خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٻٽيهون

 

 بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ شُرْبِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ رسول الله جي پيئڻ جي نموني کي

 بيان ڪرڻ وارين حديثن جو بيان آهي

 

سمجهاڻي: رسول الله جن جي پيئڻ جو نمونو يا طريقو ڇا هوندو هو. بيهي پيئندا هئا يا ويهي، هڪ ساهي سان پيئندا هئا يا ٻه ٽي ساهيون کڻندا هئا. هتي انهن بيانن تي مشتمل ڏهه حديثون مذڪور آهن.

 

}206} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا هُشَيْمٌ قَالَ : حَدَّثَنَا عَاصِمٌ الأَحْوَلُ ، وَمُغِيرَةُ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ شَرِبَ مِنْ زَمْزَمَ وَهُوَ قَائِمٌ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن زم زم جو پاڻي بيهي پيتو .

مفردات جو شرح: شَرِبَ شرب کان ورتل آهي، ان جي معني آهي پيئڻ . ”وهو قائم“ هتي واو حال جي لاءِ آهي ۽ ”زمزمَ“ مشهور ۽ متبرڪ پاڻي آهي.

سمجهاڻي: مذڪور حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله جن بيٺي زم زم شريف پيتو. علماء لکيو آهي ته زم  زم شريف بيهي پيئڻ افضل آهي ۽ زمزم پيئڻ وقت هيءَ دعا پڙهجي. اَللّٰهُمَّ اِنِّيۡ اَسۡئَلُکَ عِلۡمًا نَافِعًا وَ رِزۡقًا وَاسِعًا وَشِفَاءً مِّنۡ کُلِّ دَاءِ. (اي الله ! مان توکان نفعو ڏيندڙ علم ۽ ڪشادو رزق ۽ هر مرض کان شفاء گهران ٿو.“ ۽ گهڻين حديثن ۾ بيهي پاڻي پيئڻ کان به منع آيل آهي. جيئن ته مسلم شريف ۾ حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو: لَايَشۡرَبَنَّ اَحَدُکُمۡ قَائِمًا فَمَنۡ نَّسِيَ فَلۡيَسۡتَقِ (اوهان مان ڪو هڪ به هرگز بيهي پاڻي نه پيئي جنهن اهو حڪم وساريو (۽ بيٺي پاڻي پيتائين) اهو الٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.) نبوي حديث (علٰي قائلها الصلٰوة  والسلام)  جي شارحن  لکيو آهي ته ”ٻنهي قسمن جي حديثن ۾ موافقت هيئن ٿيندي ته بيهي پيئڻ کان منع وارين حديثن ۾ منع تنزيهي آهي ۽ حضرت رسول الله جو بيهي پيئڻ ان جي جواز ثابت ڪرڻ جي لاءِ آهي، ۽ بعض علماء فرمايو آهي ته ”ٻن جاين تي پاڻي بيهي پيئڻ منع ناهي اهو ان کانِ مستثنى آهي. (1) زمزم پيئڻ (2) وضو کان فارغ ٿي هڪ ٻه ڍُڪ پاڻي بيهي پيئڻ گهرجي. (انوارِ غوثيه ص 275) علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن زمزم حجة الوداع جي موقعي تي بيهي پيتو هو. علامه ابن القيم ߋ فرمايو ته : بيهي پاڻي پيئڻ ۾ ڪيئي آفتون آهن (1) ته ائين پيئڻ سان پورو ڍؤ نه ٿو ٿئي. (2) ته  اهو پاڻي معدي ۾ قرار نه ٿو وٺي تان جو جگر ان کي ٻين عضون ڏانهن تقسيم ڪري موڪلي ۽ معدي ۾ تڪڙو پهچي ان جي حرارت کي ٿڌو ڪري (3) اهو بدن جي هيٺين حصن ڏانهن تيزيءَ سان وڃي ٿو ۽ انهن کي نقصان پهچائي ٿو. ان جي ڪري ئي سنت آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص بيٺي پاڻي پي ويٺو ته الٽي ڪري ڪڍي ڇڏي ڇوته بيهي پيتل پاڻي خلطن کي متحرڪ ڪري ٿو جن جو الٽي ڪرڻ سان دفاع ٿئي ٿو، ۽ جيڪو بيهي پاڻي پيئي ٿو ان جي لاءِ سنت آهي ته هيءَ دعا پڙهي: اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا مُحَمَّدِِ الَّذِيۡ  شَرِبَ الۡمَاءَ قَائِمًا وَّ قَاعِدًا ان دعا سان بيهي پاڻي پيئندڙ کان ضرر دفع ٿي ويندو ۽ حڪيمن جو قول آهي ته بيٺي پاڻي پيئندڙ پنهنجن آڱوٺن کي چوريندو رهندو ته بيٺي پاڻي پيئڻ جي نقصانن کان بچي ويندو. (المواهب شرح الشمائل ص 339) شمائل جي شارحن لکيو آهي ته ”زمزم گهڻو پيئڻ ثواب جو ڪم به آهي سو اهو مقصد بيهي پيئڻ سان حاصل ٿئي ٿو. حديث شريف ۾ آهي مَاءُ زَمۡزَمَ لِمَا شُرِبَ لَهٗ (يعني زمزم جنهن نيت سان پيتو ويندو اها نيت حاصل ٿيندي) زمزم ۾ اهڙي برڪت آهي جو هڪ وقت اُڃ ۽ بک ۾ ڪافي هوندو آهي. جيئن حضرت ابو ذر غفاري d جو بيان آهي ته ”مون پندرهن ڏينهن صرف زمزم پيئڻ تي گذر ڪيو هو جنهن ۾ غذائيت جي ڪابه ڪمي محسوس نه ٿي هئي ان پاڻي ۾ برڪتن سان گڏ معدني ملاوتن جي ڪري جسماني بيمارين کان شفا به حاصل ٿئي ٿي ۽ روحاني بيمارين لاءِ ته اهو واحد علاج آهي. (فضائل النبي ص 113)

هي حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الحج باب 76 ماجاء في زمزم رقم الحديث 1637 ج 3 ص 492 {2} مسلم في کتاب الاشربة باب 15 في الشرب من زمزم قائما رقم الحديث 2027 ج 3 ص 1601. {3} النسائي في ڪتاب الحج باب 165 الشرب من زمزم ج 5 ص 237     {4} ابن ماجہھ في ڪتاب الاشربه باب 21 الشرب قائما رقم الحديث 3422

 

}207} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ ، عَنْ حُسَيْنٍ الْمُعَلِّمِ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ شُعَيْبٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَشْرَبُ قَائِمًا وَقَاعِدًا.

با محاوره ترجمو: حضرت عمرو بن شعيب d پنهنجي پيءُ جي واسطي سان پنهنجي ڏاڏي (عبدالله) کان روايت ڪئي ان چيو ته مون رسول الله جن کي بيٺي ۽ ويٺي (ٻنهي حالتن ۾) پاڻي پيئندي ڏٺو.

مفردات جو شرح: ”رايت مون ڏٺو. يشرب قائما وقاعدا هن ۾ اختصار آهي اصل عبارت هيئن آهي. رايته يشرب قائما ورايته يشرب قاعدا، مطلب ته هڪ ڀيري بيٺي پي رهيا هئا ته هڪ ڀيري ويٺي پي رهيا هئا

سمجهاڻي: هن روايت مان حضرت نبي ڪريم جن جو بيهي پيئڻ ثابت ٿي رهيو آهي. اهو صرف جواز جي بيان ڪرڻ جي لاءِ نه ته ان ۾ ڪوبه اختلاف ناهي ته سندن احوال مان معروف ۽ مستقر هي آهي ته پاڻ ويهي پيئندا هئا بيهي پيئڻ نادر ۽ جواز جي بيان جي لاءِ هيو. ۽ هن روايت ۾ قيام جو اڳ ۾ ذڪر ڪرڻ ڪثرت جي ڪري نه پر ان جي اهتمام جي ڪري آهي ته پاڻ بيٺي به پاڻي پيتو اٿن.

سوال: بيهي پاڻي پيئڻ مڪروه آهي ۽ حضور ڪريم جن مڪروه ڪم ڪرڻ کان پاڪ آهن پوءِ بيهي ڪيئن پيتائون؟

جواب: بيهي پيئڻ جڏهن ان جي جواز بيان ڪرڻ لاءِ هو ته اهو ته واجب آهي. مڪروه ناهي. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته انسان هنن حالتن کان ٻاهر نه هوندو آهي. (1) بيهندڙ (2) وهندڙ (3) پنڌ ڪندڙ (4) ٽيڪ ڏيندڙ (5) رڪوع ڪندڙ (6) سجدو ڪندڙ (7) ليٽندڙ . ۽ هر حالت ۾ جيتوڻيڪ پاڻي پيئڻ ممڪن آهي پر گهڻو آسان ۽ گهڻو استعمال ويٺي آهي ۽ ان سان ملندڙ بيهي پيئڻ آهي پوءِ حضور ڪريم جن غالبًا ويٺي پيئندا هئا ۽ جواز بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن بيٺي پيئندا هئا ۽ جڏهن بيهي پيئڻ ڪڏهن ڪڏهن هوندو هو ته هن حديث ۾ ان کي اڳ ۾ ان جي ڪري بيان ڪيو ويو تان ته بيهي پيئڻ جي منڪر تي رد ڪيو وڃي.

(المواهب شرح الشمائل ص 341)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 2 ص 174 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3048 ج 11 ص 383{3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 1100، ج 2 ص 645

 

}208} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ الْمُبَارِكِ ، عَنْ عَاصِمٍ الأَحْوَلِ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : سَقَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ زَمْزَمَ فَشَرِبَ وَهُوَ قَائِمٌ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم جن کي زم زم جو پاڻي ان حال ۾ پياريو جو. پاڻ سڳورا بيٺا هئا.

مفردات جو شرح: ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: علماء ڪرام فرمايو ته : زمزم شريف بيهي پيئڻ افضل آهي ۽ تمام گهڻو ڍؤ ڪري پيئڻ گهرجي ۽ ڪعبة الله شريف ڏانهن منهن ڪري بسم الله شريف پڙهي پيئڻ گهرجي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته : هن حديث جي سياق ۾ هن طرف اشارو آهي ته رسول الله جن زمزم ٻه ٽي ڀيرا بيهي پيتو هو ۽ ان ۾ اهو به اشارو آهي ته انهن ٻٽن ڀيرن مان هڪ ڀيرو حضرت ابنِ عباس f جي هٿ تي به هو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ان بيهي پيئڻ جو هي تاويل به ڪيو ويو آهي ته سندن جي لاءِ رش جي ڪري ويهڻ جي جاءِ مناسب نه هئي تڏهن بيهي پيئڻ فرمايو هيائون يا ويهڻ جي جاءِ تي گپ چڪ هئي. ۽ ابن حبان ۽ ابن شاهين حضرت جابر d کان روايت آندي آهي ته”ان جڏهن بيهي پيئڻ واري روايت ٻڌي ته فرمايائين ”مون به رسول الله جن کي بيٺي پيئندي ڏٺو هو. پر پوءِ مون سندن (ذات عالي صفات) کان ٻڌو ته بيهي پيئڻ کان منع فرمايائون. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 251) علامه بيجوري ߋ فرمايو ته ابن حبان ۽ ابن شاهين واري روايت سان بيهي پيئڻ جو جواز منسوخ نه ٿيندو(ڇوته جمهور ان جي جواز جا قائل آهن) (المواهب شرح الشمائل ص 341)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: اهي حديث 206 جي تخريج ۾ مذڪور آهن.

}209} حَدَّثَنَا أَبُو كُرَيْبٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ ، وَمُحَمَّدُ بْنُ طَرِيفٍ الْكُوفِيُّ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا ابْنُ الْفُضَيْلِ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنْ عَبْدِ الْمَلِكِ بْنِ مَيْسَرَةَ ، عَنِ النَّزَّالِ بْنِ سَبْرَةَ قَالَ : أِتَى عَلِيٌّ ، بِكُوزٍ مِنْ مَاءٍ وَهُوَ فِي الرَّحْبَةِ فَأَخَذَ مِنْهُ كَفًّا فَغَسَلَ يَدَيْهِ وَمَضْمَضَ وَاسْتَنْشَقَ وَمَسَحَ وَجْهَهُ وَذِرَاعَيْهِ وَرَأْسَهُ ، ثُمَّ شَرِبَ وَهُوَ قَائِمٌ ، ثُمَّ قَالَ : هَذَا وُضُوءُ مَنْ لَمْ يُحْدِثْ ، هَكَذَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَعَلَ.

با محاوره ترجمو: حضرت نزال بن سبره d کان روايت آهي ته حضرت علي d (ڪوفي جي مسجد جي اڱڻ) دارالقضا ۾ ويٺو هو. وٽس پاڻيءَ جو ڪونئرو آندو ويو، پاڻ ان پاڻيءَ مان لپ ڀري ٻئي هٿ ڌوئي گرڙيون ڪري، نڪ کي پاڻي ڏئي. منهن، ٻنهي ٻانهن ۽ مٿي مبارڪ کي مسح ڪري بچيل پاڻي بيهي پيتائين پوءِ چيائين ته هي ان ماڻهوءَ جو وضو آهي جنهن جو وضو نه ڀڳو هجي. مون رسول الله جن کي ائين ڪندي ڏٺو هو.

مفردات جو شرح: کوز ڪونرو،الرحبة مسجد جو صحن. هتي ڪوفي جي جامع مسجد جي وچ ۾ هڪ چبوترو هو. جنهن تي اميرالمؤمنين حضرت علي d تشريف فرما ٿي وعظ ڪندو هو. اهو مراد آهي. لم يحدث بي وضو نه ٿيو.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ مذڪور حضرت علي d جو وضو نئين ڪرڻ ۽ صفائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو. ۽ هن حڊيث کي هتي آڻڻ مان مقصد هي آهي ته : حضرت علي d وضو جو بچيل پاڻي بيهي پيتو هو ۽ وري سندن هي فرمان ته: مون رسول الله کي ائين ڪندي ڏٺو“ ۾ دليل آهي ته جيئن رسول الله جا اقوال حجت آهن تيئن سندن افعال به حجت آهن. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته حديث مان اهو دليل ورتو وڃي ٿو ته وضو جي بچيل پاڻي مان پيئڻ مستحب آهي ۽ سندن بيهي پيئڻ ان جي جواز جو دليل آهي. (انوارِ غوثيه ص 277)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الاشربة باب 16 الشرب قائما رقم الحديث 5616 ج 10 ص 81 {2} ابو داؤد  في ڪتاب الاشربة باب 13 في الشرب قائما رقم الحديث 3718 ج 3 ص 336 {3} النسائي في ڪتاب الطهارة باب 100 صفة الوضو من غير حدث ج 1 ص 84، 85. {4} احمد في المسند ج 1 ص 139 {5} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 148 ص 22 {6} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 309 ج 1 ص 262.

 

}210} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، وَيُوسُفُ بْنُ حَمَّادٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْوَارِثِ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ أَبِي عصَامَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : كَانَ يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاَثًا إِذَا شَرِبَ ، وَيَقُولُ : هُوَ أَمْرَأُ وَأَرْوَى.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جڏهن پاڻي پيئندا هئا ته ٽي دفعا ساهه کڻندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته هي طريقو وڻندڙ ۽ ڍؤ ڪرائيندڙ آهي.

مفردات جو شرح: کان يتنفس ساهه کڻندا هئا. امرءُ هضم ٿيندڙ، وڌيڪ آسان اروى وڌيڪ ڍؤ ڏياريندڙ.

سمجهاڻي: هن حديث مان واضح ٿيو ته رسول الله پاڻي پيئڻ مهل ٽي ڀيرا ساهه کڻندا هئا ۽ هر دفعي پيالي کي منهن کان پري ڪري پوءِ ساهه کڻندا هئا ان طريقي سان پاڻي آسانيءَ سان پي سگهجي ٿو ۽ ان طريقي سان معدي تي بار به گهٽ پوي ٿو بلڪه ان طريقي سان پاڻي پيئڻ ۾ فرحت به حاصل ٿئي ٿي. اڃ ختم ٿيڻ سان معدي تي خوشگوار اثر به پوي ٿو ۽ انسان خوب ڍؤ ڪري ٿو. حضرت حبيب ڪريم جن هڪ ساهيءَ سان پاڻي پيئڻ کان منع ڪيو آهي ۽ ان پيئڻ کي شيطان جو پيئڻ سڏيو آهي. بيهقي ابن شهاب کان مرسلًا اهڙي روايت آندي آهي. حبيب ڪريم جن جڏهن ٿانوَ کي پاڻي پيئڻ جي لاءِ منهن مبارڪ کي ويجهو ڪندا هئا ته بسم الله پڙهندا هئا ۽ جڏهن ٽن ساهين سان پاڻي پيئڻ کان فارغ ٿيندا هئا ته الحمدلله چوندا هئا. هر ڀيري ائين ڪندا هئا. (جمع الوسائل ج 1 ص 253 ) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن ٽن ساهين کڻڻ مهل هر هڪ ڀيري اول بسم الله ۽ آخر ۾ الحمدلله چوندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 341)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الاشربة باب 16 رقم الحديث 2028 حديث الڪتاب 123 ج ص 1802 {2} ابو داؤد في ڪتاب الاشربة باب 19 رقم الحديث 3727 ج 3 ص 338 {3} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننہھ الڪبرى باب 35 رقم الحديث 6887 ج 4 ص 199    {4} احمد في المسند ج 3 ص 185 {5} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 138 {6} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2118 ص 283.

 

}211} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ خَشْرَمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عِيسٰى بْنُ يُونُسَ ، عَنْ رِشْدِينِ بْنِ كُرَيْبٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ إِذَا شَرِبَ تَنَفَّسَ مَرَّتَيْنِ.

مفردات جو شرح: ”تنفس ساهه کنيائون، وقفه ڏنائون. مرتين ٻه ڀيرا.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا جڏهن پاڻي پيئندا هئا ته (ڪڏهن) ٻه ڀيرا ساهه کڻندا هئا.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ آيو ته حضرت حبيب ڪريم جن پاڻي پيئڻ ۾ ٻه ڀيرا ساهه کڻي وقفو ڪري پيئندا هئا. شارحن ڀلارن لکيو آهي ته اهو بعض وقتن ۾ هيو. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته لَا تَشۡرَبُوا وَاحِدًا کَشُربِ الۡبَغيۡرِ وَلٰکِنِ اشۡرَبُو مَثۡنٰي وَثُلَاثَ پاڻي اُٺ وانگر هڪ ساهيءَ ۾ نه پيئو ۽ پر ٻن ساهين ۽ ٽن ساهين ۾ پيئو.) علماء ڪرام هڪ ساهيءَ سان پاڻي پيئڻ ۾ ڪيترا نقصان ٻڌايا آهن. اعصاب ۾ ڪمزوري ٿئي ٿي، معده جون بيماريون ٿين ٿيون ۽ جگر جي خراب ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. (انوارِ غوثيه ص 279) ۽ علامه علي قاري ߋ مٿين حديث ۾ هي لفظ وڌيڪ روايت ڪيا آهن. وَسَمُّوا اِذَا اَنۡتُمۡ شَرِبۡتُمۡ وَاَحۡمَدۡوا اِذَا اَنۡتُمۡ رَفَعۡتُمۡ ۽ جڏهن پيئڻ شروع ڪيو ته بسم الله پڙهو ۽ جڏهن پيئڻ کان پوءِ ٿانءُ کڻو ته (الله جو) حمد ڪيو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن ٿانوَ ۾ (ٽي ڀيرا) ساهه کڻندا هئاڇوته کين معلوم هو ته ماڻهو سندن ساهه کنيل پاڻيءَ کي پسند ڪندا هئا. پاڻيءَ جي ٿانوَ ۾ ساهه کڻڻ ان جي لاءِ مڪروه آهي جنهن جي پاڻيءَ جي ٿانوَ ۾ ساهه کڻڻ کي ماڻهو ناپسند ڪن ۽ هي وجه وڌيڪ صحيح آهي ڇوته عام فقهاءِ ڪرام جو ان ۾ ڪو اختلاف ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن پاڻيءَ پيئڻ جي دوران ٿانوَ ۾ ساهه کنيو ته اهو حرام نه ٿيندو.“ (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 253) علامه بيجوري ߋ لکيو ته ”پاڻي پيئڻ دوران ٻه دفعا ساهه کڻڻ سان اصل سنت حاصل ٿيندي ۽ ٽي ڀيرا ساهي کڻڻ سان سنت ڪامل ٿيندي. (المواهب شرح الشمائل ص 346)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابنِ ماجھ في ڪتاب الاشربة باب 18 الشرب بثلاثة انفاسِ رقم الحديث 4417 {2} احمد في المسند ج 1 ص 2784 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 191 {4} البغوي في الشمائل رقم الحديث ص 997 ج 2 643.

 

}212} حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ يَزِيدَ بْنِ جَابِرٍ ، عَنْ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ أَبِي عَمْرَةَ ، عَنْ جَدَّتِهِ كَبْشَةَ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَشَرِبَ مِنْ قِرْبَةٍ مُعَلَّقَةٍ قَائِمًا ، فَقُمْتُ إِلَى فِيهَا فَقَطَعْتُهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت عبدالرحمان بن ابو عمرو d پنهنجي ڏاڏيءَ ڪبشة g کان روايت ڪئي ته رسول الله جن منهنجي گهر آيا اتي ٽنگيل کليءَ مان بيهي پاڻي پيتائون پوءِ مون اٿي کليءَ جو منهن برڪت خاطر پاڻ وٽ ڪپي رکيو.

مفردات جو شرح: قربة هن جـو جمع قِـرب ۽ قِربات آهي،مُعلقة ٽنگيل، لٽڪايل قائما بيٺي ”فيها“ ان جو منهن. فَقطعتھ ڪٽيو مون ان کي.

سمجهاڻي: هن حديث جي روايت ڪندڙ صحابياڻي g فرمايو ته :مون کَليءَ جو اهو حصو ڪٽي رکيو جنهن تي سرڪارِ دو عالم   جا چپ مبارڪ لڳا هئا. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ان ڪٽي رکڻ جا سبب ٻه هئا. هڪ ته هر شخص ان جاءِ تي پنهنجا چپ نه رکي ٻيو ته اهو ڪٽيل حصو ڌوئي بيمار کي پيارجي ته اهو شفا حاصل ڪري.

فائدو: هن مان معلوم ٿيو ته پاڻ ڪريم جن ڪنهن ڪم جو حڪم نه به ڪندا هئا پر پوءِ به اصحابي سڳورا رضي الله عنهم عقيدت ۽ محبت سان سندن تبرڪات کي سنڀالي محفوظ ڪري رکندا هئا ۽ انهن مان شفا حاصل ڪرڻ ۽ شفا حاصل ٿيڻ جو عقيدو رکندا هئا. هن هلندڙ دور جي گستاخن وانگر  بدعت جو بهانو ڪري حضور ڪريم جي تبرڪات کي ڊاهڻ ۽ مٽائڻ جي سوچ نه رکندا هئا. (اعاذناالله وجميع المسلمين من شرورهم وعقائدهم الفاسده الکاسدة الباطلة)

سوال: بخاري، ابو داؤد، ترمذي ۽ ابنِ ماجھ حضرت انس d کان روايت ڪئي آهي ته کليء کي اونڌو ڪري ان جي منهن مان پاڻي پيئڻ کان رسول الله جن روڪيو هو. اهڙي معنى واري روايت ابي سعيد کان امام احمد، شيخين، ابو داؤد، ترمذي ۽ ابن ماجه به آندي آهي ته پوءِ سيده بيبي کبشة وٽ پاڻ بيهي کليء جي منهن مان پاڻي ڪيئن پيتائون؟

جواب: حضرت حبيب ڪريم جو روڪڻ تنزيهي طور افضل ۽ اڪمل جي بيان ڪرڻ لاءِ هو. ۽ سندن ان نموني سان پيئڻ  جواز جي بيان ۽ ضرورت واري صورت جي لاءِ هو. (جمع الوسائل ج 1 ص 254، المواهب شرح الشمائل ص 347)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجہھ في ڪتاب الاشربة باب 21 الشرب قائما رقم الحديث 3423 {2} احمد في المسند ج 6 ص 434 {4} البغوي ج 11 ص 378، 379 {5} البيهقي في الشعب ج 5 ص 118 {6} ابنِ حبان في صحيحہھ رقم الحديث 5295 ج 7 ص 358.

 

}213} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَزْرَةُ بْنُ ثَابِتٍ الأَنْصَارِيُّ ، عَنْ ثُمَامَةَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : كَانَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاَثًا ، وَزَعَمَ أَنَسٌ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاَثًا.

با محاوره ترجمو: حضرت ثمامه بن عبدالله d کان روايت آهي ته حضرت انس بن مالڪ d ٿانوَ مان ٽن ساهين سان پاڻي پيئندو هو ۽ چوندو هو ته نبي ڪريم جن به ائين ٽي ڀيرا ساهه کڻندا هئا يعني ٿانءُ وات کان پري ڪري ٽي ڀيرا ساهه کڻندا هئا.

مفردات جو شرح: ”زعم هي لفظ لغت اضداد مان آهي جيئن ڪوڙي ڳالهه ڪرڻ کي زعم سڏيو ويندو آهي تيئن سچي ڳالهه ڪرڻ کي به سڏيو ويندو آهي. ۽ هتي تحقيق جي معنى ۾ آيل آهي.

(انوارِ غوثيه ص 281)

سمجهاڻي: هن حديث مان به اڳ ۾ ذڪر ڪيل ڳالهه معلوم ٿي رهي آهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته پاڻي پيئڻ مهل پاڻي واري ٿانوَ جو پاسو، ڪنارو هيٺين چپ تي رکي ۽ اندر وات ۾ نه وجهي، مٿين چپ سان پئي ۽ جڏهن ساهه کڻي ته ٿانءُ وات کان پري ڪري پوءِ ساهه کڻي ۽ هيءَ حديث طبراني به آندي آهي پر ان ۾ هي الفاظ وڌيڪ آهن ته رسول الله جن پاڻي پيئڻ دوران ٽي ڀيرا ساهه کڻندا هئا هر ساهه کڻڻ کان پوءِ بسم الله پڙهندا ۽ آخر ۾ الله جو شڪر ڪندا هئا.

(شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائلل ج 1 ص 254)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 210 جي تخريج ۾ لکي آيا آهيون.

 

}214} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو عَاصِمٍ ، عَنِ ابْنِ جُرَيْجٍ ، عَنْ عَبْدِ الْكَرِيمِ ، عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ زَيْدٍ ابْنِ ابْنَةِ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ دَخَلَ عَلَى أُمِّ سُلَيْمٍ وَقِرْبَةٌ مُعَلَّقَةٌ فَشَرِبَ مِنْ فَمِّ الْقِرْبَةِ وَهُوَ قَائِمٌ ، فَقَامَتْ أُمُّ سُلَيْمٍ إِلَى رَأْسِ الْقِرْبَةِ فَقَطَعَتْهَا.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم   جن ام سليم g جي گهر آيا. اتي هڪ کليء ٽنگيل هئي. پاڻ ان کليءَ جو منهن کولي، بيهي پاڻي پيتائون. پوءِ ام سليم برڪت لاءِ کليءَ جو منهن ڪپي رکيو.

مفردات جو شرح: دخل“ تشريف فرما ٿيو. ”فم القربة “ کليءَ جو منهن ” ام سُليم“ سُليم تصغير سان. هيءَ حضرت انس بن مالڪ جي ماءُ هئي. ان جي نالي ۾ اختلاف آهي ”فقطعتها“ پوءِ ان کي ڪٽيائين. ها مونث جو ضمير يا مضاف اليه جي سبب جي ڪري آهي يا ان جي ڪري آهي جو اهو ڪٽجڻ کان پوءِ هڪ قطعة (ٽڪرو) هو، ۽ هڪ صحيح نسخي ۾ ”فقطعتہ“ مذڪر جي ضمير سان آيو آهي ۽ اهو ئي قياس به آهي.

سمجهاڻي: هن روايت مان به اهو معلوم ٿيو ته صحابياڻي سڳوري g کَليءَ جي ان حصي کي ڪٽي تبرڪ جي طور پاڻ وٽ رکيو جنهن کي سرڪارِ دو عالم جا چَپَ مبارڪ لڳا هئا. ۽ ابو الشيخ پنهنجي ڪتاب اخلاق النبي ۾ حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته ام سُليم g ان کليءَ جي منهن واري حصي کي ڪٽڻ کان پوءِ فرمايو هو ته ”حضرت رسول الله جي پيئڻ کان پوءِ ان مان ڪير ٻيو نه پيئي. (جمع الوسائل ج 1 ص 255، المواهب شرح الشمائل ص 349)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 119 {2} الطحاوي ج 4 ص 274 {3}  الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 307 ج 25 ص 126 {4} المزي في تهذيب الڪمال ج 4 ص 34 {5} مجمع الزوائد ج 5 ص 79.

 

}215} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ نَصْرٍ النَّيْسَابُورِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُحَمَّدٍ الْفَرْوِي قَالَ : حَدَّثَتْنَا عَبِيدَةُ بِنْتُ نَائِلٍ ، عَنْ عَائِشَةَ بِنْتِ سَعْدِ بْنِ أَبِي وَقَّاصٍ ، عَنِ أَبِيهَا ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَشْرَبُ قَائِمًا. قَالَ : أَبُو عِيسٰى : وَقَالَ بَعْضُهُمْ : عُبَيْدَةُ بِنْتُ نَابِلٍ.

با محاوره ترجمو: عائشھ بنت سعد g پنهنجي پيءُ سعد بن ابي وقاص d کان روايت ڪئي آهي ته نبي ڪريم جن (ڪڏهن ڪڏهن) بيهي پاڻي پيئندا هئا.

مفردات جو شرح: ”كَانَ يَشْرَبُ پيئندا هئا. كَانَ جو لفظ جمهور وٽ ان مان مراد هميشه وارو عمل به آهي. علامه مناوي ߋ لکيو ته هيءَ حديث حسن آهي، ۽ محدث ترمذي ߋ فرمايو ته هڪ قول مطابق هن حديث جي روايت ڪندڙ عبيدة بنت نابل آهي، ۽ علامه ابنِ حجر عسقلاني ”التقريب“ ۾ عبيدة بنت نابل جو ذڪر ڪري فرمايو ته روايت ۾ مقبول ۽ محدثن جي ستين طبقي مان آهي ۽ ان هن تي وڌيڪ بحث نه ڪيو آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 255)

سمجهاڻي: هن روايت مان به سندن جواز بيان ڪرڻ جي لاءِ بيهي پيئڻ جو دليل ملي ٿو. پر سندن اڪثر معمول ويهي پيئڻ هو. شارحن ڀلارن فرمايو ته بيهي پيئڻ منع تنزيهي آهي تحريمي ناهي ۽ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته اي احيانا او بعد الفراغ من الوضوء او ماء زمزم (يعني پاڻ ڪڏهن ڪڏهن وضو کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ يا زمزم شريف بيهي پيئندا هئا. (انوارِ غوثيھ ص 283)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 193، 194 {2} الطحاوي في شرح المعاني ج 4 ص 273 {3} البزار رقم الحديث 2898 ج 3 ص 343 {4} الطبراني رقم الحديث 332 ج 1 ص 147

        

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting