خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب سورهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ مِغْفَرِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي روايتون آهن جيڪي

رسول الله جن جي لوهه واري ٽوپ پائڻ جي متعلق آهن

 

سمجهاڻي: مغفر (منبر وانگر) الغفر کان ورتل آهي الغفر جي معنى ڍڪڻ ۽ هتي ان مان مراد اهو لوهه جو ٽوپ آهي جيڪو مٿي جي ماپ تي مٿي جي حفاظت جي لاءِ ٺاهيو ويندو آهي اهو ٽوپيءَ جي هيٺان پائبو آهي ۽ اهو به هٿيارن جي قسم مان شمار ڪيو ويندو آهي. ڇوته هٿيار ان کي چئبو آهي جنهن سان قتل ڪيو وڃي يا جنهن سان دفاع ڪيو وڃي. (المواهب شرح الشمائل ص 224) سيد امير شاهه قادري، گيلاني لکيو آهي ته ”هن باب ۾ حضور ڪريم جن جو مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن مٿي مبارڪ تي لوهي ٽوپ ڍڪي داخل ٿيڻ جو ذڪر آهي. محدث ترمذي ߋ نبي ڪريم جي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙن ٻين هٿيارن جو ذڪر نه ڪيو آهي پر ”الاتحافات الربانية“ جي مصنف ص 153، 154 تي هنن هٿيارن جو ذڪر ڪيو آهي.

حضور ڪريم جن هٿيارن ۽ گهوڙن ۽ ڏاچين جو ذڪر : ”الاتحافات الربانية“ جي مصنف لکيو آهي ته رسول الله جن جون پنج تير ڪمانيون هيون. (1) النزوراء (2) الروما (3) الصفراء (4) سوحط (5) السداد تيرن رکڻ واري ٿيلهي جو نالو الڪافور هو. هڪ ڍال جو نالو ”الذلوق“ هو . ٻئي جو نالو ”القنق“ هو. هڪ ڍال سندن خدمت ۾ تحفي طور پيش ڪئي وئي هئي. جنهن تي عقاب يا دنبي جي تصوير ٺهيل هئي. رسول الله جن ان تي هٿ مبارڪ رکيو ته اها تصوير ميٽجي وئي. سندن ست گهوڙا هئا. (1) المرتجز (2) السڪب (3) الضرب (4) اللزاز (6) الورء (7) السبحة. سندن تير جو نالو المثوي هو. سندن هڪ ڊگهو نيزو هو. جنهن جو نالو البيضاء هو. سندن خيمي (تنبو) جو نالو الڪن هو. هڪ مٿي  کان ورتل هڪ گز يا ان کان ڪجهه وڏي لٺ هئي ان جو نالو محجن هو ۽ سندن ٻي لٺ هئي جنهن جو نالو مخصر هو. سندن جهنڊي جو نالو عقاب هو ان جو رنگ ڪارو هو. هڪ جهنڊو ڦڪي رنگ جو هو هڪ جهنڊو اڇو هو جنهن ۾ ڪاريون پٽيون هيون. سندن کليءَ جو نالو صادر هو گهوڙي جي زين جو نالو داج هو. هڪ ڏاچيءَ جو نالو قصوى  ته ٻيء جو نالو عضباء هو. سندن خچر جو نالو ”دلدل“ هو. گڏهه جو نالو يعفور هو. جنهن ٻڪريءَ جو پاڻ کير پيئندا هئا. ان جو نالو عنيہھ هو. (انوارِ غوثيه ص 158)

 

}112}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكُ بْنُ أَنَسٍ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دَخَلَ مَكَّةَ وَعَلَيْهِ مِغْفَرٌ ، فَقِيلَ لَهُ : هَذَا ابْنُ خَطَلٍ مُتَعَلِّقٌ بِأَسْتَارِ الْكَعْبَةِ ، فَقَالَ اقْتُلُوهُ“.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم فتح مڪي جي ڏينهن جڏهن مڪي شريف ۾ داخل ٿيا تنهن وقت پاڻ سڳورن کي خود (لوهه جو ٽوپ) پاتل هو. پاڻ ڪريمن کي عرض ڪيو ويو ته هي ابن خطل (يعني اسلام کان ڦري ويل مرتد) ڪعبي شريف جي غلاف کي چنبڙيو پيو آهي. پاڻ فرمايائون ته” ان (مرتد) کي ماري وجهو.“

مفردات جو شرح: مِغۡفَرُ لوهه مان ٺهيل ٽوپ. خَودُ ابنُ خَطَل هڪ ڪافر جي ڪنيت. ”استار“ پردا.

سمجهاڻي: خطل جمل جي وزن تي. هن جو نالو عبدالعزى هو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ان جو نالو عبدالله رکيو ويو. پوءِ اسلام کان ڦِري مرتد ٿيو هو. ۽ هڪ مسلمان سندس خدمت ڪندو هو ان کي شهيد ڪري ڇڏيو هيائين ٻه ڳائڻ واريون عورتون رکيون هيائين. جيڪي رسول الله جي گستاخيءَ ۾ شعر ڳائينديون هيون. سيدنا رسول الله جن جڏهن مڪه مڪرمه ۾ فتح ڪرڻ واري ڏينهن داخل ٿيا هئا ته سندن مٿي مبارڪ تي لوهي ٽوپ پاتل هو. ۽ کين عرض ڪري ٻڌايو ويو ته ”هي ابن خطل، مرتد پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ بيت الله شريف جي غلاف کي هٿ وجهيو چنبڙيو پيو آهي. پاڻ ڪريمن جن حڪم ڏنو ته ”ان کي قتل ڪري ڇڏيو.“ ۽ ان کي جلدي قتل ڪرڻ جي لاءِ حضرت عمار بن ياسر ۽ سعيد بن حريث قتل ڪرڻ جي لاءِ وڌيا پر سعيد اڳ ۾ پهچي ان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هڪ قول آهي ته ان کي ابو برزة قتل ڪيو هو ۽ انهن قولن کي هن طرح گڏ ڪيو ويو آهي ته ” ان کي اول ڌڪ ابو برزة هنيو ۽ پوءِ ان جي قتل ۾ ان سان شريڪ سعيد به ٿيو هو ۽ ان کي زمزم جي کوهه ۽ مقامِ ابراهيم جي وچ تي قتل ڪيو هيائون.

سوال : رسول الله جا فرمان آهن. (1) مَنۡ دَخَلَ الۡمَسۡجِدَ فَهُوَ اٰمِنُٗ جيڪو مسجد (حرام) ۾ داخل ٿيو اهو امن وارو آهي. (2) مَنۡ دَخَلَ دَارَ اَبِيۡ سُفۡيَانَ فَهُوَ اٰمِنُٗجيڪو ابي سفيان جي گهر ۾ داخل ٿيو اهو امن وارو آهي. (3)مَنۡ اَغۡلَقَ عَلَيۡهِ بَابَهٗ فَهُوَ اٰمِنُٗ.“ جنهن پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪيو (۽ اندر ويهي رهيو سامهون مقابلي جي لاءِ نه آيو) اهو امن وارو آهي. ته پوءِ ابن خطل کي ڇو قتل ڪيو ويو؟

جواب: ابنِ خطل کي قتل ڪرڻ جو حڪم به ان محبوب فرمايو هو جنهن جا فرمان سائل آندا آهن ۽ ابن خطل سان گڏ ٽي ٻيا به اهڙا هئا جن لاءِ سرڪارِ دو عالم جن اهڙو حڪم ڏنو هو. ابن خطل مرتد هو. قاتل هو. رسول الله جو گستاخ هو. اهڙي بي ادب جي لاءِ ڪٿي به معافي ناهي. رسول الله جن انهن چئن شخصن جي لاءِ فرمايو هو تهلَا اٰمَنۡهُمۡ فِي حلّ وَلَا فِيۡ حَرَم مان انهن کي حِل ۽ حَرَمَ ٻنهي ۾ امن نه ٿو ڏيان. بلڪه انهن جي لاءِ فرمائي ڇڏيو هيائون ته ”انهن کي ڪعبه جي غلاف سان چنبڙيل ڏسو ته به قتل ڪري ڇڏيونِ.“ ۽ هن مان مالڪي مذهب وارن به دليل ورتو آهي ته رسول الله جو گستاخ کڻي ڪعبه جي غلافن ۾ چنبڙيل هجي ان کي قتل ڪري ڇڏيو. ۽ اهو تڏهن جڏهن زبان تي اسلام آڻي ۽ پوءِ بي ادبي ڪري. ۽ اهو به ممڪن آهي ته ”ابنِ خطل کي ان مسلمان جي قصاص ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن کي شهيد ڪيو هيائين ۽ هن مان مالڪين دليل ورتو آهي ته” جيڪڏهن مسجد جي پليد ٿيڻ جو خطرو ناهي ته مسجد ۾ به شرعي حدون جاري ڪري سگهجن ٿيون پر حنفي حضرات ان کان منع ڪيو آهي.  (المواهب شرح الشمائل ص 225) ۽ علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته دار قطني ۽ حاڪم جي روايت ۾ آهي ته رسول الله جن چئن جي لاءِ امن نه ڏيڻ جو ارشاد فرمايو هو ”اهي هي هئا (1) الحويرث بن النقيد (2) هلال بن خطل (3) مقيس بن صبابه (4) عبدالله بن ابي سرح ۽ اهڙي ٻي روايت بزار، حاڪم ۽ بيهقي به آندي آهي پر بيهقيءَ فرمايو ته ”چئن مردن سان گڏ ٻن عورتن جي لاءِ به اهڙو حڪم هو. ۽ اهو حڪم علي الڪفاية هو.  جيڪو هڪ کي قتل ڪرڻ سان پورو ٿي ويو. (جمع الوسائل ص 162 ج 1 ) ابن شهاب ߋ فرمايو ته ”مون تائين اها ڳالهه پهتي آهي ته حضور ڪريم جن ان ڏينهن احرام سان نه هئا. بلڪه پاڻ ان ڏينهن لوهه وارو ٽوپ لاهي ڪارو پَٽڪو ٻَڌو هيائون. خَطَبَ النَّاسَ وَعَلَيۡهِ عِمَامَةَُ سَوۡدَاءُ پاڻ سڳورن مڪه مڪرمه جي ماڻهن کي خطاب فرمايو ته سندن سر مبارڪ تي ڪارو پَٽڪو ٻَڌل هو. امام شافعي ߋ جن هن حديث جي مدار تي فتوى ڏني آهي ته مڪه مڪرمه ۾ احرام کان سواءِ داخل ٿيڻ جائز آهي ۽ حنفيه حضرات وٽ جائز ناهي حنفيه وٽ هيءَ حديث ان جي ڪري دليل ناهي جو رسول الله جن جي لاءِ مڪه مڪرمه کي فتح جي غرض سان داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. بخاري وغيره ۾ اها صراحت آيل آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته ”منهنجي لاءِ اڄوڪي ڏينهن ۾ هي حلال آهي ٻئي ڪنهن جي لاءِ ناهي.“ (انوارِ غوثيه ص 160)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في ڪتاب جزاء الصيد باب 18 دخول الحرم و مڪة بغير احرام رقم الحديث 1846 ج 4 ص 59 {2} مسلم في ڪتاب الحج باب 84 جواز دخول مڪة بغير احرام رقم الحديث 1357 ج 2 ص 989، 990 {3} ابو داؤد في ڪتاب الجهاد باب 128 قتل الاسير ولا يعرض عليھ الاسلام رقم الحديث 2685 ج 3 ص 60 {4} ابنِ ماجھ في ڪتاب الجهاد باب 18 السلاح رقم الحديث 2805 {5} مالڪ في المؤطا في ڪتاب الحج باب 81 جامع الحج رقم الحديث 247 ج 1 ص 423.

 

}113}  حَدَّثَنَا عِيسَى بْنُ أَحْمَدَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ وَهْبٍ قَالَ : حَدَّثَنِي مَالِكُ بْنُ أَنَسٍ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دَخَلَ مَكَّةَ عَامَ الْفَتْحِ ، وَعَلَى رَأْسِهِ الْمِغْفَرُ قَالَ : فَلَمَّا نَزَعَهُ جَاءَهُ رَجُلٌ ، فَقَالَ لَهُ : ابْنُ خَطَلٍ مُتَعَلِّقٌ بِأَسْتَارِ الْكَعْبَةِ فَقَالَ : اقْتُلُوهُ. قَالَ ابْنُ شِهَابٍ : وَبَلَغَنِي أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَمْ يَكُنْ يَوْمَئِذٍ مُحْرِمًا.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان هيءُ به روايت آهي ته نبي پاڪ جن فتح مڪي جي سال خود (لوهو ٽوپ) پائي مڪي شريف ۾ آيا. راوي چيو ته جڏهن لوهو ٽوپ لاٿائون، ته هڪ ماڻهو کين ٻڌايو ته خطل جو پُٽ (مرتد) ڪعبي جي غلاف کي چنبڙيو پيو آهي پاڻ فرمايائون ته ان کي قتل ڪري ڇڏيو.  ابنِ شهاب d چيو ته مون کي خبر پئي ته ان ڏينهن نبي پاڪ جن کي احرام ٻَڌل ڪونه هو.

مفردات جو شرح : ”اَلْمِغْفَرُ سڀني صحيح ڪيل ۽ اعتماد وارن نسخن ۾ الف، لام سان آيل آهي. ”قالَ“ اي انس . هتي قال لفظ آندائين ڇوته اهو ان کان آخر وقت ۾ ٻڌو هيائين. نَزۡعَہٗ اي  اَلۡمغفر لوهه وارو ٽوپ لاٿائين. جاءَهٗ رَجُلُ ان وٽ هڪ مرد آيو. ان مان مراد ابو برزة آهي ۽ ٻيو قول آهي ته ان مان مراد سعيد بن حريث آهي.

سمجهاڻي: سيدنا رسول الله جن جڏهن سن 8 هه ۾ مڪه مڪرمه کي فتح ڪيو ته سندن مٿي مبارڪ تي لوهه جو ٽوپ پاتل هو پاڻ اهو لاهي مٿي مبارڪ تي ڪارو پَٽڪو ٻڌي پوءِ ماڻهن کي خطاب فرمايو هيائون. ۽ اهو خطاب بيت الله شريف جي دروازي وٽ ڪيو هيائون. ۽ علامه علي القاري ߋ مٿين ڳالهه لکڻ کان پوءِ لکيو آهي ته هڪ قول هي آهي ته اها پڳ جيڪا پاڻ ٻڌي هيائون اصل ۾ ڪاري نه هئي پر سندن مٿي مبارڪ تي پاتل لوهه واري ٽوپ سان لڳڻ جي ڪري ڪاري محسوس ٿي رهي هئي. ۽ اهو قول روايتن کي گڏڻ ۾ وڌيڪ ظاهر آهي.“ والله اعلم . علامه موصوف ٿورو اڳتي لکيو آهي تهوالمحفوظ في سائر الطرق انه دخل مکة وعليه عمامة سوداء “  سڀني روايتن ۾ محفوظ هي آهي ته حضور ڪريم جن مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيا ته سندن ذات جي پڳ مبارڪ ڪاري هئي. جڏهن پاڻ اهو ”مغفر“ لوهه وارو ٽوپ لاٿائون ته ان وقت ابو برزه يا سعيد بن حريث کين عرض ڪيو هو ته ابن خطل بيت الله شريف جي غلافن ۾ چنبڙيو پيو آهي. پوءِ پاڻ امر فرمايائون ته ”ان کي قتل ڪيو“ جمع جو صيغو هو. يعني تون ۽ تنهنجا ساٿي گڏجي ان کي قتل ڪيو. ابن شهاب ߋ فرمايو ته ان ڏينهن رسول الله جن احرام سان نه هئا. ۽ مسلم حضرت جابر d جو قول آندو آهي ته سهڻي حبيب ڪريم جن کي ان ڏينهن ڪارو پَٽڪو ٻڌل هو ۽ احرام به ٻَڌل نه هو. ۽ علماء جو ان ۾ اختلاف آهي ته حج ۽ عمره جي ارادي کان سواءِ جيڪو مڪھ مڪرمه ۾ داخل ٿيڻ  گهري ته ان تي احرام ٻڌڻ واجب آهي يا نه. بعض علماء واجب چيو آهي بعض واجب نه چيو آهي. (والتفصيل في جمع الوسائل ج 1 ص 264) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته پاڻ سڳورن ان ڏينهن ڪارو پٽڪو ان جي ڪري پسند فرمايو جو ان ۾ سرداري ڏانهن اشارو  هو جيڪا سندن ذات کان اڳي ڪنهن به نبي عليھ السلام کي حاصل نه ٿي هئي. ۽ ان ۾ اسلام جي غلبي ۽ ظهور ڏانهن اشاري سان گڏ اهو به فائدو هو جو ڪارو پٽڪو نه ميرو ٿيندو نه ميٽجندو.“

مڪه مڪرمه ۾ احرام کان سواءِ داخل ٿيڻ جو حڪم شمائل جي بعض شارحن لکيو آهي ته ”مڪه  مڪرمه ۾ احرام کان سواءِ داخل ٿيڻ منع آهي ۽ اتي جنگ ڪرڻ به منع آهي پر جنهن مالڪ مٺي اها منع ڪئي آهي ان پنهنجي حبيب، نبي ڪريم جي لاءِ ٿورڙو وقت اجازت ڏني هئي ۽ اهو وقت انهن جي لاءِ جنگ ڪرڻ ۽ احرام کان سواءِ داخل ٿيڻ حلال ۽ جائز هو. ”جيئن سندن فرمان مبارڪ آهي ته ” اها جنگ مون کان اڳ ۾ ڪنهن جي لاءِ به حلال نه هئي. ۽ مون لاءِ ٿورڙو وقت حلال ٿي ۽ مون کان پوءِ به ڪنهن جي لاءِ حلال نه ٿيندي.“ (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 264، فضائل النبي ص 69) ۽ حضور ڪريم جن ان ڏينهن يارهن مردن ۽ ڇهن عورتن جي لاءِ قتل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هو ڇوته انهن جا جرم معاف ڪرڻ جي قابل نه هئا. ۽ معافي جي عام اعلان کان انهن کي ڌار رکيو ويو هو پر انهن مان ست مرد ۽ ٻه عورتون دل سان مسلمان ۽ توبهه تائب ٿي پيش پيا هئا ته انهن کي معاف ڪيو ويو هو ۽ باقي ٻين کي قتل ڪيو ويو. (خصائل نبوي ص 90)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر اڳئين حديث جي تخريج ۾ مذڪور آهي.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting