خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب پندرهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ دِرْعِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب انهن حديثن تي مشتمل آهي

جيڪي رسول الله جي زرهه جي متعلق آهن

 

سمجهاڻي: هتي درع جي لحاظ کان اول ”لبس“ جو لفظ مقدر ڪڍيو ويندو، يعني سندن زرهه ڍڪڻ ۽ پائڻ جي متعلق . تان ته هن باب ۾ مذڪور ٻن حديثن سان مطابق رهي. ”الدرع“ دال جي زير سان . لوهه مان ٺهيل جُبو، جيڪو ڪڙا، ڪڙا ڪري ٺاهيو ويندو آهي ۽ اها زرهه جنگين ۾ ڍڪي ويندي آهي.

زرهن جو تعداد: حضور ڪريم جون زرهون ست هيون انهن جا نالا هن طرح آهن. (1) هڪ ذات الفضول : ڊگهي هجڻ جي ڪري ان نالي سان سڏي وئي ۽ اها ئي اها زره هئي جيڪا ابو شحم يهودي وٽ گروي رکيل هئي. (2) ٻي ذات الوشاح (3) ٽين ذات الحواشي (4) چوٿين الفضه (5) پنجين السغدية (سين جي پيش غين جي جزم سان) هڪ قول مطابق غين جي بجاءِ عين سان آيل آهي ۽ هڪ قول مطابق سين جي بجاءِ صاد به پڙهيو ويو آهي. هن زرهه جي لاءِ هڪ قول آهي ته اها حضرت داؤد (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) پائي جالوت جو مقابلو ڪيو هو. (6) ڇهين البتراء (7) ستين الخرنق. (المواهب شرح الشمائل ص 221) ذات الفضول زرهه حضور ڪريم جن جي بدر ڏانهن وڃڻ وقت سندن خدمت ۾ سعد بن عباده موڪلي هئي. السغدية ۽ الفضة کين بني قينقاع مان هٿ آيون هيون. ابن سعد طبقات ۾ پنهنجي سندَ سان عامر کان روايت آندي آهي ته اسان کي علي بن الحسين (امام زين العابدين d) سيدنا رسول الله جي زره مبارڪ ڪڍي ڏيکاري ته اها يماني سنهي ۽ تمام ڊگهي نه هئي، لڙڪائي رکڻ سان زمين تي نه ٿي لڳي ان ۾ ٻيڙا لڳل هئا جيڪڏهن اهي کولي پوءِ لڙڪائي ويندي هئي ته زمين تائين پهچندي هئي. ۽ ابن سعد d حضرت امام جعفر صادق d کان روايت آندي آهي ته محبوب ڪريم جي زرهه کي سيني جي برابر ٻه ٻيڙا لڳل هئا ۽ اهڙي طرح پنين طرف به ٻه ٻيڙا لڳل هيس. حضرت امام جعفر صادق d فرمايو ته ”اها مون پائي ڏٺي ته زمين تائين پهتي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 159)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: اهي مذڪور حديث جي تخريج ۾ ڏسندا.

 

}110} حَدَّثَنَا أَبُو سَعِيدٍ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ سَعِيدٍ الأَشَجُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يُونُسُ بْنُ بُكَيْرٍ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْحَاقَ ، عَنْ يَحْيَى بْنِ عَبَّادِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الزُّبَيْرِ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الزُّبَيْرِ ، عَنِ الزُّبَيْرِ بْنِ الْعَوَّامِ قَالَ : كَانَ عَلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ أُحُدٍ دِرْعَانِ ، فَنَهَضَ إِلَى الصَّخْرَةِ فَلَمْ يَسْتَطِعْ ، فَأَقْعَدَ طَلْحَةَ تَحْتَهُ ، وَصَعِدَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَتَّى اسْتَوَى عَلَى الصَّخْرَةِ قَالَ : سَمِعْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : أَوْجَبَ طَلْحَةُ.

با محاوره ترجمو: حضرت زبير بن العوام کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن جي بدن پاڪ تي جنگ احد جي ڏينهن ٻه زرهون پيل هيون، پوءِ پاڻ سڳورا وڏي جبل تي چڙهڻ لڳا، پر(زخمن جي گهڻائي ۽ تڪليف جي ڪري) پاڻ چڙهي نه سگهيا. پوءِ حضرت طلحه d کي پنهنجي هيٺان ويهاري پاڻ مٿس چڙهي ، جبل تي چڙهي ويا. راوي (زبير بن العوام) چوي ٿو ته پوءِ مون نبي ڪريم جن کان ٻڌو، جو فرمايائون ته طلحھ d  پنهنجي لاءِ (شفاعت يا بهشت) واجب ڪري ڇڏيو.

مفردات جو شرح: ”دِرْعَانِ ٻه زرهون، فَنَهَضَ پوءِ چڙهڻ لڳا. فَأَقْعَدَ پوءِ وهاريائون. وجَبَ واجب ڪري ورتائين.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته نبي پاڪ جن اُحد جي جنگ ۾ ٻه زرهون پاتيون هيون.     (1) ذات الفضول (2) فضہ. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته زرهه ڍڪڻ يا ٻيو ڪوبه حفاظتي انتظام ڪرڻ الله تي توڪل ڪرڻ جي خلاف ناهي. توڪل جي معنى آهي”الله تي ڀروسو ڪرڻ“ ان جا درجا جدا جدا آهن. (1) اعتقادي: هي اسباب تان نظر هٽائي مسبب الاسباب الله ڏانهن توجهه ڪرڻ ۽ ان تي ڀروسو رکڻ آهي ۽ هي هر مسلمان تي فرض آهي. مطلب ته اسباب هجن يا نه هجن هر حالت ۾ الله کي حقيقي ڪارساز سمجهڻ، مڃڻ ۽ اهو يقين رکڻ گهرجي. (2) عملي : يعني عملي طرح اسباب کي ڇڏڻ پر ان ۾ ڪجهه تفصيل آهي ڇاڪاڻ ته هي جهانُ اسباب سان واسطو رکي ٿو. پر انهن ۾ هڪڙا اهڙا اسباب آهن جن جي اختيار ڪرڻ سان مقصود جو حاصل ڪرڻ يقيني آهي پوءِ انهن مان ڪن سببن جو آخرت ۾ ڪاميابي سان تعلق آهي. جيئن بهشت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صحيح عقيدا ۽ نيڪ اعمال اسباب آهن . شريعت ۾ اهڙي قسم جا اسباب ڇڏي سکڻي توڪل ڪرڻ حرام آهي ۽ ٻين ڪيترن سببن جو دنيا جي ڪمن سان واسطو آهي جيئن کائڻ، پيئڻ، ڍؤ ڪرڻ جا اسباب آهن جن سان حياتيءَ جي بقا آهي اهڙن  سببن کي ڇڏڻ به ناجائز آهي انهن کان سواءِ ڪي اهڙا اسباب آهن جن سان مقصود جو حاصل  ٿيڻ يقيني ناهي جيئن ڪنهن کي پنهنجي جائز ڪم جي لاءِ سفارش ڪرڻ يا امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي لاءِ ستائڻ. اهڙي قسم جي سبب کي الله تي توڪل ڪري ڇڏي ڏيڻ وڏي درجي وارن ماڻهن جي لاءِ بهتر آهي باقي عام ماڻهن کي اهڙن سببن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو ان جي ڪري اهڙن ماڻهن کي اهڙن سببن کي اختيار ڪرڻ جي تيستائين اجازت آهي جيستائين ان جي ڪري ديني نقصان نه ٿئي. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جنگ جي لاءِ عسڪري قوت ۽ حفاظت جي اسباب هوندي به فتح يقيني نه هوندي آهي پر شرعي حڪم آهي ته اسباب ۽ قوت مڪمل طرح گڏ ڪرڻ گهرجن، ڇوته ان سان عام ماڻهو کي تسلي ٿئي ٿي ۽ اهي قرار سان جنگ ۾ شموليت  اختيار ڪن ٿا. پر جيڪي توڪل ۽ يقين جي اعلى مقام تي فائز هوندا آهن انهن جي نظر مسبب الاسباب الله تي هوندي آهي اسباب  تي نظر گهٽ رکندا آهن. حضرت خالد بن وليد d چاليهن ماڻهن کي رسول الله جن جي طرفان امير چونڊجڻ جي ڪري پاڻ سان وٺي سٺ هزار لشڪر سان وڃي جنگ ڪري انهن کي شڪست ڏني هئي. اهڙين هستين جي صرف حقيقي ڪارساز، رب العزت جل شانھ جي قوت ۽ قدرت تي نظر هوندي آهي. عام ماڻهن جي نظر اسباب تائين محدود هوندي آهي انهن جي تسلي لاءِ حضور ڪريم جن اسباب اختيار فرمايا هئا. حالانڪه سندن جي لاءِ اهي ضروري ۽ لازم نه هئا. سندن اهي ڪيفيتون امت جي تعليم لاءِ هيون. الله جو به فرمان آهي ”ياٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا خُذُوۡا حِذْرَكُمْ فَانۡفِرُوۡا ثُبَاتٍ اَوِانۡفِرُوۡا جَمِیۡعًا ﴿۷۱  (سورة النساء آيت 71) ترجمو : (اي ايمان وارؤ! پنهنجو بچاء وٺو (هٿيارن وغيره سان پوءِ جنگ جي لاءِ جماعتون جماعتون ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو) جهڙي حالت هجي اهڙي صورت اختيار ڪيو) الله جي فرمانبرداري حضور پُرنور جن کان وڌيڪ ڪير ڪري سگهندو. ان آيت جي حڪم موجب به پاڻ اهي اسباب اختيار ڪيا هيائون. ان جي ڪري زرهه ۽ مٿي تي لوهي ٽوپلو پائڻ وغيره کي توڪل جي خلاف سمجهڻ نه گهرجي. ڪڏهن ته جنگ جي اسباب جي ڪثرت ۽ هٿيارن جي مضبوطيءَ کي ڏسي ڪافرن دشمنن تي رعب طاري ٿيندو آهي جيئن رب العزة جل شانه جو قرآن ڪريم ۾ فرمان آهي. وَ اَعِدُّوۡا لَہُمۡ مَّا اسْتَطَعْتُمۡ مِّنۡ قُوَّۃٍ وَّمِنۡ رِّبَاطِ الْخَیۡلِ تُرْہِبُوۡنَ بِھ عَدُوَّ اللھ وَعَدُوَّكُمْ (سورة الانفال  آيت 60) (ترجمو : ۽ مطلب ته اوهان دشمنن جي مقابلي لاءِ قوت ۽ گهوڙن جي پالڻ سان تيار رهو ان سان الله ۽ پنهنجي دشمن کي ڊيڄاريو ٿا) ۽ هن روايت ۾ مذڪور آهي ته حضور ڪريم جن مٿي ڪنهن پٿر تي چڙهڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي هئي پر زرهن جي ڳري وزن جي ڪري مٿي چڙهي نه سگهيا. اصل ڳالهه هيئن هئي ته کين پاڪ مٿي ۽ پيشاني مبارڪ ۾ جيڪي دشمنن جي هٿان ڌڪ لڳا هئا انهن جي ڪري سندن جسم پاڪ جو رت مبارڪ ڪافي نڪري ويو هو ۽ کين جسماني ڪمزوري ٿي پئي هئي. ٻيو ته شيطان اعلان ڪيو هو ته پاڻ شهيد ٿي ويا آهن. ان جي ڪري پاڻ مٿي ٿي چڙهيا ته ماڻهو سندن ديدار ڪري مطمئن ٿين. پوءِ پاڻ حضرت طلحة d کي ويهاري ان جي مٿان قدم مبارڪ رکي مٿي چڙهيا حضرت طلحھ d سندن جي لاءِ ڄڻ هڪ ڏاڪڻ ٿي پيو. ان کان پوءِ پٿر تي چڙهيا حضرت زبير بن العوام d فرمايو ته مون رسول الله کان ٻڌوپاڻ فرمائي رهيا هئا” طلحة (جنت کي) واجب ڪري ورتو.“ يعني ان اهڙو ڪم  ڪيو جنهن جي ڪري ان لاءِ جنت لازم ٿي وئي آهي اهو عمل آقا عليه الصلٰوة والسلام جي هيٺان ويهي کين کڻي پٿر تي پهچائڻ هو. جنهن تي ٽڙيل پکڙيل مسلمان هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ انهن کي سُرور ۽ خوشي حاصل ٿي ۽ اهو عمل ان ڏينهن حضرت طلحھ d حضور ڪريم جن تان پنهنجو پاڻ فدا ڪرڻ آهي تان جو ان کي اسي کان وڌيڪ تير لڳا هئا. ۽ انهن تيرن کي حضور ڪريم جن ڏانهن وڃڻ کان هٿ سان روڪيو هيائين. حضرت طلحه d انهن اٺن ڄڻن مان هڪ هو جن اول ايمان آندو هو ۽ انهن ڏهن جنت جي بشارت ڏنلن مان به هڪ هو. هڪ بدر جي جنگ کان سواءِ باقي سمورين جنگين ۾ شريڪ هو. بدر جي جنگ وقت حضور ڪريم جي حڪم مطابق شام ملڪ ڏانهن مسلمانن جي ڪم سان ويل هو. وڏو حصو زمين جو خريد ڪري اها مدينه منوره جي مسلمانن ۾ وقف ڪئي هيائين. حديث جي شارحن هي قول به آندو آهي ته ”طلحھ واجب ڪري ورتي، مان مراد حضور ڪريم جن جي شفاعت کي لازم ڪري وٺڻ آهي.“ حضرت طلحة جي لاءِ حضور ڪريم جن هيئن به فرمايو” ته ڀلو شهيد جيڪو زمين تي هلي ٿو.“ ۽ حضرت ابوبڪر صديق d حضرت طلحة d جي ان ڏينهن واري همٿ، جرئت، استقامت ۽ دليريءَ کي ڏسي فرمايو هو” ذَالِکَ يَوۡمُ کُلَّهٗ لِطَلۡحَةَ“ اهو اُحد جي جنگ وارو سڄو ڏينهن طلحة جي لاءِ هو. جمل واري جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ بصره ۾ دفن ڪيو ويو. (جمع الوسائل ج 1 ص 160، فضائل النبي ص 66، المواهب شرح الشمائل ص 223، انوارِ غوثيه ص 154)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} احمد في المسند ج 1 ص 165 {2} البيهقي في سننہھ ج 6 ص 370 {3} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 6979 ج 15 ص 436 {4} ابن ابي عاصم في السنة ص 1387، 1398 {5} ابو يعلي رقم الحديث 670 ج 2 ص 33، 34 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3915 ج 14 ص 119، 120 {7} الحاڪم ج 3 ص 25 .

 

}111}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ  :  حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ خُصَيْفَةَ ، عَنِ السَّائِبِ بْنِ يَزِيدَ ،  أَنَّ  رَسُولَ اللَّهِ   صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ عَلَيْهِ    يَوْمَ أُحُدٍ دِرْعَانِ ، قَدْ ظَاهَرَ بَيْنَهُمَا.

با محاوره ترجمو: حضرت سائب بن يزيد d کان روايت آهي ته رسول الله جن کي احد جي جنگ واري ڏينهن ٻه زرهون هڪٻئي جي مٿان پاتل هيون.

مفردات جو شرح: ساڳيو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آهي ته رسول الله جن اُحد جي جنگ واري ڏينهن ٻه زرهون پاتيون هيون. اهي هڪٻئي جي مٿان ڍڪيون هيائون. هيءَ حديث مرسل سندَ سان آهي ڇوته حضرت سائب d احد جي جنگ ۾ پاڻ موجود نه هو. اهو حجة الوداع جي موقعي تي پنهنجي پيءُ سان گڏ سيدنا رسول الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هو ۽ ان وقت ان جي عمر صرف ست سال هئي. ابو داؤد ۾ آهي ته سائب هيءَ روايت ٻئي کان آندي آهي. پوءِ ته هيءَ مرسل به ناهي ۽ غالب خيال هي  آهي ته ” اهو شخص جنهن کان ” السائب“ روايت ڪري ٿو حضرت زبير بن عوام d آهي. جنهن کان هن کان پهرين مذڪور حديث  به روايت ڪيل آهي. حضور پرنور جن ڪڏهن به هٿيار کان خالي سکڻي توڪل ڪري جنگ جي لاءِ نه نڪتا هئا. سندن ئي ارشاد آهي.“ ڏانوڻ به ڏي توڪل به ڪر“ راوي فرمايو ته اهي زرهون ڊبل ڪيل هيون. ائين نه هو ته هڪ جسم پاڪ جي هيٺئين حصي جي لاءِ ڍڪي هيائون ٻي جسم پاڪ جي مٿئين حصي تي ڍڪي هيائون. جيئن ڪائنچ ۽ قميص پائيندا آهن ائين نه هو. (جمع الوسائل  ج 1 ص 161)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} النسائي في ڪتاب السير من سننہھ الڪبرى کما في التحفة ج 3 ص 66 {2} ابنِ ماجہھ في ڪتاب الجهاد باب 18 السلاح رقم الحديث 2806 {3} احمد في المسند ج 3 ص 449 {4} البيهقي في سننہھ ج 9 ص 49 {5}  ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 124 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2659 ج 10 ص 399.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting