خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب سترهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي عِمَامَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾ رسول الله

جي پڳ مبارڪ جي صفت جو بيان آهي

 

سمجهاڻي: علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”پڳ ٻڌڻ سنت آهي خاص ڪري نماز ۾ ۽ سينگار ڪرڻ جي نيت سان . ان باري ۾ گهڻيون حديثون آيل آهن ۽ اها سنت ٽوپيءَ جي مٿان ۽ ٽوپيءَ کان سواءِ ٻڌڻ سان به حاصل ٿيندي آهي. حديث ۾ آيو آهي فَرَقُ مَا بَيۡنَنَا وَبَيۡنَ الۡمُشۡرِکِيۡنَ العَمَائِمُ عَلَي الۡقَلَانِسِ يعني اسان ۽ مشرڪن ۾ فرق ٽوپين جي مٿان پڳون ٻڌڻ آهن . مقصد ته اسين ٽوپين جي مٿان پڳون ٻڌون ٿا ۽ سکڻيون ٽوپيون پائڻ مشرڪن جو طريقو آهي. ابن القيم فرمايو ته ”سيدنا رسول الله جن جي پڳ مبارڪ ايتري گهڻو وڏي نه هئي جو مٿي مبارڪ تي بار بنجي ، کين ايذاء ، تڪليف ڏي. ۽ ايتري ننڍي به نه هئي جو مٿي مبارڪ کي ڍڪي نه بيهي ۽ سردي ۽ گرميءَ کان تحفظ به نه ملي. بلڪه وچولي درجي تي هئي ۽ ڀلو امر وچٿرو آهي ۽ علامه ابن حجر هيتمي ߋ لکيو آهي ته ”سيدنا رسول الله جن جي پڳ مبارڪ جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي متعلق صحيح حديثن مان ڪجهه به ثابت ناهي. ۽ جيڪو طبراني ۾ آيو آهي ته ”ان جي ڊيگهه ست هٿ هئي ۽ بعض جو قول آهي ته ”ان جي ڊيگهه ست هٿ ۽ ويڪر هڪ هٿ هئي.“ ان جو اصلي ثبوت ناهي. پر نووي ߋ کان نقل ڪيل آهي ته سندن هڪ پڳ مبارڪ ننڍي ڇهه هٿ هئي ۽ ٻي پڳ گهڻي ڊگهي ٻارهن هٿ هئي. ۽ پڳ سان ڄاڙيءَ جي هيٺان ور ڏيڻ شافعين وٽ سنت ناهي ۽ حديث جي بعض حافظن وٽ ۽ اهو اڪثر جو اختيار ڪيل قول آهي. اهو سنت آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 227) حضرت عبدالله بن عمر f کان پٽڪي جي باري ۾ پڇيو ويو ته فرمايائين ”پَٽڪو سنت آهي“ حديث شريف ۾ اچي ٿو ته ” پَٽڪو ٻَڌندا ڪيو اهو حلم ۽ بردباري وڌائي ٿو.“ پَٽڪو ٻَڌڻ سنت مستمره (هميشه واري) آهي ۽ هڪ حديث ۾ آيو آهي ته ” پَٽڪو ٻڌندا ڪريو ، اهو اسلام جو نشان ۽ مسلمان ۽ ڪافر ۾ فرق ڪرڻ وارو آهي.“ (فضائل النبي ص 70، خصائل نبوي ص 91) علامه علي قاري ߋ مشڪواة المصابيح جي شرح ۾ لکيو آهي ته لم يرو انه لبس القلنسوه بغيرالعمامة فيتعين ان يکون هذا زي المشرکين يعني اها روايت ناهي ته رسول الله جن پڳ کان سواءِ ٽوپي پاتي هجي. پوءِ مقرر ٿيو ته صرف ٽوپي پائڻ مشرڪن جي عادت هئي. علامه موصوف پڳ جي فضيلت جون حديثون لکي پوءِ لکيو آهي ته ”هنن سڀني مان پڳ جي فضيلت مطلقًا ثابت آهي ۽ ٽوپيءَ کان سواءِ پڳ ٻڌڻ سنت جي خلاف آهي ۽ ٽوپي سان گڏ افضل آهي. صرف ٽوپي ڪافرن ۽ بعض شهرن ۾ بدعتي ماڻهن جو معمول آهي. اعلى حضرت مولانا شاهه امام احمد رضا خان محدث بريلوي ߋ فتاوى رضويه ۾ 19 حديثن ۽ ڪيترن فقھ جي ڪتابن جون عبارتون نقل ڪري لکيو آهي ته ”پڳ ٻَڌڻ حضور ڪريم جي سنت متواتره آهي. جنهن جو تواتر يقينًا دين جي ضروري حدن تائين پهچائي ٿو. ٿورو اڳتي هلي لکيو اٿس ته ”پڳ ٻڌڻ سنت لازمه دائمه آهي ايتريقدر جو علماء خالي ٽوپي پائڻ کي مشرڪن جي وضع قرار  ڏنو آهي. افسوس  آهي جو اڄ ڪالهه مسجدن جا امام ان سنت مبارڪ کي ڇڏي صرف ٽوپي سان نماز پڙهائيندا آهن ۽ افضليت جو اجر ضايع ڪندي سنت جي ڇڏڻ جا مرتڪب ٿيندا آهن. علامه نبهاني ߋ لکيو آهي ته ” رسول الله جن ڪنهن شخص کي ڪنهن شهر جو تيستائين حاڪم مقرر نه ڪندا هئا جيستائين ان کي پڳ نه ٻڌائيندا هئا. (انوارِ غوثيه ص 161، 163)

 

}114} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ مَهْدِيٍّ ، عَنْ حَمَّادِ بْنِ سَلَمَةَ ، ح وَحَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ حَمَّادِ بْنِ سَلَمَةَ ، عَنْ أَبِي الزُّبَيْرِ ، عَنْ جَابِرٍ قَالَ : دَخَلَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَكَّةَ يَوْمَ الْفَتْحِ وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ.

با محاوره ترجمو: حضرت جابر d کان روايت آهي ته نبي پاڪ فتح مڪي جي ڏينهن مڪي شريف ۾ داخل ٿيا ته سندن مٿي مبارڪ تي ڪاري پَڳ مبارڪ ٻَڌل هئي.

مفردات جو شرح: ”سوداءُ ڪاري پڳ.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آيو ته ”رسول الله جن مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن داخل ٿيا ته سندن مٿي مبارڪ تي ڪاري رنگ جي پَڳ هئي. ۽ ”باب ماجاء في صفة مغفر رسول الله “ ۾ روايت هئي ته سندن مٿي مبارڪ تي لوهي ٽوپ هو. محدثين ڪرام فرمايو ته ” انهن ٻنهي روايتن ۾ ڪو تضاد ناهي پاڻ ڪريم جن ان لوهي ٽوپ جي هيٺان ڪاري پڳ ٻڌي هئي جيڪا مٿي مبارڪ جو ان لوهي ٽوپ جي تڪليف ڏيڻ کان بچاءُ هئي ۽ مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ اهو لوهي ٽوپ لاهي رکيو هيائون کين صرف ڪاري پڳ مبارڪ مٿي مبارڪ تي پاتل هئي. ان جو ذڪر حضرت جابر d ڪري رهيو آهي. ان جي ڪري احاديث مبارڪه جا ٻئي حصا صحيح آهن انهن ۾ ڪوبه تعارض ناهي. (انوارِ غوثيھ ص 228) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”رسول الله جي ڪاري پَڳ ٻَڌڻ ۽ ملائڪن جو بدر واري جنگ ۾ ڦِڪا پَٽڪا ٻَڌي اچڻ صحيح حديثن سان ثابت آهي ۽  جن حديثن ۾ سفيد ڪپڙن پائڻ جي لاءِ ارشاد ٿيل آهي، ڪو تعارض ناهي ڇوته هر ڪم ان جي مقام جي خصوصي تقاضا مطابق ڪيو ويو هو. (المواهب شرح الشمائل ص 228)

ڪارو ڪپڙو پائڻ جـو حڪم ”بعض علماء هـــن حديث سان ڪاري ڪپڙي پائڻ جي جواز تي دليل ورتو آهي جيتوڻيڪ اڇو ڪپڙو پائڻ افضل آهي جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته”اوهان جي ڪپڙن مان ڀلا ڪپڙا اڇا آهن.“ ۽ اسان حنفين جي علماء مان زيلعي آندو آهي ته ”ڪارو ڪپڙو پائڻ سنت آهي “ ۽ محدث سيوطي ڪاري ڪپڙي پائڻ جي لاءِ هڪ جزء (ننڍو ڪتاب) لکيو آهي ۽ ان ۾ حديثون ۽ آثار ذڪر ڪيا اٿس. طبراني، ابو الشيخ ۽ شعب الايمان ۾ بيهقي حضرت ابن عمر f کان حديث آندي آهي ته ”رسول الله جن جي ٽوپي مبارڪ کي ڪن هئا.“ مطلب ته ڪنن کي ڍڪي بيهندي هئي اها سفر ۾ پائيندا هئا ۽ نماز ۾ اڳيان رکندا هئا. علامه مناوي ߋ الزين العراقي ߋ کان آندو آهي ته پَٽڪو گهڻو ڊگهو رکڻ منع آهي. ابو داؤد جي روايت ۾ آهي ته ”ان پڳ جو طُرو حضور ڪريم جي ٻن ڪلهن مبارڪن جي وچ  ۾ ڇڏيل هوندو هو.“ (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 165)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب (23) في العمائم رقم الحديث 4076 ج 4 ص 54 {2} النسائي في ڪتاب الزينة من سننہھ الڪبرى باب 108 العمائم رقم الحديث 9757 ج 5 ص 498 }3} ابن ماجہھ في ڪتاب اللباس باب 14 العمامة السوداء رقم الحديث 3585 {4} احمد في المسند ج 3 ص 363 {5} البيهقي في سننه ج 3 ص 246 {6}  ابن حبان في صحيحہھ رقم الحديث 3722 ج 9 ص 37، 38.

 

}115}  حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مُسَاوِرٍ الْوَرَّاقِ ، عَنْ جَعْفَرِ بْنِ عَمْرِو بْنِ حُرَيْثٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : رَأَيْتُ عَلَي رَاسَ رَسُوۡل الله صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عِمَامَةً سَوْدَاءَ.

با محاوره ترجمو: حضرت جعفر d پنهنجي پيءُ عمرو بن حريث d کان روايت ڪئي آهي، ان چيو ته مون رسول الله جن جي مٿي مبارڪ تي ڪاري پَڳ مبارڪ ڏٺي.

مفردات جو شرح: جدا ناهي تنهن ڪري مٿئين ذڪر ڪيل شرح جو مطالعو ڪيو وڃي.

سمجهاڻي: هن حديث جو راوي مذڪور حديث واري ڳالهه ڪري ٿو ته ”مون رسول الله جن تي ڪاري پڳ ڏٺي هئي. ٿي سگهي ٿو ته مڪه مڪرمه جي فتح واري ڏينهن ڏٺائين يا ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏٺائين، جمعي جي خطبي پڙهندي ڏٺائين يا ڪنهن ٻئي خطاب ۾ ڏٺائين. شمائل جي شارح سيد امير گيلاني لکيو آهي ته ڪي صحابه سڳورا رضي الله عنهم ڪارا پَٽڪا ٻڌند اهئا. جيئن محدثن فرمايو آهي ته ”حضرت علي d ڪارو پَٽڪو ٻڌو هو. ۽ حضرت امام حسن d ڪاري پڳ سان ڪارن ڪپڙن ۾ خطبو ارشاد فرمايو هو. حضرت ابن الزبير، حضرت انس، حضرت عمار وغيرهم رضوان الله عليهم اجمعين به ڪارو پَٽڪو ٻڌندا هئا. ۽ خطبه ارشاد فرمائيندا هئا. سعيد بن المسيب عيدن جي موقعي تي ڪاري پڳ ٻڌندو هو.  ان جي باوجود علماء جمعه يا عيدين وغيره ۾ ڪارو پٽڪو ٻڌڻ ضروري قرار نه ڏنو آهي، علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ” ڪاري پڳ سان مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيڻ مقصود نه هو.“ امام اوزاعي ߋ کان پڇيو ويو ته ”اوهان ڪارو رنگ ڇو نه ٿا پايو؟ ته پاڻ فرمايائون ”ان جي ڪري جو ان ۾ نه گهوٽ کي چمڪايو ويندو آهي نه احرام ۾ ان سان لبيڪ پڙهي ويندي آهي نه ميت کي ڪفن ڏنو ويندو آهي.“ ۽ هن حديث مان اهو به معلوم ٿيو ته ”صرف مڪه مڪرمه ۾ نه پر ان کان سواءِ به رسول الله جن ڪاري رنگ جي پڳ پائيندا هئا. علامه بيجوري ߋ فرمايو ته ”لبس البياض افضل“ اڇو ڪپڙو پائڻ ڀلو آهي. ان جي ڪري اسان جا علماء ۽ مشائخ اڇو لباس ئي پائيندا ۽ پسند ڪندا آهن. (انوارِ غوثيہھ ص 165، 166)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  الحميدي في المسند  ج ص 257 {2} مسلم في ڪتاب الحج باب 84 جواز دخول مڪة بغير احرام رقم الحديث 1359 ج 2 ص 990 {3} احمد في المسند ج 4 ص 307 {4} البيهقي  في سننھ ج 3 ص 246 {5} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 455 {6} ابو الشيخ ص 102 {7} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 23 في العمائم رقم الحديث 4077 ج ص 54.

}116}  حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ ، وَيُوسُفُ بْنُ عِيسَى ، قَالاَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ مُسَاوِرٍ الْوَرَّاقِ ، عَنْ جَعْفَرِ بْنِ عَمْرِو بْنِ حُرَيْثٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَطَبَ النَّاسَ وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ.

با محاوره ترجمو: حضرت جعفر بن عمرو بن حريث d پنهنجي پيءُ کان روايت آندي آهي ته نبي پاڪ جن ماڻهن کي خطبو ارشاد فرمايو ۽ سندن مٿي مبارڪ تي ڪاري پَڳ ٻَڌل هئي.

مفردات جو شرح : ”خَطَبَ، خطبة، خطبا و خطابة : وعظ ڪرڻ، تقرير ڪرڻ، حاضرين جي سامهون خطاب ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ڪاري پڳ سان گڏ حضرت نبي ڪريم جن جي خطاب جو ذڪر آهي. بعض محدثن فرمايو ته ان خطاب مان مراد مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن جو خطاب آهي جيڪو پاڻ بيت الله شريف جي چائنٺ تي بيهي فرمايو هيائون. ۽ بعض محدثن اهو خطاب مراد نه ورتو آهي ڇوته انهن کان ئي ٻي روايت ۾ آيو آهي جيڪا مسلم آندي آهي ته” گويا ڪه مان هاڻي رسول الله جن ڏانهن نهاري رهيو آهيان پاڻ منبر تي تشريف فرما آهن ۽ کين ڪاري پڳ آهي پاڻ ان پڳ جو طُرو ٻن ڪلهن جي وچ تي ڇڏيو اٿن. هن روايت ۾ ” منبر“ جو لفظ موجود آهي ۽ جڏهن ته مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ وقت منبر نه هو. ان جي ڪري اهو خطاب مدينه منوره ۾ ڪنهن جمعي تي ٿيو هوندو. المصابيح جي صاحب هن حديث کي”باب خطبة الجمعة“ ۾ آندو آهي. (نوارِ غوثيھ ص 229) ۽ علامه بيجوري لکيو آهي ته ”جنهن حديث ۾ منبر جو لفظ آيو آهي ان مان به فتح مڪه وارو خطاب مراد ٿي سگهي ٿو ڇوته اتي منبر مان مراد ان جي لغوي معنى ”مڪان مرتفع“ بلند جاءِ آهي ۽ هن مان جمعي جي خطاب ۾ ڪاري پَٽڪي جي ٻڌڻ جو جواز ثابت آهي پر افضل اڇو پَٽڪو ٻڌڻ آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 229) بعض حديثن ۾ هن قصي ۾ جمعي جو لفظ به موجود آهي. علامه علي القاري مشڪواة المصابيح جي شرح ۾ آندو آهي ته ”هي خطبه رسول الله جن جي وصال واري جمعي جو آهي.“ والله اعلم (خصائل نبوي ص 93) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته الخطبة، المخاطبة، التخاطب، ٽنهي جي معنى آهي ڪنهن کي ڪلام، گفتگو ۽ ڳالهائڻ سان سامهون ٿيڻ. ۽ ان ساڳئي محاوره ۾ ”الخِطبَة“ (خا جي زير سان) به ايندو آهي. پهرين لفظن مان خصوصي مراد وعظ هوندو آهي ۽ خطبة مان مراد ڪنهن عورت جي طلب ڪرڻ هوندو آهي. (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 166)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر اڳئين حديث ۾ لکيل آهي.

 

}117} حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ الْهَمْدَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيَى بْنُ مُحَمَّدٍ الْمَدَنِيُّ ، عَنْ عَبْدِ الْعَزِيزِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ عُبَيْدِ اللَّهِ بْنِ عُمَرَ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنِ ابْنِ عُمَرَ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا اعْتَمَّ سَدَلَ عِمَامَتَهُ بَيْنَ كَتِفَيْهِ. قَالَ نَافِعٌ : وَكَانَ ابْنُ عُمَرَ ، يَفْعَلُ ذَلِكَ.قَالَ عُبَيْدُ اللَّهِ : وَرَأَيْتُ الْقَاسِمَ بْنَ مُحَمَّدٍ ، وَسَالِمًا يَفْعَلاَنِ ذَلِكَ.

با محاوره ترجمو حضرت ابن عمر f کان روايت آهي ته رسول الله جن جڏهن پَڳ ٻَڌندا هئا، ته طُرو ٻنهي ڪلهن جي وچ تي لڙڪائي ڇڏيندا هئا.

حضرت نافع d چوي ٿو ته حضرت ابن عمر f به ائين ڪندو هو.

حضرت عبيدالله d چيو ته قاسم بن محمد d ۽ حضرت سالم d به ائين ڪندا هئا يعني طرو ڪلهن جي وچ تي ڇڏيندا هئا.

مفردات جو شرح:  اِعۡتَمَّ اعتماد کان ورتل آهي (اعتم ميم جي شد سان) اي لف عمامتھ علي راسه. پنهنجي پڳ مٿي کي ويڙهيائين. پڳ ٻڌائين. ”سَدَلَ“ لڙڪايائين. ڇڏي ڏنائين. کَتَفَيۡہِ ڪتف جو تثنيو. ٻه ڪلها . طُري کي العلاقة سڏيندا آهن ۽ پَٽڪي جو ننڍو طُرو جيڪو مٿان ظاهر ڪندا آهن ان کي ” العذبة“ سڏيو ويندو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته ”رسول الله جن پڳ مبارڪ ٻڌندا هئا ته ان جو تُرو ٻن ڪلهن جي وچ تي ڇڏيندا هئا.“

پڳ جي طُري ڇڏڻ جو طريقو: نبي ڪريم جن جي طُري ڇڏڻ جي متعلق عادت مختلف رهي آهي. اڪثر ڪري پاڻ طُرو ڇڏيندا هئا ڪڏهن سيني مبارڪ جي ساڄي طرف ڪڏهن کاٻي طرف ڪڏهن پويان ٻن ڪلهن جي وچ تي ڇڏيندا هئا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن پڳ مبارڪ جي ٻنهي پاسن هيٺئين ۽ مٿئين کان طُرو ڇڏيندا هئا. علامه نووي ߋ فرمايو ته ”حضور ڪريم جن کان طُري ڇڏڻ جون سڀ صورتون ثابت آهن. افضل صورت هي آهي ته طُرو ٻن ڪلهن جي وچ تي پويان چيلهه تائين لٽڪيل هجي.“ علامه نبهاني ߋ حضرت علي d کان روايت آندي آهي ته ”مون کي رسول الله جن پڳ ٻَڌائي ته ان جو هڪ حصو منهنجي ڪلهي تي رکي فرمايائون ته ”الله بدر ۽ حُنين (جنگين واري) ڏينهن جن ملائڪن جي ذريعي منهنجي مدد ڪئي هئي انهن کي هن طرح پٽڪا ٻَڌل هئا“ ۽ فرمايائون ته ”پَٽڪو مسلمان ۽ ڪافر جي وچ ۾ هڪ امتيازي فرق آهي.“ پاڻ ڪنهن کي به ڪنهن شهر جو حاڪم مقرر ڪندا هئا ته ان کي پَٽڪو ٻَڌرائيندا هئا. پٽڪي  ٻڌڻ جو طريقو هي آهي ته ان جو هڪڙو پاسو ساڄي ڪلهي جي ڪن جي طرف رکجي.“ (انوارِ غوثيھ ص 168) نبي پاڪ جو معمول هميشه طُرو ڇڏڻ هو پر ڪڏهن ڪڏهن طُري ڇڏڻ کان سواءِ به پَڳ مبارڪ ٻڌندا هئا. (خصائل نبوي ص 92) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”حديث مان ثابت ٿيو ته طُرو ڇڏڻ سنت آهي ان سان هيئت جي سونهن پيدا ٿئي ٿي. ۽ افضل ٻن ڪلهن جي وچ تي پويان طُرو ڇڏڻ آهي پر جيڪڏهن اڳيان طرو ڇڏجي جيئن صوفياء ڪرام ڇڏين ٿا ته ساڄي پاسي ڇڏڻ ڀلو آهي يا کاٻي پاسي؟ جيئن معمول ۽ معتاد آهي؟ طبراني ابي امامة d  کان جيڪا روايت آندي آهي ان ۾ ساڄو پاسو مقرر آهي ۽ صوفياءِ ڪرام کاٻي پاسي طُري ڇڏڻ کي سهڻو سمجهيو آهي. ڇوته ان پاسي قلب آهي ان جي مٿان طُرو ڇڏي ان کي غير کان ڍڪي خالص خدا جي حوالي ڪرڻ آهي. بعض شافعي علماء  فرمايو ته ”جيڪڏهن طُري ڇڏڻ ۾ وڏائي ۽ غُرور جو ڊپ محسوس ڪري ٿو ته به طُرو ضرور ڇڏي. تڪبر ۽ وڏائي کي دفع ڪرڻ لاءِ پنهنجي نفس سان جهاد ڪري. طُرو گهٽ ۾ گهٽ چار آڱر  هجي ۽ وڌ ۾ وڌ هڪ هٿ ڊگهو ۽ وچ تي هڪ گرانٺ جيترو هجي ۽ ان کي تڪبر جي نيت سان وڏو ڪرڻ حرام آهي. عبيدالله جي چوڻ ته مون ”قاسم ۽ سالم کي به ائين ڏٺو.“ مان ثابت ٿئي ٿو ته ”طُرو ڇڏڻ سنت مؤڪده محفوظه آهي جنهن کي صالحن ٻانهن ڪڏهن به ڇڏيو ناهي. الغرض ته طُري ڇڏڻ جي متعلق صحيح حسن حديثون گهڻيون آيل آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 230، 231) علامه ابن الجوزي ߋ ”الوفا“ ڪتاب ۾ روايت آندي آهي ته ”حضرت ابنِ عمر f کان پڇيو ويو ته رسول الله جن پڳ مبارڪ ڪيئن ٻڌندا هئا؟ ان ٻڌايو ته پڳ جو ور مٿي تي رکي ان کي پويان ڦيرائي هلائي پورو ڪندا هئا. ۽ ان دوران ٻن ڪلهن جي وچ تي طُرو ڇڏيندا هئا. ۽ علامه علي القاري المدخل جي حوالي سان آندو آهي ته ”ڪائنچ ويهي پائجي ۽ پَٽڪو بيهي ٻڌجي.“

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 163، 164)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 103 {2} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 456 {3} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6397 ج 14 ص 307 {4} العقيلي في الضعفاء ج 3 ص 21 {5} البغوي في الشمائل رقم الحديث 793 ج 2 ص 235.

 

}118} حَدَّثَنَا يُوسُفُ بْنُ عِيسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو سُلَيْمَانَ وَهُوَ عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ الْغَسِيلِ ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَطَبَ النَّاسَ وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ دَسْمَاءُ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن خطبو ڏنو. ان وقت پاڻ سڳورن کي تيل سان سڻڀو پَٽڪو ٻَڌل هو.

مفردات جو شرح: خَطَبَ النَّاسَ ماڻهن کي خطاب فرمايائون. ”وَعَلَيْهِ ۽ ان جي مٿان يعني مٿي مبارڪ جي مٿان عِمَامَةٌ عين جي زير سان. دَسْمَاءُ هي لفظ ڪاري. جي معنى ۾ به ايندو آهي ۽ تيل سان سڻڀي ٿيل جي معنى ۾ ايندو آهي.

سمجهاڻي: محدثن ڀلارن فرمايو ته ”رسول الله جن اهو خطاب دنيا تان رحلت جي وقت فرمايو هو. بعض روايتن ۾ ”عمامة “ جي بجاءِ ”عمامة دسماء“ آيو آهي. ان جي ڪري هن جي هيءَ معنى به ڪئي وئي آهي ته سندن مٿي مبارڪ تي تيل جي سڻڀي اڳڙي (رومال، پَٽي) ٻڌل هئي ۽ پاڻ ڪريم جن ان کان پوءِ منبر تي تشريف فرما نه ٿيا هئا. حضرت عبدالله بن حازم وٽ هڪ ڪاري پڳ هوندي هئي جنهن کي اهو جمعي ۽ عيدن ۽ جڏهن جنگ لڳندي هئي ته تبرڪ طور ٻَڌندو هو.

(انوارِ غوثيه ص 168)

غسيل الملائکة جو ذڪر: علامه علي قاري ߋ مذڪور راوي سليمان جي متعلق لکيو آهي ته عبدالرحمان بن سليمان  بن  عبدالله بن حنظله بن ابي عامر المدني الانصاري المعروف بابن الغسيل. الغسيل سندس ڏاڏي جو پيءُ حضرت حنظله هو. جڏهن احد جي جنگ ۾ شهيد ٿيو هو ته ان کي ملائڪن غسل ڏياريو هو، تڏهن ”غسيل الملائکة“ سڏيو ويو. ۽ علامه موصوف لکيو آهي ته حضور ڪريم جن ان خطاب ۾ انصار جو شان بيان فرمايو هو. جيئن بخاري پنهنجي صحيح ۾ احمد بن يعقوب کان ان ابن الغسيل کان هن اسناد سان آندو آهي ته ”رسول الله جن (پنهنجي گهر مبارڪ) مان ان حال ۾ نڪتا جو مٿن ڪپڙو ويڙهيل هو جيڪو سندن ڪلهن (مبارڪن) تي ڇڏيل هو ۽ مٿي مبارڪ تي تيل سان سڻڀو رومال به هو. پاڻ منبر تي ويٺا پوءِ الله جو حمد ۽ ثنا ڪندي فرمايائون ته ”اي انسانو! ماڻهو وڌندا وڃن ٿا ۽ انصار ٿورا ٿيندا وڃن ٿا تان جو اٽي ۾ لوڻ جي برابر ٿي ويا آهن پوءِ اوهان مان جيڪو به ڪنهن امر جو والي ٿئي جنهن سان ڪنهن کي نفعو يا نقصان ڏياري سگهي ٿو ته انصارن جي نيڪن کان ته نيڪي قبول ڪري پر انهن جي غلطي ڪندڙن کان درگذر ڪري ۽ حضرت عثمان غني d کان روايت آهي ته ان هڪ ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو سهڻو هو پاڻ فرمايائون ته ”هن جي ڄاڙيءَ کي ڪاري رنگ سان ڪارو ڪري ڇڏيو ته نظر نه لڳيس. (جمع الوسائل ص 169، 170 ج 1 ص 170)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  البخاري في ڪتاب الجمعة باب 28 من قال في الخطبة بعد الثناء اما بعد رقم الحديث 927 ج 2 ص 404 {2} احمد في المسند ج 1 ص 233 {3} ابوالشيخ في اخلاق النبي ص 122 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 1076 ج 4 ص 239.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting