خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

(خطبة الکتاب)

اَلۡحَمۡدُلِلّٰهِ وَسَلَامُ عَلٰي  عِبَادِه  الَّذِيۡنَ صۡطَفٰي

                                      

سڀ تعريف الله جي لاءِ ثابت آهي ۽ ان جي برگزيدن ٻانهن تي سلام آهي.

سمجهاڻي : اختيار ڪيل سُهڻي ڪم تي سهڻي وصف کي حمد سڏيو ويندو آهي جيتوڻيڪ اهو حڪمًا هجي. حمد جو حقيقي مستحق الله آهي، ان جي لاءِ ان جي ذات ۽ صفات تي حمد ڪيو ويندو آهي. ٻئي لاءِ حمد ۽ ساراهه عاريةً هوندي آهي ڇوته هر حمد ان جو ئي آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽي ٿو. هن ڪتاب جي بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ کان پوءِ حمد سان شروعات ڪرڻ الله جي قرآن ڪريم جي اقتداء ۽ ان فرمان جي اطاعت آهي جيڪو صدرِ نبوت کان ظاهر ٿيو تهکُلُّ اَمۡرٍ ذِي بَالٍ لَايُبۡدَءُ فِيۡهِ بِ بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ  (وَ فِيۡ رَوايَةٍ بِحَمۡدِاللهِ) فَهُوَ اَقۡطَعُ وَ فِيۡ رَوايَةٍ فهو اَبۡترُ وَفِيۡ رَوايَةٍ اَجۡذَمُ.“ يعني جيڪو به شاندار امر بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ  سان ۽ هڪ روايت مطابق حمد سان شروع نه ٿو ڪيو وڃي ته اهو (برڪت کان) ڪٽيل آهي.“ مطلب ته نهايت ناقص ۽ گهٽ برڪت وارو آهي. محدث امام ترمذي ߋ حمد ۽ سلام جي صيغن مان اهو اختيار ڪيو آهي جيڪو الله پنهنجي حبيب کي سيکاريو آهيقُلِ الۡحَمۡدُ لِلّٰهِ وَسَلَامُٗ عَلٰي عِبَادِهِ الَّذِيۡنَ اصۡطَفٰي.“ ”سَلَامُٗ هن ۾ تنوين يا تعظيم جي لاءِ آهي جيئن قرآن ڪريم جي آيت ہُدًی لِّلْمُتَّقِیۡنَ ۙ﴿۲ جي لفظ ہُدًی ۾ آيل آهي. يعني نهايت وڏو سلام جيڪو عظيم مبلغ ۽ جسيم قد وارو هجي نه ان جي اونهائي جو ادراڪ ٿي سگهي ۽ نه ان جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي يا تنوين تَعۡمِيۡمَ (عام ڪرڻ) جي آهي جيئن عربي مقولو آهي :”تَمَرَةُٗ خَيۡرُٗ مِّنۡ جَرَادَةِِ ۽ حمد کي معرفھ ۽ سلام کي نڪره ان جي ڪري آندو ويو آهي ته الله ۽ نبين عليهم الصلواة والسلام جي وچ ۾ امتياز ظاهر هجي، اَللهُ اَللهُ آهي ۽ انبياء عليهم الصلٰوة والسلام ان جا ٻانها آهن ٻانهو ڪيترو به اعلى ۽ عظيم مرتبي تي فائز ٿئي تڏهن به ٻانهو آهي ۽ الله جو محتاج آهي. جيئن علامه بوصيري ߋ فرمايو آهي.

دَعۡ مَا اَدّعَتۡھ النَّصَارَيٰ فِيۡ نَبِيِّهِمۡ                   وَاحۡکُمۡ بِمَا شِئۡتَ مَدۡحًا فِيۡهِ وَاحۡتَکِمۡ

 يعني جيڪا نصارن پنهنجي نبي عيسى (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة و السلام) جي متعلق خدا هجڻ جي دعوى ڪئي اها ڇڏي ڏي باقي تعريف ڪرڻ ۾ جيڪو وڻئي سو حڪم منسوب ڪر.

سوال : مصنف صرف”سَلَامُٗ“ جو لفظ آندو آهي ”صلٰوة“ جو لفظ ڇو نه آندو؟

جواب : علامه ابنِ حجر مڪي ߋ ۽ شيخ جزري ߋ لکيو آهي ته سلام سان گڏ صلواة جو ذڪر ضروري ناهي ۽ نه ان جو حڪم آهي. مصنف هتي قرآن ڪريم جي مٿي مذڪوره آيت جي اقتداء ڪئي آهي. (المواهب اللدنيھ شرح الشمائل المحمديه ص 11، 12)

علامه علي قاريߋلکيو آهي ته ”سلام“ جيڪڏهن الله جي طرفان آهي ته ان مان مراد آهي  ”مهربان رب جي طرفان وڏو سلام“ ۽ جيڪڏهن اسان جي طرفان  آهي ته گهڻو سلام يا اسان جي طرفان سهڻي ثناء آهي. (جمع الوسائل ج1 ص 4)

عِبَادِهٖ“ هتي ”عباد“ مان مراد الله جا برگزيده ٻانها آهن ۽ اڪثر علماء وٽ ان مان مراد انبياء عليهم السلام آهن. جيڪي عبادت ۽ عبوديت جي شرف سان مخصوص ۽ رب جي احڪام مطابق عبديت جي وظائف تي قائم ۽ اعلى مراتب تي واصل آهن پر پنهنجي طرفان نه بلڪه الله جي طرفان عطا ڪيل صفات اصطفائيه سان ”اصطفى“ (برگزيدا بنايائين) يعني اهي ٻانها جن کي الله مصطفى، مجتبى، مرتضى بڻايو ۽ انهن جي قلبن کي غير جي محبت ۽ ڪدورت کان صاف رکيو. ان ۾ حضور ڪريم جن ۽ سندن آل پاڪ ۽ اصحاب سڳورا عليهم الرضوان شامل ۽ داخل آهن ۽ ملائڪن مان نبين ڏانهن موڪليل قاصد ۽ باقي انبياء عليهم الصلٰوة السلام پاڻ ۽ سندن تابعدار علماء، اولياء، اصفياء به ان ۾ داخل آهن.                      (جمع الوسائل ج 1 ص 4)

سوال : مناسب هو ته محدث امام ترمذي ߋ جي هن ڪتاب ۾ ”اَشۡهَدُ“ ڪلمو به آندو وڃي ها جيئن هڪ روايت ۾ آهي ته کُلُّ خُطۡبَةٍ لَيۡسَ فِيۡهَا تَشَهُّدُٗ فَهِيَ کَالۡيَدِ الۡجَذۡۡ مَاءِ (جنهن خطبي ۾ شهادت وارو ڪلمو ناهي  اهو جذام جي بيماريءَ ۾ ڦاٿل هٿ وانگر آهي)

جواب : ان جا ٻه جواب آهن :  هڪ ته ان روايت ۾ شهادت جي ڪلمي جو لکڻ ذڪر ڪيل ناهي ممڪن آهي محدث ترمذي زبان سان چيو هجي لکيو نه هجي. ٻيو هي ته اها روايت نڪاح واري خطبي جي لاءِ آهي ڪتابن ۽ رسالن جي منڍ ۾ لکڻ جي لاءِ ناهي.                                (المواهب ص 12)

سوال : هتي ڪهڙي نعمت تي حمد ڪيو ويو آهي؟

جواب : الله جي انعامات مان علم به هڪ وڏي نعمت آهي تصنيف ۽ تاليف به علم جي نعمت سان متعلق آهي ان جي ڪري محدث ترمذي ߋ هتي الله جو حمد ان نعمت تي ڪيو آهي.

سوال : برگزيدن ٻانهن تي سلام ڇو ذڪر ڪيو ويو آهي؟

جواب : الله جن ٻانهن جي ذريعي دين پهچايو اهي انبياء عليهم السلام آهن، انهن کان پوءِ علماء سندن تابعداري ڪري دين سيکاريندا آهن انهن لاءِ به سلام جي ذريعي سلامتيءَ واري دعا ڪئي وئي آهي. حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته :”جڏهن صالحن جي ذڪر وقت رحمت نازل ٿيندي آهي ۽ برڪت گهڻي هوندي آهي ۽ هي ڪتاب پنهنجي ڪمال سان حضور ڪريم جي جمال ۽ ڪمال جي صفتن سان مخصوص آهي ته ان ۾ الله جي مخصوص ٻانهن تي سلام ان لاءِ ذڪر ڪيو ويو آهي جو ان جون برڪتون اسان سڀني کي قيامت تائين شامل رهن. (آمين) ۽ هن ۾ مصطفوي شمائل (علٰي صاحبها الصلٰوة والسلام) سان موصوف ٿيندڙن ڏانهن لطيف اشارو آهي.               (جمع الوسائل ج 1 ص 5، 6)

مطلب ته مصطفى ڪريم جي صفات ۽ شمائل کي پاڻ ۾ پيدا ڪندڙن ٻانهن تي سلام آهي.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting