خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٻاويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي تَكَأَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾

 رسول الله جي ٽيڪ ڏئي ويهڻ جو بيان آهي

 

 سمجهاڻي: تِکَاةُ لِمۡزَةُ جي وزن تي. اها شيءِ جنهن تي ٽيڪ ڏئي ويهجي. ان ۾ وهاڻو ۽ هر اها شيءِ داخل آهي جيڪا ٽيڪ ڏئي ويهڻ جي لاءِ تيار ڪئي وڃي پر ان ۾ انسان داخل ناهي ڀلي ان تي ٽيڪ ڏني وڃي ڇو ته اهو ٽيڪ ڏئي ويهڻ جي لاءِ تيار ڪيل ناهي. هن باب ۾ حضور ڪريم جي کاڌي کائڻ وقت ٽيڪ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي هيئت بيان ڪيل آهي. هن باب ۾ چار حديثون آهن.

 

}130} حَدَّثَنَا عَبَّاسُ بْنُ مُحَمَّدٍ الدُّورِيُّ الْبَغْدَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ ، عَنِ إِسْرَائِيلَ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مُتَّكِئًا عَلَى وِسَادَةٍ عَلَى يَسَارِهِ.

با محاوره ترجمو: حضرت جابر بن سمره d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيندي ڏٺو، اهو وهاڻو سندن کاٻي پاسي کان رکيل هو.

مفردات جو شرح: مُتِّکًا حال آهـي، ٽيڪ ڏيندڙ.  وِسَادَةُ وهاڻو يَسارِ کاٻو پاسو.

سمجهاڻي: مذڪور حديث ۾ حضرت جابر d جو فرمان ته ”مون نبي ڪريم کي کاٻي پاسي تي ٽيڪ ڏيندڙ ڏٺو.“ اتفاقي امر آهي تخصيص نه آهي. کاٻي يا ساڄي پاسي ٻنهي طرفن ڏانهن ٽيڪ ڏيڻ جائز آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 5 ص 86، 87 {2} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 13343 ج 7 ص 324 {3} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 44 في الفرش رقم الحديث 4143 ج 4 ص 71 {4} ابن حبان في صحيحہھ رقم الحديث 589 ج 2 ص 350 (الاحسان) {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 210، 211. {6} البيهقي في سننه ج 8 ص 226، 227.

 

}131}  حَدَّثَنَا حُمَيْدُ بْنُ مَسْعَدَةَ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ الْمُفَضَّلِ قَالَ : حَدَّثَنَا الْجُرَيْرِيُّ ، عَنْ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ أَبِي بَكْرَةَ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَلاَ أُحَدِّثُكُمْ بِأَكْبَرِ الْكَبَائِرِ ؟ قَالُوا : بَلَى يَا رَسُولَ اللَّهِ . قَالَ : الإِشْرَاكُ بِاللَّهِ ، وَعُقُوقُ الْوَالِدَيْنِ . قَالَ : وَجَلَسَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَكَانَ مُتَّكِئًا قَالَ : وَشَهَادَةُ الزُّورِ ، أَوْ قَوْلُ الزُّورِ قَالَ : فَمَا زَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُهَا حَتَّى قُلْنَا : لَيْتَهُ سَكَتَ.

با محاوره ترجمو: حضرت عبدالرحمان بن ابو بڪره d پنهنجي پيءُ کان روايت بيان ڪري ٿو ته رسول الله جن ارشاد فرمايو:” توهان کي وڏن گناهن مان ڪبيره گناهه جي خبر نه ڏيان؟ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان عرض ڪيو ته هائو يا رسول الله . پاڻ  سڳورن فرمايو ته”الله سان شرڪ ڪرڻ ۽ پيءُ ماءُ جو بي فرمان ٿيڻ“ (ڪبيره گناهه آهن)

راوي چيو ته پاڻ سڳورا ان وقت ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا ۽ فرمايائون ته ڪوڙي شاهدي يا ڪوڙ ڳالهائڻ به وڏا گناهه آهن.

راوي چيو ته پاڻ سڳورن جن ائين وري وري پي فرمايو.تانجو اسان عرض ڪيو ته من ماٺ فرمائن (۽ وري وري چوڻ جي تڪليف  نه ڪن. مطلب ته پاڻ سڳورن ڪوڙ کان بچڻ جي لاءِ وري وري تاڪيد پئي ڪيو.)

مفردات جو شرح: ” أَلاَ همزه استفهام جو ۽ لانافيه آهي. أُحَدِّثُكُمْ  “ واحد متڪلم جو صيغو تحديث کان ورتل آهي. ”مان اوهان کي حديث ٻڌايان، ڳالهه ڪيان. بِأَكْبَرِ الْكَبَائِرِاَلْكَبَائِرِ کبيرة جو جمع آهي اي بجنس معصية هي اکبر المعاصي يعني گناهه جي جنس جيڪو گناهن ۾ وڏو گناهه آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آيو أَلاَ أُحَدِّثُكُمْ ڇا مان اوهان سان ڳالهه نه ڪيان؟ ٻي صحيحه روايت ۾ آيو أَلاَ اَخۡبِرُکُمۡ ڇا مان اوهان کي خبر نه ڏيان؟ ٽين صحيح روايت ۾ آيو أَلاَ اُنَبِّئُکُمۡ ڇا مان اوهان کي خبر نه ڏيان؟ انهن سڀني جي معنى ۽ مراد هڪ آهي. صحابي d ٻُڌايو ته حضور ڪريم جن ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا. ۽ ان حال ۾ اسان کي خطاب ڪندي فرمايائون ته ”مان اوهان کي وڏو گناهه ٻُڌايان؟ اسان عرض ڪيو ته هائو يا رسول الله ! ٻُڌايو. پاڻ ڪريمن فرمايو ته ”الله سان شرڪ ڪرڻ، ۽ ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ.“ صحابي d فرمايو ته پاڻ پهريان ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا. پوءِ سڌا ٿي ويهي فرمائڻ لڳا ته ”۽ ڪوڙي شاهدي  يا ڪوڙي ڳالهه ڪرڻ.“ ۽ پاڻ اهو ورائي، ورائي چوندا رهيا. تانجو اسان (سندن ذات جي تڪليف کي محسوس ڪندي) چيو ته ڪاش! پاڻ ماٺ  ڪرڻ فرمائن. وڏن گناهن جي متعلق علماء تفصيل سان ڪتاب لکيا آهن اهي پڙهڻ گهرجن

ٽيڪ ڏئي درس ڏيڻ يا ذڪر ڪرڻ جائز آهي: هن حديث مان معلوم ٿيو ته ٽيڪ ڏئي درس ڏيڻ يا ذڪر ڪرڻ جائز آهي ادب جي خلاف ناهي. صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور ڪريم جي بار بار چوڻ کي ان جي لاءِ برداشت نه ٿي ڪيو ته متان سندن طبيعت ۾ تڪليف پيدا ٿئي يا سندن زبان مان اهڙا الفاظ نه نڪرن جيڪي عذاب نازل ٿيڻ جو سبب بنجن. (انوارِ غوثيه ص 190) ۽ مرفوع، ضعيف حديث ۾ آيو آهي ته ”ڪبيره گناهه اهو آهي جيڪو ڪندڙ کي باهه (جهنم) ۾ داخل ڪري.“

گناهه جا ٻه قسم آهن: ابنِ حجر ߋ فرمايو ته ”صحيح قول هي آهي ته گناهه ٻه قسم آهن. (1) صغيره (2) ڪبيره ۽ ڪبيره گناهه جي به حد آهي پوءِ هڪ قول مطابق ڪبيره گناهه اهو آهي جنهن تي شرعي حد لڳائي وڃي. ٻيو قول مطابق ته ڪبيره گناهه اهو آهي جنهن جي لاءِ قرآن ۽ سنت ۾ سخت وعيد آيل آهي. ڀلي ان تي حد لڳايل نه هجي علماء ڪجهه ڪبيره گناهه هي لکيا آهن. {1} قتل ڪرڻ {2} زنا ڪرڻ {3} لونڊي بازي ڪرڻ  {4} شراب پيئڻ {5} چوري ڪرڻ {6} بهتان هڻڻ {7} ڪوڙي شاهدي ڏيڻ {8} سچي شاهدي لڪائڻ {9} ڪوڙو قسم کڻڻ. {10} ڪنهن جو حق غصب ڪرڻ {11} عذر کان سواءِ جنگ جي ميدان مان ڀڄي وڃڻ. {12} وياج کائڻ {13} يتيم جو مال لُٽڻ. {14} رشوت {15} ابي ڏاڏي جي بي فرماني ڪرڻ. {16} مائٽي مٽي ڇنڻ {17} نبي ڪريم تي ڪوڙ هڻڻ {18} هروڀرو روزو ڀڃڻ {19} ماپ، تور ۾ کوٽ ڪرڻ {20} زڪواة نه ڏيڻ. {21} ڪنهن مسلمان يا ذمي ڪافر کي مارڻ ڌڪ هڻڻ. {22} صحابي d کي گار ڏيڻ. {23} ڪنهن عالم يا حافظ جي گلا ڪرڻ {24} ڪنهن ظالم جي مدد ڪرڻ {25} نيڪيءَ جي امر ۽ برائيءَ کان روڪڻ کي ڇڏڻ. {26} جادو پڙهڻ، پڙهائڻ ان تي عمل ڪرڻ {27} قرآن پاڪ جو هڪ حرف وسارڻ {28} ڪنهن جانور کي ساڙڻ {29} الله جي رحمت کان مايوس ٿيڻ . {30} زال جو مڙس کان هروڀرو ٽهڻ {31} چغلخوري {32} گلا ڪرڻ. اها بالاجماع مطلقًا وڏو گناهه آهي. ننڍن گناهن جو ته شمار ئي ڪونه آهي. جڏهن حضور ڪريم فرمايو ته ”مان اوهان کي وڏا گناهه ٻڌايان؟ ته صحابه ڪرام جواب ۾ صرف هائو نه پر ان سان گڏ يا رسول الله ! لفظ به عرض ڪيو ان ۾ سندن حڪم ڏانهن پورو متوجهه هجڻ شريعت ۽ ڪمالاتِ عاليه جي حصول لاءِ همه تن حاضر هجڻ جو اظهار هو.”اَلۡاِشۡرَاکُ بِالله“ جي مراد آهي ٻئي کي الله وانگر الله سمجهڻ ۽ ان ۾ ڪفر به داخل آهي ۽ والدين، ٻنهي جي يا انهن مان هڪ جي بي فرماني ڪرڻ به ان ۾ داخل آهي ۽ ان ۾ اجداد ڏاڏا يا نانا به داخل آهن ۽ عقوق مان مراد اهڙي فعل جو صادر ٿيڻ آهي جنهن سان والدين جي دل آزاري ٿئي ۽ قرآن مجيد جي آيت وِاِنۡ جَاهَدَاکَ عَلٰي  تُشۡرِکَ بِيۡ مَا لَيۡسَ لَکَ بِهٖ عِلۡمُٗ فَلَا تُطِعۡهُمَا وَصَاحِبۡهِمَا فِي الدُّنۡيَا مَعۡرُوۡفًا (۽ جيڪڏهن (تنهنجا ماءُ پيءُ) ڪوشش ڪن ته مون سان ان کي شريڪ بناءِ جنهن جو توکي علم ناهي ته انهن جو اهو چوڻ نه مڃ ۽ انهن سان دنيا ۾ چڱو ٿي صحبت ڪر، ۾ متنبه ڪيو ويو آهي ته والدين ڪافر هجن ته  به انهن جي دل آزاري نه ڪر ۽ حديث ۾ آهي ته ”خالق جي بي فرماني ۾ مخلوق جي تابعداري نه ڪئي ويندي.“ ۽ ابنِ عطيھ ߋ فرمايو ته مباح ڪمن ۾ ڇڏڻ يا ڪرڻ ۾ والدين جي اطاعت فرض آهي ۽ مستحب ڪمن ۾ مستحب آهي ۽ فرض ڪفايه ۾ فرض ڪفايه آهي ۽ نبوي فرمان آهي ته رِضَا الرَّبِّ فِيۡ رِضَا الۡوَالِدِ وَسَخۡطُ الرَّبِّ فِيۡ سَخۡطِ الۡوَالِدِ والد جي رضا ۾ رب راضي آهي ۽ والد جي ڪاوڙ ۾ رب جي ڪاوڙ آهي. (رواه الترمذي والحاڪم عن ابن عمر والبزار عن ابن عمر) ۽ حضور ڪريم جن ڪوڙ هڻڻ يا ڪوڙي شاهدي ڏيڻ جي گناهه کي بيان ڪرڻ وقت ٽيڪ ڇڏي سڌا ٿي ان جي ڪري ويٺا جو ڪوڙ هڻڻ جا اسباب گهڻا هوندا آهن جيئن دشمني، حسد وغيره ان جي ڪري ان کي اهميت ڏئي ٽيڪ ڇڏي سڌو ٿي ويهي بيان ڪيائون ته ڪوڙ تي ڪيترا ٻيا گناهه به ٿيندا آهن جيئن زنا وغيره ۽ ماءُ پيءُ جي بي فرماني ڪڏهن ڪفر کي پهچائيندي آهي. جيئن دار قطني ۽ شعب الايمان ۽ دلائل النبوة ۾ بيهقي عبدالله بن ابي اوفى کان روايت آندي آهي ته هڪ شخص رسول الله جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته هتي هڪ نوجوان آهي جنهن جي سڪرات جي ڪيفيت آهي ان کي چيو ٿو وڃي تهلَآاِلٰهَ اِلَّا اللهُ پڙهه ته پڙهي نه ٿو سگهي. پاڻ فرمايائون ته ”ڇا حياتيءَ جي حالت ۾ ڪونه پڙهندو هو؟ عرض ڪيو ويو ته ” حياتيءَ جي حالت ۾ پڙهندو هو.“ پاڻ فرمايائون ته پوءِ ان کي هينئر ڪهڙي شيءَ روڪي ٿي؟ ان کان پوءِ پاڻ اٿيا ۽ اسين به ساڻن گڏ اٿياسين ۽ پاڻ ان نوجوان جي مٿان آيا ۽ ان کي فرمايائون ته لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللهُ چَؤُ ان عرض ڪيو ته ”نه ٿو چئي سگهان“ پاڻ ان کان پڇيائون ته ڇاجي ڪري؟ ان عرض ڪيو ته والده جي بي فرمان هجڻ جي ڪري“ پاڻ فرمايائون ته ”اها جيئري آهي؟“ عرض ڪيائين ته ”جيئري آهي“ پاڻ فرمايائون ته ”ان ڏانهن ماڻهو موڪلي ان کي گهرايو“ پوءِ اها سندن خدمت ۾ آئي. پاڻ ان کي فرمايائون ته ”هي تنهنجو پُٽ آهي؟“ ان عرض ڪيو ته ”هائو“ پاڻ ان کي فرمايائون ته ” خبر ڏي جيڪڏهن باهه ٻاري ان ۾ هن کي اڇلايو وڃي ته ڇا تون ان جي نه اڇلائڻ جي لاءِ سفارش ڪندينء؟ عرض ڪيائين ته ” هائو مان اهو عرض ڪنديس“ پوءِ پاڻ ان کي فرمايائون ته ” الله کي شاهد بنائي ۽ اسان کي به شاهد بنائي چئو ته تون هن کان راضي آهين“ ان عرض ڪيو ته ”مان پنهنجي پُٽ کان راضي ٿي آهيان“ پوءِ پاڻ ان نوجوان کي فرمايائون تهلَآاِلٰهَ اِلَّا اللهُ چئو ته ان لَآاِلٰهَ اِلَّا اللهُ چيو۽ پاڻ فرمايائون ته الله جي لاءِ حمد آهي جو هن کي منهنجي ڪري باهه کان بچايائين. (ذڪره السيوطي في شرح الصدور) ۽ ان کان پوءِ پاڻ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ ڪوڙ هڻڻ کي وڏو گناهه قرار ڏنائون. قرطبي ߋ فرمايو ته ”ڪوڙي شاهدي تمام خراب فعل آهي ان سان ڪيئي نقصان ٿين ٿا. مثال طور ڪنهن جو سر وڃائڻ  يا مال لُٽڻ يا حرام کي حلال  ڪرڻ يا حلال کي حرام ڪرڻ وغيره. ڪوڙي شاهدي ڏيڻ کان ڪابه شيءِ وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ناهي.

فائدو: هن حديث شريف مان ثابت ٿيو ته حضور ڪريم جو ادب گهڻو ڪجي ۽ ساڻن محبت گهڻي رکجي ۽ کين تڪليف اچڻ گوارا نه ڪجي. ۽ وعظ ڪندڙ جي لاءِ مناسب آهي ته ڳالهه کي ورائي ورائي مبالغي سان ڪري ۽ پاڻ کي ماڻهن جي فائدي ڏيڻ جي لاءِ ايتري تڪليف ڏي جو انهن کي مٿس رحم اچي. (جمع الوسائل ج 1 ص 183، 184)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  البخاري في ڪتاب الشهادات باب 10 ما قيل في شهادة الزور، رقم الحديث 2654 ج 5 ص 261 موصولاً و معلقًا {2} مسلم في ڪتاب الايمان باب 38 بيان الڪبائر و اڪبرها رقم الحديث 87 ج 1 ص 91 {3} احمد في المسند ج 5 ص 36، 37، 38 {4} البيهقي في سننھ ج 10 ص 121.

 

}132} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شَرِيكٌ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ الأَقْمَرِ ، عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَمَّا أَنَا فَلاَ آكُلُ مُتَّكِئًا.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو جحيفة d کان روايت آهي ته رسول الله فرمايو: آءُ ٽيڪ ڏئي ڪونه کائيندو آهيان.

مفردات جو شرح: أَمَّا هتي مجرد تاڪيد جي لاءِ آهي. جيتوڻيڪ اها غالبًا تاڪيد سان گڏ تفصيل جي لاءِ ايندي آهي. جيئن چيو ويندو آهي. جاءَ القوم اما زيد فراڪب“ قوم آئي پر زيد سوار ٿي آيو هو. أَنَا ضمير واحد متڪلم مُتَّكِئًا ٽيڪ ڏيندڙ.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ رسول الله جن اول پنهنجي ذات عالي صفات جي لاءِ فرمايو ته ”پر مان“ اهو ان جي لاءِ فرمايائون ته سندن پيروي ۽ اتباع ڪئي وڃي نه ته عام طرح ائين چوڻ مڪروه آهي ۽ ٽيڪ ڏئي کائڻ جي ڪراهت ۾ هيءَ حڪمت آهي ته اهو هٺيلن ۽ وڏائي ڪندڙن جو طريقو آهي ۽ ليٽي کائڻ ته اڃان وڌيڪ ڪراهيت ۾ شامل آهي. ها پستا، بادام، ڪيلو وغيره ليٽي کائڻ مڪروه ناهي. جيئن حضرت علي d کان اهڙي طرح کائڻ جي روايت آيل آهي. ۽ ويهي کائڻ افضل آهي ۽ حاجت کان سواءِ بيهي نه کائجي ۽ پلٿ ڀڃي ويهي کائڻ ۾ ڪراهت ناهي پر خلافِ اولى آهي ۽ ان جو مثال ڀت تي ٽيڪ ڏئي کائڻ آهي. سنت آهي ته پيرن جي پٺين تي گوڏن تي ويهي کاڌو کائجي يا ساڄو پير کڙو ڪري ۽ کاٻي پير تي ويهي کاڌو کائجي. ابن القيم ߋ فرمايو ته رسول الله جن کاڌي کائڻ مهل گوڏن مبارڪن تي ويهي کاٻي پير جو ترو ساڄي پير جي پُٺيءَ جي هيٺان ڪندا هئا ۽ حسن سند سان روايت آهي ته رسول الله جن جي لاءِ ٻڪري (رڌل يا پچايل) هديه طور پيش ڪئي وئي  ته پاڻ ڪريمن پنهنجن گوڏن مبارڪن تي ويهي کائڻ شروع ڪيائون . کين عرض ڪيو ويو ته هي ڪهڙو ويهڻ آهي؟ ته ارشاد فرمايائون ” الله مون کي عبد ڪريم  بنايو آهي مون کي سختي ڪندڙ ۽ سرڪش نه بنايو آهي“ ۽ هي کائڻ جو نمونو وڌيڪ نفعو ڏيندڙ آهي ڇوته ان ۾ عضوا پنهنجي اصلي هيئت تي هوندا آهن جنهن تي پيدا ڪيا ويا آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 248)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 17 باب ماجاء في الاڪل متکئا رقم الحديث 3769 ج 3 ص 348 {2} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 6 الاکل متکئا رقم الحديث 6742 ج 4 ص 171 {3} ابن ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 6 الاکل متکئا رقم الحديث 3262 {4} احمد في المسند ج 4 ص 308 {5} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 31 الاکل متکئا رقم الحديث 2071 ج 2 ص 145.

 

}133}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ الأَقْمَرِ قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا جُحَيْفَةَ يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لاَ آكُلُ مُتَّكِئًا.

با محاوره ترجمو: حضرت علي بن اقمر d کان روايت آهي ته مون ابو جُحيفة d کان چوندي ٻُڌو ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: ”آءُ ٽيڪ ڏئي ڪونه کائيندو آهيان.“

مفردات جو شرح: ساڳيو اڳين حديث وارو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث جي متن ۾ اڳين حديث وارو لفظ ”اما انا“ ناهي سمجهاڻي ساڳي آهي. ٻنهي حديثن ۾ ڪجهه سند جا راوي مٽ آهن ۽ متن ۾ ٿورو فرق آهي ۽ مقصد هن امر جو نبي ڪريم جي طرفان تاڪيد آهي ابن حجر ߋ فرمايو ته هن حديث ۽ هن کان اڳين حديث جي باب سان مناسبت اها آهي ته حضرت نبي ڪريم جن کائڻ ۾ ٽيڪ نه ڏيندا هئا. (جمع الوسائل ج 1 ص 186) ” پر مان ٽيڪ ڏئي نه ٿو کاوان“ علم بديع جي قانون ۾ اهو صنعت ”اڪتفاء“ آهي يعني سمجهدار ماڻهو ان سان ٿورن اکرن ۾ سمجهي وڃي ٿو پر اصل ۾ اهو هيئن آهي ته” کائڻ وارا ٻه قسم آهن. هڪڙا کائڻ وقت ٽيڪ ڏئي نه کائيندا آهن مان اهو آهيان ٻيا ٽيڪ ڏئي کائيندا آهن اهو حضرت نبي ڪريم جي سنت جي خلاف آهي. مطلب ته عذر کان سواءِ ٽيڪ ڏئي کائڻ تواضع جي خلاف متڪبرن جي عادت آهي ۽ ان حالت ۾ ماڻهو گهڻو به کائي سگهي ٿو. جنهن سان پيٽ جو وڌي وڃڻ ، بدهاضمو ٿيڻ ۽ ٻين ڪيترن بيمارين جو خطرو هوندو آهي. مسلمان ، مجاهد هوندو آهي ان کي هميشه تندرست ۽ نيازمند هجڻ گهرجي ۽ کيس غذا يا خوراڪ اهڙي ريت يا اها کائڻ گهرجي جنهن سان کيس ۽ دين کي نفعو رَسي.

هيءَ حديث ٻين جن محدثن آندي آهي : انهن جو ذڪر اڳ ۾ لکيل آهي.

}134} حَدَّثَنَا يُوسُفُ بْنُ عِيسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْرَائِيلُ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مُتَّكِئًا عَلَى وِسَادَةٍ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : لَمْ يَذْكُرْ وَكِيعٌ عَلَى يَسَارِهِ ، وَهَكَذَا رَوَى غَيْرُ وَاحِدٍ عَنِ إِسْرَائِيلَ نَحْوَ رِوَايَةِ وَكِيعٍ ، وَلاَ نَعْلَمُ أَحَدًا رَوَى فِيهِ عَلَى يَسَارِهِ إِلَّا مَا رَوَاهُ إِسْحَاقُ بْنُ  مَنْصُورٍ ، عَنِ إِسْرَائِيلَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر بن سمرة d کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم جن کي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيندي ڏٺو.

مفردات جو شرح: هتي هن جي ضرورت ناهي.

سمجهاڻي: هن باب جي پهرين حديث جيڪا حضرت جابر بن سمرة d کان ئي روايت ڪيل آهي ان ۾ ذڪر ٿيو ته حضور ڪريم جن ويهاڻي تي کاٻي پاسي ٽيڪ ڏئي ويٺا هئا. ۽ هن ۾ ” کاٻي پاسي“ جو ذڪر ناهي. حضرت ابو عيسى ” شمائل“ جي لکندڙ فرمايو ته هن روايت جي راوي وڪيع“ عَلٰي يَسَارِهٖ ذڪر نه ڪيو آهي ۽ وڪيع جي روايت وانگر ٻين ڪيترن  راوين اسرائيل کان روايت آندي آهي ۽ جيتري اسان کي ڄاڻ آهي.عَلٰي يَسَارِهٖ جو لفظ صرف اسحاق بن منصور اسرائيل کان روايت ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪيفيت جو ذڪر آهي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر به اڳ ۾  حديث نمبر 130 جي تخريج ۾ لکيل آهي.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting