خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ستٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ كَلاَمِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي الشِّعْرِ.

هي باب رسول الله جي انهن ارشادات جي متعلق آهي

 جيڪي شعر جي باري ۾ آيل آهن

 

سمجهاڻي: (1) شعر وزن، ۽ قافيه تي ارادي سان چيل ڪلام جو نالو آهي. ”ارادي“ جي قيد سان اهو ڪلام نڪري ويو جيڪو وزن ۽ قافيه تي حضور ڪريم جن کان بغير ارادي ۽ قصد جي صادر ٿيو هو. جيئن سندن فرمان آيل آهي.

اَنَا النَّبِيُّ لَاکَذِبۡ .............. اَنَا ابۡنُ عَبۡدِ الۡمُطَّلَبِ

(مان نبي آهيان، ڪوڙ ناهي... مان عبدالمطلب جو پُٽ آهيان)

ڇوته ان چوڻ مان شعر جو قصد نه هو. شعر جي مدح ۽ مذمت ۾ متعارض  حديثون آيل آهن انهن ۾ تطبيق هن طرح ڏنل آهي ته سٺو شعر سٺو آهي ۽ خراب مضمون وارو خراب آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 404) شعر جي متعلق وڌيڪ وضاحت منهنجي لکيل مضمونشعر جي شرعي حيثيت ۾ ڏسو. (الفقير محمد ادريس الداهري عفي عنہ) سيدنا رسول الله   جو شاعر نه هجڻ قطعي آهي قرآن ڪريم ۾ صاف طور مذڪور آهي بلڪه ڪافرن جي ان قول جو ته حضور ڪريم شاعر آهي نهايت تعجب سان بيان ڪندي رد ڪيو ويو آهي.وَمَا عَلَّمْنٰھ الشِّعْرَ وَمَا یَنۡۢبَغِیۡ لَہٗؕ(سورة يٰس آيت 29) ۽ نه اسان ان کي شعر جي تعليم ڏني آهي ۽ نه ان جي لاءِ مناسب آهي) حضور ڪريم جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي قافيه ۽ وزن تي جملا ملن ٿا پر اهي بلا قصد تي محمول آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪلام ۾ بلا قصد  موزونيت اچي وڃي ته اهو شعر نه ٻڌبو. حقيقت ۾ حضرت نبي ڪريم   جو هيءُ به هڪ معجزو آهي جو سندن شاعر نه هجڻ شعر کان عاجز هجڻ جي ڪري نه هو ڇوته جنهن شخص جي ڪلام ۾ ارادي کان سواءِ وزن ۽ قافيه اچي وڃي اهو جيڪڏهن قصد ۽ ارادي سان ڪلام موزون بنائي ته ڪيتري قدر بي تڪلف ۽ بهتر بنائي سگهي ٿو پر الله سندن شان ان کان ارفع ۽ اعلى ڪيو آهي ان جي ڪري ان ڏانهن متوجهه نه رهيا. پاڻ هڪ اهڙي حقيقت جا ترجمان الله جي طرفان زمين جي خلافت جا صاحب آهن جنهن خلافت کي ڪنهن ڪوڙ ۽ مبالغي کان سواءِ بلڪل صحيح طور  ساري دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻو هونِ. سندن نبوت ۽ رسالت جو منصب اهو هو. اهي اعلى فرائض سرانجام ڏيڻ ڪنهن به شاعر جي جاءِ ناهي. شاعرانه مضمونن جي ڪمال، فصاحت ۽ دل فريبيءَ جو مدار گهڻو ڪري ڪوڙ يا مبالغي يا خيالي بلند پروازي يا فرضي نڪته آفريني تي ٻڌل هوندو آهي ان جي ڪري انهن جي تابعداريءَ مان دنيا کي ڪابه اهڙي هدايت نه ملندي جيئن رسول الله جي هدايات ارشادات مان حاصل ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي شعر ۾ ڪا چڱي ڳالهه بيان ٿيل آهي ته ان جو اصل، مرجع ۽ ماخذ به الله جو ڪلام قرآن ڪريم ۽ نبي ڪريم جا ارشادات آهن ان جي ڪري اسان مسلمانن کي به اصل ڏانهن متوجهه ٿيڻ ضروري آهي. اها بلڪل گمراهي، بي ديني ۽ بي حيائي آهي جو قرآن ۽ سنت کي ڇڏي يا انهن جي مقابلي ۾ شاعرن کي اهميت ڏجي. جيئن هلندڙ دور جا جاهل  بي دين، صوفي سڏائڻ وارا پاڻ ته گمراهه ٿين پيا پر ٻين کي به گمراهه ڪري عذاب الاهي جو حقدار بنائي پنهنجي خواهشات پوري ڪن ٿا. جيڪي روحاني، عظيم الشان ۽ لازوال عمارتون قرآن ڪريم جي تعليم، نبوي تهذيب ۽ احسن اخلاق سان قائم ٿيون ۽ غير مسلمن به انهن کي ڏسي اسلام قبول ڪيو اتي شاعرن جي مجال ناهي اهو ڪارنامو ته انبياء عظام خصوصًا سيد المرسلين عليهم الصلواة والسلام جو آهي جو روءِ زمين تان ظلم ۽ استبداد کي هٽائي الله جي اها حقيقي حڪومت قائم ڪيائون. انهن جي ديني دعوت جو دارومدار الله جي ڪلام قرآن ڪريم تي آهي جنهن جو سرچشمو لوح محفوظ آهي سڀني جو مقصد الله جي وحدانيت ۽ شرڪ جي نفي ۽ پاڙ پٽڻ آهي ان کان پوءِ ان مقصد ۾ رڪاوٽ بنجڻ وارن کي هٽائڻ جي لاءِ پياري جان کي قربان ڪرڻ انهن جو ئي انتهائي اهم فيصلو هو. يعني الله جي موڪليل قانون کي دنيا جي سمورن قاعدن  ۽ قانون کان مٿي ڪرڻ اهو انهن جو خاص عمل آهي. ايڏي وڏي ۽ اهم ڪارنامي کي سرانجام ڪرڻ ۾ شاعر ويچارو ڇا ٿو ڪري سگهي. ها شرعي اصول، حدود ۽ احڪام کي ملحوظ رکندي جيڪڏهن ڪنهن شاعر شعر چيو ته اهو صحيح آهي پر ان جو مقام الله ۽ محبوب پاڪ جي فرمان جي برابر ناهي. علامه علي القاري لکيو آهي ته : شعر معروف لفظ آهي ۽ شاعر کي شاعر ان جي ذهانت ۽ هوشياري جي ڪري سڏيو ويو آهي ۽ اهو اصل ۾ دقيق علم جو نالو آهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته شعر قافيه ۽ وزن تي قصد سان چيل ڪلام کي چئبو آهي ان جي ڪري قرآن ڪريم جون آيتون الَّذِیۡۤ  اَنۡقَضَ ظَہۡرَکَ ۙ﴿۳﴾  وَ رَفَعْنَا لَکَ ذِكْرَکَ ؕ﴿۴ ۽ وَقَدُوۡرِِ رَّاسِيَاتِ“ ”جِفَانِِ کَاالجَوَابِ ان ۾ داخل ناهن ڇوته اهي قصدًا شعر جي نيت سان آيل ناهن. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 33)

{241} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شَرِيكٌ ، عَنِ الْمِقْدَامِ بْنِ شُرَيْحٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قِيلَ لَهَا : هَلْ كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَتَمَثَّلُ بِشَيْءٍ مِنَ الشِّعْرِ ؟ قَالَتْ : كَانَ يَتَمَثَّلُ بِشِعْرِ ابْنِ رَوَاحَةَ ، وَيَتَمَثَّلُ بِقَوْلِهٖ[من أشعار طرفة بن العبد - البحر الطويل]وَيَأْتِيكَ بِالأَخْبَارِ مَنْ لَمْ تُزَوَّدِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ صديقھ g کان روايت آهي، ان کان پڇيو ويو ته، ڇا نبي ڪريم جن شعر پڙهندا هئا؟ بيبي عائشه صديقه g چيو ته، هائو پاڻ سڳورا ڪڏهن عبدالله بن رواحھ d جا شعر پڙهندا هئا ۽ ڪڏهن (طرفه بن عبد جو) هي مصرعو پڙهندا هئا. (ترجمو: مطلب ته تو وٽ اهڙو شخص خبرون آڻيندو آهي جنهن کي تو ڪو عيوض ڪونه ڏنو هو)

مفردات جو شرح: ”قَالَتْ چيائين مراد حضرت سيده عائشه صديقه g آهي.قِيلَ لَهَا ان کي عرض ڪيو ويو. ظاهر جي تقاضا آهي ته ”لَهَا“ جي جاءِ تي ”لِي“ هجي ها. مون کي چيو ويو. ”لَهَا“ ۾ ظاهر جي مخالفت آهي.يَتَمَثَّلُ شاهدي طور پيش ڪري يا چوي . بعض شارحن جو چوڻ ته ”چنبڙي ۽ شعر مان ڪنهن شيءِ سان تعلق رکي. ان چوڻ کي علامه بيجوري ߋ رد ڪندي لکيو آهي ته اهو مقصود جي خلاف بلڪه اها معنى مردود آهي. اها لغوي معنى جي به مخالف آهي. ”القاموس“ لغت جي ڪتاب ۾ آهي ” تَمثل“ جي معنى انشد بيتا و تمثل به. بيت پڙهي ان سان مثال ڏنائين ۽ علامه مناوي جي قول ”تمثل“ جي معنى بيت ٺاهيائين وري ٺاهيائين وري ٺاهيائين“ مان وهم ٿو پيدا ٿئي ته ”تمثل“ تڏهن سڏيو ويندو جڏهن ٽي ڀيرا بيت ٺاهيو وڃي. پر ائين آهي ڪونه. القاموس ۾ آيل ”بيتا“ قيد ناهي. ان جو دليل سيده عائشه صديقه g جو قول آهي جنهن ۾ هڪ بيت پڙهڻ کي تمثل سڏيو ويو آهي ۽ سيده عائشھ صديقھ g عرب ۾ وڏي فصاحت واري هئي. ” ابن رواحة“: هن جو نالو عبدالله هو. هجرت جي پهرئين سال ۾ مسلمان ٿيو هو. انصاري، خزرجي هو. فتح مڪه کان سواءِ باقي ٻين سڀني جنگين ۾ حاضر ٿيو هو. فتح مڪه کان پهريان جنگِ موته ۾ امير جي حالت ۾ وفات ڪئي هيائين. اسلام جي مٿان ڪيل اعتراضن جا ائين جواب ڏيندو هو جيئن حضرت ڪعب بن مالڪ ۽ حضرت حسان بن ثابت رضي الله عنهم  شعرن ۾ جواب ڏيندا هئا. يَتَمَثَّلُ بِقَوْلِهٖ ان جي قول سان هن شاعر مان مراد طرفة بن العبد آهي هن جو نالو ”عمرو“ هو پوءِ ”قولہ“ وارو ضمير مٿي ذڪر نه ڪيل ڏانهن وري ٿو. ۽ غير مذڪور ڏانهن ضمير ان جي مشهوريءَ تي اعتماد ڪندي آندو ويو آهي. ”مَنْ لَمْ تُزَوَّدِ“ ”تُزَوَّدِ“ تزويد کان ورتل آهي ان جي معنى مسافر کي ثمر ڏيڻ، سامان ڏيڻ ۽ بيت جو شروعات وارو حصو هيئن آهي. سَتُبۡدِيۡ لَکَ الۡاَيَّامُ مَا کُنۡتَ جَاهِلاً جلد تنهنجي لاءِ ڏينهن اهو ڪجهه ظاهر ڪندا جيڪو تون نه ڄاڻندو هئين. يعني جيڪا ڳالهه توکان لڪل هئي اها زماني وارا توکي ٻڌائيندا.“

(المواهب ص 405)

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g جي هن فرمان مان واضح ٿيو ته محبوب ڪريم جن شاعر نه هئا پر مثال طور شعر کي پڙهندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين جا شعر به پڙهندا هئا. جيئن هي شعر جو حصو پڙهندا هئا.

وَيَاتِيۡکَ بِالۡاَخۡبَارِ مَن لَّمۡ تُزَوِّد

۽ تو وٽ اهو خبرون آڻيندو جنهن کي تو ڪجهه به ثمر نه ڏنو آهي يعني واقعات جي تحقيقات لاءِ ڪنهن جاءِ جي حالات معلوم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن کي پگهار يا خرچ ڏيڻو پوندو آهي پر ڪڏهن ڪو ماڻهو گهر ويٺي پاڻهي اچي سڀ حال احوال ٻڌائيندو آهي. ان جي لاءِ ڪنهن قسم جو ڪو خرچ ڪرڻو نه پوندو آهي. بعض علماء فرمايو ته هي رسول الله جن پنهنجو مثال ڏنو جو ڪنهن اجرت ۽ معاوضي وٺڻ کان سواءِ ئي گهر ويٺي آخرت، جنت ۽ دوزخ  جون خبرون ، اڳين نبين جون حالتون ۽ آئنده اچڻ وارا واقعات ٻڌايائون. پوءِ به هي ڪافر قدر نه ٿا ڪن. هتي ٻن شاعرن جو ذڪر آهي. (1) حضرت عبدالله بن رواحھ جنهن جو احوال لکي آيا آهيون. (2) طرفه : هي عرب جو مشهور شاعر آهي. ادب جي مشهور ڪتاب ” سبعه معلقات“ ۾ ٻيو ”معلقه“ ان جو آهي. ان اسلام جي دور کان اول دنيا ڇڏي هئي. (خصائل نبوي ص 182، 183) ۽ ابو الليث سمرقندي پنهنجي ڪتاب ” البستان“ ۾ ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت آندي آهي ان کان پڇيو ويو ته ڇا رسول الله جن ڪو شعر مثال طور پيش ڪندا هئا؟ ته ان فرمايو ”رسول الله جن کي شعر ناپسند هو پر پاڻ هڪ ڀيري قيس قبيلي جي شاعر طرفه جي شعر کي اڳتي پوئتي ڪري پڙهيو هيائون ان جي هن شعر

سَتُبۡدِيۡ لَکَ الۡاَيَّامُ مَا کُنۡتَ جَاهِلاً

وَيَاتِيۡکَ بِالۡاَخۡبَارِ مَــــــن لَّمۡ تُزَوِّدٖ

۾ وَيَاتِيۡکَ مَن لَّمۡ تُزَوِّدٖ بِالۡاَخۡبَارِ ڪري پڙهيائون اهو ٻڌي کين حضرت ابوبڪر صديق d عرض ڪيو ته يا رسول الله ! هيئن ناهي. پاڻ فرمايائون ته ”مان شاعر ناهيان. ابن ڪثير پنهنجي تفسير ۾ به هيئن آندو آهي. پوءِ ڄڻ ته پاڻ ان جي معنى سان مثال ڏنائون ۽ ان جا الفاظ به آندائون. پر جن جو اڳي ذڪر ڪرڻ حق هو اهي اڳي آندائون. مگر شاعر نظم جي تنگ هجڻ جي ڪري الفاظ اڳتي پوئتي ڪيا. پر جڏهن کين حضرت ابو بڪر صديق d عرض ڪيو ته ان کي فرمايائون ” مان شاعر ناهيان“ اي نه حقيقي طور ۽ نه قصدًا. جنهن جي مراد ان مان فائدو ورتل معنى هئي. ۽ اها عام آهي وزن تي هجي يا ان کان سواءِ هجي. (جمع الوسائل ج 2 ص 34)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في عمل اليوم و الليلة باب ما يقول اذا استراث الخبر رقم الحديث 997 ص 549 {2} احمد في المسند ج 6 ص 138، 156 {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 349 ج 1 ص 276 {4}البخاري في الادب المفرد حديث رقم 794 ص 268.

{242} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ الثَّوْرِيُّ ، عَنْ عَبْدِ الْمَلِكِ بْنِ عُمَيْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو سَلَمَةَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ أَصْدَقَ كَلِمَةٍ قَالَهْا الشَّاعِرُ كَلِمَةُ لَبِيدٍ :[من أشعار لبيد بن ربيعة العامري - البحر الطويل] أَلاَ كُلُّ شَيْءٍ مَا خَلاَ اللَّهِ بَاطِلٌ ، وَكَادَ أُمَيَّةُ بْنُ أَبِي الصَّلْتِ أَنْ يُسْلِمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: بيشڪ سچي ڳالهه جيڪا ڪنهن شاعر چئي آهي، اهو لبيد بن ربيعہھ جو هي شعر آهي:

(ترجمو: خبردار! الله کان سواءِ هر شيءِ باطل يا فاني آهي. پاڻ ڪريمن هي به فرمايو ته: (شاعر) اميه بن ابو الصلت مسلمان ٿيڻ تي هو.)

مفردات جو شرح: أَصْدَقَ“ وڌيڪ سچو.كَلِمَةٍ هتي کلمة مان مراد ڪلام جو ٽڪرو، حصو آهي. ”لَبِيدٍ“ هي ربيعة العامري جو پٽ هو. جنهن سال سندس قوم جو وفد سيدنا رسول الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هو ته هي به انهن سان گڏ آيو هو. جاهليت ۽ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ واري دور ۾ شريف هو. ڪوفي ۾ رهيو هو عرب جي مشهور فصيح شاعرن مان هو. ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ شعر چوڻ بند ڪري ڇڏيو هيائين ۽ فرمايائين ته ” مون لاءِ قرآن ڪافي آهي “ ۽ گويا ان الله جي ڪلام ٻڌڻ ، ان جي معجزه هجڻ جي ظاهري ٿيڻ کان پوءِ شعر چوڻ کان حياء ڪيو. ۽ الله جو فرمان سچو آهي. اَوَلَمۡ يَکۡفِهِمۡ اَنَّا اَنۡزَلۡنَا عَلَيۡکَ الۡکِتَابَ يُتۡلٰي عَلَيۡهِمۡ“ (ڇا انهن جي لاءِ ڪافي ناهي جو اسان انهن تي ڪتاب لاٿو جيڪو انهن تي پڙهيو وڃي ٿو) يا علم جي بحر جي موجن ۾ اهڙو لهي ويو جو ان جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو شغل نه رهيو جيئن رسول الله جي سؤٽ حضرت ابن عباس f جو قول آهي.

جَمِيۡعُ الۡعِلۡمِ فِيۡ الۡقُراٰنِ لٰکِنۡ ........ تَقَاصَرَ عَنۡهُ اَفۡهَامُ الرِّجَالٖ

(سمورا علم قرآن ڪريم ۾ آهن پر ان کان مڙسن جو سمجهون قاصر آهن)

سمجهاڻي: هن روايت ۾ لبيد بن ربيعه d جي شعر

اَلَا کُلُّ شَيءِ مَا خَلَا اللهَ بَاطِلٗ

وَکُلُّ نَـــــــــعِيۡم لَامَحَالَةَ زَائِلٗ

(خبردار الله کان سواءِ هر شيءِ باطل آهي ۽ هر نعمت ضرور وڃڻ واري آهي)

جي هن شعر کي پڙهڻ  جو ذڪر آهي ۽ ان کي وڌيڪ سچو ڪلمه ان جي ڪري فرمايائون جو هن ۾ الله جي ڪلام جي صحيح تصديق آهي. الله جو ارشاد آهي: کُلُّ شَيءِِ هَالِکٌ اِلَّا وَجَهَهٗ (ان جي ذات کان سواءِ هر شيءِ فاني آهي) ٻي آيت ۾ آهي. كُلُّ مَنْ عَلَیۡہَا  فَانٍ ﴿ۚۖ۲۶ وَّ یَبْقٰی وَجْھُ  رَبِّکَ ذُوالْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِ ﴿ۚ۲۷ (جيڪو ڪجهه ان (زمين ) تي آهي فنا ٿيندڙ آهي ۽ بقا واري ذات تنهنجي رب جلال ۽ اڪرام جي مالڪ جي آهي) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته ” اَلَا“ تنبيھ جو حرف آهي ۽ ” باطل“ مان مراد فاني، اجائي آهي ۽ اَصۡدَقُ کَلِمَةِِ ان جي ڪري آهي جو اهو توحيد جي مسئلي جو مکڻ ۽ اهل تفريد جو عمده ڪلمه آهي. جيئن عارفن مان ڪنهن جو قول آهي . لَيۡسَ فِي الدَّارِ غَيۡرَهٗ دَيَّارُ (گهر ۾ (قلب ۾) ان کان سواءِ ڪير به ٽڪندڙ ناهي) ٻئي جو ٻول آهي. سِوَي اللهِ وَاللهِ مَا فِي الۡوُجُوۡدِ (الله جو قسم آهي ته الله کان سواءِ وجود ۾ ڪير به ناهي) مذڪور شعر کان پوءِ سرڪارِ مدينه جن ارشاد فرمايو ته ”امية بن ابي الصلت، مسلمان ٿيڻ کي ويجهو هو) ”امية“ تصغير سان ”الصلت (صاد جي زبر، لام جي سڪون سان) هي شاعر جاهليت جي دور ۾ (اسلام کان اڳي) به عبادت ڪندو هو ۽ قيامت جي لاءِ قبرن مان اٿڻ تي به ايمان رکندو  هو. اسلام جي دور کي پهتو هو پر اسلام آڻڻ جي توفيق نصيب نه ٿي هيس. ان جي ڪري حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”اسلام آڻڻ کي ويجهو هو.“ جو پنهنجن شعرن ۾ حڪمت بديعه بيان ڪندو هو. ان جي ڪري مصطفى ڪريم جن ان جي شعر کي شاهد طور ذڪر فرمايو هو. جن ڏينهن ۾ حضور ڪريم جن طائف کي گهيري ۾ آندو هو انهن ڏينهن ۾ هي ڪفر جي حالت ۾ مري ويو هو. زندگيءَ دوران جنگ بدر ۾ قتل ٿيلن جا مرثيا ٺاهيا هيائين. (المواهب ص 407)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب مناقب الانصار باب 26 ايام الجاهلية رقم الحديث 3841 ج 6 ص 149 {2} مسلم في ڪتاب الشعر في ترجمتھ رقم الحديث 2256 حديث الڪتاب 3، 4 ج 4 ص 1768 {3} ابن ماجھ في ڪتاب الادب باب 41 الشعر رقم الحديث 3757 {4} احمد في المسند ج 2 ص 248 {5} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 6015 ج 10 ص 409 {6} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 5753 ج 7 ص 515 {7} البيهقي في سننھ ج 10 ص 237 {8} البغوي في شرح السنھ رقم الحديث 3399 ج 12 ص 369.

{243 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ قَيْسٍ ، عَنْ جُنْدُبِ بْنِ سُفْيَانَ الْبَجَلِيِّ قَالَ : أَصَابَ حَجَرٌ اِصْبَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَدُمِيَتۡ ، فَقَالَ : هَلْ أَنْتِ إِلاَ أُصْبَعٌ دَمِيتِ ، وَفِي سَبِيلِ اللَّهِ مَا لَقِيتِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جندب بن سفيان البجلي d کان روايت آهي ته (جنگ احد جي ڏينهن) هڪ پٿر رسول الله جي آڱر کي لڳو، ته ان مان رت وهڻ لڳو، ان تي پاڻ ڪريمن فرمايو:

(ترجمو : تون اها آڱر آهين جو رت ۾ ڀريل آهين ۽ توکي اها تڪليف الله جي راهه ۾ پهتي آهي.

مفردات جو شرح: ”أَصَابَ پهتو، لڳو. اِصۡبَعُٗ آڱر. ”فَدُمِيۡت پوءِ ان مان رت وهي هليو. رت واري ٿي.

سمجهاڻي: هي واقعو اُحُدَ جي جنگ ۾ پيش آيو هو. جڏهن حضور ڪريم جن کي آڱر مبارڪ ۾ پٿر لڳو ۽ اها رت سان ڀرجي وئي ته پاڻ ابي الدنيا جي قول مطابق ابن رواحه جو هي شعر پڙهيو هيائون.

هَلْ أَنْتِ إِلاَ اِصْبَعٌ دُمِيتِ

وَفِي سَبِيلِ اللَّهِ مَا لَقِيتِ

(تون ته هڪ آڱر آهين جيڪا رت سان ڀرجي وئي آهين. ۽ جيڪا تڪليف توکي پهتي آهي اها الله جي واٽ ۾ آهي) اها سرفرازي ۽ بلنديءَ جو سبب آهي ان جو بدلو ڀلو آهي. (انوارِ غوثيه ص 322)

علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته : اهو پٿر سندن پير مبارڪ جي آڱر کي لڳو هو. هڪ قول آهي ته هجرت کان اڳي لڳو هو اڳتي لکيو اٿس ته ابن رواحھ d جو آڱر سان خطاب ڪرڻ وارو شعر حضور ڪريم جن پڙهي پنهنجي آڱر سان خطاب ان کي عاقل جي جاءِ تي بيهاري ڪيو آهي يا ممڪن آهي ته الله ان ۾ ادراڪ پيدا ڪيو هجي تڏهن ان سان خطاب ڪيو ويو ۽ اهو حضور ڪريم جو معجزو هو ۽ ان مان مقصود تسلي ۽ آسان سمجهڻ هو. پوءِ گويا پاڻ ان کي فرمائي رهيا هئا ته ” ثابت قدم رهه ۽ پاڻ کي مطمئن رک تون هڪ آڱر آهين جيڪا توکي تڪليف پهتي آهي اها تنهنجي لاءِ هلاڪت ناهي ڇوته جيڪو توکي پهتو آهي الله جي واٽ ۾ آهي. ٿوري تڪليف آهي جنهن جو اجر ۽ بدلو وڏو آهي. (المواهب ص 409) ۽ علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته بخاري جي روايت ۾ آهي ته حضور ڪريم جن بعض جنگين ۾ هئا ۽ صحيح مسلم ۾ آهي ته ” غار ۾ هئا. ڪرماني جو قول آهي ته ” اُحد جي جنگ ۾ هئا. ۽ صحيح مسلم جيڪو غار جو لفظ آندو آهي ان مان مراد لشڪر آهي . لشڪر کي به غار سڏيو ويندو آهي. حضرت علي d ٻن لشڪرن کي به غار سڏيو آهي ڇوته هر امير جو لشڪر ان جي لاءِ غار وانگر پناهه جي جاءِ آهي. تحقيق اهو آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن اُحد جي غار ۾ هئا يا ڪنهن ٻئي جاءِ ۾ دشمنن کان حفاظت جي لاءِ هئا ۽ ان کان به ڪو مانع ناهي ته اهو واقعو متعدد ڀيرا ٿيو آهي. ۽ ان ۾ شڪ ناهي ته روايتن ۾ طعن  ڪرڻ کان هي قول وڌيڪ احسن آهي. ٿورو اڳتي لکيو اٿس ته گويا جڏهن سندن آڱر مبارڪ ۾ سور ٿيو ته ان کي مخاطب ٿي فرمايائون ته ” تون ڪنهن اهڙي وڏي تڪليف ۾ ڦاٿي ناهين ٿوري گهڻي تڪليف تي مايوس نه ٿي تو لاءِ ان  جو اجر وڏو ۽ ثواب گهڻو آهي ڇوته اها سڀ ڪجهه الله جي واٽ ۾ آهي ان تي خوش ٿي. ۽ علماء جو قول آهي ته هن پڙهڻ ۾ سندن نيت ۽ قصد شعر جو نه هو ان جي ڪري ان کي سندن شعر نه چيو ويندو ۽ اهو وَمَا عَلَّمْنٰھ الشِّعْرَ وَمَا یَنۡۢبَغِیۡ لَہٗؕ (سورة يس آيت 69) جي خلاف ناهي.                                                                                                              (جمع الوسائل ج 2 ص 36)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الجهاد باب 9 من ينکب في سبيل الله رقم الحديث 2802 ج 6 ص 19 {2} مسلم في ڪتاب الجهاد والسير باب 39 ما لقي النبي من اذي المشرکين والمنافقين رقم الحديث 1796 حديث الڪتاب 112 ج 3 ص 1421 {3} النسائي في عمل اليوم الليلة رقم الحديث 559 ص 376 {4} احمد في المسند ج 4 ص 312 {5} البيهقي في سننھ ج 7 ص 43، 44 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 6543 ج 8 ص 191.

 {244} حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ  حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنِ الأَسْوَدِ  بْــنِ  قَيْسٍ ، عَنْ جُنْدُبِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ الْبَجَلِيِّ ، نَحْوَهُ.

معنى مراد به ساڳي آهي ۽ هيءَ حديث  مٿي مذڪور ساڳين محدثن آندي آهي.

{245} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ الثَّوْرِيُّ قَالَ : أَنْبَأَنَا أَبُو إِسْحَاقَ ، عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ قَالَ : قَالَ لَهُ رَجُلٌ : أَفَرَرْتُمْ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَا أَبَا عُمَارَةَ ؟ فَقَالَ : لاَ وَاللَّهِ مَا وَلَّى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، وَلَكِنْ وَلَّى سَرَعَانُ النَّاسِ تَلَقَّتْهُمْ هَوَازِنُ بِالنَّبْلِ وَرَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَى بَغْلَتِهِ ، وَأَبُو سُفْيَانَ بْنُ الْحَارِثِ بْنِ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ آخِذٌ بِلِجَامِهَا ، وَرَسُولُ اللَّهِ يَقُولُ : أَنَا النَّبِيُّ لاَ كَذِبْ ، أَنَا ابْنُ عَبْدِ الْمُطَّلِبْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت براء بن عازب d کان روايت آهي ته مون کان هڪ شخص پڇيو: اي ابا عماره ! ڇا توهان (حنين جي لڙائي ۾) رسول الله کي ڇڏي ڀڄي ويا هئا؟ تنهن تي چيائين ته نه، خدا جو قسم! رسول الله جن نه هٽيا هئا، پر ڪي تڪڙا ماڻهو جن تي هوازن قبيلي وارن تير هنيا( اهي ڀڄي ويا هئا) ان وقت رسول الله جن خچر تي سوار هئا ۽ ابو سفيان بن حارث بن عبدالمطلب خچر جي لغام کان ورتو هو ۽ رسول الله جن ارشاد فرمائي رهيا هئا:

(ترجمو : بيشڪ آءُ نبي آهيان، ان ۾ ڪو شڪ شبهو نه آهي ۽ آءُ عبدالمطلب جو پُٽ (يعني پوٽو) آهيان.)

مفردات جو شرح: ” أَفَرَرْتُمْ ڇا اوهان ڀڄي ويا هئا. مَا وَلَّى نه پٺي ڏنائين ، نه منهن ڦيرايائين. سَرَعَانُ تڪڙا، تڪڙ ڪندڙ. تَلَقَّتْهُمْ انهن جي سامهون آيا. ” نَبَل“ تير. بَغْلَتِهِ خچر.

سمجھاڻي: هن روايت ۾ آهي ته حضرت براء بن عازب d کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان رسول الله کي ڇڏي ڀڄي ويا هئا؟ ته ان جواب ۾  فرمايو نه . الله جو قسم آهي ته رسول الله جن جنگ جي ميدان کان منهن نه ڦيرايو هو. پر تڪڙ ڪندڙ ماڻهن تي جڏهن هوازن قبيلي وارن تير وسايا هئا ته اهي منهن ڦيرائي هيڏي هوڏي ٿيا هئا. حضور ڪريم جن پنهنجي خچر تي سوار هئا. سندن خچر جي واڳ سندن چاچي حارث بن عبدالمطلب جي پُٽ ابو سفيان جي هٿ ۾ هئي. رسول الله جن هي الفاظ ارشاد فرمائي رهيا هئا.

أَنَا النَّبِيُّ لاَ كَذِبْ ، أَنَا ابْنُ عَبْدِ الْمُطَّلِبْ

(مان نبي آهيان (اهو) ڪوڙ ناهي. مان عبدالمطلب جو پُٽ (پوٽو) آهيان)

هتي حضرت نبي ڪريم جن پاڻ کي پنهنجي پيءُ جي بجاءِ پنهنجي ڏاڏي عبدالمطلب ڏانهن نسبت ڪئي آهي ان جا هي سبب آهن (1) ته ان قريشي ڪافرن کي ٻڌايو هو ته حضور ڪريم جن انهن تي غالب ٿيندا ۽ هي وقت گويا ان  جي تصديق جو هو. (2) ته جڏهن ته سندن والد جي وفات سندن حمل جي صورت ۾ هجڻ دوران ٿي هئي ان جي ڪري پاڻ ابن عبدالمطلب جي نسبت سان مشهور هئا. (3) ته عبدالمطلب مشهور سردار هو ان شهرت جي ڪري ان جو ذڪر ڪيو هيائون.   (4) ته حافظ ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته ڪافرن ۾ هيءَ ڳالهه مشهور هئي ته عبدالمطلب جي اولاد مان هڪ شخص پيدا ٿيندو جنهن سان ماڻهن کي هدايت ٿيندي اهو خاتم النبيين هوندو. ان جي ڪري نبي ڪريم جن ان نسبت سان ماڻهن کي اها مشهور شيءِ ياد ڏياري.

اصل واقعو: مذڪور ڳالهه سن 8 هجري ۾ حُنين واري جنگ ۾ ٿي هئي. ان جو مختصر بيان هن طرح آهي ته ڪيترا عرب قبيلا ان ڳالهه جا منتظر هئا ته جيڪڏهن حضور نبي ڪريم جن مڪه فتح ڪري ان  تي قبضو ڪيو ته سمجهو ته هاڻي پاڻ غالب رهندا ۽ بغير ڪنهن چون، چرا جي کين مڃي سندن  اطاعت ڪنداسون ۽ جيڪڏهن مڪه مڪرمه فتح نه ٿيو ته سمجهبو ته هي غالب نه ٿيندا. نيٺ جڏهن مڪه مڪرمه فتح ٿيو ته هوازن قبيلي وارا ۽ ڪجهه ٻيا پاڻ ۾ ملي، جُلي  لڙائي جي ارادي سان حُنين نالي جاءِ تي گڏ ٿيا جيڪا مڪه مڪرمه کان طائف ۽ عرفات ڏانهن وڃڻ واري رستي تي تقريبًا ڏهن ميلن جي فاصله تي هئي. ڪجهه تجربيڪار ، پوڙهن ، وڏي عمر وارن انهن کي روڪيو پر انهن مان ڪجهه نوجوان، جوشيلن انهن کي نه مڃيو ۽ اهو چئي ته مسلمانن کي اڃان تائين تجربيڪار، لڙندڙن سان واسطو نه پيو آهي ان جي ڪري غالب ٿيندا رهن ٿا. مبادا اسان تي به حملو ڪن ان جي ڪري پاڻ کي ئي انهن سان جنگ جي ابتداء ڪرڻ گهرجي پوءِ انهن جو ويهن هزارن  کان وڌيڪ لشڪر گڏ ٿي ويو. اها خبر جڏهن حضور اڪرم جن کي پئي ته ڏهن، ٻارهن هزارن جو لشڪر جنهن ۾ مهاجر، انصار ۽ مڪه مڪرمه جي فتح ٿيڻ کان پوءِ نوان مسلمان ٿيندڙ به شريڪ هئا ۽ ڪجهه ڪافر به گڏجي پيا هئا. هڪڙا غنيمت جي مال جي لالچ ۾ ٻيا جنگ جو منظر ڏسڻ جي لاءِ. حضرت نبي ڪريم جن ان لشڪر سان گڏ 9 شوال سن 8 هجري تي حُنين جي طرف روانا ٿيا. پر حُنين تائين پهچڻ جي لاءِ مسلمانن کي هڪ سوڙهي لَڪَ کان لنگهڻو ٿي پيو. جتي دشمنن پنهنجي لشڪر کي جبلن ۾ لڪائي ويهاري ڇڏيو هو. جيئن مسلمان اتاهين لنگهڻ وارا ٿيا ته انهن مٿان تيرن جا مينهن وسائي ڇڏيا ان بي خبري ۾ اوچتو ڪيل حملي کان مسلمان گهٻرائي، پريشان ٿي هيڏي هوڏي ڀڳا ۽ بخاريءَ جي روايت ۾ آهي ته ابتدا ۾ ڪافرن کي شڪست ملي هئي پر اهي جڏهن پوئتي ڀڳا ته هي غنيمت جي مال گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿيا ته پوءِ اوچتو سندن مٿان جبلن ۾ لڪل ڪافرن چئني طرفن کان تير وسائي حملو ڪيو ۽ هي مجمع نهايت پريشاني جي حالت ۾ هيڏي هوڏي منتشر ٿيو. ۽ حضرت نبي ڪريم جن سان ڪجهه وڏا صحابي وڃي گڏ رهيا حضرت ابوبڪر، حضرت عمر فاروق، حضرت علي، حضرت عباس وغيره وغيره  ان پريشانيءَ جي حالت ۾ جن ماڻهن ظاهري طور اسلام قبول ڪيو هو انهن موٽي مڪه مڪرمه ۾ رهيلن کي وڃي ٻڌايو ته مسلمان مغلوب ٿي ويا. اهو منظر ڏسي حبيب ڪريم جن پنهنجي سواري تان لهي، پيادل هلي.أَنَا النَّبِيُّ لاَ كَذِبْ، أَنَا ابْنُ عَبْدِ الْمُطَّلِبْ چوندي دشمنن جي لشڪر ڏانهن وڌيا. اها ڪيفيت ڏسي حضرت عباس d مهاجرين، انصارن وڻ هيٺان بيعت ڪندڙن کي جدا جدا سڏ ڪري فرمايو ته ڪيڏي ٿا وڃو هيڏي اچو. اهو آواز ٻڌڻ سان ئي پريشان حال، متفڪر لبيڪ چوندي اهڙو محبت جي جوش سان موٽيا جيئن ڏاچي پنهنجي ڦر (گورڙي) ڏانهن موٽندي آهي. مسلمانن جو موٽڻ ٿيو ته گهاٽي جنگ شروع ٿي وئي ۽ نبي ڪريم جن زمين تان ڪجهه مٽي ۽ پٿريون کڻي ” شَاهِتِ الۡوُجُوهُ“ فرمائيندي ڪافرن ڏانهن اڇلائي. ڪجهه وقت جنگ جو اهو منظر رهيو ان کان پوءِ جنگ جو منهن اهڙو ڦريو جو جنهن ميدان ۾ مسلمان پريشان ۽ حيران هئا اتي بدحواس ڪافر ڀڄندي نظر آيا ۽ پنهنجو مال، متاع، اهل، عيال مسلمانن جي لاءِ غنيمت جو مال بنائي اهڙا ڀڳا جو پوئتي مُڙي نهاريائون به ڪونه . هي مختصر قصو لکيو ويو آهي. وڌيڪ جيڪڏهن ڪو ڏسڻ گهري ته وڏين تاريخن ۾ ڏسي سگهي ٿو.

ضروري گذارش: هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن به واقعي جي متعلق صرف هڪ يا ٻه روايت ڏسڻ سان ڪو اعتراض ڪرڻ اها علم جي ڪوتاهي آهي. ڪنهن هڪ يا ٻه حديثن ۾ اڪثر ڪري واقعي جو پورو تفصيل اچي نه سگهندوآهي نه مقصود هوندو آهي. هر واقعي جي لاءِ اگر ڪا راءِ قائم ڪرڻي آهي ته جيستائين ان واقعي جا پورا حالات سامهون نه هوندا ته راءِ ڏيڻ بي محل ۽ اجائي آهي. ان حُنين جي جنگ جي متعلق ڪنهن مختصر تاريخ کي ڏسي يا هڪ ٻن حديثن جو ترجمو ڏسي اهو خيال ڪرڻ ته حضرات صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي سڄي جماعت يا هي ڏهن هزارن جو سمورو لشڪر ڀڄي ويو هو ۽ هڪ ٻن صحابن کان سواءِ حضرت نبي ڪريم جن سان ڪير به گڏ نه هو حقيقي واقعي جي خلاف هجڻ سان گڏ عقل کان به پري آهي. ڪافرن جو لشڪر جيڪو ويهن هزارن کان به وڌيڪ هو انهن جي لاءِ ڪهڙو مشڪل هو جو انهن ٻن ٽن فردن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏين ها. جڏهن ته سڀ ڪجهه ڇڏي ڀڄي ويا هئا بلڪه هڪ روايت ۾ آهي ته حضور ڪريم جن اڪيلا هئا ڪير به ساڻن گڏ نه هو. ۽ وڌيڪ عجب ته انهن ماڻهن جو آهي جيڪي جنگي حالات کان با خبر هوندا آهن لشڪرن جي ترتيب ۽ حملي جي حالات تي بصيرت رکندا آهن اهي ڪنهن هڪ اهڙي روايت کان متاثر ٿين. لشڪر جي عام ترتيب جي مناسب حضور ڪريم جن هن لشڪر کي به پنجن حصن تي ترتيب ڏنو هو. (1) مقدمة الجيش. لشڪر جو اڳيون حصو (2)ميمنه سڄي پاسي وارو پاسو. (3) ميسره . کٻي پاسي وارو حصو. (4) قلب . وچ وارو حصو . جنهن ۾ لشڪر جي امير جي حيثيت سان نبي ڪريم جن جلوه افروز هئا. (5) آخري حصو . ان کان هر جماعت جو مستقل حصو به هو جنهن جو هڪ امير مستقل جهنڊو کنيو ٿي هليو، ان جي جماعت ان سان گڏ هئي. مهاجرن جو جهنڊو حضرت عمر d جي هٿ ۾ هو ۽ حضرت علي d حضرت سعد بن ابي وقاص ، حضرت اُسيد بن حُضير، حضرت خباب بن منذر وغيره وغيره حضرات هڪ هڪ جماعت جا امير بڻيل پنهنجي ، پنهنجي جاءِ تي مقرر ٿيل هئا. مقدمة الجيش (لشڪرن جي اڳئين حصي) ۾ قبيلي بني سليم جي جماعت هئي جنهن جو جهنڊو حضرت خالد بن وليد جي هٿ ۾ هو. هيءَ جماعت لشڪر جو اڳيون حصو هو ان جماعت سان اهو واقعو پيش آيو هو. جو جڏهن هي جبلن جي لڪ مان نڪتا ته دشمنن پهريان پويان پير ڪيا جنهن جي ڪري انهن کي اڳتي وڌڻ ۽ پاڻ کي غالب سمجهي غنيمت جي مال ڏانهن متوجهه رهڻ جو خيال پيدا ٿيو ۽ پوءِ انهن جي مٿان لڪل دشمنن چئن ئي طرفن کان تيرن جا مينهن وسائڻ شروع ڪيا. اهڙي حالت ۾ هنن جو منتشر ٿيڻ، پوئتي هٽڻ فطري ڪم هو ۽ انهن جي ان حالت کي ڏسي ٻيا به هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا هئا پر ائين نه هو ته سڀ حضور ڪريم جن کي ڇڏي ويا هئا. اها ڳالهه ڪرڻ بي سمجهائي ۽ بي وقوفي آهي. جيئن عبدالرحمان هڪ شخص جو بيان نقل ڪيو آهي جيڪو ان وقت ڪافر هو ته اسان جڏهن مسلمانن تي حُنين ۾ حملو ڪيو ۽ انهن کي پوئتي هٽائڻ شروع ڪيوسين، ته اهي اسان جي حملي جو تاب نه رکندي پوئتي هٽڻ شروع ٿيا ۽ اسين انهن جي پويان اڳتي وڌڻ لڳاسين ته هڪ شخص پهتو جيڪو سفيد خچر تي سوار نهايت حسين منهن وارو هو. ان اسان کي ڏسي ”شاهتِ الوجوه“ چيو اهو ان جو چوڻ ٿينديئي اسان مغلوب ٿيڻ شروع ٿياسين ۽ اها جماعت اسان تي غالب ٿي وئي. ان بناء تي حضرت براء بن عازب d شمائل جي روايت ۾ (جيڪا مٿي لکي آيا آهيون) فرمايو ته رسول الله جن منهن نه ڦيرايو بلڪه ڪجهه تڪڙ ڪندڙن جيڪي دشمن جي تيرن کي برداشت ڪري نه سگهيا منتشر ٿي ويا ان سان گڏ هي قصو به پيش آيو جو حضور ڪريم جن جنهن رستي سان اڳتي وڌي رهيا هئا ان کي ڇڏي سڄي طرف کان وڌڻ شروع ڪيائون. غور ڪرڻ  جي ڳالهه آهي ته ان انتشار جي حالت ۽ جبلن جي وچ ۾ لشڪر جي اڪثر حصي کي ڪيئن معلوم ٿي سگهيو ٿي ته حضور ڪريم جن هن وقت ڪهڙي طرف ڏانهن وڌڻ کي اختيار فرمايو. اهڙي حالت ۾ حضور ڪريم جي ويجهو هڪ سؤ ماڻهن جو هجڻ جيئن هڪ روايت ۾ وارد آهي ۽ هڪ موقعي تي اسي ڄڻن جو هجڻ جيئن ٻي روايت ۾ وارد آهي تانجو جڏهن حضور ڪريم جن خچر کي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو ته سندن اڳيان ماڻهو هٽندا ويا تانجو ٻارهن وڃي بچيا ۽ ان کان پوءِ صرف اهي چار وڃي رهيا جيڪي خچر جي واڳ ۽ رڪاب کي جهليو پي هليا تانجو جڏهن خچر به حضور ڪريم جي منشا مطابق هلي نه سگهيو ته پاڻ ڪريمن جن ان تان لهي اڪيلي سر پٿرن جي مُٺ ڀري انهن ڏانهن وڌي ويا اهو وقت آهي جنهن کي بخاري شريف جي روايت ۾ ان سان تعبير ڪيو ويو آهي ته حضور ڪريم اڪيلا رهجي ويا هئا ڪير به ساڻن گڏ نه رهيو هو ان سان گڏ هڪ مختصر مضمون پنهنجي ذهن ۾ اهو رکڻ ته هن جنگ ۾ اهي اصحاب سڳورا ڀڄي ويا پوري واقعي تي نظر  نه رکڻ جي ڪري آهي. جڏهن ته سڄي لشڪر ۾ انتشار هو ۽ يقينًا ماڻهو منتشر ٿي ويا هئا هڪڙن کي ٻين جي خبر ئي نه هئي ته ڪٿي آهن ان جي ڪري حضور ڪريم جن حضرت عباس d کان جيڪو بلند آواز وارو هو ماڻهن کي سڏ ڪرايو جنهن جي ٻڌڻ سان اهي سڀ حضور ڪريم وٽ گڏ ٿي ويا هئا ۽ ٻئي حملي ۾ ميدان مسلمانن جي هٿ ۾ هو. بهرحال ان مضمون ۾ ته پاڻ سڳورن سان ان مهل ڪيترا گڏ هئا مختلف روايتون آهن ۽ هر روايت پنهنجي موقعي سان وابسته آهي تانجو صحيح بخاري شريف جي روايت ته پاڻ سڳورا جن اڪيلا رهجي ويا هئا ڪير به ساڻن گڏ نه هو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته جڏهن پاڻ پنهنجي خچر تان لهي اڳتي وڌي انهن ڏانهن پٿريون اڇلائي رهيا هئا ته ان وقت سڀ پوئتي رهجي ويا هئا ۽ پاڻ اڪيلا اڳتي وڌي رهيا هئا پر ڪنهن به روايت ۾ به هي ناهي ته جيڪي ڪجهه ان وقت سندن قريب هئا ان کان سواءِ باقي سڀ ڀڄي ويا هئا. (خصائل نبوي ص 185، 190) علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته : حُنين واري جنگ مشهور آهي پاڻ ڪريمن جو اهو معجزو هو جو سندن هٿ مبارڪ مان اڇلايل پٿريون ۽ مٽي سڀني جي منهن ۽ اکين ۾ پئي پوءِ سڀ وٺي ڀڳا. ”شاهتِ الوجوه“ جي معنى منهن خراب ٿيا. ”عن رسول الله“ هن عبارت جو تعلق محذوف سان آهي. اصل عبارت هيئن چئي ويندي.“ ته ڇا اوهان رسول الله کي ڇڏي ڀڄي ويا هيئو؟ ڇوته اهي دشمن جي ڊپ کان منتشر ٿيا هئا. حضور ڪريم جن کان نه ڀڳا هئا.“  يا ابا عُمارة“ هي حضرت براء بن عازب d کي ان جي ڪنيت سان سڏ هو. ان جي ڪنيت آهي. عمارة. حذافه“ وانگر حضرت براء جواب ۾ فرمايو ”لا“ نه. يعني سڀ صحابه ڪونه ٽڙيا پکڙيا يا منتشر ٿيا هئا. اڪابر صحابه رضي الله عنهم پنهنجي محبوب نبي ڪريم سان گڏ هئا. ڪي تڪڙا هئا جيڪي منتشر ٿي ويا هئا. ”والله ما ولي رسول الله “ الله جو قسم آهي ته رسول الله جن پٺي ڏئي نه ويا هئا. قسم سان منڪر جي ترديد ۾ مبالغو مقصود آهي. ۽ حضور ڪريم جي پُٺي نه ڏيڻ جو ذڪر ڪيو ويو حالانڪه سوال ته صحابه ڪرام جي منتشر ٿي وڃڻ جي متعلق هو. ڇوته حضرت حبيب ڪريم جو ثابت رهڻ وڏن، وڏن صحابه جي ثابت رهڻ جو دليل آهي ڇوته اهي سندن ذات جي لاءِسر قربان ڪندڙ هئا ۽ انهن کي اهو علم هو ته الله پنهنجي محبوب جو محافظ ۽ کين محفوظ رکندڙ آهي ۽ سوال ڀڄڻ جو هو پر جواب ۾ پٺي نه ڏيڻ جو ذڪر ان جي ڪري ڪيو ويو جو هي بلند مقام بي ادبي واري لفظ آڻڻ کان مٿي هو ڇوته پٺي ڏيڻ ڪڏهن ڪڏهن جنگ جي فن لاءِ هوندي آهي يا جدا ٿيل جماعت کي پنهنجي ٻئي جماعت سان ڳنڍڻ يا ملڻ جي لاءِ هوندي آهي ۽ ڀڄڻ خوف ۽ ڊپ کان هوندو آهي گهڻو ڪري سستي جي ڪري ٿيندو آهي ۽ هن ڳالهه تي اجماع آهي ته حضرت حبيب ڪريم جن کان ڀڄڻ نه ٿيندو. جنهن اهو گمان ڪيو ته پاڻ جنگ کان ڀڳا هئا جيڪڏهن ان سان تنقيص جو ارادو ڪري ٿو اهو ڪافر آهي نه ته به ان کي امام شافعي وٽ مار ڏئي ادب سيکاريو ويندو ۽ امام مالڪ ߋ وٽ اهو قتل ڪيو ويندو.وَلٰکِنۡ وَلِّي سَرۡعَانُ النَّاسِ پر ماڻهن مان تڪڙ ڪندڙن، ڪنهن شيءِ ڏانهن جلدي سان ويندڙن، ان جي خطري کان غافل رهندڙن جن جي دل ۾ اڃان ايمان پورو متمکن نه ٿيو هو انهن (غنيمت جي مال حاصل ڪرڻ جي لاءِ) جلدبازي ڪئي هئي. ”تَلَقَّتۡهُمۡ هَوازِنُ بِالنَّبۡلِ انهن کي هوازن قبيلي وارا تيرن سان سامهون ٿيا. يعني تير وسايائون. هوازن قبيلي وارا مشهور تيرانداز هئا انهن جو تير گهڻو ڪري گسندو نه هو. اهي حُنين جي واديءَ ۾ لڪل هئا. حُنين عرفات واري رستي سان مڪه کان ٽن راتين جي پنڌ تي هو. ۽ جڏهن انهن تير وسايا ته پهرئين ٽولي وارا پوئين ڏانهن ڀڳا ۽ الله پنهنجي محبوب ڪريم ۽ مؤمنن تي سڪون نازل فرمايو جيڪو انهن جي مدد ۽ ڪاميابي جو سبب بڻيو. وَرَسُوۡلُ اللهِ عَلٰي بَغَلَتِہٖ“ ۽ حضرت نبي ڪريم جن پنهنجي خچر (مبارڪ) تي سوار رهيا. هي اهو خچر هو جيڪو سندن خدمت ۾ ”مقوقس“ بادشاهه هديو ڪري  موڪليو هو ان جو نالو ” دلدل“ هو. هي حضرت معاويه d جي دور ۾ مري ويو هو ۽ حضور ڪريم جن جو ٻيو خچر به هو جنهن کي ”فضہھ“ سڏيو ويندو هو. ۽ سندن هڪ گڏهه به هو. جنهن کي ”يعفور“ سڏيندا هئا. جڏهن نبي ڪريم جن دنيا تان ظاهري رحلت فرمائي ته ان پنهنجو پاڻ کوهه ۾ اڇلايو ۽ مري ويو ۽ حضرت محبوب ڪريم جن جو جنگ  جي ميدان ۾ خچر تي سوار ٿيڻ حالانڪه اهو جنگ جي ميدان لاءِ مناسب نه هو اهو ته امن واري جاءِ جي لاءِ سواري هوندو آهي ان ٻڌائڻ جي لاءِ هو ته پاڻ دشمن  کي وڏي قوت نه سمجهندا هئا جو سندن مدد آسماني ۽ کين رباني تائيد حاصل هئي. ”ابو سفيان بن الحارث“ هي سيدنا رسول الله جن جو سؤٽ ۽ سندن کير جو ڀاءُ هو هڪ قول مطابق هن جو نالو ”المغيره“ هو. حضرت نبي ڪريم جن جي نبوت جي اظهار کان پهريان ساڻن محبت رکندو هو ۽ اعلان نبوت کان پوءِ کين ايذائيندو هو پر جڏهن مسلمان ٿيو ته پوءِ سچو ۽ مخلص رهيو. نبي پاڪ جي خچر مبارڪ جي واڳ ان جي هٿ ۾ هئي ۽ بعض روايتن ۾ آهي ته ان خچر مبارڪ جي واڳ حضرت عمر d جي هٿ ۾ هئي. ۽ حضرت عباس d ان جي رڪيب کي وٺيو ٿي هليو. حديث شريف ۾ ”لجام“ لفظ آيو آهي اهو اصل ۾ فارسي لفظ آهي جيڪو عربي ۾ استعمال ڪيل آهي. يا ان ۾ ٻٽي لغتون هڪ ٻئي جي موافق آهن. ”لجام“ جـــــو جــــمع ”لُجُمُ آهي جيئن ڪتاب جــــــو جــــمع ڪُتُب“ آهي.اَنَا النَّبِيُّ لَاکَذِبۡجو مطلب ته ”مان الله جو برحق نبي آهيان جيڪو مان چوان ٿو ته مون سان الله منهنجي مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي اهو سچو آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوڙ ناهي نه مان جنگ جي ميدان مان ڀڄندس. نه لڪندس. هن ارشاد ۾ دليل آهي ته پاڻ قوت ۽ شجاعت جا صاحب هئا ان جي هوندي به جو صحابه ڪرام دشمنن جي طرفان  اوچتو حملو ڪرڻ جي ڪري ٽڙي ، پکڙي ويا هئا ۽ ساڻن ٿورا ماڻهو وڃي رهيا هئا. ته به دشمنن جي وچ ۾ اهو اعلان ڪرڻ سندن بي انتها دليري آهي.اَنَا ابۡنُ عَبۡدُالۡمُطَّلَبِ مان عبدالمطلب جو پُٽ آهيان. جيڪو قريش جو سردار هو ۽ قريشين ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي هئي ته بني عبدالمطلب مان اهڙي شخصيت ايندي جيڪا انهن قريشين تي غالب ٿيندي ان جي ڪري پاڻ کي ان ڏانهن نسبت ڪيائون حالانڪه اهو سندن والد نه هو بلڪه ڏاڏو هو ۽ ڏاڏي ڏانهن سندن نسبت مشهور به هئي ڇوته سندن والد نوجوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو هو. پوءِ کين سندن ڏاڏي نپايو هو ۽ هنن لفظن چوڻ مان ثابت ٿيو ته ”مان فلاڻي جو پُٽ آهيان، چوڻ جائز آهي ان شرط سان جوان چوڻ ۾ وڏائي فخر ۽ غرور نه هجي ۽ حضرت علي d جو چوڻ اَنَا الَّذِيۡ سَمَّتۡنِي اُمِّي حَيۡدَرَهٗ مان اهو آهيان جنهن جو نالو امان حيدر رکيو آهي . به انهيءَ قسم مان آهي  سلمة چيو هو.اَنَا ابۡنُ الۡاَکَوعَ.“ مان اڪوع جو پُٽ آهيان. پر جيئن جاهلن جي عادت آهي ته اهڙا الفاظ غرور ۽ وڏائي طور چوندا آهن. اهو ناجائز آهي.                                                                                            (المواهب شرح الشمائل ص 410، 412)

علامه علي القاري ߋ هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته حضرت بر’اء بن عازب d جو چوڻ ته حضور ڪريم جن ڪونه ڀڳا هئا. “ هن طرف اشارو هو ته رسول الله جن شجاعت ۽ دليريءَ جي ڪري اتي جنگ جي ميدان ۾ موجود رهيا ۽ سندن جي لاءِ الله جو ارشاد به آهي” وَاللهُ يَعۡصِمُکَ مِنَ النَّاسِ“ الله توکي ماڻهن کان محفوظ رکندو) پوءِ ان وقت صحابه رضي الله عنهم جي ڀڄڻ جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي. ڇوته اهي سندن موافقت ۾ شديد هيا ۽ انهن کي اهو به علم هو ته محبوب ڪريم جن الاهي تائيدات سان تائيد ڪيل آهن ۽ اصحابن ڀلارن جي ڀڄڻ جو وهم تڏهن ٿئي ها جڏهن محبوب ڪريم جن (معاذ الله ثم معاذالله) ميدان مان ڀڄي وڃن ها ۽ اهو ناممڪن ۽ محال هو.

اعتراض: حضرت نبي ڪريم جن جي ميدان مان نه ڀڄڻ مان اهو لازم ناهي ته اصحاب سڳورا نه ڀڳا هجن؟

جواب: حضرت براء بن عازب d جو جواب فضلاء جي ادب سان بديع آهي ڇوته اصل ڪلام هيئن آهي ته ڇا اوهان سڀ ڀڄي ويا هيئو؟ پوءِ ان جي تقاضا هئي ته رسول الله جن ڀڄي ويا هجن. حضرت براء بن عازب d  فرمايو ته ”نه رسول الله جن ڪونه ڀڳا هئا.“ (۽ جڏهن پاڻ نه ڀڳا هئا ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان به ڪونه ڀڳا هئا پر ٿورو گهڻو منتشر ٿيا هئا سو جنگين ۾ اهڙي حالت ٿيندي رهندي ۽ صحابه ڪرام تي طعن ڪرڻ جائز ناهي پر جڏهن محبوب ڪريم موجود هئا ته پوءِ سندن محب ڪيئن ڀڄندا. محدث طبراني ߋ لکيو آهي ته جنگ ۾ منتشر ٿيڻ هيڏي هوڏي ڀڄڻ اُهو منع آهي جنهن ۾ واپس اچڻ جي نيت نه هجي پر پاسي تي ٿي دشمن تي وري حملي جي لاءِ تياري ڪرڻ يا مجاهدن جي هڪ ٽولي جو ڀڄي ٻئي سان ملڻ منع نه پر جنگ ۾ حڪمت عملي آهي جيڪو جنگ جي طريقي ۾ ڄاڻ ۽ قابلييت جو دليل هوندو آهي ۽ حضرت براء بن عازب d جو فرمان عام صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي نه ڀڄڻ ۽ اڪابر صحابه رضي الله عنهم نبي ڪريم جن سان موجود هجڻ تي واضح حجت ۽ مضبوط دليل هجڻ ڏانهن اشارو آهي ڇوته اهي رسول الله جن جي مٿان سر گهوريندا ۽ ساهه صدقي ڪندا هئا ۽ انهن کي يقين هو ته الله پنهنجي حبيب ڪريم جي حفاظت ۽ ماڻهن کان بچائڻ جو وعدو ڪيو آهي ۽ مسلمانن جو اجماع آهي ته رسول الله جن جو جنگ جي ميدان مان ڀڄڻ ممڪن ئي ناهي. ۽ جيڪو چوندو ته پاڻ ڪريم جن جنگ جي ميدان مان ڀڳا هئا ته ان کي سزا ڏني ويندي پر جيڪڏهن ڪو سندن شان ۾ توهين ۽ تنقيص جي ارادي سان ائين چوندو ته اهو ڪافر ٿي ويندو پوءِ اصح قول مطابق جيڪڏهن توبه نه ڪندو ته حنفين وٽ شرعي حد لڳائي اهو قتل ڪيو ويندو ۽ امام مالڪ ߋ ۽ اسان حنفين جي بعض علماء وٽ مطلقًا قتل ڪيو ويندو ۽ بعض علماء ته ان  تي اجماع نقل ڪيو آهي ته اهو مطلقًا قتل ڪيو ويندو.

علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته منهنجي ذهن ۾ حضرت براء بن عازب ߋ جي قول جي هيءَ معنى آهي ۽ اصل ڪلام هيئن آهي ته الله جو قسم آهي ته رسول الله جن ڀڳا نه هئا ۽ نه سندن پويان موجود صحابه رضي الله عنهم ڀڳا هئا. صرف اڳئين دستي وارا اوچتو حملو ٿيڻ جي ڪري هيڏي هوڏي منتشر ٿيا اهي به حضرت عباس d جي سڏ کي ٻڌي پهچي ويا هئا ۽ حضرت رسول الله جن پاڻ ته موجود هيا ئي هيا.

منهنجو خيال: مون کي ائين محسوس ٿو ٿئي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي مخالفن کي اهو وڏو درد آهي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان حڪمت عملي تي عمل ڪري پاڻ ڇو بچايو؟ سڀ دشمنن جي هٿان (شهيد) ختم ٿي وڃن ها نه هجن ها نه اسلام جو ڪم وڌي ها. جڏهن اها سندن خواهش پوري نه ٿي ته راڳ ڳائيندا ٿا وتن ته ڀڄي ويا، نبي ڪريم جن کي اڪيلو ڇڏي ويا. عقل جا ماريل، حق ۽ سچ جا ويري، دين جا دشمن اهو نه ٿا سوچين ته جيڪڏهن اهڙا بيڪار بي وفا هئا (معاذالله) ته پوءِ حضرت رسول الله جن انهن کي سزا ڇونه ڏني، پنهنجي لشڪر کان جدا ڇونه ڪيو، حالانڪه مڪه مڪرمه فتح ٿي ويو هو، الله سندن حامي ۽ ناصر هو پاڻ نه ڪنهن جا محتاج هئا نه ضرورتمند. مگر ڇا ڪجي انڌي کي ڇا نظر ايندو، چمڙي کي سج سان ڪهڙي محبت رهندي. پاڻ سڳورا جن جنهن خچر تي سوار هئا هڪ قول مطابق اهو ”فضہ“ نالي خچر هو، جيڪو سندن جي لاءِ ”فروه“ هديي طور موڪليو هو. علامه علي القاري ߋ وٽ اهو قول صحيح آهي ۽ علماء عظام فرمايو ته حضور ڪريم جن جو جنگ جي ميدان ۾ خچر تي سوار ٿيڻ (حالانڪه اهڙن ميدانن ۾ گهوڙو اهم هوندو آهي) سندن شجاعت جو ڪمال ۽ دليري  جي انتها آهي ۽ ماڻهن کي جنگ دوران سندن ذات ڏانهن موٽڻ ۽ خدمت ۾ حاضر ٿيڻ آسان رهندو هو ۽ تان ته پاڻ ٻين کان ممتاز رهن ۽ اهو پاڻ عمدًا ڪيو هيائون نه ته سندن ڀلا گهوڙا به هوندا هئا ۽ سندن جرئت ۽ شجاعت سان ميدان ۾ وڌڻ ۽ نبي هجڻ جي دعوى ڪرڻ مالڪ مٺي جي مٿان اعتقاد ۽ يقين جو اظهار هو، ۽ ان دوران سندن چوڻ ته مان عبدالمطلب جو پُٽ آهيان ان جي ڪري هو جو قريش ۾ سندن تشريف آوري بلڪه ميلاد کان پهريان ئي اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي هئي ته عبداللمطلب جي اولاد مان هڪ نبي ظاهر ٿيندو جيڪو دشمنن تي غالب رهندو. ۽ انهن مان ڪيترن سندن ڄمڻ کان پهريان ئي اهڙا خواب وغيره ڏٺا هئا جيڪي سندن نبوت جا دليل هئا ۽ سندن معجزن جي ظهور جا نشان هئا ۽ ان دور جي نجومين ۽ ڀوپن ٻڌايو هو ته هڪ نبي تشريف فرما ٿيڻ وارو آهي ۽ حضرت عبدالمطلب پاڻ به ٻڌايو هو ته سندس اولاد مان هڪ نبي اچي رهيو آهي جنهن جو وڏو شان هوندو، ۽ حضرت عبدالمطلب اهڙو خواب به ڏٺو هو ته ان مان هڪ نور نڪتو آهي ۽ پاڻ ڪريم جن جيڪو لشڪر هوازن ۽ ثقيف قبيلي وارن ڏانهن وٺي ويا هئا انهن ۾ ڏهه هزار ته مدينه منوره کان آيل هئا ٻه هزار مڪه مڪرمه فتح ٿيڻ کان پوءِ اتي جا نوان مسلمان، غلامي کان آزاد ٿيل هئا ۽ انهن سان گڏ اسي مشرڪ به نڪتا هئا انهن ۾ صفوان بن اميھ به هو. ۽ حسن سند سان آيو آهي ته هڪ مرد جبل تي چڙهي هوازن وارن کي ڏسي عرض ڪيو ته اهي عورتن ۽ ٻڪرين سميت آيل آهن ته پاڻ مُرڪندي فرمايائون ته اهي انشاء الله العزيز سڀاڻي مسلمانن جي لاءِ غنيمت هونديون، ۽ حضرت عباس d کي پاڻ فرمايو هيائون ته منتشر صحابه رضي الله عنهم کي سڏ ڪر سو ان جي ڪري جوان جو سڏ ارڙهن ميلن تي پهچندو هو. ۽ اهو سڏ ٻڌڻ شرط اهي منتشر ٿيل صحابي ائين ڀڄندا آيا جيئن چوپايا جانور پنهنجي ڦرن ڏانهن ڀڄندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جي سواري پوئتي موٽڻ ۾ دير پئي ڪري يا نه پئي موٽي ته اهو ان کي ڇڏي پيادل ڊوڙندو ٿي آيو. جڏهن سڀ اچي ويا ته نبي ڪريم جن ان کي گڏجي حملي جو حڪم ڪيو ۽ جڏهن گڏجي حملو ڪيائون ته پاڻ مٽي يا پٿرن جي مٺ ڀري ڪافرن ڏانهن اڇلايائون. اتي موجود ڪافرن کان سندن پُٽن بيان ورتو ته انهن چيو ته اسان سڀني جي اکين ۽ وات ۾ مٽي پئجي وئي ۽ اسان آسمان کان ڪاتيءَ کي لوهه جي ٿالهيءَ تي ڇيري ڏيڻ ۽ تکي ڪرڻ جو آواز ٻڌو ۽ اسان تي مسلمانن اهڙو زوردار حملو ڪيو جو ٻڪريءَ ڏهڻ جي به فرصت نه ملي پوءِ اسان انهن جي اڳيان هلڻ لڳاسون تانجو اسين هڪ سفيد خچر جي سوار حضور ڪريم وٽ پهتاسون اتي اسان کي ڪجهه چمڪدار چهرن وارا مرد سامهون آيا جن اسان کي چيو”شاهت الوجوه“ موٽو. واپس ٿيو پوءِ اسين موٽياسون ته اهي اسانجي ڪلهن تي چڙهي ويا. اهي الله جا ملائڪ هئا. هن جنگ ۾ چار مسلمان شهيد ٿيا ۽ ستر ڪافر قتل ٿيا. (جمع الوسائل ج 2 ص 37، 40)

علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته صفوان بن اميه جيڪو جنگ ۾ گڏجي نڪتو هو ان کان حضور ڪريم   جن هڪ سؤ زرهون ڪُنڊن ڪڙن سميت اوڌاريون ورتيون هيون.                                                                                                                                        (اشرف الوسائل ص 343)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري ڪتاب المغازي باب 54 رقم الحديث 4315 ج 8 ص 27 {2} مسلم في ڪتاب الجهاد والسير باب 28 في غزوة حُنين رقم الحديث 1776 حديث الڪتاب 80 ج 3 ص 1401 {3} احمد في المسند ج 4 ص 289 {4} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5741 ج 7 ص 510 {5} البيهقي في سننھ ج 7 ص 43 {6} النسائي في ڪتاب السير من سننھ الڪبرى ڪما في التحفة ج 2 ص 53 {7} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 707 ص 96 {8} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 56.

{246} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ قَالَ : حَدَّثَنَا جَعْفَرُ بْنُ سُلَيْمَانَ قَالَ : حَدَّثَنَا ثَابِتٌ ، عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دَخَلَ مَكَّةَ فِي عُمْرَةِ الْقَضَاءِ ، وَابْنُ رَوَاحَةَ يَمْشِي بَيْنَ يَدَيْهِ ، وَهُوَ يَقُولُ: وَيُذْهِلُ الْخَلِيلَ عَنْ خَلِيلِهْ[من أشعار عبد الله بن رواحة - البحر الرجز]

خَلُّوا بَنِي الْكُفَّارِ عَنْ سَبِيلِهٖ الْيَوْمَ نَضْرِبُكُمْ عَلَى تَنْزِيلِهْ ...ضَرْبًا يُزِيلُ الْهَامَ عَنْ مَقِيلِهْ

 فَقَالَ لَهُ عُمَرُ : يَا ابْنَ رَوَاحَةَ ، بَيْنَ يَدِي رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَفِي حَرَمِ اللَّهِ تَقُولُ الشِّعْرَ ، فَقَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : خَلِّ عَنْهُ يَا عُمَرُ ، فَلَهِيَ أَسْرَعُ فِيهِمْ مِنْ نَضْحِ النَّبْلِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته جڏهن نبي پاڪ عمره جي قضا جي لاءِ مڪي شريف ۾ داخل ٿيا ته ان وقت عبدالله بن رواحھ d پاڻ سڳورن جي اڳيان هلي رهيو هو ۽ هي شعر پڙهي رهيو هو: (يعني : اي ڪافرن جا اولاد! حضور ڪريم جي رستي کان پري هٽي وڃو. اڄ (قرآن شريف جي حڪم مطابق) اوهان تي اهڙو وار ڪنداسون.

(جو کوپري کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندو ۽ دوست کان دوست وسري ويندو.)

پوءِ حضرت عمر فاروق d  انکي چيو: اي ابن رواحه! تون رسول الله جي آڏو ۽ خدا جي حرم شريف ۾ شعر ٿو چوين؟ تنهن تي نبي پاڪ فرمايو:” اي عمر! هن کي ڇڏي ڏي. ڇا لاءِ ته اهي شعر ڪافرن تي تيرن وسائڻ کان به وڌيڪ سخت تيز تکا آهن.“

مفردات جو شرح: ”عُمْرَةِ الْقَضَاءِ هن مان مراد اهو عمره آهي جيڪو نبي ڪريم جن ۽ مڪه مڪرمه جي رهاڪو قريشين جي وچ ۾ صلح سان طئي ٿيو هو. هن کي عمرة القضاء سڏيو ويندو آهي. ”وَهُوَ يَقُولُ هي واو حال جو آهي. حالانڪه اهو چوي پيو. جمله حاليه آهي. نَضْرِبُكُمْ اسين اوهان کي قتل ڪنداسون. اَلْهَامَ مٿو. ”مَقِيلِهٖ قيلولھ ڪرڻ جي جاءِ. يُذْهِلُ وسارائي ڇڏيندو. ذهل، ذهول کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ڇڏڻ، وسارڻ، ڊپ کان غافل ٿيڻ.

سمجهاڻي: سن 6 هه ۾ حديبيه جي مقام تي مڪه مڪرمه جي ڪافرن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ صلح ٿيو. انهن شرطن تي سن 7 هه ۾ حضور ڪريم جن ۽ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان عمره ڪيو. هن کي ”عمرة القضاة“ سڏيو ويو آهي. ان دوران حضرت نبي ڪريم جڏهن مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيا ته سندن ڏاچي جي مهار حضرت عبدالله بن رواحھ d جي هٿن ۾ هئي ۽ حضرت عبدالله بن رواحھ d جي ڳچيءَ ۾ سندس تلوار لڙڪايل هئي. جڏهن ان مٿيون شعر پڙهيو ته حضرت عمر d حضور ڪريم جي ۽ بيت الله جي حرم جي احترام کي ذهن ۾ رکندي حضرت عبدالله بن رواحھ d کي شعر پڙهڻ کان روڪيو پر حضرت نبي ڪريم جن وري حضرت عمر d کي روڪيو ته تون عبدالله بن رواحھ d کي شعر کان منع نه ڪر اهي شعر ڪافرن جي مٿان تيرن وسائڻ کان ڏکيا آهن. مذڪور شعر جي وضاحت ڪندي علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته اي ڪافرن جا فرندؤ! اوهان هاڻي هميشه جي لاءِ حضرت حبيب ڪريم جو رستو خالي ڪري ڇڏيو وچ ۾ رڪاوٽ نه بنجو ۽ اهو ان جي ڪري فرمائي رهيو هو جو مڪه مڪرمه جي فتح ٿيڻ واري ڏينهن ڪافر شهر مان نڪري جبلن جي چوٽين تي چڙهي ويا هئا. ۽ شهر خالي ڪري ڇڏيو هيائون. ۽ ”اليوم“ اڄ ۽ هن وقت ۾ اسين اوهان کي جيڪڏهن اوهان عهد ڀڳو ۽ حضرت نبي ڪريم جن کي مڪه مڪرمه ۾ اچڻ کان روڪيوَ ته اوهان تي اهڙيون تلوارون وسائينداسون جو اوهان جي مٿن جو کوپڙيون نه رهنديون ۽ اها ڪيفيت ڏسي هڪ دوست ٻئي دوست کان غافل ٿي ويندو. ڪير ڪنهن کي ياد نه رهندو. هر ڪو پنهنجي سر بچائڻ ۾ مشغول هوندو . حضرت عمر d اهو شعر ٻڌي حضرت ابن رواحھ d کي مذمت جي انداز ۾ فرمايو ته ڇا رسول الله جي اڳيان ۽ الله جي بيت جي حرم ۾ شعر چوندو ٿو هلين! مطلب ته نه چئو. ته نبي ڪريم جن حضرت عمر d کي فرمايو عمر ڇڏيس.“ اهي (اشعار) ڪافرن تي تيرن هڻڻ کان به وڌيڪ تڪڙو اثر ڪندڙ آهن. حضرت عمر d پاڻ سڳورن جن جي ادب احترام ۽ بيت الله جي تعظيم سان گڏ اهو به خيال ۾ آندو هوندو ته اڪثر شعرن جي الله جي ڪلام ۽ حضرت نبي ڪريم جي احاديث ۾ منع آيل آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا شعر مخالف کي ڀڙڪائيندا ۽ چِڙ ڏياريندا آهن ان جي ڪري اهي نه چوي ته ڀلي سڪون ۽ امن، امان سان عمره شريف ادا ٿي وڃي، پر حضرت محبوب آقا جن ان جي حڪمت بيان ڪندي حضرت عمر d کي روڪيو ۽ ٻڌايو ته اهي حڪمت ڀريا ۽ ڪافرن تي وڌيڪ اثر انداز آهن جيئن چيو ويو آهي ته:

جَرَاحَاتُ السنَانِ لَهَا التِيَامٗ

وَلَا يلتَامُ مَا جَرَحَ اللسَانٗ

(يعني تيرن جا ڦَٽ ڇٽي وڃن ٿا ۽ زبان جا ڦَٽ نه ٿا ڇٽن)

سٺو شعر چوڻ ۽ ٻڌڻ مستحب آهي: علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته : هن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهڙا شعر چوڻ ۽ ٻڌڻ جائز بلڪه مستحب آهن جن ۾ اسلام جي مدح ۽ سِرَ الله جي حوالي ڪرڻ ۽ ان جي ديدار جي سچائيءَ جو ثبوت ملي. علامه ابن حجر مڪي لکيو آهي ته هن ۾ اهڙن شعرن جي چوڻ ۽ ٻڌڻ جي جواز بلڪه مستحب هجڻ جو ثبوت ملي ٿو جن ۾ مسلمانن جي جرئت ۽ دليري ۽ دشمن کان نه ڊڄڻ ۽ ان جي پرواه نه ڪرڻ جو بيان هجي. علامه علي القاري هنن شعرن جي معنى ڪندي لکيو آهي ” مطلب ته محبوب ڪريم جن جي لاءِ حرم ۾ داخل ٿيڻ جو رستو هميشه جي لاءِ خالي ڪري سندن دين متين ۾ داخل ٿيو.عَلٰي تَنۡزِيۡلِهٖ جو مطلب ته : ان بناء تي حضور ڪريم جن رسول آهن جن تي الله جو وحي نازل ٿيو آهي يا اوهان انهن سان مڪه مڪرمه ۾ منزل انداز ٿيڻ ۽ ان دوران امن امان سان رهڻ جو معاهدو ڪيو آهي. بهر صورت ”سبيله“ ۽ تنزيله“ جا ضمير حضور ڪريم جن ڏانهن موٽن ٿا. اڳتي لکيو اٿس ته : جيئن قيامت جي ڏينهن هڪڙو دوست ٻئي دوست کان غافل هوندو اوهان جو به هتي اهو حشر ٿيندو. ۽ حضرت حبيب ڪريم جو حضرت عمر d کي فرمائڻ ته ”عمر ڇڏيس“ جو مطلب آهي ته : اي عمر (d ) توتي واجب آهي ته : شعر جي فردن ۾ فرق ڪرين، شعر به ٻئي ڪلام وانگر آهي ان مان سهڻي مضمون وارو سهڻو آهي ۽ خراب مضمون وارو خراب آهي ۽ مطلقًا شعر اهو ممنوع آهي جنهن جي ڪري علم ۽ عمل ڇڏيو وڃي نه ته شعر جو وڏو تاثير هوندو آهي خصوصًا جڏهن بلاغت ۽ فصاحت وارن جي طريقي تي چيو ويندو آهي. حضرت ڪعب بن مالڪ d کان روايت آهي ان حضور ڪريم جي خدمتِ اقدس ۾ عرض ڪيو ته ”الله شعر جي باري ۾ نازل فرمايو آهي جيڪو نازل ٿيو.“ مقصد ته شعراء جي اتباع گمراه ڪندا.“ ته پوءِ شعر چوڻ ڇڏي ڏجي“ حضرت رسول الله جن ان کي فرمايو تهاِنَّ الۡمُؤۡمِنَ يُجَاهِدُ بِسَيۡفِهٖ وَلِسَانِهٖ وَالَّذِيۡ نَفۡسِيۡ بِيَدِهٖ لَکَانَّمَا تَرۡمُوۡنَهُمۡ نَضۡحُ النَّبۡلِ. (بلاشڪ مؤمن پنهنجي تلوار ۽ زبان سان جهاد ڪندو آهي (ان ذات جو قسم آهي جنهن جي (قدرتي) هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته ڄڻ ته اوهان (انهن شعرن سان) انهن کي تير هڻي رهيا آهيو.) مطلب ته ڀلا شعر ڀلي چئو. محدث نووي ߋ فرمايو ته حضرت انس جي روايت ۽ عبدالله بن رواحه f جي شعرن مان ثابت ٿيو ته ڪافرن جي مذمت ۽ ايذاء ڏيڻ وارا شعر چوڻ جائز آهن جيڪڏهن انهن سان امن امان جو معاهدو ٿيل ناهي ڇوته الله ڪافرن سان جهاد ڪرڻ ۽ انهن تي سختي ڪرڻ جو امر ڪيو آهي انهن تي سختي ڪرڻ ۾ انهن جي عقيدي جي باطل هجڻ جو اظهار آهي پر جيڪڏهن ڪافر ڪا اهڙي شرارت نه ٿا ڪن ته انهن جي مذمت جي ابتداء مسلمان نه ڪن. ڇوته الله جو فرمان آهي: وَلَا تَسُبُّوا الَّذِيۡنَ يَدۡعُوۡنَ مِنۡ  دُوۡنِ اللهِ فَيَسُبُّو اللهَ عَدۡوًا بِغَيۡرِ عِلۡمِِ“ (۽ انهن (بتن) کي گاريون نه ڏيو جن جي (ڪافر) علم کان سواءِ پوڄا ڪن ٿا پوءِ اهي علم کان سواءِ الله کي گاريون ڏيندا.) (جمع الوسائل ج 2 ص 41، 42، المواهب ص 413، 415 اشرف الوسائل ص 348) محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : هي عمره عمرة القضاة به ان جي ڪري سڏيو ويو آهي. بعض امامن شافعيه وغيره جو ان ۾ اختلاف آهي، پر ان جو بحث فقهي ڪتابن ۾ تفصيل سان لکيل آهي ۽ هن سفر ۾ حضور ڪريم جن سيده ميمونه g سان نڪاح ڪيو هو ۽ عزت ۽ شوڪت سان عمره مان فارغ ٿي صلحنامه لکيل جي مطابق ٽي ڏينهن مڪه مڪرمه ۾ رهي مدينه منوره ڏانهن واپس ٿيا هئا. ۽ حضرت عمر d کي پاڻ وقتي ۽ مقامي مصلحت سان ته شعر به زباني جهاد آهي. شعر چوڻ جي  جهلڻ کان روڪيو هيائون) شعر چوڻ زباني جهاد آهي مگر قواعد ۽ شرائط جو لحاظ ڪرڻ جيئن جهاد ۾ هوندو آهي تيئن هن ۾ به آهي. (خصائل نبوي ص 190)

فائدو: محدث ترمذي ߋ فرمايو ته : اهل علم وٽ اصح قول هي آهي ته : مڪه مڪرمه جي فتح وقت حضور ڪريم جن جي ڏاچيءَ جي مهار حضرت ڪعب بن مالڪ d جي هٿ ۾ هئي ۽ ابن رواحھ جنگ ”موته“ ۾ شهيد ٿي ويو. عمرة القضاء ان کان پوءِ ڪيو ويو هو، پر علامه فواز احمد زمزلي شمائل جي حاشيه ۾ ان قول کي رد ڪندي لکيو آهي ته ”مشهور قول هي آهي ته ”عمرة القضاء“ سن ست هجري ۾ ڪيو ويو هو ۽ ”موته“ واري جنگ سن اٺ هه ۾ ٿي هئي. ان جي ڪري اها تعليل صحيح ناهي. والله ورسوله اعلم (حاشية الزمزلي ص 304)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الحج باب 109 ج 5 ص 203 {2} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5758 ج 7 ص 517 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3404 ج 12 ص 374.

{247} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شَرِيكٌ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ قَالَ : جَالَسْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَكْثَرَ مِنْ مِائَةِ مَرَّةٍ وَكَانَ أَصْحَابُهُ يَتَنَاشَدُونَ الشِّعْرَ وَيَتَذَاكَرُونَ أَشْيَاءَ مِنْ أَمْرِ الْجَاهِلِيَّةِ وَهُوَ سَاكِتٌ وَرُبَّمَا تَبَسَّمَ مَعَهُمْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر بن سمره d چيو ته : آءُ رسول الله جن سان مجلس ۾ سؤ ڀيرن کان به وڌيڪ ويٺو آهيان. پاڻ سڳورن جا اصحاب سڳورا عليهم الرضوان (سندن آڏو) شعر پڙهندا ۽ (اسلام کان اڳ واري) جاهليت جي زماني جون ڳالهيون هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا (يعني چوندا هئا ته الله اسان تي احسان ڪيو، جو حضور ڪريم جن جي صدقي ڏوهه بخشي، ايمان جو نور عطا ڪيائين، ته حضور ڪريم جن چپ ڪيو ويٺا رهندا هئا ۽ ڪڏهن  ڪڏهن ساڻن مرڪندا به هئا.

مفردات جو شرح: ”مَرَّةٍهڪ ڀيرو، هڪ دفعو. يَتَنَاشَدُونَ “ پڙهن ٿا، پڙهندا هئا. َيَتَذَاكَرُونَ بيان ڪندا هئا.

سمجهاڻي: حضرت جابر بن سمرة d هن روايت ۾ ٻه ٽي ڳالهيون بيان فرمايون آهن. (1) ته پاڻ حضرت نبي ڪريم جي خدمت ۽ مجلس ۾ سوَ کان وڌيڪ ڀيرا حاضري ۽ ديدار جو شرف حاصل ڪيو هيائين. ۽ اها الله جي وڏي نعمت آهي. اهڙي آقا جي ديدار ڪرڻ جهڙي ٻي ڪابه وڏي دولت ناهي. محب هميشه محبوب سان گڏ رهڻ ۽ ديدار ڪرڻ جو شوق رکندو آهي. (2) ته رسول الله جي موجودگي ۾ سندن اصحاب سڳورا شعر پڙهندا ۽ جاهليت جي دور واريون ڳالهيون ڪندا هئا. شارحن ڀلارن لکيو آهي ته اهي شعر اهڙا هئا جن ۾ اسلام ڏانهن ترغيب ۽ شوق ڏيارڻ ۽ ڪفر ۽ شرڪ جي قباحت ۽ خرابيءَ جو بيان هو ۽ جاهليت جي دور جون ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد انهن جي تحقير، توهين ۽ انهن تي پشيماني هئي. وَهُوَ سَاکِتُ ۽ حضرت نبي ڪريم جن ماٺ ۾ رهيا. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته پاڻ گهڻو ڪري ان ڪيفيت ۾ رهندا هئا ڇوته الله جي محبت ۾ محو ۽ دنيا ۽ آخرت جي امور ۾ متفڪر هوندا هئا يا معنى ٿيندي ته پاڻ خاموش رهندي انهن کي شعر چوڻ ۽ امور ِ جاهليت جي ڳالهين ڪرڻ کان نه روڪيندا هئا ڇوته انهن ۾ ڪا شريعت جي خلاف ڳالهه نه هوندي هئي پاڻ سهڻي اخلاق جا صاحب، پنهنجن صحابن عليهم الرضوان کي پيار ۽ محبت ڏيڻ وارا هوندا هئا انهن جي نيت جي حُسن ۽ محبت کي خيال ۾ رکندي انهن کي مباح ۽ جائز ڪمن کان منع نه ڪندا هئا تان ته اهي صحيح فائدو حاصل ڪن ۽ سندن ڳالهين ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه غلط هجي ته ان کي درست ڪن. الله جي ٻانهن عارفن ۾ به ان تي عمل ڪندي ائين ڏٺو ويو آهي. جيئن هڪ عربي شعر آهي.

فَفِيۡ کُلِّ شَيءِِ لَهٗ شَاهِدُٗ..... دَلَيۡلُُ عَلٰي اَنَّهٗ وَاحِدُٗ

(يعني هر شيءِ ۾ ان جو شاهد آهي (جيڪو ان ڳالهه تي) دليل آهي ته بلاشڪ اهو هڪ آهي)

”مَعَهُم“ يعني انهن اصحابن عليهم الرضوان سان گڏ. مطلب ته ڪڏهن ڪڏهن اصحابن سڳورن سان گڏ انهن جي جائز حالات جي بيان ۽ شرعي حدود جي اندر روايات ۽ مقالات جي تحسين ڪرڻ خاطر انهن سان گڏ مرڪندا ۽ تبسم فرمائيندا هئا. جيئن هڪ صحابي d عرض ڪيو ته ”مون هڪ لومڙيءَ کي ڏٺو ته منهنجي بُت جي مٿان چڙهي پيشاب ڪيائين جيڪو ان جي مٿي تان وهي ان جي مصنوعي اکين ۾  پئجي ويو ۽ اهي ان سان ڀرجي ويون مون اها حالت ڏسي چيو ته اهو ڪهڙو رب آهي جنهن جي هيءَ حالت ٿي آهي. علامه ابنِ حجر هيتمي مڪيߋ فرمايو ته : جنهن شعر جو ناجائز مضمون ناهي ڀلي ان ۾ جاهليت جي دور واريون ڳالهيون هجن اهو پڙهڻ جائز آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 42، المواهب شرح الشمائل ص 416) حضرت زيد بن ثابت d کان روايت آهي ته آءُ حضرت رسول الله جي پاڙي ۾ رهندو هوس. قرآن ڪريم نازل ٿيندو هو ته مون کي گهرائي لکائيندا هئا ۽ اسين ساڻن جيڪڏهن دنياوي ڳالهيون ڪندا هئاسون ته پاڻ به ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن کلڻ جهڙي ڳالهه تي اسين کلندا هئاسون ته پاڻ تبسم فرمائيندا هئا ۽ جيڪڏهن اسين آخرت جي متعلق عرض ڪندا هئاسون ته پاڻ به آخرت جو ذڪر ڪندا هئا. پنهنجي محفل ۾ موجود محبن ۽ پروانن جي دلجوئي ڪندي انهن تي شفقت ۽ محبت جو هٿ رکندا هئا. هروڀرو ائين ڪونه هو ته سندن مجلس ۾ رڳو آخرت جو ذڪر ٿيندو هو. جيڪڏهن ڪي ڌاريا ماڻهو رڳو دنيا جي ڪم ڪار لاءِ ايندا هئا ته پاڻ انهن جي دلجوئي ڪندا انهن سان ان مطابق گفتگو ڪندا هئا ۽ ان سهڻي اخلاق کي ڏسي انهن جي سندن ذاتِ عالي صفات سان محبت ۽ الفت ٿيندي هئي.            (خصائل نبوي ص 192)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 5 ص 86، 88 {2} البيهقي في سننھ ج 10 ص 240 {3} ابن حبان في صحيحھ رقم الحديث 5751 ج 7 ص 515 {4} البغوي في شرح السنة  رقم الحديث 3411، ج 12 ص 379 {5} مسلم في ڪتاب المساجد و مواضع الصلواة باب 52 فضل الجلوس في مصلاه بعد الصبح وفضل المساجد رقم الحديث 670 ج 1 ص 463 {6} النسائي في ڪتاب السهو باب 99 ج 3 ص 80.

{248} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شَرِيكٌ ، عَنْ عَبْدِ الْمَلِكِ بْنِ عُمَيْرٍ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : أَشْعَرُ كَلِمَةٍ تَكَلَّمَتْ بِهَا الْعَرَبُ كَلِمَةُ لَبِيدٍ :[من أشعار لبيد بن ربيعة العامري - البحر الطويل]

أَلاَ كُلُّ شَيْءٍ مَا خَلاَ اللَّهَ بَاطِلٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن فرمايو: عرب جي شاعرن جيڪي شعر چيا آهن، انهن مان سڀني کان وڌيڪ عمدو سٺو ” لبيد“ جو هي شعر آهي:

(ترجمو : خبردار! الله کان سواءِ هر شيءِ باطل ۽ فاني آهي. (لبيد شاعر جي هن شعر جو ٻيو مصرعو هي آهي: وَکُلُّ نَعِيۡمِ لَا مَحَالَةَ زَائِلٗ (ترجمو : دنيا جي هر نعمت نابود ۽ ختم ٿيڻ واري آهي.“)

مفردات جو شرح: ”أَشْعَرُ كَلِمَةٍ سڀ کان عمدو، گهڻو پسند ڪيل شعر تَكَلَّمَتْ جيڪو ڳالهايو، چيو. اَلْعَرَبُ عربن. هن مان مراد انهن جا شاعر، بليغ ۽ فصيح آهن.

سمجهاڻي: ”لبيد“ جو ذڪر اڳم ٿي چڪو آهي. عرفان، يقين ۽ قرآن ڪريم جي لذت ۽ مٺاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ شعر چوڻ ڇڏي ڏنو هيائين. حضرت حبيب ڪريم جن عرب جي شعراء، فصحاء ۽ بلغاء جي سڀني ٻولن کان وڌيڪ هن جي ٻول کي ڀلو، سهڻو ۽ پيارو قرار ڏنو ۽ هن لبيد جي قول ته ”هر نعمت وڃڻ واري ۽ فنا ٿيڻ واري آهي“ تي اعتراض ڪيو ويو ته اهو صحيح ناهي. ڇوته جنت جون نعمتون لازوال آهن لبيد جڏهن ان جي وضاحت ڪندي فرمايو ته نَعِيۡمُکَ فِي الدُّنۡيَا غُرُوۡرٌ وَحَسۡرَةٌ (تنهنجي دنيا واري نعمت ڌوڪو ۽ افسوس آهي ۽ حضرت عثمان d اهو ٻڌو ته فرمايائين. لبيد سچ چيو آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 44) ۽ علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته : لبيد جو مذڪور شعر ته وَکُلُّ نَعِيۡمِِ لَا مُحَالَةَ زَائِلٗ“ ٻڌي حضرت عثمان d ئي فرمايو هو ته ڪوڙ ٿو هڻي جنت جون نعمتون زوال پذير ناهن ۽ جڏهن مذڪور بيت ٻڌائين جنهن ۾ آهي ته دنياوي نعمتون ڌوڪو ۽ ٺڳي آهن تڏهن فرمايائين ته ”لبيد سچ چيو آهي“ (المواهب شرح الشمائل ص 417)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي انهن جو ذڪر هن کان اڳئين حديث ۾ لکي آيا آهيون.

{249 حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مَرْوَانُ بْنُ مُعَاوِيَةَ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الطَّائِفِيِّ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ الشَّرِيدِ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : كُنْتُ رِدْفَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَأَنْشَدْتُهُ مِائَةَ قَافِيَةٍ مِنْ قَوْلِ أُمَيَّةَ بْنِ أَبِي الصَّلْتِ الثَّقَفِيِّ ، كُلَّمَا أَنْشَدْتُهُ بَيْتًا قَالَ لِيَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : هِيهْ حَتَّى أَنْشَدْتُهُ مِائَةً - يَعْنِي بَيْتًا - فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنْ كَادَ لَيُسْلِمُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عمرو بن شريد d پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري، ان چيو ته آءُ رسول الله جن سان سواريءَ تي (پٺيان) ٻيلهه چڙهيل هوس، ته مون پاڻ سڳورن کي اميه بن ابي خلف جي ڪلام مان هڪ سؤ بيت يا شعر ٻڌايا. جڏهن مون هڪ شعر پڙهيو ٿي ته پاڻ سڳورن فرمايو ٿي: اڃان ٻڌاءِ. نيٺ ائين سؤ بيت يا شعر چئي ويس، پوءِ نبي پاڪ جن فرمايو ته”اهو (اميھ شاعر) مسلمان ٿيڻ تي هو.“

مفردات جو شرح: ”كُنْتُ رِدْفَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ”ردف “ جي مراد لکندي علامه مناوي ߋ لکيو آهي. جنهن کي (سواريءَ تي) پنهنجي پُٺيان ويهاري کڻين. هن جو جمع ”ارداف“ آهي. مِائَةَ قَافِيَةٍ سؤ بيت. هِيهِ زياده ڪر. اڃان وڌيڪ ٻڌاءِ.

سمجهاڻي: حضرت شريد d فرمايو ته مون محبوب ڪريم جن کي امية بن ابي الصلت جا هڪ سؤ بيت پڙهي ٻڌايا. امية بن الصلت مشهور ۽ معروف شاعر هو. هن جا شعر توحيد، حقائق تي مبني، نصائح ۽ اخلاق جي تعليم تي مشتمل هئا. اهو ئي سبب هو جو حضور ڪريم   جن ان جا شعر ٻڌا هئا ۽ اهو ئي سبب ان جي اسلام کي ويجهي ٿيڻ جو آهي. بعض علماء فرمايو ته : حضور ڪريم جو ارشاد ته اسلام کي ويجهو هو . هن شعر ٻڌڻ تي هو.

لَکَ الۡحَمۡدُ وَالنَّعۡمَاءُ وَالۡفَضۡلُ رَبَّنَا

فَلَا شَيءَ اَعۡلٰي مِنۡکَ حَمۡدً اوَّلَا مَجۡدًا

(اي اسان جا رب! تولاءِ ئي سڀ تعريفون آهن ۽ تنهنجون ئي سڀ نعمتون عطا ڪيل آهن ۽ توکان ئي سڀ فضيلتون ثابت آهن نه تو کان وڌيڪ ڪو تعريف جي قابل آهي ۽ نه توکان وڌيڪ ڪو وڏائي وارو آهي)

علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته : امية بن ابي الصلت ثقفي هو. جاهليت جي وڏن شاعرن مان اسلام جي ابتدائي دور کي پهتو هو ۽ ان جي لاءِ حضور ڪريم فرمايو ته اسلام کي ويجهو هو سو ان جي ڪري جو زبان سان ايمان آندائين ۽ دل ۾ ڪافر رهيو ۽ اهو ان جي طرفان توحيد جي اقرار ۽ قيامت جي مڃڻ جي ڪري هو. جاهليت جي دور ۾ به عبادت ڪندو هو. ۽ قبر مان زنده ٿي نڪرڻ تي ايمان رکندي ان جي متعلق سهڻا شعر به لکندو هو. حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص d فرمايو ته آيت مبارڪه نَبَاُ الَّذِي اٰتَيۡنَاه اٰيٰتِنَا  فَانۡسَلخَ مِنۡهَا الآية (سورة  آيت  ) ان جي باري ۾ نازل ٿي. توراة ۽ انجيل جاهليت جي دور ۾ پڙهيو هو. حضور ڪريم جن جي بعثت جو کيس علم هو پر هن اميد رکي ته کيس نبوت ملندي مگر جڏهن حضور ڪريم جن مبعوث ڪيا ويا ته حسد جي ڪري انڪار ڪري ڪافر ٿي ويو. ۽ اهو ئي پهريون شخص هو جنهن لکڻ ۾ ”بِسمِکَ اَللّٰهُمَّ“ (اي الله تنهنجي نالي سان) سان شروعات ڪئي هئي ۽ ان کان ئي اهو لکڻ قريشي سکيا هئا پوءِ جاهليت جي دور ۾ به اهو لکيو ويندو هو ۽ شريد d کي سندن فرمان ته ”هِيہ“ (وڌيڪ چئي ٻڌاءِ) ان جي توحيد تي مشتمل شعرن کي پسند ڪرڻ جي ڪري هو. (جمع الوسائل ج 2 ص 44) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته : حديث جي بعض حافظن انهن جو تعداد ٺاهيو آهي جيڪي حضور ڪريم جي پٺيان  سندن سواريءَ تي ٻيلهه سوار ٿيا هئا ته اهي پنجيتاليهه 45 هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 418)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  مسلم في ڪتاب الشعر في ترجمتھ رقم الحديث 2255 ج 4 ص 1767 {2} النسائي  في عمل اليوم والليلة رقم الحديث  998 ، ص 550{3} ابنِ ماجھ في ڪتاب الادب باب 41 الشعر رقم الحديث 3758 {4} احمد في المسند ج 4 ص 388 {5} البخاري في الادب المفرد رقم الحديث 801 ص 269 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5752 ج 7 ص 515.

{250} حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ مُوسٰى الْفَزَارِيُّ ، وَعَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ ، وَالْمَعْنَى وَاحِدٌ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَضَعُ لِحَسَّانَ بْنِ ثَابِتٍ مِنْبَرًا فِي الْمَسْجِدِ يَقُومُ عَلَيْهِ قَائِمًا يُفَاخِرُ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ - أَوْ قَالَ : يُنَافِحُ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ - وَيَقُولُ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ اللَّهَ يُؤَيِّدُ حَسَّانَ بِرُوحِ الْقُدُسِ مَا يُنَافِحُ أَوْ يُفَاخِرُ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشه صديقه g چيو ته رسول الله جن حضرت حسان بن ثابت d لاءِ مسجد (نبوي) ۾ منبر رکائيندا هئا ته اهو ان تي بيهي رسول الله جي تعريف ڪندو هو. يا بيبي سڳوريءَ g چيو ته حضرت حسان d نبي پاڪ جي ساراهه ۽ ڪافرن جي ڪڌن ڪرتوتن جو جواب ڏيندو هو. رسول الله فرمائيندا هئا ته بيشڪ الله روح القدس (حضرت جبرائيل عليه السلام) جي ذريعي حسان بن ثابت d جي مدد ڪندو آهي، جيستائين هو الله جي رسول جي طرفان ڪافرن کي جواب ڏيندو آهي.

مفردات جو شرح: ”يُفَاخِرُ فخريه ڪلمات چوي، فخر ڪري. يُنَافِحُ دفاع ڪري جوابي ڪلمات چوي.حَسَّانُ هي حضرت حضور ڪريم جو درباري شاعر هو. حسان بن ثابت بن المنذر بن عمرو بن حرام الانصاري d 120 سال عمر هيس ان مان پهريون اڌ ڪفر ۾ ۽ پويون اڌ اسلام ۾ گذاريو هيائين ۽ اهڙي طرح سندس پيءُ ۽ ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي  به ايتري عمر گذاري هئي. سن 54 هه ۾ وفات ڪئي هيائين. هن کي ابو الوليد الانصاري الخزرجي سڏيندا هئا ۽ اهو شاعرن ۾ نَرُ شاعر هو. عرب جو ان تي اجماع هو ته ڌرتي تي رهندڙ، ان دور جي شاعرن کان وڏو شاعر هو. هن کان حضرت عمر، حضرت ابو هريره ۽ ام المؤمنين سيده عائشه g حديثون روايت ڪيون آهن. حضرت علي d جي خلافت جي دور ۾ وفات ڪئي هيائين.

سمجهاڻي: جڏهن ڪافر اسلام ۽ اسلام آڻيندڙ  پيغمبر جي متعلق توهين آميز شعر ٺاهيندا ۽ پڙهندا هئا ته مسلمانن به انهن جي جواب ۾ ۽ انهن جي رد ۾ شعر چيا ۽ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g جي قول مطابق سيدنا رسول الله جن پنهنجي مسجد (نبوي مسجد) ۾ منبر رکرائي حضرت حسان d کي ان تي بيهاريندا هئا ته مخالفن کي جواب ڏي ۽ اهو ان تي چڙهي بيهي رسول الله جن جو شان فخر طور بيان ڪندو هو. جيئن سندس هي شعر آهن.

حضرت حسان d  جو شعر:

هَجَوۡتَ مُحَمَّدًا فَاجَبۡتُ عَنۡهُ .. وَ عِنۡدَاللهِ فِي ذَالِکَ الۡجَزَاءٗ

هَجَوۡتَ مُطَهَّرًا بَرًّا حَنِيۡفًا . اَمِيۡنَ اللهِ شَيمَتُهٗ الۡوَفَاءٗ

اَتَهۡجُوۡهُ وَکسۡتَ لَهٗ بِکَفوِِ. فَشَرُّ کُمَا  لَخَيۡرِ کُمَا الۡفِدَاءٗ

فَاِنَّ اَبِيۡ وَ وَالدَتِيۡ وَعَرۡضِي.. لِعَرۡضِ مُحمَّد مِنۡکُمۡ وَقَاءٗ

                                                                     (ديوان حسان)

{1} يعني اي مخاطب! تو (معاذ الله) حضرت محمد جي باري ۾ توهين آميز ڪلما چيا آهن ته مان ان جي طرفان توکي جواب ڏيان ٿو ۽ ان جواب ڏيڻ جو الله وٽ ثواب آهي.

{2} تو هڪ اهڙي پاڪ، نيڪوڪار حق تي هلندڙ، باطل کان منهن موڙيندڙ، الله جي طرفان امين جي توهين ڪئي آهي جنهن جو مزاج وفاداري آهي.

{3} ڇا تون ان جي توهين ڪرين ٿو حالانڪه تون (ان معاملي ۾ حق تي ناهين) ۽ نه ان جو مَٽُ يا برابر آهين پوءِ اوهان مان برا اوهان مان ڀلن جي لاءِ فديو (يعني قرباني) آهن. ڪجهه ڪري نه سگهندا.

{4} بلاشڪ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ منهنجي عزت. حضرت محمد جي عزت جو اوهان کي دفع ڪرڻ جي لاءِ بچاءُ آهن.

اهو ئي وجھ هو جو حضور ڪريم جي مدح سرائي ذريعي شان ۽ عزت حاصل ڪري سندن روبرو سندن امر سان منبر تي چڙهي بيهندو هو ۽ ان جي ڪري ئي رسول الله جن ارشاد فرمايو : جيستائين حسان الله جي رسول جي شان ۾ فخريه شعر يا دشمنن کي دفع ڪرڻ جي لاءِ جوابي شعر چوندو رهندو ته الله ان جي جبريل عليه السلام سان تائيد ڪندو رهندو. “ ۽ هي شعر به حضرت حسان بن ثابت d جا آهن.

خُلِقۡتَ مُبَرَّاءََ مِنۡ کُلِّ عَيۡبِِ

کَاَنَّکَ قَدۡ خُلِقۡتَ کَمَا تَشَاءٗ

وَاَحۡسَنُ مِنَکَ لَمۡ تَرَقَطُّ عَيۡنِيۡ

وَاَجۡمَلُ مِنۡکَ لَمۡ تَلِدِ النِّسَاءٗ

(يعني يا رسول الله ! اوهان هر عيب کان پاڪ ڪري پيدا ڪيا ويا آهيو. ائين پيو لڳي ڄڻ ته اوهان جيئن گهريو ٿي تيئن پيدا ڪيا ويا آهيو ۽ اوهان کان وڌيڪ حسين ڪڏهن به منهنجي اک نه ڏٺو آهي ۽ اوهان کان وڌيڪ جميل (دنيا جي) عورتن ڄڻيو ئي ناهي.)

اهوئي شان ۽ عزت هئي جو حضرت حبيب ڪريم جي ثناء ۽ مدح خواني حضرت حسان کي نصيب ٿي. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم فرمايو ته ” الله حسان جي روح القدس سان تائيد ڪري ٿو.“ روح القدس مان مراد جبريل عليه السلام آهي.

روح القدس سڏڻ جو سبب: جبريل کي روح ان جي ڪري سڏيو ويو جو اهو قلب جي حياتيءَ جي مبدا آهي. انبياء عليهم السلام وٽ اهو الاهي پيغام آڻيندو آهي جنهن ۾ ابدي حياتي آهي جيئن اجسام جي حياتي روح سان آهي ۽ القدس، پاڪائي جي معنى ۾ آهي الطهارة ڏانهن روح جي اضافت موصوف جي صفة ڏانهن اضافت آهي. اي الروح المقدسة . ڇوته اهو عيبن کان پاڪ ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. ۽ روح القدس سان تائيد جي مراد آهي ته الله جبريل امين کي امر فرمايو آهي ته حسان جي بهترين جواب ڏيڻ ۾ مدد ڪري ۽ ان کي صحيح ڳالهه الهام ڪري يا مراد آهي ته اهو حسان کي دشمنن کان محفوظ رکندو ۽ تڪليف کان بچائيندو ۽ جڏهن حضور ڪريم جن حضرت حسان d جي لاءِ اها دعا فرمائي ته : جبريل امين ستر بيت سندس دل ۾ القاء ڪري ان جي مدد فرمائي. (المواهب ص 420)

حضرت حسان d جي مخالف شاعرن کي شڪست ڏيڻ : علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته بني تميم جو وفد حضور ڪريم جي خدمتِ عاليه ۾ حاضر ٿيو انهن سان گڏ سندن شاعر اقرع بن حابس به هو. پوءِ حضرت حبيب ڪريم جن کي سڏي چيائون ته: اي محمد! ٻاهر نڪري اچو ته اوهان سان فخر طور شاعريءَ ۾ مقابلو ڪيون. اسان جي طرفان ڪنهن جي تعريف ڪرڻ ان جو سينگار آهي ۽ اسان جي طرفان ڪنهن جي مذمت ڪرڻ ان جي لاءِ عيب آهي.“ حضرت حبيب ڪريم   ڪجهه دير کان پوءِ انهن کي ارشاد فرمايو ته : الله جي طرفان تعريف ڪرڻ سينگار آهي ۽ مذمت ڪرڻ خواري آهي. مان نه شعر سان موڪليو ويو آهيان ۽ نه فخر ڪرڻ جو امر ڪيل آهيان پر ڀلي اچو پوءِ رسول الله جن پنهنجي طرفان ثابت بن قيس کي حڪم ڪيو جنهن انهن جي خطيب کي جواب ڏئي ان تي غلبو حاصل ڪيو ۽ انهن  جي شاعر اقرع بن حابس جي شعر جو جواب حضرت حسان ڏنو. ته انهن مان اول اسلام سندن شاعر قبول ڪيو. حضرت ثابت بن قيس جي جنتي هجڻ جي لاءِ حضور جن شاهدي ڏني هئي. سن 12 هه ۾ جنگ يمامه ۾ شهيد ٿي ويو هو. علامه موصوف اڳتي لکيو آهي ته ”حديث ۾ جو آيو آهي ته ”ڪي شعر حڪمت آهن“ ان مان مراد سچو شعر ۽ حق جي مطابق شعر آهي. شعر کي مطلقًا مڪروه سمجهڻ صحيح ناهي.

اعتراض: حضرت ابن مسعود d کان روايت آهي ته ”شعر شيطان جون شرنايون آهن“ .

جواب: ان مان مراد غلط موضوع وارا شعر آهن. (اشرف الوسائل ص 352) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته : حضرت حبيب ڪريم جي فرمان اِنَّ اللهَ يُؤَيِّدُ حَسَّانَ بِرُوۡحِ الۡقُدۡسِ مَا يُنَافِحُ اَوۡ يُفَاخِرُ ۾ ”ما“ لفظ دوام جي لاءِ آهي. مطلب ته هميشه ان جي مدد ۾ رهي ٿو جيستائين حضور ڪريم جي پاران جواب ڏئي دفاع ڪندو رهندو.

مسجد ۾ شعر پڙهڻ: علامه مناوي ߋ ۽ علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته هن روايت مان ثابت ٿيو ته جنهن شعر ۾ (الله جو حمد، حضور ڪريم جي ثنا) اسلام ۽ مسلمانن جي مدح، ڪافرن جي توهين ۽ تحقير ۽ انهن سان جهاد ڪرڻ تي حرص ڏيارڻ جو بيان آهي اهو مسجد ۾ پڙهڻ جائز آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 45)

محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته : هر دور ۽ هر زماني ۾ مختلف نمونن سان جهاد ڪيو ويندو آهي. حضور اڪرم جي زماني ۾ هڪ جهاد تلوار سان هو ته ٻيو جهاد زبان سان هو. جو شعر ٺاهي انهن سان ڪافرن کي جواب ڏنو ويندو هو جيئن حضور ڪريم جو فرمان آهي ته ڪافرن جي مذمت وارا شعر انهن جي مٿان تيرن وسائڻ کان به سخت هئا.“ مشڪواة شريف ۾ استيعاب کان نقل ڪيل آهي ته حضرت ڪعب d حضور ڪريم جن کان شعرن جي باري ۾  پڇيو ته پاڻ فرمايائون ”مؤمن پنهنجي تلوار سان به جهاد ڪندو آهي ته زبان سان به“ هڪ روايت ۾ آهي ته ”الله جو قسم هي شعر انهن کي ائين لڳن ٿا جيئن تير.“                                                 (خصائل نبوي ص 194، 195)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الادب باب 95 ماجاء في الشعر رقم الحديث 5015 ج 4 ص 304. {2} احمد في المسند ج 6 ص 72 {3} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 4591 ج 8 ص 67 {4} الحاڪم في المستدرڪ ج 3 ص 487 {5} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 3580 ج 4 ص 37 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3408 ج 12 ص 377.

{251} حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ مُوسٰى ، وَعَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِثْلَهُ.

هن حديث ۾ پهرين حديث کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه ناهي ان جي ڪري محدث ترمذي ߋ پاڻ فرمايو ”مِثلہھ“

 

 

      الحمدلله جو اڄ بمورخه 29 جمادي الاولى جمعي جي ڏينهن صبح جو اٺ لڳي چاليهن منٽن تي پنهنجي غريباڻي گهر ۾ شمائل ترمذي جي شرح بنام ”الفيوضات المصطوية شرح الشمائل المحمدية“ جو پهريون جلد لکي پورو ڪيم. رب العزت جل مجده جي بارگاههِ عاليجاه ۾ انتهائي عجز سان التجا آهي ته ٻيو جُلد به جَلد لکي پورو ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي.

 

(اٰمين يَا رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ بِوَسِيۡلَةِ حَبِيۡبِکَ وَ نَبِيک رحمة للعٰلمين و سيد الۡمرسلين عليه وعلٰي اٰلهٖ و صحبهٖ الصَّلٰوة والسَّلام الٰي يوم الدين وانا  الملتجي والمستغيث الي الله المغيث محمد ادريس الداهري نسبا الحنفي مذهبا السنّي مسلکا، النقشبندي، الغفاري البخشي الطاهري والقادري مشربا غفرالله له ولوالديه اٰمين) 1431-05-29هه

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting