خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٻيو

 

 بَابُ مَا جَاءَ فِي خَاتَمِ النُّبُوَّةِ

مُهرِ نبوة جو بيان

 

سمجهاڻي : خاتَم“ (ت جي زبر ۽ زير سان ۽ زير سان پڙهڻ گهڻو مشهور ۽ وڌيڪ فصيح آهي ۽ ان جي ”النبوة“ ڏي اضافت ان جي ڪري ڪئي وئي آهي جو اها سندن نبوت جي نشانين مان آهي محدث ترمذي ߋ ان کي جدا باب ۾ ٻن سببن جي ڪري ذڪر ڪيو آهي. حالانڪه اها به نبي ڪريم جي خِلقت مبارڪ جو حصو آهي. هڪ ان جي شان جي اهتمام جي ڪري ۽ ٻيو ان جي ڪري جو اها معجزه هجڻ جي ڪري ممتاز حيثيت رکي ٿي ۽ اها ان ڳالهه جو به دليل آهي ته حضور ڪريم جن ئي اهي نبي آهن جن جو آخري زماني ۾ اچڻ جو وعدو ڪيل هو. هن باب ۾ اٺ حديثون مذڪور آهن.  (المواهب شرح الشمائل ص 80)

         علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”هن باب ۾ نبوت جي مُهر جو رنگ، مقدار، ان جي جاءِ جو تعين ته ڪهڙي جاءِ تي هئي بيان ڪيل آهي ۽ اها محبوب جي نبوت جي انهن نشانين مان آهي جنهن کي اهلِ ڪتاب به سڃاڻندا هئا ۽ خاتم ان ٺپي جو نالو آهي جنهن سان مهر هنئي ويندي آهي ۽ مراد اهو نشان ۽ اثر آهي جيڪو ٺپي هڻڻ سان حاصل ٿيندو آهي ۽ ٻيو لفظ ”الختام“ به استعمال ٿيندو آهي جيئن قرآن مجيد ۾ آيو آهيخِتَامُھ مِسۡکُٗ ۽ هڪ قول مطابق ان مان مُراد پڇاڙي آهي ڇوته ان جي آخر ۾ مشڪ جي خوشبوءِ محسوس ڪندا هئا ۽ اها ان جي ڪري هنئي وئي آهي جو خبر پوي ته حضور ڪريم جن تي نبوت ختم ٿي ان کان پوءِ ڪنهن لاءِ به ان جي دعوى ڪرڻ جائز ناهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 56) محدث ڪانڌلوي صاحب لکيو آهي ته هي مضمون حضور ڪريم جي حليه شريف جي اندر هجڻ جي ڪري پهرئين باب جوجزء هجڻ گهرجي پر شدت اهتمام ۽ نبوت جي نشاني هجڻ جي ڪري جدا ذڪر ڪيو ويو آهي. نبوت جي مُهر حضور ڪريم جن جي مٿان ڄمڻ وقت ئي هئي. جيئن فتح الباري ۾ يعقوب بن حسن جي روايت سان ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آندل آهي ۽ جڏهن حضور ڪريم جي ظاهري وفات ۾ ڪجهه اصحابن رضي الله عنهم کي شڪ ٿيو ته حضرت بيبي اسماء g مُهر نبوت جي لڪي وڃڻ سان سندن وصال تي دليل ورتو. ان وقت اها مخفي ٿي وئي هئي. (خصائل نبوي ص 21، فضائل النبي شرح الشمائل ص 23) 

}16} حَدَّثَنَا أَبُو رَجَاءٍ قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَاتِمُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ ، عَنِ الْجَعْدِ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : سَمِعْتُ السَّائِبَ بْنَ يَزِيدَ يَقُولُ : ذَهَبَتْ بِي خَالَتِي إِلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَتْ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، إِنَّ ابْنَ أُخْتِي وَجِعٌ . فَمَسَحَ رَأْسِي وَدَعَا لِي بِالْبَرَكَةِ ، وَتَوَضَّأَ ، فَشَرِبْتُ مِنْ وَضُوئِهِ ، وَقُمْتُ خَلْفَ ظَهْرِهِ ، فَنَظَرْتُ إِلَى الْخَاتَمِ بَيْنَ كَتِفَيْهِ ، فَإِذَا هُوَ مِثْلُ زِرِّ الْحَجَلَةِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت سائب بن يزيد d چوي ٿو منهنجي ماسي مون کي رسول الله جن جي خدمت ۾ وٺي وئي ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسول ! هي منهنجو ڀاڻيجو بيمار آهي. ان تي رسول الله منهنجي مٿي تي هٿ گھمايو ۽ مون لاءِ برڪت جي دعا ڪئي. پوءِ پاڻ سڳورن وضو ڪيو ۽ مون سندن وضوء جي پاڻيءَ مان پيتو ۽ نبي ڪريم   جي پُٺيان ٿي بيٺس پوءِ ”مُهر نبوت“ ڏٺم، جيڪا ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ هئي. اها مهاري يا مڇرداني جي ڳنڍ وانگر هئي.

مفردات جو شرح : ”ذَهَبَتۡ  بِيۡ خَالَتِيۡ : هن ۾ آيل ”ب“ حرف متعدي ڪرڻ جي لاءِ آيل آهي. ”خالتِي“: خالة جي معنى ماسي . والده جي ڀيڻ. ابنِ حجر عسقلاني ߋ فرمايو ته ان جي ماسيءَ جي نالي کان مان واقف نه ٿي سگهيو آهيان. باقي ان جي والده جو نالو عُلَية بنت شريح آهي.وَجِعُ“: (واو جي زبر ۽ جيم جي زير سان) هي لفظ هر مرض جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اها بيماري ان جي پيرن ۾ هئي. پر رسول الله جن جي طرفان ان جي مٿي کي هٿ مبارڪ لڳائڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته اها بيماري ان جي مٿي ۾ هئي ۽ ان کان ڪو مانع ناهي ته اها بيماري ان جي مٿي ۽ پيرن ٻنهي ۾ هجي ۽ حضور ڪريم جن هٿ لڳائڻ لاءِ مٿي کي ان جي ڪري اختيار فرمايو جو اهو اهم هو. ڇوته مٿي ۽ دماغ تي ئي بقاء ۽ صحت ۽ بدن جي ميزان جو مدار آهي ۽ پيرن جو معاملو اهڙي طرح ناهي. وَضُوئہٖ“: (واو جي زبر سان) اهو پاڻي جنهن مان وضو ڪيو ويندو آهي. علامه ابن حجر ߋ فرمايو ته ”ان مان مراد يا وضو لاءِ تيار ڪيل پاڻي آهي، يا ان مان بچيل پاڻي يا استعمال ڪيل پاڻي. ۽ مناسب آهي ته ”بچيل پاڻي مراد وٺجي ۽ وضوءَ لاءِ تيار ڪيل پاڻيءَ مراد وٺڻ صحيح ناهي جو ان ۾ بي ادبي آهي ۽ تعقيب واري فا فَشَرِبتُ مِنۡ وَّضُوۡئِہٖ ۾ آيل به ان مراد کان پري ٿي رکي۽ وضو ڪرڻ مهل عضون تان ڪرندڙ پاڻي مراد وٺڻ ظاهر آهي. ميرڪ ۽ بيضاوي جو اهو قول آهي ڇوته ان ۾ برڪت وٺڻ ۽ برڪت حاصل ڪرڻ وڌيڪ ظاهر آهي. زِرِّالحُجلَةِ“: (”زر“ ز جي زير ۽ ر جي شد سان) هن جو جمع اَزرَارُ آهي زِر ان ڳنڍ کي چئبو آهي جيڪا تنبن جي رسين ۾ ڏني ويندي آهي. الحَجلَةُ “: (حا ۽ جيم جي زبر سان) هي ان ننڍي تنبوءَ کي چيو ويندو آهي جيڪو تخت جي مٿان لڳايو ويندو آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 81، 83) ۽ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته زِرّالحُجلَةِ جي معنى آهي بدڪ جو آنو. ۽ ڪجهه علماء لکيو آهي ته ”حجلَةُ“ ان گهر کي به چوندا آهن جيڪو ڪنوار جي لاءِ شادي وقت ٺاهيو ويندو آهي ۽ ان جي مٿان پردا لٽڪايا ويندا آهن. (جمع الوسائل ج 1 ص 59، انوار غوثيه ص 38) ۽ ڪجهه شارحن زِرّالحُجلَةِ مان مراد مڇردانيءَ جي ڳنڍ ورتي آهي. (فضائل النبي ص 23)

سمجهاڻي : حضرت سيدنا سائب d کي سندس والده جي ڀيڻ (يعني ماسي) حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ وٺي وڃي عرض ڪيو ته ” يا رسول الله ! هي منهنجو ڀاڻيجو بيمار آهي ان تي نظر ڪرم فرمايو ۽ ان لاءِ دعا فرمايو ته الله ان کي صحت عطا فرمائي.“ حضور ڪريم جن ان جي مٿي تي پنهنجو هٿ مبارڪ ڦيرايو ته شفاياب ٿي ويو. بيهقي روايت ڪئي آهي ته حضرت سائب d تي حضرت حبيب ڪريم جي هٿ ڦيرائڻ جو اهڙو اثر پيو جو لَمۡ يَزَلۡ اَسۡوَدَ مَعَ شَيۡبِ مَا سِوَيٰ رَاسِھ يعني ان جي مٿي جا اهي وار ڪارا رهيا حالانڪه ٻيا سندس وار اڇا ٿي ويا هئا.

فائدو: هن روايت مان معلوم ٿيو ته سنت آهي ته مريض جي درد واري جاءِ تي هٿ رکي دعا ڪجي يا پڙهجي ۽ ٻين حديثن ۾ به آيو آهي ته ”صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور ڪريم جن کي درد واري جاءِ ٻڌائيندا هئا ته پاڻ اتي هٿ رکي دعا ڪندا هئا ۽ اهي صحتياب ٿي ويندا هئا. سائب d جو قول ته ”حضور ڪريم جن مون لاءِ برڪت جي دعا فرمائي.“ هن مان ثابت ٿيو ته مريض جي لاءِ برڪت جي دعا ڪرڻ به سنت آهي ۽ برڪت مان مراد آهي ڪنهن شيءِ ۾ الاهي خير ۽ ڀلائيءَ جو ثبوت ۽ هتي برڪت مان مراد اقرب قول مطابق عمر ۽ صحت ۾ برڪت آهي ان جو اثر اهو هو جو حضرت سائب 94 سالن جي عمر کي پهتو هو تڏهن به قوي ۽ سڌي قد وارو هو. راوي روايت ڪري ٿو ته ”مون کي حضرت سائب d فرمايو ته ”مون کي يقين آهي ته مون جيڪو اکين کان ڏسڻ جو ۽ ڪنن کان ٻڌڻ جو فائدو ورتو آهي اهو رسول الله جي دعا جي برڪت جو اثر آهي ۽ هن روايت مان اهو به معلوم ٿيو ته حضور ڪريم جن پنهنجي امت تي نهايت شفيق هئا خاص ڪري ننڍن، نوجوانن تي ۽ پاڻ وڏائي ۽ غرور کان پاڪ هئا. حضرت سائب d کان اها به روايت آهي ته رسول الله جن مون لاءِ فرمايوبَارَکَ اللهُ فِيۡکَ (الله تو ۾ برڪتون وجهي) حضور ڪريم جن وضو فرمايو. ان مان مراد يا وضو وارا عضوا ڌوئڻ آهي يا ان مان مراد هميشه وانگر معمول وارو وضو هو يا خاص ان جي فائدي وٺڻ ۽ حاجت پوري ڪرڻ جي لاءِ وضو فرمايو هئائون.

فائدو : هن روايت مان معلوم ٿيو ته جيئن حضور ڪريم جا فضلات پيشاب وغيره پليد نه هئا  پاڪ هئا تيئن سندن وضو ۾ استعمال ڪيل پاڻي به پاڪ آهي تڏهن حضرت سائب d کي پيئڻ ڏنائون. منع نه ڪيائون بلڪه وضو ڪيو ئي ان جي پيئڻ جي لاءِ هيائون. (جمع الوسائل وشرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 57، 58، المواهب شرح الشمائل ص 82، خصائل نبويه ص 23) ” مان سندن پٺيءَ جي پويان بيٺس“ اهو بيهڻ يا اتفاقي طور هو ياخاص نبوت جي مُهر ڏسڻ لاءِ. ان ۾ ٻه قول آهن. ”پوءِ مون سندن ٻن ڪلهن پاڪن جي وچ تي نبوت جي مُهر ڏانهن نهاريو اهي يا ته پاڻهي کُلي پيا هئا يا خاص حضرت سيدنا سائب جي ڏسڻ جي لاءِ کوليائون. کين اهو ڪشف ٿيو ته حضرت سائب d نبوت جي مُهر ڏسڻ گهري ٿو. علامه مناوي ߋ قُرطبي ߋ جي حوالي سان لکيو آهي ته اهو متفق قول آهي ته نبوت جي مهر حضور ڪريم جن جي کاٻي ڪلهي مبارڪ جي ڀر ۾ هئي جيڪا ڪلهي پاڪ کُلڻ وقت ظاهر نظر ايندي هئي. ڳاڙهي رنگ جي هوندي هئي، ۽ کاٻي پاسي ڏانهن ان جي ڪري هئي جو دل به کاٻي پاسي هوندي آهي.

سوال : مُهر ڪڏهن لڳائي وئي؟ : ان ۾ چار قول آهن.. (1) مُهر لڳل ئي ڄاوا هئا. (2) ڄمڻ وقت لڳائي وئي. (3) ننڍي عمر ۾ جڏهن سندن پاڪ سينو چيريو ويو هو. (4) جڏهن نبوت جي اظهار ۽ اعلان جو حڪم ٿيو هو. ۽ المستدرڪ ۾ حاڪم حضرت وهب d کان روايت آندي آهي ته الله حضور ڪريم جن کان سواءِ ٻين نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي نبوت جو شان انهن جي ساڄي هٿ ۾ رکيو هو. پر اسان جي نبي جن جي نبوت جي مُهر سندن ٻن ڪلهن جي وچ ۾ قلب جي سامهون رکي وئي. اها سندن خصوصيت آهي ۽ علامه جلال الدين سيوطي ߋ ”خصائص ڪبرى“ ۾ به ان کي پڪي ڳالهه قرار ڏنو آهي. (المناوي شرح الشمائل علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 58) علامه علي قاري لکيو آهي ته ”نبوت جي مهر جي مٿان ٿورڙا وار هوندا هئا. ۽ حڪيم ترمذي آندو آهي ته ”ان جي اندرئين حصي ۾ لکيل هو اَللهُ وَحۡدَهٗ لَاشَرِيۡکَ لَہٗ ۽ ظاهر ۾ لکيل هو تَوَجَّهۡ حَيۡثُ کُنۡتَ فَاِنَّکَ مَنۡصُوۡرُٗ (جنهن طرف متوجهه ٿيو هليا وڃو اوهان ڪٿي به هوندؤ مدد ڪيل آهيو) ۽ ابنِ عابد ߋ فرمايو ته اها مُهر نور هئي چمڪندي هئي.

(جمع الوسائل ج 1 ص 59)

هيءَ حديث ٻين  هنن محدثن آندي آهي: (1) البخاري في ڪتاب الدعوات باب 31 الدعاء للصبيان بالبرکة ومسح رؤسهم رقم الحديث 6352 ج 11 ص 150 و في ڪتاب الوضوء باب 40 استعمال فضل وضوء الناس رقم الحديث 190 ج 1 ص 296 (2) النسائي في سننہھ الڪبرى في ڪتاب الطب باب 26 الذهاب بالصبي المريض فيدعولھ رقم الحديث 7518 ج 4 ص 361 (3) الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 6680، 6682 ج 7 ص 185، 186 (4) البيهقي في الدلائل رقم الحديث 178 ج 1 ص 154 (5)  وفي شرح السنة رقم الحديث 3632.

 

}17} حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ يَعْقُوبَ الطَّالْقَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَيُّوبُ بْنُ جَابِرٍ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ قَالَ : رَأَيْتُ الْخَاتَمَ بَيْنَ كَتِفَيْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ غُدَّةً حَمْرَاءَ مِثْلَ بَيْضَةِ الْحَمَامَةِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت جابر بن سمره d کان روايت آهي ته مون رسول الله جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ”مُهر نبوت“ ڏٺي جو گوشت جو ٽڪرو  مٿي اڀريل ڪبوتر جي آني وانگر هو.

مفردات جو شرح : ”غُدَّةُ : ڳوڙهي.  حَمۡرَاءُ : ڳاڙهي.  بَيۡضَةُ : آنو  اَلۡحَمَامَةُ : ڪبوتر.

سمجهاڻي : هن روايت ۾ حضرت سيدنا جابر بن سمره d حضرت نبي ڪريم جي نبوت واري مُهر جو وزن ۽ رنگ بيان ڪيو آهي ته اها سندن مبارڪ ۽ مقدس جسم جي مٿان ڳوڙهي، گوشت جو اڀريل ۽ پڪو ٽڪرو هئي جو هلائڻ سان هلي ۽ ڇڏي ڏيڻ سان بيهي رهي ۽ ڪبوتر جي آني جيتري هئي.

مهر نبوت جو مقدار ۽ رنگ : علماء ڪرام فرمايو ته نبوت جي مهر جي مقدار ۽ رنگ جي متعلق روايتون مختلف آهن ۽ هن طرح تطبيق ڏني آهي ته اها مُهر گهٽ وڌ ٿيندي رهندي هئي ۽ ان جا رنگ به مختلف ٿيندا رهندا هئا. ان جي ٻي تطبيق هن طرح به آهي ته ”حقيقت ۾ اهي سڀ تشبيهات آهن ۽ هر شخص جي تشبيه ان جي ذهن جي موافق هوندي آهي جيڪا تقريبي چئي ويندي آهي۽ تقريبي حالات ۾ اختلاف جي ڪري ڪومشڪل پيدا نه ٿيندو آهي . ڪجهه علماء وٽ هي تطبيق زياده مناسب آهي. (خصائل نبوي ص 23) علامه قاري ߋ لکيو آهي ته ڳاڙهي مان ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل هجڻ آهي ڇوته مسلم شريف جي روايت ۾ آهي ته ”مُهر نبوت“ سندن جسم مبارڪ جي رنگ جهڙي هئي ۽ سندن پاڪ جسم جو رنگ سفيد، ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل هو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته. ان ۾ ان روايت جي ترديد اچي وئي جنهن ۾ آيو آهي ته ان مُهرِ نبوت جو رنگ ڪارو يا سائو هو. (جمع الوسائل ج 1 ص 60، شرح مناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 60) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”حاصل ڪلام هي آهي ته صحيح، ثابت حديثون ان ڳالهه تي دلالت ڪن ٿيون ته” نبوت جي مُهر ثابت، کُليل ۽ ظاهر هئي. باقي ان جون حالتون تبديل ٿينديون رهنديون هيون ۽ ڏسندڙن جون ڪيفيتون به مختلف هيون ڪنهن ويجهي کان ڏٺي ڪنهن پري کان، قرطبي فرمايو ته اها ننڍي، وڏي ٿيندي رهندي هئي.                  (المواهب شرح الشمائل ص 74، 75)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : (1) الطيالسي في مسنده حديث رقم 759 ص 104 (2) ابن حبان في صحيحہھ حديث رقم 6297، 6298 ج 14 ص 206 (3) ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 425 (4) الطبراني في الکبير حديث رقم 1908 (5) البيهقي في الدلائل ج 1 ص 262، 263. (5) البغوي في الشمائل حديث رقم 179 ج 1 ص 154 (7) احمد في المسند ج 5 ص 90.

 

}18} حَدَّثَنَا أَبُو مُصْعَبٍ الْمَدَنِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يُوسُفُ بْنُ الْمَاجِشُونِ ، عَنْ أَبِيهِ ،عَنْ عَاصِمِ بْنِ عُمَرَ بْنِ قَتَادَةَ ، عَنْ جَدَّتِهِ رُمَيْثَةَ قَالَتْ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، وَلَوْ أَشَاءُ أَنْ أُقَبِّلَ الْخَاتَمَ الَّذِي بَيْنَ كَتِفَيْهِ مِنْ قُرْبِهِ لَفَعَلْتُ ، يَقُولُ لِسَعْدِ بْنِ مُعَاذٍ يَوْمَ مَاتَ  اهْتَزَّ لَهُ عَرْشُ الرَّحْمٰنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عاصم بن عمر بن قتاده d پنهنجي ڏاڏي رميثہھ g  کان روايت ڪري ٿو ان حضرت رميثھ چيو ته مون رسول الله جن کان ٻڌو. سعد بن معاذ d لاءِ فرمايائون ٿي، جنھن ڏينهن فوت ٿيو ته ان لاءِ خدا جو عرش ڏڪي ويو. ان وقت پاڻ سڳورا مون کي ايترا ويجھا هئا، جو مان مُهر نبوت کي جا سندن ٻن ڪلهن جي وچ ۾ هئي، جيڪڏهن چُمي ڏيان ها ته ڏئي سگهان ها.

مفردات جو شرح : اُقَبِّلُ : مان چُمي ڏيان. تقبيل کان ورتل واحد متڪلم جو صيغو آهي. اِهۡتَزَّ “ : اهتزاز کان ورتل ماضي جو صيغو آهي ان جي معنى چُرڻ، خوشيءَ ۾ جهومڻ آهي.

سمجهاڻي: حضور ڪريم، رؤف رحيم جن جي بارگاههِ سيادت پناهه ۾ جيئن مَردن کي خصوصي قرب حاصل هو تيئن ئي سندن رحمة للعالمين واري شان جي ڪري عورتن تي به مهرباني هوندي هئي. جيئن حضرت بيبي رُميثة g فرمايو ته ”جيڪڏهن مان گُهران ها ته نبوت جي مُهر کي چُمي وٺان ها“ اهو ان جي مٿان محبوب ڪريم جي نهايت مهرباني ۽ شفقت جو دليل آهي.

حضرت سعد بن معاذ d جو مختصر احوال : حضرت  سعد بن معاذ حضرت  مصعب بن عمير d جي هٿ تي مدينهء منوره ۾ اسلام قبول ڪيو هو. جڏهن ته پاڻ پنهنجي قبيلي جو وڏو هو. ان جي ڪري سندس خاندان مدينه منوره ۾ سڀني کان اول اسلام قبول ڪيو هو. نهايت جليل القدر ۽ حضور ڪريم جن جو جانثار صحابي هو. خندق واري جنگ ۾ کيس تير لڳو ۽ رت بند نه ٿيو ۽ هڪ مهيني کان پوءِ وفات ڪيائين ان وقت سندس عمر 37 سال هئي. جڏهن جنازه کنيو ويو ته صفا هلڪو محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته ڪلهن تي ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه. سيدنا رسول الله جن فرمايو: اِنَّ الۡمَلَائِکَةَ تَحۡمِلُہٗ (بلاشڪ ان کي ملائڪ کنيو پيا هلن، سندس جنازي ۾ ستر هزار ملائڪ شامل هئا ۽ جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته”سعد بن معاذ d جي وفات تي عرش حرڪت ۾ آيو.، يعني ان جي وفات ڪرڻ وقت عرش عظيم ان جي روح جي تشريف آوري جي خوشيءَ ۾ جهوميو. علامه بيجوري ߋ شمائل جي شارح لکيو آهي ته”اي استبشارا وسرورا بقدوم روحہٖ“ جنهن وقت انتهائي سُرور، لطف ۽ وجداني ڪيفيت ۾ جسم ۽ روح جهومندا آهن ته ان جهومڻ کي”اهتزاز“ چوندا آهن. جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي. اِهۡتَزُّوا فِي ذِکۡرِ اللهِ (الله جي ذڪر ۾ جهومي خوشي ڪيو) حضرت سعد رسول الله جي خدمت ۾ ريشمي وڳو هديي طور پيش ڪيو هو ۽ ان جي نرم هجڻ کي ڏسي صحابه ڪرام عليهم الرضوان عجب ۾ پيا ته رسول الله جن ارشاد فرمايو:لَمَنَادِيۡلُ سَعۡدِ فِي الۡجَنَّةِ خَيۡرُٗ مِّنۡهَا وَاَلۡيَنُ يعني سعد جي لاءِ جنت ۾ جيڪي رومال تيار ڪيل آهن اهي ان ريشمي وڳي کان وڌيڪ ڀلا ۽ نرم آهن. ۽ جڏهن اهي صفائيءَ جي لاءِ تيار ڪيل رومال به ان وڳي کان ڀلا آهن ته حضرت سعد جي لاءِ تيار ڪيل وڳا ڇا هوندا؟ حضرت سعد انصارن جو سردار ۽ پنهنجي قوم ۾ مڃيل بزرگ هو. حضرت سعد کان حضرت عبدالله بن مسعود d، حضرت عائشه صديقه g ۽ ٻين حديثون روايت ڪيون آهن. عرش جي چُرڻ مان ڪجهه علماء اها مراد ورتي آهي ته عرش جي کڻڻ وارا ملائڪ جهوميا هئا. عرش جي جهومڻ واري حديث بخاري ۽ مسلم به روايت ڪئي آهي ۽ هڪ قول آهي ته . عرش جي جهومڻ مان مراد ان جي روح جي اتي پهچڻ جي نهايت خوشي ڪرڻ آهي يا ان جي فراق جي غم ۾ چُرڻ آهي.

سوال : عرش کي روح ناهي ته پوءِ ان کي خوشي يا غم ڪيئن محسوس ٿيو؟

جواب : اها ڳالهه ناممڪن يا نه ٿيڻ واري ناهي جيئن حضرت سيدنا رسول الله جن جي خدمت ۾ بي ساهه شيون تسبيح پڙهنديون هيون ۽ کجيءَ جي ٿُڙ رنو هو، ڇوته اهي امور خرق عادت، دستور کي ٽوڙڻ، وارا آهن ۽ الله   جبلن جي متعلق فرمايو آهي : وَ اِنَّ مِنْہَا لَمَا یَہۡبِطُ مِنْ خَشْیَۃِ اللہِؕ (سورة بقرة  آيت 74) (يعني انهن پٿرن مان ڪي الله جي خوف کان ڪري ٿا پون) ۽ ان معنى تي اها حديث به دلالت ڪري ٿي جيڪا حاڪم حضرت سيدنا ابن عمر f کان روايت ڪئي آهي ته اِهۡتَزَّ الۡعَرۡشُ فَرۡحًا (يعني عرش خوشيءَ جي ڪري جهوميو هو)  ۽ ان جو اهو تاويل ڪيو اٿس ته” عرش کي اها خوشي ٿي جو ان حضرت سعد بن معاذ d جي ديدار جو شرف حاصل ڪيو. علامه ابن حجر عسقلاني ߋ ان کي اختيار ڪيو آهي. ۽ محدث نووي ߋ فرمايو ته . هي قول حديث جي ظاهر مان واضح آهي ۽ اهو مختار قول آهي ۽ اهو به احتمال آهي ته ”عرش جي جهومڻ مان مراد ان جي کڻندڙ ملائڪن جو جهومڻ آهي. عَرۡشُ الرَّحۡمٰنِ لفظ جي اڳيان مضاف محذوف ڪڍبو، يا چيو ويندو ته محل ڳالهائي ان مان حال (رهندڙ) مراد ورتو ويو آهي. جيئن قرآن ڪريم جي آيت وَاسۡئَلِ الۡقَرۡيِةَ (سورة يوسف آية 82) (۽ ڳوٺ کان پڇ) ۾ مراد آهي ته ڳوٺ ۾ رهندڙن کان پڇ. ۽ ان قول جي تائيد ان حديث سان ٿئي ٿي جيڪا حاڪم روايت ڪئي آهي ته (حضرت سعد بن معاذ d جي وفات وقت) جبريل عليه السلام چيو ته هي ڪهڙو ميت آهي جنهن جي(روح جي آمد) لاءِ آسمانن جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ آسمانن جا رهاڪو خوش ٿيا آهن؟ ۽ انهن ملائڪن جو جهومڻ يا مذڪور وجهه جي ڪري هو يا ان جي جنازي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ۽ ان جي تائيد ان روايت سان ٿئي ٿي جيڪا نسائي حضرت ابنِ عمر f کان روايت ڪئي آهي ته هي اهو آهي جنهن لاءِ عرش جهوميو آهي ۽ ان جي لاءِ آسمانن جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ان جي جنازي ۾ ستر هزار ملائڪ حاضر ٿيا ۽ قبر  ان کي سخت ڀيڙو ڏنو ان کان پوءِ ان کي ڪشادگي ملي ۽ هن جي تائيد ان حديث سان ٿئي ٿي جيڪا ترمذي حضرت  انس d کان روايت ڪئي آهي ته. ”جڏهن حضرت  سعد بن معاذ d جو جنازو کنيو ويو ۽ اهو گهڻو هلڪو لڳو ته منافقن (طعنو هڻي) چيو ته ”هن جو جنازو ڪيترو نه هلڪو آهي؟ ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ان کي ملائڪ کنيو پيا هلن.“ ۽ هڪ قول اهو آهي ته ”جهوميو عرش هيو پر ان جو اهو جهومڻ ان جي وفات ڪري وڃڻ جي  نشاني هئي. ان جي شان بلند هجڻ ۽ مرتبي مٿانهين هجڻ جي ڪري ۽ سندس وفات جي شان ۽ تعظيم جو ڪنايو هو. ۽ عربن جو رواج هو ته اهي معظم شيءِ کي شين مان اعظم ڏانهن نسبت ڪندا آهن. پوءِ چوندا آهن ته ”فلاڻي جي موت جي ڪري زمين اوندهه ٿي وئي آهي“ ۽ ”فلاڻي جي مرڻ جي ڪري قيامت قائم ٿي وئي آهي“ پر حضور ڪريم جن  اهوارادو ڪن اهو سندن شان کان پري آهي. پر عرش جي حضرت سعد بن معاذ d سان محبت هئي جيئن حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”احد جبل آهي جيڪو اسان سان محبت رکي ٿو ۽ اسين ان سان محبت ڪيون ٿا.“ ۽ حضرت سعد لاءِ عرش جي جهومڻ واري حديث ڏهن اصحابن سڳورن عليهم الرضوان روايت ڪئي آهي. محدث حاڪم فرمايو ته ”عرش جي جهومڻ لاءِ صريح حديثون صحيحين ۾ آهن ۽ ان جي خلاف ڪابه حديث صحيحين ۾ آيل ناهي. ۽ ان بعض علماء جو قول صحيح ناهي جن چيو ته ”حضرت سعد کي جنهن کٽوليءَ تي کنيو ٿي ويا اهو جهوميو هو.“ ڇوته نبوي حديث ۾ عَرۡشُ الرَّحمٰن لفظ آيو آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 87، جمع الوسائل و شرح المناوي علي حاشيتہھ ج 1 ص 61، 62) الغرض مذڪور حديث جو نتيجو اهو نڪتو ته ”سندن ٻن ڪلهن جي وچ ۾ نبوت جي مُهر لڳل هئي. (انوارِ غوثيہھ ص 43)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : (1) مسند ۾ امام احمد ج 6 ص 329، (2) الڪبير ۾ الطبراني رقم الحديث 703 ج 24 ص 276  (3) ابن سعد طبقات ۾ ج 3 ص 332 (4) ڪتاب الآحادوالمثاني ص 3394 ۽ هن جو لفظ ”عرش الرحمان“ بخاري ، مسلم ۾ آهي.  

                                                                       

}19} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ عَبْدَةَ الضَّبِّيُّ ، وَعَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ ، قَالُوا : حَدَّثَنَا عِيسَى بْنُ يُونُسَ ، عَنْ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ مَوْلَى غُفْرَةَ قَالَ : حَدَّثَنِي إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ ، إِذَا وَصَفَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ  - فَذَكَرَ الْحَدِيثَ بِطُولِهِ - وَقَالَ : بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ.

بامحاوره ترجمو : حضرت (سيدنا) ابراهيم بن محمد جيڪو علي بن ابو طالب d جو پوٽو آهي. ان چيو ته جڏهن حضرت (سيدنا) علي المرتضى d رسول الله جن جي وصف بيان ڪندو هو ته ڊگھي حديث ٻُڌائيندي چوندو هو ته پاڻ ڪريم، رؤف رحيم   جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ مهر نبوت هئي ۽ پاڻ سڳورا جن آخري نبي آهن.

مفردات جو شرح : جدا ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

سمجهاڻي : هيءَ حديث باب خلق رسول الله ۾ ذڪر ڪيل آهي ان جي گهڻي سمجهاڻي ته اتي ذڪر ڪيل آهي. محدث ترمذي هن کي هتي ان جي ڪري ذڪر ڪيو آهي جو ان ۾ نبوت جي مُهر جو ذڪر ڪيل آهي. حضرت علي d جو فرمان ”وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ“ (حضور ڪريم نبين ۾ آخري نبي آهي) سندن مٿان نبوت جي ختم ٿيڻ جو دليل آهي. خاتم النبيين حضور ڪريم جو اهو لقب آهي جيڪو قرآن ڪريم ۾ مذڪور آهي . جيئن فرمانِ خداوندي آهي:  وَلٰکِنۡ رَّسُوۡلَ اللھ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ (سورة الاحزاب آيت 40)  ( پر الله جو رسول ۽ سڀني نبين ۾ آخري نبي آهي)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 7 جي شرح ۾ اچي چڪو آهي.

}20} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَاصِمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَزْرَةُ بْنُ ثَابِتٍ قَالَ : حَدَّثَنِي عِلْبَاءُ بْنُ أَحْمَرَ الْيَشْكُرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبُو زَيْدٍ عَمْرُو بْنُ أَخْطَبَ الأَنْصَارِيُّ قَالَ : قَالَ لِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : يَا أَبَا زَيْدٍ ، اُدْنُ مِنِّي فَامْسَحْ ظَهْرِي ، فَمَسَحْتُ ظَهْرَهُ ، فَوَقَعَتْ أَصَابِعِي عَلَى الْخَاتَمِ قُلْتُ : وَمَا الْخَاتَمُ ؟ قَالَ : شَعَرَاتٌ مُجْتَمِعَاتٌ.

بامحاوره ترجمو : حضرت (سيدنا)  عمرو بن اخطب انصاري d چوي ٿو ته مون کي رسول الله فرمايو ته : اي ابوزيد (يعني زيدجا پيءَ) مون کي ويجھو ٿي ۽ منهنجي پٺي مهٽ. مون پاڻ ڪريمن جي پُٺي مبارڪ تي هٿ گهمايو ته منهنجون آڱريون مهر نبوت کي وڃي لڳيون. مون (يعني عمرو بن اخطب جي شاگرد)  پڇيو ته : مُهر نبوت ڪيئن هئي؟ ان چيو ته اُڀريل وارن جي چَڳ يا گڏ ٿيل وارا هئا.

مفردات جو شرح :”اُدۡنُ“ : دُنُو کان ورتل امر جو صيغو آهي جنهن جي معنى آهي ويجهو ٿيءُ. وَقَعَتۡ“ : وقع کان ورتل واحد مؤنث جو صيغو آهي جنهن جي معنى آهي اوچتو هٿ لڳڻ. ”شَعۡرَاتُ“ : شعر جو جمع معنى وار مُجۡتَمِعَاتُ : گڏ ٿيندڙ .

سمجهاڻي : حضرت ابو زيد d فرمايو ته مون کي رسول الله جن ارشاد فرمايو ته : اي ابا زيد! مون کي ويجهو ٿيءُ، منهنجي پاڪ پٺيءَ کي هٿ لڳاءِ مهٽِ.“ علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هي حڪم ڪرڻ هي احتمال ٿو رکي ته بلاشڪ رسول الله جن نبوت جي نور سان ڄاتو هو ته ابو زيد نبوت جي مُهر جي ڪيفيت سمجهڻ جو ارادو رکي ٿو پوءِ ان کي امر ڪيائون ته سندن پاڪ پُٺيءَ کي مَهٽي. ان تي لطف ڪرڻ ۽ نبوت جي مُهر جي شان ۽ اهميت جي ڪري  حضور ڪريم جن پاڪ پٺيءَ تان ڪپڙو مٿي ڪرايو. هن مان ثابت ٿيو ته مرد ٻئي مرد کان پٺيءَ کي مهٽرائي يا ٿڌڙا ڪڍرائي يا زور ڏياري سگهي ٿو. اهو جائز آهي. حضرت ابو زيد d فرمايو ته پوءِ مون ويجهو ٿي سندن پاڪ پٺيءَ کي مَهٽيو ته اوچتو منهن جي هٿ جون آڱريون سندن نبوت واري مُهر تي لڳيون. عِلبآء ߋ فرمايو ته مون کانئس پُڇيو ته ”مُهر ڪيئن هئي؟ “ ان جواب ڏنو ته ”گڏ ٿيندڙ وار هئا.“ محدث ترمذي ߋ پنهنجي ڪتاب ”جامع الترمذي“ ۾ آندو آهي ته پوءِ رسول الله جن ابو زيد d جي لاءِ دعا فرمائي : اَللّٰهُمَّ جَمِّلۡهُ يا الله ! هن کي سهڻو بناءِ) ان جي عمر هڪ سؤ ويهه 120 سال ٿي ۽ سندس مٿي ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ڪي ٿورا اڇا وار هئا نه ته سمورا وار ڪارا هئا. بيهقي جي روايت آهي ته ايڏي وڏي عمر هوندي ان جي منهن مبارڪ ۾ گُهنجُ نه هو. ان جو منهن مبارڪ نوجوانن جهڙو هو. علامه علي  قاري ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن جو ان کي پُٺي مهٽڻ لاءِ امر ڪرڻ ان تي خصوصي لطف ۽ عنايت هئي. جو پاڻ ان کي هن بلند شرف سان مشرف فرمايائون.

فائدو نمبر {1} : هيءَ حديث هن طرح امام ترمذي آندي آهي ۽ ابن سعد d ان ئي سَنَد سان ابو رَمثھ کان روايت آندي آهي. ابو رمثه d فرمايو ته ”مون کي رسول الله جن فرمايو ته ”ويجهو ٿي.“ الحديث الخ پر محدث ترمذي ߋ جي هيءَ روايت وڌيڪ ترجيح واري آهي.

فائدو نمبر {2} : حضرت علامه مناوي ۽ بيجوري عليهما الرحمة لکيو آهي ته ” پُٺيءَ واري پاسي ڳوڙهيءَ جي شڪل ۾ ٿيل گوشت ۽ ان جي مٿان ٿورن وارن جو هجڻ (الشامة) ۾ گفتگو ڪئي وئي آهي ته ”جنهن جي پُٺيءَ تي اها هوندي آهي اهو ۽ ان جو خاندان تڪليفون ۽ ڏک گهڻا ڏسندو ۽ ان جي عمر وڏي نه ٿيندي ان جي وفات زهر ذريعي ٿيندي ۽ حضرت نبي ڪريم جن کي ۽ سندن قريبن رشتيدارن بني هاشم کي به ڏک پهتا. ڪيترائي شهيد ڪيا ويا ۽ اهي تڪليفون طبعي طور ناپسنديده آهن جيتوڻيڪ الله انهن تي اجر ڏيندو ۽ زهر سان وفات. سو حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”خيبر ۾ يهودياڻيءَ جي ڏنل زهر جو اثر اڃان بيٺو آهي ۽ هي منهنجي (پاڪ) ساهه واري رڳ جي ڪٽجڻ جو وقت اچي ويو آهي.“

(جمع الوسائل شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 63، 64، المواهب شرح الشمائل ص 91، انوار غوثيھ ص 45)

هيءَ روايت ٻين روايتن جي پڻ خلاف ناهي ڇوته نبوت جي مُهر جي پاسن ۾ به ٿورا وار هئا. (خصائلِ نبوي ص 25)

فائدو نمبر {3} : حضور ڪريم جن تي نبوت جي مُهر مان صحابه ڪرام عليهم الرضوان سندن ذات تي نبوت جي ختم هجڻ جو دليل ورتو آهي ۽ قرآن ڪريم جي نوانوي 99 آيتن ۽ ٻه سؤ 200 احاديث مان اهو عقيدو ثابت آهي ان لاءِ منهنجي (يعني راقم الحروف) جي لکيل ڪتاب ”ثبوت ختم النبوة من القرآن والسنة“ کي مطالعو ڪرڻ گهرجي. ختم نبوت جي مُهر لڳڻ کان پوءِ ٻئي ڪنهن به نبي ظلي، بروزي وغيره جي اچڻ جي ضرورت نه رهي. جيڪو به حضرت خاتم النبيين جن کان پوءِ ڪنهن کي ڪنهن به قسم جو نبي مڃيندو اهو ڪافر ، مرتد آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: (1) الامام احمد في المسند ج 5 ص 77، 340، 341 (2) ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 426 (3) ابنِ حبان حديث رقم 6300 ج 14، ص 209  (4) الحاکم في المستدرڪ ج 2 ص 606  (5) ابو يعلى في مسنده حديث رقم 6846 ج 12 ص 240 (6) الطبراني حديث رقم 44، 48 ج 17 ص 27، 28 (7) البغوي في شمائلھ حديث 180 ص 155.

 

}21} حَدَّثَنَا أَبُو عَمَّارٍ الْحُسَيْنُ بْنُ حُرَيْثٍ الْخُزَاعِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُسَيْنِ بْنِ وَاقِدٍ ، قَالَ حَدَّثَنِي أَبِي قَالَ : حَدَّثَنِي عَبْدُ اللَّهِ بْنُ بُرَيْدَةَ قَالَ : سَمِعْتُ أَبِي بُرَيْدَةَ ، يَقُولُ : جَاءَ سَلْمَانُ الْفَارِسِيُّ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حِينَ قَدِمَ الْمَدِينَةَ بِمَائِدَةٍ عَلَيْهَا رُطَبٌ فَوَضَعَهَا بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَقَالَ : يَا سَلْمَانُ مَا هَذَا ؟ فَقَالَ : صَدَقَةٌ عَلَيْكَ وَعَلَى أَصْحَابِكَ ، فَقَالَ : اِرْفَعْهَا ، فَإِنَّا لاَ نَأْكُلُ الصَّدَقَةَ قَالَ : فَرَفَعَهَا ، فَجَاءَ الْغَدَ بِمِثْلِهِ ، فَوَضَعَهُ بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَقَالَ : مَا هَذَا يَا سَلْمَانُ ؟ فَقَالَ : هَدِيَّةٌ لَكَ ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لِأَصْحَابِهِ : اُبْسُطُوا ثُمَّ نَظَرَ إِلَى الْخَاتَمِ عَلَى ظَهْرِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَآمَنَ بِهِ وَكَانَ لِلْيَهُودِ فَاشْتَرَاهُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِكَذَا وَكَذَا دِرْهَمًا عَلَى أَنْ يَغْرِسَ لَهُمْ نَخْلا فَيَعْمَلَ سَلْمَانُ فِيهِ حَتَّى تُطْعِمَ فَغَرَسَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم النَّخلَ إِلا نَخْلَةً وَاحِدَةً غَرَسَهَا عُمَرُ فَحَمَلَتِ النَّخْلُ مِنْ عَامِهَا وَلَمْ تَحْمِلْ نَخْلَةٌ فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَا شَأْنُ هَذِهِ النَّخْلَةِ فَقَالَ عُمَرُ يَا رَسُولَ اللهِ أَنَا غَرَسْتُهَا فَنَزَعَهَا رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَغَرَسَهَا فَحَمَلَتْ مِنْ عَامِهَا.

با محاوره ترجمو : حضرت عبدالله بن بريده  d  چوي ٿو مون پنهنجي پيءُ بريده سڳوري d کي چوندي ٻُڌو ته جڏهن حضرت رسول الله جن مديني شريف ۾ تشريف فرما ٿيا ته (سيدنا) سلمان فارسي d دستر خوان آندو. ان تي تازي کارڪ رکيل هئي. ان تي حضور جن ارشاد فرمايو:” اي سلمان! هي ڇا آهي؟ ان عرض ڪيو ته هي اوهان ۽ اوهان جي اصحابن لاءِ صدقو آهي. رسول الله فرمايو ته:” هي کڻي وڃ، اسان صدقو نه کائيندا آهيون. راوي چوي ٿو ته سلمان فارسي d ان کي کڻي ويو ۽ وري ٻي ڏينهن ساڳي طرح کارڪ کڻي، حضور جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ جن پُڇيو، اي سلمان! هي ڇا آهي؟ ان عرض ڪيو ته سائين هي اوهان لاءِ سوکڙي آهي. تنهن تي حضور پنهنجن اصحابن سڳورن کي فرمايو:” هٿ وڌايو يعني کڻي کائو.“

 پوءِ سلمان فارسي d پاڻ سڳورن جن جي پُٺيءَ تي مُهر نبوت کي ڏٺو ۽ ايمان آندو. حضرت سلمان فارسي d هڪ يهودي جو غلام هو. رسول الله ان کي ڪجهه درهم ڏيئي خريد ڪيو. تنهن سان گڏ يهوديءَ هي شرط به رکيو، ته سلمان انهن لاءِ کجين جا وڻ پوکي لڳائيندو ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندو رهندو، جسيتائين ڦر ڏين. پوءِ حضور سڀ کجين جون چڪيون پنهنجن هٿن مبارڪن سان پوکيون رڳو، هڪ چڪي حضرت عمر فاروق d  پوکي. ان هڪ کانسواءِ باقي سڀني کجيءَ جي وڻن انهي ئي سال ڦر ڏيڻ شروع ڪيا. ان تي رسول الله جن فرمايو ته هن کجيءَ جي وڻ کي ڇا ٿيو؟ حضرت عمر فاروقd عرض ڪيو، يا رسول الله ! اها مون پوکي هئي. ان تي حضور ڪريم اهو کجيءَ جو ٻوٽو پَٽي وري پاڻ ٻيهر لڳايو ته کجي انهي ئي سال ڦر ڏنو.

فائدو نمبر {1} : محدث ابن خُزيمہھ ߋ فرمايو ته ”مون ان کي ننڊ ۾ ڏٺو ته حضور ڪريم جي منبر تي ساوا ڪپڙا ڍڪيو ويٺو آهي، پوءِ هيءَ آيت پڙهيائين: اَمْ یَحْسَبُوۡنَ  اَنَّا  لَا نَسْمَعُ سِرَّہُمْ وَ نَجْوٰىہُمۡؕ (سورة زخرف آيت 80)  (ترجمو : ڇا ائين ٿا سمجهن ته اسين انهن جي راز ۽ آهستي ڳالهائڻ کي نه ٿا ٻُڌون؟) ته حضور ڪريم جي مزارِ پُرانوار مان جواب ڏنو ويوحَقًّا حَقًّا (يعني حق آهي حق آهي)  (المواهب شرح الشمائل ص 92 شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 64)

فائدو نمبر {2}: هنن محدثن جي مذڪور لکت مان معلوم ٿيو ته محبوب ڪريم جن مزارِ پُرانوار ۾ زندهه آهن ۽ جواب به ڏين ٿا جيڪو ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهڙا ٻيا به واقعا علماءِ ڪرام لکيا آهن.

مفردات جو شرح : ”حِينَ“ : جنهن وقت قَدِمَ“ : تشريف فرما ٿيو مَائِدَة“ : دسترخوانرَطَبُ“ : تازي کجور (ڏوڪا، ڏنگ) غَدِ“ : سڀاڻي  اُبسُطوا“ : هٿ وڌايو  يَغۡرسُ : ٻوٽا پوکي، هن جي مصدر غرس آهي. نَخِيۡلُٗ : کجيءَ جو وڻ. نَزَعَهَا“ : ڪڍي ڇڏيائين نزع کان ورتل آهي، پاڙان پَٽڻ، لاهي ڇڏڻ، مارڻ، ڇڪڻ، مرڻ جي ويجهو وڃڻ. انهن سڀني معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.

فائدو : حضرت سلمان فارسي d : هن سائينءَ جي والده ۽ والد جي نالي جي خبر ناهي. هي حضرت فارس ۾ رهڻ وارو هو. فارس اصفهان جو علائقو آهي جيڪو هاڻي ايران جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ باهه جو پوڄاري مجوسي مذهب جو هو. ابتداء کان ئي دنيا کان بي رغبت، زاهد ۽ راهبن وارو ذهن رکندڙ هو. مذهبن جي تحقيق تي ڪافي محنت ڪيائين. علم جي صاحب هجڻ جي ڪري تحقيق ۾ مشغول هو. باهه جي پوڄا ڇڏي عيسائيت قبول ڪيائين. ايران کان عراق ۾ آيو ۽ عيسائي مذهبي اڳواڻن ۽ راهبن کان ڪافي علم پرايو هئائين. بغداد کان موصل، موصل کان نصيبين، نصيبين کان غموريا ۾ مختلف عيسائي عالمن ۽ راهبن جي خدمت ڪيائين. غموريا ۾ هڪ عيسائي مذهب جو اڳواڻ نهايت خدا ترس، نرم دل ۽ آسماني ڪتابن جو بهترين عالم هو. جڏهن اهو مرڻ جي ويجهو ٿيو ته حضرت سلمان فارسي d ان کان پڇيو ته ”هاڻي مان ڪنهن وٽ وڃان؟“ ان جواب ڏنس ته ”عيسائي علماء ختم ٿي چڪا آهن. عربن ۾ ابراهيمي دين ڏانهن سڏيندڙ آخري نبي پيدا ٿيندو پوءِ مديني جون سڀ نشانيون ان کي ٻڌايائين ۽ چيائين ته ان پيغمبر جون  جيڪي نشانيون آهن. انهن مان هڪ هيءَ آهي ته اهو صدقو نه کائيندو ۽ هديو قبول ڪندو. ۽ ٻي هيءَ آهي  ان جي ٻن ڪلهن جي وچ تي نبوت جي مُهر هوندي. اهو ٻڌي حضرت سلمان d غموريا کان نڪتو. سفر جي دؤران ڪجهه واپارين سان گڏيو ته انهن مڪه مڪرمه ۾ ان کي غلام ڪري مديني منوره جي بني قريظه قبيلي جي هڪ يهودي زميندار جي هٿ تي وڪڻي ڇڏيو ۽ پاڻ ان يهوديءَ سان گڏ مدينهء منوره ۾ پهتو. (حضرت) سلمان فارسي d فرمايو ته مديني شريف جون جيڪي نشانيون غموريا جي عيسائي عالم ٻڌايون هيون. مدينهء منوره ۾ پهچڻ تي مون ڏٺو ته اهي سڀ اتي موجود هيون. هاڻي منهنجي دل ۾ اهو ئي حق واري مذهب جي تلاش وارو جذبو اڀريو ۽ مان پڇندو رهيس ته ڇا هتي ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو حق جي معرفت عطا ڪري ۽ ان نشانين واري شخصيت مون کي ملي وڃي جيڪا ان عيسائي عالم مون کي ٻڌائي هئي. ان تلاش دؤران پتو پيو ته ”قبا ۾ هڪ صاحب مڪه مڪرمه کان هجرت ڪري آيو آهي ۽ دعوى ڪئي اٿس ته اهو الله جي طرفان نبي آهي. اهو ٻڌي مون اهو شرط جيڪو عيسائي عالم ٻڌايو هو ڏسڻ جي لاءِ هڪ ٿانوَ ۾ تازي کارڪ وجهي حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ کارڪ پيش ڪري عرض ڪيم ته”هي صدقو آهي اوهان وٺو“ پاڻ فرمايائون ته”اهو کڻي وڃو اسين صدقو نه کائينداسون.“ مان ٻئي ڏينهن وري اهڙي طرح کجور کڻي سندن خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم ته”هي تحفو آهي اوهان قبول فرمايو“ ته پاڻ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان کي فرمايائون ته ”هٿ وڌايو“ يعني کائو ۽ سڀني ۾ ورهايائون. حضرت سلمان فارسي d ٻئي نشانيون ڏٺيون جو حضور ڪريم صدقو نه ورتو ۽ تحفو قبول فرمايائون. رهي ٽين نشاني، نبوت جي مُهر جي تلاش ته ان جي زيارت کان مشرف ٿئي. ۽ اڃان ان جي تلاش ۾ هيو ته هڪ ڏينهن حضور ڪريم جن بقيع جي قبرستان ۾ هڪ جنازي لاءِ تشريف فرما ٿيا ۽ اتي ئي ويٺا هئا ته حضرت سلمان فارسي d سندن پاڪ پُٺيءَ ڏانهن اچي وڃي پيو. حضور ڪريم جن نبوت جي نور سان حضرت سلمان فارسي d جي قلبي ارادي کي سمجهي ويا ۽ لطف ۽ ڪرم ڪري پنهنجي پاڪ پٺيءَ تان ڪپڙو مٿي کنيائون پوءِ ڇا ٿيو؟ حضرت سلمان فارسيءَ جي قلبي ڪيفيت بدلجي وئي ۽ محبت جي جوش ۾ هوندي هوش سان نبوت جي مُهر کي چُمي روئي رهيو هو. جڏهن کيس تسلي ٿي ته پوءِ ايمان آندائين. ۽ ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ حضور ڪريم جن کيس فرمايو ته ”پنهنجي خريدار کي چئو ته ڪجهه وٺي توکي آزاد ڪري ڇڏي.“ حضرت سلمان ان سان ڳالهايو ته ان ٻن شرطن تي کيس آزاد ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو. پهريون شرط هي هو ته سلمان کيس چاليهه اوقيون سون ڏي ۽ ٻيو شرط هي هو ته ان جي باغ ۾ ٽي سؤ کجيون نيون لڳائي تان جو اهي کجور ڏين ٻئي شرط پورا ٿيندا ته پوءِ سلمان آزاد ٿيندو. حضرت سلمان اهي ٻئي شرط حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيا ته حضور ڪريم جن پاڻ بنفسِ نفيس اچي کجيون پاڻ لڳايون، مگر هڪ کجي حضرت عمر d لڳائي. ۽ حضور ڪريم جو اهو معجزو هو جو ان سال ئي انهن کجين تيار ٿي کارڪون ڏنيون پر ان هڪ کجيءَ کارڪ نه ڏني. جيڪا حضور ڪريم نه لڳائي هئي. هي حضور پاڪ جو معجزو هو جنهن ان وقت مدينهء منوره وارن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. پوءِ پاڻ ان ڦر نه ڏيندڙ کجيءَ کي پاڙان ڪڍرائي ان جي جاءِ تي ٻي لڳايائون ۽ ان به ان سال ئي کجور ڏني. رهيو سون جو معاملو سو هيئن ٿيو جو سندن خدمت اقدس ۾ ٿورو سون آيو پاڻ اهو سون حضرت سلمان فارسي کي ڏئي فرمايائون ته. هن مان چاليهه اوقيون يهودي کي ڏئي اچ.“ ان عرض ڪيو ته ”هي ناڪافي آهي“ پاڻ فرمايائون ته ” الله ان کي پورو ڪندو. “ حضرت سيدنا سلمان فارسي d فرمايو ته پوءِ مان اهو کڻي يهوديءَ وٽ آيس ۽ ان کي چيم ته هن مان چاليهه اوقيون سون کڻ.“ ان جا ٻئي شرط پورا ٿيا ۽ حضرت سيدنا سلمان فارسي d آزاد ٿيو.

فائدو : اوقيه ان دؤر ۾ چاليهه درهم هئا ۽ هڪ درهم چار ماسا هو. (انوارِ غوثيه ص 48) بعض علماء لکيو آهي ته ”حضرت سلمان فارسي d جي عمر اڍائي سؤ سال هئي. رامهرمز شهر جو ويٺل هو جيڪو فارس جي بادشاهه جي قبضي ۾ هو. ان جي ڪري کيس فارسي سڏيو ويو. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جڏهن قرآن شريف جي آيتوَ اِنۡ  تَتَوَلَّوْا یَسْتَبْدِلْ  قَوْمًا غَیۡرَكُمْۙ ثُمَّ  لَا یَكُوۡنُوۡۤا  اَمْثَالَكُمْ ﴿٪۳۸(سورة محمد آيت 38)  (۽ جيڪڏهن اوهان (ايمان کان) ڦرندؤ ته (الله ) اوهان جي بدلي ۾ اوهان کانسواءِ ٻي قوم آڻيندو ۽ پوءِ اهي اوهان وانگر نه هوندا.) نازل ٿي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور ڪريم جي خدمتِ بابرڪت ۾ عرض ڪيو ته يا رسول الله! اها ڪهڙي قوم آهي جيڪا اسان جي جاءِ تي ايندي؟ پاڻ حضرت سلمان فارسي d جي ڪلهي تي هٿ هڻي فرمايائون ته ”اهي هي ۽ سندس قوم آهي ”ٻي روايت ۾ آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته”مون کي ان ذات جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته جيڪڏهن ايمان ثُريا (ڪتين) تي لٽڪيل هوندو ته فارس جا ڪي ماڻهو اتي به پهچي  اهو حاصل ڪندا.“ اڪثر علماء جو خيال آهي ته”ان حديث ۾ حضرت امام اعظم ابو حنيفه ߋ جي اچڻ جي به خوشخبري ڏنل آهي.“

 مٿي مذڪور حضرت سلمان فارسي d جي حضور ڪريم سان ملاقات اها پهرين ملاقات هئي. حضرت سلمان d جڏهن سامهون اچي رهيو هو ته حضور ڪريم جي خدمت ۾ موجود هڪ صحابي d عرض ڪيو ته ”هي سلمان فارسي d اچي رهيو آهي.“ حضور ڪريم جن سان جڏهن حضرت سلمان فارسي d مليو ته پاڻ ان کي فرمايائون ”سلمان هي ڇا آندو اٿئي؟“ تڏهن مذڪور نشانين وارو معاملو هليو. (فضائل النبي ص 28) ڪجهه علماء لکيو آهي ته حضرت سلمان فارسي پاڻ پنهنجي اسلام آڻڻ جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته ”مان اصفهان صوبي ۾ رامهرمز شهر جي هڪ سردار جو پُٽ آهيان. پيءُ جي مون سان تمام گهڻي محبت هئي. مون کي پاڻ کان پري ڪڏهن به نه ڇڏيندو هو. انهيءَ ڪري ٻاهر زمين جي سنڀال لاءِ به پاڻ ويندو هو. هڪڙي ڏينهن اتفاق اهڙو ٿيو جو پاڻ جاءِ ٺهرائڻ ۾ مشغول ٿيو ۽ مون کي چيائين ته تون هارين جي سنڀال ڪري اچ. مان شهر کان ٻاهر نڪري زمين ڏانهن وڃي رهيو هوس ته رستي ۾ مون کي عيسائين جي هڪ گرجا نظر آئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو عبادت ڪندي نظر آيا ۽ ڪيترن اندر انجيل ويٺي پڙهيو ۽ مان اتي وڃي ڏٺو ۽ انجيل ٻُڌو، پوءِ انهن کان سندن ديني مرڪز جي پُڇا ڪيم. انهن ٻڌايو ته اسان جو ديني مرڪز شام ملڪ ۾ آهي. پوءِ گهر موٽي آيس ۽ جڏهن ته مون کي گهڻي دير ٿي وئي هئي ته منهنجي پيءُ مون کان دير جو سبب پُڇيو. مون کيس ٻڌايو ته اڄ عيسائين جي مڙهئي ۾ ويو هوس، اتي ويهڻ جي ڪري مون کي دير ٿي وئي هئي. اها ڳالهه ٻڌي اهو گهٻرائجي ويو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته ”اهو مذهب سُٺو ناهي. تون پنهنجي وڏن ابن ڏاڏن جي دين تي پڪو رهه جيڪي مجوسي هئا ان ۾ ڀلائي آهي.“ مون چيو ”هرگز نه“ دين اهو ئي ڀلو آهي جيڪو مان اڄ ڏسي آيو آهيان. منهنجي اها ڳالهه ٻُڌي منهنجو پيءُ ڊڄي ويو ۽ مون کي پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙي هڻي سوگهو ڪري ٻڌي ڇڏيائين ۽ منهنجي ڀيڻ کي منهنجي مٿان سنڀال جي لاءِ ويهاريائين ته متان پاڻ ڇوڙائي ڀڄي وڃي، ان دؤران ڪنهن طريقي سان مون عيسائين ڏانهن نياپو موڪليو ته شام جي ملڪ مان آيل سوداگرن مان جڏهن ڪو واپس وڃي ته مون کي ڪنهن طريقي سان اطلاع ڏجو. جڏهن اهي سوداگر واپس وڃڻ لاءِ تيار ٿيا ته انهن مون کي اطلاع ڏنو ۽ مون پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته ”ادي! مون کي هنن زنجيرن  وڍ ڪري وڌا آهن. مان ڏاڍو تنگ ٿيو آهيان، مون کي ٿوري دير تائين ڇوڙي نه ڇڏيندينءَ؟ ڀيڻ کي رحم پيو جنهن مون کي ڇوڙي ڇڏيو، مون کي جو ٿورڙي فرصت ملي ته گهران نڪري سِڌو انهن عيسائين وٽ پهتس جن مون کي چيو ته ” تون اسان وٽ رهي نه سگهندين اسين تنهنجي پيءُ کان ڊڄون ٿا. اهو هتي جو امير آهي اسان کي تڪليف ڏيندو.“ پوءِ انهن سوداگرن سان گڏجي شام ملڪ ڏانهن هليو ويس ۽ اتي گرجا گهر ۾ هڪ عيسائي پادريءَ وٽ رهيس ۽ ان وٽ پڙهڻ لڳس پر اتي رهڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ معلوم ٿيو ته وڏو لالچي هو. ماڻهن کي غريبن جي ڀلائيءَ لاءِ حرص ۽ شوق ڏياري انهن کان ملڻ وارو پيسو غريبن کي ڏيڻ جي بجاءِ پاڻ هضم ڪندو هو. ٿوري عرصي کان پوءِ اهو مري ويو ۽ ان جي بجاءِ ٻيو عيسائي عالم مقرر ٿيو. اهو لالچي نه هو. مان ان جي خدمت ۾ رهي ان کان معلومات حاصل ڪرڻ لڳس ان سان منهنجي محبت ٿي وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو به آخرت جي سفر جا سانباها ڪرڻ لڳو ته مون ان کي چيو ته ” مون کي ڪنهن وٽ رهڻ جي وصيت ڪيو ٿا؟ ان چيو ته منهنجي طريقي تي هن وقت صرف هڪ ماڻهو آهي جيڪو موصل شهر ۾ رهي ٿو، ان وٽ وڃجانءِ. ان جي وفات کان پوءِ مان موصل شهر ۾ آيس اتي پهچي ان شخص سان ملاقات ڪري ان سان سمورو احوال ڪيم. ان مون تي شفقت جو هٿ رکي مون کي پنهنجي خدمت ۾ رهايو. ڏاڍو طبيعت جو سُٺو هو جڏهن ان جي وفات جي ڪيفيت محسوس ڪيم ته ان کان به پڇيم ته ” توکان پوءِ مان ڪنهن وٽ وڃان؟ ان چيو ته ”نصيبين شهر ۾ هڪ شخص آهي ان ڏانهن وڃ“ پوءِ مان ان وٽ پهتس ۽ ان کي سمورو احوال ٻڌايم ته ان به پاڻ وٽ رهڻ جي لاءِ چيو رهڻ کان پوءِ ڏٺم ته اهو به طبيعت جو سٺو لڳو. ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ اهو به موت جي تيارين ۾ نظر آيو ۽ مون کي چيائين ته هاڻي غموريا شهر ۾ فلاڻي ماڻهو وٽ وڃ  مون اتي ان وٽ پهچي پوءِ ڪجهه ڌنڌو شروع ڪيو. جنهن مان سُٺي آمدني ٿي. ڪجهه ڳئون ۽ ٻڪريون به گڏ ٿيون. جنهن مان وڏو مالدار بڻجي ويس. جڏهن ان جي به وفات جو وقت ٿيو ته ان کان به پڇيم ته هاڻي ڪنهن وٽ وڃان؟ ان مون کي سمجهايو ته ملڪ ۾ گهڻو رولو اچي ويو عيسائي دين ۾ گهڻي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، ان ۾ حق پرکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. خدا جو قسم کڻي ٿو چوان ته هاڻي سچو ماڻهو ملڻ مشڪل آهي ڪجهه عرصو صبر ڪر! جلد آخري نبي ()  پيدا ٿيڻ وارو آهي. جيڪو ابراهيمي دين تي عرب جي سرزمين تي ايندو ۽ اهڙي شهر ڏانهن هجرت ڪندو جتي کجيءَ جا وڻ گهڻا هوندا ۽ ان شهر جي پاسن کان پٿريلي زمين هوندي. اهو الله جو نبي ( ) صدقو نه کائيندو پر هديو قبول ڪندو. ان جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ نبوت جي مُهر هوندي. ڪوشش ڪري اتي پهچجانءِ. (مذڪور نشانين سان ئي حضرت سلمان فارسيd حضور ڪريم جن کي سُڃاڻي مسلمان ٿيو هو.) حضرت سلمان d فرمايو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عرب جي قبيلي بني ڪلب جي سوداگرن جو اتاهون گذر ٿيو، مون انهن کي چيو ته مان اوهان سان گڏجي عرب جي سرزمين ڏانهن هلان؟ انهن ان شرط تي قبول ڪيو ته مان هي سمورو مال ملڪيت، ڳئون ۽ ٻڪريون سندن حوالي ڪيان. ان کان پوءِ اهي مون کي پاڻ سان وٺي هليا جڏهن عرب جي شهر مڪه مڪرمه ۾ پهتاسون ته مون کان سڀ مال وٺي پوءِ به ظلم ڪرڻ کان نه مُڙيا ۽ مون کي پنهنجو غلام مشهور ڪري بني قُريظھ قبيلي جي هڪ يهودي کي وڪڻي ڏنائون. جڏهن ان مون کي پاڻ سان گڏ مدينه منوره ۾ آندو ته مدينه منوره کي ڏسندي ئي دل بهار ٿي وئي. غموريا شهر جي عيسائي عالم واريون ٻڌايل نشانيون سموريون اکين جي سامهون آيون. پوءِ ان مون کي پاڻ وٽ رهايو. شمائل جي ڪن شارحن لکيو آهي ته حضرت سلمان فارسي d تقريبًا ڏهن ماڻهن وٽ وڪامندو رهيو. هڪ اهڙي مالڪ وٽ به آيو جيڪو نهايت ظالم هو، معمولي ڳالهه تان به کيس ڏاڍو ماريندو ۽ ايذائيندو هو. پاڻ برداشت ڪري وقت گذاريندو هو. فارسيءَ ۾ هڪ شاعر جو شعر آهي ته

 يا تن رسد بجانان يا جان ز تن بر آيد

 (يا منهنجو جسم محبوب وٽ پهچي يا جسم کان ساهه ٻاهر نڪري اچي، هڪڙو ڪم ٿئي) حضرت سلمان فارسي d سان ملڪ بدر، خاڪ بسر، اميري ڇڏڻ، وطن کان نڪرڻ ، غلاميءَ جي زندگي بسر ڪرڻ ۽ سخت جفاڪشيءَ ۾ گذارڻ وارو حال درپيش هو. اهو سڀ حق جي دين حاصل ڪرڻ ۽ الله کي راضي ڪرڻ جي لاءِ ٿي ڪيائين. نيٺ دلبر جي ديدار جو دؤر آيو. حضور ڪريم جن مڪه مڪرمه مان هجرت ڪري مدينهء منوره ۾ تشريف فرما ٿيا. هڪڙي ڏينهن حضرت سلمان d ڪم بيٺي ڪيو ته ان يهوديءَ جي پُٽ اچي پيءُ سان ڳالهه ڪئي ته ”مديني منوره ۾ هڪ شخصيت تشريف فرما ٿي آهي جنهن جو چوڻ آهي ته

ختمِ نبوت جو اعلان : ”مان الله جو آخري نبي آهيان.“ اها ڳالهه جو منهنجي ڪنن تائين پهتي ته مان ڪم ڇڏي انهن وٽ بيهي سمورو احوال ٻڌو. يهودي مون تي ناراض ٿيو پر مون اهو برداشت ڪيو. هڪ ڏينهن ٻاهر نڪري ماڻهن کان حضور ڪريم جي متعلق معلومات ورتم. انهن چيو ته واقعي اها شخصيت تشريف فرما ٿي آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته مان آخري نبي آهيان. مون تي نبوت ختم آهي.“ پوءِ مون جيڪي نشانيون عيسائي عالم کان ٻڌيون هيون اهي ڏسڻ جو ارادو ڪري ڪجهه طعام ۽ ان سان گڏ کجور هڪ ٿانوَ ۾ وجهي حضرت نبي ڪريم جن ڏانهن کڻي ويس. تڏهن پاڻ ڪريم جن اڃان قُبا شريف ۾ رهندا هئا. جڏهن اهو طعام ۽ کجور سندن خدمتِ بابرڪت ۾ پيش ڪيم. پاڻ پڇيائون ته ”ڇا آهي؟“ عرض ڪيم ته ”صدقو آهي“ فرمايائون ته”اسين صدقو نه کائيندا آهيون. مجلس ۾ موجود ٻين کي ڀلي ڏئي ڇڏ.“ مون دل ۾ چيو ته هڪ نشاني ته صحيح ثابت ٿي. واپس اچي وري ڪجهه گڏ ڪرڻ شروع ڪيم، ان دؤران پاڻ قُبا شريف کان نڪري موجوده حرم واري شهر ڏانهن آيا. پوءِ وري ساڳي طرح کاڌو ۽ کارڪ سندن خدمت ۾ پيش ڪيم ته پاڻ وري پڇيائون ۽ مون عرض ڪيو ته ”هديو آهي“ پاڻ قبول ڪري پاڻ به کاڌائون ۽ ٻين کي به کارايائون. مون دل ۾ چيو ته ”ٻي نشاني به صحيح ثابت ٿي...الخ“ (باقي واقعو مذڪور آهي) حضرت سلمان فارسي d لاءِ جڏهن سون ڏئي کجيون لڳايون ويون ۽ انهن ڦر به جهليو ته حضرت سلمان ان يهودي کي چيو ته توکي سون به مليو ۽ تنهنجي لاءِ لڳايل کجين کجور به جهلي آهي ته ان حيران ٿي پڇيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هڪ ئي سال جي اندر کجيون کجور جهلي بيهن؟ حضرت سلمان فارسي d کيس فرمايوته ”تون پاڻ هلي ڏس“ ان ڏٺو ته حيرت ۾ پئجي ويو ۽ هڪ هڪ کجي چيڪ ڪرڻ لڳو. سڀني ۾ کجور هئي پر هڪ ۾ کجور نه هئي. يهودي چيو ته اڃان هيءَ رهيل آهي، ان ڦَرُ نه ڏنو آهي جڏهن اها کجور ڏيندي تڏهن تون آزاد آهين. جڏهن مون اها ڳالهه حضرت نبي ڪريم جن سان ڪئي ته پاڻ به باغ ۾ تشريف فرما ٿي ڏٺائون ته هڪ کجيءَ واقعي کجور نه ڏني آهي پاڻ ان جي سبب لاءِ سوچڻ لڳا ته حضرت عمر فاروق اعظم d کين عرض ڪيو ته ”اها مون لڳائي هئي.“ پاڻ فرمايائون ته. اهو ئي سبب آهي.“ پوءِ ان کي پَٽي وري پاڻ لڳايائون ته ان به ڦَر جهليو ۽ حضرت سلمان فارسي d آزاد ٿي ويو. (فضائل النبي ، شرح الشمائل ص 34)

فارسي سڏجڻ جو سبب : ان ۾ مختلف قول آهن. {1}  ته اهو فارس جي هڪ شهر ڏانهن منسوب آهي جيڪو رامهرمز جي ايريا ۾ تستر ۽ شيراز جي وچ ۾ فارس جي پسگردائيءَ ۾ هو ۽ فارس ان جي ڪري سڏيندا هئا جو ان جا رهاڪو گهوڙن جي سواريءَ جا ماهر هئا.

}2}  ته اهو فارس بن کيو مرث ڏانهن نسبت ڪيل آهي.

}3} ته اهو بارس لفظ مان عربيءَ ۾ فارس چيو ويو آهي ۽ حضرت سلمان d اصفهان جو هو ان جو فارس سان تعلق نه هو پر عرب جا جيڪي به علائقا عجمي بادشاهن جي قبضي ۾ هئا انهن کي فارس سڏيندا هئا ۽ اصفهان به انهن علائقن مان هو.

حضرت سلمان فارسي d جي والدين جو نالو : علماء لکيو آهي ته حضرت سلمان d  جي والد (۽ والده) جو نالو معلوم  نه ٿي سگهيو آهي ۽ کانئس  سوال ڪيو ويو هو ته اوهان جي پيءُ جو نالو ڇا آهي ته پاڻ فرمايائين، ”مان مسلمان اسلام جو پٽ آهيان.“ نالو نه ٻڌايائين.

 

نقشبندي سلسلي جو سرواڻ حضرت سلمان فارسي d

حضرت سلمان فارسي d حضرت رسول الله جن سان محبت جي شرف سان مشرف هوندي ۽ سندن شفقت ۽ عنايت جي صدقي سندن اهلبيت ۾ شامل هجڻ جي باوجود باطني علم ۾ حضرت ابو بڪر صديق d کان مُجازُ آهي جيئن اڳتي بيان ٿيندو. کيس حضرت علي d سان به صحبتون حاصل هيون. منقول آهي ته سندس مائٽن حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته اسان کي سلمان آزاد ڪري ڏيو. پاڻ حضرت سلمان فارسي d کي اختيار ڏنائون(وڻيس ته واپس وڃي وڻيس ته سندن خدمت ۾ رهي) پر ان حضور ڪريم جن وٽ رهڻ پسند ڪري مائٽن سان وڃڻ کان انڪار ڪيو.نبي ڪريم جن حضرت سلمان فارسي d  جي قوم کي به دعائون ڪرڻ فرمايون هيون.

تفسير ”ابو القاسم“ ۾ مذڪور آهي ته ”جڏهن قرآن ڪريم جو گهڻو حصو نازل ٿي چڪو هو ته رسول الله جن ان حصي کي ڪيترين ئي جاين تي موڪليو، جڏهن اهو حصو فارس ۾ (ڪجهه ماڻهن وٽ) پهتو ته انهن ان کي پيار سان پنهنجي سيني سان لڳايو. (اهو پهچائڻ وارو حضرت سلمان فارسي d هو) ۽ جڏهن ڪجهه حصو ڪجهه ترڪين کي پهتو ته انهن به ادب سان قبول ڪيو. اهو حال جڏهن سيدنا رسول الله جن جي خدمتِ بابرڪت ۾ عرض ڪيو ويو ته پاڻ ڪريمن فرمايو” فارس وارا دل جا مقبول ۽ سچي سيني وارا هوندا ۽ ترڪي سردار بنجندا.“  الحاصل حضرت سلمان d  جي محبت ۽ اخلاص ان کي نبوي بارگاهه ۾ ايتري مقبوليت عطا ڪئي جو سيدنا رسول الله جن کيس اهلبيت ۾ شامل ڪرڻ فرمايو. شيخ الموحدين محي الدين ابنِ عربي قدس سره مذڪور حديث سان حضرت سلمان فارسي d  جي لاءِ قرآن ڪريم جي آيت :اِنَّمَا یُرِیۡدُ اللھ  لِیُـذْہِبَ عَنۡكُمُ الرِّجْسَ اَہۡلَ الْبَیۡتِ وَ یُطَہِّرَكُمْ تَطْہِیۡرًا ﴿ۚ۳۳ (سورة الاحزاب آيت 33) ۾ مذڪور پاڪائي تي دليل ورتو آهي ته اها پاڪائي حضرت سلمان فارسي d جي لاءِ به آهي. ڇوته جيڪڏهن ان ۾ اها پاڪائي نه هجي ها ته اهلبيت ۾ ڪيئن شامل هجي ها. حضرت سلمان فارسي d خندق واري جنگ ۾ حضور ڪريم جي خدمت ۾ موجود ۽ سندن مُشير رهيو. پاڻ اصحاب صفھ ۾ داخل ۽ انهن اصحابن مان آهي جن جي لاءِ جنت مشتاق آهي. حضرت عمر فاروقِ اعظم d کيس مدائن جو والي مقرر ڪيو هو ۽ پنج هزار 5000 درهم سندس ساليانو وظيفومقرر ڪيو هو،  پر پاڻ اهي پنج هزار درهم بيت المال مان وٺي فقيرن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ۽ پاڻ محنت ڪري، ڪمائي ان مان پنهنجو خرچ هلائيندو هو. ان وٽ اُٺ جي اُن مان ٺهيل هڪ ڪمبل هوندو هو. ڏينهن جو اهو ڍڪيندو هو ۽ رات جو اهو ويڙهيندو هو. جهاد ۾ شوق سان شامل ٿيندو هو. ٻڪرين جي وارن کي صاف ڪري ان مان رسيون ٺاهيندو ۽ کلون گڏ ڪندو هو. جيڪڏهن جهنگل ۾ ڪنهن کي به رسي يا ٻوڪي جي ضرورت پوندي هئي ته ان کي ڏيندو هو.

هڪ واقعو : مدائن جي امير هجڻ جي دوران هڪ ڀيري حضرت سلمان d ڪمبل ۾ ويڙهيل بازار ۾ وڃي رهيو هو ۽ هڪ شخص صوف خريد ڪري گهر کڻي پڄائڻ جي لاءِ مزدور جي تلاش ۾ هو. ان حضرت سلمان d کي ڪمبل ۾ ويڙهيل ڏسي مزدور سمجهي سڏ ڪري چيو ته ”هي صوف کڻي گهر پڄاءِ.“ حضرت سلمان فارسي d اهي صوف کڻي ان سان گڏ هليو ۽ ان کي نه ٻڌايائين ته مان مدائن جو امير آهيان. ٿورو اڳتي هليا ته واٽ ۾ کين ٻيو ماڻهو مِليو ۽ ان چيو ته ”الله امير کي خوش رکي ڇا سبب آهي جو هيترو وزن کنيو وڃو ٿا؟ پوءِ ان سمجهيو ته هي مدائن جو امير آهي. ان قدم بوسي ڪري عرض ڪيو ته ”مون کي معاف ڪيو.“ پاڻ فرمايائونس ته”تو چيو هو ته مون کي گهر تائين پهچائي ڏيو، سو گهر تائين پهچائڻ کان پهريان مان هي بار نه لاهيندس.“

حضرت سيدنا سلمان فارسي d جي شادي : روايت ۾ آهي ته حضرت  سلمان  dبني ڪنده جي هڪ عورت سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ ڄاوا هئا ۽ انهن مان گهڻو نسل هليو ۽ ان ملڪ مدائن ۾ اڃا تائين ان جو نسل موجود آهي ۽ سڀ اهل علم ۽ اهل فضل آهن ۽ هي جو مشهور آهي ته پاڻ مردانه عضوي جا وڍيل ۽ بي اولاد هئا، شادي نه ڪئي هئائين اهو سراسر غلط آهي. جڏهن وفات جي قريب بيمار ٿي پيو هو ته جيڪي کانئس پُڇڻ ٿي آيا انهن ڏٺو ته پاڻ زاروقطار روئي رهيا هئا. انهن کيس عرض ڪري روئڻ جو سبب پڇيو ته فرمايائين ”مان نه موت جي خوف کان ٿو روئان ۽ نه دنيا جي خواهشات جي ڪري. بلڪه سبب هي آهي ته رسول الله جن مون سان عهد ڪيو هو ته ”جيڪڏهن تون قيامت ۾ مون سان ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ گهرين ٿو ته دنيا کان دور رهجان ۽ اهڙي طرح وڃجانءِ جيئن مان وڃي رهيو آهيان.“ ۽ ”مان هاڻي ان حال ۾ وڃي رهيو آهيان جو مون وٽ ڪجهه مال ۽ اسباب آهن، ائين نه ٿئي جو سندن ديدار کان محروم رهجي وڃان.“ حالانڪه ان وقت ان وٽ هڪ چانديءَ جي ٿانوَ ۽ هڪ وضو ڪرڻ واري ٿانوَ ۽ هڪ اُٺ جي پلڻ ۽ هڪ ٻڪريءَ جي کل ۽ هڪ ڪمبل کان سواءِ ڪجهه نه هو.

بهرحال سن 32 هجري ۾ مدائن ۾ وفات ڪئي هئائين ۽ اطلاع ملڻ تي حضرت علي d راتئون رات مديني شريف کان مدائن پهچي کيس غسل ڏياري، نمازِ جنازه وغيره کان فارغ ٿي واپس مدينهء منوره موٽي آيو هو.           (حضرات القدس ص 557)

حضرت سلمان d نقشبندي سلسلي وارن جو حضرت ابو بڪر صديق d کان پوءِ شيخ طريقت آهي. ان کان حضرت قاسم بن محمد بن ابي بڪر صديق d فيض ورتو ۽ ان حضرت قاسم d کان امام جعفر صادق، ان کان حضرت با يزيد بسطامي ߋ.

حضرت سيدنا سلمان فارسي d جو مقام : حضرت سلمانd نهايت شاندار صحابي آهي.  سيدنا رسول الله جن سندس حق ۾ فرمايو :”سَلۡمَانُ مِنَّا اَهۡلِ الۡبَيۡتِ سلمان اسان جي اهل بيت مان آهي کيس ”سلمان الحبر“ سڏيندا آهن ۽ اهو انهن صحابن مان هڪ آهي جن لاءِ جنت مشتاق آهي. جليل القدر صحابي آهي. کيس حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام سان يا ان جي حواري سان (ٻه قول آهن) ملاقات جو موقعو مليو هو. ۽ ٻه ڪتاب توراة ۽ انجيل پڙهيا هئائين کيس بيت المال مان پنج هزار درهم وظيفو مقرر ٿيل ملندو هو، جيڪو مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ مان کائيندو هو. وڏو زاهد هو وڏي عمر ۾ انسان ۾ حرص وڌندو آهي پر حضرت  سلمانd ۾ زهد وڌيو دنيا جي محبت نه رهي. حضرت علي d کان سندس متعلق پڇيو ويو ته فرمايائين”علمِ اول ۽ علمِ آخر ڄاڻندو هو. بي ڪنار بحر هو ۽ اهو اسان اهلبيت مان آهي.“ حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ پهرئين سن هجري ۾ حاضر ٿي مذڪور نشانيون ڏسي مسلمان ٿيو هو سندس عمر اڍائي سؤ يا ساڍا ٽي سؤ سال هئي.

فائدو : رسول الله جن جو فرمان ته ”اسين صدقو نه کائيندا آهيون“ ان مان واضح ٿيو ته پاڻ ان کي حرام سمجهيائون. ۽ علماءِ ڪرام لکيو آهي ته صدقو حضور ڪريم ۽ ان جي آل تي ٻن سببن جي ڪري حرام آهي. (1) ته اهو ماڻهن جي مال جي ميرنهه آهي جيڪا سندن جي شان جي لائق ناهي. (2) ته جيڪڏهن پاڻ ۽ سندن آل صدقو کائين ها ته اها تهمت لڳي ٿي سگهي ته پاڻ نبوت جي دعوى ئي پنهنجي ۽ پنهنجي اولادجي لاءِ ملڪيت گڏ ڪرڻ خاطر ڪئي اٿن. (3) ته صدقو ڏيندڙ اعلى هوندو آهي ۽ وٺندڙ ادنى هوندو آهي،. حضور ڪريم اعلى آهي ۽ سندن آل به سندن صدقي شاندار آهي. انهن تي صدقو حرام ڪري انهن جي مقام ۽ شان جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ هديو هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هديو وٺندڙ جو تقرب حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ ان ڏانهن محبوب بنجڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته حضور ڪريم جن جي لاءِ فرضي ۽ نفلي صدقا ٻئي حرام هئا. سندن آل جي لاءِ به اهو ساڳيو ئي حڪم آهي. پوءِ جن عالمن ان جي علت ۽ سبب اهو چيو آهي ته صدقو مال جي ميرنهه آهي انهن جي بقول صدقو حضور ڪريم جي آل تي هميشه جي لاءِ حرام آهي. جن جو قول آهي ته صدقو حضور ڪريم جن کان تهمت کي دفع ڪرڻ جي لاءِ حرام ڪيو ويو آهي انهن جي بقول حضور ڪريم جن جي ظاهري رحلت کان پوءِ سندن آل تي صدقو حرام ناهي ۽ شافعي ۽ حنفي متاخر علماء جي هڪ جماعت جو به اهو قول آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 66) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ان صدقي مان کائڻ جي لاءِ حضور ڪريم جن صحابه کي اختيار ڏنو ته کائو يا نه کائو.“ پر صحابه ڪرام عليهم الرضوان ان مان نه کاڌو هو تڏهن حضرت سلمانd کي فرمايائون ته ”کڻي وڃ“.      (شرح المناوي للشمائل ج 1 ص 66)

سمجهاڻي : هن حديث مان ثابت ٿيو ته نبوت جي مُهر حضور ڪريم جن جي ٻن پاڪ ڪلهن جي وچ ۾ هئي جيڪا حضرت  سلمان  d ڏٺي ۽ اهو به ثابت ٿيو ته نبي ڪريم جن صدقو ۽ زڪواة جو مال نه کائيندا هئا ۽ ان مجلس ۾ موجود ٻين کي فرمايائون ته ”کائو“ .اهو ان ڪري جو اهي ان کائڻ جا مستحق هئا، انهن لاءِ اها کائڻ جائز هئي، ۽ اهو به ثابت ٿيو ته حضور ڪريم جن ٻئي جي مال ۾ تصرف ڪرڻ جو حق رکن ٿا ۽ ان جي ڪري حضرت سلمان d کان بغير پڇڻ جي پاڻ مجلس ۾ موجود صحابن رضي الله عنهم کي فرمايائون ته ”کائو.“

سوال : اهو طعام جيڪو حضرت  سلمان  d  آندو هو ڇا هو؟

جواب : ان ۾ مختلف روايتون آهن. (1) امام احمد ۽ بزار جيد سند سان حضرت سلمان d کان روايت آندي آهي ته ”مون ڪاٺيون ڪري، وڪڻي ان مان طعام ٺاهي نبي ڪريم جن کي پيش ڪيو هو.“ پر هن ۾ اها وضاحت ناهي ته اهو طعام ڇا هو؟ (2) طبراني جيد سنَد سان آندو آهي، حضرت  سلمان  d فرمايو ته ”مون هڪ درهم جو اٺ جو گوشت وٺي رڌي ان کي پيالي ۾ وجهي ثريد (گوشت ۽ ماني مليل)  ٺاهي اهو ڪنڌ تي کڻي رسول الله جن جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو. محدثن فرمايو ته اهي روايتون صحيح آهن ائين ٻه ٽي ڀيرا ٿيو هوندو يا هڪ ئي ڀيري اهو طعام ۽ کجور گڏ کڻي ويو هوندو ۽ اهو ثريد، گوشت ۽ تازي کجور (ڏوڏن) تي مشتمل هو پر هن شمائل جي روايت ۾ صرف تازي کجور جو ذڪر ان جي ڪري ڪيل آهي جو اها وڌيڪ معظم هئي.

سوال : حضرت رسول الله جن حضرت سلمان فارسي d کي نالو وٺي سڏيو، حالانڪه ان جي اڳ ۾ ساڻن ملاقات ٿيل نه هئي پوءِ کين نالي جي خبر ڪيئن پئي؟

جواب : ان ۾ هڪ قول هي آهي ته ”لعلمہھ اسمہھ بنورالنبوة“ يعني  پاڻ سڳورن اهو نبوت جي نور سان علم رکيو هو.     (المواهب شرح الشمائل ص 94)

سوال : نبي پاڪ جن جمع متڪلم جو صيغو  فَاِنَّا لَانَا کُلُ الصَّدۡقَةَ (اسين صدقو نه ٿا کائون) ڇو ارشاد فرمايو حالانڪه پاڻ اڪيلا نه پيا کائن؟

جواب : اهو سندن مقام ۽ تعظيم جي اظهار لاءِ هو. يا پاڻ سان گڏ ٻيا انبياء عليهم السلام به ارادي ۾ ڪيا هوندائون. ان بناء تي ته اهي به صدقي جي حرام هجڻ ۾ ساڻن شريڪ هوندا، پر ان قول ۾ گهڻو اختلاف آهي.

فائدو : حضور ڪريم جن جو ان مان صحابه ڪرام سان گڏجي کائڻ سندن اعلى اخلاق جو ثبوت آهي پاڻ پنهنجن صحابن سان رَليل مليل رهندا هئا. ۽ ان مان اهو به ثابت ٿيو ته مستحب آهي ته جنهن کي ڪو هديو ملي ته اهو محفل ۾ موجود ٻين ماڻهن کي به ان مان ڪجهه ڏي ۽ ان قول جي تائيد ان حديث سان به ٿئي ٿي. مَنۡ اُهۡدِيَ لَهٗ هَدِيَةُ فَجُلَسَاؤهٗ شُرَکَاؤهٗ (جنهن کي ڪو هديو ڏنو وڃي ته ان جا گڏ وهندڙ به ان ۾ ان جا شريڪ آهن) ۽ مجلس ۾ ويهندڙن مان مُراد هميشه گڏ رهندڙ آهن اهي ناهن جيڪي ان مهل گهڙي کن جي لاءِ آيا هجن، ۽ الله جي پيارن بعض ولين کان منقول آهي ته ”ان کي درهم ۽ دينار هديي ۾ ڏنا ويا ته سندس خدمت ۾ موجود بعض مجلس وارن عرض ڪيو ته. سائين هديا شرڪت ڪيل آهن“ ته ان جواب ۾ فرمايو”اسين ڀائيواري ۽ شراڪت کي پسند نه ٿا ڪيون.“ پوءِ ان چوندڙ جي ڪيفيت متغير ٿي ته شايد سائين سمجهيو ته مان اڪيلو اهو وٺڻ ٿو گهران. الله جي ولي ان کي فرمايو ته ” تون اڪيلو اهو هديو کڻ“ ان وٺي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر کڻي نه سگهيو الله جي ولي پنهنجن ڪجهه شاگردن کي فرمايو ته ”هن کي کڻايو پوءِ انهن ان جي مدد ڪئي.“ ۽ حضرت امام ابو يوسف ߋ کي درهم ۽ دينار هديي ۾ مليا ته سندس مجلس وارن مان هڪڙي ڪنهن چيو ته يَا مَوۡلَانَا اَلۡهَدَايَا مُشۡتَرِکَةُ (اي اسان جا سائين! هديا شراڪت ڪيل آهن) ته فرمايائون. الهدايا ۾ ”ال“ عهد جو آهي ۽ معهود طعام جو هديو آهي. يعني طعام هديي ۾ ملي ته اهو گڏجي کائبو ۽ باقي درهم ۽ دينار مشترڪ ناهن.

علامه بيجوري ߋ هي ٻئي واقعا ذڪر ڪري لکيو آهي ته ”ڏسو اولياء ڪرام ۽ فقهاءِ عظام ۾ ڪيترو فرق آهي محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته ”هڪ زاهد صوفي جي لاءِ اهو ئي مناسب هو جيڪو ان ڪيو ۽ هڪ فقيه امام ابو يوسف لاءِ اهو مناسب هو ۽ هي سچ آهي امام ابو يوسف ߋ فقھ جو مشهور امام آهي اهو جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته هر هديه مان مجلس ۾ موجود ماڻهن کي حصو ڏيڻ شرعي مسئلو ٿي وڃي ها ۽ امت جي لاءِ دِقت ٿئي ها. حضرت شاهه ولي الله دهلوي ߋ  هڪ ڪتاب ”المبشرات“(ننڊ ۾ ملندڙن بشارتن) جي بيان ۾ لکيو آهي جنهن ۾ گهڻا عجيب واقعا ذڪر فرمايا اٿس. انهن مان هڪ هي واقعو پنهنجي والد مرحوم جو آندو اٿس. سندس والد فرمايو ته ”هڪ ڀيري مون کي ابتدائي زماني ۾ شوق ٿيو ته هميشه روزا رکندو ڪيان ان کان پوءِ ان ۾ علماء جي اختلاف جي ڪري مون کي ان ۾ ترديد ٿي. خواب ۾ نبي ڪريم جن جي زيارت ٿي ۽ پاڻ مون کي هڪ ماني عطا فرمايائون، سندن خدمت ۾ حضرت ابو بڪر صديق d به موجود هيو. ان فرمايو تهاَلۡهَدَايَا مُشۡتَرَکَةُٗ (يعني هديا شراڪت ڪيل آهن) مون اها ماني ان جي اڳيان رکي ۽ ان انهيءَ مان هڪ ٽڪر کنيو. حضرت عمر فاروقِ اعظم d به ان مجلس ۾ موجود هيو ان به فرمايو ته اَلۡهَدَايَا مُشۡتَرَکَةُ مون اها ماني ان جي اڳيان رکي ان به هڪ ٽڪر کنيو. حضرت عثمان غني d به محفل ۾ موجود هيو ان به فرمايو اَلۡهَدَايَا مُشۡتَرَکَةُ مون ان کي عرض ڪيو ته ”جيڪڏهن هن مانيءَ کي اوهان سڀني ٽڪر، ٽڪر ڪري کنيو ته مون لاءِ ڇا بچندو؟                                                                                                                                                                   (خصائل نبوي ص 28)

سوال : جيڪا کجي حضرت عمر d لڳائي هئي ان کجور ڇو نه ڏني؟

جواب : حضور ڪريم ۽ حضرت عمر d  جي شان ۾ فرق ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڇوته کجين جي کارڪ ڏيڻ رسول الله جو معجزو هو.

فائدو : حضرت عمر d جي لڳايل کجيءَ جو ڦر نه ڏيڻ ۽ حضور ڪريم جن جي طرفان ان کي پٽي وري لڳائڻ ۾ سندن ٻه معجزا ظاهر ٿيا هئا هڪ اڻ مندائتي چڪي لڳل جو وڏو ٿيڻ ٻيو ان ئي سال ان جو ڦر به ڏيڻ.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن روايت ڪئي آهي : هن حديث جي سند حسن آهي هنن محدثن به اها آندي آهي. {1}  الامام احمد في المسند ج 5 ص 354 {2} البزار في کتاب المناقب باب مناقب سلمان حديث رقم 2726 کشف الاستار ج 3 ص 268، 269 {3}  الطبراني في المعجم الکبير حديث رقم 6070 ج 6 ص 228 {4} احمد {5} البغوي في الشمائل حديث رقم 143 ج 1 ص 133 {6} البيهقي في الدلائل ج 6 ص 97.          

                 

}22} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ الْوَضَّاحِ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَقِيلٍ الدَّوْرَقِيُّ ، عَنْ أَبِي نَضْرَةَ الْعَوَقِيِّ قَالَ : سَأَلْتُ أَبَا سَعِيدٍ الْخُدْرِيَّ عَنْ خَاتَمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ - يَعْنِي خَاتَمَ النُّبُوَّةِ - فَقَالَ : كَانَ فِي ظَهْرِهِ بَضْعَةٌ نَاشِزَةٌ.

با محاوره ترجمو : حضرت ابونصرة d  چوي ٿو ته مون حضرت ابو سعيد خدري d  کان رسول الله جن جي مهر نبوت بابت پڇيو. تنهن تي ان چيو ته پاڻ سڳورن جـــــن جــي پُٺي مبارڪ تي گوشت جو اُڀريل ٽڪرو هو.

مفردات جو شرح : ”خاتم النبوَّةِ : هن مان مُراد نبوت جي مُهر مُراد آهي هٿ ۾ پائڻ واري مُنڊي مراد ناهي.”کَانَ“ : نَا قصہھ آهي هن جو اسم هن ۾ ضمير مستتر آهي جيڪو الخاتم لفظ ڏانهن وري ٿو. ان جي ڪري بِضۡعَةُ نَاشِيۡزَةُ يعني ٽڪرو، ناشزة، مٿي اڀرندڙ ب کي زبر زير پڙهي ويندي. ۽ اهو ”کَانَ“ جي خبر آهي . ”بِضۡعَة“ : گوشت جو ٽڪرو. ”نَاشزةً“ مٿي ٿيندڙ.

سمجهاڻي : حضرت حبيب ڪريم جي مٿان نبوت جي مُهر جو هجڻ معروف ۽ مشهور هو ان جي ڪري صحابه ڪرام عليهم الرضوان کان تابعين ڪرام پڇندا رهندا هئا. هن روايت ۾ حضرت ابو سعيد خدري dکان ابي نضرة به اهو سوال ڪري مُهر جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ ٿي گهري ۽ ان ٻڌايو ته اهو هڪ گوشت جو اڀريل ٽڪرو هو ۽ ان ۾ ”خاتم النبوة“ لفظ آڻي وضاحت ڪيائين ته حضور ڪريم جن جي مُنڊي مبارڪ واري مُهر مراد ناهي. ٻن ڪلهن جي وچ ۾ موجود هجڻ واري مُهر مُراد آهي.

فائدو : علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته مشڪواة المصابيح ۾ ابي رمثة کان روايت آهي ته مان پنهنجي پيءُ سان گڏ رسول الله جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيس ته منهنجي پيءُ حضور ڪريم جن کي عرض ڪيو ته ”مون کي اجازت ڏيو ته مان اوهان جي پاڪ پُٺيءَ (۾ موجود اڀرندڙ گوشت) جو علاج ڪيان. مان طبيب آهيان“ حضور ڪريم جن ان کي ارشاد فرمايو ته تون رفيق (يعني نرمي ڪندڙ) آهين ۽ طبيب الله آهي.“ مشڪواة شريف جي شارح الطيبي هن جي وضاحت ۾ فرمايو ته ”ابي رمثة جي پيءُ سمجهيو  ته شايد اهو اڀرندڙ گوشت جو ٽڪرو جسم جي ڪنهن بيماريءَ جي ڪري آهي. بدن جي فضلات جو مجموعو آهي پوءِ حضور ڪريم جن ان کي فرمايو ته ”اهو علاج ڪرڻ جي شيءِ ناهي، بلڪه تنهنجا الفاظ علاج جي قابل آهن جو تو پاڻ کي طبيب سڏيو آهي ۽ طبيب ته الله آهي جيڪو حقيقي دوا ڪندڙ سڄي جهان جو شافي، بيماريءَ ۽ دوا ٻنهي جي حقيقتن کي ڄاڻندڙ صحت ۽ بقا تي قادر آهي. تون ماڻهن جو علاج ڪرڻ جي ڪري انهن تي نرمي ڪندڙ آهين.  (جمع الوسائل ج 1 ص 71)

هن حديث کي ٻين هنن محدثن روايت ڪيو آهي: {1} البغوي في شمائلھ رقم الحديث 182، ج 1 ص 156 بسند حسن {2} احمد بنحوه في المسند ج 3 ص 69 {3} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 265 {4} رواه البخاري في التاريخ ج 4 ص 44 {5} تاريخ الطبري ج 2 ص 222

 

}23} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ الْمِقْدَامِ أَبُو الأَشْعَثِ الْعِجْلِيُّ الْبَصْرِيُّ قَالَ : أَخْبَرَنَا حَمَّادُ بْنُ زَيْدٍ ، عَنْ عَاصِمٍ الأَحْوَلِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سَرْجِسَ قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَهُوَ فِي نَاسٍ مِنْ أَصْحَابِهِ ، فَدُرْتُ هَكَذَا مِنْ خَلْفِهِ ، فَعَرَفَ الَّذِي أُرِيدُ ، فَأَلْقَى الرِّدَاءَ عَنْ ظَهْرِهِ ، فَرَأَيْتُ مَوْضِعَ الْخَاتَمِ عَلَى كَتِفَيْهِ مِثْلَ الْجُمْعِ حَوْلَهَا خِيلاَنٌ كَأَنَّهَا ثَآلِيلُ ، فَرَجَعْتُ حَتَّى اسْتَقْبَلْتُهُ ، فَقُلْتُ : غَفَرَ اللَّهُ لَكَ يَا رَسُولَ اللَّهِ ، فَقَالَ : وَلَكَ فَقَالَ الْقَوْمُ : أَسْتَغْفَرَ لَكَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ فَقَالَ : نَعَمْ ، وَلَكُمْ ، ثُمَّ تَلاَ هَذِهِ الآيَةَ { وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ } [سورة محمد : آيت 19 ].

بامحاوره ترجمو : حضرت عبدالله بن سرجس d کان روايت آهي ته آئون رسول الله جي خدمت ۾ آيس ۽ پاڻ سڳورا اصحابن سونهارن سان گڏ ويٺا هئا پوءِ سندس پٺي مبارڪ ڏي ڦري آيس ته پاڻ جن منهنجي (مهر نبوت ڏسڻ) جي ارادي کي سمجھي ويا ۽ پنهنجي پُٺيءَ تان چادر پري ڪيائون مون سندن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ مُهر نبوت ڏٺي جو هٿ جي مُٺ وانگر گوشت اڀريل هو. ان جي چوڌاري ڦڙن وانگر تِرَ هئا. مون مُهر نبوت کي چُميو پوءِ حضور جن جي سامهون اچي ويٺس ۽ دعا ڪيم ته اي الله جا رسول! الله   اوهان جي مغفرت فرمائي! پاڻ سڳورن به فرمايو ته توکي به الله بخشي! ان تي اصحابن چيو ته رسول الله تنهنجي لاءِ بخشش گھري ڇا؟

مون چيو ته هاؤ ۽ توهان لاءِ به بخشش گھريائون، پوءِ هي آيت پڙهيائين: ترجمو : (اي محبوب) پنهنجي خاص مسلمان  امتين مومنن ۽ مومنياڻين جي لاءِ بخشش طلب ڪريو.)

مفردات جو شرح : ”نَاسِ : ماڻهو هتي مراد اصحاب سڳورا عليهم الرضوان آهن. دُرتُ : ڦرڻ لڳس يعني حضور ڪريم جن جي اردگرد ڦرڻ شروع ڪيم.  ”اَلۡجُمۡعِ : بند ٿيل مُٺِخِيلَانُ : تِرَ خال جو جمع آهي. ثاليل : ڦُڙها، ننڍا ننڍا داڻا.

سمجهاڻي: حضرت عبدالله بن جرجس صحابي d کي حضور ڪريم جن جي نبوت واري مُهر ڏسڻ جو شوق هو. پاڻ صحابه ڪرام عليهم الرضوان  سان گڏ ويٺا هئا ته حضرت عبدالله بن سرجس d اچي سندن پويان ڦرڻ لڳو. نبي ڪريم جن راز ڄاڻندڙ هئا. سندس دل جي خواهش کي سمجهي ويا ته اهو نبوت واري مهر کي ڏسڻ گهري ٿو. ان جي ڪري ان تي شفقت ڪندي پنهنجي پاڪ پُٺيءَ تان ڪپڙو  مٿي کنيائون ۽ حضرت  عبدالله بن جرجس d نبوت جي مُهر جي زيارت ڪري ورتي. حضرت عبدالله بن جرجس d حضور ڪريم جي ان احسان جو شڪريو هن طرح ادا ڪيو جو محبوب آقا جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪيائين (حالانڪه پاڻ ڪريم جن گناهه ڪرڻ ته ڇا پر گناهه جي تصور ۽ سوچ کان به پاڪ آهن) محبوب ڪريم جن ان کي ڏکيو نه سمجهيو پر صحابي جي محبت ڀريل لفظن جو جوابهَلۡ جَزَاءُ الۡاِحۡسَانِ اِلَّا الۡاِحۡسَانُ

  (احسان جو بدلو به احسان آهي) جي مطابق ڏيندي ان جي لاءِ مغفرت جي دعا فرمايائون. اها دعا ٻڌي صحابه ڪرام عليهم الرضوان  حضرت عبدالله بن جرجس d کي فرمايو ته ڇا تو لاءِ رسول الله جن مغفرت جي دعا فرمائي. (مطلب ته تنهنجا ڀاڳ ڀلا آهن جو توتي اهڙي مهرباني ٿي آهي) ان فرمايو ته هائو. ۽ اوهان جي لاءِ به.“ حضور ڪريم مغفرت جي دعا ڪندا آهن. يا حضور ڪريم جن صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي فرمايو ته اوهان لاءِ به مغفرت جي دعا آهي ان کان پوءِ هيءَ آيت وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ حضرت عبدالله بن سرجس d  پڙهي يا حضور ڪريم جن . ٻه قول آهن. حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ” روايت ۾ آيل لفظ ”هذا“ مان واضح ٿيو ته حضرت عبدالله بن سرجس d ٻين کي ائين ڪري ڏيکاريو جيئن پاڻ حضرت رسول الله جن جي پويان ڦريو هو. ۽ هن روايت ۾ آيو آهي عَلٰي کَتَفَيۡہِ سندن پاڪ ڪلهن تي. ان مان مراد اها ناهي ته اها مُهر ڪلهن تي لڳل هئي. پر اها ائين بلند محسوس ٿيندي هئي. ڄڻ ڪلهن تي لڳل آهي ۽ صحيح مسلم ۾ حضرت سيدنا عبدالله بن جرجس d کان هيئن روايت آهي ته مون رسول الله جن جو ديدار ڪيو ۽ سندن (پاڪ ذات عالي صفات) سان گڏجي گوشت ۽ ماني يا چيائين ”ثريد“ کاڌو ۽ کائڻ کان پوءِ سندن پويان مُهر ڏسڻ جي لاءِ ڦرڻ لڳو هوس. علامه موصوف ߋ ٿورو اڳتي لکيو آهي ته علامه قسطلاني ߋ لکيو آهي ته ”نبوت جي مُهر جو کاٻي ڪلهي واري پاسي هجڻ ۾ اهو راز هو جو دل به کاٻي پاسي آهي ۽ هڪ منقطع روايت ۾ آيو آهي ته هڪ شخص الله کان دعا گهري ته ”مون کي بدن ۾ شيطان واري جاءِ ڏيکار.“ پوءِ ان کي ننڊ ۾ شيشي وانگر جسم ڏيکاريو ويو جنهن جو اندر ٻاهران ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو. ۽ ان ۾ اندر شيطان ڏيڏر جي صورت ۾ کاٻي ڪلهي جي قريب قلب ”دل“ کي ويجهو ويٺو هو. ان کي مڇر وانگر سونڍ هئي. جنهن کي ان جي دل ۾ داخل ڪري وسوسا وجهي ٿو. ٻانهو جڏهن الله کي ياد ڪندو آهي ته اهو پري ٿي ويندو آهي. اها روايت ابن عبدالبر قوي سند سان ميمون بن مهران تائين عمر بن عبدالعزيز d کان آندي آهي ۽ اها روايت الفائق جي صاحب به آندي آهي ۽ سعيد بن منصور عروة بن رديم جي سند سان آندو آهي ته حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام الله کي عرض ڪيو ته ”کيس انسان ۾ شيطان جي جاءِ ڏيکاري.“ پوءِ الله ان کي ڏيکاري ۽ ڏٺائين ته شيطان جو مٿو نانگ جي مٿي وانگر هو جيڪو قلب جي مٿان رکيل هو. پوءِ جڏهن ٻانهو رب کي ياد ڪري ٿو ته اهو پري ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن انسان غافل ٿو ٿئي ته اهو وسوسا وجهڻ شروع ڪري ٿو ۽ سهيلي ߋ فرمايو ته ”نبوت جي مُهر جو کاٻي پاسي هجڻ ۾ اها به حڪمت آهي ته رسول الله جن جو قلب مبارڪ حڪمت ۽ يقين سان ڀريل آهي هي ڄڻ ان جي مٿان مُهر لڳل آهي جيئن مُشڪ وغيره سان ڀريل ٿانوَ تي مٿان مُهر هڻي ڇڏبي آهي پر سندن کاٻي ڪلهي جي ويجهو رکڻ ۾ اها حڪمت هئي جو پاڻ شيطان جي وسوسن وجهڻ کان پاڪ آهن.۽ شيطان جي به اها جاءِ هوندي آهي ته اها بند ڪئي وئي.

حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته حضرت عبدالله بن جرجس d جي حضور ڪريم لاءِ مغفرت جي دعا ائين آهي، جيئن قرآن ڪريم جي آيت ۾ لِیَغْفِرَ لَکَ اللھ مَا تَقَدَّمَ مِنۡ ذَنۡۢبِکَ وَ مَا تَاَخَّرَ(سورة الفتح آيت 2) ۾ آيل آهي ۽ ان مان مراد امت جي مغفرت آهي. يا ان مغفرت جو اثبات ۽ دوام آهي ۽ حضور ڪريم جن جو ان کي فرمان ته وَلَکَ“ (۽ توکي به) اها ان جي لاءِ خصوصي دعا آهي جو ان ايمان آڻي، حضور ڪريم تي يقين رکي سندن نبوت واري مُهر جي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ”حضرت عبدالله بن سرجس d جو قول ته فَعَرَفَ الَّذِيۡ اُرِيۡدُ پوءِ رسول الله جن منهنجي مراد کي سُڃاتو.“ ان مان مراد اها آهي ته رسول الله جن نبوت جي نور سان سڃاتو هو.

فائدو : الله جي ولي شيخ الاسلام الحافظ ابوزرعة عراقي ߋ کان پڇيو ويو ته ”نبوت جي مُهر مصطفى جي خصائص مان آهي ۽ ڇا اها ڄمڻ جي وقت کان هئي؟ ۽ ڇا ان سان گڏ دفن ڪيا ويا هئا؟ ته پاڻ فرمايائين اها مصطفى ڪريم جي خصائص مان آهي ٻين نبين عليهم السلام تي لڳل نه هئي ۽ اها روايت ثابت ناهي ته ڄمڻ  وقت به هئي. اها پوءِ جبريل سندن ٻن ڪلهن جي وچ تي هنئي هئي. پر اها کين دفن ڪرڻ مهل به هئي ساڻن گڏ دفن ٿي ڇوته سندن جسم جو ٽڪرو هئي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 72، 74)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} مسلم بنحوه في ڪتاب الفضائل باب 30. اثبات خاتم النبوة وصفتھ و محلہھ من جسده رقم الحديث 2346 ج 4 ص 1823، 1824 {2} النسائي في ڪتاب التفسير من سننہھ الڪبرى باب 333 قوله تعالى وَلِلۡمُؤۡمِنِيۡنَ وَالۡمُؤۡمِنَاتِ رقم الحديث 1496 ج 6 ص 460 {3} النسائي في عمل اليوم والليلة له رقم الحديث 422 ص 318 {4} احمد في المسند ج 5 ص 82، 83 {5} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 426 {6} الطبري في تفسيره ج 11 ص 318 {8} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 1513 ، ج 3 ص 131 {9} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 263، 264.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting