خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب چوٿون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي تَرَجُّلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

رسول الله جي ڦڻي ڏيڻ جو بيان

 

سمجهاڻي : هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾ حضور ڪريم جن جي وارن کي ڦڻي ڏيڻ ۽ سينگارڻ رنگ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو ذڪر آهي ۽ اها نظافت ۽ صفائي آهي جنهن جي لاءِ سيدنا رسول الله جن جو فرمانِ عاليشان آهي. اَلنِّظَافَةُ مِنَ الۡاِيۡمَانِ (يعني صفائي ايمان جو حصو آهي) ۽ ابو داؤد جي روايت ۾ آهيمَنۡ کَانَ لَھ شَعۡرُٗ فَلۡيُکۡرِمۡہُ (جنهن کي وار هجن اهو انهن جي عزت (يعني صفائي) ڪري) هن باب ۾ پنج حديثون آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 114) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته دينِ اسلام ۾ نظافت ۽ صفائي لاءِ ترغيب ڏياريل آهي. الله جو فرمانِ عاليشان آهي ته: خُذُوۡا زِیۡنَتَكُمْ عِنۡدَ كُلِّ مَسْجِدٍ (سورة اعراف آيت 31)   ۽ ظاهر جي صفائي باطن جي صفائيءَ جو عنوان آهي. المؤطا ۾ حضرت زيد بن اسلم کان ان عطاء بن يسار کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن هڪ شخص کي ڏٺو ته ان جا مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي کِنڊريل هئا. پاڻ ان کي مٿي جي وارن ۽ ڏاڙهي جي وارن جي ٺاهڻ جو اشارو فرمايائون .“ هيءَ حديث صحيح سند سان آهي ان جو شاهد حضرت جابر d جي روايت آهي جيڪا ابو داود ۽ النسائي حسن، سند سان آندي آهي. (جمع الوسائل  ج 1 ص 82)  ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته اِنَّ اللهُ تَعَالٰي نَظِيۡفُٗ يُّحِبُّ النِّظَافَةَ الله پاڪ، صاف آهي صفائيءَ کي پسند ٿو فرمائي. (انوارِ غوثيه ص 59)  اَلتَّرَجُّلُ جي بجاءِ اَلتَّرۡجِيۡلُ وارن جي سهڻي رکڻ ۽ ٺاهڻ کي چيو ويندو آهي ۽ هتي محدث ترمذي ߋ اَلتَّرۡجِيۡلُ جي بجاءِ اَلتَّرَجُّلُ کي اختيار ڪيو آهي ڇوته حديثن ۾ اهو لفظ گهڻو آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 115) هن باب ۾ پنج حديثون آهن.

 

}32} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنُ بْنُ عِيسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكُ بْنُ أَنَسٍ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كُنْتُ أُرَجِّلُ رَأْسَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا حَائِضٌ.

بامحاوره ترجمو : حضرت عائشه صديقه g چوي ٿي ته آئون رسول الله جي مٿي مبارڪ کي ماهواري جي ڏينهن ۾ ڦڻي ڏيندي هيس.

مفردات جو شرح : ”کُنۡتُ اُرَجِّلُ : (الف جي پيش را جي زبر جيم جي زير ۽ شد سان) ڦڻي ٿي ڏنم.رَاسَ“ : هتي مضاف محذوف آهي. اي شعر راس رسول الله يعني رسول الله جي مٿي جي وارن کي  وَاَنَا حَائِضَ“ : جمله حاليه آهي حيض واري.

سمجهاڻي : هن حديث مان هي مسئلا معلوم ٿين ٿا : (1) مٿي جي وارن کي ڦڻي ڏيڻ مستحب آهي ۽ اهڙي طرح ڏاڙهيءَ جي وارن کي. جيئن صراحت سان اڳتي روايت اچي رهي آهي. (2) حيض واري عورت جو بدن ، پگهر ۽ هٿ پاڪ آهن جيستائين انهن کي رت لڳل ناهي ۽ ان تي اجماع آهي. (3) حيض واري عورت جو رڌل ۽ پچايل کاڌو به پاڪ آهي. ان سان گڏ اٿڻ، ويهڻ ۽ ان جي رضا سان ان کان خدمت وٺڻ جائز آهي.  ۽ عورت جي لاءِ مناسب آهي ته حيض جي حالت ۾ جماع کان سواءِ مڙس جي خدمت پاڻ ڪري. (4) حيض واري مسجد ۾ داخل نه ٿيندي.

 (جمع الوسائل شرح المناوي علي حاشيتہھ ج 1 ص 83)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في ڪتاب الحيض باب غسل الحائض راس زوجها و ترجيله رقم الحديث 295 ج 1 ص 401 {2} احمد في المسند ج 6 ص 50، 100، 204، 208. {3} مالڪ في المؤطا، ڪتاب الطهارة باب 28 جامع الحيضة رقم الحديث 102 ج 1 ص 60 {4} الدارمي في ڪتاب الوضوء باب 108 {5} ابن حبان في صحيحہھ رقم الحديث 1359 ج 4 ص 193 {6} البيهقي في سننہھ الڪبرى ج 1 ص 186 {7} ابن عوانة في مستخرجہھ ج 1 ص 312 .

 

}33} حَدَّثَنَا يُوسُفُ بْنُ عِيسىٰ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا الرَّبِيعُ بْنُ صَبِيحٍ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبَانَ هُوَ الرَّقَاشِيُّ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُكْثِرُ دَهْنَ رَأْسِهِ وَتَسْرِيحَ لِحْيَتِهِ ، وَيُكْثِرُ الْقِنَاعَ حَتَّى كَأَنَّ ثَوْبَهُ ثَوْبُ زَيَّاتٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d چوي ٿو، ته رسول ڪريم ، رؤف رحيم پنهنجي مٿي مبارڪ ۾ تيل گهڻو مکيندا هئا ۽ ڏاڙهي مبارڪ کي ڦڻي به گهڻي ڏيندا هئا ۽ پنهنجي پڳ مبارڪ هيٺان رومال به رکندا هئا، ۽ اهو رومال تيل سان سڻڀو ٿي پوندو هو. 

مفردات جو شرح : ”يُکۡثِرُ“ : ڪثرت کان ورتل ، گهڻا وقت دهن“  :  تيل هڻڻ، دُهن تيل تَسۡرِيۡحُ : هن لفظ جون مختلف معنائون آهن. ڇڏي ڏيڻ، موڪل ڪرڻ، طلاق ڏيڻ، آسان ڪرڻ ، کولي ڇڏڻ، هي لفظ جڏهن وارن جي ذڪر ۾ اچي ته ان مان مراد وارن کي ڪنگو ڏيڻ هوندو. قِنَاع“ : نقاب،گهونگهٽ، قِناع جو جمع اَقناعُ ۽ اقنعة آهي ثَوۡبُ“ : ڪپڙو زَيۡتُ“ : تيل زَيَّاتِِ“ : تيل وارو.

سمجهاڻي : حضرت انس بن  مالڪ d جي هن ارشاد مان واضح ٿيو ته رسول الله جن گهڻو تيل هڻڻ سان گڏ پنهنجي ڏاڙهي مبارڪ کي ڦڻي به گهڻي ڏئي ان جا وار سڌا ۽ سهڻا بيهاريندا هئا. ابن الجوزي ߋ ڪتاب ”الوفا“ ۾ حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن جڏهن رات جو آرام ڪرڻ جي لاءِ بستري تي تشريف فرماٿيندا هئا. ته سندن جي لاءِ ڏندڻ ، وضوء جو پاڻي ۽ سندن ڦڻي رکي ويندي هئي. پوءِ جڏهن الله (کين تهجد جي نماز لاءِ) سجاڳي ڏيندو هو ته ڏندڻ ڏئي وضو ڪري ڦڻي ڏيندا هئا. ۽ خطيب بغدادي الڪفايه (ڪتاب) ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته پنج شيون سيدنا رسول الله جن سفر ۾ توڙي حضر ۾ نه ڇڏيندا هئا. (1) آئينو (2) سرميداڻي (3) ڦڻي (4) ڏندڻ (5) المدراء (وارن کي سڌو ڪرڻ واري ڪاٺي)

هڪ روايت ۾ آهي ته تيل جي رکڻ واري شيشي ۽ طبراني اوسط ۾ ٻي سنَد سان حضرت ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته حضور ڪريم جن پنهنجو ڏندڻ ۽ پنهنجي ڦڻي سدائين گڏ رکندا هئا. ڏاڙهي مبارڪ کي ڦڻي ڏئي  آئيني ۾ ڏسندا هئا ۽ ٻي روايت ۾ سيده عائشه صديقه g کان آيو آهي ته ”ست شيون اهڙيون هيون جن کي رسول الله جن هميشه پاڻ سان گڏ رکندا هئا. (1) تيل جي شيشي (2) ڦڻي (3) آئينو (4) سرميداڻي (5) ڏندڻ (6) ڪينچي ۽ (7) المدراء (حديث جو راوي حسين بن علوان جو قول آهي ته) مون هشام کان پڇيو ته ”المِدراءُ“ (ميم جي زير سان) ڇا آهي؟ ان چيو ته ڪاٺي آ جيڪا عورت پنهنجي مٿي جي وارن جي چڳن کي جدا رکڻ لاءِ وارن ۾ داخل ڪندي آهي ۽ مذڪور حديث ۾ القناع جو ذڪر آهي. ان مان مراد اهو ڪپڙو آهي جنهن کي پاڻ ڪريم جن پڳ مبارڪ جي هيٺان رکي مٿان پڳ ٻڌندا هئا ته پڳ مبارڪ سڻڀي نه رهي. ان ۾ نظافت ۽ صفائي آهي ۽ هن روايت ۾ جو آيو آهي ته سندن ڪپڙو اهڙو هو جيئن تيل جي گهاڻي واري جو هوندو آهي.

علامه علي قاري ߋ ان قول کي رد ڪندي فرمايو ته اهو قول انڪار ڪيل آهي ڇوته حديث جو راوي الربيع بن صبيح عابد، زاهد ته هو پر حديث جو فن ان کان مٿي هو. سيدنا رسول الله جن نهايت نظافت وارا ڪپڙا پائيندا هئا. ۽ هر لحاظ سان تمام گهڻا سهڻا هئا ۽ اها ڳالهه ثابت آهي ته پاڻ هڪ شخص کي ميرا ڪپڙا ڏسي فرمايائون ته ”ڇا هن کي ڪپڙن ڌوئڻ وارو ڪونه ٿو لڀي؟ ۽ پاڻ ائين فرمايائون ته . پنهنجن ڪپڙن کي ٺاهي پايو.“ ۽ ڪجهه علماء هن قول کي صحيح قرار ڏنو آهي ۽ لکيو آهي ته ” اهو ٻين سندن سان به ثابت آهي.  وَاللهُ تَعَاليٰ اَعۡلَمُ

 (جمع الوسائل و شرح المناوي علي حاشيتہھ ج 1 ص 84، 85)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 149 {2} البيهقي في الشعب ج 5 ص 226 {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 1073،1074 ج 2 ص 186

}34} حَدَّثَنَا هَنَّادُ بْنُ السَّرِيِّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الأَحْوَصِ ، عَنِ أَشْعَثِ بْنِ أَبِي الشَّعْثَاءِ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ مَسْرُوقٍ ، عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ : إِنْ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَيُحِبُّ التَّيَمُّنَ فِي طُهُورِهِ إِذَا تَطَهَّرَ ، وَفِي تَرَجُّلِهِ إِذَا تَرَجَّلَ ، وَفِي انْتِعَالِهِ إِذَا انْتَعَلَ.

بامحاوره ترجمو : حضرت عائشه g چيو ته رسول الله پاڪائي ڪرڻ  ۽ ڦڻي ڏيڻ  ۽ جُتي پائڻ ۾ ساڄي پاسي کان شـروع ڪرڻ پسند ڪندا هئا.

مفردات جو شرح : ”التَّيمُّنُ سڄي کان شروع ڪرڻ  التَّرَجُّلُ ڦڻي ڏيڻ، انۡتِعَال جُتي پائڻ.

سمجهاڻي: سيده عائشه صديقه g جي هن فرمان مان واضح ٿيو ته حضور ڪريم جن پاڪائي ڪرڻ، وضو وغيره ۾ ڦڻي ڏيڻ ۽ جُتي مبارڪ پائڻ ۾ ساڄي پاسي کان شروعات ڪرڻ سان محبت رکندا هئا. علامه بيجوري لکيو آهي ته پاڻ ان جي ڪري اهو پسند ڪندا هئا جو ان سان سهڻي فال وٺندا هئا. ۽ ان جي ڪري به جو ساڄي هٿ ۾ اعمالنامو ملڻ وارا جنتي هوندا. ۽ فِيۡ طُهُوۡرِهٖ کان پوءِ اِذَا تَطَهَّرَ وري ان جي ڪري آندائين ته ان سان سندن محبت جو اظهار ٿئي. ۽ محبت تي دلالت ڪري ۽ حضرت حبيب ڪريم جن جڏهن مٿي  جي  وارن مبارڪن  ۽ ڏاڙهي پاڪ کي تيل هڻندا هئا.  يا ڦڻي  ڏيندا هئا ته به ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا. جُتي مبارڪ پائڻ وقت به اول ساڄو پير مبارڪ جُتيءَ م داخل فرمائيندا هئا. ۽ هن حديث جي اندر ڪجهه روايتن ۾ فِيۡ شَانِھ کُلِّہٖ (پنهنجي هر ڪم ۾) به آيو آهي. مطلب ته صرف مذڪوره ٽن ڪمن ۾ نه بلڪه حضور ڪريم جن هر ڪم کي ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا. ۽ هن ۾ اصل قاعدو هي آهي ته ”جنهن شيءِ جو وجود زينت ۽ شرافت آهي ان جي پائڻ ۾ ساڄي پاسي کان شروع ڪرڻ اولى ۽ افضل آهي جيئن جوتا پائڻ ۽ ڪپڙا ڍڪڻ وغيره ۽ جنهن شيءِ جو وجود زينت ۽ شرافت ناهي ان ۾ کاٻي سان شروعات ڪئي ويندي. جيئن پائخاني ۾ وڃڻ وقت کاٻو پير اندر داخل ڪبو ۽ ان مان نڪرڻ وقت ساڄو پير اڳ ۾ ٻاهر ڪڍبو پر ان جي برخلاف مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت ساڄو پير داخل ڪبو ۽ نڪرڻ وقت اول کاٻو پير ٻاهر رکبو پوءِ ساڄو.  (خصائل نبوي ص 37)

علامه بيجوري ߋ لکيو آهـــــي ته ”امام بخاري ߋ جي روايت ۾ مَا اسۡتَطَاعَ لفظ وڌيڪ آهي. ان جو مطلب ته جيتري قدر ٿي سگهندو ته ان عمل تي هميشگي ڪندا هئا. علامه نووي ߋ مٿيون اصل قاعدو بيان ڪيو آهي ۽ محدث بيجوريߋ ابو داؤد جي حوالي سان ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت آندي آهي ته ”سيدنا رسول الله جن جو ساڄو هٿ مبارڪ وضو وغيره پاڪائي ۽ کائڻ جي لاءِ هو ۽ کاٻو هٿ بيت الخلاء ۾ ۽ ٻيء صفائي ڪرڻ لاءِ هو. (المواهب شرح الشمائل ص 119) پاڻ ڪنهن کي ڪا شيءِ ڏيڻ، ڪنهن کان ڪا شيءِ وٺڻ، مٿي مبارڪ ۽ چپن پاڪن جا وار ڪٽڻ ، ڏندڻ ڏيڻ، سرمو پائڻ، ننهن ڪٽڻ، الغرض ته سڀ امورِ حسنہھ ۾ ساڄي کان شروعات ڪندا هئا.

ننهن ڪٽڻ جو مسنون طريقو : ننهن ڪٽڻ جو مسنون طريقو هي آهي ته ”پهريان اشهد آڱر کان شروع ڪري پوءِ وچين آڱر پوءِ ان جي ڀرواري آڱر پوءِ آڱوٺي جا ننهن لاهي، پوءِ وري کاٻي هٿ جي چيچ (ننڍي آڱر) کان شروع ڪري ان کان پوءِ وچ واري آڱر ان کان پوءِ شهادت واري آڱر ان کان پوءِ آڱوٺي جا ننهن لاهي ۽ پيرن جا ننهن ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ۽ ترتيب سان کاٻي پير جي چيچ تي ختم ڪري.  ((انوارِ غوثيہھ ص 62) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته: اهو حڪم تيمم ۽ موزن ڍڪڻ ۽ سمهڻ، کائڻ، پيئڻ کي به شامل آهي. علماء جو اجماع آهي ته ”وضو ۾ ساڄي هٿ سان شروعات ڪرڻ سنت آهي جيڪڏهن ڪنهن کاٻي هٿ سان شروعات ڪئي ته ان کي سنت تي عمل جي ڀلائي نه ملندي پر وضو ٿي ويندو ۽ علماء مان مراد علماء اهل السنة والجماعةآهن. علامه ابن دقيق العبد فرمايو تهفِيۡ شَانِھ کُلِّہٖ وارو جملو مخصوص منھ البعض آهي ڇوته بيت الخلاء ۾ داخل ٿيڻ ۽ مسجد مان ٻاهر نڪرڻ ۾ کاٻو پير اڳ ۾ رکبو آهي. (جمع الوسائل ص 86)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري  في ڪتاب الوضوء باب (31) التيمن في الوضوء والغسل رقم الحديث 168 ج 1 ص 269 {2} مسلم في ڪتاب الطهارة باب 19 التيمن في الطهور وغيره رقم الحديث 268 ج 1 ص 226 {3} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 43 الانتعال حديث رقم 4140 ج 4 ص 70 عن حفص بن عمر {4} النسائي في ڪتاب الطهارة  باب 90  باي الرجلين يبدءُ الغسلَ ج 1 ص 78 {5}  ابن ماجہھ في ڪتاب الطهارة وسننها باب 42 التيمن في الوضوء رقم الحديث 401 {6} ابن خزيمة في صحيحھ رقم الحديث 179 ج 1 ص 91 {7} البيهقي في سننھ ج 1 ص 86، 216 و في شعب الايمان ج 5 ص 179 ، 180 {8} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 219، 220.

}35} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ حَسَّانَ ، عَنِ الْحَسَنِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مُغَفَّلٍ ، قَالَ : نَهَى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عنِ التَّرَجُّلِ إِلَّا غِبًّا.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن مغفل d چيو ته رسول الله جن روزانو ڦڻي ڏيڻ کان منع ڪئي مگر دير سان (هڪ نه ٻئي ڏينهن ڦڻي ڏيو.)

مفردات جو شرح : ”غِبًّا دير، دير سان.

سمجهاڻي: حضرت عبدالله بن مغفل d جي روايت مان معلوم ٿيو ته ڦڻي هر هر نه ڏجي دير دير سان ڏجي . علامه قاضي عياض ߋ فرمايو ته ان مان مراد ان تي مداومت ۽ ان جو گهڻو اهتمام ڪرڻ آهي جڏهن ته عورتن جي عادت هوندي آهي ته اهي هر هر ڦڻي وغيره ڪنديون آهن تڏهن مردن کي ان کان روڪيو ويو آهي . ۽ ڪجهه علماء فرمايو آهي ته ”هر هر ڦڻي ڏيڻ ڪراهت تنزيهي آهي. علامه ابن العربي ߋ لکيو آهي ته مُوَالَاتُھ تَصۡنُّعُٗ وَ تَرۡکُھ تَدَنُّسُٗ وَ اِغۡبَابُھ سُنَّةُٗ ڦڻي هر هر ڏيڻ رياء ۽ وڏائي آهي. ۽ ان جو ڇڏي ڏيڻ گدلائپ آهي ۽ دير سان ڏيڻ سنت آهي. (انوار غوثيه ص 63) ۽  دير سان ڏيڻ هي آهي جو هڪ ڏينهن ڦڻي ڏئي هڪ ڏينهن نه ڏي. ۽ حضرت حسن بصري d  کان نقل آهي ته اهو هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڦڻي ڏيندو هو. “ (جمع الوسائل ج 1 ص 87)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الترجل في فاتحتھ رقم الحديث 4149 ج 4 ص 75 {2} الترمذي في ڪتاب اللباس باب 22 باب ماجاء في الترجل الاغبا رقم الحديث 1756 ج 4 ص 234 {3} النسائي في ڪتاب الزينة باب 7 الترجل غبا ج 8 ص 132 {4} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5484 ج 12  ص295 {5} احمد في المسند ج 4 ص 86 {5} ابو نعيم في الحُلية ج 6 ص 276 {6}. البيهقي في الشعب ج 5 ص 226 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3165 ج 12 ص 83.

 

}36} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ عَرَفَةَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ السَّلاَمِ بْنُ حَرْبٍ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبِي خَالِدٍ، عَنْ أَبِي الْعَلاَءِ الأَوْدِيِّ،  عَنْ حُمَيْدِ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، عَنْ رَجُلٍ مِنْ أَصْحَابِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَرَجَّلُ غِبًّا.

بامحاوره ترجمو : حميد بن عبدالرحمان حضور  ڪريم جي اصحابن سڳورن مان هڪ اصحابي سڳوري کان روايت ڪري ٿو ته رسول الله جن ڪڏهن ڪڏهن يا هڪ نه ٻئي ڏينهن ڦڻي ڏيندا هئا.

مفردات جو شرح نئون ناهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ڪڏهن ڪنگي يا ڦڻي ڏيڻ جو ذڪر آيو آهي. اهڙي طرح نسائي حُميد بن عبدالرحمان کان روايت آندي آهي ته مان هڪ شخص سان مليس جنهن حضرت ابو هريره d وانگر چار سال حضور ڪريم جي صحبت ڪئي هئي. ان چيو ته اسان کي رسول الله جن هر روز ڦڻي ڏيڻ کان روڪيو هو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته حديث جو مطلب هي آهي ته هڪ ڏينهن ڦڻي ڏيندا هئا هڪ ڏينهن نه ڏيندا هئا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البغوي في الشمائل رقم الحديث 1082 ج 2 ص 685 .

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting