“ ماضي استمراري واحد متڪلم جو صيغو آهي يعني اهو دستور رهيو هو  ۽ حضور ڪريم   جن اڳ ۾ غسل ڪندا هئا پوءِ سندن بچيل پاڻيءَ مان امان عائشه g غسل ڪندي هئي. ٿانءُ هڪڙو هوندو هو. ادب ۽ حياء جي تقاضا به اها آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته هن مان ثابت ٿيو ته ”ٿوري پاڻيءَ مان چرون ڀري وهنجڻ سان اهو پاڻي مستعمل نه ٿو ٿئي.

سوال : ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته غسل هڪ وقت گڏ ٿيو ۽ هڪ ٻئي جي جسم کي به ڏٺو ويو ڇا اهو درست آهي؟

جواب : اهو چوڻ قابلِ قبول ناهي ڇوته اهو سيدنا رسول الله جـن جي حياء جي مطابق ناهي ۽ صحيح حديث ۾ سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته ”نه ڪڏهن مون رسول الله جن جي اُگهڙ ڏٺي هئي ۽ نه ڪڏهن پاڻ منهنجي اُگهڙ ڏٺائون.“

مسئلو : علماء فرمايو ته مرد عورت جي بچيل پاڻيءَ مان وهنجي يا عورت مرد جي بچيل پاڻيءَ مان وهنجي ته جائز آهي. جمهور علماء جو اهو قول آهي. امان سانئڻ فرمايو ته ”سندن وار مبارڪ نه تمام وڏا هئا نه تمام ننڍا هئا.“ هيءَ ڪيفيت امان ڏٺي ۽ ٻڌائي. جن سندن وار مبارڪ ٻي ڪيفيت ۾ ڏٺا ته انهن اها بيان ڪئي.                                   (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 75، 76)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  ابو داؤد في ڪتاب الترجل، باب ماجاء في الشعر رقم الحديث 4187 ج 4 ص 81، 82 بقصة الشعر {2} ابنِ ماجھ في ڪتاب اللباس باب 36 اتخاذ الجمة والذوائب رقم الحديث 3635 {3} احمد في المسند ج 6 ص 108 {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 428 {5} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 224 {6} البغوي في الشمائل رقم الحديث 7168 ج ص 149.

}26} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو قَطَنٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَرْبُوعًا ، بَعِيدَ مَا بَيْنَ الْمِنْكَبَيْنِ ، وَكَانَتْ جُمَّتُهُ تَضْرِبُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت براء بن عازب d کان روايت آهي ته رسول الله جن وچولي قد وارا هئا سندن سينو مبارڪ ڪشادو هو ۽ سندن وار ڪنن جي پاپڙين تائين پهچندا هئا.

باقي حديث جي مفردات جو شرح ۽ سمجهاڻي باب اول ۾ لکيل آهي. هتي هن روايت کي آڻڻ مان خاص مقصد ان جو قول وَکَانَتۡ جُمَّتُھ تَضۡرِبُ شَحۡمَةَ اُذۡنَيۡة آهي يعني مقصد ته گهاٽا وار ڪنن مبارڪن جي پاپڙين تائين ۽ باقي ڪلهن پاڪن تائين پهچندا هئا ۽ ان جو تفصيل اڳ ۾ به اچي چڪو آهي ته اهو اوقات يا جهات جي اختلاف جي ڪري هوندو هو. هن حديث ۾ ترجمة الباب سرڪارِ دو عالم جي پاڪ وارن جو ذڪرِ خير آهي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي : انهن جو ذڪر به باب اول ۾ لکيل آهي. اتان ڏسي مطالعو ڪندا.

 

}27} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا وَهْبُ بْنُ جَرِيرِ بْنِ حَازِمٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ قَالَ : قُلْتُ لِأَنَسٍ : كَيْفَ كَانَ شَعْرُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : لَمْ يَكُنْ بِالْجَعْدِ وَلاَ بِالسَّبْطِ ، كَانَ يَبْلُغُ شَعْرُهُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت قتاده d  کان روايت آهي ته مون حضرت انس d کان پڇيو ته رسول الله جا وار مبارڪ ڪيئن هئا؟ ان چيو ته پاڻ ڪريمن جا وار مبارڪ نه گھڻو گُهنڍيدار هئا ۽ نه وري تمام سِڌا هئا پر سندن وار مبارڪ ڪنن جي پاپڙين تائين پهچندا هئا.

هن حديث کي ٻين ڪهڙن محدثن آندو آهي اهو اڳ ۾ لکي آيا آهيون.

 

}28} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَحْيٰى بْنِ أَبِي عُمَرَ الْمَكِّيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنِ ابْنِ أَبِي نَجِيحٍ ، عَنْ مُجَاهِدٍ،  عَنْ أُمِّ هَانِئٍ بِنْتِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَتْ : قَدِمَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَكَّةَ قَدْمَةً وَلَهُ أَرْبَعُ غَدَائِرَ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ام هاني g  ابو طالب جي نياڻي چيو ته هڪ دفعي رسول الله مڪي شريف ۾ اسان وٽ گھر تشريف فرما ٿيا. مون ڏٺو ته سندن وار مبارڪ چار حصا يا سندن وارن جون چار ڳتون يا چڳون هيون.

مفردات جو شرح : ” قَدِمَ : قدم رنج فرمايو، آيو، تشريف فرما ٿيو. قَدۡمَة : (قاف جي زبر ۽ دال جي جزم سان) هڪ ڀيري، هي لفظ قدوم مان ورتل آهي (اهو هڪ ڀيرو فتح مڪه واري ڏينهن هو.) هجرت کان پوءِ مڪه مڪرمه ۾ سندن تشريف آوري چار ڀيرا  ٿي هئي.  1. عمرة القضاء ۾، 2. فتح مڪه وقت، 3. عمرة الجعرانة ۾، 4. حجة الوداع وقت غدائر : غديرة جو جمع آهي. وارن جي چڳ جڏهن هيٺ ڇڏيل هوندي آهي.

سمجهاڻي : رسول الله جن مڪه مڪرمه جي فتح واري وقت سيده ام هانيءَ  جي گهر ۾ آيا هئا. ان وقت سندن وار مبارڪ چئن حصن ۾ ورهايل هئا. ام هانيء g سائڻ اهي ڏسي بيان فرمايو. (جمع الوسائل و حاشية المناوي ج 1 ص 78 ، المواهب شرح الشمائل ص 110)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو داؤد رقم الحديث 4391 {2} ابنِ ماجھ رقم الحديث 3631 {3} ابنِ ابي شيبھ ج 14، ص 493 {4} ابنِ سعد ج 1 ص 330 {5} اخبار مڪة ص 1921 {6} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 224 {7} الطبراني في الڪبير ج 24 ص 429 {8} ابو نعيم في اخبار اصبهان ج 2 ص 15 {9} الخطيب في التاريخ ج 10 ص 439

 

}29} حَدَّثَنَا سُوَيْدُ بْنُ نَصْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنْ ثَابِتٍ الْبُنَاتِيِّ ، عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ شَعْرَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِلَى أَنْصَافِ أُذُنَيْهِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله جن جا وار مبارڪ ڪنن جي اڌ تائين پهچندا هئا.

مفردات جو شرح : ”اَنۡصَافُ : اڌ. نصف جو جمع آهي اُذنَيہِ : اذن جو تثنيو آهي ڪنَ. جمع کي مثني ڏانهن مضاف ڪيو ويو آهي.

سمجهاڻي : حضرت انس d جنهن نموني تي رسول الله جا وار مبارڪ ڏٺا اهو بيان ڪيائين ورنه ته سندن پاڪ وار مختلف نمونن سان روايت ڪيل آهن. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته هن روايت کي ثابت بناني جي روايت سان حضرت انس d کان آڻڻ حالانڪه اها روايت

 حُميد کان اول باب ۾ آندل آهي. روايت جي ٻي سند سان تقويت آهي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 24 جي تخريج ۾ ذڪر ڪيل آهي.

 

}30} حَدَّثَنَا سُوَيْدُ بْنُ نَصْرٍ ، حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ يُونُسَ بْنِ يَزِيدَ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُتْبَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُسْدِلُ شَعْرَهُ ، وَكَانَ الْمُشْرِكُونَ يَفْرِقُونَ رُءُوسَهُمْ ، وَكَانَ أَهْلُ الْكِتَابِ يُسْدِلُونَ رُءُوسَهُمْ ، وَكَانَ يُحِبُّ مُوَافَقَةَ أَهْلِ الْكِتَابِ فِيمَا لَمْ يُؤْمَرْ فِيهِ بِشَيْءٍ ، ثُمَّ فَرَقَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَأْسَهُ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته رسول الله جن شروع شروع ۾ پنهنجن وارن مبارڪ کي سينڌ ڪڍڻ کان سواءِ ڇڏي ڏيندا هئا مشرڪ مٿي ۾ سينڌ ڪڍندا هئا ۽ اهل ڪتاب پنهنجن وارن کي بنا سينڌ جي ڇڏي ڏيندا هئا. ۽ نبي ڪريم جن انهن ڳالهين ۾ اهل ڪتاب جي موافقت کي پسند ڪندا هئا، جن ۾ الله تعالى طرفان ڪو حڪم آيل نه هوندو هو، ان کان پوءِ حضور جن مٿي جي وارن جي سينڌ ڪڍڻ لڳا.

مفردات جو شرح : ”يسدِلُ“ : (يا جي زبر، سين جي جزم دال جي زير سان) سدل کان ورتل آهي. واحد مذڪر مضارع جو صيغو آهي. وارن کي کُليل ڇڏڻ سينڌ نه ڪڍڻ. يُفَرِّقونَ : تفريق يا فرق کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي حصن ۾ ورهائڻ . اَهۡلِ الۡکِتَابِ : ڪتاب وارا، مراد يهودي ۽ عيسائي آهن. لَمۡ يُؤۡمَرۡ“ : يؤمر امر کان ورتل حڪم ڪرڻ . لَم جي اچڻ سان نفي جي معنى ٿيندي. امر نه ڪيا ويا.

سمجهاڻي: سيد المرسلين جن ڪنهن ڪم جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو جيستائين حڪم الاهي نازل نه ٿيندو هو. ان ڳالهه کي سُٺو سمجهندا هئا ته ان ۾ اهلِ ڪتاب جي موافقت ڪئي وڃي ڇوته انهن وٽ ان ڪم ڪرڻ جي لاءِ انهن جي نبي سڳوري جي ڪا سند ته هوندي برخلاف مشرڪن جي جو انهن وٽ ته ڪابه سند نه هوندي هئي، پوءِ جڏهن حڪمِ الاهي ايندو هو ته پاڻ ڪريم ان تي عمل ڪندا هئا. هن حديث ۾ به اهو بيان ٿيل آهي ته سيدنا رسول الله جن وارن پاڪن کي سينڌ ڪڍڻ کان سواءِ ڇڏيندا هئا ۽ مشرڪ سينڌ ڪڍندا هئا. ۽ اهل ڪتاب سينڌ نه ڪڍندا هئا، ته پاڻ اول اهل ڪتاب جي موافقت ڪرڻ پسند ڪندا هئا پر وري سينڌ ڪڍندا هئا. ڇوته اهو وڌيڪ صفائي وارو ۽ غسل ۾ اسراف کان پري رهڻ جو ذريعو آهي ۽ ان ۾ عورتن سان مشابهت کان بچاءُ به آهي. ۽ هن حديث ۾ ٻنهي طريقن جي جواز جو دليل آهي. امر ۾ وسعت آهي پر سينڌ ڪڍڻ افضل آهي ڇوته رسول الله جن جو پويون عمل اهو آهي پرواجب ناهي ڇوته ڪجهه صحابه رضي الله عنهم پوءِ به وار گڏيل، سينڌ ڪڍڻ کان سواءِ رکندا هئا. جيڪڏهن سينڌ ڪڍڻ واجب هجي ها ته اهي ضرور عمل ڪن ها.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  البخاري في ڪتاب مناقب الانصار باب 752 اتيان اليهود للنبي حين قدم المدينة رقم الحديث  3944  ج 7 ص 274، 275 {2} مسلم في ڪتاب الفضائل باب 24 في سدل النبي شعره و فرقه رقم الحديث 2336 ج 4 ص 1817 {3}  ابو داؤد في ڪتاب الترجل باب 10 ما جاء في الفرق رقم الحديث 4188 ج 4 ص 82 {4} النسائي في ڪتاب الزينة باب 59 فرق الشعر ج 8 ص 184 {5} ابنِ ماجھ في ڪتاب اللباس باب 36 اتخاذ الجمة والذوائب رقم الحديث 3632 {6} احمد  في المسند ج 1 ص 261، 278، 320 {7} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 2377 ج 4 ص 264 {8} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5485 ج 12 ص 296 {9}  ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 429، 430

علامه فواز احمد زمزلي شمائل جي حاشيه ۾ لکيو آهي ته . ڪجهه علماء هن حديث سان دليل ورتو آهي ته اڳين نبين عليٰ نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام جون شريعتون اسان جي لاءِ واجب العمل تيستائين آهن جيستائين اسان جي نبي جي شريعت ۾ انهن جي مخالف حڪم نه آيو آهي ۽ بعض علماء فرمايو ته انهن جي شريعت تي عمل ڪرڻ اسان جي لاءِ واجب ناهي ڇوته هن حديث ۾ لفظ ” يُحِبُ“ آيو آهي يعني پسند ڪندا هئا. پر وجوب جو ذڪر ناهي ۽ حق هي آهي ته هن حديث ۾ ان جو ڪو دليل ناهي، ۽ حق هي به آهي ته اسان جي شريعت انهن لاءِ به شريعت آهي ڇوته انهن جي شريعت اسان تائين صحيح نقل سان نه پهتي آهي. (بلڪه انهن پنهنجي خيال تي خداوندي ڪتابن ۽ احڪام ۾ تحريف ڪئي هئي جنهن کي قرآن ڪريم يُحَّرِفُوۡنَ الۡکَلِمَ چئي بيان ڪيو.آهي علامه نووي ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جي اهل ڪتاب سان انهن احڪامن ۾ موافقت جن جي متعلق مٿن حڪم نازل نه ٿيو هو. ڇا جي ڪري هئي؟ جواب هي آهي ته ٻن سببن جي ڪري هڪ ته اهل ڪتاب جي دلين کي محبت ۾ آڻڻ جي لاءِ ائين ڪندا هئا. . ٻيو ته بُت پرستي جي مخالفت ڪرڻ جي اهميت ظاهر ٿئي. پوءِ جڏهن الله کين انهن کان غني بنايو ۽ اسلام غالب ٿيو ته پاڻ اهل ڪتاب جي سمورن امرن ۾ کُلي مخالفت ڪيائون.    (حاشية الشمائل للزمزلي ص 69)

 

}31}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ ، عَنْ إِبْرَاهِيمَ بْنِ نَافِعٍ الْمَكِّيِّ ، عَنِ ابْنِ أَبِي نَجِيحٍ ، عَنْ مُجَاهِدٍ ، عَنْ أُمِّ هَانِئٍ ، قَالَتْ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ذَا ضَفَائِرَ أَرْبَعٍ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ام هاني g چوي ٿي ته رسول الله جن جا وار مبارڪ چار حصا ٿيل ڏٺم.

مفردات جو شرح : ”رَءَيۡتُ : مون ڏٺو . رؤية کان ورتل واحد متڪلم جو صيغو آهي. ”ذَا“: صاحب ضَفَائِرَ : چڳون، حصا ضفيره جو جمع آهي. جيئن غدائر غديرة جو جمع آهي. ٻئي هڪ معنى سان ايندا آهن.

سمجهاڻي : هن حديث مان به اهو ئي معلوم ٿي رهيو آهي جيڪو اڳين حديثن مان معلوم ٿيو. ۽ هن حديث مان اهو به معلوم ٿيو ته مردن جي لاءِ به وار کولي ڇڏڻ جائز آهن جئن عورتن جي لاءِ جيتوڻيڪ هن دؤر ۾ اڪثر شهرن ۾ اهو عورتن جو معمول آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 113)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي انهن جو ذڪر حديث نمبر 28 جي تخريج ۾ ڏسو.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting