خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب اڻٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي قَدَحِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آيل آهن جيڪي رسول الله

جي (پاڻي واري) پيالي جي باري ۾ آهن

 

سمجهاڻي: ”قدح“ (قاف ۽ دال جي زبر سان) اهو ٿانءُ جنهن ۾ ڪجهه پيتو ويندو آهي ۽ اهو ٿانءُ نه ننڍو نه وڏو هوندو آهي (بلڪه وچٿرو هوندو آهي) قدح جو جمع ”اقداح“ آهي جيئن سبب ۽ اسباب. رسول الله جن جو هڪ پيالو هوندو هو. جنهن کي ”ريان“سڏيندا هئا. ۽ سندن ٻيو پيالو هوندو هو ان کي ”مُغِيثُ“ سڏيندا هئا. ۽ هڪ سندن پيالو ٽن جاين تي چانديءَ جي سنهي تند سان ڳنڍيل هوندو هو. ۽ هڪ پيالو شيشي جو هوندو ۽ هڪ ”عيدان“ مان ٺهيل هو. عيد ان عين جي زبر سان. عيدانت کجيءَ جي ڪاٺ کي چوندا آهن ۽ ضرورت وقت ان کي پنهنجي کٽ جي هيٺان رکرائيندا هئا ۽ ان ۾ پيشاب ڪرڻ فرمائيندا هئا.    (المواهب شرح الشمائل ص 319)

 

}195} حَدَّثَنَا الْحُسَيْنُ بْنُ الأَسْوَدِ الْبَغْدَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ مُحَمَّدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عِيسٰى بْنُ طَهْمَانَ ، عَنْ ثَابِتٍ قَالَ : أَخَرَجَ إِلَيْنَا أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، قَدَحَ خَشَبٍ غَلِيظًا مُضَبَّبًا بِحَدِيدٍ فَقَالَ : يَا ثَابِتُ ، هَذَا قَدَحُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

با محاوره ترجمو: حضرت ثابت d کان روايت آهي ته حضرت انس بن مالڪ d اسان کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ ڪاٺ جو ٿلهو پيالو لوهي ميخ لڳل کڻي آيو، پوءِ چيائين ته اي ثابت! هيءُ رسول الله جو پيالو آهي.

مفردات جو شرح: قَدَحَ پيالو خَشَبٍ ڪاٺي. ”غَلِيظًاسخت مُضَبَّبًا ميخون لڳل بِحَدِيدٍ لوهه.

سمجهاڻي: حضرت انس d ٻين کي حضور ڪريم جو پيالو ڪڍي ڏيکاري فرمايو ته ”اي ثابت! هي رسول الله جو پيالو آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته حضرات صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور شفيع المذنبين رحمة للعالمين جي نسبت واري شيءِ کي اهتمام سان سنڀالي رکندا هئا ۽ عقيدت ۽ محبت سان ڏسندا هئا ٻين کي به ان جي زيارت ڪرائيندا هئا. ۽ ان سان ڀلائي ۽ برڪت حاصل ڪندا هئا.

پيالي پاڪ سان شفا حاصل ڪرڻ: شفا شريف ۾ علامه  قاضي عياض آندو آهي ته امام ابن مامون ߋ فرمايو ته پاڻ سڳورن جي پيالن مان هڪ پيالو اسان وٽ هو. فَکُنَّا نَجۡعَلُ فِيۡهَا الۡمَاءَ لِلۡمَرۡضٰي فَيَسۡتَشۡفُوۡنَ بِهَا اسين ان ۾ مريضن جي لاءِ پاڻي وجهندا هئاسين اهي اهو پيئڻ سان شفا حاصل ڪندا هئا. حضرت انس d وٽ ان پيالي کان سواءِ حضور ڪريم جي هڪ جُتي مبارڪ به هئي ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g وٽ پاڻ سڳورن جو چَتيون لڳل هڪ ڪمبل به هو ۽ گوڏ مبارڪ به هئي.  امام مالڪ ߋ وٽ ٽي وار مبارڪ هئا. حضرت ابو عبدالله وٽ لحاف مبارڪ هو. اسماء بنت ابي بڪر صديق g وٽ جُبو مبارڪ هو. امام بخاري ߋ ان پيالي جي زيارت بصره ۾ ڪئي هئي ۽ ان ۾ پاڻي به پيتو هو. (انوارِ غوثيه ص 261) روايت آهي ته نضر بن انس جي ميراث مان اهو پيالو مبارڪ اٺن لکن درهمن ۾ وڪرو ٿيو هو. ۽ امام بخاري ߋ به ان ۾ پاڻي پيتو هو. ۽ ڪي علماء چون ٿا ته امام بخاري ߋ جنهن پيالي ۾ پاڻي پيتو هو اهو ٻيو پيالو هو. (فضائل النبي ص 107، خصائل نبوي ص 148) ۽ صحيح روايت ۾ آيو آهي ته حضرت انس بن مالڪ d پاڻ ڪريمن جي پيالي مبارڪ ۾ لوهي ڪڙي جي بجاءِ سون يا چاندي جي ڪڙي هڻائي پوءِ ان کي سندس والده ام سليم جي مڙس ابو طلحة روڪي فرمايو ته جيڪا شيءِ رسول الله جن ٺاهي آهي ان کي نه ڦيراءِ. حضرت انس d فرمايو ته ”مون هن پيالي ۾ رسول الله جن کي ڪئين ڀيرا پاڻي پياريو هو.“ (جمع الوسائل ج 1 ص 239) هن حديث مان ثابت ٿيو ته نفعي واري شيءِ جي حفاظت ۽ ان جو اصلاح مستحب آهي ۽ ان جو ضايع ڪرڻ  مڪروه آهي . (المواهب شرح الشمائل ص 320 ، شرح المناوي علي جمع الوسائل ج 1 ص 239)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3033 ج 11 ص 370 {2} البيهقي في سننھٖ ج 1 ص 29  {3} البخاري في ڪتاب فرض الخمس باب 5 ما ذکر من درع النبي و عصاه وسيفه وقدحه و خاتمه رقم الحديث 3109 ج 6 ص 212.

 

}196} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : أَنْبَأَنَا عَمْرُو بْنُ عَاصِمٍ قَالَ : أَنْبَأَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ قَالَ : أَنْبَأَنَا حُمَيْدٌ، وَثَابِتٌ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : لَقَدْ سَقَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِهَذَا الْقَدَحِ الشَّرَابَ كَلَّهُ ، الْمَاءَ وَالنَّبِيذَ وَالْعَسَلَ وَاللَّبَنَ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d چيو ته آءُ رسول الله جن کي ان پيالي ۾ هر قسم جي پيئڻ جون شيون، کارڪ جو شربت، ماکي ۽ کير پياريندو هوس.

مفردات جو شرح: سقيت پياريو مون. بهذا القدح هن پيالي سان، اي جيڪو سخت ڪاٺيءَ مان ٺهيل ۽ لوهه جون ميخون لڳل آهي. ”الشراب کله“ پيئڻ واريون سڀ شيون. پاڻي پيئڻ وارين شين جا سڀ قسم . هتي مجمل کان مفصل کي بدل ڪرڻ جي طور چار شيون بيان ڪيل آهن ياکل کان بعض بدل ڪيو ويو آهي ڇوته اهي قسم گهڻو مشهور آهن.الماء پاڻي. النبيذ نپوڙو. ”العسل ماکي. ”اللبن کير.

سمجهاڻي: حضرت انس d جو هن جمله ”بهذا القدح“ (هن پيالي) ۾ ڪيترو پيار آهي ۽ کيس ان ڳالهه تي ڪيترو ناز آهي ته هي اهو پيالو آهي جنهن ۾ اهو پاڻ حضور ڪريم جن کي هر پيئڻ واري شيءِ پياريندو هو ۽ ڪيترو خوش نصيب آهي حضرت انس d جنهن کي حضور ڪريم جي خدمت جو نادر موقعو مليو هو. ”النبيذ“ کجور ، ڪشمش، کارڪن وغيره کي پاڻي ۾ پسايو وڃي ۽ جڏهن پاڻي ۾ ان جو اثر چڱي طرح اچي وڃي ته ان پاڻيءَ کي نبيذ چوندا آهن حضرت حبيب ڪريم جي لاءِ رات جو کجور پاڻيءَ ۾ پسائي ڇڏي ويندي هئي ۽ صبح جو اٿي پاڻ اهو پاڻي پيئندا هئا. اهو طبيعت جي لاءِ نهايت مفرح هوندو آهي. (انوارِ غوثيه ص 262) ان ۾ قوت جي زياده ٿيڻ جو به نفعو هوندو اهي. (المواهب شرح الشمائل ص 321)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} رواه مسلم في ڪتاب الاشربة باب 9 رقم الحديث 2008 ج 3 ص 1591 {2} احمد في المسند ج 3 ص 247 {3} البيهقي في سننہھ ج 8 ص 299 {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 190 {5} البغوي في الشمائل رقم الحديث 1022 ج 2 ص 655                        {6} الحاڪم ج 4 ص 105

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting